ڇپائيندڙ پاران
ڪنهن به صحتمند ۽ صالح معاشري جي تشڪيل لاءِ ضروري
آهي ته اهو معاشرو نه رڳو مسلسل جاکوڙ ۾ رهي، پر
اهو پڻ لازمي آهي ته اهڙو سماج دنيا جي ٻين سماجن
سان لهه وچڙ ۽ رابطي ۾ هجي. ڇاڪاڻ جو جيئن مختلف
نسلن جي ميلاپ سان تندرست انسان پيدا ٿين ٿا، تيئن
مختلف ثقافتن، روايتن، ٻولين ۽ رسمن جو هڪ ٻئي سان
سنٻنڌ، ترقي پسند ۽ سگهارن سماجن کي جنم ڏئي ٿو.
دنيا جي تاريخ اهڙن بيشمار مثالن سان ڀري پئي آهي.
جيڪي ٻڌائين ٿا ته وڏيون وڏيون تهذيبون فقط انهيءَ
ڪري ٿڪجي (آخرڪار زوال پذير ٿي) پيون، جو انهن پاڻ
کي ”انفراديت جي هَٺ“ ۾ قيد رکندي دنيا سان رابطا
ٽوڙي ڇڏيا. اهي ٻين قومن جي عليم خزانن شاندار
روايتن ۽ خيالن ۾ ڀائيواري ڪرڻ بجاءِ اجتماعي طرح
”نرسيت“ جو شڪار ٿي ويون، جنهن ڪري وقت گذرندي فقط
سندن شاندار ماضي ئي ياد ڪرڻ جوڳو رهيو.
قومن جي زندگيءَ ۾ جتي سياست، معيشيت ۽ ٻين شعبن جي اهميت تسليم
ٿيل آهي. اتي ادب، علم ۽ آرٽ جي شعبي کي به نظر
انداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ جو ادب ڪنهن به معاشري
جو هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ قومون پنهنجو اصل
چهرو سڃاڻي اڳڀرائي ڪنديون آهن. ڪنهن به قوم جو
اهو آئينو فقط تڏهن جرڪي صاف شفاڦ ٿئي ٿو، جڏهن ان
جي واڌ ويجهه ۾ ٻين قومن، نسلن ۽ ڌرتين جي ادبي ۽
علمي روايتن کي به شامل ڪيو وڃي. اها هڪ ثابت
حقيقت آهي ته ڪنهن به معاشري جي ڪابه ادبي يا علمي
تحريڪ، تيستائين سگهاري ۽ شاندار نٿي بڻجي سگهي،
جيستائين اهو معاشرو سڄي دنيا ۾ ڦهليل پنهنجي دؤر
جي غير معمولي ۽ معياري فڪري تحريڪن سان واسطيداري
نٿو رکي. چين، سنڌ، مصر، ايران، عراق، يونان ۽ روم
سميت دنيا جون مڙئي عظيم تهذيبون، پنهنجي دؤر جي
صحتمند لاڙن جو اثر وٺڻ کان پوءِ ئي عظمت ۽
ڪامرانيءَ جي درجي تي پهتيون. اڄوڪي مغرب جي ترقي
۽ سرسيءَ ۾ به جتي اتان جي رهاڪن جي محنت ۽ جاکوڙ
جو حصو آهي، اتي ابن رشد، ابن سينا ۽ جابر بن حيان
سميت بيشمار مسلمان سائنسدانن، محققن، اديبن ۽
شاعرن وغيره جو به ڪردار آهي. انهن مسلم عالمن جا
لازوال شاهپارا اسپين ۽ ٻين ذريعن معرفت جڏهن وٽن
پهتا، تڏهن ئي اولهه جي ملڪن ۾ ”جاڳرتا“ جي تحريڪ
ذريعي هڪ نئين عهد جي آبياري ممڪن ٿي.
ماضيءَ جي سنڌ پڻ اهڙين صحتمند روايتن کي جنم ڏنو. گذاريل
هزارين سالن جي تاريخي پسمنظر ۾ ئي سنڌ پاڻ کي
دنيا سان نه ڳنڍي رکيو، پر ويجهي ماضيءَ ۾ پڻ سنڌ
واپار، ثقافت ۽ ادب جي حوالي سان پاڻ کي عالمي
برداريءَ سان واڳي رکيو. شايد صدين جي انهيءَ سٻنڌ
جو تاثير هجي، جو ويهين صديءَ جي جديد سنڌي ادب جو
ته بنياد ئي ترجمه نگاريءَ سان ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. انگريزن جي سنڌ ۾ آمد کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ ان
جي ادب جي نئين سر جوڙ جڪ ٿيڻ واري مرحلي دوران،
مرزا قليچ بيگ، پرسرام ڄيٺمل گلراجاڻي، ميلا رام
سنگ رام، پياري لال ڇاٻڙيا، ديوان ڪوڙي مل ۽ ساڌو
هيرانند سميت اهي سوين سنڌي اديب ۽ عالم هئا، جن
جديد مغربي تهذيب ۽ ادب جي نئين سنڌ سان آشنائي
ڪرائي، سنڌ ۾ فڪري، سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جا بنياد
رکيا. هنن سنڌ پريمين ٻين ٻولين جي جديد ورثن جا
ترجما ڪري، سنڏي ادب جي خزاني ۾ بي بها موتين جو
اضافو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي سنڌي ادب ۾
ترقي پسند نظرين ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ سگهاري
ٿي. انهيءَ تحريڪ سنڌي عوام جي اهنجن، آزارن ۽
مسئلن جي درست عڪاسي ڪرڻ سان گڏوگڏ، عام ماڻهوءَ
جي ذهني تربيت لاءِ به هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌ ۾ پڻ سنڌي دانشورن ۽ اديبن نئين دنيا
جي عالمي نظرين پنهنجن بزرگن جيان جديد فڪري
تحريڪن ۽ ادبي روايتن جو گهرو تاثر ورتو ۽ انهن
نظرين، فڪري روين ۽ ادبي روايتن جو سنڌ سان تعارف
ڪرائيندي، ترجمن جي صورت ۾ نئين سنڌ جي اڏاوت لاءِ
پر ساهيا. ان ڏس ۾ جناب محمد ابراهيم جويي، عثمان
علي انصاري، پروفيسر اڪرم انصاري، مخدوم امير
احمد، تنوير عباسي، نياز همايوني، سومار علي
سومري، محمد حنيف صديقي، اياز قادري، رسول بخش
پليجي، رشيد احمد لاشاري، رشيد ڀٽي، فضل احمد
بچاڻي، احسان بدوي، علي احمد بروهي، نور الدين
سرڪي ۽ ٻين سان گڏ وليرام ولڀ صاحب جي فخر جوڳي
ڪردار کي ساراهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي. هنن قلم
جي صاحبن ٻين ٻولين جي خزانن کي سنڌ واسين آڏو
نروار ڪري، اڄوڪي دؤر جي بيشمار ذهنن کي تبديل ڪرڻ
۾ سرسي ماڻن سان گڏ، سوين سنڌين کي قلم کڻڻ ۽ ان
قلم جو مناسب استعمال ڪرڻ جو فن سيکاريندي، درجنين
اديب، شاعر ۽ محقق سنڌ کي ارپيا آهن.
وليرام ولڀ صاحب سنڌ جي ترجما نگارن جي اهڙي سٿ ۾ انهيءَ ڪري به
اهم جاءِ والاري ٿو، جو سندس پورهيي جو تسلسل اڄ
به جيئن جو تيئن قائم دائم آهي. هن صاحب گذريل
چاليهن سالن کان نهايت ئي محنت طلب مستقل مزاجيءَ
۽ مڪمل ڪمٽمينٽ سان ننڍي کنڊ توڙي باقي دنيا جي
ادبي ۽ فڪري لاڙن کي سنڌي ٻوليءَ سان سلهاڙيندڙ،
پنهنجي قلم کي ڪنهن به عذر يا ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيڻ
نه ڏنو آهي. اهڙو دؤر، جنهن ۾ سنڌ سياسي ۽ سماجي
طور انتشار جو شڪار رهندي آئي آهي ۽ سرڪاري توڙي
عوامي سطح تي ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين جي پٺڀرائي
ساراهه جوڳي طريقي سان ممڪن نه رهي آهي. تڏهن
وليرام ولڀ جهڙا قلمڪار ذات ۾ انجمن يا فرد جي روپ
۾ ادارا بڻيا رهيا آهن. هن صاحب عالمي توڻي
ايشيائي ادب منجهان نه رڳو ڏهه شاهڪار ناول ترجمو
ڪري، پنهنجي هموطن پڙهندڙن کي آڇيا آهن، پر ڪئين
مضمونن ۽ مقالن سان گڏ عالمي ادب منجهان اڍائي سؤ
بهترين مختصر ڪهاڻيون چونڊي، انهن جي ترجمن سان
سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي چاهيندڙن کي مالا مال ڪيو
آهي. سندس انهيءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾ سنڌ جا هزارين
نوجوان نه رڳو ڏات ۽ ڏانءَ جو جائزو وٺندي پنهنجي
ادبي قدڪاٺ جو درست اندازو لڳائي سگهيا آهن، پر
گڏوگڏ ٻين ٻولين جي علمي خزانن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ
به سکيا آهن. ترجمي نگاريءَ جي فن ۾ تخليقي عنصر
کي سگهارو ڪندي، اصل ليکڪ جي تصور کي ڪاريگريءَ ۽
ڪاملتا سان پنهنجن پڙهندڙن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ خيال
کي لفظن جي آهنگ ۾ سموئي احساساتي ڪيفيتن کي عقلي
ادراڪ سان سلهاڙڻ جو هنر، پنهنجي پورڻتا سان
وليرام صاحب وٽ موجود آهي. انڪري سندس پڙهندڙ جي
ذهن ۽ دل جي وچ ۾ ادراڪ جو خوبصورت توازن پيدا ٿي
پوي ٿو ۽ سندس ترجمن ۾ فن، فڪر ۽ احساس هڪ ٻئي سان
سلهاڙجي پڙهندڙ وٽ ڪنهن به قسم جي تشنگي يا سڃائپ
جي اوسر تي بندش هڻي ڇڏين ٿا.
اوهان جي هٿن ۾ موجود ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو ”بهشت ۽ دوزخ ۽
ٻيون ڪهاڻيون“ پڻ وليرام صاحب جي ڪرشماتي ترجمن جو
هڪ دلفريب تحفو آهي. جنهن ۾ لائق مترجم مختلف
ٻولين جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ جو روپ ڏيئي، پڙهندڙن
کي نون ڪردارن، منظرن ۽ ڪيفيتن سان آشنا ڪرائيندي،
مختلف قومن جي ثقافتي ۽ معاشرتي ورثن کان به آگاهي
ڏئي ٿو. موضوعن ۽ ڏانءَ ۽ ڏات جي رنگارنگ سئربين
جهڙو ڏيک ڏيندڙ هيءُ ڪهاڻين جو مجموعو، سنڌ واسين
لاءِ هڪ اهڙو تحفو آهي، جيڪو اجنبيت جي پردن کي
چاڪ ڪري، اسان کي انسانذات جي گڏيل ڪائناتي احساسن
۽ ڪييفيتن سان سنگت ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي
ٿو.
انعام الله شيخ
14
شوال 1425 هجري
سيڪريٽري
بمطابق
سنڌي ادبي بورڊ
27
نومبر 2004ع
ڄام شورو، سنڌ
دل جون ڳالهيون ڪرڻ جهڙو عمل
(”بهشت ۽ دوزخ ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ مجموعي تي مترجم جا ويچار)
آئون ترجمي ڪرڻ ڏانهن ڪيئن ڪڙيس ۽ ان ۾ منهنجي دلچسپي ڪيئن پيدا
ٿي، اِن لاءِ مون کي پنهنجو ماضي ڦلهورڻو پوندو.
آئون جڏهن گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي دوران
پنهنجي ڳوٺ (هاڻي مٺي شهر) ۾ هاءِ اسڪول جو شاگرد
هئس، تڏهن ڪتاب پڙهڻ، مضمون لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ جو
شوق هوندو هو.
1958-59ع
۾، مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ کان پوءِ، رزلٽ اچڻ تائين،
وقت ئي وقت هوندو هو، جنهن دوران گهمڻ ڦرڻ، دوستن
سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ ٻي ڪا خاص
مشغولي نه هوندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ مون کي
گجراتي ٻوليءَ جي ڪهاڻي ”بهشت ۽ دوزخ“ پڙهڻ جو
اتفاق ٿيو. منجهس موضوع جي پيشڪاري، شدت ۽ اثر
ايڏو زوردار محسوس ڪيم، جو مون ان جو ترجمو ڪري
ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپڻ لاءِ موڪلي ڏنو. ڪافي عرصي
کان پوءِ، هڪ ڏينهن محترم شمشير الحيدريءَ جو پوسٽ
ڪارڊ مليو، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ کي ”مهراڻ“ جي ايندڙ
پرچي ۾ شايع ڪرڻ جي اطلاع سان گڏ، ڪهاڻيءَ جي اصل
ليکڪ جي نالي جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ چيل هو. منهنجي
خوشيءَ جي حد نه هئي ۽ تڙ تڪڙ ۾ ڪهاڻيءَ جي ليکڪ
جو نالو ”سمترانندن پنت“، جيڪو هنديءَ جو وڏو شاعر
ليکيو وڃي ٿو، لکي موڪليم ۽ اهڙي ريت اها منهنجي
پهرين ترجمو ڪيل ڪهاڻي ٽماهي ”مهراڻ“ جي 1962ع جي
پهرئين شماري ۾ چپي. مون کي پنهنجي غلطيءَ جو
احساس ۽ افسوس گهڻو پوءِ تڏهن ٿيو، جڏهن اها ڪهاڻي
منهنجي نظرن مان ٻيهر گذري، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار جو
نالو ”ڌوم ڪيتو“ لکيل هو، جنهن کان آئون پهريون
ڀيرو واقف ٿيس. جيئن ته ڪهاڻي ڇپڻ کي ڳپل عرصو
گذري چڪو هو ۽ مون کي پنهنجي غلطي هميشه کٽڪندي
رهندي هئي. تنهن ڪري سوچيو هئم ته انهيءَ درستيءَ
کي ڪنهن مرحلي تي ريڪارڊ تي ضرور آڻيندس.
نيٺ مون کي نه رڳو ڪهاڻيڪار جي درست نالي استعمال ڪرڻ جو موقعو
هن ڪتاب ”بهشت ۽ دوزخ، ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ وسيلي حاصل
ٿيو، بلڪ خوشي انهيءَ ڳالهه جي اٿم ته ساڳي
ڪهاڻيءَ جي عنوان سان منسوب هيءُ مجموعو شايع ٿي
رهيو آهي. اهڙي ريت هن ڪتاب جي وسيلي مون کي نه
رڳو پنهنجي غلطيءَ جي اعتراف ۽ ان کي درست ڪرڻ جو
موقعو ملي ويو، پر انهيءَ ادبي شخصيت محترم شمشير
الحيدري جي ادبي صلاحيت ۽ دور رس نگاهه کي مڃتا
ڏيڻ جي فرض ادائيءَ جو به موقعو نصيب ٿيو، جنهن
مون کي سنڌي ادب جي ميدان ۾ هڪ مترجم جي حيثيت سان
متعارف ڪرايو هو.
هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون- ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، جيڪي
ڪتابي صورت ۾ منظرِ عام تي نه آيون آهن- مون
باقاعدي رٿابندي هيٺ ڪنهن مجموعي يا ائنٿالاجيءَ
لاءِ نه چونڊيون هيون. پر گذريل چاليهارو ورهين
کان مختلف ڪهاڻيون پڙهندي، ائين ئي ڪڏهن ڪا اهڙي
ڪهاڻي پڙهيم، جيڪا وڻي ويئي يا دل جي اندرئين تهه
کي ڇهي ويئي ته بر وقت ترجمو ڪري ڇڏيندو هئس ۽ وقت
بوقت شايع ٿيندڙ رسالن/ ڪتابي سلسلن طرفان گهر ڪرڻ
تي کين ڏيئي ڇڏيندو هئس. اهڙيءَ طرح ڪهاڻين جو هڪ
وڏو ذخيرو گڏ ٿي ويو، جنهن جو انگ ٻن سون کان به
مٿي ٿيندو. پوءِ، ڪڏهن وقت ملڻ تي، جڏهن اُهي
ڪهاڻيون ٻيهر پڙهڻ جو موقعو مليو ته منجهانئن
انهيءَ ساڳئي تاثر واري ڪيفيت جو تجربو ماڻيم،
جيڪو پهريون ڀيرو پڙهڻ ۽ ترجمو ڪرڻ وقت ماڻيو هئم.
لمحا زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو اچي، گذري ويندا آهن ۽
پوءِ خاص حوالي سان ياد ايندا رهندا آهن، انهن جي
ٻي ڳالهه آهي، اهي به اَملهه ٿيندا آهن، پر جيڪي
تخليقون، ورهين جون نديون اڪري سگهن ٿيون، انهن
سان گڏ ڪنهن ڪناري تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ سڀاويڪ عمل
آهي. آئون سمجهان ٿو ته ڪنهن تخليق کي پنهنجي دل
جي چوڻ تي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ، ساڻس دل
جون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڪرڻ جهڙو عمل آهي.
هونئن ته ڪوبه خيال، جڏهن لفظن جي ليڪن مان گذري ٿو ته ڪيترن ئي
هنڌن کان ڪٽبو ۽ ڇنڊيو ويندو آهي ۽ ڪئين ڀيرا
زخمجي به ويندو آهي، پر پوءِ به ترجمي جي لفظن مان
گذارڻ دوران ساڻس ڪيترن ئي هنڌن تي نياءُ نٿو ٿئي،
پر اهو به سچ آهي ته جيئن دل کي ڇهڻ لاءِ جسم تي
پاتل ڪپڙا ته ٺهيو، جسم به وچ ۾ نٿو اچي، تيئن دل
جي راز جهڙيون ڳالهيون لفظن جي محتاجيءَ کي قبولي
به نٿيون قبولين.
آئون سمجهان ٿو ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون پنهنجي انفرادي رنگ ۾
هردم تازيون آهن ۽ دل تائين پهچڻ جي سگهه رکن
ٿيون. منجهن انسان اعلى قدرن ۽ آدرشن ڏانهن آڱر ڏس
ٿيل آهي؛ سچ لاءِ سنگهرش ڪرڻ جي ترغيب ڏنل آهي ۽
سڀني ۾ محبت ڀريو لهجو هڪ جهڙو ڌڙڪي ٿو.
اهڙين ئي منهنجين ترجمو ڪيل 20 ڪهاڻين جو مجموعو ”ٽين دنيا جون
ڪهاڻيون“ (1980)، 10 ڪهاڻين جو مجموعو ”ٿڪل سريت ۽
ٻيون ڪهاڻيون“ (1983) هندي ۽ اردوءَ جي 72 ڪهاڻين
تي مشتمل ”نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ (2003) شايع
ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ننڍي کنڊ جي اٺن ٻولين جي 26
ڪهاڻين تي مشتمل هيءُ مجموعو ”بهشت ۽ دوزخ، ۽ ٻيون
ڪهاڻيون“ اوهان جي هٿن ۾ انهيءَ آس ۽ ڀروسي سان
ڏيندي خوشي اٿم ته وس آهر اهو سلسلو جاري رکندو
ايندس، بشرطيڪ اوهان جي دلچسپي ۽ ساٿ رهيو.
هن مجموعي جي ڪهاڻين جي باري ۾ وڌيڪ اهو چوڻو اٿم ته اهي سڀ جون
سڀ ڪهاڻيون، پنهنجين ٻولين جون نمائنده ڪهاڻيون
قطعي ناهن، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سٺيون
ڪهاڻيون آهن، جيڪي مون پنهنجي پسند موجب، پنهنجي
دل جي چوڻ تي ترجمو ڪيون آهن. جڏهن هن مجموعي لاءِ
انهن ڪهاڻين کي سهيڙڻ جي شروعات ڪيم ته منجهانئن
ڪيترين جون ڪاپيون به مون وٽ موجود نه هيون ۽ نه
وري ياد هو ته ڪهڙي هنڌ ڇپيون هيون. انهن کي ڳولي
هٿ ڪرڻ، اتارڻ ۽ انهن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائڻ جي ڪم
۾ منهنجين ڌيئرن- پشپا مرلي، گؤري ليلا، پٽم
ڪمليشور ۽ نهن انيتا جي جانفشاني ۽ جاکوڙ جو وڏو
دخل آهي، جن جو آئون دل سان قدر ڪريان ٿو.
هتي آئون اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته هي مجموعو پنهنجي
موجوده شڪل ۾ آڻڻ ممڪن نه ٿئي ها، جيڪڏهن منهنجي
نهن/ ڌيءَ انيتا ڪمليشور پنهنجي دستوري گهرو ڪم
ڪار ۽ اسڪولي ڪمن جي نگرانيءَ سان گڏ، هن مجموعي
جي سهيڙ ۾ ۽ پروف چيڪ ڪرڻ جهڙن خشڪ، محنت طلب ۽
ٿڪائيندڙ ڪمن ۾ منهنجو هٿ نه ونڊائي ها. آئون سندس
خوشين ۽ ڪاميابين لاءِ آسروند ۽ دعاگو آهيان.
ڀلا آئون پنهنجي زندگيءَ جي ساٿياڻي هريءَ جي هميشه جي ساٿ ۽
سهڪار کي ڪيئن ٿو نطر انداز ڪري سگهان، جنهن هر
گهڙي منهنجو هرطرح خيال رکيو ۽ مون کي اهڙو ماحول
ميسر ڪري ڏنو، جو آئون هن ڪم مان پار پئجي سگهيس.
آئون پنهنجي گهڻگهري دوست ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن انچارج
حفيظ قريشيءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن ابتدائي
مرحلي ۾ هن مجموعي جي باري ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي
انتظاميه کي ڄاڻ ڏئي کين ڇپائيءَ لاءِ آماده ڪيو.
آئون سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محترم انعام شيخ جو وڙ ڪيئن ٿو
وساري سگهان، جنهن ادب ۾ ترجمن کي اهميت ڏيندي، هن
مجموعي کي احسن طريقي سان ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۾ ڪا
ڪسر نه ڇڏي.
ولي رام ولڀ
28 آڪٽوبر 2004
B-44
شريف اسڪوائر
حسين آباد حيدرآباد- 71000
فون:
0221-851331
ڪرما
(خوشونت سنگهه)
سر موهن لال وڏي ٺاٺ ۽ بناوتي انداز سان فرسٽ ڪلاس ويٽنگ روم جي
آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏٺي. آئينو غالبا هندستان جو
ٺهيل هو ۽ اُن جي پٺ تان مسالو ڪيترن ئي هنڌن تان
لٿل هو، جنهن ڪري ڌنڌلو ٿي چڪو هو. انهيءَ ڌنڌ جو
ئي اثر هو جو سر موهن لال انهيءَ آئيني کي رحم جي
نظر سان ڏسي رهيو هو ۽ دل ئي دل ۾ آئيني کي چئي
رهيو هو، ”تون هن ملڪ جي هر گندي شيءِ جهڙو گندو
آهين.“
آئيني وراڻيو، ”پوڙها، تون صحيح چوين ٿو.“ ۽ پوءِ هُن ڄڻ کلي
ڏنو هجي.
سر موهن لال پنهنجي گهڙيءَ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ٻاهر اچي چيائين، ”ڪو
آهي؟“
هڪ بيرو ڊوڙندو ڊوڙندو آيو. سر موهن لال هڪدم آرڊر ڏنو: ”هڪ
ننڍو پيگ کڻي آءُ.“ ۽ پوءِ هو اچي پنهنجي آرام
ڪُرسيءَ تي ويهي رهيو.
ويٽنگ روم کان ٻاهر سر موهن لال جو سامان رکيو هو ۽ هڪ لوهه جي
پيتيءَ تي سر موهن لال جي ڳوٺائي عورت ويهي پان
کائي رهي هئي. هوءَ لڇمي هئي. هوءَ هڪ اخبار کي
ٽوڙي موڙي پنکو ٺاهي، پنهنجو پاڻ کي هوا ڪري رهي
هئي. کيس هڪ ميري سيري ساڙهي پاتل هئي، سندس نڪ ۾
چمڪدار ڪوڪو جهرمر ڪري رهيو هو ۽ سندس ٻانهن ۾
ڪافي سون جا ڪنگڻ پيل هئا.
”زنانو پاسو ڪهڙو آهي؟“ لڇميءَ هڪ قليءَ کان پڇيو.
”جتي پليٽفارم ختم ٿئي ٿو، اُتي آهي.“ ”قليءَ وراڻيو ۽ لڇمي جي
اشاري تي سڀ سامان، پنهنجي پاڻ تي لڏي، هڪ طرف
ڏانهن هلڻ لڳو، پوءِ اُهي انهيءَ هنڌ آيا، جتي
عورتن جي ويهڻ جو انتظام هو.
لڇمي پوءِ پنهنجي لوهي پيتيءَ تي ويهي رهي ۽ هڪدم قليءَ کي
چيائين، ”ڇا هتي ٽرينون ڀرجي اينديون آهن؟“
”اڄ ڪلهه هر ٽرين ڀريل اچي ٿي، پر اوهان کي بيبي زناني گاڏي ۾
جاءِ ملي ويندي.“
”مون کي نيرڻ کائي ڇڏڻ گهرجي.“ ائين چئي لڇمي پنهنجي مانيءَ جي
هڙ کولي، ان مان مانيون ڪڍيائين ۽ انبڙيءَ جي آچار
سان کائڻ لڳي.
”ادي تون اڪيلي سفر پيئي ڪرين؟“ قلي سوال پڇيو.
”نه ادا، مون سان گڏ منهنجو ڪرما به آهي. هو وڏو بئريسٽر ۽
حڪومت جو وڏو آفيسر آهي. فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندو
آهي. هن وقت به هو فرسٽ ڪلاس ۾ ويهي شراب پي رهيو
آهي. هو سفر ۾ مون کي پنهنجي گاڏي ۾ نه ويهاريندو
آهي، ان ڪري جو مان هندستاني جاهل عورت آهيان.
انگريزي پڙهي ڪونه ڄاڻان، جڏهن ته منهنجي ڪرما جو
واسطو انگريزن ۽ وڏن وڏن هندستانين سان آهي. مان
ساڻس گڏ زناني انٽر ڪلاس ۾ سفر ڪندي آهيان.“ لڇمي
وراڻيو ۽ پوءِ يڪساهي شروع ٿي ويئي، ”آئون انگريزن
جا طور طريقا نه ڄاڻان.“
لڇمي سر موهن لال جي بنگلي جي مٿئين حصي ۾ رهندي هئي. موهن لال
ساڻس ملڻ لاءِ تمام ورلي مٿي ايندو هو. کيس لڇميءَ
جي غريب ۽ جاهل مائٽن جو هتي اچڻ پسند نه هو،
انهيءَ ڪري اهي ساڻن ملڻ لاءِ نه ايندا هئا.
هو ڪڏهن ڪڏهن رات جي وقت مٿي ايندو هو ۽ لڇميءَ کي ڪجهه هدايتون
ڏيندو هو، جن کي هوءَ پورو ڪندي هئي، ان ڪري جو
هو سندس ڪرما هو.
سنگل ڊائون ٿي ويو. ٽرين اچي ويئي. لڇمي پنهنجي نيرڻ کائي ختم
ڪري. گرڙي ڪيائين، هٿ منهن ڌوتائين ۽ زناني گاڏي
جي ڀرسان آئي. اتفاق سان اتي جڳهه خالي هئي. کيس
دروازي جي ڀرسان آسانيءَ سان سيٽ ملي ويئي. سيٽ تي
ويهڻ کان پوءِ هن پنهنجي ساڙٿيءَ جو پلو کولي
قليءَ کي ٻه آنا ڪڍي ڏنا. قلي پيسا وٺي هليو ويو ۽
لڇمي پنهنجي پاندان مان پان ڪڍي، ان تي ڪاٿو ۽
چونو لڳايو ۽ پوءِ سوپاري ۽ تماڪ وجهي منهن ۾ رکي
چٻاڙڻ لڳي.
ٽرين جي اچڻ سان سر موهن لال تي ڪوبه اثر نه ٿيو. هو اسڪاچ
پيئندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ هن قليءَ کي چيو ته هو
فرسٽ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ ۾ سامان رکي کيس ٻڌائي. هن هر
ڪم پنهنجي حڪم مطابق چاهيو ٿي. هن هندستاني ٻولي
تمام گهٽ ڳالهائي ٿي، بلڪ هميشه انگريزي ئي
ڳالهائيندو هو. هن هندستانيءَ کي غلامن جي زبان
سمجهيو ٿي. سندس هر طور طريقو انگريزن جهڙو هو ۽
جڏهن ڪو کيس چوندو هو ته سر موهن لال، اوهان ته
بلڪل انگريزن وانگر انگريزي ڳالهايو ٿا ته هو خوش
ٿيندو هو. ماڻهو عمومن کيس ائين چوندا به هئا.
ٽرين ۾ جيڪڏهن ڪو انگريز نه ملندو هو ته هو ڳالهه ٻولهه شروع
ڪرڻ ۾ جلدي نه ڪندو هو، بلڪ پهرين ”دي ٽائيمس“ ڪڍي
پڙهڻ شروع ڪندو هو. هو اخبار کي اهڙي طرح رکندو جو
ان جو نالو ماڻهن ڏانهن هوندو هو. پوءِ جڏهن ڪو
کانئس اخبار گهرندو هو ته هو وڏي خوشيءَ سان اهو
چوندي کيس ڏيندو هو ته هن سڀ پڙهي ڇڏي آهي ۽ اتان
ئي سندس ڳالهه ٻولهه جي شروعات ٿي ويندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن سندس خوبصورت ٽاءِ ۽ ”دي ٽائيمس“ ٻين کي متاثر نه
ڪنديون هيون ته هو پنهنجي گولڊن سگريٽ ڪيس ڪڍي، ان
جا سگريٽ ڦوڪڻ شروع ڪندو هو. ان وقت کيس اهو زمانو
ياد ايندو هو، جڏهن هن پنج سال انگلينڊ ۾ گذاريا
هئا. اتي هو زبردست قسم جا لباس پائيندو هو. هو
رات پڪاڊلي سرڪس جي طوائفن جي هنج ۾ گذاريندو هو،
پر جڏهن لڇميءَ سان کيس پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جو
خيال ايندو هو ته کيس نفرت ٿي ويندي هئي. لڇميءَ
جو وڌيل وڏو گول پيٽ ۽ بدبودار ساڙهي سندس نظرن
سامهون اچي، سندس ذهن کي گندو ڪري ڇڏيندي هئي.
جڏهن بيري اچي ٻڌايس ته سندس سامان فرسٽ ڪلاس ڪمپارٽمينٽ ۾ رکيو
ويو آهي ته هو وڏي شان سان اٿيو ۽ ڪنڌ سيٽي هلندو
پنهنجي ڪمپارٽمنٽ ۾ پهتو. پر اتي ڪوبه نه هو. سندس
دل وسامي ويئي. هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ هڪ سيٽ تي
ويهي وري ”دي ٽائيمس“ پڙهڻ لڳو، جيتوڻيڪ ان کان اڳ
به هو اها اخبار ڇهه يا ست ڀيرا پڙهي چڪو هو.
ٿوري دير کان پوءِ هن دريءَ کان ٻاهر جهاتي پائي ڌٺو. پليٽفارم
تي ڏاڍي رش هئي. اوچتو هن ڏٺو ته ٻه انگريز فوجي
سندس ڪمپارٽمنٽ ڏانهن اچي رهيا هئا. سندس چهرو
خوشيءَ وچان چمڪڻ لڳو. هن دل ئي دل ۾ سوچيو ته هو
انهن انگريز فوجين جي آجيان ڪندو، چاهي اُهي سيڪنڊ
ڪلاس جا پسينجر هجن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته هو گارڊ
کي چئي، انهن ٻنهي کي پنهنجي ڪمپارٽمينٽ ۾
ويهاريندو.
انهن ٻنهي مان هڪ فوجي آخري ڪمپارٽمنٽ ڏانهن وڌي آيو ۽ دريءَ ۾
اندر سيٽ لاءِ واجهائڻ لڳو. اتي صرف سر موهن لال
ويٺل هو ۽ باقي سيٽون خالي پيون هيون. اهو فوجي،
ٻئي ساٿيءَ کي رڙ ڪندي مخاطب ٿيو:
”مسٽر بل، هتي جڳهه آهي.“
ٻيو فوجي جلدي اتي آيو. دريءَ ۾ هن سر موهن لال کي ڏٺو ۽ پنهنجي
ساٿيءَ کي چوڻ لڳو، ”هن ڪاري هندوستانيءَ کي هتان
کان ٻاهر ڪڍ.“
ٻئي فوجي هڪدم اندر آيا ۽ سر موهن لال کي گهوري ڏسڻ لڳا، جنهن
جي اڌ چهري تي مسڪراهٽ ۽ اڌ تي احتجاج هو. هن ٻئي
فوجيءَ جو جملو ٻڌي ورتو هو، جنهن کيس ڪمپارٽمنٽ
مان ٻاهر ڪڍڻ جو چيو هو.
جم چوڻ لڳو، ”بل هن ئي ڪمپارٽمنٽ ۾ اسان جي رزرويشن آهي- فوجين
لاءِ رزرويشن.“
پوءِ ٻئي فوجي گڏجي سر موهن لال تي ڪاهي آيا: ”هتان کان هڪدم
ٻاهر نڪر، يو مئن.“
”منهنجي ڳالهه ته ٻڌو، سر!“ سر موهن لال آڪسفورڊ واري لهجي ۾
انگريزي ڳالهائڻ لڳو. ٻئي فوجي، جيڪي کيس کڻي ٻاهر
اڇلائڻ وارا هئا، هڪدم روڪجي ويا. کين محسوس ٿيو
ته واقعي موهن لال جي ڳالهائڻ جو لهجو آڪسفورڊ
جهڙو هو. پر پوءِ به انگريزن جهڙي ڳالهه ڪٿي هئي.
سندن ڪي اصلي لهجي کان واقف هئا. انهيءَ وچ ۾،
اتفاق سان ٽرين وِسل ڏني ۽ گارڊ سائي جهنڊي لهرائڻ
شروع ڪئي.
ٻنهي بنا وڌيڪ سوچڻ جي، بلڪ جلديءَ سان سر موهن لال جو سامان هڪ
هڪ ڪري پليٽفارم تي اڇلائي ڇڏيو، ايتري قدر جو ”دي
ٽائيمس“ جو تازو پرچو به!
سر موهن لال وري انگريزيءَ ۾ چيو، ”اسٽوپِڊ....... نان
سينس..... مان اوهان ٻنهي کي به گرفتار ڪرائيندس.“
ڪاوڙ وچان هو ڏڪي رهيو هو.
انهن فوجين مان هڪڙي چيو، ”يو بلئڪ مين، شٽ يوئر ڊرٽي مائوٿ.“
اهو چئي هن سر موهن لال جي منهن تي فوجين واري
زوردار ٿپڙ هڻي ڪڍي.
ٻي وسل جو آواز اچي ويو. ٻنهي فوجين سر موهن لال کي اٿاريو،
پهرين مٿي کنيو ۽ پوءِ انهن کيس پليٽ فارم تي
اڇلائي ڇڏيو. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو پنهنجي سوٽ ڪيس تي
اچي ويٺو ۽ مايوسي ڀريل نظرن سان ان ٽرين کي ڏسڻ
لڳو، جنهن اسپيڊ ورتي هئي ۽ پليٽفارم ڇڏڻ واري
هئي.
گارڊ اڃا تائين سائي جهنڊي ڏيکاري رهيو هو. سر موهن لال ڏاڍي
مايوس انداز سان ڏسي رهيو هو.
ٻئي طرف، لڇمي، سندس زال، جنهن جي ساڙهي مان کيس بصر ۽ ٿوم جي
بدبوءِ محسوس ٿيندي هئي، وڏي ٺاٺ سان انٽر ڪلاس ۾
پنهنجي هندستان جي عورتن سان گڏ ويٺي پان چٻاڙيو.
سندس نڪ جو ڪوڪو هينئر به چمڪي رهيو هو ۽ جيئن ئي
ٽرين پليٽفارم ڇڏيو، ليڊي سر موهن لال يعني لڇمي
دريءَ کان منهن ٻاهر ڪڍي، پان جي ٿڪ وات مان ڪڍي
اڇلي ۽ پوءِ پنهنجي پان چٻاڙڻ ۾ مصروف ٿي ويئي. |