سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :4

 

عشق ڪرين، ته شادي نه ڪر   (اردو)

(حليم بروهي)

مان هڪ مڙس جي زال آهيان. اسان هڪ ٻئي کي چاهيو هو، بي انت چاهيو هو ۽ پوءِ شادي ڪئي هئيسون. شادي کان اڳ اسان هڪٻئي جو منهن ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين ۽ جڏهن ملندا هئاسين تڏهن هڪ ٻئي جو منهن تڪيندا رهندا هئاسين. شادي اسان لاءِ هڪ آکٽ عشق بنجي آئي ۽ شادي کان ڪئين ورهيه پوءِ به اسان جي چاهت ۾ ڪو ڦيرو نه آيو، پر ڪجهه هو جو غلط هو، جو مون ڏاڍي دير کان پوءِ محسوس ڪيو ۽ جيڪي جڏهن محسوس ڪيم، تڏهن ڌاڍي شدت سان محسوس ڪيم.

جيڪي غلط هو، اهو مون پهريون گهمرو تڏهن محسوس ڪيو، جڏهن منهنجو مڙس مون کي پنهنجي هڪ دوست وٽ ڇڏي، پاڻ فقط پنجن منٽن لاءِ ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪتو هو. منهنجي مڙس فقط پنج منٽ لڳايا، پر اهي پنج منٽ منهنجي لاءِ قيامت بنجي آيا، اهي پنج منٽ مون کي ٻڌائي ويا، مون کي محسوس ڪرائي ويا ته اهو ڇا هو جو غلط هو. اهو ڇا هو جو مان محسوس ته ڪندي هيس، پر سمجهي نٿي سگهيس ته منهنجي شادي شده زندگيءَ ۾ ڇا غلط آهي. اهي پنج منٽ مون کي اهو زمانو ياد ڏياري ويا، جڏهن مان ۽ منهنجو مڙس هڪ ٻئي جي منهن ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين، اهي پنج منٽ مون کي اهو زمانو ياد ڏياري ويا، جڏهن مان ۽ منهنجو مڙس ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ ٻئي جا منهن تڪيندا رهندا هئاسين، اهي پنج منٽ مون کي اهو زمانو ياد ڏياري ويا، جڏهن اسان جون نگاهون هڪ ٻئي جي چهري تان نه هٽنديون هيون ۽ هٽڻ نه چاهينديون هيون، اهي پنج منٽ منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ کي هڪ گهمرو وري تيز ڪري ويا. مون انهيءَ شخص ڏانهن ڏٺو، هو ڪنڌ جهڪائي چانهه پي رهيو هو، مون سوچيو ته کيس ڪا خبر ئي ناهي ته هيڏانهن منهنجي دل تي ڪا وڄ ڪري هئي.

اهڙا ئي پنج منٽ، مون کي اُنهيءَ شخص سان، مهينن کان پوءِ وري مليا. هن ڀيري هن غلطي ڪئي جو اک کڻي مون ڏانهن ڏٺائين، يا وري مون غلطي ڪئي جو کيس گهوري ڏسي رهي هيس. هو ڇرڪيو ۽ تڙپيو به ضرور هوندو، پر مٿان منهنجو مڙس اچي ويو ۽ منهنجو ساهه منجهندي منجهندي اصل منجهي پيو.

مون کي هيڪلائي محسوس ٿيڻ لڳي. مون کي پنهنجي مڙس جو ساٿ نه هئڻ جهڙو لڳو ۽ مون کي اهو وقت ياد اچڻ لڳو، جڏهن مان ڪنواري هيس ۽ لڪي لڪي ساڻس ملندي هيس، جيڪو هاڻي منهنجو مڙس هو. مان وري تڙپڻ لڳيس. منهنجي دل ۾ وري اڻ تڻ اٿڻ لڳي، بلڪل ائين ڄڻ مون کي بک هجي، ڄڻ منهنجو روح اڃيو هجي. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ آيو ٿي ته باهه ڏيئي ڇڏيان پنهنجي اڃايل روح کي، جيڪو باهه بنجي پنهنجي پيٽ ۽ نڙيءَ ۾ رهيو پيو هو.

۽ پوءِ رات منهنجي لاءِ پيڙا بنجي ويئي، جيڪا نه وهامي ٿي ۽ نه وهامندي نظر آئي ٿي. منهنجو مڙس نانگ وانگر مون سان وراڪبو پيو هوندو هو ۽ منهنجو اڃايل روح ڄؤر جيئن رڙهندو رهندو هو، سـُڏڪندو رهندو هو. ڏينهن منهنجي لاءِ مونجهارو بنجي منهنجي ڇاتي تي مڱ ڏريندو هو. مون کي پاڻ کان نفرت ٿي ويئي. پنهنجن ٻارن کان نفرت ٿي ويئي. پنهنجي مڙس کان نفرت ٿي ويئي. شاديءَ جي چئن سالن جو خيال مون کي گار وانگر خراب لڳڻ لڳو ۽ مان پنهنجي باهه ۾، پڄرندڙ دل سان مشڪندي رهيس ۽ پنهنجي مڙس کي هلائيندي رهيس.

مون هڪ ڀيرو عشق ڪيو هو، فقط هڪ ڀيرو ۽ جنهن سان عشق ڪيو هئم، انهيءَ سان شادي ڪئي هئم. پر هاڻي مون کي اها خوشبوءِ ستائڻ ۽ تڙپائڻ لڳي، جيڪا شادي کان اڳ مون کي پنهنجي مڙس جي خطن مان ايندي هئي. هاڻي مون کي اهي نگاهون ياد اچڻ لڳيون، جن سان منهنجو مڙس شادي کان اڳ مون کي تڪيندو هو، هاڻي مون کي اهي هٿ ياد اچڻ لڳا، جيڪي جهجهڪندي مون سان الجهي ويندا هئا، اهي چپ ياد اچڻ لڳا، جيڪي ٻرندڙ ڪوئلو بنجي منهنجي اکين ۽ ڳلن تان ترڪندا، منهنجي چپن سان چنبڙي پوندا هئا ۽ مون کي اهو گرم ساهه ياد اچڻ لڳو، جيڪو منهنجي چهري تي لڳندو هو ۽ جنهن جي لهس خاطر مان ڪوڙ ڳالهائيندي هيس، اوسيئڙي ۾ ويهندي هيس، تڙپندي هيس، ترسندي هيس.

پنهنجي مڙس کي ته مون دل و جان سان چاهيو هو، ساڻس منهنجي روح ۽ هستيءَ پيار ڪيو هو. بس هڪ ئي رشتي منهنجي دنيا ويران ڪري ڇڏي. ڪاش اهو رشتو نه ٿيو هجي ها! ڪاش مان ائين ئي تڙپندي رهان ها! ڪاش منهنجي شادي نه ٿئي ها!

مون کي ڪَل تڏهن پيئي، جڏهن ڏٺم ته هو تڙپيو نه هو، فقط ڇرڪيو هو. هو محبت ۾ ٻڏو پيو هو- ڪنهن ٻئي جي محبت ۾. هاڻي مان پنهنجي مڙس جي دوستن کي غور سان ڏسڻ لڳي هيس؛ سندن باري ۾ سوچڻ لڳيس ته ڪير ڪنهن کان بهتر آهي؛ پر غور سان ڏسڻ ۽ انهن جي باري ۾ سوچڻ بيڪار هو. سڀئي هڪ جهڙا هئا. سڀئي ترڪڻ لاءِ تيار هئا، فقط منهنجي هڪ اشاري جي دير هئي. اکيون آرسيون آهن ۽ مان اکيون ڏسي ٻڌائي سگهيس ٿي ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي. اهو شخص جيڪو پنهنجون نظرون هميشه هيٺ رکندو هو، وڏو بي حيا هو. سندس خيال هو ته مان سندس شرافت جي رعب ۾ اچي ساڻس شيرين فرهاد وارو عشق ڪرڻ لڳنديس. اهو شخص، جيڪو مون کي محسوس به نه ٿيڻ ڏيندو هو ته مان عورت به آهيان، مون کي پنهنجي بي رخيءَ سان مرعوب ڪرڻ چاهيندو هو ۽ اهو، جيڪو ائين ايندو هو ڄڻ اوچتو اچي ويو هجي. هو ڄاڻي واڻي سوچي سمجهي ويندو هو. اهي سڀ جا سڀ بي همٿ ۽ بزدل هئا. کين جهٽ هڻڻ نٿي آيو. کين مئل جسم کائڻ جي عادت پيل هئي. سڀ جا سڀ، ڳجهن وانگر ڪڏهن لامارا ڏيندا هئا ته ڪڏهن سامهون اچي ٿي ويٺا. مان ائين ئي تڙپندي ۽ ترسندي رهيس. مون ۾ اڳتي وڌڻ جي همٿ نه هئي ۽ ٻئي ڪنهن ۾ به ايتري همٿ نه هئي جو مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي. سڀيئي انڌا هئا، يا مون کي انڌي سمجهي ويٺا هئا. مان ته ڪنهن ڳجهه لاءِ مرڻ لاءِ تيار هيس، پر ڪنهن ڳجهه جي دعائن ۾ ڪو اثر هجي نه! منهنجو مڙس مون کي ڏڍ ڏيندو رهيو ته کيس مون سان بي انت پيار آهي. کيس مون تي يقين آهي، اعتماد آهي. مون سندس يقين ۽ اعتماد کي ڪڏهن نه ضربيو. بس مان ماٺ ميٺ ۾ تڙپندي ۽ ترسندي رهيس.

پوءِ هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ايندي ئي چيائين: ”مان توکي ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان.“ منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ چيم: ”چئو.“ هن چيو ”مان توکي پيار ڪريان ٿو.“ بلڪل ائين چيو، ڄڻ چيو هجيس: ”اڄ گرمي ڪجهه سرس آهي.“ منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي پر مان خاموش رهيس. ڪجهه کن رکي هن چيو، ”مان توکان پنهنجي چاهت جو جواب وٺڻ لاءِ نه آيو آهيان، مون کي جواب اچي ٿو. مون کي خبر آهي ته تون به مون کي پيار ڪرين ٿي. مان فقط شروعات ڪرڻ آيو آهيان.“ منهنجي دل هڪدم بغاوت تي لهي آئي ۽ چيم، ”مان اهڙين ڳالهين ٻڌڻ جي عادي ناهيان. تو مون کي غلط سمجهيو آهي. توکي اهڙيون ڳالهيون ڪندي شرم اچڻ کپي. مان تنهنجي دوست جي زال آهيان.“ سندس چهري جو رنگ ڦري ويو، ڄڻ کيس سورهن آنا پڪ هجي ته مان سندس پيار جي اقرار جو انتظار ڪري رهي هيس. مون کان پڇڻ لڳو، ”ڀلا مان ويهي سگهان ٿو؟“ منهنجي دل ڪو جواب ڏيڻ نٿي چاهيو ۽ مون کيس ڪو جواب نه ڏنو.

هو بيٺو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”مون ائين نه چيو آهي ته ڪو تون اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ جي عادي آهين ۽ مون کي اهڙيون ڳالهيون ڪندي برابر شرم اچڻ گهرجي. تون منهنجي دوست جي زال آهين، پر مان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو. منهنجي سربستي ڳالهه ٻڌ ته سهي، خراب لڳي ته سهي وڃجان، فقط ايترو ڄاڻ ته مون توکي غلط ڇو سمجهيو، ڇو مون کي پڪ هئي ته تون به مون کي چاهين ٿي. منهنجي فقط اها ڳالهه ٻڌ، فقط هڪ ڀيرو. اڄ کان پوءِ تو وٽ منهنجو اچڻ به خراب محسوس ٿيندو، توکي به ۽ مون کي به. منهنجي پوري ڳالهه ٻڌ. فقط هڪ ڀيرو، فقط هڪ ڀيرو تون منهنجي زيادتي برداشت ڪر، فقط هڪ ڀيرو تون منهنجي بيهودگي گوارا ڪر.“ منهنجي دل چيو ته مان ماٺ رهان ۽ ڪجهه نه چوان، پوءِ هو هڪدم چوڻ لڳو: ”مان توکي پيار ڪريان ٿو ۽ منهنجي خيال ۾ تون به مون کي پيار ڪرين ٿي. مون کي پڪ هئي ته تون مون کي پيار ڪرڻ ڌاران رهي نٿي سگهين ۽ مون وٽ منهنجي انهيءَ ابتي سبتي پڪ ۽ خيال جو دليل به آهي. تون فقط هڪ ڀيرو منهنجي ڳالهه سهجان. مون کي ايتروو چوڻ ڏي ته مون اها غلطي ڇو ڪئي، مون کي چوڻ ڏي ته مون اها بيهودگي ڇو ڪئي ۽ مان ڇو هيئن بيوقوفي ڪرڻ تي سنڀري آيو آهيان. هونئن به ته بيٺي بيٺي گهڻو ڪجهه چوان پيو ۽ تون مون کي ٻڌي به ته رهي آهين.“

ڄڻ پريان تمام پريان ڪنهن مون تي تهمت ڌري هجي، مان منجهي پيس ۽ سمجهي نه سگهيس ته اها تهمت ڪهڙي هئي، ڪنهن لڳائي هئي ۽ اها تهمت هئي به يا ڪا تهمت ئي نه هئي، فقط منهنجو ڪو خيال هو، ڪو وهم هو. مون صوفي ڏانهن اشارو ڪيو ۽ هو ائين ويهي رهيو، ڄڻ ڪڏهن ڪنهن صوفي تي ويٺو ئي نه هجي.

”مون کي سڌ آهي ته تو هڪ ڀيرو عشق ڪيو هو.“ هڪ هڪ لفظ، هن ائين چوڻ شروع ڪيو، ڄڻ مان ڪا ٻار هجان ۽ هو مون کي سمجهائي رهيو هجي. ”پنهنجي مڙس سان عشق ڪيو هوءِ، جنهن سان عشق ڪيو هوءِ، ۽ اهو اڄ تنهنجو مڙس آهي، پر تو عشق ڪيو هو، جنهن جي مون کي خبر هئي. مون به عشق ڪيو هو، هاڻي مان به شادي شده آهيان ۽ منهنجي زال به آهي، جنهن کي مون ڪڏهن پيار ڪيو هو، جنهن سان مون ڪڏهن عشق ڪيو هو، پر هاڻي مان وري عشق ڪرڻ لاءِ تڙپان ٿو، هاڻي مان وري هڪ ڀيرو تڙپڻ لاءِ تڙپان ٿو. تون به مون وانگي انسان آهين، مون کي اهو سمجهڻ لاءِ ڪوبه سبب ناهي ته تون به ساڳي طرح محسوس نٿي ڪرين، جهڙي طرح مان محسوس ڪريان ٿو. مون کي اهو سمجهڻ لاءِ ڪو سبب ناهي ته تنهنجي دل به ائين نه چاهيندي هوندي، جيئن منهنجي دل چاهي ٿي. مون کي اهو سمجهڻ لاءِ ڪو سبب ناهي ته تنهنجي دل به عشق ڪرڻ لاءِ ائين نه تڙپندي هوندي، جيئن منهنجي دل تڙپي ٿي.“

هاڻي مان تڙپيس نٿي. هاڻي منهنجي دل م آيو ته کيس هڪ چماٽ وهائي ڪڍان. عشق کان، پيار ۽ چاهت بهتر لفظ آهن. ”مان غلط فهميءَ ۾ نه رهندو آهيان، مان غلط فهميءَ ۾ رهڻ نٿو چاهيان. مون کي خبر آهي ته منهنجي زال ڇا سوچيندي هوندي، ڇا چاهيندي هوندي. هوءَ اهوئي سوچيندي ۽ چاهيندي، جيڪي مان چاهيان ۽ سوچيان ٿو. جيڪي تون چاهيندي ۽ سوچيندي آهين. منهنجي زال به ته آخر عشق ڪيو هو، مون ۽ تو وانگر. مون کي خبر آهي ته تنهنجو مڙس توکي چاهي ٿو، بلڪل ائين جيئن تون کيس چاهين ٿي، پر هن به ته توسان عشق ڪيو هو، سندس دل به ڪنهن ٻئي سان عشق ڪرڻ چاهيندي هوندي ۽ هاڻي شايد هوءَ ڪنهن سان عشق ڪندو به هوندو. اسان جيڪڏهن هڪ ڀيرو عشق ڪري ويهندا آهيون، هڪ ئي هنڌ جا محدود ٿي رهجي ويندا آهيون.“

اهو الزام هو منهنجي مڙس جي اخلاق تي، مون کيس گهوري ڏٺو پر هو اصل نه ترسيو. ”اسان عشق ڪيو هو. عشق ۾ تيزي هوندي آهي، زيادتي هوندي آهي، گرمي هوندي آهي، هڪ باهه هوندي آهي، جنهن جا اسان عشق ۾ رهي عادي ٿي ويندا آهيون ۽ اها باهه شاديءَ کان پوءِ ٿڌي ٿي ويندي آهي. اسان عشق ۾ رهي انهيءَ جي تيزي، زيادتي، گرمي ۽ باهه جا عادي ٿي ويندا آهيون ۽ شاديءَ کان پوءِ- جيڪڏهن شادي انهيءَ سان ٿي وڃي، جنهن سان اسان عشق ڪيو هجي- انهيءَ گرمي ۽ باهه جي گهٽتائي اسان کي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن اسان عشق ڪنهن ٻئي سان ڪيو هجي ها ۽ شادي ڪنهن ٻئي سان ڪئي هجي ها ته اسان اڃان تائين عشق جي باهه ۾ پچي رهيا هجون ها ۽ اسان کي اسان جي زندگيءَ ۾ ڪا کوٽ محسوس نه ٿيڻ لڳي ها.“

ڏاڍي ٻوساٽ ۾ هوا جي ڪنهن هلڪي لهر وانگر مون کي سندس انهيءَ ڳالهه ۾ هلڪو سچ محسوس ٿيو. هاڻي پتو پيم ته مون کي سندس ڳالهين کان بي انتها نفرت ڇو ٿي رهي هئي. مون کي سندس هر هر عشق چوڻ خراب ٿي لڳو. هاڻي هو چئي رهيو هو: ”عشق ۾ اسان اُنهيءَ فرد جي اهميت وڌيڪ سمجهندا آهيون، جنهن سان اسان عشق ڪندا آهيون ۽ اُنهيءَ ئي فرد سان شادي ٿيڻ کان پوءِ اسان محسوس ڪرڻ لڳندا آهيون ته عشق ۾ اُنهيءَ فرد جي ڪا اهميت نه هئي. عشق ۾ اهميت فقط عشق جي هوندي آهي، فقط انهن احساسن جي هوندي آهي، جن سان اسان اُنهيءَ فرد کي محسوس ڪندا آهيون.، اهميت فقط اُنهيءَ کي محسوس ڪرڻ جي هوندي آهي، جنهن سان اسان اُنهيءَ فرد کي محسوس ڪندا آهيون ۽ نه انهيءَ فرد کي جيڪو الف جي بدران ب هجي ته به ڪو فرق نه پوندو هجي، عشق ۾ رهي اسان اُنهيءَ فرد جا نه، پر انهيءَ جذبي جا عادي ٿي ويندا آهيون، جنهن سان اسان اُنهيءَ فرد کي چاهيندا آهيون.“

هاڻي مون کي ڏانهس، سندس ڳالهين ڏانهن، وڌيڪ ڌيان ڏيڻو ٿي پيو. مان اهڙيون ڳالهيون، جيڪي هو چئي رهيو هو، ٻڌڻ جي عادي نه هيس. منهنجو ذهن ائين لوڏا کائي رهيو هو، ڄڻ منهنجي وس کان ٻاهر ٿيندو هجي. ”شاديءَ کان پوءِ، اهو فرد اسان جي جذبات کي ايترو جهنجهوڙي نٿو سگهي، جيترو شاديءَ کان اڳ، ڇو جو شاديءَ کان پوءِ اهو فرد اسان جي جذبات ۾ اهو انتشار پيدا نٿو ڪري سگهي، جيڪو شاديءَ کان اڳ هو پيدا ڪندو هو. جذبات جو ٺهراءُ ايندڙ بيرخيءَ جي علامت آهي، چاهت جي نه ۽ چاهت ٻي شيءِ آهي ۽ پيار ٻي شي. چاهت ۾ دٻيل درد ٿيندو آهي، چاهت ۾ دٻيل حسرت ٿيندي آهي. منهنجي چاهت اها آهي، جنهن کي مون گهڻو ئي چاهيو ۽ جيڪا مون کي حاصل نه ٿي سگهي ۽ منهنجو پيار اهو آهي، جيڪو منهنجو آهي ۽ جيڪو پنهنجو آهي. تون ۽ مان ته عشق جي طوفان مان لنگهيا آهيون. عشق ذهن ۾ انتشار پيدا ڪندو آهي. هي اهو  عمل آهي، جيڪو تون ڪرڻ چاهين ۽ ڪندي ڊڄين، يا ڪندي خراب لڳي يا توکي محسوس ٿئي ته ٺيڪ ناهي، يا تون محسوس ڪرين ته جيڪر نه ڪرين ته بهتر. اهو سڀ ڪجهه اهو آهي جيڪو عشق ۾ ٿيندو آهي- اهو انتشار آهي، اهو عشق آهي.“

منهنجو ذهن ٻڏڻ لڳو. مون اهو نه ڄاتو هو. مون کي عشق جي مٺاس ياد هئي، عشق جي ڪڙاڻ آئون ڪڏهوڪو ڀلجي وئي هيس. منهنجو ذهن ٻڏڻ لڳو ۽ پوءِ بلڪل ٻڏي ويو ۽ جڏهن وري مٿي اڀريو تڏهن هو چئي رهيو هو: ”دنيا کان لڪي، ڪڏهن ڏاڪڻ پويان، ڪڏهن دروازي جي اوٽ ۾ ملڻ جو جيڪو مزو آهي، اهو شاديءَ کان پوءِ کليو کلايو ملڻ ۾ ناهي. گهر ڪجهه چئي، ٻئي ڪٿي وڃي، ڪنهن ڌارئي سان ملڻ ۾ جيڪو مزو آهي، اهو مزو انهيءَ ڌارئي سان شادي ڪرڻ ۾ ناهي.“

نڀاڳو، ڄڻ منهنجي ماضيءَ ۾ ليئو پائي رهيو هجي، ڄڻ منهنجي آنڊن کي کوٽي رهيو هجي. نڀاڳي ڄڻ منهنجي دل پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪري رکي هجي. مون پنهنجي ذهن کي زور سان سنڀاليو، ”ماحول، ماحول ۾ فرق ٿئي ٿو. تنهنجو ۽ منهنجو ماحول هڪجهڙو آهي. ڌارئي سان ملڻ ٺيڪ نٿو سمجهيو وڃي. خراب سمجهيو ويندو آهي. فقط ڌارئي سان ملڻ جو خيال ئي اسان جي ذهن ۾ انتشار پيدا ڪري ڇڏي ٿو. هڪ قدم وڌيڪ اڳتي اها ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي، جنهن کي اسان عشق چئون ٿا. عشق توکي تنهنجي مڙس سان نه هو، فقط انهيءَ ڪيفيت سان هو، جنهن ۾ تون هئينءَ. مون کي پنهنجي زال سان عشق نه هو، پر انهيءَ ڪيفيت سان عشق هو، جنهن ۾ مان هئس. عشق انهيءَ ڪيفيت جو نالو آهي، جنهن ۾ تون ۽ تنهنجو مڙس هئا ۽ جنهن ۾ مان ۽ منهنجي زال هئاسين.“

ڄڻ سوين ڪتا منهنجي دل تي وري ويا هجن، ڄڻ منهنجي دل ڪئين ڪتن جي ڇڪ ڇڪان ۾ اچي ويئي هجي، ڄڻ منهنجي دل ٻوٽي ٻوٽي ٿي رهي هجي. ”شادي ۽ عشق ٻه جدا شيون آهن. عشق جي تسڪين جي لاءِ شادي ڪرڻ جو خيال حماقت آهي. شاديءَ سان عشق جي تسڪين نٿي ٿئي، شاديءَ سان عشق ۾ اُٻار اچي ٿو. عشق هڪ عادت آهي، جيڪا هڪ دفعو عشق ڪرڻ سان پئجي ويندي آهي، جيڪا هڪ دفعو عشق ۾ رهڻ سان ٿي پوندي آهي. اسان جي پهرين غلطي، اسان جو پهريون عشق آهي. عشق جي لذت پوءِ اسان کي آرام سان جيئڻ نٿي ڏي. شاديءَ جي ڪري ڪو فرق نٿو پوي. چاهي شادي انهيءَ سان، جنهن سان عشق ڪجي، ڇونه ٿي وڃي ۽ عشق کان پوءِ شاديءَ ۾ وڏو فرق آهي. عشق هڪ عادت آهي ۽ عشق کان پوءِ شادي ڏيکاءُ آهي. جيڪو هڪ ڀيرو عشق ڪندو، اهو ٻيو ڀيرو عشق ضرور ڪندو. ٽيون ڀيرو به ڪندو ۽ ڪندو ويندو، جيستائين کيس قبر داخل نه ڪيو وڃي.“

۽ مون کي هڪدم ائين محسوس ٿيو، ڄڻ منهنجي پيٽ ۾ ڪنهن ڌارئي جو ٻار هجي. هاڻي هو چئي رهيو هو: ”توکي تنهنجي مڙس سان عشق نه هو. توکي انهيءَ ڪيفيت سان عشق هو، جنهن ۾ تون هئينءَ ۽ اها ڪيفيت تو ۾ ڪوبه ٻيو غير مرد به پيدا ڪري سگهيو ٿي. تنهنجي مڙس جو هئڻ ضروري نه هو، غير مرد جو هئڻ ضروري هو ۽ اهو هڪ فقط اتفاق هو جو هو اهوئي هو، جيڪو اڄ تنهنجو مڙس آهي. مون کي منهنجي زال سان عشق نه هو، عشق اها ڪيفيت هئي، جنهن ۾ مان هئس ۽ اها ڪيفيت مون ۾ ڪابه ٻي غير عورت پيدا ڪري سگهي ٿي. منهنجي زال جو هئڻ ضروري نه هو، غير عورت جو هئڻ ضروري هو ۽ اهو فقط اتفاق هو جو هوءَ اهائي آهي، جيڪا اڄ منهنجي زال آهي.“

هاڻي اهو ٻار پيدا ٿي رهيو هو. مان ڏاڍي مشڪل سان پاڻ کي سنڀالي ويٺي هيس، ”عشق ۽ پيار ۾ فرق آهي. تون ۽ مان عشق لاءِ تڙپون ٿا. پيار جي لاءِ نه. اسان عشق جي جنون لاءِ تڙپون ٿا، پيار جي خلوص لاءِ نه. هاڻي جلدي ئي تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ فرد جي ڪا اهميت نه رهندي ۽ اسان نئين فرد جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا رهنداسين. اسان جي غلطي اسان جو پهروين عشق هئي. هڪ ڀيرو اسان عشق ڪيو، هڪ ڀيرو اسان عشق جو چسڪو چکيو، هاڻي اسان ٻيو عشق ڪنداسين، پوءِ ٽيون عشق ڪنداسين ۽ اسان جو ڪوبه عشق اسان جو آخري عشق نه هوندو. هاڻي تون ۽ مان- ۽ تو ۽ مون جهڙا ڪئين ٻيا ماڻهو- قبر تائين نئين ڌارئي جا محتاج رهنداسين. مان انسان آهيان، ماڻهو آهيان ۽ مان ماڻهو کي ڄاڻان سڄاڻان ٿو. مان تنهنجي لاءِ ڌاريو آهيان ۽ تون منهنجي لاءِ ڌاري آهين. مان يقين نٿو ڪري سگهان ته تون اهڙي طرح محسوس نٿي ڪرين، جهڙي طرح مان ڪريان ٿو، مون کي تنهنجي ضرورت آهي، مون کي تنهنجي دوستيءَ جي ضرورت آهي. مان يقين نٿو ڪري سگهان ته توکي منهنجي ضرورت ناهي، مان يقين نٿو ڪري سگهان ته توکي منهنجي دوستيءَ جي ضرورت ناهي. اُنهيءَ کي اسان چاهت به چئون ٿا. مان توکي چاهيان ٿو ۽ مان يقين نٿو ڪري سگهان ته تون مون کي نٿي چاهين.“

ٻار پيدا ٿي چڪو هو ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سنڀالي چڪي هيس. مون چيو: ”تو غلط سمجهيو آهي. توکي غلط فهمي ٿي هوندي. تون ڀليو آهين، مان پنهنجي مڙس کي چاهيان ٿي ۽ مان فقط پنهنجي مڙس کي چاهيان ٿي.“

هو منٽ کن ماٺ ۾ رهيو ۽ پوءِ وري چوڻ لڳو: ”ٿي سگهي ٿو ته مان غلط هجان، ٿي سگهي ٿو ته مون ڳالهه سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي هجي، ٿي سگهي ٿو ته منهنجو محسوس ڪرڻ ئي غلط هجي ۽ ٿي سگهي ٿو ته مان هميشه غلط ڳالهه غلط طريقي سان محسوس ڪندو رهيو هجان. سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر مون کي يقين نٿو اچي ته مان ايتري قدر غلط قسم جو ماڻهو به ٿي سگهان ٿو، مون کي يقين نٿو اچي ته مان ايتري قدر غلط ماڻهو آهيان. مان توکي مجبور نٿو ڪري سگهان ته تون مون کي چاهِه، نه کڻي چاهِه، بيشڪ نه چاهِه، پر جيڪڏهن منهنجي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو طريقو صحيح آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي ايترو ٻڌائي ڇڏ ته منهنجي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو طريقو صحيح آهي. تون ڀلي کڻي مون سان پيار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏ، بيشڪ ٿڏي ڇڏ مون کي، پر جيڪڏهن منهنجي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو طريقو غلط ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ٻڌائي ڇڏ ته منهنجي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو طريقو غلط ناهي.“

هاڻي مان، جيڪا ڏاڍي ڌيان ۽ ڏاڍي غور سان سندس هڪ هڪ ڳالهه ٻڌي رهي هيس، هڪ غلطي ڪري ويٺيس، غلطي ٿي ويئي مون کان، مون ڄاڻي ٻجهي نه ڪئي، پر اڻڄاڻائيءَ وچان، خبر ناهي ڪهڙيءَ ريت، مان چئي ويٺس: ”تنهنجي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو طريقو غلط ناهي.“

 

 

مينو                        (بنگالي)

(رابندر ناٿ ٽئگور)

مينوءَ جو پهريون ٻار، ڄمڻ کان ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ مري ويو ۽ ٻيو ٻار سال کن جو ٿيو ته گذاري ويو. هوءَ اڃان جوان هئي. سندس آتما جو ڌرتيءَ سان ائين سنٻنڌ هو، جيئن اڻ پڪل ميوو ٽاريءَ سان چهٽيل هوندو آهي. کيس دنيا جي هر سائي شيءِ، جنهن ۾ جيون جي جوت هجي، ڏاڍي وڻندڙ لڳندي هئي. سندس گهر جي پويان هڪ ننڍو باغيچو هو، جنهن جي سار سنڀال مينو لهندي هئي. هوءَ وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي پرگهور هڪ ماءُ وانگر لهندي هئي. اصل مامتا اٿلي پوندي هئي، اڃان ولين مان واس اچڻ مس لڳو هو ته کيس ڪلڪتي مان ماڻهو وٺڻ آيو.

پاڙي جا ڪتا ساڻس ڏاڍو هري مري ويا هئا، مينو به کين ڏاڍو ڀائيندي هئي. منجهائن ننڍي ۽ ويڪري نڪ وارو گلر، جنهن کي ”ڀونٽا“ سڏيندا هئا، سڀ کان وڌيڪ پيارو لڳندو هئس. مينو انهيءَ گلر لاءِ ڪنڌ ۾ پائڻ جي مالها ٺاهي رهي هئي ۽ اڃا اڌ مڻيا مس پوتا هئائين ته سندس مڙس کيس ڪلڪتي وٺي وڃڻ لاءِ اچي سهڙيو. گلر جي مالڪ مينوءَ کي گلر پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ موڪل ڏيئي ڇڏي، پر مينوءَ جي مڙس کي اها ڳالهه نه وڻي، چيائين ته ”ڪتا مصيبت بنجي ويندا آهن.“

هڪ رات، مينوءَ کي سندس نئين گهر ۾ صفا ننڊ نه آئي. صبح جو باک ڦٽڻ تائين هوءَ بستري تي پاسا ورائيندي رهي. ٺونٺين ڀر مٿي ٿي، دريءَ مان ٻاهر نهاريائين: چمپا جو ٻوٽو، سندس دريءَ جي اوچائيءَ تائين پهچي ويو هو. منجهس ڏاڍا گهڻا گل لڳل هئا، انهيءَ ڪري ڀريو تريو ۽ جهنجهيل پئي لڳو. گلن جي ڀنل سڳنڌ وٽس وڌي آئي هئي، ڄڻ پـُڇي رهي هجي، ”مينو پياري ڪيئن آهين؟“

مينؤ جي گهر کان ٻئي ڀر واري گهر جي وچ واري وڇوٽيءَ ۾ چمپا جو ڊگهو ٻوٽو سج جي ڏسڻ ڪاڻ ائين بيٺو هو، جيئن ڪو گونگو ٻار پنهنجي ماءُ کي ات ڳوليندو هجي ۽ هوءَ نه هجي ته منجهي بيهي رهي.

مينو گهڻو ڪري بستري مان دير سان اٿندي هئي. جڏهن هوءَ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ دير سان اٿي ۽ جان کڻي ٻوٽي ڏانهن ڏٺائين ته منجهس هڪ به گل نه هو، ”سڀئي گل ڪيڏانهن ويا؟“

پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي ٻوٽي جي سنڀال جي هدايت ڪيائين، پر ٻوٽي ۾ کيس وري گل ڏسڻ ۾ ڪين آيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کيس حقيقت جي خبر پيئي ته صبح سان گلن سان ڪهڙي ويڌن ٿيندي هئي.

صبح جو هوءَ اڃا اڌ کليل ڪنول جي گلن وانگر ٽڙي مس هئي ته هن هڪ پوڄاري برهمڻ کي هٿ ۾ ٿيلهي لوڏيندي، ٻوٽي تائين ايندي ڏٺو ۽ پوءِ کيس ڏاڍي بيدرديءَ سان ٻوٽي کي ڌونڌاڙيندي ڏٺائين، ڄڻ مسواڙ وصول ڪندڙ پنهنجي بقايا وصول ڪندو هجي.

مينؤ نوڪرياڻيءَ کي چيو، ”جلد هيٺ وڃ ۽ انهيءَ شخص کي مون وٽ وٺي اچ.“

جڏهن برهمڻ وٽس آيو ته مينو پرڻام ڪندي چوڻ لڳي، ”مهاراج، اهي گل ڪنهن جي لاءِ پَٽيا اٿو؟“

برهمڻ وراڻيو، ”ڀڳوان لاءِ.“

مينؤ پڇيو، ”پر اوهان کي خبر ناهي ته ڀڳوان اهي گل مون کي سوکڙي طور ڏنا آهن؟“

”توکي؟“

”ها مون کي، ڇا ڀڳوان هڪ ڀيرو ڏنل شيءِ واپس به وٺندو آهي؟“

برهمڻ کي اها ڳالهه نه آئڙي ۽ ماٺڙي ڪري هليو ويو.

ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن برهمڻ وري ٻوٽي کي ڌونڌاڙڻ شروع ڪيو ته مينؤ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ نوڪرياڻيءَ کي سڏي چيائين، ”مون کان هاڻي اهو ڏٺو نٿو ٿئي. هن کان پوءِ مان هن ڪمري ۾ نه سمهنديس.“

هاڻي مينوءَ جو بسترو ٻئي ڪمري ۾ هو. سندس دري چوڌريءَ جي بنگلي جي سامهون کلي ٿي. هڪ ڏينهن پنهنجي مڙس کي چيائين، ”هوڏانهن ڏس، ڪيڏو نه سهڻو ٻار آهي! ٿوري دير لاءِ هنج ۾ کڻن لاءِ وٺي ڏيو.“

مڙس وراڻيو، ”هي وڏا ماڻهو آهن. اهي پنهنجي ٻار کي هڪ ڪلارڪ جي گهر ۾ وٺي وڃڻ جي ڪٿي اجازت ڏيندا؟“

مينؤ چيو، ”اها ته بي عقلي آهي. جيستائين ٻار جو واسطو آهي ته انهيءَ ۾ ملڪيت سان ڪهڙو فرق پوندو؟ ٻار لاءِ ماءُ جي هنج، شاهيءَ تخت مثل هوندي آهي.“

مڙس ٻاهر ويو ۽ جلدي موٽي آيو ۽ چيائين، ”اهي ته مون کي ڏسڻ به پسند نٿا ڪن.“

ٻئي ڏينهن مينؤ پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي سڏي چيو، ”ڏس، هو ٻار باغيچي ۾ اڪيلو پيو کيڏي. تون ڊوڙي وڃي هيءَ ٽافي کيس ڏيئي اچ.“

شام جو سندس مڙس لٿل منهن سان وٽس آيو، ”هي ته اسان تي سخت ناراض ٿي پيا آهن.“

”ڇا جي لاءِ؟“

هنن اسان کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسان جي نوڪرياڻي ٻيهر سندن باغيچي ۾ ويئي ته اهي پوليس کي اطلاع ڪندا.“

مينؤ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ”مون کي خبر آهي.... مون کي خبر آهي.“ هن سڏڪندي چيو، ”مون کين ٻار جي هٿ مان ٽافي کسيندي ڏٺو هو. هنن کيس چماٽ به هڻي ڪڍي. مان هتي وڌيڪ نٿي رهي سگهان... مان هتي مري وينديس. مون کي هتان پري وٺي هلو.“

 

 

تِلو توما                       (بنگالي)

(بَن ڦول)

انسان جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڊرامائي پَل ايندا آهن، جو اسان جا سڀ اندازا، سڀ عمل جا طريقا کن جو کن ۾ بدلجي ويندا آهن. اتر ڏانهن وهندڙ ندي هڪدم پنهنجو رخ ڏکڻ ڏانهن ڪري ڇڏيندي آهي، برف پوش جبل ڪري پوندا آهن ۽ انهيءَ جاءِ تي وسيع غار ٺهي پوندي آهي. عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ اهڙا حادثا پيش ايندا رهندا آهن. انهيءَ قسم جي تجربن کي منهن ڏيڻ لاءِ انسان کي نه هيرو بنجڻ جي ضرورت ٿيندي آهي ۽ نه بدنام.

ناڪل نندي به هڪ عام قسم جو سادو ماڻهو هو ۽ اهڙو ئي سندس پٽ گوڪل پڻ. ڪاليج مان گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ ٻين وانگر گوڪل به پنهنجو وقت تاش کيڏڻ، اسٽيج تي ڊرامن ۾ شوقيه حصو وٺڻ، سياست ۽ ادب تي بحث ڪرڻ..... مطلب ته اهڙي نموني جي ڪمن ۾ بسر ڪندو هو، گوڪل لاءِ ڪافي گهرن مان سنڱ جون آڇون آيون، جيئن هر نوجوان لاءِ اينديون آهن. شاديءَ جي مارڪيٽ ۾ کيس هڪ قيمتي ۽ نفعي بخش آسامي سمجهيو ويو ٿي، ڇونه سمجهيو وڃي، شهر ۾ هڪ ٽِه ماڙ عمارت هئس، پڻس جو وياج جو ڌنڌو زور هو ۽ ماڻس طرفان خاندان ۾ جائداد ۽ زمين مليس هئس. زندگي بسر ڪرڻ لاءِ کيس نوڪريءَ جي ڪاڻ ڪانه هئي. کيس جيڪي وسيلا هئا، تن جي سهاري هو سڄي عمر آرام ۽ اطمينان سان اسٽيج جي خدمت ڪري سگهيو ٿي ۽ جيڪڏهن چاهي ها ته رضيه جي دل ۾ هو شهرت جي آسمان جو چمڪندڙ تارو بنجي سگهيو ٿي.

آڇون اينديون رهيون. ناڪل نندي زماني جو ماڻهو هو. جنم پتري، خاندان، صورت، شڪل ۽ ڏاج جهڙي مسئلن تي ڪافي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ کيس هڪ ڇوڪري پسند آئي. کيس سڏيندا هئا تيلو، پر سندس نالو هئو تلوتوما. نندي بابو جيئن ته پراڻي وضع جو ماڻهو هو، انهيءَ ڪري هن ضروري نه سمجهيو ته شاديءَ کان اڳ پٽ کي سندس ٿيندڙ ڪنوار جو چهرو ڏيکارجي. اهو فرض هن پاڻ انجام ڏنو ۽ ڇوڪريءَ کي پنهنجي پٽ لاءِ پسند ڪيائين. گوڪل کي ته ڇوڪريءَ جي نالي ئي جادو ڪري ڇڏيو، شاعرانه فرضي ڪهاڻيءَ جي فردوسي تلوتوما، انهيءَ حسينا جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئي، جيڪا گوڪل جي تصوراتي دنيا تي ڇانئيل هئي.

پر جڏهن هن انهيءَ خيال تصوير جي اصلي نقشن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ته سندس دل سسي وئي..... هي آهي تلوتوما! قد جي بندري ۽ ٿلهي، شڪل جي ڪاري ۽ بي ڊولي، اکيون ننڍڙيون، جيڪي ڪنهن اڄاتل خوف کان ڊنل نظر ٿي آيون.... شنک جي مسلسل گونج، عورتن جي چيخ و پڪار ۽ برتنن جي کڙڪي ۾ گوڪل انهيءَ ڇوڪري کي پنهنجي ڪنوار بنائي گهر وٺي آيو..... جو ٻيو ڪو چارو ڪونه هو، پر سندس حوصلو ختم ٿي چڪو هو.

ناڪل ننديءَ کي به گهٽ ڏک ڪونه ٿيو هو. کيس به خبر پئجي ويئي ته ڇوڪريءَ جو پيءُ انجام جو پڪو ۽ ايماندار نه هو، جيئن هن سمجهيو هو جو هن پنهنجا ڪيل وعدا به پورا نه ڪيا. ڏاج جي رقم ادا ڪندي هن پنج سؤ روپيا گهٽ ڏنا ۽ عذر ڏنائين ته ڪنهن سبب ڪري هو پوري رقم ادا ڪري نه سگهيو آهي، جيڪا بعد ۾ ادا ڪندو. گهوٽ ڪنوار کي هن جيڪي ڪجهه ڏنو هو، سو به سستو ۽ پراڻو ڏنو هئائين. ڪنوار جي سرخ ساڙهي جو رنگ به ڪافي جهڪو پئجي چڪو هو. وعدي مطابق گهڙي ڏسڻ ۾ ئي ڪانه آئي، شايد ڪلڪتي آرڊر موڪليو هئائين، پر وقت تي پهچي نه سگهي هئي. ڪنهن کي خبر ته سون جي منڊي به ڏنائين يا نه، ڏسڻ ۾ ته ٽامي جي آئي ٿي.... ته ڇا هڪ فريبي ۽ مڪار سان هٿ مهٽيندي ۽ مٿو ڌوڻيندي سڀ شرط قبول ڪيا هئائين.... البت اها ڳالهه ضرور هئي ته ناڪل نندي جي گهرَ ڪجهه وڌيڪ هئي، پر اهو به ته سچ آهي ته جيڪڏهن کيس هڪ وڏي رقم جي پيشڪش نه ڪئي وڃي ها ته هو هن ٿلهي ۽ ڪاري بدشڪل ڇوڪريءَ کي پنهنجي پٽ جي ڪنوار ڪري آڻڻ تي تيار ئي ڇو ٿئي ها. هر شيءِ جي پنهنجي مناسب قيمت مقرر آهي. عجيب ڳڙٻڙ ٿي ويئي.... ڪنهن کي خبر هئي ته اهڙو خوش اخلاق ۽ مهذب ماڻهو به بي ايمانيءَ تي سندرو ٻڌي بيهندو.

ننڍي بابوءَ کي خاطري هئي ته گهر ۾ ٻائيتال متو پيو هوندو. گوڪل جي ماءُ سڄي گهر کي آسمان تي کڻي ڏنو هو ۽ هوءَ چئي رهي هئي ته ”گوڪل پيءُ جي ته مت مارجي وئي آهي. ڪير اهڙي ڇوڪريءَ کي پنهنجي گهر ۾ ڪنوار ڪري آڻيندو؟ ڪيڏي نه بي عزتيءَ جي ڳالهه آهي.“

نندي بابوءَ ڳالهه جو رخ مٽائڻ خاطر ڪوڙ کان ڪم وٺندي چيو، ”اڙي ته مون ڪو ڇوڪريءَ کي ڏٺو به هو ڇا؟ هن جو ته رنگ صاف ۽ نڪ نقشو به خوبصورت هو، قد جي به ٺيڪ هئي ۽ مٿي جا وار به ڪارا ۽ گهاٽا هئس، پر سندس پيءُ فريبي ۽ مڪار نڪتو. مان به گوڪل جي ٻي شادي نه ڪرايان ته منهنجو نالو به نندي ناهي.“ ٻي شاديءَ جو جيترو قدر تعلق هو، سڀئي هم خيال هئا ۽ گوڪل به رضامند.

تلوتوما ۾ هڪ ڳالهه ضرور هئي، جنهن کي گوڪل به ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ڄاڻي ويو هو ته هو طبيعت ۾ تمام نيڪ هئي. نيڪي سندس چهري تي نقش ٿيل  هئي ۽ هوءَ ڪافي شرميلي هئي. کيس جيترو گوڪل ويجهو ويندو هو، کيس اويتري ئي حيرت ٿيندي هئي. هن تي يا سندس پيءُ کي ڌڪاريندا هئا، ويڻ ڪڍندا هئا، پر هن ڪڏهن به برو نه جتايو. برسات جي رم جهم ۽ صبح جي سچ اڀرڻ ۾ کيس ڪابه تعجب واري ڳالهه نظر نه ايندي هئي. شادي جي معاملي ۾ جيڪا گڙٻڙ ٿي، انهيءَ سان ڀلا هن جي ذهن جو توازن ڇو بگڙي؟ اهو زماني جي دستور مطابق هڪ معمولي واقعو هو، اهڙين ڳالهين جو ٿيڻ ته زندگيءَ جي معمول ۾ شامل آهي.

ناڪل نندي جي باري ۾ جيڪا ڪوڙي ڳالهه م شهور هئي، انهيءَ جي خلاف هوءَ جيڪڏهن چاهي ها ته سخت احتجاج ڪري سگهي ٿي، پر هن ائين نه ڪيو ۽ هوءَ مصلحتا خاموش رهي. هوءَ انهيءَ تي ئي خوش هئي ته گوڪل سندس مڙس آهي. ساڻس احتجاج ڪرڻ يا تهمت طرازين جي جواب ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ هوءَ چڱيءَ ريت سمجهي ٿي ته سندس زندگيءَ جي اها مسرت محض قسمت سان سندس حصي ۾ آئي آهي، جيڪا سندس لاءِ جنت کان گهٽ نه هئي. هن چڱي ريت ڄاتو ٿي ته هوءَ گوڪل جي لائق نه هئي ۽ گوڪل تي سندس ڪوبه اڌيڪار نه هو، انهيءَ ڪري لڙائي جهڳڙي سان پنهنجيءَ خوشيءَ کي وڃائڻ نٿي چاهيائين.

”مون کي ٻي شادي ڪرڻي ئي پوندي.“ گوڪل هڪ ڏينهن چيو.

تيلو چپ هئي.

”جواب ڇو نٿي ڏين؟“

”هندو گهراڻن ۾ ائين ٿيڻ ڪا عجيب ڳالهه ناهي.“

”توکي افسوس ته نه ٿيندو؟“

”مون کي....؟ نه“ هڪ کن لاءِ چپ ٿي ۽ وري چيائين، ”۽ جيڪڏهن افسوس ٿيو ته مان برداشت ڪري وٺنديس، بشرطيڪ توهان خوش رهو.“

گوڪل سمجهيو ته شايد کيس اها ڳالهه ڏکي لڳي آهي....

ائين ئي هڪ سال گذري ويو.

 

تيلوءَ ۾ جيڪڏهن گوڪل لاءِ ڪا جاذبيت يا  ڪشش هئي ته انهيءَ کي ختم ٿيڻ ۾ هڪ سال جي مدت ڪافي هئي. تيلو اڻپڙهيل ۽ جاهل هئي. موسيقيءَ کان ناواقف ۽ مذهب طور طريقن کان نا آشنا هئي. وٽس نه جسماني حسن هو ۽ نه هنر جو ڪمال. منجهس گڻ هو ته فقط اهو هو ته هوءَ هڪ وڳي جيئن ڪم ڪار پورو ڪندي هئي ته گهر جا برتن ۽ ڪپڙا صاف ڪري ۽ ڌوئي وٺندي هئي. سندس سس کيس رڌڻي ۾ قدم رکڻ نه ڏيندي هئي، انهيءَ ڪري سندس سڄو وقت ٻاهر ننڍي وڏي ڪم ۾ صرف ٿيندو هو ۽ سڄو ڏينهن ائين گذري ويندو هو. آسمان تي چنڊ اڀري يا وٺن تي ڪانوَ اچي ويهن، کيس اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ نه آئي ته اهي ڳالهيون به انسان کي نظارن جي دعوت ڏيئي سگهن ٿيون.

گوڪل تخيل پرست هو، شاعرانه طبيعت هئس، اسٽيج سان به محبت هئس.... سندس دل تي هر وقت مايوسيءَ جو هڪ بار رهڻ لڳو. نيٺ سندس همٿ جواب ڏئي ڇڏيو. هو هڪ اهڙيءَ عورت سان، جيڪا زال کان وڌيڪ نوڪرياڻي هئي، ڪيتري وقت تائين نباهه ڪري سگهيو ٿي.

ناڪل نندي جيتوڻيڪ اڃا تائين پنهنجي نئين سيڻ سان ناراض هو، پر اڃان تائين ٻي شاديءَ جو ذڪر نه چوريو هئائين. گوڪل پنهنجي ٻي شاديءَ متعلق ڳالهه چوڻ جي ڪڏهن همٿ به نه ڪئي.... هڪ ڏينهن مٿس قدرت مهربان ٿي.

ڊرامو ”چندر گپت“ اسٽيج ڪيو پئي ويو. سيليوڪس ۽ انٽي گونوس جي ڪردارن لاءِ اداڪارن کي چونڊيو ويو هو. پر انهن جا مخصوص ڪپڙا موجود نه هئا، جن لاءِ ڪوگل کي ڪلڪتي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. هو ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ خريد ڪري رهيو هو ته سندس نظر هڪ پوڙهي عورت تي پيئي، جيڪا مسافرن جي ڀيڙ ۾ پريشان ۽ گهٻرايل نظر ٿي آئي. مسافرن جي گپاگيهه ۾ هڪ ئي وقت سامان سنڀالڻ ۽ ٽڪيٽ خريدڻ سندس وس کان ٻاهر هو. گوڪل انهيءَ عورت ڏانهن مدد لاءِ وڌيو ۽ کيس ٽڪيٽ وٺي ڏنائين. هوءَ به ڪلڪتي وڃي رهي هئي. سفر ۾ ساڻس گڏ ڪوبه ڪونه هو. ٻنهي کي هڪ ئي سيٽ تي جاءِ ملي ويئي. گوڪل عورت جي ليٽڻ لاءِ ٿوري جڳهه پيدا ڪري ورتي، جيتوڻيڪ سوڙهه سبب کيس ڪافي تڪليف برداشت ڪرڻي پيئي ۽ انهيءَ جڳهه لاءِ کيس هڪ ٻئي مسافر سان به چڱي هجت ڪرڻي پيئي. اجنبي عورت اهو ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ سندس ٿورا مڃيا.

آهستي آهستي جڏهن گاڏو خالي ٿي ويو ته انهيءَ عورت پنهنجي ٿيلهيءَ مان پان ڪڍيو ۽ اهو ٺاهي کيس پيش ڪيو ۽ هڪ پان پنهنجي منهن ۾ وجهي، قوام جي چمڪندڙ چانديءَ جي دٻي ڪڍي گوڪل ڏانهن وڌايائين. گوڪل پان سان گڏ قوام کائڻ جو عادي نه هو، انهيءَ ڪري وٺڻ کان انڪار ڪيائين. عورت چپن تي مسڪراهٽ آڻي پان وات ۾ وجهندي چوڻ لڳي، ”سڀ عادتون ترڪ ڪري ڇڏيم، بس باقي هيءَ ئي رهي آهي، جيڪا نٿي ڇٽي.“ هن ڪنڏ دريءَ کان ٻاهر ڪڍي ٿڪجي پچڪاري اُڇلي.

ٻنهي ۾ دوستاڻي بي تڪليفي پيدا ٿي چڪي هئي ۽ گفتگوءَ جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو. اجنبي عورت گوڪل کي پنهنجي سڄي زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ گوڪل به کيس پنهنجو همراز بنائي ڇڏيو. کانئس ڪابه ڳالهه لڪائي نه سگهيو. سندس پسند هڪ هئي، مزاج هڪ هو، ”ته تون ٻي شادي ڪرڻ چاهين ٿو؟“ گوڪل پنهنجو داستان ختم ڪيو ته عورت کانئس پڇيو، ”ڪا ڇوڪري نظر ۾ آئي؟“

”نه، اڃان تائين ته ڪانهي.“

عورت هڪ ٻيو پان ٺاهي وات ۾ وڌو.

”توکان ڇا لڪايان پٽ! منهنجي به هڪ ڌيءَ آهي. هن جي ڄمندي ئي آئون بيواهه ٿي ويس. ڪافي عرصي کان پسند جو ڇوڪرو ڳولهي رهي آهيان.... تو ۾ منهنجي پسند جي جهلڪ نظر اچي ٿي.... منهنجي ڌيءَ به گڻوان ۽ سشيل آهي.... جيڪڏهن زبان ڏئين ته....“

گوڪل کي خواب خيال ۾ به نه هو ته گفتگو اوچتو اهو رخ اختيار ڪري وٺندي. سندس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙو جواب ڏي.

”اوشا کي پهرين تون ڏسجان کڻي. ها، پسند اچيئي ته پوءِ....“ اجنبي عورت گفتگو جو سلسلو جاري رکيو. سندس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪهڙو جواب ڏي.

”پر مان ته شادي شده آهيان... منهنجي زال موجود آهي.“ گوڪل جيئن تيئن ڪري جملو پورو ڪيو، ”انهيءَ ڳالهه تي توهان جي ڌيءَ کي اعتراض به ٿي سگهي ٿو.“

”اوشا.... منهنجي پسند تي اعتراض ڪري.... هوءَ اهڙي ڇوڪري ناهي. مون کيس اعلى تعليم ۽ موسيقيءَ جي تربيت ضرور ڏني آهي، پر ٻين ماڊرن ڇوڪرين وانگر کيس نافرماني ڪرڻ نه سيکاري اٿم.... تنهنجي زال موجود آهي ته ڇا ٿيو.... جڏهن تو ٻي شادي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ورتو آهي، ته يقينا تون کيس ڇڏڻ جو به خيال ڪري سگهين ٿو.... ڇا ائين نه آهي؟“

۽ اهو سچ هو.

”ته پوءِ هن جي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟ ها، ته پوءِ ڇا ٿو چوين؟“

اوشا ۽ سندس نالي ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو. هن ۾ صبح جو گداز ۽ سنتوش نه هو، هو ٻپهريءَ جي سج وانگر منور هئي. سندس سونهن ۾ آفتاب جي ڪرڻن جو نور هو.... سونهري ۽ حيا جو نور.... سندس اکين ۾ چمڪ هئي ۽ مسڪراهٽ ۾ اصليت. سندس هلڻي، ڪنهن کي گفتگوءَ جو انداز، ڏسڻ جي نگاهه ۽ سندس عارض ۾ نظرن کي کيري ڪرڻ وارو تجلو هو. گوڪل اهڙي خوبصورتيءَ سان ستار وڄائيندي نه ڏٺي هئي.

گوڪل هڪ دفعو پاڻ وڄائي ويٺو.

هڪ منٽ اندر سڀ ڪجهه طئه ٿي ويو. اوشا جي ماءُ اوشا کي گوڪل جي ڳوٺ وٺي آئي. هن گوڪل جي گهر جي ويجهو ئي جاءِ مسواڙ تي ورتي ۽ گوڪل جي والدين سان شادي جي ڳالهه ٻولهه چوريائين. اوشا کي ڏسندي ئي گوڪل جي ماءُ خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. نندي بابو جڏهن ڏاج جي رقم ٻڌي ته پگهرجي پيو. شاديءَ جون رسمون پوريون ٿيندي ئي ڏهه هزار رپيا روڪ، زيور ۽ ٻي جائداد ملڻ واري هئي. ماڻهن جو خيال هو ته اوشا جي ماءُ بدنام ٿي هتي آئي آهي ۽ کيس پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڪنهن ڇوڪري ملڻ جي به اميد نه هئي، پر انهيءَ ڪري نندي بابو پنهنجو فيصلو نه بدلايو. اوشا طرفان هڪ شرط پيش ڪيو ويو هو ته شاديءَ کان پوءِ تلوتوما کي پنهنجي پيڪي موڪليو ويندو. انهيءَ شرط کي سڀني قبول ڪيو.

رات ڪافي گذري چڪي هئي.

گوڪل اڪيلو بستري تي ليٽيو پيو هو، کيس ننڊ نٿي آئي. صبح جو اوشا جي ماءُ کيس رسم موجب آشيرواد ڏيندي، تلوتوما وٽس اڃا ڪانه آئي هئي.... ڇو؟ تلوتوما جي اکين اڳيان سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو، پر سندس زبان مان ڪو لفظ به ڪونه نڪتو هو. سندس راضپو پڇڻ منهنجو فرض هو- گوڪل ائين سوچي بستري تي پاسا ورائيندو رهيو. تلوتوما عموما گهر جو سڄو ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ رات جو دير سان بستري تي سمهڻ ايندي هئي ۽ صبح سوير اٿي ويندي هئي. ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ملڻ مشڪل هو. ويهن پنجويهن ڏينهن کان گوڪل ساڻس ڳالهايو به نه هو. هي جيڪي نوان انتظام ٿي رهيا هئا، تن بابت ساڻس ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي هئي. گوڪل سوچيو ته تيلو سان هن معاملي ۾ ڳالهه ٻولهه ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ هو بستري تي ليٽي تلوتوما جو انتظار ڪرڻ لڳو.

گوڪل جي اووچتو اک کلي، هن ڏٺو ته تلوتوما چپ چاپ اٿي بستري تان لهي وڃي رهي هئي. ان وقت پرهه ڦٽي هئي.

”اڙي ٻڌ ته سهي!“

”جي....!“

”توکي سڌ آهي، مون کي اڄ آشيرواد ملندي؟“

”جي!“

”توکي ڪو اعتراض ته ناهي؟“

”نه....“

”تو اهو به ٻڌو هوندو ته هنن ماڻهن جي زور تي شاديءَ کان پوءِ توکي پنهنجي پيڪن وڃڻو پوندو.“

”ها مون ٻڌو آهي.... ٺيڪ آهي، مان هلي وينديس. اوهان ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ ملڻ ايندا ڪجو، انهيءَ ۾ مان پنهنجي خوشنصيبي سمجهنديس.... چڱو مان وڃان ٿي، مون کي ڪافي ڪم ڪرڻو پيو آهي.“

گوڪل ڪافي دير تائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ اُٿي ويٺو. بستري تان هيٺ لهي ڪجهه دير لاءِ دريءَ ڀرسان بيهي رهيو. دريءَ مان ڏٺائين ته تلوتوما اوڪڙون ويهي برتنن جو ڍڳ ڌوئي رهي هئي.

اوشا جي ماءُ سمورو سامان کڻي اچي پهتي. هن وڏي پيماني تي انتظام ڪيو هو. هن مشڪندي ٻڌايو، ”اوشا سڄي رات ويهي پنهنجي هٿن سان گلن جو هار ٺاهيو آهي.“

گوڪل سنان ڪيو. غاليچو وڃايل هو. سندس ڳچيءَ ۾ هار پئجي چڪو هو ۽ هو غاليچي تي ويهڻ لاءِ وڃي رهيو هو.... ايتري ۾ سندس ماءُ جو آواز آيو: ”شنک ڪير وڄائيندو؟ منهنجي زبان پچي پيئي آهي ۽ ان ۾ چالا پئجي ويا آهن. ڪٿي آهي هوءَ ڇوڪري؟ اٿي هيڏانهن ته اچ، هي شنک ته وڄاءِ!“

تلوتوما اڳتي وڌي ۽ شنک وٺي دروازي تي بيهي وڄائڻ لڳي.

شنک جي پهرين گنڀير گونج سان گڏ ڄڻ گوڪل جي روح ۾ ڪاتي کڀي ويئي هجي. ائين محسوس ڪيائين ڄڻ مٿس اوچتو وڄ ڪري پيئي هجي.

”معاف ڪجو،“ هن چيو، ”مون کان ائين ٿي نه سگهندو.“

هن پنهنجي ڳچيءَ مان هار لاهي گل گل ڪري ڇڏيو ۽ تيز تيز قدمن سان گهر کان ٻاهر نڪري ويو.


 

 

کارو پاڻي                 (بنگالي)

(علاؤ الدين الازاد)

هو جتي رهندو آهي، اتي نڪا ندي آهي ۽ نه نئن.... پر ٻنين ۽ وسنديءَ کان ٽي ميل کن پريان تمام وڏو سمنڊ پکڙيل آهي. نه نه، سمنڊ نه، پر درياءُ آهي.... ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ درياءُ چوڻ ٺيڪ ٿيندو.

درياءُ ڪجهه پرڀرو آهي، پر ٽن ميلن جو پنڌ به ڪو پنڌ آهي! ننڍپڻ ۾ لڪي، اک بچائي، پنهنجين سنگتين سان گڏ هو درياءَ جي ارڏيان ۽ سرڪش لهرن ۾ ٽپي پوندو هو. ڪيڏا نه خوشيءَ وارا ڏينهن هئا اُهي. هيٺئين ڌڙ کي ريتيءَ سان ڍڪڻ ۾ کيس بي انت مزو محسوس ايندو هو. خاص ڪري نرم گرم وارن ۾ عجيب ڪتڪتائي کيس فرحت جو احساس ڏياريندي هئي ۽ پوءِ.... ڳاڙهن گلن جهڙا ڳاڙها مينهن وساوڙا، پر جيئرا..... کين ڇيڙيندو هو ته اهي ڪيئن ڀڄندا هئا ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪيئن ٻرن ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهي چالاڪ ضرور هوندا هئا، پر جهلجي به پوندا هئا. هو به ڪافي مينهن وساوڙا پڪڙيندو هو، پر ٿوري دير ساڻن کيڏڻ کان پوءِ کين ڇڏي به ڏيندو هو.

اهڙي ريت هو پاڻ وندرائيندو ته هو پر کيس دلي خوشي حاصل نه ٿيندي هئي. سندس روح کي جنهن شيءِ مان سڀ کان وڌيڪ خوشي حاصل ٿيندي هئي، اهو هو وسيع، نظر جي حد کان به پري، بي انت ۽ اٿاهه سمنڊ، هو پنهنجين نگاهن سان سمنڊ جي حد کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ دير تائين سمنڊ جي اوناهين ۾ نظرن سان غوطا لڳائيندو هو. سندس اکيون اتي اٽڪيل هونديون هيون، جتي زمين ۽ آسمان گلي ملي ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، جتي سندور جي تلڪ جهڙو سج لڪي ويندو آهي، جتي جهازن جا کوها ظاهر ٿيندا آهن ۽ گم ٿي ويندا آهن. سمنڊ جي هن پار نوان نوان ديس، نوان نوان ماڻهو رهندا آهن..... عجيب و غريب مهانڊا ۽ پوشاڪون ۽ سڀ کان وڌيڪ عجيب سندن ٻوليون. سندن دل ۾ انهن پرڏيهن کي ڏسڻ جي خواهش گهڻو ڪري ڪر موڙي اٿندي هئي. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو سپنن ۾ سمنڊ پار پرڏيهن جو سير ڪري گهٻرائجي اٿي ويهندو هو.

ڪجهه وڏو ٿيو ته ٻڌائين ته اڃا هو ڄائو به نه هو ته هڪ ڏينهن پڻس سندس ماءُ سان وڙهي گهر ڇڏي هليو ويو هو ۽ وري نه موٽيو. پوءِ پورن ٽن ورهين کان پوءِ دور ديس کان، لنڊن مان يا اهڙي ئي ڪنهن وڏي شهر مان، هن سندس ماءُ کي خط لکيو هو، جنهن ۾ اتي ئي ڪنهن ميم صاحب سان شادي ڪرڻ ۽ سندس ماءُ کي طلاق ڏيڻ جي ڳالهه لکي هئائين.

”چڱو ڪيائينس.“ اس ۾ ڪرناڦليءَ جي ڪناري سان هلندي هلندي ياسين وڦلڻ لڳو: ”اهڙي ملڪ ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو، جتي انسان جانور بنجي وڃي.“

ها، سڀيئي جانور ئي ته آهن. انسان هجن ها ته ڪٿي نه ڪٿي هو محبت جا ٻه ٻول ٻڌي ته ها..... همدردي، پيار، خلوص جو پاڇو کيس نظر ته اچي ها.

طلاق نامو ملڻ کان پوءِ، ماڻس، سندس چاچي سان نڪاح ڪيو ۽ هاڻي کيس ڇهه ٻار به ٿي چڪا آهن، جهڙوڪر ڪارن مينهن وساوڙن جو ولر. انهن ڇهن کان سواءِ سندس ٽي ڀاءُ ڀيڻ آهن. پڻس جي ڇڏيل نالي ماتر زمين مان ڀلا ڪيترو اناج پيدا ٿيندو؟ سندس پيٽ به نٿي ڀريو. ۽ پوءِ ڪڏهن کاري پاڻيءَ جي اٿل، طوفان، تيز هوائون، برسات..... انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو ڪٿي ٿي مليو؟ پٿريلي زمين ۾ هر ڏيئي ٻج پوکڻ ۽ صبح کان شام تائين پگهر ۾ شل ٿي ڪم ڪرڻ..... ڪو ياسين جي دل کان پڇي. هڪ ڏينهن جي ساهي به نه، هڪ پل آرام به نه، انهيءَ هوندي به چاچس جا مٺڙا ٻول ٻڌڻا پوندا هئس: حرامزادو، نڪمو، سست ڀيڻسان. ويهي ويهي کائيندي لڄ به نٿي اچيس. وڃي ڪٿي پنهنجو ڌنڌو ڳول، نه ته ٽر منهنجي اکين کان.“

چاچس جي زال يعني ماڻس جون ڳالهيون پاڻ سهڻ کان ٻاهر هونديون هيون. سندس دل جو سور تيل وانگر هو، جو وهندو رهندو هو. ”ياسين پٽ، ڪٿي نوڪري ٻوڪري ڇو نٿو ڳولهين؟ هن ريت توکي واندو ويٺل ڏسان ٿي ته منهنجو اندر ٿو پڄري.“

ياسين دل ئي دل ۾ ڪڙهندو پچندو هو ۽ وڦلندو هو: ”تنهن ڪري ئي کيس زبان کولڻ جي همٿ ٿي آهي، نه ته....“

ياسين انهن ماڻهن جي دل جون ڳالهيون خوب سمجهندو هو، جيڪي پنهنجو مطلب ڪڍڻ چاهيندا هئا. سندن مرضي هئي ته هو وٽن ئي رهيو پيو هجي، پگهر پورهيو ڪري پيسا کين ڏيندو رهي ۽ پوءِ صبح شام سندن ڇڙٻون به پيو سهي. پر هن سندن غلام بنجي رهڻ نٿي گهريو ۽ جيٽيءَ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ شروع ڪري ڏنائين. هن جهاز ۾ نوڪري وسيلي ڏورانهن ديسن جو سير ڪرڻ چاهيو ٿي. اٿندي ويهندي هو اهي ئي سپنا ڏسندو رهندو هو.

هڪ ڏينهن، هوٽل ۾، جنهن ۾ هو هميشه ماني کائيندو هو، سندس ڏيٺ هڪ ”منشيءَ“ سان ٿي ويئي- مٿي ۾ گول ٽوپي، متقي، پرهيزگار، الله رسول جو دل ۾ سدائين ڊپ، ياسين ڏاڍي مشڪل کان پوءِ ويهه رپيا گڏ ڪيا هئا، جيڪي منشيءَ کي ڏيئي جهاز ۾ نوڪريءَ جو رجسٽريشن ڪارڊ حاصل ڪيائين. رجسٽريشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ آسان ڪم نه هو، انهيءَ لاءِ ته سوين ماڻهو ڏينهن رات جهاز جي آفيس جا چڪر ڏيندا وتندا آهن، جو جهاز ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جو اهو پهريون ڏاڪو هوندو آهي.

ڪارڊ ته مليو، پر اڃا گهڻيون منزلون طئه ڪرڻيون هيس. جاءِ خالي هوندي آهي ته ان جو اطلاع خط رستي ڏيڻ بدران، جهاز جي آفيس ۾ نوٽيس بورڊ تي هڻي ڇڏيندا آهن. جنهن کي غرض هوندي سو پاڻيهي پيو روز چڪر لڳائيندو، نه ته ڀلي گهر ۾ ڌريو رهي. کيس به انهيءَ ڪري اڪثر چٽگانگ وڃڻو پوندو هو ۽ اوڏانهن وڃڻ لاءِ کيسي ۾ وٽس گهٽ ۾ گهٽ ٻه رپيا ته هئڻ گهربا هئا.

چاچس پيسن جي وهنوار ۾ ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. ”چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي“ وارو ليکو هو. رجسٽريشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ هن ويهه رپيا ڪيئن ميڙيا هئا، اهو سندس دل ٿي ڄاڻي. ڇا ڇا نه کيس وڪڻڻو پيو، تڏهن وڃي پورن ڇهن مهينن ۾ هو ويهه رپيا گڏ ڪري سگهيو هو.

ڪالهه رات جڏهن کيس خبر پيئي ته خلاصين جي ٻارهن خالي جاين لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون آهن، تڏهن هو يڪدم چريو ٿي پيو، ڇو جو وٽس ڪوڏيءَ به نه هئي، گهر ۾ به ڪا اهڙي شيءِ نٿي سجهيس، جيڪا چورائي ڪٿي وڪڻي پيسا حاصل ڪري. رپيا ناهن ته نه سهي، گهٽ ۾ گهٽ چٽگانگ تائين پهچڻ ۾ ڇهه ڪوپ چانهه ۽ اڌ ڊزن کن ٻيڙين لاءِ ڪجهه پيسا ته کپن.

”امان جي خوشامد ڪرڻ سان شايد ڪجهه ملي پوي.“ پر جلدي اهو خيال ڦيرائڻو پيس، جو کيس خبر هئي ته هوءَ حيلو بهانو ڪري سندس وڃڻ ئي بند ڪرائي ڇڏيندي. اهو سوچي، ياسين هٿين خالي ۽ بنا پيسي چٽگانگ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. کيس بنا کاڌي پيتي سفر ڪرڻ ۽ بک ڪڍڻ جي عادت پيل هئي. رات ڪجهه دير سان ڍؤ ڪري ماني کاڌي هئائين. صبح نيرن ڪرڻ جي ڳالهه جدا هئي. ماڻس هونئن ئي ٻنيءَ جي سامان کان سواءِ ٻاهر ويندو ڏسي ورتو ته هڪدم پڇندي. ”نيراني آخر ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ کيس ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو. انهيءَ حالت ۾ بهتر ته ائين ٿيندو ته جڏهن پيدل ئي وڃڻو آهي ته ڇونه آڌيءَ رات جو گهران نڪرجي. بس اهو سوچي ياسين سڄو وقت جاڳندو رهيو. دماغ ۾ قسمين قسمين خيال اچڻ لڳس. پاڻ کي ٻارهن اميدوارن مان هڪ سمجهڻ لڳو. سوچ ئي سوچ ۾ اڇي رنگ جو، ديو جيڏو هڪ جهاز سندس اکين اڳيان نظر اچڻ لڳو. منهن کوهه کان به وڏو هو ۽ جيٽيءَ ڀرسان آهستي آهستي لهي بيٺو. ويرم ۾ ڪاٺ جي ڏاڪڻ اندر وڃڻ لاءِ لڳائي ويئي ۽ قطار ۾ بيٺل خلاصين پنهنجن ايندڙ ديسي ڀائرن جي مشڪي آجيان ٿي ڪئي. آڌي رات کان پوءِ جڏهن جهاز سيٽي هڻي لنگر انداز ٿيڻ لڳو، تڏهن اهي ماڻهو جڳمڳائيندڙ آسمان هيٺ غضبناڪ سمنڊ کي ڏسڻ لڳا. جڏهن جهاز وچ سمنڊ ۾ پهچندو ته پوءِ نڪي وڻ ڏسجن، نه ميدان، نه ٻنيون ٻارا ۽ نه وري ٽمڪندڙ بتيون. ياسين ڪتاب ۾ سندباد سيلانيءَ جي آکاڻي پڙهي هئي. سندس سفر به سندباد کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هو.

ائين پهه پچائيندي، ڪافي رات گذري ويس، رات جي پوئين پهر کان اڳ، جڏهن ڪنهن پکيءَ جو آواز ڪنن تي پيس، تڏهن ڇرڪ ڀري هڪدم اٿي ويٺو. وڌيڪ دير ڪرڻ مناسب نه ڄاتائين ۽ هٿ منهن ڌوئي، دٻيل قدمن سان ٻاهر نڪتو. طوفان جي تيز رفتاريءَ سان تکيون وکون کڻندو جڏهن جهاز جي آفيس ۾ پهتو تڏهن ايڏي ڀيڙ ڪانه هئي. پر ڏسندي ڏسندي ٻن ڪلاڪن اندر اُميدوارن سان ڀرجي ويئي. ٻارهن ماڻهن جون جايون خالي هيون، پر جهڙوڪر حشر جو ميدان. ياسين جيئن تيئن ڪري ڏکيائيءَ سان اندر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ڪارڊ جمع ڪرائي سک جو ساهه کنيائين.

ڏينهن جو ٻارهين وڳي ڌاري اُميدوارن جا نالا پڪارجڻ لڳا. هڪڙو اندر ويو ٿي ته پورن ڏهن منٽن کان پوءِ ٻاهر ٿي نڪتو ۽ پوءِ ٻئي اُميدوار جو وارو ٿي آيو. واپس ايندڙ اميدوار کي ٻيا اميدوار وڪوڙي ويا ٿي ۽ پڇيائون ٿي: ”تو ڇا ڏٺو؟“ ”ڇا پڇيائون توکان؟“ ”ڇاتيءَ جي ماپ وٺن ٿا ڇا؟“ ”تور به ڪيائون!“ عجيب عجيب سوالن جي بوڇاڙ هئي.

ياسين هڪ وڻ هيٺان ويٺو هو.... بکيو، اڃايل، ٿڪل ۽ بيزار. هيترا سارا اندران ٿي به آيا، پر سندس وارو نه آيو. ڀرسان ويٺل شخص کان، جيڪو به هڪ اُميدوار ٿي ڏٺو، پڇيائين، ”صبح کان ويٺو آهيان، پر منهنجو نالو اڃان تائين پڪاريو نه اٿن؟“

”مفت ۾ پڪاريندا تنهنجو نالو؟ وڏو آيو...“ اُنهيءَ شخص ڪاوڙ ۾ وراڻيو، ”پيسا به آندا اٿئي يا ٺلهو کيسي خالي؟“

”ڇا؟ پيسا؟ مون وٽ ڪارڊ جو آهي.“ ياسين چيو.

انهيءَ شخص ٿڪ ڦٽي ڪندي چيو: ”ميان، ڪارڊ جي ڪا قيمت آهي ڇا؟ قابو ڪري رکينس پاڻ وٽ. مامي چاچي جي چٺي وٺي اچينس ته ڪم ڦٽاڦٽ ٿي وڃيئي، نه ته ويٺو هوائون کاءُ.“

اهو شخص چڱو تجربيڪار ٿي ڏٺو. نالو هئس قدرت. ٽن سالن کان لاڳيتو ڪوشش ڪندو آيو هو، پر موقعو ئي نه مليس. ڪلارڪن کي گاريون ڏيندي چوڻ لڳو: ”جن ٻارهن ڄڻن کي کڻڻو اٿن، تن جي سفارش اڳ ۾ ئي پهچي ويئي هوندي، سمجهئه؟“

ياسين سوچيندو رهيو: ”ٺيڪ ٿو چوي، نه ته ائين جيڪر ڇو ٿو ٿئي؟ هڪ ٿيڻ وارو آهي پر اڃان تائين منهنجو نالو نه پڪاريو اٿن.“

ياسين وٽ کيسي ۾ ڪجهه به ڪين هو. نه هو ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو ڀاڻيجو هو، نڪي ڀائيٽو، هو ولايت ويندو ته ڪيئن ويندو؟ هلندي هلندي هو سمنڊ جي ڪناري تي وڃي نڪتو. سڄو بدن پگهر ۾ ٽٻ ٿي ويس، اڃ کان بيحال ٿي ويو ۽ نڙي سڪي ڪنڊا ٿي ويئي هيس. چانهه جون هوٽلون بند هيون، ڪناري تي ٺهيل ڪاٽيجن جا دروازا بند هئا ۽ ڳوٺ به ڪافي پري هو. هاڻي ٻه وکون کڻڻ جي به منجهس سگهه نه رهي هئي، پوءِ به پاڻ کي گهليندو، سمنڊ جي لهرن ڀرسان اچي پهتو. هن نوڙي هڪ ڍڪ پاڻي پيتو، پر هڪدم گرڙي ڪري ڪڍي ڇڏيائين. شايد اڃ جي شدت ۾ کيس وسري ويو هو ته سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي.... حد کان وڌيڪ کارو.

وسيع ۽ اٿاهه سمنڊ جي ڪناري تي بيهي هو ڏڪي رهيو هو. ٿورو پريان کاٻي پاسي لائيٽ هائوس جي بتي ڏسڻ ۾ آيس، پر اها به ڄڻ دونهين ۾ وڪوڙيل هئي. انهيءَ وچ ۾ افق جي هـُن پار ويندڙ هڪ جهاز ڏسڻ ۾ آيس، جيڪو پوءِ نظرن کان غائب ٿيندو ويو ۽ سندس نگاهون سمنڊ جي حد ۽ آسمان جي ڇيڙي کي ملائيندڙ ليڪ ۾ اٽڪي پيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com