سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :6

 

ڍونگ                          (تامل)

(اَڪيلن)

انڌي فقير راياپوريءَ جو ڏينهن چڙهي آيو، پر اوهان چوندؤ، هو ته انڌو آهي. سندس چوڌاري هميشه اونداهي ڇانيل هوندي آهي. کيس ڇاهي، صبح ٿئي يا شام. ٺيڪ آهي، ڪجهه دير لاءِ ائين ئي سمجهو.

هو ڳوٺ جي ٻاهران ڪاويري نديءَ جي ڪناري، هڪ ڀڳل ٽٽل پٿرائين غار ۾ رهڻ لڳو هو. کيس هن نئين گهر ۾ آئي گهڻو عرصو نه ٿيو هو، لڳ ڀڳ چار ڏينهن ئي ٿيا هئا. اول ته کيس گهر جي ضرورت ئي نه هئي. جتي دل چوندي هئس، سمهي پوندو هو. ميدان ۾، ڪنهن جي ورانڊي ۾ يا ميوسنپالٽيءَ جي جوڙايل سمينٽ جي بئنچ تي. ان وقت هو اڪيلو هو.

هاڻي هو اڪيلو نه هو، گذريل چئن ڏينهن کان هن جو به گهر ٻار هو. هڪ نوجوان عورت ديوانائي هن انڌي فقير کي پنهنجو ساٿي بڻائي ورتو هو، زندگي ۽ خيرات کي. ان جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. اسان جي هن خوبصورت پاڪ ملڪ ۾ ڏڪار پيو هو ۽ نوجوان ۽ غير شادي شده عورت لاءِ روزگار جا موقعا نه هئڻ جي برابر هئا. نه ئي سندس سهاري لاءِ کيس ڪو مرد مليو هو، تنهن ڪري پنڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو نه هو.

اهڙيءَ ريت هن انڌي فقير جو گهر ٻار ٺهيو. پهرين ته هو پنهنجي جهوپڙيءَ مان ٽڪ ٽڪ ڪندو پنهنجو رستو ڳوليندو هو، پر هاڻي هڪ عورت سندس هٿ جهلي کيس رستو ڏيکاريندي هئي. اها ڪا حيرت جي ڳالهه نه هئي ته ماڻهن پنهنجا ٻٽون جلدي کولڻ شروع ڪري ڏنا هئا ۽ گذريل چئن ڏينهن کان سندس آمدنيءَ ۾ ڪافي اضافو ٿيو هو.

ٻنهي گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ راياپوريءَ پنهنجا پيسا ڪپڙي ٽڪر ۾ ٻڌا ۽ وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو. هن جو ڏينهن چڙهي آيو هو.

”اڄ مان توسان گڏ نه هلنديس. تون اڪيلو ئي وڃ.“

”ڇو؟“

”منهنجين ٽنگن ۾ سور آهي.“ هن کلندي چيو، ”ڪيڏو جاهل آهين، ڪجهه سمجهين ئي نٿو.“ هو سمجهي ويو. راتوڪي ؟؟؟؟؟ اڃا به سندس دل ۾ موجود هئي. هو کلڻ لڳو.

”چڱو مان هلان ٿو، تون آرام ڪر.“

”۽ ها، هڪ ٻي ڳالهه.....“، هو پنهنجي اتاولائي روڪيندي ٿورو هٻڪي چوڻ لڳي.

هو وري ويهي رهيو، ”چئه، ڇا ڳالهه آهي؟“

”مون کي هڪ بلائوز آڻي ڏيندين..... نئون بلائوز....“ هن نخريلي انداز سان چيو، ”پراڻو ڦاٽي پيو آهي. تون چاهين ته پاڻ ڏس کڻي.“

هن جو هٿ جهلي، هن پنهنجي ڪنڌ تي ڦيريو. هن جو بلائوز ڦاٽل هو. سندس جسم جي ڇهاءُ سان راياپوريءَ جو رت تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو.

”ٺيڪ آهي، اڄ موٽڻ مهل تنهنجي لاءِ بلائوز وٺندو ايندس.“ هوءَ پوءِ تکي انداز سان کلڻ لڳي..... ”ڇو هاڻي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

”تون ڪپڙو ڪيئن سڃاڻيندين؟ ۽ پوءِ ڪپڙي جي ماپ؟ دڪاندار توکي ٺڳي ويندو.“

”چڱو ٺيڪ آهي، تون پاڻ خريد ڪجانءِ. ڪيترا پيسا لڳندا؟“

”هڪ رپيو ڪافي آهي.“

هڪ رپيو ٻڌي هو ڳڻڳوت ۾ پئجي ويو. هڪ رپئي لاءِ هل نه، ٻه نه، پورن چوهٺ سخي ماڻهن جي دلين ۾ هٿوراڙيون ڏيڻيون پونديون آهن. پر پوءِ ڇا ٿيو. هن جي نئين ڪنوار جي پهرين فرمائش هئي. هن چپ چاپ پنهنجي کيسي ۾ رکيل رومال جهڙي ڪپڙي جون ڳنڍون کوليون ۽ آڱرين سان هڪ هڪ سڪو سڃاڻي، سمورا سڪا ڳڻيا: هڪ رپيو هڪ آنو هئا.

”وٺ!“ هڪ رپيو کيس ڏيئي، هڪ آنو وري ڪپڙي ۾ ٻڌي ڇڏيائين.

هن مرڪندي پيسا ورتا. ڪيڏي دوکي ڀري مرڪ هئي. چيلهه سان ويڙهيل ساڙهيءَ ۾ هڪ ٻيو بلائوز لڪائي رکيل هو، بلڪل نئون. پوءِ هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو. اهو هن جو پهريون دوکو هو. خبر ناهي ٻيا ڪيترائي دوکا باقي هئا. پنهنجي رستي تي هلندي راياپوريءَ جي دل ۾ هڪ ڌنڌلو فڪرمند خيال لنگهي ويو. ان کي سمجهڻ لاءِ هو کن لاءِ بيهي رهيو ۽ جيئن ئي کيس احساس ٿيو ته کانئس کل نڪري ويئي.

سڄي رات اها ڳالهه سندس دل ۾ ايندي ويندي رهي. هن کيس ٻڌائڻ گهريو ٿي، پر هن اها ڳالهه صبح تي ڇڏي ڏني هئي، پر اڃا تائين ٻڌائي نه هئائين. صبح جو هلڻ لڳو ته هن سوچيو، هاڻي ٻڌائي ڇڏيندس، پر هو وري بيهي رهيو. عورت کي ڪا راز واري ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ڏينهن جو وقت ٺيڪ نه هوندو آهي. اها رات جي اونداهيءَ ۾ هوريان هوريان ڪَن ۾ ٻڌائڻ گهرجي. هوءَ ٻڌي ضرور کلندي ۽ هو پاڻ به. پوءِ ٻئي کلندي کلندي بي حال ٿي ويندا.

کِل جي باري ۾ سوچيندي، کيس روڊ تي پٿر سان ٺوڪر لڳي ۽ هو منهن ڀر ڪِرڻ کان ذري گهٽ بچيو. مٽيءَ ۾ هٿوراڙيون ڏيئي هن پنهنجي لٺ ڳولي ورتي ۽ هڪ عجيب ثابت قدميءَ سان هلڻ لڳو.

صبح جو هن جو معمول هو ته گهٽيءَ جي هر گهر جي دروازي تي بيهي خيرات پنندو هو. عام طور تي چانور، جيڪڏهن رڌل هوندا ته، پنهنجي مٽيءَ جي برتن ۾ وجهرائيندو هو. جڏهن منجهند ٿيندي ته کائيندو ۽ پوءِ آرام ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڻ هيٺان سمهي پوندو ۽ اٿڻ کان پوءِ پنهنجو ڪم شروع ڪندو. شام جو هو بازار ويندو. بس جي اڏي تي، هوٽلن جي سامهون، روڊ تي ۽ سج لهڻ کان ڪافي دير کان پوءِ، هو واپس ايندو. پنهنجي خيرات جو ڦل ۽ جيئڻ جو ذائقو حاصل ڪرڻ لاءِ اهوئي سندس روزاني زندگيءَ جو اصول هو، تمام سادو سودو.

منجهند ٿي ويئي هئي. اڄ سج سٺو نه چڙهيو هو. هن جي ٽين جي دٻي ۾ ٿورا چانور هئا. هو ٽن سون درن جي اڳيان پنهنجي درد ڀري صدا هڻي چڪو هو، ”انڌي فقير کي خيرات ڏيو! امان تنهنجا ٻچا جيئن.“ نماڻي آواز سان هو صدا هڻي چڪو هو. هن ماڻهن جي دلين تي اثر ڪرڻ لاءِ سمورو زور لڳائي ڇڏيو هو، پر گهڻو فائدو نه ٿيو هو. بيوقوف کي ايتري به خبر نه هئي ته مائرن جون دليون سخت ٿي ويون هيون، خاص ڪري جڏهن چانور ايڏا مهانگا هجن.

منجهند جو روزمره وانگر هو هڪ وڻ هيٺ وڃي ويٺو. ان ڏينهن هن جي کاڌي ۾ ڏاري جو ڀت هو. ماني کائي، هن ميونسپالٽيءَ جي نلڪي مان پاڻي پيتو ۽ اڃ اجهايائين. ٿورو آرام ڪرڻ کان پوءِ هو اٿي ويٺو. جيتوڻيڪ هو ڏاڍو ٿڪل هو، پر هن پرواهه نه ڪئي ۽ اٿي روانو ٿيو. هاڻي هڪ ٻيءَ به کائڻ واري هئي. کيس وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي.

هوءَ نئون بلائوز پائي، نديءَ جي ڪناري، کنڊر ۾ سندس انتظار ڪري رهي هوندي. اُنهيءَ شام جو هميشه کان ڪجهه وڌيڪ سِڪا سندس دٻي ۾ پيا هئا. ٽيهارو کن کان گهٽ نه هوندا. هن ڏاڍي ڌيان سان ڳڻيا. آني جا سڪا جدا ڪري هن ڪپڙي جي ٽڪر ۾ ٻَڌا.

”هي وٺ!“ هن هڪ آواز ٻڌو. مڙي ڏٺائين ته هڪ نوجوان بيٺو هو. سندس ڪارو رنگ، سندس سنهڙي اڇي پهراڻ مان چمڪي رهيو هو. وار سڌا ۽ پويان وريل هئا، گهري ڳاڙهي رنگ جو رومال ڳچيءَ ۾ ويڙهيل ۽ ٻيڙيءَ جو اڌڙ آڱرين ۾ هئس.

”هان وٺ! هيءَ پائلي اٿيئي، هڪ پسئو ڪاٽي باقي پئسا مون کي واپس ڏي.“ فقير ڳڻي پيسا ڪڍيا ۽ پوءِ کاٻي هٿ ۾ پائلي جهلي، هو ٿورو جهڪيو، ڄڻ پائلي ڏسي رهيو هجي ۽ پوءِ انهيءَ جي ڪنارن کي هن آڱرين سان ڇهيو.

”اڙي، توکي ڇا مون کي ڦرڻو آهي! ڏسي ائين پيو ڄڻ ڏسڻ ۾ اچيس ٿو. هوءَ جيڪا عورت توسان گڏ هوندي آهي، اها ڪيڏانهن ويئي؟“

انڌي ڪجهه نه چيو.

ڇوڪرو سمجهي ويو ۽ جلدي اڳتي نڪري ويو.

اوچتو ئي انڌي جي واتان رڙ نڪري ويئي، ”کوٽو سڪو!“

ايتري دير ۾ هو گهٽيءَ ۾ مڙي ويو. کوٽي پائلي ٽين جي دٻي ۾ ٻين سڪن سان گڏجي ملي ويئي. انڌي فقير ڊگهو ساهه کنيو. شام ٿي ويئي هئي. هڪ سخي عورت، هڪ وڏي امير ماڻهوءَ جي زال، جيڪا چانور ڏيندي هئي، ههڙي ڏکئي وقت ۾ به راياپوريءَ جهڙن گهرجائو ماڻهن کي پيسا به ڏيندي هئي. پنهنجي گهر لاءِ آيل چانورن مان ڪڍي، هوءَ پنهنجي ذاتي ضرورتن لاءِ، بنا ڪجهه پڇڻ ۽ ڪجهه ٻڌائڻ جي، پنهنجي گهر جي پٺئين در تي وڪڻي ڇڏيندي هئي. قيمت به گهڻي نه وٺندي هئي، ڪنٽرول اگهه تي وڪامندڙ چانورن جو اگهه يارنهن آنا هو. هوءَ رڳو هڪ رپيو يارنهن آنا وٺي وڪڻندي هئي. ڇا ۾ خراب هو، هان؟

انڌي فقير کي اُنهيءَ وڪري جي خبر پئجي ويئي هئي. ”امان، مون کي به هڪ چوٿائي ڏي.“ پنهنجو ڪپڙو هن اڳيان وڇائيندي، هن گهٽيءَ ۾ ساڄي کاٻي پاسي ڏٺو ته ڪو ڏسي ته نه رهيو هو. ڪوبه نظر نه آيو. هن چانور دٻي ۾ وڌا. مقدار گهٽ هو. ”انڌي کي ڪهڙي خبر پوندي.“ هن سوچيو هوندو.

انڌي ڇهه آنا ۽ ٽي پيسا هن جي هٿ تي رکيا. شوقين مزاج نوجوان جي پائلي هٿ مٽائي ورتو هو. هن پيسا ڌيان سان نه ڏٺا. هوءَ ڏاڍي تڪڙ ۾ هئي ته متان ڪو اچي نه وڃي.

انڌو فقير نديءَ ڪناري کنڊر ڏانهن هلڻ لڳو. جلدي جلدي قدم کڻندو، رکي رکي پنهنجي لٺ کي پٿرن تي هڻندو، ڄڻ کيس رستي جي چڱيءَ طرح خبر هجي، ڄڻ اوچتو سندس اکين ۾ روشني اچي ويئي هجي، يا جوان زال جي خيال سندس قدمن ۾ ڦڙتي آڻي ڇڏي هجي.

نيٺ هن جي لٺ سندس گهر جي پٿر تي ٺڪ ٺڪ ڪئي.

”ديوانائي!“ هن هوريان سڏيو. ٻئي پاسي هڪ هلڪو ۽ سست ”هون“ جو آواز آيو.

انڌي پنهنجي لٺ هڪ ڇاسي اُڇلي، زمين تي ويهندي چانورن جو دٻو هڪ پاسي رکيائين ۽ هٿ وڌائي اونداهيءَ ۾ ڳولهڻ لڳو. هوءَ اُتي ئي ليٽي پيئي هئي. ”ديوانائي!“ هن وري سڏيو. وري اهوئي سست آواز: ”ڇو، ڇا ڳالهه آهي؟“

اوچتو کيس لڳو ڄڻ سندس آواز بدليل هجي. ”ڇا ڳالهه آهي ديوانائي، ڪو ٻيو به هتي آهي؟“

”نه، ڪوبه ناهي.“

”ڇا ڳالهه آهي، تون ليٽي ڇو پيئي آهين؟ اڃا به طبيعت ٺيڪ ناهي؟“

”بس، مٿي ۾ سور اٿم، ٻيو ڪجهه ناهي.“ نيٺ هوءَ چئي ويٺي.

”ڪا ڳالهه ناهي، سور ئي آهي نه.“ هن شڪرانا بجا آڻن جي لهجي ۾ چيو ۽ ڏاڍي اتساهه سان پڇڻ لڳو، ”نئون بلاؤز  خريدي آئينءَ؟“

”ڪهڙو نئون بلائوز؟“ هن چيو.

”توبهه آهي توسان، مٿي جو سور ڪجهه وڌي ئي ويو اٿيئي. هاڻي پڇندينءَ ته مان ڪير آهيان ۽ تنهنجو آواز به عجيب پيو لڳي.“

”ها ها، مان خريد ڪري آئي هيس.“ هوءَ هٻڪي چوڻ لڳي ۽ ساڙي ڇڪي، پلئه اڃا به وڌيڪ ڇڪي ويڙهي ڇڏيائين. هوءَ اندر ئي اندر ۾ ڏڪي ويئي.

”تون ڏڪين ڇو پيئي؟ ويجهو ٿي نه. ايڏانهن ڏاڍي ٿڌي هوا ٿي لڳي.“ هن چيو ۽ پوءِ کلڻ لڳو.

”اڄ ڪلهه دنيا دوکو ئي دوکو ٿي پيئي آهي. هڪ وڏو دوکو.“

”منهنجي ڳالهه ٻڌ، اها ٻڌڻ سان تنهنجي مٿي جو سور به ٺيڪ ٿي ويندو. مون کي صبح ئي توسان ڳالهه ڪرڻي هئي، پر موقعو ئي نه مليو. هڪڙو حرامي کوٽي پائلي ڏيئي مون کي ٺڳي ويو. هن سوچيو هوندو ته مان نيٺ ته انڌو آهيان.“

”هون.“

”هڪ عورت، هڪ دوکيباز عورت- ٿورا چانور ڏيئي مون کي ڦري ويئي.“

”هون.“

”پوءِ هڪ جوان عورت، منهنجي ديوانائي، مون کان چالاڪيءَ سان هڪ رپيو ٺڳي ويئي. نئون بلاؤز خريد ڪرڻ لاءِ، جڏهن ته هن پنهنجي چيلهه سان هڪ نئون بلاؤز ويڙهي رکيو هو ۽ ها، مان ڪو انڌو ناهيان. منهنجي انڌائپ ته ماني ڪمائڻ لاءِ هڪ ڍونگ آهي. ديوانائي اُٿ ۽ ڏس! منهنجي ويجهو اچ. مان توکي هڪ نه، پر هن جهڙا ڏهه ڏهه بلائوز آڻي ڏيندس.“ هن کيس ڇڪي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيو ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ هو سندس چهري ڏانهن ڏسڻ لڳو.

ڪيڏو حيرتناڪ دوکو هو، هوءَ ديوانائي نه هئي. هوءَ ته ڪا ٻي هئي. ڏاڍي بدشڪل، ٿلهن ٿلهن بڇڙن چپن ۽ مهانڊي واري، خوبصورت وارن واري ديوانائيءَ کان عمر ۾ وڏي.

”ديوانائي ئي مون کي هتي ڇڏي ويئي آهي. هن چيو ٿي ته مان هڪ انڌي سان نه رهنديس. مون کي سمجهائي ويئي آهي ته مان توسان ڪيئن ڳالهايان ۽ هلان..... هن چيو ٿي ته رڳو چار ئي ڏينهن ٿيا آهن، ڪا خبر نه پوندس.“ هن سڏڪندي چيو، ”مان هن جهڙي خوبصورت ناهيان ۽ نه ئي هن وانگر توکي دوکو ڏينديس. توکي مون تي ويساهه ته نه ايندو، پر هڪ ڀيرو آزمائي ڏس.“

هن جي اکين ۾ لڙڪن جي لڙي ٻڌجي ويئي. سندس لڙڪ ڏسي هن جون اکيون به ڀرجي آيون.

 

 

چترڪار                   (تامل)

(سَرسنو)

گاڏي اسٽيشن تي بيٺي ته ڀواني جي پيءُ چيو، ”مان ٻار لاءِ کير وٺي ٿو اچان.“ ۽ گاڏيءَ مان لهي رفريشمينٽ روم ڏانهن هليو ويو.

ڀواني آرس موڙي اٿي ويٺي ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافرن تي تنقيدي نگاهن سان ڏٺائين. سامهون، سيٽ تي هڪ نوجوان جوڙو ويٺو هو. مرد جي هٿ ۾ تامل زبان جو هڪ مشهور رسالو هو، جنهن جي سرورق تي هڪ رنگين تصوير ڇپيل هئي. انهيءَ نوجوان، تصوير کي ڪجهه دير غور سان ڏٺو ۽ پوءِ چور نگاهن سان پنهنجي نوجوان زال ڏانهن ڏسي مرڪيو. سندس مرڪ ۾ شرارت صاف ظاهر هئي.

”پري ڪريو پنهنجي هن گندي رسالي کي. مون کي هي اگهاڙيون ۽ فحش تصويرون نٿيون وڻن.“ اهي الفاظ چئي عورت نفرت وچان منهن ڦيري ڇڏيو.

ڀواني انهن ٻنهيءَ جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ پوءِ رسالي تي نظرون کپائي ڇڏيائين. رسالو ڄاتل سڃاتل هو- سندس نظرون تصوير تي ڄمي ويون، جنهن کي ڏسي انهيءَ نوجوان عورت منهن ڦيري ڇڏيو هو. اها تصوير هڪ ڀريل جسم واري خوبصورت عورت جي هئي، جنهن جي جوان جسم جا اڀار ظاهر ڪرڻ ۾ چترڪار پنهنجي تخيل ۽ فنڪاريءَ جو ثبوت ڏنو هو. انهيءَ تصوير لاءِ، انهيءَ نوجوان عورت جنهن راءِ جو اظهار ڪيو هو، اهو ٻڌي ڀواني جي دل ۾ ڄڻ ڪنڊو ٽنبجي ويو هو، ڇو جو انهيءَ تصوير جو ٺاهيندڙ خود سندس مڙس مورتي هو.

اهو به وقت هو، جڏهن ڀواني فخر وچان ٻين سان پنهنجي مڙس جي فنڪاري ۽ سندس شاهڪار تصويرن جي ساراهه ڪندي هئي. ايتري قدر جو هڪ هڪ تصوير کڻي پنهنجين ساهيڙين کي ڏيکاريندي ويندي هئي ۽ ساراهه ڪندي نه ڍاپندي هئي. جڏهن به ڪو ائين چئي سندس تعارف ڪرائيندو هو، ته هيءُ مشهور چترڪار مورتيءَ جي زال آهي ته خوشي ۽ فخر وچان هوءَ ڪپڙن ۾ نه ماپندي هئي.

سندس مڙس خود سندس هڪ دلفريب تصوير ٺاهي، کيس ڀيٽ طور ڏني هئي ۽ اڄ به اها تصوير سندس گهر ۾ سينگار- ميز تي سجايل آهي.

پر اها ٻه سال اڳ جي ڳالهه آهي. اڄ ڪلهه ته سندس مڙس اهڙيون تصويرون ٿو ٺاهي جو عورتون اهي ڏسيو ڪنڌ هيٺ ٿيون ڪن ۽ نفرت وچان منهن ڦيريو ڇڏين ۽ مرد.....

”هان وٺ ڀواني، ٿورو کير رهجي ويو آهي. ٻارڙي کي پياري ڇڏينس. مان سگريٽ وٺي ٿو اچان.“ پڻس ٿرماس ڀوانيءَ جي هٿ ۾ ڏنو ۽ پليٽفارم جي ٻئي طرف هليو ويو.

ڀواني ٻارڙي کي کير پياري سمهاري ڇڏيو ۽ سامهون ويٺل جوڙي ڏانهن ڏسڻ لڳي.

نوجوان چيو پئي، ”تون منهن ڇو ٿي ڦيرين چارو؟ هن رسالي جي جيتري گهر آهي، اوتري ٻئي ڪنهن رسالي جي ناهي. سموري ملڪ ۾ مقبول رسالو اٿيئي. هي واحد رسالو آهي، جنهن کي اسڪول ۽ ڪاليج جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڇاتيءَ سان لڳائي رکن ٿا ۽ بڪ اسٽال تي قطار ۾ بيهي خريد ڪن ٿا ۽ تون انهيءَ کي ڏسي منهن ٿي ڦيرين؟“

”باهه لڳي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شوق کي! ۽ هي چترڪار به ڪيڏو نه بيشرم آهي، جو ههڙيون گنديون ۽ اگهاڙيون تصويرون ٿو ٺاهي. منهنجو وس پڄي ته جيڪر سندس منهن پٽي وٺان. شايد سندس گهر ۾ ماءُ، ڀيڻيون يا زال نه هونديس.“

ڀوانيءَ کي جسم ۾ ڄڻ ڪنڊا چڀندي محسوس ٿيڻ لڳا. هوءَ خيالن جي تاڃي پيٽي ۾ گم ٿي ويئي. کيس گذريل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون:

انهيءَ ڏينهن جڏهن مورتي گهر ۾ گهڙيو هو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿي ڏٺو. هو جڏهن ويجهو آيو هو ته چيو هئائين، ”ڀواني! مون پنهنجي اڳئين نوڪري ڇڏي ڏني آهي ۽ هڪ نئين رسالي جي آفيس ۾ سٺي پگهار واري نوڪري ملي ويئي آهي. ٻيڻي پگهار ملندي. ڀواني، هاڻي اسان پيسي جا محتاج نه رهنداسين. ائين سمجهه ته اسان جي پريشاني ۽ غريبيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا.“

اها خبر ٻڌي ڀواني خوشيءَ وچان نچڻ لڳي هئي.

هڪ هفتي کان پوءِ مورتي انهيءَ نئين رسالي جو تازو پرچو کڻي گهر ۾ گهڙيو ته ڀواني جهٽ هڻي اهو رسالو اٿلائي پٿلائي ڏٺو ته کيس ڏاڍي مايوسي ٿي.

”هن ۾ اوهان جي تصوير ته نظر نٿي اچي.“ ڀواني پنهنجي مڙس کان پڇيو. هوءَ پنهنجي مڙس جون ٺاهيل تصويرون سڃاڻيندي هئي. پر جڏهن مورتي رسالي جا ڪجهه صفحا اٿلائي هڪ تصوير ڏيکاري ته هوءَ دنگ رهجي ويئي.

”اوهه.... هيءَ..... هيءَ تصوير توهان جي ٺاهيل آهي؟“..... چ چ چ ڪيڏي گندي ۽ اگهاڙي تصوير آهي. ڀوانيءَ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.

”نيٺ هن تصوير ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ ڪهڙي بڇڙائي آهي؟ اهڙيون ئي تصويرون ٺاهڻ لاءِ هو ٽي سؤ رڀيا ماهوار پگهار ڏين ٿا.“

”ٽي هزار کڻي ڏين، تنهن هوندي به توهان انڪار ڪري ڇڏيو. ههڙيون واهيات، گنديون ۽ اگهاڙيون تصويرون ٺاهي جيئڻ کان بک مرڻ بهتر آهي.“ ڀواني اڃان وڌيڪ چوڻ چاهيو ٿي، پر کيس خبر هئي ته مورتي فطرتا ضدي آهي ۽ ممڪن آهي ته ههڙيون ککيون ڳالهيون ٻڌي چڙي پوي، ۽ انهيءَ کان وڌيڪ خراب تصويرون ٺاهڻ شروع ڪري. اهو سوچي چَپ ڏندن ۾ دٻائي، چُپ ٿي ويئي.

هڪ ڏينهن مورتي، هڪ ميز تي هڪ اڌوري تصوير ڇڏي، ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو هو ۽ ڀواني به گهر ۾ ڪانه هئي. انهيءَ وچ ۾ ڀوانيءَ جي ساهيڙي نلني ساڻس ملڻ آئي هئي ۽ ڀوانيءَ جي سس نلنيءَ کي انهيءَ ڪمري ۾ ويهاريو هو.

ڪجهه دير کان پوءِ نلني ڀوانيءَ جي سس کي هڪ ڪاغذ جو ٽڪر ڏيئي هلي ويئي. جڏهن ڀواني واپس آئي ته سسڻس اهو ڪاغذ ٽڪر کڻي کيس ڏنو. نلني لکيو هو: ”ڀواني تنهنجي ڪمري جي ميز تي جيڪا تصوير پيئي آهي، اها ڏسي توکي ذرو به شرم نٿو اچي؟ ڇا اهو تنهنجو فرض ناهي ته پنهنجي مڙس کي، جيڪو ههڙيون گنديون ۽ اگهاڙيون تصويرون ٺاهي ”عورت“ جي بيعزتي ۽ تذليل ڪرڻ کان مڙي نٿو، انهن حرڪتن کان باز رکين؟“

خط پڙهي ڀواني فيصلو ڪيو هو ته جڏهن شام جو مورتي گهر موٽندو  ته هوءَ سندس ايندي شرط راشن وٺي مٿس چڙهي ويندي. جڏهن سانجهيءَ ٽاڻي مورتي گهر آيو هو ته معمول کان به وڌيڪ خوش نظر آيو ٿي. هن ڪمري ۾ گهڙندي ئي چيو هو، ”ڀواني! منهنجي ڪم مان رسالي جو مالڪ ايڏو خوش ٿيو آهي جو پنجاهه رپيا ماهوار پگهار وڌايو اٿس.... اڙي، پر تنهنجو منهن لٿل ڇو آهي؟ منهنجي ترقي مان خوش ناهين؟“

”نه، بلڪل نه!“ ڀواني منجهيل آواز ۾ چيو، ”توهان پنهنجي پراڻي نوڪري ڪريو. هي نوڪري ڇڏي ڏيو. هي تصويرون تمام گنديون آهن. انهن کي ڏسڻ به پاپ آهي.“

”تون چري ته ناهين؟ ههڙي سٺي نوڪري ڇڏڻ جي صلاح ٿي ڏين. سچ پچ هن سال اندر پورا پنج سو پگهار ٿي ويندو.“ مورتي چيو.

”پر مون کي ههڙي نوڪري پسند ناهي. مون کي اها نوڪري اصل نٿي وڻي. توهان هي نوڪري.....“

ڀواني جو آواز ڀرجي آيو هو ۽ هوءَ پنهنجي ٻانهن ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي.

گاڏي رواني ٿي. جڏهن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ گاڏي مدراس سينٽرل اسٽيشن تي پهتي ته ڀواني ڏٺو ته مورتي کيس وٺڻ لاءِ پليٽفارم تي بيٺو هو. رستي تي ٻنهيءَ ۾ ڪا ڳالهه نه ٿي. پر جڏهن رات جو ٻئي نويڪلا ٿي ويٺا ته مورتي چيو، ”ڇو ڀواني، ڪهڙي ڳالهه آهي؟ تون اداس پيئي ڏسجين. پيڪن مان اچڻ تي دل نٿي ٿي؟“

ڀواني جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. هن ڀريل ڳلي سان چيو، ”عورتون منهنجي مڙس لاءِ بيعزتي جون ڳالهيون ڪن ته ڀلا مان خوش ڪيئين ٿي رهي سگهان؟“

”ڪير ٿو اهڙيون ڳالهيون ڪري؟“

”ڪير به ڪري، پر ڏسڻو اهو اهي ته جيڪا ڳالهه چئي وڃي ٿي، اها صحيح آهي يا نه؟ اڄ گاڏيءَ ۾ هڪ عورت توهان جي ٺاهيل تصوير جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون آهن، انهن جي تکاڻ مان اڃا تائين محسوس پيئي ڪريان. مان هٿ ٿي جوڙيان، توهان پنهنجي پراڻي نوڪري واپس وٺو. پگهار ڀلي گهٽ هجي، پر عزت جي زندگي ته هوندي. مان ڪنهن ٻئي جي مـُنهان توهان جي گلا ٻڌي نٿي سگهان. مان اهو برداشت نٿي ڪري سگهان ته پنهنجين ٺاهيل تصويرن جي آئيني ۾، توهان ٻين کي بي شرم ۽ بي حيا نظر اچو.“ ڀواني سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

مورتي ڪي کن ماٺ ڪيو بيٺو رهيو. سندس چهري مان ظاهر هو ته سندس سيني ۾ جذبات جو طوفان اڀري رهيو هو. ڪجهه دير پنهنجي زال ۽ ٻارن کي تڪڻ کان پوءِ، هن آهستگيءَ سان چيو، ”مون کي معاف ڪر ڀواني. تو مون کي پهريائين به صلاح ڏني هئي، پر مون سکي ۽ خوشحال زندگيءَ جي لالچ ۾، تنهنجين ڳالهين تي ڌيان نه ڏنو هو. خير هي پڪ سان چوان ٿو ته نئين نوڪري ڇڏي ڏيندس ۽ پراڻي نوڪري ڪندس، ڀلي پگهار گهٽ ملي.“

ٻئي ڏينهن جڏهن مورتي شام جو گهر آيو ته ڀواني مشڪندڙ منهن سان سندس آجيان ڪئي ۽ اشتياق ڀريل لهجي ۾ پڇيائين، ”ڇا ٿيو؟ ٺيڪ ٿي ويو نه؟“

”ها، مون نئين نوڪري تان استعيفا ڏيئي ڇڏي آهي ۽ پنهنجو حساب وٺي ڇڏيم. پر....“

”پر ڇا؟“

”پراڻي نوڪري مون کي نٿا ڏين.“

”ڇا مطلب؟“

”مطلب اهو آهي ته رسالي جو مالڪ، جتي پهرين ڪم ڪندو هئس، هاڻي مون کي ساڳي نوڪري ڏيڻ نٿو چاهي.“

”ڇو ڀلا؟“

”هنن پنهنجي رسالي جي اشاعت وڌائڻ لاءِ پاليسي مٽائي ڇڏي آهي. چون ٿا ته جيڪڏهن عام پڙهندڙن جي ذوق ۽ پسند جي پيش نظر اگهاڙيون تصويرون ٺاهڻ لاءِ تيار هجين ته بيشڪ اچي نوڪري ڪر، نه ته مجبور آهيون.“

ڀواني پنڊ پهڻ ٿي ديوار کي گهوريندي رهي.


 

 

 

 

        هيءَ ڪهاڻي ناهي           (پنجابي)

(امرتا پريتم)

پٿر ۽ چن گهڻو ئي هو، پر ٿورڙي جاءِ تي ڀت وانگي اڀري اڀا ٿي وڃن ها، ته گهر جون ڀتيون ٺهي سگهن ها، پر ٺهيون نه. اهي ڌرتيءَ تي ڦهلجي ويا، سڙڪن وانگي ۽ اهي ٻئي سموري ڄمار انهن سڙڪن تي هلندا رهيا.

سڙڪون هڪ ٻئي جي پاسي کان ڦٽنديون به آهن، هڪ ٻئي جي سرير کي چيري به گذرنديون آهن، هڪ ٻئي کان هٿ ڇڏائي گم به ٿي وينديون آهن. اهي هڪ ٻئي سان ملندا رهيا، پر رڳو تڏهن، جڏهن ڪڏهن ڪڏهن انهن جي پيرن هيٺان وڇايل سڙڪون هڪ ٻئي سان اچي ملي وينديون هيون.

گهڙي پل لاءِ شايد سڙڪون پڻ ڇرڪي بيهي رهنديون هيون، ۽ سندن پير به.

۽ تڏهن شايد ٻنهيءَ کي انهيءَ گهر جو ڌيان اچي ويندو هو، جيڪو ٺهيو نه هو.

ٺهي سگهيو ٿي، پوءِ ڇو نه ٺهيو؟ اهي ٻئي حيران ٿي پيرن جي هيٺان زمين ڏانهن ڏسندا هئا، ڄڻ اهي اِها ڳالهه زمين کان پڇي رهيا هجن.

۽ پوءِ اهي ڪافي دير زمين ڏانهن ائين ڏسڻ لڳندا هئا، ڄڻ اهي پنهنجي نظرن سان زمين ۾ اُنهيءَ گهر جو بنياد کوٽي وٺندا.

۽ ڪئين ڀيرا سچ پچ اتي جادوءَ جو گهر اڀري بيهي رهندو هو ۽ اهي ٻئي اهڙا سهج من ٿي ويندا هئا، ڄڻ ورهين کان انهيءَ گهر ۾ رهندا هجن.

اها انهن جي ڀرپور جواني جي ڏينهن جي ڳالهه ناهي، هاڻي جي ڳالهه آهي ته ”الف“ هڪ سرڪاري ميٽنگ لاءِ ”سين“ جي شهر ويئي. ”الف“ کي به وقت ”سين“ جيڏو سرڪاري عهدو ڏنو هو، ۽ هڪ جهڙي حيثيت وارا ماڻهو جڏهن ميٽنگ مان اٿيا ته سرڪاري آفيس ۾ ٻاهرين شهرن کان ايندڙن لاءِ واپسيءَ جا ٽڪيٽ تيار رکيا هئا. ’سين‘ اڳتي وڌي، ’الف‘ جو ٽڪيٽ ورتو، ۽ ٻاهر اچي کيس پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو.

پڇيائين: ”سامان ڪٿي آهي؟“

”هوٽل ۾.“

’سين‘ ڊرائيور کي پهرين هوٽل ۽ پوءِ گهر هلڻ لاءِ چيو.

’الف‘ تڪڙ نه ڪئي، پر اندازي تي چيائين، ”پلين ۾ رڳو ٻه ڪلاڪ باقي آهن، هوٽل مان ئي مشڪل سان ايئرپورٽ پهچنديس.“

”پلين سڀاڻي به ويندو، پرهين به، روز ويندو.“ ’سين‘ رڳو ايترو چيو، پوءِ رستي تي ڪجهه نه چيائين.

هوٽل مان سوٽ ڪيس کڻي گاڏيءَ ۾ رکيائين، ته هڪ ڀيرو ”الف“ وري چيو، ”وقت ٿورو آهي، پلين مِس ٿي ويندو.“

سين وراڻيو، ”گهر ۾ امان انتظار ڪندي هوندي.“

الف سوچيندي رهي ته شايد سين ماڻس کي انهيءَ ميٽنگ جو ڏينهن ٻڌائي ڇڏيو هو، پر هوءَ سمجهي نه سگهي ته ڇو ٻڌايو هئائين؟

’الف‘ هاڻي من ۾ اهو ’ڇو‘ پڇي ورتو، پر جواب جو انتظار نه  ڪيائين، کيس خبر هئي ته وٽس ڪو جواب نه هو. هوءَ ماٺ ڪري شيشي مان ٻاهر شهر جي عمارتن کي ڏسندي رهي.

ڪجهه دير کان پوءِ عمارتن جو سلسلو ٽٽي ويو. شهر کان پري جي آبادي اچي ويئي ۽ ڀرسان وڏن وڏن وڻن جون قطارون شروع ٿي ويون.

سمنڊ شايد ڀرسان ئي هو، ’الف‘ جو ساهه لوڻاٺيل ٿي ويو. کيس لڳو ته پام جي پنن وانگر سندس هٿن ۾ ڏڪڻي اچي ويئي هئي، شايد ’سين‘ جو گهر به هاڻي ويجهو هو.

وڻن ۽ ولين ۾ ويڙهيل هڪ ڪاٽيج جي ڀرسان پهچي گاڏي بيهي رهي. ’الف‘ به لٿي، پر ڪاٽيج جي اندر ويندي هڪ پل لاءِ ٻاهر ڪيلن جي وڻن ڀرسان بيهي رهي. دل چيس، پنهنجا ڪنبندڙ هٿ هتي ٻاهر ڪيلن جي ڪنبندڙ پنن جي وچ ۾ رکي ڇڏي. هوءَ ’سين‘ سان گڏ اندر ڪاٽيج ۾ وڃي سگهي ٿي، پر هٿن جي اتي ضرورت نه هئي.

امان شايد گاڏيءَ جو آواز ٻڌي ورتو هو، هوءَ ٻاهر آئي ۽ هميشه وانگي ’الف‘ جو مٿو چمي چيائين، ”اچ، ڌيءَ.“

هن ڀيري ’الف‘ گهڻن ڏينهن کان پوءِ امان سان ملي هئي، پر امان سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي، ڄڻ مٿي تان ورهين جو بار لاهي ڇڏيو هجيس، کيس اندر وٺي وڃي وهاريندي چيائين، ”ڇا پيئندينءَ، ڌيءَ؟“

’سين‘ به تيستائين اندر اچي ويو هو، امان کي چوڻ لڳو، ”اول چانهه ٺاهه، پوءِ ماني.“

’الف‘ ڏٺو، ڊرائيور گاڏيءَ مان سندس سوٽ ڪيس اندر کڻي اچي رهيو هو. هن ’سين‘ ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين، ”تمام ٿورو وقت آهي، مشڪل سان ايئرپورٽ پهچنديس.“

’سين‘ ڊرائيور کي چيو، ”سوير وڃي پرهين جو ٽڪيٽ وٺي اچج.“ ۽ ماءُ کي چيائين، ”تون چوندي هئينءَ ته منهنجن ڪجهه دوستن کي مانيءَ تي سڏڻو آهي، تن کي سڀاڻي سڏي وٺ.“

’الف‘، ’سين‘ جي کيسي ڏانهن ڏٺو، جنهن ۾ سندس واپسيءَ جو ٽڪيٽ پيو هو، چيائين: ”پر هي ٽڪيٽ اجايو ضايع ٿيندو.“

ماڻس رڌڻي ڏانهن ويندي بيهي رهي ۽ ’الف‘ جي ڪلهي تي پنهنجو هٿ رکي چوڻ لڳي: ”ٽڪيٽ جو ڇا آهي، ڌيءَ! ايترو چوي ٿو، ترسي پؤ.“

پر ڇو؟ ’الف‘ جي من ۾ آيو، پر ڪڇي ڪانه. ڪرسيءَ تان اٿي ڪمري جي اڳيان ورانڊي ۾ وڃي بيهي رهي. سامهون پري تائين پام جا وڏا وڏا وڻ هئا. سمنڊ پري هو. ان جو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو، پر وڻ ڏسڻ ۾ پئي آيا. ’الف‘ کي لڳو، رڳو اڄ جو ’ڇو‘ نه، سندس زندگيءَ جا ڪيترائي ’ڇو‘، سندس من جي سمنڊ جي ڪناري، انهن پام جي وڻن وانگر اڀريل آهن ۽ انهن جا پن ورهين کان هوا ۾ ڪنڀي رهيا آهن.

’الف‘ مهمانن وانگر چانهه پيتي، رات جي ماني کاڌي، ۽ گهر جي وهنجن جي جاءِ جو پڇي، رات جو سمهڻ ويل پائڻ وارا ڪپڙا بدلايا. گهر ۾ هڪ ڊگهي بيٺڪ هئي، ڊرائنگ، ڊائننگ ۽ ٻه ٻيا ڪمرا هئا. هڪ ’سين‘ جو ۽ ٻيو ماءُ جو. ماءُ ضد ڪري پنهنجو ڪمرو ’الف‘ کي ڏنو، ۽ پاڻ بيٺڪ ۾ سمهي پيئي.

’الف‘ سامهون واري ڪمري ۾ هلي ويئي، جتي ڪيتري ئي دير جهجهڪي بيٺي رهي ۽ سوچيندي رهي: ’مان بيٺڪ ۾ هڪ ٻه راتيون مسافرن وانگر رهان ها ته ٺيڪ هو، هي ڪمرو امان جو آهي، امان کي ئي رهڻ گهرجي ها.‘

سمهڻ واري ڪمري جي پلنگ، پردن ۽ المارين ۾ هڪ گهري قسم جي بوءِ هوندي آهي. ’الف‘ انهيءَ جو هڪ ڍڪ ڀريو. پر وري پنهنجو ساهه روڪي ورتائين، ڄڻ پنهنجي ساهه کان ڊڄندي هجي.

ڀر وارو ڪمرو ’سين‘ جو هو. گهڙي کن اڳ ’سين‘ مٿي جي سور جي شڪايت ڪئي هئي، ننڊ جي گوري کاڌي هئائين، هيستائين شايد سمهي پيو هو. پر ڀر واري ڪمري جي به هڪ بوءِ هوندي آهي، ’الف‘ هڪ ڀيرو انهيءَ جو به هڪ ڍڪ ڀرڻ گهريو، پر ساهه روڪيل رهيو.

پوءِ ’الف‘ جو ڌيان الماريءَ جي ڀرسان هيٺ فرش تي پيل پنهنجي سوٽ ڪيس ڏانهن ويو، ۽ کيس کل اچي ويئي. هي ڏسو، منهنجو سوٽ ڪيس، مون کي ساري رات منهنجي مسافريءَ جي ياد ڏياريندو رهندو.

۽ هوءَ سوٽ ڪيس ڏسندي، ٿڪجي، وهاڻي تي ڪنڌ رکي سمهي پيئي.

نه ڄاڻ ڪڏهن ننڊ اچي ويس، سمهي اٿي ته ڏينهن چڱو چڙهي آيو هو. بيٺڪ ۾ رات جو ٿيڻ واري دعوت جي هلچل هئي. هڪ ڀيرو ته ’الف‘ اکيون ڇنڀيندي رهجي ويئي. بيٺڪ جي سامهون ’سين‘ بيٺو هو. چيڪ جي نيري رنگ جي ڌوتي پاتل هئس. کيس هميشه ڏينهن ۾ ڏٺو هئائين، ڪنهن سڙڪ جي ڪناري، ڪنهن ڪيفي ۾، هوٽل ۾، يا ڪنهن سرڪاري ميٽنگ ۾. سندس هيءَ سڃاڻپ ڏاڍي نئين لڳس، جيڪا اکين ۾ اٽڪي ويئي.

’الف‘ کي به انهيءَ وقت نائيٽ سوٽ پاتل هو، پر ’الف‘ بيٺڪ ۾ اچڻ کان اڳ، انهيءَ تي ڌيان نه ڏنو هو. هاڻي ڌيان آيس ته پنهنجو پاڻيهي عجيب لڳڻ لڳس. ساڌارڻ مان اساڌارڻ ٿيندي لڳس.

بيٺڪ ۾ بيٺل ’سين‘، ’الف‘ کي ايندو ڏسي چوڻ لڳو، ”هي ٻه صوفا آهن، انهن کي ڊگهائي جي رخ تي رکون؟ وچ ۾ جاءِ کليل رهندي.“

’الف‘ صوفي کي کڻڻ ۾ مدد ڪئي. ننڍين ميزن کي کڻي ڪرسين جي وچ ۾ رکيائين. پوءِ امان رڌڻي مان سڏيو ته ’الف‘ چانهه کڻي ميز تي رکي.

چانهه پي ’سين‘ کيس چيو، ”هلو هاڻ ماڻهن کي سڏڻو آهي، انهن جي گهر هلڪي کين چئي اچون، ۽ موٽنڊي ڪجهه ميوو وٺندا اچون.“

ٻنهي پراڻن واقفڪار دوستن جي گهر وڃي در کڙڪايو، دعوت ڏني، رستي تي شيون خريد ڪيائون، پوءِ واپس اچي منجهند جي ماني کاڌائون ۽ پوءِ بيٺڪ کي گلن سان سينگارڻ ۾ لڳي ويا!

ٻنهي رستي تي ساڌارڻ ڳالهيون ڪيون هيون. ميوو ڪهڙو ڪهڙو وٺڻو آهي؟ پان وٺڻا آهن يا نه؟ ڊرنڪس لاءِ ڪباب ڪيترا وٺون؟ فلاڻي جو گهر رستي ۾ پوي ٿو، کيس به سڏيون؟ ۽ اهي سڀ ڳالهيون اهڙيون نه هيون، جيڪي ستن ورهين کان پوءِ ملندڙ ڪندا آهن.

’الف‘ کي سوير دوستن کي گهر تي پهريون ٻيو سڏ ڏيندي وقت رڳو ٿوري پريشاني محسوس ٿي هئي. اهي بيشڪ ’سين‘ جا دوست هئا، پر هڪ ڊگهي عرصي کان ’الف‘ کي سڃاڻندا هئا، دروازو کولڻ تي ٻاهر کيس ’سين‘ سان گڏ ڏٺائون ٿي ته حيران ٿي چيائون ٿي: ”اوهان!“

پر جڏهن اهي اڪيلا گاڏيءَ ۾ ويٺا ٿي تي کلي ڏنائون ٿي. ڏٺه، ڪيڏو حيران ٿي ويو، کانئس ڳالهايو نه پئي ويو.

۽ پوءِ، هڪ ٻن ڀيرن کان پوءِ، دوستن جي حيراني به سندن ساڌارڻ ڳالهين ۾ شامل ٿي ويئي. ’سين‘ وانگيان ’الف‘ هاڻي سهج من سان کلڻ لڳي.

شام جي وقت ’سين‘ ڇاتيءَ جي سور جي شڪايت ڪئي. ماڻس ڪٽوريءَ ۾ برانڊي وڌي ۽ ’الف‘ کي چيائين: ”هان وٺ ڌيءَ، هيءَ برانڊي هن جي ڇاتيءَ تي مليس.“

انهيءَ وقت شايد ايترو ڪجهه سهج ٿي ڇڪو هو، ’الف‘، ’سين‘ جي قميص جا مٿيان بٽڻ کوليا ۽ هٿ سان سندس ڇاتيءَ تي برانڊي ملڻ لڳي.

ٻاهر پام جي وڻن جا پن ۽ ڪيلي جا پن اڃان تائين ڪنبي رهيا هئا، پر ’الف‘ جي هٿ ۾ ڪنبڻي نه هئي. هڪ دوست وقت کان اڳ اچي ويو هو، ’الف‘ برانڊيءَ ۾ پسايل هٿن سان سندس آڌر ڀاءُ ڪندي کيس نمسڪار به ڪيو ۽ پوءِ ڪٽوريءَ ۾ هٿ وجهي، باقي بچيل برانڊي ’سين‘ جي ڳچيءَ تي ملي ڇڏي، ڪلهن تائين.

هوريان هوريان ڪمرو مهمانن سان ڀرجي ويو. ’الف‘ فرج مان برف ڪڍندي رهي ۽ سادو پاڻي ڀري فرج ۾ رکندي رهي. وچ وچ ۾ رڌڻي ڏانهن به ويندي رهي. ٿڌا ڪباب وري گرم ڪري کڻي ويندي رهي. رڳو هڪ ڀيرو جڏهن ’سين‘، ’الف‘ جي ڪن ۾ چيو، ”ٽي چار ته اهي به اچي ويا آهن، جن کي سڏيو نه هيوسين.، ضرور ڪنهن دوست چيو هوندن، توکي ڏسڻ لاءِ اچي ويا آهن.“

محفل گرم ٿي، رات ٿڌي ٿي، ۽ جڏهن لڳ ڀڳ آڌي رات جي وقت سڀ هليا ويا ته ’الف‘ سمهڻ واري ڪمري ۾ وڃي پنهنجي سوٽ ڪيس مان رات جا ڪپڙا ڪڍي پائڻ لڳي. سڙڪن تي ٺهيل جادو جو گهر هاڻي ڪٿي به نه هو.

اهو جادوءَ جو گهر هن ڪيترائي ڀيرا ڏٺو هو.... ٺهندي، ڊهندي به، انهيءَ ڪري هوءَ حيران نه هئي. رڳو ٿڪل ٿڪل وهاڻي تي مٿو رکي سوچڻ لڳي. ڪڏهن جي ڳالهه آهي.... شايد پنجويهه ورهيه ٿيا: ’الف‘ ڪنهن سڙڪ تان آئي هئي، ’سين‘ ڪهڙي سڙڪ تان آيو هو، ٻئي پڇڻ ڀلجي ويا هئا ۽ ٻڌائڻ به. اهي نگاهه هيٺ ڪري زمين ۾ بنياد کوٽي رهيا هئا، ۽ پوءِ اتي جادو جو هڪ گهر جڙي راس ٿي ويو ۽ اهي سهج من سان سڄو ڏينهن انهيءَ گهر ۾ رهڻ لڳا.

پوءِ جڏهن ٻنهيءَ جي سڙڪن کين سڏيو ته اهي پنهنجي پنهنجي سڙڪ ڏانهن ويندي حيران ٿي بيهي رهيا. ڏٺائون: ٻنهي سڙڪن جي وچ ۾ هڪ اونهي کاهي آهي. ’سين‘ ڪافي دير تائين انهيءَ کاهي ڏانهن ڏسندو رهيو، ڄڻ ’الف‘ کان پڇندو هجي ته هن کاهيءَ کي تون ڪيئن پار ڪندين؟ ’الف‘ ڪڇي ڪجهه به نه، پر ’سين‘ جي هٿ ڏانهن ڏٺو هئائين، ڄڻ چئي رهي هجي: تون هٿ جهلي پار اڪار، مان ڌرم جي هي کاهي پار اُڪري وينديس.

پوءِ ’سين‘ جو ڌيان ’الف‘ جي هٿ ڏانهن هليو ويو: ’الف‘ جي آڱر ۾ هيري جي هڪ منڊي چمڪي رهي هئي. ’سين‘ ڪافي دير تائين ڏسندو رهيو، ڄڻ پڇندو هجي: ”تنهنجي آڱر ۾ هي جيڪو قانون جو ڌاڳو ويڙهيل آهي، مان انهيءَ کي ڇا ڪندس؟“ ’الف‘ پنهنجي آڱر ڏانهن ڏٺو هو ۽ هوريان کلي پيئي هئي، ڄڻ چوندي هجي: ”تو هڪ ڀيرو چيو هو، مان قانون جو هي ڌاڳو نهن سان کولي وٺنديس. نَهن سان، اهو نه کلندو ته ڏندن سان کولي وٺندس.“

پر ’سين‘ چپ رهيو هو، ۽ ’الف‘ به چپ رهجي ويئي هئي. پر ڄڻ سڙڪون هڪ ئي جاءِ تي بيهي به هلنديون رهيون، اهي پڻ هڪ هنڌ تي بيهي هلندا رهيا.

پوءِ هڪ ڏينهن ’سين‘ جي شهر ڏانهن ويندڙ سڙڪ، ’الف‘ جي شهر ۾ اچي ويئي هئي ۽ ’الف‘، ’سين‘ جو آواز ٻڌي پنهنجي هڪ ورهيه جي ٻار کي کنيو هو، ۽ ٻاهر سڙڪ تي هن جي ڀرسان اچي بيهي رهي هئي. ’سين‘ هوريان هٿ وڌائي سمهيل ٻار کي ’الف‘ کان ورتو ۽ پنهنجي ڪلهي سان لڳائي ڇڏيو ۽ پوءِ اهي سڄو ڏينهن انهيءَ شهر جي سڙڪن تي هلندا رهيا.

اهي سندن ڀرپور جوانيءَ جا ڏينهن هئا، هنن لاءِ نه گرمي هئي، نه سردي ۽ پوءِ جڏهن چانهه پيئڻ لاءِ اهي هڪ ڪيفي ۾ ويا ته بئري هڪ مرد، ۽ هڪ عورت، ۽ ٻار کي ڏسي هڪ الڳ ڪنڊ ۾ ڪرسيون صاف ڪيون هيون ۽ ڪيفي جي انهيءَ الڳ ڪنڊ ۾ هڪ جادو هو گهر ٺهي تيار ٿي ويو هو.

۽ هڪ ڀيري- اوچتو هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ سندس ملاقات ٿي ويئي هئي. ’سين‘ به هو، ماڻس به هئي ۽ ’سين‘ جو هڪ دوست پڻ. ’الف‘ جي سيٽ تمام پري هئي، پر ’سين‘ جي دوست ساڻس سيٽ مٽائي هئي ۽ سندس سوٽ ڪيس کڻي ’سين‘ جي سوٽ ڪيس جي ڀرسان رکي ڇڏيو هو. گاڏيءَ ۾ ڏينهن جي وقت ٿڌ نه هئي، پر رات ٿڌي هئي. ماڻس ٻنهيءَ کي هڪ ڪمبل ڏنو هو، اڌ ’سين‘ جي لاءِ، اڌ ’الف‘ جي لاءِ ۽ هلندڙ گاڏيءَ ۾ انهن جي ڪمبل جا ڇيڙا جادوءَ جي گهر جون ديوارون بنجي ويا هئا.

جادوءَ جون ديوارون ٺهنديون هيون ۽ ڊهنديون هيون ۽ نيٺ انهن جي وچ ۾ کنڊرن جهڙي خاموشيءَ جو هڪ ڍڳ لڳي ويندو هو.

’سين‘ جو ڪوئي ٻنڌن نه هو. ’الف‘ کي هو، پر هوءَ ٽوڙي سگهي ٿي، پوءِ اهو ڇا هو جو اهي سموري ڄمار سڙڪن تي هلندا رهيا.

”هاڻي ته ڄمار گذري ويئي.“ ’الف‘ ڄمار جي گذرندڙ ڏينهن جي باري ۾ سوچيو ۽ هاڻي جي سرد ڏينهن جي باري ۾ به. لڳس: سمورا ڏينهن، سمورا ورهيه، پام جي پنن وانگيان هوا ۾ بيٺا ڪنبي رهيا هئا.

گهڻا ڏينهن ٿيا، هڪ ڀيري ’الف‘ ورهين جي ماٺ ٽوڙي پڇيو هو، ”تون ڳالهائين ڇونٿو؟ ڪجهه به نٿو چوين. ڪجهه ته چؤ!“

پر هو کلي پيو هو، چوڻ لڳو، ”هتي روشني گهڻي آهي، هر هنڌ روشني ٿي هجي، مون کان روشنيءَ ۾ ڳالهايو نٿو ٿئي.“

۽ ’الف‘ جي من چيو هو، ”هو هڪ ڀيرو سج کي جهلي وسائي ڇڏي.“

سڙڪن تي رڳو ڏينهن چڙهندا آهن. راتيون ته گهرن ۾ هونديون آهن. پر گهر ڪو هو ڪونه، انهيءَ ڪري رات به ڪٿي نه هئي. هن وٽ ته رڳو سڙڪ هئي، ۽ سج هو، ۽ ’سين‘ سج جي روشنيءَ ۾ ڳالهائيندو نه هو.

هڪ ڀيرو ڳالهايو هئائين.

هو ماٺ ويٺو هو، جڏهن ’الف‘ پڇيو هئس، ”ڇا پيو سوچين؟“ ته هن ڳالهايو هو، ”سوچيان ٿو، ڇوڪرين سان فلرٽ ڪريان، ۽ توکي ڏکي ڪريان.“

پر انهيءَ ريت شايد ’الف‘ ڏکي نه، سکي ٿي وڃي ها، انهيءَ ڪري ’الف‘ به کلڻ لڳي هئي ۽ ’سين‘ به. ۽ پوءِ هڪ ڊگهي ماٺ.

ڪئين ڀيرا ’الف‘ جي من ۾ ايندو هو ته هٿ اڳيان وڌائي، ’سين‘ کي سندس خاموشيءَ مان ٻاهر کڻي اچي. انهيءَ حد تائين، جتي دل جو درد آهي. پر هوءَ پنهنجا هٿ رڳو ڏسندي رهجي ويئي، هن هٿن سان ڪڏهن ڪجهه ڪيو نه هو.

هڪ ڀيري ’سين‘ چيو هو: ”هلو چين هلون!“

”چين؟“

”هلنداسين، پر واپس نه اينداسين.“

”پر چين ڇو؟“

اها ”ڇو“ به شايد پام جي وڻ وانگيان هئي، جنهن جا پن وري هوا ۾ ڪنبڻ لڳا.

اُنهيءَ مهل ’الف‘ وهاڻي تي مٿو رکيو هو، پر ننڊ نه پئي آيس. ’سين‘ ڀر واري ڪمري ۾ سمهيو پيو هو، شايد ننڊ جي گوري کائي.

’الف‘ کي نه پنهنجي جاڳڻ تي ڪاوڙ آئي، نه ’سين‘ جي ننڊ تي. هوءَ رڳو اهو سوچي رهي هئي ته اهي سڙڪن تي هلندي جڏهن به ڪڏهن ملي وڃن ٿا ته اتي گهڙي پهر لاءِ هڪ جادوءَ جو گهر ڇو ٺهي بيهي رهي ٿو.

’الف‘ کي کل اچي ويئي. تپندڙ جوانيءَ جي وقت ته ائين ٿيندو هو، ٺيڪ آهي، پر هاڻي ڇو ٿو ٿئي؟ اڄ ڇو ٿيو؟

اهو خبر ناهي ڇا هو، جو عمر جي چنبي ۾ نه اچي رهيو هو

باقي رات خبر ناهي ڪڏهن گذري ويئي، هاڻي در تي هوريان ٺڪاءُ ڪندي ڊرائيور چئي رهيو هو، ”ايئرپورٽ وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“

’الف‘ ساڙهي پاتي، سوٽ ڪيس کنيو، ’سين‘ به جاڳي پنهنجي ڪمري مان اچي ويو ۽ ٻئي ڄڻا انهيءَ در ڏانهن وڌيا، جيڪو ٻاهر سڙڪ ڏانهن کليو ٿي.

ڊرائيور ’الف‘ جي هٿ مان سوٽ ڪيس وٺي ڇڏيو هو. ’الف‘ کي پنهنجا هٿ وڌيڪ خالي لڳا. هوءَ چانئٺ تي ڄڻ اٽڪي بيهي رهي، پوءِ جلدي اندر ويئي ۽ بيٺڪ ۾ سمهيل ماءُ کي خالي هٿن سان پرڻام ڪري ٻاهر اچي ويئي.

پوءِ ايئرپورٽ واري شرڪ شروع ٿي ويئي، ختم ٿيڻ تي به اچي ويئي، پر ’سين‘ به ماٺ هو، ’الف‘ به.

اوچتو ’سين‘ چيو، ”تون ڪجهه چوڻ پيئي چاهين؟“

”نه.“

۽ هوءَ وري ماٺ ٿي ويئي.

پوءِ ’الف‘ کي لڳو- شايد ’سين‘ کي به- ته گهڻو ڪجهه چوڻ لاءِ هو، گهڻو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ، پر گهڻي دير ٿي ويئي هئي، پر هاڻي سمورا لفظ زمين ۾ پيهي ويا هئا- پام جا وڻ بنجي ويا هئا ۽ من جي سمنڊ ڀرسان لڳل انهن وڻن جا پن شايد تيستائين ڪبندا رهندا، جيستائين هوا گهلندي رهندي.

ايئرپورٽ اچي ويو ۽ پيرن هيٺان ’سين‘ جي شهر جي سڙڪ ٽٽي ويئي.

هاڻي سامهون هڪ نئين سڙڪ هئي، جيڪا هوا مان گذري ’الف‘ جي شهر جي هڪ سڙڪ سان ملڻ لاءِ ويئي ٿي ۽ اتي، جتي ٻه سڙڪون هڪ ٻئي جي پاسي کان نڪرن ٿيون، ’سين‘ هوريان ’الف‘ کي پنهنجي گلي سان لڳائي ڇڏيو. پوءِ اهي ٻئي ڪنبندي، پيرن هيٺان زمين کي اهڙي طرح ڏسڻ لڳا، ڄڻ کين انهيءَ گهر جو ڌيان اچي ويو هجي، جو ٺهيو نه هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com