سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :5

 

 

ڏينهن ڏٺي جو سپنو           (تامل)

(ايل- ايس- راما مرٿم)

 

ڳالهه اها آهي جو ٻين وانگي مون کي گهڻو ڳالهائڻ نٿو اچي.

ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جو معمولي ڳالهه کي لوڻ مرچ لڳائي ڪجهه اهڙيءَ طرح پيش ڪندا آهن، جو انهن جي ڳالهين تي ويساهه اچي ويندو آهي ۽ ٻڌندڙ به خوش ٿيندا آهن.

مون سان ڏکيائي اها آهي جو جيڪي ڪجهه منهنجي ذهن ۽ دل ۾ هوندو آهي، انهيءَ جو اظهار اختصار سان ڪري سگهندو آهيان. وڌ ۾ وڌ اهو ته جيڪڏهن منهنجي ذهن ۾ چار ڳالهيون هونديون ته مان سليقي سان هڪ ئي ڳالهه ادا ڪري سگهندس. انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو منهنجو تجربو ۽ مشاهديو ٻين کان گهٽ آهي، پر اها پنهنجي پنهنجي صلاحيت جي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي خبر گهٽ هوندي آهي، پر ڳالهائيندا گهڻو آهن. مون کي خبر وڌيڪ آهي، پر مان ڳالهائيندو گهٽ آهيان. مان ڄاڻي واڻي ائين نه ڪندو آهيان، دراصل مون کان گهڻو ڳالهايو نه ٿيندو آهي.

ڳالهه ڪا اهم ناهي.

مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس. ايتري پري جو سفر به نه، بس آفيس ڏانهن پئي ويس. ڀلا آفيس وڃان يا ٻئي ڪنهن هنڌ، مان ايڏو وڏو ماڻهو ته ناهيان جو ماڻهو منهنجي ڪٿي وڃڻ جو نوٽيس وٺن.

مان ته هڪ معمولي ماڻهو آهيان. صبح جو اُٿي، ڪافيءَ جو هڪ ڪوپ پيئندو آهيان، پوءِ بازار ويندو آهيان، سودو وغيره وٺي، ان کان پوءِ جلدي جلدي آفيس وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳندو آهيان. واپسيءَ تي سير جي خيال کان سمنڊ جي ڪناري هليو ويندو آهيان، جتي ڪجهه دير گهمي ڦري، گهر جو رستو وٺندو آهيان. گهر ۾ هر روز زال جون گاريون ٻڌندو آهيان، ڇو جو مان هر روز رات جو دير سان گهر پهچندو آهيان.

بس، اهوئي چڪر آهي جيڪو هميشه کان هلي رهيو آهي. ڄڻ مان پڻ گهاڻي جو ڍڳو هجان، جيڪو گهمي ڦري هڪ ئي هنڌ تي پهچندو آهي. انهيءَ چڪر کان ڇوٽڪارو شايد ناممڪن آهي.

جيڪڏهن اُنهيءَ معمول ۾ ٿوري به تبديلي اچي وڃي ته مون کي سچ پچ خوشي ٿيندي آهي، پر تبديلي ڪيئن ٿي اچي سگهي؟

زال جي هنج مان اجهو هاڻي هڪ ٻار هيٺ لٿو آهي. هو هميشه گهر کان ٻاهر هليو وڃي ٿو، گهٽيءَ ۾ کيڏڻ، مٽي کائڻ ۽ سڄي رات دانهون ڪرڻ. هڪ ٻار زال جي هنج ۾ آهي. شايد هڪ ٻيو اچڻ لاءِ سوچي رهيو آهي. ٻڌو اٿم، ٽيون مهينو اٿس. هڪ طرف ايترو بار ۽ ٻئي طرف مان اڪيلو، فضا ۾ اڏامڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڪيڏو زبردست تضاد آهي!

اوهان ڏٺو، بس منههنجي ڪمزوري اهائي آهي. ڇا ٿي چوڻ چاهيم ۽ ڇا چئي ويس. ها، چڱو ياد آيم، مان پنهنجي بس جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هئس. ها، ته ڳالهه اها آهي ته هڪ ڀيري مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس، يعني بس ۾ پنهنجي آفيس ڏانهن وڃي رهيو هئس.

اوهان کي ته خبر ئي آهي ته هن زماني ۾ بس جو سفر ڪيڏو مشڪل آهي ۽ اهو به جڏهن ڪا نئين فلم لڳي ٿي ته پوءِ هڪ بس ڄڻ مها گلم ميلي جو منظر پيش ڪري ٿي. بس ۾ گهڙڻ، کير جي ندي وهائڻ کان گهٽ نه هو. جيئن تيئن ڪري نيٺ مان اندر پهچي ئي ويس، جتي بيهڻ مشڪل هو. خوش قسمتيءَ سان اتي مون کي ويهڻ لاءِ جاءِ ملي ويئي هئي. هاڻي سچ پچ مون کي پنهنجيءَ قسمت تي رشڪ اچڻ لڳو هو.

بس رواني ٿي. بس، جيڪا پنهنجي ٻڍاپڻ جو روئڻو روئي رهي هئي، هڪ هنڌ بيٺي ئي هئي ته ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ مٿس حملو ڪري ڏنو. ماڻهو اندر گهڙي آيا، ڄڻ ماڻهو نه هئا، سمنڊ جي هڪ تيز لهر هئي، جيڪا اندر داخل ٿي هئي. انهيءَ وهڪري ۾ هڪ جوان عورت به اندر داخل ٿي ۽ منهنجي ڀر واريءَ سيٽ تي ويهي رهي. سندس رنگ ڪارو ئي ٿي سگهي ٿو. عمر ارڙهن- ويهه ورهيه کن هوندي. ڪنن ۾ هيرن جا ٻندا ۽ ڳچيءَ ۾ سونو هار، نيري رنگ جي ساڙهي، جنهن جو پلئه ڳاڙهي رنگ جو هو، مٿس خوب ٺهي رهيو هو. سندس چهري تي عجيب رونق هئي. هڪ اهڙي ڪشش هئي، جنهن کان ماڻهو متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهيو.

اسان ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ڏسڻ اتفاقي هجي. گڏهه پڻ ڪڏهن ڪڏهن ديوارن جي ڀرسان بيهي ديوارن تي لڳل استهارن کي ڏسندو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ته نه هوندو آهي ته هو انهن پوسٽرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڏسڻ ته بس هڪ فطري عمل آهي.

مون کي اها به خبر نه هئي ته هو ڪهڙي مذهب ۽ ڪهڙي خاندان جي هئي. تمام اهم ڳالهه، جيڪا مان هاڻي چوڻ چاهيان ٿو، اها هيءَ آهي ته سندس موت منهنجي ئي هنج ۾ ٿيو. مان اڃا تائين انهيءَ حادثي مان پاڻ سنڀالي نه سگهيو آهيان.

اوچتو سندس چهري تي پگهر جا ڦڙا ڏسڻ ۾ آيا. پوءِ سندس چهري جو رنگ پيلو پئجي ويو، ۽ هوريان هوريان هوءَ منهنجي هنج ۾ ڊهي پئي. اوچتو مون کان دانهن نڪري وئي. مون کيس مضبوطيءَ سان جهلي ورتو. نبض ڏٺم، پر اتي ته ڪجهه به ڪين هو. ڳالهه ٻولهه جو موقعو ئي ڪٿي مليو هو. شايد دل بند ٿي وئي هيس. موت ڀلا ڪنهن جو انتظار ٿو ڪري! هاڻي مان ڇا ٻڌايان ته بس ۾ ٻيو ڇا ڇا ٿيو.

منهنجي دانهن ڪرڻ تي بس بيهاري وئي. ماڻهو هيٺ لهڻ لڳا. منجهانئن هڪ نوجوان، جيڪو شايد سندس مڙس هو، سندس ڇاتيءَ تي هٿ رکيو، پر هوءَ هئي ئي ڪٿي! بس سندس بي جان لاش پيو هو. ٽيڪسيءَ جي ڳولا ڪئي ويئي. اوهان کي ته خبر آهي ته ڳولا ڪرڻ تي ٽيڪسي به ڪڏهن نٿي ملي ۽ ضرورت نه هجي ته هزارين ٽيڪسيون اوهان جي سامهون لنگهي وينديون. زندگيءَ جو چڪر به ڪجهه اهڙو ئي آهي. ضرورت تي هر معمولي شيءِ به ناياب ٿي ويندي آهي.

سندس مڙس جي ڄمار پنجويهه ورهيه کن هوندي. گهرو رنگ، خوبصورت چهرو، سچ پچ ڏاڍو ٺهڪندڙ جوڙو هو.

مان آفيس پهتس پر ڪم ۾ دل نه لڳي. ٽي وڄي رهيا هئا ته مون موڪل ورتي ۽ هيٺ لهي آيس. هاڻي پير پاڻمرادو سمنڊ ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا. اڄ سمنڊ ڪناري به اداسي ڇانيل هئي. اس جي تکاڻ ڪري سمورو جسم سڙي رهيو هو. منهنجي ذهن ۾ بس اهائي ڇوڪري سمايل هئي.

ڀريل جسم، اڃا عمر ئي ڇا هيس! گهر ٻار جي جهنجهٽ کان شايد اڃا تائين آزاد تي رهي هجي. ڪيڏا امنگ کڻي، هن زندگيءَ جي شروعات ڪئي هوندي. ڇا مرڻ لاءِ کيس منهنجي ئي هنج کان سواءِ ٻيو ڪو هنڌ نٿي مليو؟ نه ڄاڻان، اڄ منهنجي دل ۾ اهڙا اهڙا خيال ڇو جاڳي اٿيا هئا. ماڻهو مون کي پاڳل ته نه سمجهندا؟

مان ڪناري تي چپ چاپ پسار ڪري رهيو هئس. سمنڊ جون لهرون منهنجي پيرن کي ڇهي آلو ڪري رهيون هيون. ڇا لهرون منهنجي دل جو بار هلڪو ڪري سگهن ٿيون؟

مان ڪناري تي پسار ڪري رهيو هئس؛ اڄ صبح جي حادثي جي ڳالهه تي غور ڪري رهيو هئس ۽ واقعي کي هر رخ کان ورجائي رهيو هئس. شايد مون سندس ڳل ڇهيا هئا. ها رڳو اهو ڄاڻڻ لاءِ ته منجهس گرمي آهي به يا نه. ڇا ايترو جلدي گرمي هلي ويندي آهي؟ سندس جسم ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي هئي. چهرو سون وانگر چمڪي رهيو هئس. ها رڳو مٿي جا وار وکري ويا هئا.

خبر ناهي، ته هن سينڌ سڌي ڪڍي هئي يا پاسي کان، مون غور ته ڪيو هو پر ٿي سگهي ٿو، مون کي ياد نه ايندو هجي.

هاڻي ڀلا انهن ڳالهين مان ڪهڙو فائدو! جيڪڏهن ياد اچي به ويو ته ڇا ٿيندو؟ اها ڪير به ڇو نه هجي، نيٺ سڀني بسن کي ڇڏي، هوءَ هن بس ۾ ئي ڇو ڇڙهي هئي؟ بس ۾ ٻيا ماڻهو به ته هئا. سندس مڙس به هو، پر منهنجي هنج کي هن مرڻ لاءِ ڇو پسند ڪيو هو. ائين لڳي ٿو ته هڪ وساريل ڪڙي ياد اچي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته گذريل جنم ۾ اسان ٻئي هڪ ٻئي سان منسوب رهيا هجون، ٿي سگهي ٿو.

تقدير..... ها، انهيءَ کي قسمت يا تقدير چوندا آهن. هاڻي مان انهيءَ حادثي کي افسانو بنائڻ نٿو چاهيان. جيڪڏهن مان افسانو بنائڻ جي ڪوشش به ڪندس ته مون تي اعتبار ڪير ڪندو.

انهيءَ کي به دشينت شڪنتلا، نل دمينتي، ستيوان ساوتري، پرٿوي راج سميڪتا جي ڪهاڻين ۾ شمار ڪرڻو پوندو. اهڙي ڪهاڻي، جيڪا ڪڏهن وساري نٿي سگهجي. انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ پڻ منهنجي شادي نه ٿي آهي، مان گهر ٻار جي جنجال ۾ ڦاٿو ناهيان. مان سندس ٻار جو پيءُ به ناهيان، جو پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ هميشه روئندو رڙندو ۽ منهنجي ننڊ حرام ڪندو هجي. مان انهيءَ ٻار جو پيءُ به ناهيان، جنهن اڄ تائين جنم نه ورتو آهي، پر جنهن جي اچڻ جي فڪر ۾ رات ڏينهن ڳرندو پيو وڃان. منهنجي پنهنجي زال به، منهنجي پنهنجي زال ناهي. اسان ته بس ٻه آهيون: ”مان“ ۽ منهنجي هنج ۾ مئل ”هوءَ“. شايد اسان ٻئي پکيئڙا بنجي آسمان جي اوچاين تي اڏري رهيا هئاسين. پر هي موت! منهنجي دل دهلجي رهي آهي. عجيب سپنو آهي اهو! هڪ عجيب ڪشمڪش! ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجي دل اجهو هاڻي زهر جي سمنڊ مان ٽٻي هڻي آئي هجي.

ڏاڍي دير ٿي ويئي هئي.

مان گهر واپس موٽي آيس.

مٽي کائيندڙ ٻار جي منهن تي جيڪا غلاظت هئي، منهنجي زال اگهي صاف ڪري رهي هئي. جيئن ئي مان اندر گهڙيس ته هن ٻار منهنجي حوالي ڪيو ۽ ماني تيار ڪرڻ لاءِ هلي ويئي. هوءَ اڄ به هميشه وانگر ٿڪل نظر اچي رهي هئي. اهوئي سبب آهي جو هوءَ چڙيل ٿي لڳي. ٿي سگهي ٿو ته ٻار، جيڪو اچڻ وارو آهي، انهيءَ جي فڪر ۾ هوءَ ڳرندي پئي ويئي.

مان رڳو ٻه گرهه ئي کائي سگهيس.

”طبيعت ته ٺيڪ آهي اوهان جي؟“ زال پڇيو، ”اوهان ڪجهه کاڌو ئي ڪين!“

”ها، اڄ هڪ عورت منهنجيءَ هنج ۾ پنهنجا پساهه ڏنا.“ مون مختصر جواب ڏنو ۽ مٿينءَ منزل تي هليو آيس ۽ هميشه وانگر آرام ڪرسيءَ تي اهلجي پيس.

هيٺ روڊ تي ٽرام هلڻ جو آواز ڪنن سان ٽڪرائجي رهيو هو. بسين ۽ موٽرن به ڏاڍا آواز ٿي ڪيا. انسان جي ڀيڙ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! منهنجي زال پنهنجي هنج واري ٻار کي وهنجارڻ ۾ رڌل هئي. مون محسوس ڪيو ته هوءَ لڙڪ لاڙي رهي هئي. نيٺ عورت هئي نه. کانئس ڪٿي ٿي برداشت ٿي سگهيو ته هڪ ٻي عورت منهنجي هنج ۾ ساهه ڏئي!

هوءَ غير هئي ۽ مان هن جو ڪو سڳو ڪونه هئس.

پر هيءَ..... منهنجي زال، نيٺ هن سان منهنجو ڪهڙو سڱ هو؟

گهر ٻار جي انهن مونجهارن ۾ مان جلد ئي کيس وساري ڇڏيندس. نيٺ هتي ڪهڙي شيءِ قائم رهي سگهي ٿي؟ ائين لڳي ٿو، ڄڻ مان هڪ سائو ستابو وڻ هجان ۽ هوءَ پنهنجي يادن جي ڪهاڙيءَ سان، انهيءَ وڻ ۾ ڌڪ هڻندي هجي. جيڪڏهن اها ياد به مون کان کسجي ويئي ته؟ اها ئي ته منهنجي سڀ کان وڏي ملڪيت آهي!

مون کي ڳڻتي بس انهيءَ ڳالهه جي لڳل هئي. منهنجي اکين آڏو اهو آخري منظر گهمي ويو، جڏهن هن جو مڙس کيس رڪشا ۾ کڻي وڃي رهيو هو ته هن جا هٿ هيڏانهن هوڏانهن لڏڻ لڳا هئا ۽ هن جو بي جان جسم به لڏي رهيو هو، وارن ۾ گلاب جو گل هئس. منهنجي دل دهلجي ويئي. مون کان دانهن نڪري ويئي.

منهنجي دانهن تي منهنجي زال ڊوڙندي آئي. هن منهنجي نرڙ تي هٿ رکيو، ”اڙي، هي ته باهه وانگي تتل آهي! تو ٻڌايو ڇونه؟ هاڻي ته دير به ٿي ويئي آهي. گهر ۾ ڪوبه ناهي جيڪو ڊاڪٽر کي وٺي اچي. خير، ليٽي پؤ.“ منهنجي زال هلي ويئي. هاڻي هو چلهه جي رک ۽ ڦاٽل ڪپڙو ڳولي رهي هئي، جيئن منهنجي نرڙ تي ٿڌي پاڻيءَ جي پٽي رکي سگهي.

 


 

 

 

 

مِٽي(1)                           (تامل)

(ايل- ايس- راما مرٿم)

 

آئون جهوپڙيءَ جي مَنَهه ۾ ويٺو هئس. جنهن جي ڇت غار جهڙي هئي. هو جانڊهه جي مٿئين پڙ تي پلٿي هنيو ويٺو هو، جيڪو زمين ۾ کتل هو.

ههڙي ڪا گرمي ڏٺئي؟ ان ۾ ڇا ٿو بچي سگهي؟ هيءُ ته بلڪل چنگل پَٽ ضلعي جهڙو آهي..... هيءَ گرمي ۽ هي ڦٽل ڳوٺ بلڪل ساڳيا آهن. ٻاهر رستي ڏانهن ويندؤ ته چوڌاري ڏهه يا پنڌرنهن کن گهر ڏسندؤ، جيڪي هاڻي ڊٺل ڀتين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن. اهي ڀتيون به مينهن ۽ اس ۾ ڊهي ۽ ڳري ڀنجو ٿي ويون آحن.

اُنهيءَ ڏساند ۾ پاڻي ڦڙو به ناهي. چون ٿا ته پالر ۽ ويدوَتي وڏيون نديون آهن، پر مون ته اتي رڳو پهڻيون ڏٺيون آهن. سال جي ڏهن مهينن ۾ جيڪي جايون ڏٺيون اٿم، اتي پهڻين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. تراين ۽ تلائن ۾ جيڪو پاڻي گڏ ٿيندو آهي، بس اهوئي پيئڻ، وهنجڻ، هٿ پير ڌوئڻ، پوک جي پيچ ۽ ٻئي هر ڪم لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

۽ اهي جيڪا پوک پوکيندا آهن، اها ڪيڏي نه ڇڊي، پاڊي ۽ مختصر هوندي آهي! گدامڙيءَ جي وڻن مان گذرندڙ هوا توهان جي چوڌاري باهه جا اُلا وسائيندي. اُتي ته مردا ساڙڻ جيترو به ٻارڻ ناهي. زمين گندرفي خاصيت جي آهي ۽ جڏهن توهان هر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندؤ..... پوءِ کڻي مٽيءَ جا لڏون جوڙڻ جي ڪوشش ڇونه ڪندا هجو.... چوني وڃي پٿر ۾ لڳندي ۽ مڏي ٿي پوندي. هتي جا رهاڪو، انهيءَ بابت هڪ ڳالهه ڪندا آهن ته گهڻو اڳي ڪنهن شخص شهزادي کان کوهه کوٽڻ جي موڪل ورتي ۽ ويو کوهه کوٽيندو، پر ڪٿي به پاڻيءَ جو ڦڙو نه مليس. چون ٿا ته اهو کامڙيو ڪڏهن به واپس ٻاهر نه نڪتو. اُنهيءَ مان سمجهي سگهو ٿا ته اتي چوڌاري ڪيترو پاڻي پکڙيل آهي!

اُنهيءَ ڳوٺ ۾ ڌڪا کائيندڙ غريب ماڻهن جي کوٽ ناهي. اهي ويساهه ئي نه ڪندا آهن ته گدامڙيءَ جي وڻن ۾ ڪا گدامڙي پچندي آهي، پر اهو پڪو ويساهه اٿن ته انهن ۾ جنن جو واسو آهي ۽ توهان جيڪڏهن پنهنجي پٺي قميص سان ڍڪي ته سندن اکيون توهان کي گهوري نشانو بنائينديون. جيڪو به چار اکر پڙهي ڄاڻي ٿو، اهو ڄڻ مڃيل ڏاهو آهي.

اهو ڀل ڪجهه به هجي، پر هڪ ڳالهه سڀنيءَ لاءِ ساڳي آهي ته پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ٻنهي کي جيئڻو آهي، پر ٻئي بکايل آهن.

جيستائين ماڻهو جيئرو آهي ۽ جيڪڏهن کيس جيئرو رهڻو آهي ته کيس ڪيئن به پيٽ ڀرڻو پوندو، هو ٻين سان گڏجي رهي ٿو ۽ کانئن ڌار ٿئي ٿو؛ وڙهي ٿو ۽ صلح ڪري ٿو. گهڻو ڪري ماتا ۽ ڪالرا.... پر جيڪڏهن اهي نه، ته ٻڍاپو.... کيس نهوڙي نئي ٿو. اُنهن سڀني ڳالهين جي پيش نظر توهان سندس جيئڻ جي خواهش بابت ڪيئن ٿا اپٽار ڪري سگهو؟ سڀڪي.... پر سڀڪي.... ديوتا، ڀوت توڙي جن، خواهش ۾ ئي ڦاٿل آهن. جيڪڏهن پوک لاءِ پاڻي ناهي ته هو بوتا(1) ٺاهي ٿو ۽ روئي ٿو. ۽ جڏهن گهڻو پاڻي ٿئي ٿو ته زنانو چولو، ڪجهه هئڊ ۽ ڏيئو ڇڄ ۾ وجهي درياءَ جي ديويءَ کي ارپي ٿو. هو ڌرتيءَ اڳيان عقيدت جو اظهار ڪري ٿو، جيئن ناراضگي ختم ٿئيس ۽ ملڪيت عطا ڪريس. توهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته انهيءَ ۾ فقط هڪ ڳالهه آهي، جنهن کي اسان ويساهه ٿا ڪوٺيون ۽ اسان اهي سڀ ڳالهيون ڪندا آهيون. زندگي اها ناهي، جيڪا توهان جي جسم ۾ آهي. زندگي فقط ويساهه آهي.

توهان چئي سگهو ٿا ته اهو ڳوٺ اهڙي ئي قسم جي ويساهه تي پهرين ٻڌو ويو هو. ائين ڇو چئجي ته شروع ۾ چار يا پنج ڄڻا اچي هتي آباد ٿيا ۽ جهوپڙيون اڏي ويٺا!

مون کي جيتري قدر ياد آهي ته اهو ڳوٺ پاسيرو ۽ ڪٽيل هو. بازار اٺن ميلن کان به پري هئي. جتي مهيني ۾ هڪ ڀيرو ضرورت جون شيون، لوڻ کان ڪافور تائين ڳنهڻ ويندا هئا. جڏهن آئون جوان ٿيس ته چئن گهرن مان وڌي چاليهه گهر ٿي ويا. اهو واڌارو ويساهه جي ڪري ئي ٿيو.

ان ڏينهن هڪ نوجوان مرد ۽ هڪ نوجوان عورت انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا. آئون ائين نه چوندس ته اهي ڪي پاڻ ۾ زال مڙس هئا، جو عورت جي ڳچيءَ ۾ تالي(1) پيل نه هئي. سندس پٺيءَ تي بار جي ڳٺڙي هئي ۽ هنج تي بار هو- ۽ بس. مرد ڪنڀارڪو چڪ گهليندو آيو هو. هوڏانهن سامهون مٿي نهاريو- اها ڇت واري جهوپڙي، جيڪا غار وانگر اندر ڏانهن جهڪيل هئي، سندن جهوپڙي هئي. کڙهه اڳيان هڪ کڏ هئي ۽ ڊگهو وڻ هو، جنهن مان دهل وڄائڻ وارو ڏونڪو ٺهندو آهي، عورت مٽيءَ جو گارو ٺاهيو، مرد ڀتيون جوڙيون ۽ مٿان گاهه ۽ پن سٿي ڇت ڍڪيائين، پوءِ هن پنهنجي ڪنڀارڪو ڪم شروع ڪيو.

هڪ ٻي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي، جنهن کي خوبصورت چئجي. خوبصورتي يا منهن مهانڊي لاءِ نڪا وقت جي پابندي آهي ۽ نه وري جاءِ جي روڪ. ڀل کڻي ڪنهن پنهنجو پاڻ کي خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش به ڪئي هجي، پر ڏانهس نهارڻ وارو ڪوبه نه هو. ڪيئن به هجي، پر مون پنهنجي ڄمار ۾ انهن ٽن ڄڻن- مرد، عورت ۽ سندس ٻار- کان وڌيڪ ٻيو ڪو بدصورت نه ڏٺو. اسان ۾ عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪنهن مان ڪا خامي ڳولڻي هوندي هئي ته کيس چوندا هئاسين ته هو ته ڪو باندر آهي. پر توهان کي انهن ٽنهي ڄڻن لاءِ سوچڻو پوندو، جيڪي باندرن جهڙا هئا. توهان منهنجو مطلب سمجهو ٿا نه؟ توهان کِلو ٿا- توهان سجهو ٿا نه، ته منهنجي مراد ڇا آهي؟

عورت جا ڊگها ڏند سندس وات کان ٻاهر نڪتل هئا، جيڪي تماڪ واپرائيندڙن جي ڏندن جيان هيڊا ۽ داغيل هئا. سندس اکيون ڏرا ڏنل ٻن کڏن جهڙيون ٿي لڳيون. سندس مٿي جي وارن ۾ چيڙهه پيل هو. نڪ ڇا هو، بس ساهه کڻڻ لاءِ رڳو ٻه سوراخ هئا. جيتوڻيڪ پاڻ اهڙي هئي، پرد مرد سمجهيو ٿي ته هوءَ خوبصورت آهي. سندس چپ ڪٽيل هو ۽ ان جو چير جهڪيل ڏسڻ ۾ ٿي آيو. انهيءَ کان سواءِ سندس ڳل تي هڪ ڊگهو ۽ بي ڊولو زخم بي ترتيبيءَ سان ڦهليل هو.

اهي حيوان هئا.

سندن مزاج اهڙو هو، ڄڻ جهنگ کان آيا هجن ۽ سادا هئا ڇا! هڪ ڏينهن آئون انهيءَ پاسي ڏانهن پئي ويس ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ تکو تکو ڳالهائي رهيا هئا. مرد ڪجهه مٽي چَڪ تي رکي ۽ ٿانءُ ٺاهڻ لاءِ چڪ ڦيرايائين. اوچتو اهو ٽپو ڏيئي اٿي بيٺو، سندس ٻئي پير زمين تان کڄي ويا، ڄڻ اڏامندو هجي- ۽ هڪ ئي ڇڪ سان هن هٿ جي پٺ ڦيرائي ۽ عورت جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي. مان ڏڪي ويس. توهان پنهنجي گهر ۾ ائين ڪندؤ؟ مان پنهنجي گهر ۾ ائين ڪندس؟ ڇا ماڻهو ڪو ائين ڪندو آهي؟ اهو ڏاڍو ڀوائتو ڌڪ هو. سندس چپن مان رت ٺينڊيون ڪري وهي نڪتو.

عورت مون کي ڏٺو. کيس انهيءَ ڳالهه جو فڪر ئي نه ٿيو ته سندس مڙس کيس ڌڪ به هنيو هو. پر منهنجو ڏسڻ کيس نه وڻيو. هن مون کي سڀني قسمن جي بيهودن لفظن واريون گاريون ڏنيون ۽ هڪ پٿر کڻي مون ڏانهن ڦٽو ڪيو. آئون حياتي بچائڻ لاءِ پويان پير ڪري وٺي ڀڳس. اها تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون اڃا ننڍو ٻار هئس.

بس اهڙيءَ طرح اهي رهندا هئا. مون توهان کي ٻڌايو نه، ته کين هڪ ٻار به هو. توهان پڇندؤ ته اهو ڪهڙو هو؟ توهان ڪڻڪ پوکي جو لڻي سگهندا؟ ساڳيءَ ريت، اهو سندن پنهنجو ٻار هو، ائين هو نه؟ اهي سچ پچ انهيءَ ”ناريل مٿي“ کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. هر روز، جيڏيءَ مهل بتيون ٻرنديون هيون ته هو وهنجڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو هو ۽ منهنجي لڙي ٿڪون اڇلائي اڇلائي ڇلجي پوندي هئي- ڌپ ايڏي اڻ وڻندڙ هئي.

انهيءَ بدبوءَ ڪري هاڻي ٻار ڏانهن ڏسڻ ناممڪن هو. کين گڏ رهڻ واري فطرت به نه هئي. توهان جيڪڏهن مرد ڏانهن رڳو ڌٺو کڻي ته ائين لڳندو، ڄڻ چڪ هڻي ڪڍندو. اسان جو ساڻن ڪو لاڳاپو ڪونه هو. پر اها سهوليت هئي، جو اڳي ڪڏهن ڪو ٿانءُ ٽپو خريدڻو هوندو هو ته اٺ ميل پري بازار مان وڃي خريدي اچڻو پوندو هو، سو هاڻي پونڪل(1) جي ڏڻ جا ٿانوَ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ خريدي ٿي سگهياسين. اها ڪجهه آٿت نه هئي ڇا؟ ۽ پونڪل جو ڏڻ ويجهو پوندو پئي ويو. اپاسي(2) لنگهي ويو هو. ڪارتڪائي(3) اڌ پورو ٿي ويو ۽ جڏهن مرڪلي(4) پورو ٿيندو ته پونڪل شروع ٿيندو.

پر انهيءَ وچ ۾ سندن ٻار مري ويو.

هڪ ننڍڙي ٻار جي موت جي ڪارڻ جي ڪنهن کي ضرورت آهي؟ سگهارا ماڻهو به اوچتو مريو وڃن. ٿي سگهي ٿو ته سندس ڇاتيءَ تي ٿڌ اثر ڪيو هجي، يا وات ۾ کارائڻ بدران کيس نڪ ۾ کارايو ويو هجي. مون کي خبر ناهي، پر اهو ٿيو ڪجهه ائين هوندو.

عورت کڙهه تي ٻار کي ڪپڙي ٽڪر تي رکي پاڻ کيس چوڌاري ويڙهجي وئي. مرد سندس پاسي کان پنهنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکيو بيٺو هو. جو رنو نٿي، پر سندس پنبڻ نشئين وانگر ڳاڙها ٿيل هئا. ڳوٺ جا ٻه ٽي ماڻهو سندس گهر عذر خواهي لاءِ ويا. مري ويل ننڍو هجي يا وڏو، پر اڪيلو ڏک ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، آهي نه؟

”ڏک جهڙي ڳالهه آهي! هتي توهان رهڻ آيا.....“ منجهانئن هڪڙي چوڻ شروع ڪيو. کيس ڪجهه نه ڪجهه ته چوڻو ئي هو.

مرد چرين وانگر ڌڪار وارو شوڪارو ڀريو، ”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي! توکي هتي اچڻ لاءِ ڪنهن چيو- تو ۽ تنهنجي ڳوٺ؟“

اهڙي قسم جي ماڻهوءَ کي توهان ڇا ٿا چئي سگهو؟ ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس ٻار جي موت جا ڏوهاري اسان هئاسين.

هڪ ڀيري اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ٻليءَ جو پونگڙو مري ويو؛ ٻلي سندس ڀرسان ساري رات ويٺي رهي ۽ کانئس ذرو به پري نه ٿي. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ مئل پونگڙي ڏاڍو بدبو ڪئي.

پر هن شخص ٽاڪ منجهند جو ڪلهي تي ڪوڏر رکي عورت جي ڀرسان پيل لاش کنيو. هن لاش کي هڪ هٿ ۾ کنيو هو ۽ تکو تکو وڌندو ڳوٺ کان ٻاهر هليو ويو. ٻار جون ٻانهون ۽ ڄنگهون بي رحميءَ سان لٽڪي رهيون هيون.

اهڙي قسم جي ماڻهوءَ کي توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟

ان کان پوءِ اسان سندن گهر مان ڪڏهن به روئڻ جو آواز نه ٻڌو.... تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن هوءَ ڪم ڪار ۾ رڌل هوندي هئي، بيهي رهندي هئي ۽ اوڏانهن نهاريندي هئي، جيڏانهن مرد ٻار ۽ ڪوڏر کڻي ويو هو، جتان هوءَ کوٽيل مٽي ۽ گدامڙيءَ جي وڻ جي پاڙ وٽ انهيءَ جو گڏ ٿيل ڍڳ (قبر) ڏسي سگهي ٿي.

هڪ ڏينهن، اسان مان ٻه يا ٽي ڄڻا ٻين ٻارن سان گڏجي رستو وٺيو بازار پئي وياسين ته ڏٺوسين ته عورت پنهنجي مٿي تي مٽيءَ جي پاٽ کنيو اسان ڏانهن پئي آئي. سندس هٿ ۾ ٻيو ننڍو مٽيءَ جو پنوڙو هو. ڀر واري گهٽيءَ ۾ ڪي ٻار خوشيءَ وچان ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا هئا. اهي جڏهن ڀر واري گهٽيءَ ۽ شاهي رستي کي ڪٽيندي وچ تي پهتا ته سندن ٽڪراءُ انهيءَ عورت سان ٿي پيو. توهان سوچي سگهو ٿا ته هن ڪيئن نهاريو هوندو! سندس اکين مان باهه جا الا ٿي نڪتا..... اک جي اڇي پولار ۾ ڪاري ماڻڪي ڦري رهي هيس. جيڪا باهه هن پنهنجي اندر ۾ سانڍي رکي هئي، سا سڀ دل کولي ٻاهر ڪڍيائين ۽ سندس مٺ ۾ جهليل مٽيءَ جو پنوڙو ڀور ڀور ٿي ويو.

کيس پنهنجي ٻار جو ايذاءُ ڪيڏو به گهرائيءَ سان محسوس ٿيو هجي، پر پيٽ خالي ته رهي نٿو سگهي. هر ڪنهن کي ڪم ۾ جنبڻو ٿو پوي ۽ پونڪل ويجهو پوندو پئي ويو. جيڪڏهن خوشيءَ وچان، پوياڙيءَ، ويل، توهان سنک کي وڄايو، جيڪو روايتي طرح ڪفن دفن جي رسم ويل وڄائبو آهي، ته ڇا توهان وڌيڪ خوش ٿيندا؟ سنک وڄي رهيو هو، اهو پونڪل جي اچڻ جو اعلان هو. پونڪل جا ٿانوَ جوڙڻ نه گهرجن ڇا؟

توهان ماڻهو، جن کي سفيد پوشيءَ واريون نوڪريون آهن، جڏهن پورهيت ڏسندا آهيو ته سمجهندا آهيو ته اهي حقير آهن. سندن ڪم جي باري ۾ چوندا آهيو، ”تون جيڪڏهن اهو ڪم هڪ ڀيرو ڪندو ڏسين ته جيڪر ڪري سگهين.“ پر مثال طور هن ڪنڀر جو ڪم ڏسو. توهان کي احساس آهي ته اهو ڪيڏو ڏکيو آهي؟ مٽيءَ کي ڳوهي ڳوهي اهڙو ملائڻو پوندو آهي، جو هٿ پير سور ڪندا آهن. توهان سمجهو ٿا ته ٿانو جوڙڻ سولا آهن؟ منجهانئن ڪيترائي چَڪ تي ڀڄي پوندا آهن؟ پوءِ جڏهن ڪو چڪ تي رکبو ته ٽي ڀيرا هٿ سان آهستي گهربل شڪل ڏيڻي پوندي آهي. جڏهن اس ۾ سڪڻ لاءِ رکبا آهن ته ڪيترا منجهانئن ٽڙڪي پوندا آهن؟ ۽ ڪيترا نهائينءَ ۾ ثابت رهندا آهن؟ پوءِ جڏهن توهان انهن مان ڪو خريد ڪندؤ ته اهو ملهه ڪافي نه هوندو آهي. اهي ته اهو چوندا ته اها ته بس مٽي آهي. جيڪڏهن اها صورت آهي ته پوءِ هر شيءِ مٽي آهي. آئون مٽي آهيان؛ توهان مٽي آهيو؛ هر ڪو مٽي آهي.

مرڪليءَ جي پڇاڙيءَ واري ڏينهن صبح جو سوير ڪو ڏند کڙڪائيندڙ سيءَ ۾ اٿندو ۽ زور سان دلو وڄائي پونڪل جي آمد جو اعلان ڪندو ۽ هڪ هڪ ڌڪ ستلن جي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳندو.

سڀني ڏڻن ۾ پونڪل اول نمبر ڏڻ آهي! اهوئي ڏڻ غريبن کي گهڻو وڻندو آهي، ٻيا سڀ شاهوڪارن جا ڏڻ آهن. ڪو ڪيڏو غريب ڇونه هجي، فقط پونڪل تي ئي ڪوري ڪني ۾ ڀت رڌيندو ۽ اسان سڀ غريب آهيون.

گهر جي وچ ۾ باهه ٻارڻ لاءِ کڏ کوٽبي آهي. اسان ڀت رڌي پاتل تي رکندا آهيون. پوءِ اهو سج کي ڏيکاري چوندا آهيون:

”رڌل ڀت، رڌل ڀت!“ نئين زندگيءَ جي شروعات ٿئي يا نه، پر ٿائي مهينو شروع ٿيڻ سان اهو ويساهه آهي ته زندگي بهتر ٿي ويندي.

انهيءَ ويساهه جي ڪري ئي سموري ڳوٺ جي پاڻ ۾ ٻڌي آهي. ڳوٺ جي مکيءَ جي گهر ۾ به، جتي هر روز ٽامي جي ٿانون ۾ ڀت رڌبو آهي، پونڪل جو ڀت مٽيءَ جي ڪوري ٿانءَ ۾ رڌبو.

جيڪڏهن سڀاڻي پونڪل آهي ته پوءِ اڄوڪي شام هرڪو ڪورو ٿانءُ خريد ڪندو، جنهن جو مطلب آهي: نئين زندگي. هن ڀيري اسان ٿانوَ خريدڻ لاءِ بازار نه وياسين. هن ڀيري بازاري ٿانوَ نه، پر اسان کي پنهنجا ٿانوَ هئا. توهان سوچي سگهو ٿا ته انهيءَ ڪري اسان ڪيترو نه خوش ٿيا هونداسين.

آئون پڙهيل ماڻهو ناهيان، پر پوءِ به اسان جو ڳوٺ، اسان جو شهر، اسان جو صوبو آهي، اسان جو ملڪ آهي- اهي سڀ هڪ ۽ ساڳيا آهن.

ڳوٺاڻين عورتن کي ڪورا ٿانوَ خريدڻ لاءِ وڃڻ ۾ هڪ خاص خوشي محسوس ٿي ٿئي. آئون کين ڏسي رهيو هئس، جيڪي چئن پنجن جي ٽولين ۾ گڏ ٿيو بيٺيون هيون، جيتوڻيڪ مفاصلو رڳو ڏهه وکون هو. اهي کلنديون، ڳالهيون ڪنديون، ڪنڀر جي گهر ڏانهن پئي ويون؛ پيسن جون ٿيلهيون سندن چيلهه سان ٻڌل هيون؛ رستي تان تماڪ جا پن چٻاڙينديون ۽ ٿڪون اڇلائينديون پئي ويون.

کڙهه سامهون، جتي چئني طرفن کان رسيءَ جو لوڙهو ڏنل هو ۽ ٿانوَ هڪ ٻئي مٿان خوبصورتيءَ سان قطارن ۾ رکيل هئا. اهي هن هڪ پونڪل لاءِ ته ٺهيو، پر ٻين ٽن لاءِ به ڪافي ٿي لڳا. هنن اهي ٿانوَ رڌڻ لاءِ، پاڻيءَ لاءِ، ڪلامپو(1) لاءِ، سڀني قسمن جي مٽيءَ مان ٺاهي ڍڳ ڪري رکيا هئا.

اهي بنا مرڪڻ جي بيهي کين ايندو ڏسي رهيا هئا. جيڪڏهن مرڪن ها ته سچ پچ معجزو نه ٿئي ها؟

اڃا وڪرو شروع نه ٿيو هو ته عورت چيو، ”ڀل ته سارو ڳوٺ اچي. اسان سموري ڳوٺ کي ايندو ڏسڻ ٿا چاهيون.“

ٿوري دير ۾ آواز وڌڻ لڳا، جو ٻارن، ڇوڪرن ۽ وڏن جو انبوهه هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندو جهوپڙيءَ جي اڳيان اچي گڏ ٿيو.

”سڀئي اچي ويا آهيو؟“ عورت وڏي آواز سان پڇيو.

”ها!“

سوچيو ته سهي، اهو آواز ڪيئن هوندو، جڏهن سوين آواز هڪ ئي وقت ”ها“ چوندا هجن.

عورت ٽهڪ ڏنو ۽ اڳيان پيل ٿانوَن جي ڍڳ ڏانهن وڌي ۽ انهن کي ٿڏو هنيائين.

فقط هڪ ٿڏو هنيائين، پر توهان ضرور سمجهي ويا هوندا ته ڪيئن هڪ قطار ٻي قطار تي ڪري هوندي، اها وري ٻيءَ ڀر واري قطار تي ڪري هوندي ۽ اهڙيءَ طرح قطارن جون قطارون ڀڄي ڀري پيون هونديون. توهان آواز محسوس ڪري سگهو ٿا. ڪيترا نه گهڻا ٿانوَ هئا!

اسان کي خبر نٿي پئي ته ڇا چئون يا ڇا ڪريون. جڏهن اهي ٿانوَ ڀڄي ڀري پيا ته اسان جي اندر ۾ به ڪجهه ڀڄي ڀري پيو هو.

”هي رهيو توهان ۽ توهان جو ڳوٺ!.... عورت ڌڪار وچان الري ايندڙ نانگڻ وانگر ڦوڪون ڏنيون. جلدي اڳيان وڌي ڌوڙ جي مٺ ڀريائين ۽ هوا ۾ ڦٽي ڪيائين، ”اسان جو ٻار مري ويو- ۽ اسان وڃون ٿا- هاڻي ته توهان خوش ٿيندؤ....“ ٻئي ڄڻا تڪڙو تڪڙو هلندا پري هليا ويا ۽ نظرن کان اوجهل ٿي ويا. اسان سڀيئي، جيڪي اتي بيٺا هئاسين، پٿر بنجي بيٺا رهياسين. هڪ به ٿانوَ ڪونه بچيو، اهو هنڌ ٻرندڙ ميدان بنجي ويو.

اُنهيءَ کان پوءِ، اهو ڳوٺ نه وسيو؛ هڪ نه ٻي ٿيندي رهي. ايتري قدر جو مينهن پوڻو هو، اهو به نه پيو؛ سموري پوک سڪي ويئي. گهڻا ماڻهو ته ڪالرا وگهي مري ويا؛ باقي جيڪي بچيا، اهي ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويا. هر ڪو ڊپ جي چنبي ۾ اچي هراسجي ويو هو.

پونڪل جي ڏڻ تي جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪوري ٿانوَ ۾ ڀت نه رڌبو ته ڇا ٿيندو؟ توهان ٻڌايو، جيڪڏهن ويساهه کڄي وڃي ته ڇا بچندو؟


(1) مٽي: تامل ٻوليءَ ۾ ”ماڻهوءَ“ جون گهڻي ئي معنائون آهن، جيڪي ڪهاڻيڪار الڳ الڳ هنڌ تي مٽي، زمين، ميدان، ڌرتي ۽ دنيا جي معنائن ۾ استعمال ڪيون آهن. جڏهن زمين سڪل ۽ ڏار پيل هوندي آهي ته ان جي معنى آهي: بي ترتيبي، ڏڪار يا بربادي، ۽ جڏهن گهميل ۽ نرم هوندي آهي ته انهيءَ مان ترتيب، ڀرپوريت ۽ ڪائنات مراد آهي.

(1) بوتا ٺاهڻ جي رسم کي ڳوٺاڻي مذهبي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت آهي. بوتا ٺاهي انهن جي بي عزتي ڪرڻ مان اها مراد آهي ته جيڪا مصيبت آئي آهي اها بوتي تي مڙهجي وڃي. اهڙي طرح پرائسچت (ڪفارو) ادا ڪيو ويندو آهي. گهڻو ڪري اها رسم عام طرح ديوتائن جي پرارٿنا سان گڏ ڪئي ويندي آحي، جيڪا ڏڪار جي وقت ادا ڪبي آهي.

(1) تالي: ڳچيءَ جو هار، جيڪو پرڻيل عورت پائيندي آهي.

(1) پونڪل: نئين سال جو پهريون مهينو، جيڪو ڏکڻ هندستان ۾ وڏي ڏڻ جي طور ملهائبو آهي.

(2، 3 ۽ 4) هندو جنتري (ڪئلنڊر) موجب مهينن جا تامل نالا.

(1) ڪلامپو: گهاٽي رٻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com