سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :8

 

ٽي روپ

مَليانِل

 

اُف، هوءَ هيڏي سهڻي هئي!

ڪنهن نؤورنيءَ جي ڳلن تي پندرنهن ورهين جي ڄمار ۾ گلاب ٽڙندا آهن، جنهن جي اکين ۾ سترهن ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ وڄ وراڪا ڏيندي آهي، پر هن جي گلي ۾ سورهين سال ئي ڪوئل ڪوڪڻ لڳي هئي. ٻالڪپڻ ۽ معصوميت کانئس موڪلائي ويا هئا ۽ چهري تي جواني پنهنجي لالاڻ وکيري ڇڏي هئي.

هوءَ پڙهيل نه هئي، پر چنچل ضرور هئي. شهر ۾ نه رهندي به ڌوتل پوتل ۽ اٿ ويهه کان واقف لڳندي هئي. سندس ڪٽورين جهڙين اکين مان جوانيءَ جي جوت جهاتيون ٿي پاتيون. نظرن ۾ تير ڪمان تي چڙهيل لڳندا هئا ۽ اکين جي ڇپرن جي نوڪ تي نيزا سجيل هئا. نرڙ تي تارن جي افشان ۽ ڳلن تي صبح جي سج جي ڳاڙهاڻ هئي.

مٿي تي پتل جي گهاگهر رکي، جڏهن هوءَ پنهنجي ڳوٺ کان منهنجي ڳوٺ ۾ گهڙندي هئي ته ائين لڳندو هو، ڄڻ بسنت جي ديوي لهرائيندي هلي پيئي اچي. ”کير وٺو، کير وٺو“ جي سريلي هوڪي سان ڳوٺ جون ڳليون گونجي وينديون هيون. مرد پنهنجن گهرن جي ٻاهران چؤڪن تي ويهي، ڏندڻ ڪندي ۽ هٿ منهن ڌوئيندي، پياسي اکين سان ڏانهس ڏسڻ لڳندا هئا. اهي کيس ڏسي بيوس ٿي پوندا هئا ۽ عورتن جي دلين ۾ حسد ۽ ريس ڪر موڙڻ لڳندا هئا.

هوءَ ڳنوارڻ هئي ۽ پرهه ڦٽيءَ جو پنهنجي ڳوٺان تازو کير کڻي اسان جي ڳوٺ ايندي هئي. ”کير وٺو، کير وٺو“ جي مڌر تانَ صبح جي ٿڌي هوا ۾ ننڍڙي ڳوٺ ۾ گونجڻ لڳندي هئي ۽ ڳوٺ جو هر گهر کانئس کير وٺڻ چاهيندو هو.

هوءَ هميشه ڳاڙهي رنگ جو ٿلهي ململ جو پڙو پائيندي هئي، جنهن تي پيلو گونٽو ۽ ڪاري ڪناري لڳل هوندي هئي. هٿن ۾ عاج جي ٻانهين، جنهن تي چانديءَ جا پَٽَ چڙهيل هوندا هئا، پيرن ۾ ڳؤري جهانجهر، نڪ ۾ نٿ، ڪنن ۾ ڳؤرا جهومڪ، آڱرين ۾ چاندي جون منڊيون، ڳچيءَ ۾ چانديءَ جو جڙاءُ وارو هس- بس اهي ئي هڻا سندس ڳهڻا. سندس گهونگهٽ هميشه هيٺ ڇڪيل هوندو هو، انهيءَ ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هوءَ پنهنجا وار ڪيئن سنواريندي هئي. سينڌ ۾ سندور ڀريندي هئي يا نه، انهيءَ باري ۾ رڳو سوچي سگهجي ٿو ۽ انهيءَ سوچ جو سلسلو هن جي سونهن سان ٿي وڃي مليو.

مان سندس اچڻ جي وقت جو اندازو لڳائي، ٻاهر ٿلهي تي ڏندڻ ڪرڻ ويهي رهندو هوس ۽ جيئن ئي هوءَ ايندي هئي، مان بي شرمائيءَ سان ڏانهس يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳندو هوس ۽ هوءَ ويچاري شرمائجي نظرون جهڪائي ڇڏيندي هئي. پر نئين ڪنوار وانگر نڪي سندس چال ۾ ڪو فرق ايندو هو ۽ نه وک ۾ ڏڪڻي. هو دستور موجب ”کير وٺو، کير وٺو“ جو هوڪو ڏيندي رهندي هئي.

مان پنهنجي زال کي هر روز چوندو هئس، ”آخر تون هن ڳنوارڻ کان کير ڇو نٿي وٺين؟ ’ڀيڻ، کير وٺو‘ چوندي چوندي سندس نڙي سڪي ويئي آهي ۽ تون ڏانهس نهارين به نٿي.“

نه ڄاڻان ڇو، جڏهن کان کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هوم، منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ لڳاءُ پيدا ٿي ويو هو. هر ٻئي ٽئين ڏينهن پنهنجي زال کي کانئس کير وٺڻ لاءِ مجبور ڪندو هئس ۽ انهيءَ بهاني کيس پنهنجي اڱڻ ۾ گهرائيندو هئس ۽ موقعو ملندي ئي کيس پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.

’ههڙي سهڻي ڇوڪري ڳنوارن ۾ ڪيئن پيدا ٿي؟‘ مان سوچيندو هوس. ’پنهنجي نرم ۽ نازڪ جسم تي هوءَ ههڙا ٿلها ۽ کهرا ڪپڙا ڇو ٿي پائي؟ هي ڀڳوان به خوب آهي، جيڪو بنا ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي جنهن کي چاهي پيدا ٿو ڪري!‘

کيس ڏسي مان گهڻو ڪري سوچڻ لڳندو هوس: ’جيڪڏهن آئون به ڪنهن ڳنوار جي گهر جنم وٺان ها ته ٺيڪ هو. تلاءُ جي ڪناري بنسري وڄائڻ اچيم ها. ڳٽڪار ڪري ڳوٺ جي جهنگلن ۾ مال جي ڌڻ جي وچ ۾ وڏو پٽڪو ٻڌي، ڪنهن وڻ جي ٿـڙ جي اوٽ ۾ بيهي، ڪو لوڪ گيت آلاپيندو هجان ها- اوهه، ڪيڏي نه اها وڻندڙ زندگي هجي ها! ڳوٺ ۾ ته ڪرشن جهڙو جيون هوندو آهي- ۽ هي پاڳل بنائيندڙ ڳنوارڻ؟ هيءَ به ته ڪنهن راڌا کان گهٽ ناهي!

کيس هر روز ڏسڻ کان پوءِ منهنجي دل ۽ دماغ تي سندس من موهيندڙ مورت ڇانئجي ويئي هئي. مان سندس ڪجلين اکين تي چريو ٿي پيو هئس. مان سوچڻ لڳس ته ڇو نه سندس پويان وڃي ڳوٺ ۾ سندس گهر ڏسي اچان. ٻئي ئي ڏينهن مان صبح جو سوير اٿي پنهنجي ڳوٺ جي ڇيڙي تي بيهي رهيس. مون طئه ڪيو هو ته جڏهن هوءَ کير وڪڻي واپس ايندي ته مان لڪي سندس پويان ٿيندس ۽ موقعو ملندي ئي کانئس پڇندس:

’تنهنجي اکين ۾ آخر ڪهڙو جادو آهي؟‘

’ڇا تنهنجي هستيءَ ۾ مرد کي چريو ڪندڙ پريون به سمايل آهن؟‘

اهڙي قسم جا مختلف سوال پنهنجي ذهن ۾ ورجائيندو، مان ڳوٺ جي ڇيڙي تي خاموش بيهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ مٿي تي گهاگهر رکي، ٻنهي هٿن سان پئسا ڳڻيندي، هوءَ منهنجي ڳوٺ جي ڇيڙي تي اچي پهتي ۽ اڳيان وڌندي ئي مان دٻيل پيرن سان سندس پويان هلڻ لڳس.

پٿرائين زمين جي هيٺ مٿي ۽ ويڪري ڇاتيءَ تي اهو اڇو پيچرو نس وانگر اڀريل هو. پيچري جي ٻنهي پاسن کان ڪنڊواوان ٻوٽا هئا. منجهانئن پنهنجو پڙو بچائيندي، پيچري تان ڌوڙ اڏائيندي، هوءَ اڳتي وڌندي پئي ويئي. سامهون سج کان پنهنجن اکين کي بچائڻ لاءِ، هن هڪ هٿ سان پنهنجي اکين تي ڇانو ڪئي هئي ۽ ٻئي هٿ سان گهاگهر سنڀاليل هيس. هلندي هلندي هڪ ٻه ڀيرا هن پويان مڙي ڏٺو هو ۽ مون کي ايندو ڏسي ورتو هو. شايد کيس شڪ پئجي ويو هو ته مون سندس پيڇو پئي ڪيو، انهيءَ ڪري ڪڏهن هوءَ تکي ٿي هلي ۽ ڪڏهن بلڪل آهستي. مان به سندس رفتار موجب ئي هلي رهيو هئس. مون کي ان وقت اهو خيال نه آيو هو ته هوءَ ڏاڍي چالاڪ آهي ۽ پنهنجي شڪ کي پڪ ۾ بدلائڻ خاطر ڪڏهن تکو ٿي هلي ۽ ڪڏهن بالڪل آهستي. پر هن جو شڪ غلط هو. مون سندس پاڪدامن داغدار ڪرڻ نٿي گهريو. مان ته سندس روپ تي چريو هئس. دل تي ضرور حوس جي ڇاپ هئي، پر عقل اڃا ساٿ نه ڇڏيو هو ۽ مان ايترو چريو نه ٿيو هوس جو ڪو غلط قدم کڻان.

اسان هڪ ميل اڳتي ويا هونداسين ته اوچتو هوءَ بيهي رهي. انهيءَ  هنڌ ٻير جي گهاٽي ڇانوَ هئي ۽ واٽهڙن جي آرام لاءِ ڪکائين لانڍي جوڙيل هئي. پير تي ڪا ڪوئل صبح جي ٿڌي هوا جي ساز تي ڪوڪي رهي هئي. وڇڙا ميدان ۾ ڊوڙون پائي رهيا هئا ۽ ڳئون ۽ مينهون هيڏانهن هوڏانهن پئي ڊڪيون ۽ ڍِڪيون. فضا ۽ ماحول ٻئي جذبات ڀڙڪائي رهيا هئا.

هن لانڍيءَ جي ٻاهران گاگهر لاهي هيٺ رکي ۽ سائي گاهه تي ڳنوارن وانگر پلٿي هڻي ويهي رهي. مان هاڻي وڏي مشڪلات هيٺ اچي ويو هئس، اهو فيصلو ڪرڻ تمام ڏکيو هو ته بيهي رهان يا اڳتي وڌان. ساڻس نيوڪلائيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ جي تصور سان ئي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي ۽ نرڙ تي پگهر جي آلاڻ اُڀري آئي. همٿ ڪري هيستائين ته اچي ويو هئس، پر ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڳنوارڻ منهنجي ڳالهائڻ جي قوت کسي ورتي هجي.

مون اهوئي فيصلو ڪيو ته مون کي اڳتي وڌڻ گهرجي. پر مون سندس سامهون ٻه چار وکون کنيون ئي مس هيون جو هن سڏ ڪيو، ”ادا مدن، هيڏانهن ڪيئن نڪتو آهين؟“

منهنجي اچڻ جو مقصد هن چڱي طرح ڄاتو ٿي، پر مون کي اها اميد نه هئي ته هوءَ اهڙيءَ طرح پاڻ مون کي سڏي وٺندي. مان سوچڻ لڳس ته منهنجي باري ۾ هن جا خيال ڪهڙا هوندا ۽ هوءَ مون کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو سمجهندي هوندي. بهرحال سندس سوال جو جواب ته ڏيڻو ئي پوندو ۽ انهيءَ کان اڳ جو ڪو مناسب جواب سوچي سگهان، گهٻراهٽ وچان منهنجي واتان نڪري ويو: ”تنهنجو ڳوٺ ڏسڻ.“

۽ مون کي هڪدم احساس ٿيو ته مون اهو ڇا چئي ڇڏيو. سندس ڳوٺ ڏسڻ جي مون کي ڪهڙي ضرورت اچي پيئي هئي؟ ڇو ٿو ڏسڻ چاهيان مان هن جو ڳوٺ؟ هاڻي هوءَ پڪ سان منهنجي دل جو چور سڃاڻي ويئي هوندي. جيڪڏهن هوءَ ڪنهن کي چئي ڏي ته مَدن منهنجو ڳوٺ ڏسڻ آيو هو ته؟

ٺهه پهه وراڻيائين، ”منهنجو ڳوٺ ڏسي ڇا ڪندين؟ اهو به ڪا ڏسڻ جي شيءِ آهي! هيڏانهن اچ، هان هي کير پيءُ، مينهن جو تازو کير آهي.“

منهنجي مونجهه ڪجهه قدر دور ٿي. هوءَ منهنجي حرڪت تي ناراض نه هئي، ڇوته پاڻ سڏيو هئائين. جڏهن گلاب خود بلبل کي سڏي وٺي ته ڀلا بلبل جو ڪهڙو ڏوهه؟ جڏهن نانگ پاڻ مرليءَ تي ريجهي پوي ته ڀلا جوڳيءَ جو ڪهڙو قصور؟ دل ته ضرور چئي رهي هئي ته سندس دعوت قبولي کير پي وٺان، پر مون سوچيو ته ايتري قدر بي حجابي جو اظهار مناسب ناهي، انهيءَ ڪري چيم، ”نه نه، ڪٿي رستي تي ويهي کير پيئبو آهي ڇا؟ سڀاڻي گهر ڏيئي وڃج.“

”گهر جيڪي وٺندين سو ته وٺندين، پر هتي ويهي پيئڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. گهر ۾ ته ڀاڄائي توکي منهنجي ويجهو به اچڻ نه ڏيندي ۽ جيڪڏهن ڏسي ورتائين ته هزارين ڳالهيون ٻڌائيندي.“

”چڱو، تون چئين ٿي ته پيان ٿو، پر توکي انهيءَ جا پئسا وٺڻا پوندا.“

”چريو ٿيو آهين ادا مدن؟ ڀلا ڪو پيسا وٺندو آهي کير جا؟ توکي منهنجو سنهن، کير پي ڇڏ.“ ۽ اهو چئي هن کير اوتي پيالو منهنجي اڳيان رکيو.

مون سوچيو ته هاڻي حجاب ڪندس يا پاڻ کي عزتدار ۽ سنجيدو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته ڪنول پنهنجون پنکڙيون سميٽي ڇڏيندو. مون پيالو کنيو. اهو دراصل پيالو نه هو، پر کير ماپڻ جو برتن هو ۽ کير پي ويس. کير ۾ کنڊ نه هئي ۽ گرم به نه هو، پر به مون کي ڏاڍو سوادي لڳو.

”ڳنوارڻ، تون ذات جي ڪير آهين؟“ مون ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ڳالهايو.

”اڙي.... اڙي، تنهنجو ڌرم ڀرشٽ (ناپاڪ) ٿي ويو آهي ڇا؟“

”نه نه، اها ڳالهه ناهي. مان ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته تون ڪهڙي ذات مان آهين؟“

”ڳنوارڻ جي ذات مان.“

”تون پرڻيل آهين يا ڪنواري؟“ منهنجي چريائپ وڌڻ لڳي.

”پرڻيل آهيان.“ هن شرمائيندي چيو.

”ڪنهن سان؟“

”واهه ادا مدن، ڀلا ڪا زال ذات پنهنجي منهن سان پنهنجي گهر واري جو نالو وٺندي آهي؟ هڪ ڳنوار سان، ٻيو ڀلا ڪنهن سان پرڻبي!“

”توکي خبر آهي ته پريم ڇا آهي؟“ مان پنهنجو عقل وڃائيندو پئي ويس. ڇا پڇڻ گهرجي ۽ ڇا نه، انهيءَ جو مون کي هوش ئي نه رهيو هو.

”ڇا؟“

”محبت!.... پريم! منهنجو مطلب آهي ته ڇا تنهنجو گهرو وارو توکي ڀائيندو آهي؟“

”ادا مدن، ڇا تون چريو ته نه ٿيو آهين، ڀلا ڪو اهڙي ڳالهه به پڇندو آهي؟“

”نه، سچ پچ ٻڌاءِ. مان تنهنجي پويان انهيءَ لاءِ ته هيستائين آيو هئس. ڳوٺ ۾ توسان ڳالهه ڪندي ڊپ ٿي ٿيو. ٻڌاءِ، توکي منهنجو قسم، ٻڌاءِ.“ ائين چئي مان سندس ڀرسان ويهي رهيس. اسان جي وچ ۾ فقط گهاگهر هئي. پر منهنجي ڳالهه جو جواب ڏيڻ جي بدران هڪدم رڙ ڪيائين:

”اڙي، مان پنهنجي هڙ ته وساري آيس.“

مان ڇرڪي ويس.

هوءَ اٿي بيهي رهي، ”ادا مدن، ٿوري وقت لاءِ ويهي منهنجي گهاگهر جي نگاهه ڪج، مان ڳوٺ ۾ ڪٿي پنهنجي هَڙ وساري آئي آهيان. اجهو ٿي کنيو اچان.“

”ها، ها، کڻي اچ. مان هتي ڇاپري هيٺ ويهي تنهنجو انتظار ٿو ڪريان.“

هوءَ هلي ويئي ۽ مان گهاگهر کڻي ڇاپري هيٺ وڃي ويٺس. پويان ڀت هئي، جنهن ۾ هڪ دري هئي. چٻوتري تي ڪنهن سڪل گاهه وڇائي ڇڏيو هو. مان ڀت سان ٽيڪ ڏيئي پير ڦهلائي ويهي رهيس ۽ سندس باري ۾ سوچڻ لڳس: ’جيڪڏهن هيءَ سنهڙي ريشمي ساڙهي ۽ سوڙهي چولي پائي ته جيڪر سندس سونهن کي چار چنڊ لڳي وڃن. وارن ۾ گلاب جا گل لڳل هجنس، ڳچيءَ ۾ اڇن موتين جا مالها ۽ ڪنن ۾ سونهري پنڙا، ته پوءِ مان انهيءَ تصور جو تاڃي پيٽو اڻيندو سندس شگفته مرڪ، سريلي آواز، مور جهڙي چال ۽ گلاب کي شرمندو ڪندڙ ڳلن تي چريو ٿيندو پئي ويس.

سندس گهاگهر تي ڪنهن جو نالو اڪريل هو. ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ لکيل هو: ”لالي“ مون سوچيو شايد لالي انهيءَ ئي ڳنوارڻ جو نالو آهي. شايد اها گهاگهر کيس ڏاج ۾ ملي هجي. تڏهن ته اها ايترو چمڪائي رکي ٿي. مان اهڙي قسم جي خيالن ۾ وڃائجي ويٺو رهيس. اٽڪل ويهارو منٽن کان پوءِ هوءَ واپس آئي ۽ ايندي ئي چيائين:

”ويٺو آهين؟“

”هڙ ملي ويئي؟“ مون پڇيو.

”نه ادا، چار پنج گهر پڇيم، پر ڪو پتو ڪونه پيو. خبر ناهي ڪٿي وساري آيس. هاڻي ڪٿي رلندي ڦرنديس. انهيءَ ڪري واپس هلي آيس.“ ۽ هوءَ ٿڪجي ويهي رهي.

”لالي!“ مون ڏانهس ويجهو کسڪندي چيو.

پنهنجو نالو ٻڌي هوءَ ڇرڪجي ويئي، ”ڳوٺ ۾ مون کي سڀ کير واري ئي چوندا آهن.“

”هي تنهنجي گهاگهر تي جو اڪريل آهي! هيءَ گهاگهر تنهنجي گهر واري ڏني هوندي شاديءَ جي موقعي تي.“ هن ڪو جواب نه ڏنو. مان پڇيندو رهيس.

”تنهنجو گهر وارو غريب ٿو لڳي. مون سندس چوليءَ ڏانهن ڏسندي چيو، جيڪا ڳچيءَ وٽان ڦاٽل هئي.

پنهنجي جسم تي منهنجون نظرون پوندي، هن منهنجي چهري کي گهوري ڏٺو ۽ چنيءَ کي پنهنجي چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين.

”لالي، تون ۽ تنهنجو گهر وارو سڄو ڏينهن ڇا ڪندا آهيو؟“

”اڙي، اها ڳالهه به ڪو ڌاريو پڇندو آهي ڇا؟“ ائين چئي هن شرمائجي نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ گاهه جو تيلو کڻي پنهنجن ڏندن ۾ جهلي مرڪي ويٺي.

”ٻڌاءِ ته سهي، صبح کان شام تائين ٻئي ڄڻا ڇا ڪندا آهيو؟“

”ڪندو ڇا! ڳنوار نيٺ ڇا ڪندو؟ صبح جو سوير اٿي هٿ منهن ڌوئيندو آهي. پوءِ هو ڳئون ڏهندو آهي ۽ مان مينهن. ان کان پوءِ ڪجهه کائي پي اسان ٻئي کير وڪڻڻ ويندا آهيون. هو ڀر واري ڳوٺ ۾ ويندو آهي ۽ مان تنهنجي ڳوٺ. واپس اچي مان هتي ويهي هن جو انتظار ڪندي آهيان ۽ پوءِ اسان ٻئي گڏجي گهر ويندا آهيون.“

اهو ٻڌي مون تي دهشت ڇانئجي ويئي. مان سوچڻ لڳس ته هاڻي سندس مڙس ايندو ئي هوندو ۽ مون کي هتي ساڻس اڪيلو ويٺل ڏسي جيترو ڪاوڙبو اوترو گهٽ آهي. منهنجي عزت تي پاڻي ڦري ويندو. ڪهڙي خبر، هي ڳوٺاڻا ٿوري ڳالهه تي ماري به وجهندا آهن. ڪٿي ائين نه ٿئي جو....

مون پنهنجي ٽوپي کنئي ۽ اٿڻ تي هئس ته لالي چوڻ لڳي، ”اڙي ڇا ڊڄي وئين؟ اڄ مان اڪيلي آئي آهيان. هو شهر گيهه وڪڻڻ ويو آهي.“

مون سامت جو ساهه کنيو ۽ ساڻس ڳالهين ۾ لڳي ويس.

”اهي ڳنوار نيٺ پنهنجي بنسري ۾ اهڙو ڪهڙو جادو ٿا ڀري ڇڏين جو انهيءَ جي تار ٻڌندي ئي توهان ڳنوارڻيون اٿي بيهي رهنديون آهيو؟ جيڪڏهن مان تلاءُ ڪناري بيهي بنسري وڄايان ته ڇا مون کي اها ڌن وڄائڻ ايندي؟“

”ڇو نه! پر توکي اسان جو ڳوٺ، اسان جون ڳالهيون ايڏيون سٺيون ڇو ٿيون لڳن؟“

”رڳو تنهنجي ڪري لالي، مان چاهيان ٿو ته مان به ڳوٺ ۾ تنهنجي ڀرسان هجان. جيڪي تون کائين، مان به اهوئي کاوان. تنهنجون ڳئون چاريان، تنهنجو ڳوٺ هتان ڪيترو پري آهي؟“

”اهو رهيو سامهون. اها جهوپڙي ڏسڻ ۾ اچي پيئي نه. اهوئي منهنجو گهر آهي. پر تون اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيئن رهي سگهندين؟ اسان ته ڦاٽل ٽٽل گودڙين ۾ سمهندا آهيون. چوڌاري ڍور ٻڌل هوندا آهن، جيڪي سڄي رات پيا اوڳاريندا ۽ ڍڪون ڏيندا آهن. اتي توکي هڪ منٽ به سٺو نه لڳندو.“

”نه لالي، مون کي توهان جي زندگي ڏاڍي وڻي ٿي ۽ جيڪڏهن مون سان تو جهڙي ڪا سهڻي ڳنوارڻ هجي، ته جيڪر مان پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي گهر واپس وڃڻ جو نالو به نه وٺان.“

هاڻي مون کي پڪ ٿي ويئي هئي ته رڳو مان ئي نه، ڳنوارڻ به مون تي فدا ٿي چڪي آهي. مان سندس دل ۾ گهر ڪري چڪو آهيان. هاڻي هوءَ هٻڪي هٻڪي مون سان پنهنجي دل جي ڳالهه چوڻ لڳي، منهنجي دل ۾ اميد جون لهرون اٿڻ لڳيون.

ڪي کن اسان ٻئي خاموش رهياسين.

اوچتو انهيءَ خاموشي ۽ سهامڻي وايومنڊل ۾ زلزلو اچي ويو، ڄڻ منهنجي رنگين تصورن ۽ جذبن جي پرستان ۾ ڪو هيبتناڪ ديو اچي ويو هجي.

منهنجون نظرون پويان ڀت ۾ لڳل دريءَ ڏانهن اٿي ويون ۽ مون انهيءَ دريءَ جي چؤکٽ مان پنهنجي زال جو ڪاوڙ ڀريل چهرو ڏٺو. سندس ڀرون تاڻيل هئا ۽ اکين ۾ غيظ و غضب جي وڄ وراڪا ڏيئي رهي هئي.

کيس ڏسندي ئي مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي.

سندس چهري جي ريکائن مان اندازو ٿيو پئي ته هن مون کي گهڻو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. لفظ سندس چپن تي ڦڙڪي رهيا هئا، پر هوءَ چوڻ ۽ نه چوڻ جي ڪيفيت ۾ بيهي هڪ کن ڪاوڙ ڀريل نظرن سان گهوريندي رهي.

مان سندس نظرن جو تاب جهلي نه سگهيس. مون پنهنجون نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون.

۽ لالي.....؟ جيڪا هڙ وساري اچڻ جو بهانو ڪري، ويهن منٽن ۾ منهنجي زال کي منهنجا ڪرتوت ڏيکارڻ لاءِ هتي وٺي آئي هئي،، چنيءَ جي پلو ۾ ’ٽهه ٽهه‘ کلي رهي هئي.

مون کي منجهس ٽي روپ هڪ ئي وقت ڏسڻ ۾ آيا. پهرين هڪ حيرت زده شريف زال جو، ٻيو هڪ جادوگرڻ جو ۽ ٽيون هڪ بيوقوف جو.


 

 

 

 

ممي نه هجي ته.....؟            (گجراتي)

سروج ترويدي

اڄ تاريخ.... ڪئلينڊر جو پنو بدليو ناهي، انهيءَ ڪري خبر ناهي. ائين ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿيندو آهي. جڏهن مان ڪئليندڙ جو پنو بدلائڻ وساري ڇڏيندو آهيان، سوير ننڊ مان اٿندي ئي مان پهريون ڪم انهيءَ پني کي بدلائڻ جو ئي ڪندو آهيان. ممي- ڊئڊيءَ کي پني بدلائڻ جي يادگيري ايندي ئي ناهي. مهينن جا مهينا پَنا بنا بدلجڻ جي ئي رهجي ويندا آهن. انهيءَ ڪري مون اهي پنا بدلائڻ شروع ڪيا آهن. مون کي اهو سٺو لڳندو آهي، جيئن سج جو اڀرڻ به مون کي سٺو لڳندو آهي.

ممي موڊ ۾ هوندي آهي ته مون کي سوير اٿندي ئي سوادي نيرڻ کير سان گڏ ملندي آهي، جيتوڻيڪ اڄ نيرڻ ۾ کير سان گڏ ڪجهه به نه هو. مون جڏهن مميءَ کان پڇيو ته مون کي ڇڙٻ ڏيئي چپ ڪرائي ڇڏيائين ۽ مون ماٺ ڪري کير پي ڇڏيو. پهرين ممي ڪڏهن ڇڙٻيندي هئي يا ناراض ٿيندي هئي ته مان سمجهي نه سگندو هوس ته ممي به ڇا ڪڏهن ناراض ٿي سگهي ٿي! پر مون ڏٺو ته ممڪي اڄڪلهه بي سبب ئي هر هر ناراض ٿي ويندي آهي. پر ڇا سڀني جون مميون بي سبب ئي ههڙي طرح ڇڙٻينديون هونديون؟

پوءِ دير تائين دريءَ کان ٻاهر باغيچي ۾، مگري جي ٻوٽي جي ڀرسان، ٽڙيل تازي سفيد گل تي چهنب هڻندي ڦرڙ.... ڦرڙ.... اڏامندڙ ۽ ٽونڪ.... ٽونڪ گيت ڳائيندڙ چمڪندڙ ڪاري ڪڪر جي رنگ وارن همنگ برڊ کي ڏسندو رهيو هوس. ڊئڊي منهنجي لاءِ پکين جو رنگبرنگي ڪتاب وٺي آيو آهي. منجهس اهڙائي همنگ برڊ آهن، انهيءَ ڪري کين مان سڃاڻان ٿو. اسان جي دريءَ کان ٻاهر باغيچي ۾ ڀانت ڀانت جا پکي ايندا آهن.... همنگ برڊ، بلبل، مئنا، طوطو، ڪبوتر، ڏياريءَ جو گهوڙو، ڪڏهن ڪڏهن ڪانءُ جي پويان لڳل ڪالا ڪوسي به اچي ويندو آهي. ڊئڊي مون کي انهن سڀني پکين جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي. ڪتاب جي تصويرن وسيلي! ۽ مون کي اهي سڀ ڏاڍا وڻندا آهن. پر آچر کان سواءِ، ڊئڊي ڪڏهن گهر تي هوندو ئي ناهي. منهنجو انهن پکين کي ڏسندو رهڻ لاءِ دل ٿيندي آهي، پر جيءَ ۾ ڊپ رهندو آهي ته اجهو مميءَ جو سڏ ٿيندو..... ’ليلو، پڙهڻ کي دير پيئي ٿئي!‘‘ ڊئڊي ڪڏهن ائين نه چوندو آهي، پوءِ به ممي نه ڄاڻان ڇو مون کي ڏاڍي پياري لڳندي آهي.

پوءِ سبق ياد ڪندو آهيان. ماني کائيندو آهيان، اسڪول ويندو آهيان، ڪئين ڪلاڪن تائين بينچ تي ويهي ويهي اوٻاسيون ڏيڻ ۽ مِس کان اک بچائي ڀرسان ويٺل ڇوڪرن سان ڳالهيون ڪرڻ، ۽ شام جو واپس گهر موٽي سبق ياد ڪرڻ جو حڪم ٻڌڻ.... اهڙيءَ طرح اهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي.... ڊئڊي آفيس کان گهر آيو ته صوفي تي ويهي ماٺ ميٺ ۾ ڪجهه پڙهڻ لڳو. اڄ ته ممي ڊئڊيءَ جا بوٽ به نه لاٿا! ممي به ماٺ ۾ هئي. گهر ۾ اهڙي خاموشي ڏسي مان به چپ ٿي ويندو آهيان.

رات جو نائيٽ ليمپ ٻرڻ کان اڳ مون کي ننڊ اچي ويئي هئي.

 

2 جنوري: اڄ آچر آهي، ڇوته ڊئڊي اڃا ستو پيو آهي. مون کي جلدي اٿڻ جي عادت آهي، جيتوڻيڪ ڊئڊي ممي به لڳ ڀڳ مون کان اڳ ۾ ئي اٿندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن کين جاڳ نه ٿيندي آهي ۽ مان جاڳي پوندو آهيان ته ڊئڊي اسان جي پلنگ تي ستل هوندو آهي. پر اڄ اٿيس ته ڏٺم ته ڊئڊي ٻئي پلنگ تي سمهيو پيو آهي. شايد پڙهندي پڙهندي اتي ئي ننڊ اچي ويئي هوندس..... يا...... پوءِ......!

سوير اٿندي ئي مون کي ڏندڻ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پوندو آهي. پر ممي اڃا تائين جاڳي نه هئي ۽ سج به اڀريو نه هو. انهيءَ ڪري هينئر کان برش وات ۾ ڪير وجهي! مان دريءَ ڀرسان ٽيبل تي ويهي بوگلن بـُليا جي گلابي- سفيد گلن تي ڦيڙا ڏيندڙ ڪارن- ڳاڙهن، پوپٽن کي ڏسڻ لڳان ٿو. اڄ ئي ته پوپٽن کي ڏسڻ تي دل ٿي اٿم. پر پوپٽ به ته سج اڀرڻ کان پوءِ ايندا آهن. پر اڄ ته ڪاري ڪلنگي واري بلبل آهي! واهه! ڪيڏو مٺو ٿي ڳائي! مان مميءَ جي پلنگ ڏانهن نهاريان ٿو. ممي اڃا ننڊ ۾ سمهي پيئي آهي. ٺيڪ ئي آهي نه، نه ته..... پوءِ بلبل گيت ڳائيندي اڏامي ويئي هئي.

__________

24 جنوري: اڄ مان سوير اٿي دريءَ مان ڏسان ٿو ته ڊئڊيءَ جي ڏنل رنگبرنگي پکين جي ڪتاب ۾ ڏيکاريل ساڳيا ئي ٻه ڪارا چمڪندڙ همنگ برڊ هر هر اڏري، هر هر واپس اچي، ڏاڙهونءَ جي وڻ جي پهرين ٽاريءَ تي آکيرو جوڙي رهيا آهن. منهنجي دل چيو ته اهو ڏسندو ئي رهان، پر ممي پاسو ورائي رهي آهي!

_______________

29 جنوري: اڄ سوير سوير اٿي ڏسان ٿو ته سنهڙن سنهڙن ڪکن ۽ ڌاڳن سان آکيرو ٺهي ويو آهي. اهو اندران به ڏسڻ تي دل ٿي. شايد ممي ڊئڊي جاڳي پوندا، انهيءَ ڀو کان مان پير پير ۾ پائي، ڪمري مان ٻاهر نڪري باغيچي ۾ ويس. اهي ٻئي پکي ڪيڏانهن اڏامي ويا هئا. ٽاري هيٺ جهڪائي آکيرو ڏٺم. ڪيڏو سهڻو آکيرو! منهنجي ٻن آڱرين جي اندر وڃڻ جيترو رستو هو. منجهس مون ٻه آڱريون وڌيون. اندر آڱريون ڦيرايم، ڏاڍو مزو آيم. ٿورو ٿورو ڀؤ به ٿيو. اندر ٻه ننڍڙا سهڻا آنا هئا. مان ماٺ ميٺ ۾ دريءَ ڏانهن هليو آيس. پر ممي ڊئڊي جاڳي پيا هئا. ڊئڊي وهنجڻ جي جاءِ ۾ برش ڪري رهيو هو ۽ ممي رڌڻي ۾ چانهه ٺاهي رهي هئي. شايد مون کي انهن آکيرو ڏسندي ڏسي ورتو هجي. تڏهن به ممي ڊئڊي ڪجهه نه چيو. خبر ناهي ڇو؟

______________

10 فيبروري: هاڻي ته انهيءَ همنگ برڊ جا ٻچا آکيري مان چهنب ٻاهر ڪڍي هوريان هوريان ٽونڪ.... ٽونڪ.... به ڳالهائڻ لڳا آهن ۽ پنهنجي ممي ڊئڊي جي چهنب مان داڻا به وات مان جهٽي ٿا وٺن، منهنجا ممي ڊئڊي ائين ڇو نٿا ڪن؟

ممي نه ڄاڻان ڇو، هاڻي گهٽ ڳالهائي ٿي. سڄو ڏينهن منهن چاڙهي ڪم ڪري ٿي. مون ته کيس منهن چاڙهڻ واري اهڙي ڪا ڳالهه به نه چئي هئي. ڊئڊيءَ سان ته ٺيڪ آهي، پر هن مون سان به ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو آهي! پهرين ته ممي مون کي اسڪول جي دروازي تائين ڇڏڻ ايندي هئي ۽ مون کي چمي ڏيندي هئي، پر هاڻي ته ڄڻ هن بلڪل وساري ڇڏيو هجي. مان پيار وچان سندس هنج ۾ ويهڻ چاهيندو آهيان ته چوندي آهي: ”تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين.“ مون کي پنهنجي وڏي ٿيڻ جي ڳالهه ذري به نه ٿي وڻي، پر امي چوندي آهي ته.... شايد.... مان....

پر انهيءَ پکيءَ جا بچا ڪڏهن وڏا ٿيندا! سندن ممي ڊئڊيءَ کي ته مون ڪڏهن بيزاري وچان پنهنجن ٻچن کي چهنبيون هڻندي نه ڏٺو! ڊئڊيءَ کي به. هاڻي مان ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ چوندو آهيان ته مون کان ’پري ٿي، منهنجو مٿو نه کاءُ‘.... چئي هٽائي ڇڏيندو آهي، پهرئين ۽ هاڻي جي ممي ڊئڊيءَ ۾ ڪيترو فرق آهي! اهي ائين ڇو ٿا ڪن! اهوئي ته مان سمجهي نٿو سگهان.

انهن پکين کي شايد ڪاوڙجڻ نٿو اچي، انهيءَ ڪري اهي سڄو ڏينهن بس ڳائيندا رهندا آهن. سندن ٻارن لاءِ به ڪيڏي موج آهي، نه برش ڪرڻو پوي، نه سوير وهنجڻو پوي، نه ئي سبق ياد ڪرڻ لاءِ مٿاماري ڪرڻي پوي. اسڪول به نه وڃڻو پوي! منهنجا به هنن ٻچن وانگر کنڀ هجن ها ته.... ٽونڪ ٽونڪ.... ڪندي ڪڏهن جو اڏامي ويو هجان ها.... پر...........

________________

13 فيبروري، آچر: اڄ به ڊئڊي ٻئي پلنگ تي ننڊ ۾ سمهيو پيو هو. هونئن اهو سمورو هفتو ائين ئي گذريو.

ڊئڊي چانهه پيتي ۽ اخبار پڙهندي، مميءَ کي چيائين: ”مارننگ شو جا ٽڪيٽ وٺي آيو آهيان، تون ۽ ليلو تيار ٿي وڃو.“ تڏهن مميءَ چيو، ”مون کي فلم ناهي ڏسڻي، اوهان ئي ڏسي اچو.“ ڊئڊي عينڪ جي صاف شيشي مان مميءَ کي ڪيتري دير تائين ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هن فلم جا ٽڪيٽ ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري دريءَ کان ٻاهر اڏاري ڇڏيا.

__________________

20 فيبروري: مان ٻه ٽي ڏينهن اڳ جي ڳالهه لکڻ ته ڀلجي ئي ويو آهيان. انهيءَ رات ٽيبل ليمپ جي ”ٽِڪ....“ آواز ٿيڻ سان مون کي ننڊ نه آئي هئي. مان ته سَوڙ ۾ منهن وجهي ماٺ ۾ سمهيو پيو هئس. ممي ڊئڊيءَ کي ائين لڳو ڄڻ مان ننڊ ۾ هجان، انهيءَ ڪري هنن ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، پر ڪڏهن غصو نه ڪندڙ منهنجو ڊئڊي به اڄ غصي ۾ هو، سندس آواز مان ائين لڳي رهيو هو. پوءِ به منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو، پر هاڻي ڊئڊي مميءَ تي غصو ٿيو...... ’هيءُ گهر منهنجو آهي، سمجهيئه!‘ ائين ڪجهه چيائين، تڏهن کيس ٻـُڌي مون کي عجيب لڳو ته هي گهر اڪيلي ڊئڊيءَ جو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! ڊئڊي شام جو اچي ٿو ۽ سوير هليو وڃي ٿو! ممي سڄو ڏينهن هن گهر ۾ رهي ٿي. منهنجي لاءِ نيرڻ- ماني ٺاهڻ، ڊئڊيءَ لاءِ ٽفن تيار ڪرڻ، منهنجا ۽ ڊئڊيءَ جا ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ، مون کي اسڪول تائين ڇڏي اچڻ.... اڙي! ڊئڊيءَ جي آفيس وڃڻ کان اڳ سندس قلم، رومال، عينڪ، پيسن جو ٻٽون سنڀالي بريف ڪيس ۾ رکڻ ۽ شام جو ڊئڊيءَ جي گهر اچڻ تي، سندس بوٽ ۽ جوراب لاهي رکڻ.... اهي سڀ ڪم هوءَ بنا وسارڻ جي ڪندي آهي! ته پوءِ اهو گهر اڪيلي ڊئڊيءَ جو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، اهوئي منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي!

_______________

مون کي وري ٻن ٽن ڏينهن کان ڪئليندڙ جو پنو بدلائڻ وسري ويو آهي.

هاڻي هميشه رات جو ممي ڊئڊي مون کي ننڊ ۾ سمهيل سمجهي وڙهندا آهن. ممي ڊئڊي ٽي- وي ڏسڻ ته ڪيترن ئي ڏينهن کان بند ڪري ڇڏيو آهي! پهرين اسان ٽي- وي گڏجي ويهي ڏسندا هئاسين، پر هاڻي ته مون کي به نٿا ڏسڻ ڏين!

اڄ ممي مون کان به جلدي اٿي آهي ۽ پنهنجا ڪپڙا ماٺ ميٺ ۾ سوٽ ڪيس ۾ وجهي رهي آهي. ڊئڊي صوفي تي ويهي ماٺ ميٺ ۾ کيس ڏسي رهيو آهي. ممي سوٽ ڪيس ۾ ڪپڙا رکندي هر هر ساڙهيءَ جي پلؤ سان لڙڪ اگهي رهي آهي. شايد رات جو دير تائين جاڳي آهي. انهيءَ ڪري سندس اکيون ٻرنديون هونديون. ڊئڊي به هر هر عينڪ لاهي اکيون ڇو ٿو اگهي؟ مان دريءَ مان ڏسان پيو، پر نه ڄاڻان ڇو، اڄ مون کي بلبل، همنگ برڊ، توڙر رجيڊو کي ڏسندو رهڻ سٺو نٿو لڳي.

_____________

پوءِ ممي منهنجا ڪپڙا به سوٽ ڪيس ۾ رکڻ شروع ڪيا، تڏهن مون کي لڳو ته چڱو ئي ٿيو. مون کي به مميءَ سان گڏ مامي جي گهر وڃڻو پوندو. پر اهو ڏسي ڊئڊي، مميءَ کان پڇيو: ”ليلوءَ جا ڪپڙا ڇو ٿي کڻين؟“ پوءِ به ممي منهنجا ڪپڙا رکندي چيو: ”ليلو منهنجو آهي.... منهنجي زندگيءَ جو سهارو آهي، مان کيس پاڻ سان گڏ وٺي وينديس.“ پر مميءَ جو چيل جملو ’زندگيءَ جو سهارو آهي‘.... منهنجي سمجهه ۾ نه آيو. جيتوڻيڪ اهو ٻڌندي ڊئڊي جڏهن چيو: ”مان به سندس ڊئڊي آهيان، ليلو مون سان ئي گڏ رهندو.“ ۽ بعد ۾ هن اٿندي مميءَ جي سوٽ ڪيس مان منهنجا ڪپڙا ڪڍي پلنگ تي کڻي اڇليا ۽ چيائين، ”مان توکي نٿو روڪي سگهان، توکي وڃڻو آهي ته تنهنجي مرضي آهي.....“ تڏهن مون کي خبر پيئي ته مون کي مميءَ سان گڏ وڃڻو ناهي. ڊئڊي اهو ڇو نٿو سمجهي ته مميءَ کان سواءِ ڀلا مان ڪيئن رهي سگهان ٿو!

مون ڏٺو ته ممي به مون وانگر روئي سگهي ٿي. هيڏي وڏي مميءَ کي ڇو روئڻو پوي ٿو؟

مان دريءَ مان انهيءَ همنگ برڊ کي ڏسڻ جو بهانو ڪريان ٿو، پوءِ مون کي ٿوري دير کان پوءِ مميءَ جي سوٽ ڪيس بند ٿيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

______________

ممي ڊئڊي مان ڪوبه ڪجهه به نٿو ڳالهائي. ممي پنهنجي رومال کي منهن تي دٻائي رکيو آهي. پر سندس اکين مان لڙڪ پيا وهن! اڙي ڊئڊي....! ڊئڊي به اکيون جهڪائي عينڪ کي صاف ڪري رهيو آهي. پر مون کي خبر آهي، هو به روئي رهيو آهي! وڏا ماڻهو شايد مون وانگر نٿا روئي سگهن.

ممي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي، انهيءَ ڪري مان دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهيو آهيان. ڇو ته ممي کي مون ڪڏهن روئندي نه ڏٺو، انهيءَ ڪري مان کيس روئيندي نٿو ڏسي سگهان، ۽ شايد مون کي به....

ٻاهر اهوئي همنگ برڊ پنهنجن ٻچن جي گلابي چهنبن ۾ پنهنجي چهنب وجهي ڪجهه کارائي رهيو آهي. ٻيو پکي آکيري جي دروازي جي ٻي ڪنڊ تي ماٺ ڪري اهو ڏسي رهيو آهي. اهو ڏسي منهنجي دل ۾ امتحان جي هڪ سوالي پيپر جو ڀؤ ويهي ٿو رهي. انهيءَ سوالي پيپر ۾ اهي همنگ برڊ ممي ڊئڊي وانگر ڇو نٿا وڙهن؟ پنهنجن ٻچن لاءِ ڇڪتاڻ ڇونٿا ڪن؟ پهريون ٿلهي چهنب وارو همنگ برڊ ٻئي همنگ برڊ کي ڊئڊي وانگي.... ’هي منهنجو آکيرو آهي، تون اڏري وڃ‘..... چئي کيس ڇو نٿو اڏاري ڇڏي؟ اهڙا ڪئين ڏکيا سوال مون کي منجهائي ڇڏين ٿا. اهو سوال ئي منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي. انهيءَ ڪري مون کي روئڻ اچي ٿو وڃي ۽ پوءِ مان به دريءَ جي سيخن جي وچ ۾ منهن رکي ممي ڊئڊي وانگر ماٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙي روئڻ لڳان ٿو.

روئيندي روئيندي منهنجي خواهش ممي ڏانهن نهارڻ جي ته ٿئي ٿي، پر مون کي ڊپ آهي ته..... شايد ممي اُتي نه هجي ته.....! ..... ته.....؟!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com