ڊارلنگ
ذڪريا
هڪ عورت ۽ هڪ مرد ڪمري ۾ ويٺا هئا. در دريون سڀ بند هئا. عورت
صوفي تي ويهي ٻليءَ کي هٿ سان ٺپري رهي هئي. مرد
آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. پاڻيءَ سان ڀريل جڳ ميز
تي رکيو هو. مرد جي چهري تي ٿڪاوٽ جا آثار ظاهر
هئا. ٻلي عورت جي گوڏن تي سوڙهي ٿيو ستي هئي. عورت
جي هٿ جي ڇهاءُ تي ٻليءَ جو پڇ مٿي ٿي ڪنبي وري
هيٺ ٿي ٿي ويو. عورت پنهنجا پير لوڏڻ شروع ڪيا ٿي
ته ڳاڙهي ساڙهي جي اندر هوءَ ائين ٿي لڏي جيئن ڪا
ٽاري هوا ۾ لڏندي آهي. مرد جي چهري تي پگهر جا ڦڙا
صاف ظاهر هئا: اهي ضرور گرميءَ جي ڪري هئا.
اوچتو در کليو ته جهولي جي لهر پڻ اندر هلي آئي. اها گرمي!
ٻاريندڙ اس ٻاهر گاهه کي ساڙي رهي هئي ۽ واريءَ کي
چمڪائي رهي هئي.
”ڪيڏي نه گرمي آهي!“ عورت چيو.
مرد اٿيو ۽ دروازي ڏانهن وڃي دروازو چڱيءَ طرح بند ڪري واپس اچي
آرام ڪرسيءَ تي ويٺو.
”ٽِڪي ڊارلنگ.“ عورت ڀڻڪي، ”ٽِڪيءَ کي ننڊ اچي ويئي آهي، منهنجي
ٻلڙي!“ هوءَ ڪجهه جهڪي ۽ ٻليءَ کي چميائين.
مرد آرام ڪرسيءَ تي ويهي عورت ۽ ٻليءَ کي ڏسي رهيو هو.
”مون کي رسالو ته کڻي ڏي، پليز.“ عورت چيو، ”مان اٿي نٿي سگهان،
ٽِڪي سمهي پيئي آهي.“
مرد اٿيو ۽ رسالو کڻي عورت جي هٿ ۾ ڏنائين. ٽيبل جي ڀرسان ٽنگيل
ساڙهيءَ مان کيس سندس سڳنڌ آئي.
”رات جو ڪيڏي نه ٿڌ آهي!“ عورت چيو.
هو اتي ويهي بستري ڏانهن ڏسندو رهيو. عورت رسالي جا پنا اٿلائڻ
لڳي. ”هن ۾ ته ڪجهه به ناهي.“ عورت چيو ۽ ٻليءَ کي
وري چمي ڏنائين. ٻلي جاڳي پيئي. ٻه نيريون اکيون
مرد ڏانهن بنا ڪنهن دلچسپيءَ جي نهارڻ لڳيون. مرد
ڏکيائيءَ سان پنهنجو ڪنڌ ڦيريو ۽ ٻئي طرف نهاريندو
رهيو. عورت صوفي تان اٿي ۽ ٻليءَ کي صوفي تي
خبرداريءَ سان سمهاريائين، پوءِ هوءَ الماري ڏانهن
وڌي ۽ الماري کولي رومال ڪڍيائين.
جيئن هوءَ مڙي، تيئن سندس کاٻو هٿ ٽيبل کي لڳو. شيشي جو جڳ فرش
تي ڪري ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. فرش تي وڇايل ڳاڙهي
فراش تي پاڻيءَ جو ڪارو اڻ وڻندڙ دٻو ٺهي پيو. هن
پنهنجي پير سان جڳ جي ڳچيءَ کي ٽيبل جي هيٺان ڌِڪي
ڇڏيو ۽ ٻلي پنهنجي ٻانهن تي کنيائين.
مرد ڳاڙهي ساڙهيءَ ۾ ترندڙ جسم کي ويهي ڏسندو رهيو.
”اوهه، ٽِڪي ضرور ڊِني هوندي. ٽڪي گرمي پڻ سهي نٿي سگهي. ٽڪي،
ڊارلنگ.... منهنجي ٻلڙي ڊني آهي؟ گرمي لڳي اٿيئي؟
ويچاري ٽِڪي!“ هن هڪ ڀيرو وري ٻليءَ کي چميو ۽
پنهنجو نڪ ٻليءَ جي نڪ سان گسايائين. ”منهنجي
ٻلڙيءَ کي گرمي لڳي آهي. ها نه؟.... ها نه؟...“
هوءَ ٻليءَ کي هر هر چمڻ لڳي. پوءِ هوءَ صوفي تي
ويهي رهي. هن ٻليءَ کي پنهنجي هنج ۾ وهاريو ۽
پنهنجي رومال سان چڱي طرح ڍڪيائين.
مرد آرام ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو اکيون بند ڪري ڪنهن بت وانگر ليٽيو
پيو هو. سندس هٿ ڪرسيءَ ۾ مضبوطيءَ سان ڦٻيل هئا.
”اڄ شام جو شهر هلنداسين.“ عورت چيو. هوءَ هڪ هٿ سان ٻليءَ جي
پٺي لساڙي رهي هئي ۽ ٻئي هٿ سان رسالي جا پَنا
اٿلائي رهي هئي. مرد جو چهرو پگهر سان تَر هو.
عورت ٻليءَ کي رومال سان چڱيءَ طرح ڍڪيو، ”ويچاري ٽِڪي.... گرمي
نه لڳيس.... گرمي نه لڳيس....“ هوءَ مٿانئس جهڪي ۽
ٽي ڀيرا چيائينس. مرد اکيون ٻوٽيو ڪرسيءَ ۾ پيو
هو، ڪنهن مئل ماڻهوءَ وانگر سندس چهري تي هڪ اهڙي
ريکا لنگهي ويئي ڄڻ اجهو سڏڪن ۾ ڇٽندو. هو اٿيو،
در کوليائين. ورانڊي ۾ گهڙي وري در بند ڪري
ڇڏيائين.... اتي هو وري ڪرسي تي ويهي رهيو. سندس
چوڌاري اونهاري جي گرمي سمنڊ وانگي لهرون هڻي رهي
هئي. هو اتي ويٺو رهيو ۽ پگهرهاڻي چهري سان جهوٽا
کائي رهيو هو. عورت پلنگ تي پٺي ڀر ليٽي، ٽنگون
ڊگهيري، ڇت ڏانهن غور سان نهاري رهي هئي.
جڏهن گرمي ڪجهه جهڪي ٿي، ته مرد جاڳي پيو. عورت ڪمري کان ٻاهر
نڪري آئي. ٻلي سندس ٻانهن ۾ ويٺل هئي. ”گرمي ختم
ٿي. هاڻي رات جو ٿڌ پوندي.“ عورت چيو، ”سج لهي ويو
آهي. مان ڇٻر تي چهل قدمي ڪنديس.“ هن ٻليءَ کي
چمندي مرد کي چيو، ”کن لاءِ ٽِڪيءَ کي ته کڻ.“
جيئن هو ڪرسيءَ تي ويٺو، تيئن سندس جسم جو سمورو رت سندس چهري
تي مِڙي آيو. پوءِ هو اٿي بيٺو ۽ پنهنجي سموري
سگهه سان ٻليءَ کي اهڙي زوم سان ٻاهر ڇٻر تي
اڇلايائين جو گلن جي ٻوٽن ۾ پيل پٿرن سان مٿو وڃي
لڳس ۽ اتي ئي سانت ٿي ويئي.
ٽي خط (هندي)
(اقبال فرحت اعجازي)
(1) پيءُ جي نالي
جناب بابا سائين،
السلام عليڪم!
هت سڀ خير آهي ۽ اوهان جي خيريت خداوند ڪريم کان نيڪ چاهيان ٿو.
لکڻ جو مطلب ته اوهان ته هاڻي چڱي موچاري مصيبت بنجي پيا آهيو.
اوهان کي اصل اهو خيال ئي ڪونهي ته اسان کي هاڻي
توهان جي ڪا ضرورت ڪانهي. اوهان پنهنجو زمانو،
1907ع جي زماني سان گڏ، کڻائي گهڻو پري ڪٿي موڪلي
ڇڏيو. خدا جي واسطي اوهان به هليا وڃو. اسان
ڪيستائين اوهان جا اعتراض برداشت ڪندا رهنداسين.
ڳالهه ٻولهه ۾ اوهان ائين ٽنگ اڙائي بيهي رهندا
آهيو، ڄڻ اوهان جي اسان سان پيدائشي دشمني هجي.
هاڻي جڏهن اها ڳالهه آهي ته ادب کي پاسيرو رکي
ائين چوندس ته اوهان اسان کي پيدا ئي ڇو ڪيوَ؟ ۽
جيڪڏهن اسان پيدا ٿي ويا هئاسين ته چپ چاپ اسان کي
ڏيڍ ٻه تولا آفيم ڇو نٿي کارائي ڇڏيوَ.
گستاخي معاف، ڪڏهن ته توهان به جوان ٿيا هوندا، ڪڏهن ته اوهان
به مسجد جا چڪر ڏيڻ بدران حسينن جي بازار ۾ ڦيرا
ڏنا هوندا، ڪڏهن ته اوهان به ڪنهن مِسي لڳائڻ ۽
پان کائڻ واري حسينه سان غشق ڪيو هوندو. پر سمجهه
۾ نٿو اچي ته اوهان جيڪي ڪجهه ڪري چڪا آهيو،
اُنهيءَ کان اسان کي ڇوٿا روڪيو؟ وڏو ڀاءُ جيڪڏهن
ڀاڀيءَ بدران مُني بائي جا گيت ٻڌي ٿو ته اوهان جو
قسم، ڪو گناهه ڪونه ٿو ڪري. مني بائي هِتان جي وڏي
فنڪاره آهي. سندس گلي تان اهڙيون سوين ڀاڀيون
قربان ڪري سگهجن ٿيون. تعريف ڪرڻ گهرجي، هن جي
سمجهه ۽ ڄاڻ جي. جيڪا تن، من ۽ ڌن سان فن جي بي
لوث خدمت ڪري رهي آهي. وقت اهو ثابت ڪري ڏيکاريو
آهي ته جيڪڏهن ڪو براين کان بچي سگهي ٿو ته اها
”فن“ جي خدمت سان ئي ممڪن آهي. روم باهه ۾ جلندو
رهي ته ڀل جلندو رهي، نيرو جو بربت وڄڻ ئي گهرجي.
مون کي خوشي آهي ته هي دنيا چاهي ڪيتري ئي خراب
ڇونه ٿي وڃي، مون لاءِ سٺي ئي رهندي.
اوهان کي ننڍي ڀاءُ کان شڪايت آهي ته هو پنهنجي ڪلاس ۾ ساڻس گڏ
پڙهندڙ ڪنهن شاهده يا انجم سان محبت ٿو ڪري،
اُنهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هو ائين ڪري ٿو. پوءِ به
ان سلسلي ۾ توهان جو شڪ دور ڪرڻ ضروري آهي. هو
ڪنهن هڪ شاهده يا انجم سان محبت نٿو ڪري، پر اهي
ٻئي ٻه جدا جدا ڇوڪريون آهن ۽ جيتري قدر مون کي سڌ
آهي، هو گڏ، هڪ ئي وقت، ٻنهي سان محبت ڪري ٿو.ا ڃا
ٻار آهي ۽ ناتجربيڪار آهي، اُنهيءَ ڪري سندس پسند
جون ڇوڪريون به تعداد ۾ گهٽ آهن. مون ته پنهنجي
شاگرديءَ جي زماني ۾، ’يونيورسٽيءَ جون ڀيڻون-
ٿورو ويجهو اچو‘ جي عنوان سان هڪ نظم لکي سڄي
يونيورسٽيءَ جي ڇورين جي محبت جيتي ورتي هئي. بلڪ
هڪ ”ڀيڻ“ خاطر گرفتار ٿيندي بچيو هئس. سندس مائٽ
توهان وانگر شريف هئا، جيڪي رڳو بدناميءَ جي ڊپ
کان چپ رهيا، نه ته ڳالهه پوليس اسٽيشن ۽ زناني
اسپتال تائين پهچي چڪي هئي. معاف ڪجوم، ننڍي ڀاءُ
جي ڳالهه ڪندي ڀٽڪي پنهنجو قصو ٻڌائڻ لڳس، پر
اُنهيءَ ۾ منهنجو ڪو قصور ڪونهي. اوهان به ته پير
جهنگلي شاهه جون ڪرامتون بيان ڪندي، پنهنجون
خوبيون ڪجهه اهڙي نموني ٻڌائيندا آهيو، ڄڻ سچ پچ
اوهان به اوليا ٿي ويا هجو. بهرحال ننڍو ڀاءُ جيڪو
ڪجهه ڪري پيو، غلط نٿو ڪري. توهان کي ڪهڙي خبر ته
ائين زندگيءَ ۾ ڪو لطف نٿو پيدا ٿئي ۽ نه ئي وري
ڄاڻ ٿي وڌي. پڙهڻ لکڻ ۾ وڌ ۾ وڌ دل لڳي ڪرڻ،
هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش ڪرڻ ۾ دنيا جو
تجربو حاصل ٿئي ٿو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته
اهڙي طرح ڪو ماڻهو جسماني بيمارين جو شڪار نٿو
ٿئي، اُنهيءَ ڪري هو جيڪي ڪجهه ڪرڻ گهري ٿو، کيس
اهو ڪرڻ کان نه روڪيو. اوهان بس پنهنجي تسبيح ۽
عبادت سان غرض رکو.
ڀيڻ جي باري ۾ اوهان لکيو آهي ته اوهان سندس آزادي برداشت نٿا
ڪري سگهو. خدا جو قسم! اوهان کان وڌيڪ ري ايڪشنري
(Reactionary)
مشڪل سان ڳوليو ملندو، اول ته اوهان مٿس ڪهڙا گهٽ
ظلم ڪيا آهن، جو رهيل گهٽائي هاڻي پوري ڪرڻ چاهيو
ٿا؟ توهان کي ڪيترو چيم ته کيس ايم- اي ڪرڻ ڏيو،
پر ايم- اي-ڪرڻ لاءِ کيس ڇوڪرن سان گڏ پڙهڻو هو،
جيڪو توهان ڪنهن به قيمت تي برداشت نٿي ڪري سگهيا.
اوهان الائجي ڪهڙي موڊ ۾ هئا، جو کيس برقعي جي
لعنت کان آزاد ڪري ڇڏيو، پر انهيءَ آزاديءَ جو
فائدو به ڪهڙو؟ ٻاهر نِڪري ته پهري سان گڏ ۽ اندر
هجي ته پهري اندر. اُنهيءَ کان ته ٺيڪ ائين ٿئي
ها، جو توهان کيس ستن ڪوٽن ۾ بند ڪري، ست ڪلف
لڳائي ڇڏيو ها. سندس هم- ڪلاسي اڄ ليڪچرر آهن،
ڊاڪٽر آهن، ريسرچ ڪري رهيون آهن، پر اسان جي ڀيڻ
جهڙي ’شبو‘ ڪالهه هئي، اهڙي ئي ’شبو‘ اڄ به آهي.
ڪاش، اوهان سندس سمجهداري ۽ هوشياريءَ جو اندازو
لڳايو ها! اوهان اِن ڳالهه تي ڌيان ڏيو ها ته هوءَ
ڇا بنجي سگهي ٿي ته اڄ اوهان جي ’شبو‘ هڪ اهڙي
بلنديءَ تي نظر اچي ها، ته نه فقط اوهان جو ۽
اوهان جي خاندان جو، بلڪ پوري ملڪ ۽ قوم جو نالو
روشن ٿئي ها. مون ته امان مرحومه جي موت جي ڏينهن
ئي اهو اندازو لڳائي ڇڏيو هو ته هو ڪيڏي نه گريٽ
(Great)
آهي، ڪيتري نه عظيم آهي. امان جي موت لاءِ هن اڳ ۾
ئي پنهنجي لاءِ انيڪ ڊزائينن جا ڪارا وڳا تيار
ڪرائي ڇڏيا هئا ۽ جڏهن آئون اهو سوچي سوچي
گهٻرائجي ويو هئس ته ڪارو سوٽ پائي آئون ميت سان
ڪيئن شريڪ ٿي سگهان ٿو، تڏهن هن مون کي ٻڌايو ته
هو منهنجي لاءِ به هڪ ڪاري شيروانيءَ جو انتظام
ڪري چڪي آهي. اوهان اندازو نٿا لڳائي سگهو بابا
سائين ته انهيءَ ڏک ۽ غم جي موقعي تي به مون کي
انهيءَ ڳالهه جي ايڏي ته خوشي ٿي جو منهنجون ٻئي
اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون هيون.
اوهان کان ’شبو‘ جي آزادي برداشت نٿي ٿئي ته کيس اڇلايو ڪنهن کڏ
۾. شادي ڪرائي ڇڏيوس پنهنجي اُنهيءَ الله واري
دوست جي بيريسٽر پٽ سان ٻار پيدا ڪري ڪري ۽ گهر جي
سنڀال ڪندي ڪندي ڏٻري ۽ نازڪ شبو جيڪڏهن ٿورن ئي
سالن ۾ ُسڄي مينهن جهڙي بڇڙي نه ٿي وڃي ته اوهان
منهنجو نالو مٽائي ڪاري ڪتي جو رکجو.
اوهان کي مون تي به اعتراض آهي ته آئون شادي ڇو نٿو ڪريان. ڌاڍو
غيرشاعرانه اعتراض آهي اوهان جو. جنهن کي گهر ويٺي
ماني کائڻ لاءِ ملي وڃي ته هو ٻين جي در تي پنڻ ڇو
وڃي؟ اوهان اهڙي ماڻهوءَ کي جيڪر ڇا چئو؟ ممڪن آهي
ته اوهان جيڪر ڪجهه نه چئو، پر مان ته ڍنڍورو ڏيئي
کيس بيوقوف ئي چوندس ۽ وري اولاد: هو فلاڻو ۽ هو
فلاڻو- هيءَ فلاڻي جي زال ۽ هوءَ فلاڻي جي زال
وغيره وغيره. اوهان جو قسم بابا سائين، اهڙو ته
خراب ذڪر آهي جو وار ئي ڪانڊارجيو وڃن.
اوهان کي ٻي شڪايت آهي ته آئون آوارگي ڪريان ٿو. انهيءَ باري ۾
عرض آهي ته آئون پنهنجي سوانح حيات لکڻ چاهيان ٿو
۽ انهيءَ ۾ زندگيءَ جو ڪو حصو نٿو ڇڏڻ چاهيان. هڪ
تير سان ٻه شڪار واري ڳالهه ته اوهان ٻڌي هوندي.
ڪاروباري نموني ۾ ڏسڻو هجي ته مون کي ڏسو. دل به
وندرائيندو آهيان ۽ پنهنجي ڪتاب جي لاءِ املهه
مواد به حاصل ڪندو آهيان. اها ته پڪ اٿم ته اوهان
ان وقت تائين حيات نه هوندا، پوءِ به اوهان جي قبر
تي اچي آئون اوهان کي اهو ضرور ٻڌائي ويندس ته
منهنجو ڪتاب دنيا ۾ ڪيترو مشهور ۽ مقبول ٿيو آهي.
وڏن وڏن نقادن کان اهو فيصلو ملندو ته منهنجي
زندگي هر نقطه نگاهه کان هڪ مڪمل زندگي آهي. دل ته
نٿي چوي ته هاڻي اوهان وڌيڪ زنده رهو، پوءِ به
جڏهن ڪتاب جي ۽ پنهنجي ناموريءَ جو خيال ٿو اچي،
تڏهن ڪجهه لمحن لاءِ اهو ضرور سوچيان ٿو ته ڪاش،
اوهان به پنهنجي هونهار پٽ جي اها تصنيف هڪ نظر
ڏسي ڇڏيو ها! ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته منهنجي
زندگيءَ مان هن وقت جي بيچين ۽ پريشان دنيا کي ڪا
اهڙي ڳالهه ملي وڃي، جنهن مان کيس سک، شانتي ۽
خوشحالي نصيب ٿئي؟ ڇو نٿي ٿي سگهي؟ پڪ سان ائين ئي
ٿيندو. اوهان هن دنيا ۾ نه هجو ته نه هجو، پر دنيا
منهنجي ڪارنامن جي تعريف لاءِ موجود هوندي.
ٽين شڪايت اوهان جي اهڙي آهي جو مٿس دل کولي کلڻ تي دل ٿي چوي.
اوهان چئو ٿا ته اهو، جيڪو مان ڪوڙين ۽ نقلي دوائن
کي وڏن وڏن جنسي بيمارين جي حڪيمن جي معرفت وڏين
قيمتن ۾ وڪڻان ٿو ۽ فحش ۽ گندن ناولن جو پبلشر
بنيو ويٺو آهيان، اُنهن سڀني ۾ ڪمائي حرام آهي.
وات سان حرام چوڻ آسان آهي بابا سائين، پر ڪم ڪندڙ
جي دل ٿي ڄاڻي ته کيس ڪيتري محنت ڪرڻي ٿي پوي.
اوهان جيڪڏهن ائين سمجهو ٿا ته هر طرح جي سور جي
دوا فقط مينهن جي پيشاب مان تيار ٿي وڃي ٿي ته اها
اوهان جي چڪ آهي. انهيءَ لاءِ ڪيڏي نه کوج ڪرڻي
پيئي آهي. انهيءَ جي تيار ڪرڻ ۾ ڪيتري نه محنت
ڪرڻي پوندي آهي، انهيءَ کي يا ته آئون ٿو ڄاڻان يا
اوهان جو خدا.
فحش ناول ائين ئي نٿا ملن. لکندڙن کي من گهريا پئسا ڏيڻا پوندا
آهن ۽ اهو يقين به ڏيارڻو پوندو آهي ته جيڪڏهن
سرڪار مقدمو هلايو ته خرچ وغيره منهنجي ذمي.
اوهان ئي سوچيو، اهو سمورو ڪم ڪيئن حرام ٿي ٿو سگهي ۽ جيڪڏهن
حرام به هجي، ته به اوهان جي هن ناچيز پٽ جي اها
فتوي آهي ته منهنجي ذريعي، جيڪي بي شمار ماڻهو
اڄڪلهه ڌنڌي لڳل آهن، کين بيڪار ۽ بکيو رهائڻ به
حرام آهي. چئو، هاڻي توهان ڇا ٿا چئو؟
’شبو‘ جي تار جو عرصي کان انتظار ڪري رهيو آهيان. هن لکيو هو ته
توهان جي طبيعت ڪجهه خراب آهي. جيڪڏهن ڪا هيڏانهن
هوڏانهن ڳالهه ٿي ته هوءَ جلدي خبر ڏيندي. پر اڄ
پندرنهن ڏينهن ٿي ويا آهن، سندس ڪو خط به ڪونه آيو
آهي، جيتوڻيڪ مون ٻه تمام سٺيون ڪاريون شيروانيون
به تيار ڪرائي ڇڏيون آهن.
توهان جو فرمانبردار پٽ
.........................
(2) مجنون جي نالي
ماءِ ڊيئر، ڊيئر مجنون!
يار، تون ڪيڏو بيوقوف ماڻهو هئين جو خوامخواهه هڪ معمولي ليلى
جي خاطر مري وئين. ڪاش، تو مرڻ کان اڳ غور ڪيو هجي
ها ته دل ۾ سچي محبت جو جذبو هجي ته قدم قدم تي
ليلائون ملي وينديون آهن! آخر اسان به ته مجنون
آهيون. اسان ڪنهن ليلى خاطر ڇونٿا مرون؟ ڳالهه
صرف ايتري آهي، جو تون هڪ چڱو موچارو دقيانوسي
ماڻهو هئين ۽ اسان ٿورو هن زماني جا آهيون. تنهنجي
ليلى به تو وانگي دقيانوسي هئي. اڄ جي ڪا ليلى هجي
ها ته توکي ٿڏي ڇڏي ها ۽ ٻئي، توکان بهتر مجنون کي
ڳولي وٺي ها.
هاڻي مون کي ئي کڻي ڏس، هڪ ٻن جي خاطر نه، هزارين ليلائن جي
محبت ۾ مجنون ٿيل آهيان، پر آئون ڪڏهن اداس نه ٿيو
آهيان. ڪڏهن غم ڪونه محسوس ڪيو اٿم، هميشه پيٽ ڀري
کاڌم، هميشه تندرستيءَ جو خيال رکيم ۽ رستي تي ڪو
ڪنڊو سامهون ٿي آيو ته کيس ٽوڙڻ جي بدران پنهنجو
رستو ئي بدلائي ڇڏيم.
منهنجي مختصر زندگيءَ ۾، مون کي وقت بوقت جيڪي ليلائون ڏسڻ ۾
آيون، اُهي گهڻو ڪري مون وانگر فارورڊ آهن. ڪا
ليلى اهڙي ڪانه هئي، جنهن اهو وعدو ڪيو هجي ته هو
آخر تائين ساٿ ڏيندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن وعدو به ڪيو ته
ٻئي ڏينهن ڪنهن ٻئي مجنون سان به اهڙو وعدو ڪندي
خبر پيئي.
تو انگريزيءَ جي اها مشهور چوڻي ٻڌي هوندي ته وعدو ۽ دل ٻئي
ٽوڙبا آهن. سوچيان ٿو ته اڄ جي زماني ۾ تون زنده
هجين ها ته ڇا ڪرين ها؟ هتي ته هڪ قدم هلي هزار
دفعا مرڻ جي ۽ مردنديئي جيئرو ٿي اٿڻ جي ضرورت
پوندي آهي. تون ته بس هڪ دفعو مرين ها ۽ ائين
پنهنجي سڄي زندگي تباهه ڪرين ها.
اسان جي ۽ تنهنجي زماني ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ڪڏهن فرصت
ملي ته هن دنيا ۾ اچي ڏسي وڃ. (پر پنهنجي دل اُتي
جنت ۾ ڪنهن حور وٽ امانت طور رکي اچجان. هتي بنا
دل جي تمام سٺي محبت ملي ويندي آهي.) تنهنجي زماني
۾ مجنون هڪ هو ۽ ليلى به هڪ. اڄ ڪلهه ته هوش
سنڀاليندي ئي هر ٻار مجنون بنجي وڃي ٿو ۽ هر ڇوڪري
ليلى. تنهنجي زماني ۾ مجنوئن ۽ ليلائن جي پرڊاڪشن
(Production)
نه هئڻ جي برابر هئي. اسان جي زماني ۾ تون آڱرين
ڳڻيا چار پنج به اهڙا نوجوان ڇوڪرا يا ڇوڪريون
ڳولي ڏين، جيڪي ڪنهن ليلى جا مجنون يا ڪنهن مجنون
جي ليلى نه هجي ته تنهنجي رقيب جو قسم، منهنجي
سموري زندگي تو وانگر ڪنهن هڪ ئي ليلى سان عشق
ڪندي کيس اُڏوهي جي نذر ڪري ڇڏيان.
بيشڪ مجنوئن بيشمار ليلائن جي هئڻ جي باوجود، اسان جي ۽ تنهنجي
زماني ۾ هڪ وڏو فرق اهو به آهي جو هاڻي اسٽينڊرڊ
به گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. توهان دل بدلائيندا
(هڪ ٻئي سان) هئا ۽ اسان دل لڳي (مذاق) ڪندا
آهيون. تون هتي اچي ڏس ته توکي خبر پئجي ويندي ته
غلطي سببان ڪو مجنون ڪنهن جي محبت ۾ سچ مچ مجنون
ٿي وڃي ٿو ته هو پنهنجي ليلا کي سچي پچي ليلى نٿو
بنائي سگهي. جيڪڏهن ڪا ليلى پنهنجي بيوقوفيءَ جي
سبب سچ پچ ليلى بنجي وڃي ٿي ته کيس سچو پچو مجنون
نٿو ملي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو ٻئي پنهنجي پنهنجي
جاءَ تي شرمندا ٿي وناسپتي محبت ڪرڻ لڳن ٿا ۽ شايد
اُنهيءَ ڪري وناسپتي مجنون به هتي آهن ۽ وناسپتي
ليلائون به. تو جهڙو خالص مجنون يا تنهنجي ليلى
جهڙي خالص ليلى هتي هڪڙي به ناهي. خالص گيهه ته
محنت ڪرڻ سان ملي به وڃي ٿو، پر خالص ۽ بي لاڳ
محبت ته تنهنجي دم سان ئي ختم ٿي ويئي.
توکي هڪ نظر ڏسڻ لاءِ دل تڙپي ٿي. منهنجي ليلى نمبر 32 به توسان
ملڻ جي خواهشمند آهي. بلڪ جڏهن کان مون کيس ائين
چيو آهي ته آئون توکي هن دنيا ۾ اچڻ جي دعوت ڏيئي
رهيو آهيان، تڏهن کان هوءَ هر زور ڇت تي چڙهي
تنهنجو انتظار ڪندي رهندي آهي ۽ هر راهگير سان
تنهنجي هئڻ جي شڪ ۾، محبت ڪري ويهندي آهي. تنهنجي
ليلى جهڙي ليلى ته هوءَ ڇا ٿيندي؟ ها، هن وانگر
پنهنجي بدنامي ڏاڍي تيزيءَ سان ڪرائي رهي آهي. تون
اچ ته هڪ پاسي هوءَ بدناميءَ کان بچي ويندي ۽ ٻئي
پاسي مجنوئن جي چڱي موچاري تفريح به ٿي ويندي. هڪ
عرصي کان ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو آهي، جنهن جي
ڳالهين تي دل کولي کِلي سگهجي.
ٿي سگهي ته الله سائين کان اجازت وٺي هليو آءُ، اسان مجنوئن ۽
ليلائن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪري وڃ ۽ اهو به
ڏسي وڃ ته توکان هڪ گڏهه سٺو ثابت ٿي سگهي ٿو.
اُنهيءَ ڪري جو وٽس اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو تو وٽ
ناهي.
ليلى کي محبت ڀريا سلام چئج.
تنهنجو نالي ڀائي ۽ هم پيشه
(3) محبوبا جي نالي
منهنجي زندگيءَ جا روح
تنهنجو خط مليو. ڪنهن ٺيڪ چيو آهي: ”خدا ڊپٽي ڪري چٺي آڻيندڙ
کي.“
تنهنجو خط ڌڙڪندڙ دل سان ميز جي خاني ۾ رکي ڇڏيم، ڇو جو امان
سان گڏ پنهنجي ٿيڻ واري سهري سيٺ ٽماٽر والا ڏانهن
وڃي رهيو هئس. ٽن ڏينهن کان پوءِ، هڪ ضروري ڪم سان
خانو کوليم ته تنهنجو خط به نظر اچي ويو. جلديءَ ۾
لفافو کوليم ۽ جهٽ پٽ سمورو خط پڙهي پنهنجو مٿو
ٻنهي هٿن ۾ جهلي ويهي رهيس. ڪنهن ڪيڏي نه سچي
ڳالهه چئي آهي ته جيڪڏهن محبت ڪرڻ جو اهڙو شوق آهي
ته ڪنهن جانور سان محبت ڪر، ڇو جو اهوئي هڪ اهڙو
طريقو آهي، جنهن ۾ سماج دخل نٿو ڏي.
تون سوچي نٿي سگهين ته مون کي تنهنجي شاديءَ طئه ٿي وڃڻ جي خبر
ٻڌي ڪيڏو رنج پهتو آهي. اڃا تائين منهنجي اکين ۾
لڙڪ تري رهيا آهن. مون آئيني ۾ پنهنجيون لڙڪن ڀريل
اکيون ڏٺيون هيون: ايڏيون خوبصورت ۽ نشيليون لڳي
رهيون هيون، جو جيڪڏهن تون ڏسين ها ته منهنجن لڙڪن
کي پنهنجن چپن ۾ جذب ڪري ڇڏين ها.
اڄ مون کي سڀ ڳالهيون ياد اچي رهيون آهن. انيڪ ڇوڪرين نشاني طور
پنهنجين وارن جون چڳون، جيڪي مون کي ڏنيون هئائون،
انهن کي کڻي، مون پنهنجي سامهون رکيون آهن ۽ اهو
ڄاڻڻ جي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ کان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته
انهن مان تنهنجي وارن جي چڳ ڪهڙي آهي، جيئن آئون
کيس آخري دفعو چمي سگهان.
مون کي اها شام به ياد آهي، جڏهن تنهنجي ۽ منهنجي پهرين ملاقات
ٿي هئي. اُنهيءَ ڏينهن مون ياسمين يا شهزاديءَ سان
ملڻ جو واعدو ڪيو هو، پر توسان ملي آئون سڀ ڪجهه
ڀلجي ويس. ياسمين، روزي، شاهدا، شهزادي، نرگس،
منيرا ۽ خالدا کي ائين وساري ڇڏيم، ڄڻ اُنهن سان
ڪڏهن مليو ئي نه هئس ۽ توسان ملڻ کان پوءِ مون
محسوس ڪيو، ڄڻ ته تنهنجي منهنجي ورهين کان ملاقات
هجي، ڄڻ اسان ٻالڪپڻ کان وٺي اڄ تائين هڪ ٻئي کي
ڄاڻيندا سڃاڻيندا آيا هجون. توکي مون سان ڪيتري
محبت آهي، اُنهيءَ جو اندازو ته مون کي اُنهيءَ
ڏينهن ٿيو هو، جڏهن تو منهنجي ننڍي ڪار گهرائي هئي
۽ چورائي موڪليو هو ته ’تون نه هوندين ته آئون
اُنهيءَ ڪار ۾ ويهي تنهنجي ياد تازي ڪندي رهنديس.‘
منهنجي پرخلوص محبت جو توکي به اُنهيءَ ڏينهن
اندازو ٿي ويو هوندو، جڏهن تنهنجي بابا سائين اها
ڳالهه چئي هئي ته ڏاج کان سواءِ، هو پنهنجي ناٺيءَ
کي ڏهه هزار رپيا روڪ به ڏيندو ۽ اُنهيءَ ڏينهن
شام جو، منهنجي ماءُ منهنجي ۽ تنهنجي مائٽي لاءِ
تنهنجي پيءُ وٽ پهچي ويئي هئي.
اسان ٻئي هڪ ٻئي سان ڪيتري بي لوث ۽ بي غرض محبت ڪندا هئاسين،
جنهن جو مثال پري پري تائين ملي نٿي سگهيو. اڄ
شيڪسپيئر حيات هجي ها ته کيس روميو جيوليٽ جي تلاش
۾ دماغ تي زور نه ڏيڻو پويس ها، اسان ٻئي هنن جي
نقلي ڪردارن کان ڪافي گهڻو سچا ۽ پاڪ محبت ڪندا
هئاسين.
تون چئين ٿي ته آئون توکان دور ٿيندو ويس. تنهنجو اهو خيال بلڪل
غلط آهي ۽ اها تنهنجي ُڀل آهي. تنهنجو پيءُ پنهنجي
ڳالهه تان ڦري ويو. هن ڏهن هزارن جي بدران پنج
هزار ڏيڻا ڪيا. منهنجي ماءُ انهيءَ تي به صبر ڪيو،
بعد ۾ خبر پئي ته اهو ريڊيوگرام، جنهن جي اسان
غلطيءَ سببان ملڻ جي اميد رکي ويٺا هئاسين، دراصل
هڪ پاڙيسري اڳوڻي چيئرمين جو هو. امان ٻيو دفعو به
صبر ڪيو، پر هاڻي اها خبر پيئي ته توهان جنهن
بنگلي ۾ رهو پيا، اهو توهان جو پنهنجو ناهي،
ڪسٽوڊين جو آهي، تڏهن سندس دل ڀڄي پيئي. کيس ايترو
رنج رسيو جو ٻن ڏينهن تائين پنهنجي هٿن سان پنهنجي
پياري ٻلي پسيءَ کي ملائي ۽ بسڪوٽ به نه کارائي
سگهي. پوءِ به منع ئي ڪندو رهيس (ڇو منهنجي دل ۾
صرف تون ئي وسيل هئينءَ) پر هن نه مڃيو ۽ منهنجو
سڱ سيٺ ٽماٽر والا جي لاڏلي ڌيءَ سان ڪري ڇڏيائين.
هاڻي تون ئي ٻڌاءِ، انهيءَ ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه
آهي؟ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ظالم، بي رحم، بيهودي،
بدتميز ۽ بي ڍنگي سماج جو قصور آهي. مون ڪجهه به
نه ڪيو آهي. سڀ ڪجهه انهيءَ ڪميڻي سماج جو ڪرشمو
آهي. آئون هڪ عرصي کان توسان ملڻ به نه آيس،
انهيءَ ۾ منهنجي بي پرواهي يا بي رخيءَ جو دخل
ناهي، پر اصل سبب اهو آهي ته آئون انهيءَ وچ ۾
ظالم سماج کي ڳوليندو رهيو آهيان. هڪ وزير کان
پڇيم ته ڇا توهان سماج آهيو؟ پر هن صاف ٻڌايو ته
هو سماج نه هو، پر سماج وادي
(Socialist)
هو. هڪ سيٺ کان پڇيم، پر هو مِل مالڪ نڪتو.
هيڏانهن ڳوليم هوڏانهن ڳوليم، نيٺ هڪ هنڌ خبر پيئي
ته سماج کي پنهنجي گهر ۾ ڳول. گهر ۾ امان کان
سواءِ ڪوبه ڪونه هو. ڊڄندي ڊڄندي پڇيم، ”امان تون
سماج ته ناهين؟“
”ڪهڙو سماج؟ تنهنجو دماغ خراب ٿيو آهي ڇا ڇوڪرا! آئون تنهنجي
ماءُ آهيان.“ امان مون کي پاڳل سمجهي چيو.
آخر ۾ هار کائي. چپ ڪري ويهي رهيس. تون ئي ٻڌاءِ، ايتري
پريشانيءَ جي حالت ۾ تو وٽ ڪيئن ٿي اچي سگهيس؟
ڪاش، مون کي انهيءَ سماج جو ڏس ملي وڃي، جنهن مون
کي ۽ توکي جدا ڪري ڇڏيو! تنهنجي ڳلن سان کيڏيندڙ
سهڻن وارن جي چڳ جو قسم، بدبخت کي هميشه لاءِ ابدي
ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيندس. ڀريل پستول بلڪل تيار رکيو
آهي. توکي جيڪڏهن سماج جي خبر هجي ته ضرور لکج.
مون تي اها تنهنجي آخري مهرباني ٿيندي.
مون پنهنجي ڪار واپس گهري ورتي؟ توکي وهم ٿيو آهي. ڊرائيور کي
مون رڳو ايترو چيو هو ته ڪار جي صفائي ڪرائي توکي
پهچائي ڏي. هن سڄي ڪار ئي صاف ڪري ڇڏي، يعني ٿيو
هيئن جو امان کي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون
ٻڌائي ڪار وڪرو ڪرائي ڇڏيائين ۽ نئين ماڊل جي ڪار
خريد ڪرايائين، جيڪا اڄ ڪلهه امان جي استعمال ۾
آهي. ڌاڍي ڪاوڙ آئي، بلڪ اهو شڪ ٿيو ته متان هي
ڊرائيور ته سماج ناهي! بس ائين سمجهه ته رت ۾ هٿ
رڱيندي رڱيندي رهجي ويس.
شايد توکي ياد هوندو ته هڪ دفعو نه، هزار دفعا، منهنجي ڪلهي تي
پنهنجو مٿو رکي، منهنجي ڇاتيءَ تي پنهنجا وار
وڇائي، منهنجي ٻانهن ۾ پنهنجون ٻانهون وجهي ۽
منهنجي رواتيءَ جهڙن کهرن هٿن تي پنهنجن ڳلن جا
گلاب رکي، تو ڪيترا قسم کاڌا هئا ته جيڪڏهن اسان
کي سماج هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو ته تون خودڪشي
ڪندينءَ، زهر کائيندينءَ، کوهه ۾ ٽپو ڏيندينءَ يا
ندي ۾ ڇلانگ لڳائيندينءَ. آئون روز ڏاڍي حسرت سان
اخبار ڏسندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن خودڪشيءَ جي ڪا خبر
هوندي آهي، پر اهو ڪڏهن به نه ٿيو، جو ڪا خبر
تنهنجي نالي سان ڇپي هجي. (اهي منهنجي بدنصيبي
ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟)
تون مون تي بيوفائيءَ جو الزام هڻين ٿي، جيتوڻيڪ جنهن انصاف
پسند دل کان چاهين پڇي ڏس ته هوءَ اهوئي چوندي ته
تون بيوفا نڪتينءَ. تون خودڪشيءَ جو وعدو ڪرڻ ۽
وڏا قسم کائڻ جي باوجود، اڄ تائين معمولي خودڪش به
نه ڪري سگهينءَ، تو سچي ۽ پاڪ محبت تي داغ لڳايو
آهي. بزرگن سچ چيو آهي ته عورت جو ٻيو نالو
بيوفائي آهي.
اڄ آئون سچ پچ روئي رهيو آهيان. منهنجين اکين ۾ ڀريل لڙڪن جا
ڦڙا ايڏا پيارا ٿا لڳن جو تون جيڪر هتي هجين ها ته
پنهنجي سنگتڙي جي ڦاڪن جهڙن رسيلن چپن ۾، انهن
سڀني لڙڪن کي جذب ڪري وٺين ها.
تو اسان جي ملڪ جي محبت ڪندڙ ڇوڪرين جي روايت جي شان کي مٽي ۾
ملائي ڇڏيو. تنهنجو خودڪشي نه ڪرڻ ۽ بيوفائي جو
ثبوت ڏيڻ جو مون کي جڏهن به خيال ايندو، آئون اهڙي
طرح روئندو رهندس.
خدا توکي خودڪشي ڪرڻ جي همٿ بخشي.
تنهنجو وفادار محبوب
هن مجموعي جا ڪهاڻيڪار
اَڪيلن
(Ackilan):
27 جون 1922ع تي پيرنگ لور (تامل ناڊو) ۾ پيدا
ٿيو. هن پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات تامل زبان
جي مشهور ادبي ماهوار رسالي ”ڪلائي مگل“ ۾ لکڻ سان
ڪئي. هو پوءِ هفتيوار رسالن ”ڪلڪي“ ۽ ”آنند و گڊن“
۾ لکندو رهيو ۽ آل انڊيا ريڊيو سان به واڳيل رهيو.
سندس 30 ناول، 18 ڪهاڻين جا مجموعا ۽ 2 ناٽڪ شايع
ٿيل آهن. سندس ادبي ڪاوشن تي کيس ڀارت جا ڪيترائي
ايوارڊ مليا، جن ۾ ”گيان پيٺ“ به شامل آهي. سندس
ناولن ۽ ڪهاڻين جي مرڪزي خيال تي ٻڌل فلمون به ٺهي
چڪيون آهن. هو 21 جنوري 1989ع تي مدراس ۾ گذاري
ويو.
اَمرتا پريتم
(Amrita Pritam)
جو پيدائشي نالو امرت ڪؤر آهي
۽ 31 آگسٽ 1919ع تي گوجرانوالا (هاڻي پاڪستان) ۾
جنم ورتائين. جتي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. سندس
ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويس، جنهن ڪري پڻس گياني
ڪرتار سنگهه هِتڪاري، جيڪو هنديءَ جو مشهور شاعر ۽
عالم هو، سندس تربيت پـُٽن وانگر ڪئي. سورنهن
ورهين جي ڄمار ۾ سندس پنجابي نظمن جو پهريون
مجموعو ”امرت لهران“ ۽ ٻئي سال ٻيو مجموعو ”چار
آنسو“ شايع ٿيا، پر شهرت مشهور نظم ”اج آکان وارث
شاهه نون“ لکڻ کان پوءِ مليس، جيڪا ورهاڱي جي پس
منظر ۾ آهي. هن وقت سندس ڪيترائي شغري مجموعا،
ناول، ڪهاڻين جا مجموعا، سفرناما، خاڪا وغيره شايع
ٿي چڪا آهن. ناولن مان سندس ناول ”پنجر“ مشهور
آهي. جنهن تي تازو فلم پڻ ٺهي آهي. سندس شعري
مجموعي ”سينهوڙي“ تي 1956ع ۾ ساهتيه اڪادمي پاران
ايوارڊ کان سواءِ، کيس ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان
نوازيو ويو آهي. هوءَ هڪ عرصي کان پنجابي
(گورمکيءَ) ۾ ”ناگ مڻي“ نالي رسالو دهليءَ مان
شايع ڪري رهي آهي.
آصف فرخي
(Asif Furrukhi)
سيپٽمبر 1959ع ۾ ڪراچيءَ ۾
پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم اتان ئي حاصل ڪري، ايم بي
بي ايس ڪرڻ کان پوءِ، پبلڪ هيلٿ ۾ هارورڊ
يونيورسٽي (آمريڪا) مان ڊگري ورتائين. هو تاڃي
پيٽي اديبن جي خاندانن سان جڙيل آهي. پروفيسر
ڊاڪٽر اسلم فرخي سندس والد آهي ۽ هو مشهور اردو
ناول نگار ڊپٽي نذير احمد ۽ شاهد احمد دهلوي سان
خانداني طور لاڳاپيل آهي.
آصف فرخي پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي ۽
پهرين ڪهاڻي 1978ع ۾ لکيائين. سندس ڪهاڻين جا
مجموعا ”آتش فشان پر کِلي گلاب“ (1982)، ٻيو
مجموعو ”اسمِ اعظم ڪي تلاش“ (1984)، ”چيزين اور
لوگ“ (1991)، ”مين شاخ سي ڪيون ٽوٽا“ (1997)،
ڪراچيءَ جي افسوسناڪ واقعن سان متعلق سلسليوار
ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”شهر بيتي“ ۽ ”شهر ماجرا“
(1995) ۾ هڪ شعري مجموعي کان سواءِ، پرڏيهي ادب جا
ڪيترائي ترجما شايع ٿيل اٿس. جن ۾ ناول، ڪهاڻيون،
شاعري ۽ ٻيون صنفون اچي وڃن ٿيون. هن سهيوڳي اردو
شاعري ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ کي انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪيو آهي. اردو ادب کان سواءِ، انگريزي ۽
سنڌي ادب تي پڻ گهري نظر اٿس. 1998ع ۾ بهترين
ترجمن تي کيس پرائيم منسٽر ايوارڊ سان نوازيو هو.
آصف فرخي ڪراچيءَ ۾ يونيسيف سان واڳيل آهي ۽ ”دنيازاد“ نالي هڪ
ادبي مخزن ايڊٽ ڪري ٿو، جنهن ۾ جديد ۽ سهيوڳي ادب
جون تحريرون شامل هونديون آهن. هو ”شهرزاد“ نالي
هڪ پبلشنگ ادارو به هلائي ٿو، جنهن ڪيترائي اصلوڪا
۽ ترجمو ڪيل ڪتاب شايع ڪيا آهن.
اقبال فرحت اعجازي
(Iqbal Farhat Aijazi) جي باري جو احوال ملي نه سگهيو آهي. هن مجموعي ۾ شامل
خطن جي صورت ۾ سندس ڪهاڻي ”ٽي خط“ الهه آباد مان
شايع ٿيل هندي رسالي ”مايا“ جي هڪ پراڻي شماري مان
ترجمو ڪئي ويئي آهي.
ايس- ڪي- رامپال
(S.K.Rampal)
انگريزي زبان جو ڪهاڻيڪار آهي.
هن مجموعي ۾ شامل سندس ڪهاڻي ”لاوارث لاش“
السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا
27-16
آڪٽوبر 1997ع واري شماري تان ورتي ويئي آهي، جيڪا
اُن زماني ۾ خوشنونت سنگهه جي ايڊيٽريءَ ۾ شايع
ٿيندي هئي.
ايل- ايس- راما مرٿم
(La. Sa. Ramamirtham) 1916ع ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع
ڪيائين. انگريزي ۽ تامل، ٻنهي ٻولين ۾ ڪهاڻيون ۽
ناول لکندو آهي. جذبي سان ڀرپور عڪاسي ۽ خيال جي
گهرائي، سندس ڪهاڻين جو روح آهن. هو 1944ع تائين
مدراس بئنڪ سان وابسته رهيو ۽ پوءِ پنجاب نيشنل
بئنڪ مان رٽائرد ڪيائين. نوڪريءَ جي مصروفيت جي
باوجود هن ادب ۾ گهڻو يوگدان ڏنو. هيل تائين سندس
ست ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ٻه ناول شايع ٿيل آهن. کيس
تامل ٻوليءَ جو سٺو ڪرافٽسمين ۽ اسٽائيلسٽ ليکڪ
مڃيو وڃي ٿو. سندس ڪهاڻيون ۽ تخليقي ڇنڊڇاڻ
يونيورسٽي آف شڪاگو (آمريڪا) جي مخزن
"Mehfil"
(جلد 4، نمبر 3 ۽
1968/4ع)
۾ ڇپيل آهن.
بَنَ فول
(Banaphool)
جو اصل نالو بالائچند مکو
پاڌيايه آهي. سندس جنم 1899ع ۾ ٿيو. کيس بنگالي
ادب ۾ پهرين صف جي ڪهاڻيڪار هئڻ جي حيثيت حاصل
آهي. هن پوءِ ناٽڪ به لکيا ۽ پنهنجين ڪهاڻين ۾
ٽئگور جي طرز تي ناٽڪ جو عنصر جوڙي ڇڏيائين، جنهن
جو مثال سندس رچنا ”پلئٽ هولو“ (مون کي اڏامڻو هو)
آهي.
حليم بروهي
(Haleem Brohi)
5 آگسٽ 1936ع تي حيدرآباد ۾
پيدا ٿيو. فلسفي ۽ قانون جي شعبن ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ
کان پوءِ، وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ گڏوگڏ
رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪتابڙن جي صورت ۾ لکندو
رهيو. هو سنڌي زبان جي طنز و مزاج جو اڪيلو ليکڪ
آهي، جيڪو انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ساڳي مهارت ۽
فنڪاريءَ سان لکڻ جي سگهه رکي ٿو. هن وقت تائين
سندس ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ ”اوڙاهه“ (ناول
1975)، ”مجموعو“ (ڪهاڻيون ۽ مضمون 1975)، ”حليم
شو“ (رچنائون 1983)، ”مسز شا وارو ڪيس“ (1979)،
"Notes in Sindhi Literature"
(سيريز 1986) ”سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت“ (سيريز
1985)، ”حليم بروهيءَ جي سنڌي“ (1991)، ”هِن پار-
هـُن پار“ (ڊاڪٽر ايسراڻيءَ سان گڏ، ڀارت ۾ 1985 ۾
ڇپيل) کان سواءِ ڪيترائي ڪتابڙا، مضمون ۽ ڪالم
ڇپيل آهن. حليم بروهي وڪالت جي پيشي سان منسلڪ هئڻ
دوران 1964ع ۾ انگريزيءَ ۾
"Criminal Practice" لکيو، جيڪو سندس چوڻ موجب، نهايت دلچسپ ثابت ٿئي ها،
جيڪڏهن پاڻ ان موضوع تي لکڻ جاري رکي ها.
هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي ”عشق ڪرين ته شادي نه ڪر“ واحد ڪهاڻي
آهي، جيڪا هن اردوءَ ۾ لکي هئي.
حليم بروهي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظامي شعبي ۽
سنڌالاجيءَ جي ريسرچ شعبي سان وابسته رهيو. رٽائر
ڪرڻ کان پوءِ، هاڻ هو ”سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن
لپيءَ“ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
حميد ڪاشميري
(Hameed Kashmiri) 1931ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ادبي ميدان ۾ اردوءَ جي ڪهاڻيڪار ۽
ڊرامانگار جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو آهي. سندس ڪتاب
”ديوارين“، ”وعده“ وغيره (ڊائريڪٽري اهلِ قلم:
اڪادمي ادبيات اسلام آباد مطابق) ڇپيل آهن. هو
صحافت جي پيشي سان وابسته رهيو ۽ ريڊيو ۽ ٽيليوزن
لاءِ ناٽڪ به لکيائين. تازو 2004ع ۾ ڪراچيءَ ۾
وفات ڪيائين.
حنيف قريشي
(Hanif Kureshi)
جي ڪهاڻين ۽ ناولن جو موضوع
برطانيه ۾ رهندڙ ايشيائي، خاص طور تي پاڪستاني ۽
هندوستاني ئي رهيا آهن. پنهنجي ڊرامي
"My Beautiful Launderette"
کان وٺي هيستائين، هو انهيءَ موضوع تي ڪهاڻيون ۽
ناول لکي رهيو آهي. هن انهيءَ موضوع کي جهڙي ريت
نباهيو آهي ۽ جنهن سچائيءَ سان نباهيو آهي، ان تي
مٿس گهڻا ايشيائي ناراض رهندا آهن. هتي جنهن
ڪهاڻيءَ جو ترجمو پيش ڪيو ويو آهي، اُها
"My son the Fanastic"
جي عنوان سان گهڻو ڪري 1994ع يا 1995ع ۾ شايع ٿي
هئي ۽ شايع ٿيندي ئي انگريزي ادب پڙهندڙ، خاص ڪري
پاڪستانين ۾ چؤ ٻول مچائي ڇڏيو هو. هن ڪهاڻيءَ ۾
پيش ڪيل موضوع کي پيڙهي وڇوٽي
(Generation gap)
ڪوٺيو، يا وري ابتو جينيريشن گئپ، ڪهاڻيڪار
پاڪستانين ۾ پيدا ٿيندڙ لاڙن ڏانهن آڱر ڏس ان وقت
ڪئي هئي، جڏهن انهن کي غير ضروري ۽ غير اهم سمجهيو
ويندو هو. حنيف قريشي برطانيه ۾ رهي ٿو ۽ دنيا جي
وڏن ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن ۽ ڊراما نگارن ۾ ڳڻيو
وڃي ٿو. سندس لکيل ڊرامن تي فلمون به ٺهي چڪيون
آهن.
خوشونت سنگهه
(Khushwant Singh) جو جنم 15 آگسٽ 1915ع تي پاڪستان جي صوبي پنجاب جي هڪ
ڳوٺ هڊاليءَ ۾ ٿيو، جتي ابتدائي تعليم وٺڻ کان
پوءِ، گورنمينٽ ڪاليج لاهور، لنڊن جي ڪنگس ڪاليج ۽
انرٽيمپل لنڊن مان ڊگريون ورتائين. اتان موٽڻ کان
پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪيائين ۽ پوءِ 1942ع
کان پرڏيهي امور جي شعبي ۾ ڪئناڊا، لنڊن ۽ پوءِ
فرانس ۽ يونيسڪو ۾ پنهنجون سفارتي خدمتون سرانجام
ڏنائين. 1951ع ۾ آل انڊيا ريڊيو سان وابسته ٿيو ۽
ساڳئي سال کان وٺي 1953ع تائين
Yojna
جو فائونڊر ايڊيٽر ٿي رهيو. 1969ع کان 1979ع تائين
The Illustrated weekly of India
جو، 1978ع کان 1979 تائين
National Herald
جو، 1979 کان 1980 تائين
New Delhi جو ۽ 1980 کان 1983 تائين
Hindustan Times
جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن ڀارتي توڙي پرڏيهي اخبارن ۾
لکيو ۽ بين الاقوامي سطح تي مشهور ڪالم نگار ۽
صحافي جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو.
هن صحافت سان گڏ ادبي ميدان ۾ به وڏو مقام ماڻيو آهي. سندس
مشهور ڪتاب
"A History of Sikhs"
کي ڪلاسڪ جي حيثيت حاصل آهي. سندس ناول
"A Train to Pakistan"
۾ ورهاڱي جي تصوير چٽيل آهي، جنهن کي 1954ع سال جو
شاهڪار ناول مڃي،
Grove Press Award
ڏنو ويو. انهن ڪتابن کان سواءِ سندس ناول (1990)
"Delhi"،
"The company of Women"
۽ آتم جيوني
"Love, Sex and Some Malice"
شايع ٿيل آهن.
خوشنونت سنگهه ڀارتي پارليامينٽ جو ميمبر (1986-1980) به ٿي
رهيو. کيس بيشمار ايوارڊن کان سواءِ، ڀارت جي وڏي
اعزاز پدم ڀوشڻ سان پڻ نوازيو ويو، پر اندرا سرڪار
طرفان گولڊن ٽيمبل امرت سر تي چڙهائي جي خلاف
احتجاج طور واپس ڪيائين.
هو اڄ ڪلهه دهليءَ ۾ رهي ٿو.
ڌوم ڪيتيو
(Dhoomketu)
جو اصل نالو گؤري شنڪر گووَرڌن
داس جوشي آهي. سندس جنم 1892ع ۾ ٿيو ۽ 1965ع ۾ هي
جهان ڇڏيائين. کيس گجراتي زبان جو وڏو ليکڪ ۽
ُمکُ ڪهاڻيڪار مڃيو وڃي ٿو. 45 کان وڌيڪ ڪتابن جي
هن ليکڪ جا ”چولا ديوي“ (ناول)، ”پگڊنڊي“
(سفرنانو)، ”جيون رنگ“ (آتم ڪهاڻي)، ”پنگوشٿي“
(طنز)، ”پَدگها“ (ناٽڪ)، ”هيم چندر آچاريه“
(سوانحي خاڪا) ۽ ”ٽنکا) (ڪهاڻين جا 4 جلد) شايع
ٿيل آهن.
رسڪن بانڊ
(Ruskin Band)
جي هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي
’همسفر‘ ريڊرس ڊائيجيسٽ ۾ ڇپيل سندس ڪهاڻي
The girl on the Train جو ترجمو آهي، جيڪا مختصر ڪري ڇپي ويئي هئي. رسڪن بانڊ
هيءَ ڪهاڻي، ٻين گهڻين ڪهاڻين سان گڏ، تڏهن لکي
هئي، جڏهن سندس ڄمار سترنهن ورهيه هئي. انهن
ڪهاڻين جو مجموعو هو:
"The Room on the Roof".
هيءَ ڪهاڻي هڪ احساساتي ۽ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي،
جيڪا سندس لکڻين جو هڪ نمونو آهي. ڪامن ويلٿ
ايوارڊ (1957) ۾ چلڊرين لٽريچر ايوارڊ (1987) حاصل
ڪيائين. هن ڪهاڻيڪار جو جنم 1934ع ۾ ڪسؤلي (ڀارت)
۾ ٿيو. هن پنهنجي لکڻ جي ڊگهي عرصي دوران
انگريزيءَ ۾ ناول، ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعريءَ سان
گڏ ٻارن لاءِ به ڪتاب لکيا آهن. هيل تائين سندس
ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾
"Fights of Pigeon" شامل آهي، جنهن کي مشهور ڀارتي ڊائريڪٽر شيام بينگل ”جنون“ جي
فلمي روپ ۾ پيش ڪري پاڻ مڃائي چڪو آهي.
رسڪن بانڊ جون ڪهاڻيون خوبصورت پهاڙي ڳوٺ گرهوال جي پس منظر ۾
ٺهڪائي بيهاريل آهن. جتي هو گذريل چاليهارو ورهين
کان پنهنجو گهر ٺاهي ويٺو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ انهن
ماڻهن کي پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان محبت
ڪن ٿا يا وري محبت سندن ضرورت آهي، جن ۾ ڏکويل طبع
وارا ڳڀرو به آهن ته حجابي ۽ شرميلا عاشق پڻ. انهن
ماڻهن ۾ اهي به ملندا، جيڪي پهاڙين جي خوبصورتي (۽
اتي جي نفيس طبع وارن ماڻهن) کي ضايع ٿيندو ڏسي ڏک
۾ ويڙهيل آهي، جيڪو کين اسٽيل، دز ۽ جديد تهذيب
کان مليو آهي.
رابندرناٿ ٽئگور
(Rabindranath Tagore) 7 مئي 1861ع تي ڪلڪتي جي هڪ تعليم يافته زميندار جي
خاندان ۾ جنم ورتو. سندس نظمن جو پهريون مجموعو
”سنڌيا گيت“ 1882ع ۾ شايع ٿيو ۽ ڪجهه عرصي کان
پوءِ ٻيو مجموعو ”پرڀات گيت“ ڇپيو، جن کان پوءِ
1913ع ۾ سندس شعري مجموعي ”گيتا انجلي“ تي کيس بين
الاقوامي سطح جي نوبيل انعام سان نوازيو ويو. هو
هڪ ئي وقت شاعر، ناول نگار، ناٽڪ ڪار، چترڪار،
سنگيت ڪار، تعليم دان هو. سندس فن ۽ فڪر، گيان ۽
ڌيان ڀارت جي سڀني ٻولين جي ادبي لاڙن کي متاثر
ڪيو. جنهن ڪري کيس بين الاقوامي سطح جو ”هر دور“
جو ڪوي ڪوٺيو وڃي ٿو. هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي
”مينو، ٽئگور جي ڪهاڻين ۽ خاڪن جي مجموعي
“The Golden Boat”
مان کڻي ترجمو ڪئي ويئي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سندس
لکڻ جو انداز روايتي ناهي، مختصر آهي، پر ضرورت
مطابق ۽ ٿورن لفظن جي زور بيان ۾ آهي. سندس بيان ۽
مشاهدو نه رڳو سندس ڪويتائن ۾ پڌرو آهي، پر نثري
تحريرن ۾ بنيادي قدر پيدا ڪيو اٿس.
ٽئگور 7 آگسٽ 1941ع تي ڪلڪتي ۾ آخري پساهه ڏنو.
رسيڪ مهتا
(Raseek Mehta)
جو شمار گجراتي جي سٺن
ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو.
زڪريا
(Zachariah)
مليالم زبان جو هڪ اسرندڙ
ڪهاڻيڪار آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هن زال مڙس جي ذهني
وڇوٽيءَ کي نهايت خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي.
سَرسـُنو
(Sarsuno)
جو تامل ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان
يوگدان آهي.
سروج ترويدي
(Saroj Trivedi)
گجراتي ڪهاڻي کيتر ۾ هن ڪهاڻي
وسيلي زال- مڙس جي ڇڪتاڻ ڀريل گهرو زندگيءَ کي
ڏسندي سندس ٻار جا جذبا ۽ ردِ عمل ظاهر ڪيا آهن.
سعادت حسن منٽو
(Saadat Hassan Manto) 11 مئي 1912ع تي اوڀر پنجاب جي هڪ ڳوٺ سمبرالا، ضلعي
لڌيانا ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ منفرد ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو
۽ ورهاڱي جي فسادن ۽ انهن مان پيدا ٿيل دٻاءُ جي
اثر هيٺ آيل ماڻهن جون ڪهاڻيون لکي امتيازي حيثيت
حاصل ڪيائين. هن روايتي طريقن کان بغاوت ڪري، جنس
جي موضوع تي نفسياتي ورتاءُ سان جيڪي ڪهاڻيون
لکيون، تن کيس گاريون به کارايون ته گلن جي ورکا
به ڪرائي. سندس ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيل
آهن، جن مان پهريون مجموعو 1936ع ۾ شايع ٿيو هو.
ڪجهه سال اڳ ڀارت ۾ سندس ڪهاڻيون 5 جلدن ۾ شايع
ٿيون آهن. هو آل انڊيا ريڊيو ۽ بمبئي جي فلم
انڊسٽريءَ سان وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ لاهور
لڏي ويو، جتي گهڻي شراب پيئڻ جي علت سبب 18 جنوري
1951ع تي وفات ڪيائين.
سنت سنگهه سيکون
(Santsigh Sekhon) 1908ع ۾ لائلپور (هاڻي پاڪستان ۾ فيصل آباد) ۾ ڄائو.
ايم- اي انگريزي ادب ۽ معاشيات ۾ ڪيل اٿس. هيل
تائين سندس ڪافي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيل آهن،
جن مان ”خبرين“، ”مزدور اور سورما“، ”باره دري“،
”بيچ راستي ۾“، ”تيجا پهر“ ۽ ”سه پهر“ اهم آهن. هو
گرو گوبند سنگهه ريپبلڪ ڪاليج چنڊياله (ضلعو
جلنڌر) ۾ پرنسپال ٿي رهيو. هو پنجابي زبان جو همه
گير اديب آهي ۽ گهڻو ڪري ادب جي سڀني صنفن ۾ لکيو
اٿس. سندس هڪ ناول ”لهو مٽي“، نظمن جو هڪ مجموعو،
ڊرامن ۽ وَن ائڪٽ پليز جا به ڪافي مجموعا شايع ٿيل
آهن، جن ۾ ”ڪلاڪاز“ به شامل آهي. نقاد جي حيثيت
سان به کيس اهميت حاصل آهي.
علاؤ الدين الازاد
(Allauddin Al-Azad) بنگالي زبان جو اهم ڪهاڻيڪار آهي.
اي. ايم. ڪوور
(E. M. Kovoor)
جو جنم متروليه (ڪيرالا) ۾
1906ع ۾ ٿيو هو ۽ اعلى تعليم تريويندرم جي آرٽس
ڪاليج ۽ لا ڪاليج ۾ حاصل ڪيائين. اول وڪالت جي
پيشي سان واڳيل رهيو، پوءِ جوڊيشنري کاتي ۾
ڊسٽرڪرٽ سيشن جج جي عهدي تائين رسيو. ڪووور پنهنجي
جدت لطيف اندازِ بيان سبب مشهور آهي. سندس 14
ناول، 15 ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ٻه مزاحيه خاڪن جا
ڪتاب شايع ٿيل آهن.
مليانل
(Milyanal)
1892ع ۾ احمد آباد ۾ جنم ورتو.
سندس اصل نالو ڪنچن لال واسديو مهتا هو. هن
پئروڊيون، مزاحيه ڪهاڻيون ۽ افسانا لکيا. ڪهاڻين ۾
سندس ڪهاڻي ”ڳنوارڻ“ جو ترجمو ”ٽي روپ“، هن مجموعي
۾ شامل آهي. اها ڪهاڻي گجراتي زبان جي ڪهاڻين جي
پيڙهه جي پٿر طور مڃي ويئي آهي، جنهن کيس شهرت
بخشي آهي. هو 27 ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ 1919ع ۾ هي
جهان ڇڏي ويو.
واجده تبسم
(Wajida Tabbasum) حيدرآباد دکن جي هن ليکڪا 1936ع ڌاري جنم ورتو. 1955ع
کان ڪهاڻي لکڻ سان ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين.
سندس ڪهاڻيون ۽ ناول حيدرآباد دکن جي تهذيب ۽ تمدن
جي پس منظر ۾ آهن، جن ۾ عورت کي مرڪزي حيثيت هوندي
آهي ۽ عصمت چغتائي وانگر هن جي لکڻين ۾ جنس ۽ ان
جي مخصوص سماجي پس منظر تان پردو کنيل هوندو آهي،
پر پوءِ به واجده تبسم جي ڪهاڻين ۽ ناولن جو
پنهنجو رنگ ۽ روپ آهي. سندس ڪهاڻي ”اترن“ سبب کيس
شهرت ملي. ڪهاڻين جي مجموعي ”شهرِ ممنوع“ کان
سواءِ ٻيا مجموعا ۽ ناول به شايع ٿيل آهن.
ڪنوار (پوءِ اها هندو هجي يا مسلمان) جو سينگار نٿ کان سواءِ
مڪمل نٿو مڃيو وڃي، هڪ پاسي اهو زيور ايڏو خوبصورت
ٿئي ٿو جو بس، ته ٻئي پاسي اها روايت به آهي ته
جيئن نڪ ۾ نٿ پيئي، تيئن ڇوڪريءَ جي آزادي ڇٽي. هن
مجموعي ۾ شامل واجده تبسم جي ڪهاڻي ”نٿ جو بار“
سماجي تصوير پيش ڪري ٿي.
وئڪم محمد بشير
(Vaikkom Muhammad Basheir) مليالم ٻوليءَ جو مشهور ناول نگار،
ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ ڪار آهي، جنهن 1910ع ۾ جنم ورتو.
سندس ڪهاڻين جا 17 مجموعا ۽ 18 ناول شايع ٿي چڪا
آهن ۽ گڏوگڏ فلمن لاءِ به ڪهاڻيون لکندو رهيو آهي.
آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ڪافي
ڀيرا جيل به ڪاٽڻو پيس. سندس ناول (1951)
Enruppappekoranentarnu
(منهنجي ڏاڏي هڪ هاٿي ڌاريو هو) هندوستان جي
ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي ساهتيه اڪادمي طرفان
شايع ٿيل آهي.
|