سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :3

 

منحوس                    (اردو)

(سعادت حسن منٽو)

نعيم گهمندو گهمندو هڪ باغ ۾ لنگهي ويو، کيس اتان جو ماحول ڏاڍو پسند آيو. ڇٻر تي ليٽي هن پاڻ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”ڪيڏي نه وڻندڙ فضا واري جاءِ آهي.... حيرت آهي جو اڄ تائين منهنجين نظرن کان اوجهل رهي هئي.... نظرون... اوجهل....“

ايترو چئي هو مشڪيو، ”نظر هوندي به شيون نظر نٿيون اچن.... آهه نظر جي هي بي نظري! دير تائين هو گاهه تي ليٽيو رهيو ۽ ٿڌاڻ محسوس ڪندو رهيو، پر سندس خود ڪلامي جاري هئي: ”هي نرم نرم ڇٻر ڪيڏي نه فرحت بخش آهي. اکيون پيرن جي ترين ۾ هليون ٿيون وڃن.... ۽ هي گل.... هي گل ايڏا خوبصورت ناهن جيتري انهن جي خوشبوءِ آهي. هر شيءِ جيڪا هرجائي آهي، خوبصورت ٿئي ٿي. هرجائي عورت، هرجائي مرد..... ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. هي خوبصورت شيون پهريائين پيدا ٿيون يا خوبصورت خيال.... هر خيال خوبصورت ٿئي ٿو، پر مصيبت اها آهي ته هر گل خوبصورت نٿو ٿئي. مثال طور هي گل!“ هن اتي هڪ گل ڏانهن ڏٺو ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ جاري رکيائين: ”هي گل هـُن ٽاري تي اوچي ڳاٽ بيٺو آهي. ڪيڏو نه مزيدار ٿو لڳي. بهرحال هي جاءِ خوب آهي.... هڪ تمام وڏو دماغ لڳي ٿي.... روشني به آهي ۽ پاڇولا به آهن.... ائين محسوس ٿئي ٿو ته هن وقت مان نه، بلڪ هي جاءِ سوچي رهي آهي.... وڻندڙ فضا واري جاءِ، جيڪا اڄ تائين منهنجين نظرن کان اوجهل رهي....

انهيءَ کان پوءِ نعيم محبت ڀريو ڪو غزل ڳائڻ شروع ڪيو. اوچتو موٽر جي هارن جو کهرو آواز سندس دل جي ساز جون سڀ تارون جهنجهوڙي ٿو ڇڏي. هو ڇرڪ کائي اٿي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته هڪ موٽر پاسي کان بيٺي آهي ۽ هڪ وڏين مڇن وارو ماڻهو ڏانهس قهري نگاهن سان ڏسي رهيو آهي. انهيءَ مڇن واري ماڻهو گجي پڇيو، ”اڙي تون ڪير آهين؟“

نعيم، جيڪو پنهنجي نشي ۾ سرشار هو، ڇرڪ ڀريو: هي موٽر هن باغ ۾ ڪٿان آئي؟

مڇن واري ماڻهو، جيڪو انهيءَ باغ جو مالڪ هو، بڙبڙايو: ڏسڻ ۾ ته شريف ماڻهو لڳي ٿو، پر هتي ڪيئن گهڙي آيو.... ڪيڏي اطمينان سان ليٽيو هو، ڄڻ باغ پڻس جو هجيس. پوءِ هن وڏي آواز ۾ نعيم کي سڏيندي چيو: ”اهڙي ڪجهه ٻڌين ٿو؟“

نعيم جواب ڏنو، ”سائين ٻڌان پيو.... اچو اچو ڏاڍي وڻندڙ فضا واري جاءِ آهي.“ باغ جو مالڪ سڙي ويو، ”وڻندڙ فضا جا پـُـٽ.... هيڏانهن اچ.“

نعيم ليٽي پيو، ”ادا، مون کان اٿيو نٿو ٿئي، تون خود ئي هلي آءُ، خدا جو قسم! ڏاڍي دلفريب جاءِ آهي، تنهنجا سڀ ٿڪ لهي ويندا.“

باغ جو مالڪ موٽر مان ٻاهر نڪتو ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي نعيم جي ڀرسان آيو. ”اٿ هِتان.“

نعيم جي ڪنن کي سندس تکو آواز ڏاڍو ڏکيو لڳو، ”ايترو زور سان نه ڳالهاءِ.... اچ، هتي منهنجي ڀرسان ليٽي پئو، بلڪل خاموش، جهڙي طرح مان ليٽيو پيو آهيان، اکيون بند ڪري ڇڏ، پنهنجو سمورو جسم ڍرو ڇڏي ڏي، دماغ جون سڀ بتيون وسائي ڇڏ. پوءِ جڏهن تون انهيءَ اونداهيءَ ۾ هلندين ته تنهنجون ڳوليندڙ آڱريون غير ارادي طور تي اهڙيون بتيون روشن ڪنديون، جن جي وجود کان تون بلڪل بي خبر هئين.... اچ، مون سان گڏ ليٽي پؤ.“

باغ جي ملڪ هڪ کن لاءِ سوچيو ۽ نعيم کي چيائين، ”چريو ٿو لڳين.“

نعيم کليو، ”نه..... تو ڪڏهن چريا ڏٺا به ناهن. منهنجي جاءِ تي جيڪڏهن هتي ڪو چريو هجي ها ته هو انهن وکريل ٻوٽن ۽ ٽارين تي ٻارن جي ڳلن وانگر لٽڪيل گلن مان ڪڏهن مطمئن نه ٿئي ها.... چريائپ اطمينان جو نالو ناهي منهنجا دوست.... پر اچ، پاڻ چريائپ جون ڳالهيون ڪريون....“

”بڪواس بند ڪر.... نڪري وڃ هتان.“

”اڙي تون ڪير آهين؟.... وڏو ڪو بدتميز آهين.“

باغ جي مالڪ کي ڪاوڙ اچي وئي. هن پنهنجي ڊرائيور کي سڏيو ۽ چيائين ته هو نعيم کي ڌڪا ڏيئي باغ مان ٻاهر ڪڍي.

جڏهن نعيم ٻاهر وڃي رهيو هو ته هن گيٽ تي هڪ بورڊ ڏٺو، جنهن تي لکيل هو: ”بنا اجات اندر اچڻ منع آهي.“ هـُو کليو، ”حيرت آهي، جو هي باغ منهنجين نظرن کان اوجهل رهيو. نظر هوندي به شيون نظر نٿيون اچن.... آهه، نظر جي هي بي نظري!“

اتان کان نڪري، نعيم تصويرن جي هڪ نمائش ۾ هليو ويو، جيئن پنهنجو ذهني ٿڪ دور ڪري سگهي.

هال ۾ داخل ٿيندي ئي کيس عورتن ۽ مردن جو جهرمٽ نظر آيو، جيڪو ديوارن تي لڳل پينٽنگز ڏسي رهيو هو.

هڪ شخص ڪنهن پارسي عورت کي چئي رهو هو، ”مسز فوجدار، هي پينٽنگ توهان ڏٺي؟“ مسز فوجدار تصوير کي هڪ نظر ڏسڻ کان پوءِ، اتي بيٺل هڪ عورت ڏانهن غور سان ڏٺو ۽ انهيءَ مرد کي، جيڪو غالبا سندس ٿيڻ وارو مڙس هو، مخاطب ٿي چيائين، ”ڏسين ٿيو.... شيرين ڪيڏي نه ٺهي ٺڪي آئي آهي؟“

هڪ نوجوان عورت هڪ نؤ عمر ڇوڪريءَ کي چئي رهي هئي، ”ثريا، هتي اچي تصويرون ڏس.... تون هتي بيهي ڇا ٿي ڪرين؟“

ثريا کي تصويرن سان ڪائي دلچسپي نه هئي. اصل ۾ کيس پنهنجي بواءِ فرينڊ سان ملڻو هو. هڪ اڌڙوٽ عمر جو مرد، جنهن کي پينٽنگس سان ڪائي دلچسپي ڪانه هئي، پنهنجي اڌڙوٽ عمر دوست کي چئي رهيو هو، ”بلي زڪام سبب اچي نه سگهي آهي. اوهان کي ته خبر آهي ته کيس پينٽنگس سان ڪيڏي نه دلچسپي آهي. هاڻي ته هو پاڻ تمام سٺيون تصويرون ٺاهي ويندي آهي، ٽيون ڏينهن پينسل ۽ ڪاغذ کڻي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي سائيڪل جي تصوير ٺاهيائين.... مان ته دنگ رهجي ويس.“

نعيم ڀرسان بيٺو هو، هن هلڪي طنز سان چيو، ”هوبهو سائيڪل لڳندي هوندي.“

ٻئي دوست ڏسندا رهجي ويا ته هي ڪير بدتميز آهي. منجهانئن هڪ ڄڻي هڪدم ئي نعيم کان پڇيو، ”اوهان ڪير آهيو؟“

نعيم هڪو ٻڪو ٿي ويو، ”.... مان..... مان؟“

”مان مان ڇا ٿو چئين..... ٻڌاءِ نه تون ڪير آهين؟“

نعيم پاڻ سنڀالي چيو، ”اوهان ٿورو ڌيرج سان پڇو..... مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو.“

”تون هتي ڪيئن آئين؟“

نعيم جو جواب مختصر هو: ”جي پيدل“

عورتون ۽ مرد، جيڪي آس پاس تصويرون ڏسڻ بدران الائي ڪهڙين ڳالهين تي تبصرو ڪري رهيا هئا، کلڻ شروع ڪيو.... ايتري ۾ نمائش جو منتظم آيو. کيس جڏهن نعيم جي گستاخي جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته هن تمام ڪڙي انداز ۾ کانئس پڇيو، ”تو وٽ ڪارڊ آهي؟“

”نعيم ڀورائي وچان چيو، ”ڪارڊ؟.... ڪهڙو ڪارڊ؟ پوسٽ ڪارڊ؟“

منتظم پنهنجي لهجي کي ڪڙڪ بنائيندي نعيم کي چيو، ”بنا اجازت تون اندر هليو آئين.... ڀڄ هتان هاڻي جو هاڻي.“

نعيم هڪ تصوير کي دير تائين ڏسڻ چاهيو ٿي، پر کيس اوچتو اتان نڪرڻو پيو. هو سڌو پنهنجي گهر ويو. دروازي کي کڙڪايائين ته سندس نوڪر فضلو ٻاهر نڪتو. نعيم کانئس پڇيو، ”ڇا مان اندر اچي سگهان ٿو؟“

فضلو هڪو ٻڪو ٿي ويو، ”سائين.... سائين.... هي توهان جو پنهنجو گهر آهي، اجازت ڇاجي؟“

نعيم کيس چيو، ”نه فضلو، هي منهنجو گهر ناهي. هي گهر جيڪو مون کي سک ميسر ڪري ٿو، منهنجو ڪيئن ٿي ٿو سگهي. مون کي هاڻي هڪ نئين ڳالهه جي خبر پيئي.“

فضلو ادب وچان پڇيو، ”ڪهڙي سائين؟“

نعيم چيو، ”اهوئي ته هي گهر منهنجو ناهي. البت هن جو گند ڪچرو ۽ سڀ غلاظتون منهنجيون آهن.... اهي سڀ شيون جن مان مون کي بيزاري ٿئي ٿي، منهنجيون آهن، پر اهي شيون، جن مان مون کي راحت ملي ٿي، اُهي ڪنهن ٻئي جون.... خدا ڄاڻي ڪنهن جون آهن... مان هاڻي ڊڄان ٿو. ڪنهن سٺي شيءِ کي پنهنجي چوندي ڊپ ٿو ٿئيم. هي پاڻي منهنجو ناهي، هي هوا منهنجي ناهي، هتي آسمان منهنجو ناهي، هو ڪمبل، جيڪو مان سياري ۾ اوڍيندو آهيان، منهنجو ناهي. انهيءَ ڪري جو مان انهن مان راحت طلب ڪندو آهيان.... فضلو وڃ تون به منهنجو ناهين....“

نعيم فضلو کي ڪابه ڳالهه ڪرڻ نه ڏني. هو هليو ويو.

رات جا ڏهه وڄي چڪا هئا.... هيرا منڊيءَ جي هڪ ڪوٺي تي ”پيئا بِن ناهين آوت چين“ جا ٻول اڏري اچي رهيا هئا.

نعيم انهيءَ ڪوٺي تي هليو ويو. اندر مجرو ٿي رهيو هو. هن چانئٺ تي بيهي زور سان انهيءَ ڳائڻيءَ کان پڇيو، ”ڇا مان اندر اچي سگهان ٿو؟“

ڳائڻي گانو بند ڪيو ۽ نعيم کي چيائين، ”اچو اندر اچو. تشريف رکو. اوهان اجازت ڇو ٿا گهرو؟“ نعيم اندر داخل ٿيو. هن مجرو ٻڌڻ وارن ٽن چئن مردن ڏانهن ڏٺو ۽ طوائف کان پڇيائين، ”هنن صاحبن کي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو؟“

طوائف مشڪي چيو، ”هنن کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو... هوڏانهن مسند تي ويهو... هان هي وهاڻو وٺو.“

نعيم ويهي رهيو. هن ڪمري جو جائزو ورتو ۽ طوائف کي چيائين، ”هي ڪيڏي نه سٺي جاءِ آهي.“

طوائف گنڀير ٿي ويئي. ”اوهان مون تي چٿر ڪرڻ آيا آهيو....“ هي سٺي جاءِ آهي، جنهن کي شريف ماڻهو حد کان وڌيڪ گندي سمجهن ٿا.

نعيم وراڻيو، ”هي سٺي جاءِ انهيءَ ڪري آهي، جو هتي ”بنا اجازت اندر اچڻ منع آهي“ جو بورڊ ٽنگيل ناهي.“ اهو ٻڌي طوائف ۽ سندس مجرو ٻڌڻ وارا تماشائي سڀ کلڻ لڳا. نعيم ائين محسوس ڪيو ته هيءَ دنيا هڪ اهڙي قسم جي طوائف آهي، جنهن جو مجرو ٻڌڻ لاءِ هن قسم جا منحوس ماڻهو اچن ٿا.

 

نَٿ جو بار                    (اردو)

(واجده تبسم)

مان به ڪنوار ٿيندس.

مان به ڪنوار ٿيندس.

اها منهنجي ننڍپڻ جي ڳالهه آهي. مان تڏهن ننڍڙي هيس. انهيءَ زماني ۾ زندگيءَ جو ڪو چٽو تصور منهنجي ذهن ۾ نه هو. مان، امان سان گڏ ڪنهن شاديءَ ۾ ويئي هيس. زيور، ريشمي ڪپڙا ۽ سرهاڻ سان ڀريل سهڻي ڪنوار ڏسي بس مون هڪدم فيصلو ڪري ورتو هو ته مان به ڪنوار ٿينديس! پر ٿوري ئي دير ۾ ٻاهر جڏهن نڪاح پڙهجڻ جو گوڙ شروع ٿيو ۽ ڪنوار نئين سر سينگارجڻ لڳي، تڏهن ساهوري جي طرف وارين زالن مان ڪا هڪ، جيڪا سڀن کان بدن ۾ ٿلهي ۽ ڳؤري هئي، پنهنجن هٿن ۾ تولي سوا کن جي وزني نٿ کڻي آئي (۽ ڪجهه اهڙي طرح ڄڻ ڪنوار ڪا بي جان شيءِ هجي) ۽ ڪنوار جي نازڪ نڪ ۾ کڻي وڌائين. هاءِ! اهو نازڪ چهرو، ننڍڙو ۽ سنهڙو نڪ ۽ انهيءَ تي نٿ جو بار....!! مان سڄي زندگي اها سنگدل گهڙي وساري نٿي سگهان، جڏهن نٿ جي بار کان ڪنوار جي چهري جو رنگ پڪل صوف جهڙو ٿي ويو هو ۽ نڪ ائين ڳاڙهو ٿيو هو ڄڻ اجهو ٿو هاڻي رت ٽمي.

۽ تڏهن مون فيصلو ڪيو ته مان ڪڏهن ڪنوار نه ٿينديس... مان ڪڏهن شادي نه ڪنديس! هي نٿ جو بار ڪيڏو ڳؤرو ٿئي ٿو! ۽ هي ساهورن جون زالون ڪيڏيون بيحس ۽ ظالم ٿينديون آهن. نه نه، مان هي ظلم سهي نه سگهنديس. مان شادي ئي نه ڪنديس. مان ڪڏهن نٿ نه پائينديس!

پر ڇوڪريون ڪيتريون معصوم ۽ اڻڄاڻ ٿيون ٿين! صرف چوڻ ۽ سوچڻ سان ڇا ٿو ٿئي. عورت جو جنم ورتو آهي ته نٿ پائڻي ئي پوندي، اهو بوجو ته سَهڻو ئي پوندو ۽ ائين ئي ٿيو. جڏهن مان وڏي ٿيس ته گهر ۾ منهنجي شاديءَ جي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي. مان ڏاڍو تڙپيس ته مون تي ظلم نه ڪريو، خدا جي واسطي مون کي منهنجي پيڪن جي آڳنڌ ۾ کيڏڻ ڇڏي ڏيو، پر مان عورت هيس نه.....؟؟

ٻاهر نڪاح ٿي وڃڻ جو گوڙ ٿيو ۽ منهنجي ساهوراڻي عورتن مان هڪ ڄڻي اُٿي منهنجو ريشمي ڳاڙهو گهونگهٽ پاسي ڪيو ۽ ڪجهه اهڙي بيدرديءَ سان ڄڻ مان انسان ئي نه هيس، هڪ وزني نٿ منهنجي نڪ ۾ وڌائين. منهنجو ننڍڙو نڪ ۽ سوا تولي جي ڳؤري نٿ- نڪ ڳاڙهو ٿي هڪ پاسي جهڪي پيو ۽ مان سڏڪا ڀري روئڻ لڳيس ته مون نٿ جو بار ڇو کنيو؟ تڪليف جي شدت کان منهنجو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مان سوچڻ ۽ روئڻ لڳس ته ڇا انهيءَ کان به ڳؤرو ڪو بار ٿيندو هوندو؟

ريشمي ڪپڙن، گلن ۽ زيورن جي بار کان منهنجي چيلهه جهڪي ويئي هئي. هاڻي ڏولي دروازي تي اچي پهتي هئي ۽ موڪلاڻيءَ جو وقت ٿي ويو هو. ڪنهن مون کي سهارو ڏيئي اٿاريو.

”اٿ ڌيءَ، هل. هِن گهر ۾ تون مهمان هئين، هاڻي توکي پنهنجي اصلي گهر وڃڻو آهي.“

مون آهستي قدم کڻن چاهيو. اڙي، هي پير اڳتي ڇو نٿا وڌن؟ منهنجي پيرن ۾ زنجير به ته ناهي، پوءِ؟ پوءِ هنن قدمن کي اڳتي وڌڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ جاري ۾ رکيل گڏيون، جن کي هڪ عرصي کان ڇهيو نه هئم، سامهون اچي بيهي رهيون.... ”اسان روڪيو آهي توکي- ڇو راڻي اسان کي ڇڏي وڃي رهي آهين؟ وساري ته نه ڇڏيندينءَ....؟“

گڏ کيڏندڙ ڀاءُ، جيڪو مون کان عمر ۾ ورهيه ٻه وڏو هوندو، پر ساڻس ڪڏهن نه پيئي، جنهن سان ننڍن جهڙو ورتاءُ ڪيم، لڙائي جهڳڙو ئي ڪيم، صلح ڪڏهن نه، ڄڻ دل هاري پلؤ پڪڙي اچي بيٺو هجي.

”توکي منهنجا بلور کسڻ ۽ لڪائي رکڻ جو ڪيڏو نه چاهه هو، مان هاڻي کيڏڻ به چاهيان ته پيار مان ڪير مون کي سڏيندو؟ ڪير کسيندو، ڪير لڪائيندو؟ هو ڏس ڪنڊ ۾ ڪيترا نه بلور پيا آهن، ڪير کيڏندو پر....؟ ۽ هنن اکين ۾ چتائي نهار، ڪيترا نه لڙڪ جرڪن پيا! ڇا انهن کي وساري ڇڏيندينءَ ادي....؟

چاندي جي مڌر گهنڊين وانگر وڄندڙ، کِلڻين ساهيڙين، جن سان گڏ زندگي جو هر پيار ونڊيم، دک ورهايم، سک ڀريا پل ڪاٽيم، بي آواز صدا سان پڇڻ لڳيون:

”گهوٽ جي ديس وڃي ڀلجي ته نه ويندينءَ.....؟ ٻڌو اٿئون ته جنهن ديس ڏانهن تون وک وڌائي وڃي رهي آهين، ڏاڍو رنگين آهي. انهن جي رنگينيءَ ۾ وڃائجي، ڪڏهن هنن دلين جو خيال نه ڪندينءَ، جن توسان گڏ گذاريل گهڙين کي زندگيءَ جي معراج سمجهيو هو.“

اهي ڪهڙا آواز آهن.....؟ اها ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا مون کي منهنجي وڌندڙ وک کي روڪي رهي آهي. مون کي وڃڻو آهي..... مون کي ته انهيءَ ديس وڃڻو آهي، جنهن جي هر گهٽي اڻ ڏٺل، هر راهگذر اجنبي ۽ هر رستو منهنجي لاءِ نئون آهي. پر مون کي وڃڻو آهي. مون کي نه روڪيو خدا جي واسطي....

مون ڏاڍي همٿ سان وک وڌائي.... هي منهنجي پيڪن جي چانئٺ جي مٽي! هي چانئٺ، جتي مون پنهنجي معصوم زندگيءَ جا سترهن ورهيه گذاريا.... اتي ئي رهي مون گوڏن ڀر گسڪڻ سکيو، اتي ئي ننڍڙن پتڪڙن پيرن سان پهريون ڀيرو قدم قدم سنڀالي هلڻ سکيو..... هن هنڌ منهنجي دل پهريون ڀيرو محبت جو نالو ٻڌو..... هاڻي هيءَ چانئٺ منهنجي لاءِ پرائي ٿي ويندي.... ڪنهن کي خبر آهي ته وقت جو ٻيڙو ۽ بي رحم هٿ مون کي ڪهڙين انداهين وادين ۾ کڻي اڇليندو. ڪنهن کي خبر آهي ته مان وري ڪڏهن انهيءَ چانئٺ تي قدم رکنديس به يا نه.... اچ اي پوتر مٽي، مان توکي پنهنجي سينڌ ۾ ڀريان. تون مون کي افشان کان به پياري آهين.

منهنجي ننڍڙي ڀيڻ..... مون ڏانهن هيئن پنهنجون معصوم اکيون کڻي نه نهار، جو مون همٿ ڪري جيڪا وک کنئي آهي، اها وري پوئتي موٽي نه اچي..... ويندڙن جي راهن ۾ لڙڪن جا تارا نه اڇلائجن. منهنجي پياري ڀيڻ، مسڪراهٽ جا ڪجهه گل اڇلائجن، جيئن منهنجون راهون مهڪي پون ۽ مان آهستي آهستي انهيءَ راهه تان وڌندي وڃان. جنهن جي تصور کان ئي منهنجي دل ڪنبي رهي آهي.

ڀاڀي، منهنجي سکي.... مون زندگيءَ ۾ توکان ڪجهه به ڪين گهريو آهي..... اڄ جيڪي گهران، اهو ضرور ڏجان.... بس، پنهنجو هي لڙڪن ڀريل چهرو هوڏانهن ڦيرائي ڇڏ.... منهنجي ياد ۾ روءِ نه ڀاڀي.... منهنجي ڀاءُ کي تو پرکيو ناهي؟ کيس توسان ڪيترو پيار آهي؟ هو ڪڏهن تنهنجي ڳالهه نه ٽاريندو. جڏهن توکي منهنجي ياد ستائي ته هڪ سانوري سهڻي شام جو ڀاءُ کي منهنجي ساهورن موڪلي ڏج ڀاڀي! توکي ناهي خبر ڀاڀي، ڀيڻن کي پنهنجن ڀائرن تي ڪيڏو فخر هوندو آهي. ڪيڏو ناز....!! منهنجي سدا سهڻي ڀاءُ کي ڏسي، منهنجي ساهورن جا سڀ ماڻهو ڏسندا رهجي ويندا. ڪو مون کي روڪي نه سگهندو. مان توسان گڏ پينگهه لڏڻ، سير ڪرڻ، سانوڻ جا گيت ڳائڻ ضرور اينديس ڀاڀي، پر هن وقت منهنجي منزل کوٽي نه ڪر.... مون کان تنهنجا هي لڙڪ نٿا ڏٺا ٿين ڀاڀي!

نه امان نه..... خدا جي واسطي تون سامهون نه اچ. ڏس نه، مون پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن. مون کان تنهنجو اهو حال نٿو ڏٺو ٿئي. منهنجين اکين جي سامهون، منهنجي گذريل زندگيءَ جو هڪ هڪ پَل ڄڻ موٽي آيو آهي.... اها تون ئي ته آهين، جيڪا راتيون جاڳندي رهي آهين. مان بيمار ٿيان، تون مون کي وندرائين، مون مٽيءَ ۾ راند ڪري پنهنجا ڪپڙا گندا ڪيا ته تون وهنجاري مون کي گڏيءَ وانگر سنواريندي رهينءَ..... تو مون کي الف ب پ پڙهڻ سيکاريو. جيئن مان زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڪنهن کان پوئتي نه رهجي وڃان. هي منهنجن ننڍڙن هٿن جون پچايل، آڏيون ٽيڏيون ۽ ٽڪنڊيون چؤڪنڊيون مانيون، جيڪي تون فخر سان هڪ هڪ کي ڏيکاريندي رهينءَ ته هي منهنجي لاڏلي پهريون دفعو پچايون آهن. هي منهنجون گڏيون، جن جي شادي وهانءُ ۾ تو دلچسپي ورتي.... ۽ هاڻي هي منهنجي جواني ڏانهن وڌندڙ قدم..... ۽ تنهنجو ڳڻتين ڀريو چهرو! بس ڪيئن به ٿئي، جو ان ڇوڪري پنهنجي گهر وڃي سکي ٿئي، منهنجين ٻوٽيل اکين جي سامهون هر واقعو اڀري آيو آهي. امان.... هاڻي هزارين منٿن کان پوءِ، اهو پل آيو آهي جو تنهنجي مٿي جو بار هلڪو ٿيو آهي. هاڻي هن پل منهنجا قدم نه ڏڪاءِ امان..... منهنجا ڪلها نازڪ آهن ۽ بار بيحد ڳؤرو....!!

ڪيترا تير ۽ هڪ نازل دل....! نه ڄاڻان ڪيئن ڏوليءَ تائين پهچندس.... ڳؤرن قدمن سان مون ڏوليءَ ۾ قدم رکيو.... شرنائيءَ جو آواز وڌيڪ درد ڀريو ٿي ويو. منهنجي پيڪن وارين عورتن موڪلاڻي جو گيت ڇيڙيو ۽ ڏولي اڳتي وڌڻ لڳي.... آهستي آهستي.... ڪهارن ڪلهن تي ڏولي کنئي.... هڪ قدم.... ٻيو قدم.... مون پردو پاسيرو ڪري ليئو پاتو.... هاڻي هي سڀ گهٽيون پرايون ٿي وينديون.... مون ڏاڍي درد وچان اکيون کڻي نهاريو.... اهڙي هي اوندهه ۾ ڪير بيٺو آهي....؟ هٿن سان گهڙي گهڙي هي ڪير اکيون اگهندو وڃي رهيو آهي؟ اڙي هي ته بابا آهي!! بابا! تو ته هميشه ائين ئي چيو هو ته مان پنهنجي لاڏليءَ کان سواءِ زنده رهي نه سگهندس. امان کلي ڪجهه ملول ٿي چوندي هئي، ”وڏن وڏن راجائن، مهاراجائن پنهنجون ڌيئون نه ويهاريون ته اسان ڪهڙي قطار ۾ آهيون.“

هو ڦڪي کِل کليو.... ”نه نه، پنهنجي ايڏي دل ڪانهي....“

بابا.... بابا.... هاڻي مان تنهنجين اکين اڳيان توکان پري ٿي رهي آهيان ۽ تون وڌي مون کي ڳراٽڙي به نٿو پائين.... هاڻي صبح جي پـُرنور اجالي سان گڏ ڪير منهنجي مٿي تي هٿ رکي مون کي ننڊ مان جاڳائيندو.... اٿ پٽ، عبادت جو وقت ٿي ويو آهي. سڀئي جهرڪيون به جاڳيون آهن.

بابا هاڻي نه تون هوندي، نه هي آڳنڌ هوندو ۽ نه وري هي جهرڪيون، جن تي هر ڌيءَ کي ناز هوندو آهي، غرور هوندو آهي ته هي منهنجي پيڪن جون رهواسي آهن. هاڻي مان هونديس، زندگيءَ جون ڊگهيون اڪيليون راهون هونديون ۽ هي ڪؤڙو ۽ ڳؤرو بار.... هڪدم ڪهارن هڪ موڪلاڻيءَ جو لوڪ گيت ڇيڙيو ۽ قدم بقدم تيز تيز هلڻ لڳا.... پيڪن جون گهٽيون، در ديوارون، ڀاءُ ڀيڻ، سکيون ساهيڙيون سڀ پري ٿيڻ لڳا.... ۽ امان به، جنهن کان سواءِ زندگيءَ‎ جو ڪو تصور ئي نه هو... ۽ ٻڍو بابا به، جنهن جي ٻڍاپي کي منهنجي ضرورت هئي.... پري کان ڏڪائيندڙن درد ۾ ٻڏل، لڙڪن سان ڳؤرو آواز آيو:

”ڪهارو! ٿورو آهستي.... آهستي.... مون پنهنجي ڌيءَ کي ڏاڍن نازن سان نپايو آهي. کيس لوڏو نه ڏجو.“

لڙڪن جي مينهن سان گڏ منهنجي نٿ جو بار ٻيڻو ٿي ويو.... هيستائين مان سوچي رهي هيس ته ڇا نٿ جي بار کان به ڪو وڏو بار ٿئي ٿو... هاڻي سمجهه ۾ آيم ته جدائي جو بار ته انهيءَ کان به وڌيڪ ٿئي ٿو.....!! وڌيڪ ڳؤرو.....!!

مان پنهنجو گهر ٻار، ماءُ پيءُ، سڀ ڇڏي ساهوري گهر اچي ويس. مون ته اهو ڏٺو هو ته نيون نيون ڪنوارون، محبت ڪندڙ گهوٽن کي حاصل ڪري، پنهنجو ماضي، پنهنجو سڀ ڪجهه وساري ڇڏينديون آهن ۽ جڏهن ساهورن کان پيڪين موٽنديون آهن ته نئين زندگيءَ جون خوشيون سندن چهرن تي پونم جو چنڊ بنجي جڳمڳائينديون آهن، روپ ٻيڻو ظاهر ٿيندو آهي، پر نه ڄاڻان ڪهڙي شيءِ مان منهنجي تعمير ٿي هئي، جو مان پنهنجي ماضيءَ کي وساري نه سگهيس. پهريائين ته منهنجي نئين هئڻ ڪري ڪنهن ڪجهه ڪين ٿي چيو ۽ چيائون ٿي ته اڳتي هلي پاڻيهي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندي، پر جهڙي طرح سج جيئن جيئن مٿي چڙهندو ويندو آهي ته انهيءَ ۾ گرمي ۽ تيزي وڌندي ويندي آهي، تيئن منهنجي يادن جي سج جي گرميءَ ۾ تيزي وڌندي ويئي.

شاديءَ کي چند مهينا گذريا هئا ته خدا مون کي زندگيءَ کي نئين طرح پرکڻ جو موقعو ڏنو ۽ منهنجي تصور ۾ انهن رنگين ۽ وڻندڙ ڳٽڪارن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي. جيڪا سڃي ۾ سڃي آڳنڌ کي به زندگيءَ سان ڀري ڇڏيندي آهي. شايد اهوئي هڪ پل هو، جيڪو مان پاڻ سنڀالي سگهيس ٿي ۽ پنهنجين يادن ۽ ماضي جي خوشين سان توريان ها ته خوشيون جيتي وڃان ها، جو هڪ ڏينهن مان جلدي جلدي ڪنهن ڪم سان ڏاڪڻ تان لهي رهي هيس ته پير ترڪي پيو ۽ منهنجي ڪرندي ئي منهنجين خوشين جي جنت به سنسان ٿي ويئي.... مان پنهنجو اهو ڪرب، اهو ڏک ڪڏهن به لفظن ۾ بيان ڪري نه سگهنديس ۽ مان جيڪا سمجهي ويٺي هيس ته زندگيءَ ۾ نٿ جو بار ئي سڀ کان ڳؤرو ٿيندو آهي، اهو سمجهڻ تي مجبور ٿيس ته انهيءَ بار کان ڳؤرا ٻيا به ڪئين بار آهن. منهنجي دل مون سان وري اهوئي پراڻو سوال ورجايو.

جڏهن زندگيءَ ۾ ايترا ڏک ڀريا پيا آهن ته عورت آخر هي نٿ جو بار کڻي ئي ڇو ٿي....؟ معمول موجب منهنجي دل کي ڪو جواب نه سجهيو.

اهو ڏک، جنهن منهنجي دل لاءِ، منهنجي زندگيءَ لاءِ خوشين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. اهڙو نه هو جو ايترو آسانيءَ سان ڀلجي وڃان، پر ڪنهن جي همدرديءَ جي بدران اهي لفظ ٻڌڻا پون:

”ڪنوار نڀاڳي آهي....!“

”ڪنوار جو پير هن گهر ۾ سڀاڳو ناهي.“

منهنجي دل ڪپجي ويئي ٿي. دل چاهيو ٿي ته وڃان، امان ۽ بابا کي گلي لڳي، جيءَ کولي لڙڪ لاڙيان.... انهن ئي ڏينهن ڀاڀيءَ جو خط آيو ته بابا جي طبيعت خراب رهڻ لڳي آهي. هو توکي ڏاڍو ياد ٿو ڪري.... مان ڏاڍي تڙپيس، پر وڃي نه سگهيس.... اونهاري جي ٻاريندڙ ٻپهريءَ جو، جڏهن سڀ سمهي رهندا هئا ته مان ورانڊي جي پوئين چٻوتري تي بيهي انهن ننڍڙين جهرڪين کي حيرت سان تڪيندي رهندي هيس، جن تي ڪا پابندي ڪانه هئي، جن جي جيءَ جتي چاهيو ٿي، اتي اڏري ويون ٿي. اهي آزاد ۽ خودمختيار هيو، پر مان جهرڪي نه هيس، انسان هيس، جنهن جون پنهنجيون مجبوريون هونديون آهن. هيڏي وڏي گهر ۾، جيڪي سڀنيءَ کان وڌيڪ منهنجي ويجهو هئا، حالتن جي ڪري اهي ئي وڌيڪ دور ٿي ويا. سندن نوڪري شهر ۾ هئي. جاءِ جو مناسب انتظام نه هئڻ سببان، اهي مون کي ساهورن ۾ ئي ڇڏي ويا هئا ۽ ائين مان بلڪل بيوس ٿي ويس.

گهڻا اداس ڏينهن ائين گذريا ۽ وقت هڪ ڀيرو مون کي قائل ڪري ڇڏيو ته جنهن بار کي تون ڪنوار ٿيندي تمام ڳؤرو سمجهندي هئين، دنيا ۾ انهيءَ کان به ٻيا ڪئين ڳؤرا بار آهن ۽ خاص طور تي مؤت جو بار.... جيڪو توکان، پنهنجي جيءَ کان، وڌيڪ چاهيندڙ پيءُ کي ڇني ڌار ڪري ڇڏي ٿو ۽ تون ڪجهه به نٿي ڪري سگهين.... جڏهن مان تمام ننڍڙي هيس ۽ بابا تمام وڏو هو، تڏهن هو امان کي کلي چوندو هو، ”جڏهن مان وڌيڪ ٻڍو ٿي ويندس ۽ منهنجي ڌيءَ وڏي ٿي ويندي ۽ مان کٽ تي پيو کنگهندو رهندس ۽ ڪم ڪرڻ کان معذور ٿي ويندس، تڏهن منهنجي ڌيءَ منهنجي ٻڍاپي جي لٺ بنجي ويندي. هوءَ ڊوڙي ڊوڙي منهنجو هر ڪم ڪندي، منهنجي هر ضرورت جو سامان وٺي آڻي ڏيندي، چانهه پياريندي، سوپاري کارائيندي ۽ مان ويهي سوچيندس ته اولاد ڏيئي خدا ڪيڏو وڏو سک ڏئي ٿو، جو منڊو هئڻ تي به انسان کي پيرن جي نه هئڻ جو احساس نٿو رهي، لولو ٿيڻ تي هٿن جي نه هئڻ جو احساس نٿو رهي ۽ نظر وڃائڻ سان به اوندهه نٿو محسوس ڪري، بلڪ چانڊوڪي ٿو پسي.“

انهيءَ چانڊوڪيءَ جي اميد کڻي بابا موت جي اونداهين راهن ۾ وڃائجي ويو، جيڪا هن مون سان منسوب ڪري رکي هئي.... گهر ۾ ٻي ڀيڻ به هئي، ڀاڄائي به هئي، ننڍو ڀاءُ به هو ۽ وڏو ڀاءُ به، پر مان وڏي ڌيءَ هيس، جنهن سان ماءُ پيءُ هر اڻ ٿيڻي آس ٻڌي رکندا آهن. هي دک! هي بار!!

ڏينهن گذرندا آهن ته غمن جو احساس به ختم ٿيڻ لڳندو آهي، نه ته جيڪر انسان جي دل ڦاٽي نه پوي! پر مان ڪهڙي مٽيءَ مان جڙي هيس جو غم مليو ۽ اهوئي مقدر بنجي پيو. مون کي پنهنجي پاڻ تي غصو ايندو هو ۽ سوچيندي هيس ته مان ٻين وانگر ڇو نه آهيان؟ مان غمن کي تعويذ بنائي ڇو ڳچيءَ ۾ پايان ٿي. منهنجي سوال جو منهنجي دل وٽ ڪو جواب نه هو.... شايد اها ڳالهه هجي ته انتهائي ننڍپڻ ۾ شادي ۽ ڪنوار بنجڻ جو ڏکوئيندڙ تصور ذهن ۾ ويٺو هو، اهو سڀنيءَ تي ڇانيل رهجي ويو ۽ نٿ جي انهيءَ بار، جنهن ڪنوار جو چهرو تڪليفن کان خراب ڪري ڇڏيو هو، منهنجي زندگيءَ کان هر خوشيءَ کي پري ڪري ڇڏيو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر!

زندگي هڪ ڀيرو مون تي وري مهربان ٿي. فرشتن مون کي واڌائي ڏني ته ”هاڻي تنهنجن قدمن هيٺ وري جنت تعمير ٿئي ٿي.... پاڻ سنڀالجان.“ مان کير جي کانئيل لسيءَ کي ڦوڪون ڏيئي پيئڻ لڳيس. مان ائين احتياط سان قدم کڻن لڳيس ڄڻ شيشي جي محل ۾ هلي رهي هجان. ماءُ بنجڻ جي اولين خوشيءَ کي مان انهيءَ وهم جي ماريل محروم رهجي ويس ته ”ڪٿي وري نه ڪري پوان، ترڪي نه پوان....“ پر خدا مون تي مهربان هو، جو مون نون مهينن جو اهو ڊگهو سفر تمام آسانيءَ سان طئه ڪري ورتو، پر هڪ ڀيرو وري مون کي پتو پيو ته نٿ جي بار کان ڳؤرو به ڪو بار ٿيندو آهي.... ۽ جڏهن مان ماءُ بنجڻ لڳيس ته سموري دنيا جا درد مون ۾ هڪ هنڌ سمائجي ويا..... ۽ مان اهو سوچڻ تي مجبور ٿيس ته انهيءَ درد کان وڏو درد ڪوبه ناهي..... انهيءَ بار کان ڳؤرو ڪو بار ناهي..... ماءُ بنجڻ جو بار!

مان هڪ ننڍڙي گڏڙيءَ جي ماءُ بنجي ويس، جيڪا مون وانگي نه چاهڻ جي باوجود به ڪنهن اجنبي ديس ۾ وهانئجي ويندي، جنهن جي پيرن ۾ به پائبندين جون زنجيرون هونديون، جيڪا رکي رکي پنهنجن پيڪن، پنهنجن اباڻن، پنهنجين سکين ساهيڙين ۽ ڪٽنب قبيلي کي ياد ڪندي، پر وڃي نه سگهندي.... پر مان ائين ڇو ٿي سوچيان؟ خدا نه ڪري جو ڪابه ڇوڪري مون وانگر اداسين کي پنهنجو مقدر بنائي! اهو غلط آهي، مون کي ائين سوچڻ نه گهرجي. مون کي خوش رهڻ گهرجي- مان خوش رهنديس.

مان ۽ هو ته ڏاڍو خوش هئاسين. اسان جي محبت جي تڪميل جو، اسان جي گڏي، جيئرو جاڳندو ثبوت هئي. پر سس، نڻانن ۽ ٻين کي پٽ جي آرزو هئي. ائين دنيا کي ڏيکارڻ ڪاڻ ته خوش ٿيا، پر انهن جي چهرن تي صاف لکيل هو ته، ”ڪنوار جو پير، ڪنوار جو سوڻ سٺو نه ٿيو.... هن ته ڌيءَ کي ڄڻيو آهي، جيڪا بهرحال هڪ نه هڪ ڏينهن پرائي ٿي ويندي.“

پر مان تن، من ۽ ڌن سان پنهنجي ننڍڙيءَ کي پالڻ ۽ وڏو ڪرڻ لڳيس، اهو ڏک ياد ڪرڻ کان سواءِ ته زندگي مون سان اهوئي سلوڪ ڪندي، جيڪو منهنجي ماءُ سان هن ڪيو هو.

هاڻي کيس ترقي ملي ويئي هئي ۽ حڪومت طرفان وڏو گهر به، ماءُ پيءُ ۽ گهر وارن جي نگاهن جي طنز کي نظر انداز ڪري، هو مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. زندگيءَ ۾ پهريون گهمرو خوشيءَ جو احساس ٿيم، پر  اهائي نڀاڳي دل ۽ اهائي سندس سوچ! جڏهن هو آفيس هليو ويندو هو ۽ مان سڀني ڪمن کان واندي ٿي ننڍڙيءَ کي سمهاري ڇڏيندي هيس، تڏهن ماضيءَ جي هر هر ياد نانگ بنجي ڏنگيندي هئي ۽ مان سوچيندي هيس ته آخر هر عورت نٿ جو بار ڇو ٿي کڻي.

زندگيءَ ۾ اهو آسرو ڪيڏو آٿت ڀريو ۽ اطمينان بخش هو ته هن مون تي ڪنهن به نموني جي پابندي لاڳو نه ڪئي. مون کي جڏهن پيڪن جي ياد ستائيندي هئي ته هو خوشيءَ سان پيڪن ۾ پهچائي ايندو هو ۽ پوءِ واپس وٺي ايندو هو.... مون کي جنهن شيءِ جي ضرورت ٿيندي هئي، اها هو پاڻمرادو پوري ڪندو هو..... مان ڪئين گهمرا پيڪن ويس به، پر پريشان ڪندڙ احساس جيءَ سان چنبڙيل رهيو. گذرندڙ سالن منهنجي آڳنڌ کي وڌيڪ سرسبز ڪري ڇڏيو. هاڻي مان ٽن ڇوڪرين جي ماءُ هيس. وسوسا ۽ وهم وڌيڪ ۽ مستقبل جو فڪر انهيءَ کان سواءِ..... ۽ نه ڄاڻان ڪيترا گهمرا دل اهو سوال مون کان پڇيو ۽ مان خاموش ئي رهيس ۽ خبر نه اٿم ته ڪيترا ڀيرا مون دل ۾ اهوئي سوال ورجايو هوندو، پر مجبور دل جي اهائي لاجوابي.....!

هڪ ڀيرو وري بهار منهنجي چمن ۾ جهومي ۽ مان هن دفعي ڳاڙهي ڳٽول پٽ جي ماءُ بنيس. هن ڀيري دل هڪ اڻڄاتي ۽ بي پناهه خوف کان ڌڙڪي اٿي. ڪيتريون مائرون آهن، جيڪي ڪيترن پٽن کي جنم ڏين ٿيون، پر جوانيءَ کان ٻڍاپي جو سفر طئه ڪندي، ڇا اهي اهو به سوچينديون آهن ته کين هن لٺ کان ٻڍاپي ۾ ڪو سهارو ملندو به يا نه....؟ مون ڪيترائي گهر ڏٺا هئا، جتي مائرن پنهنجي جگر جو خون پياري پياري پٽن کي پاليو، سک ڀريو هر پل پاڻ لاءِ حرام ڪيو. ڪڏهن پٽن جي آڱر ۾ سور به ٿيو ته ماءُ جو ڪليجو ڪپجي ويو، پر شاديءَ کان پوءِ انهن ئي پٽن پنهنجي نئين ڪنوار جو منهن ڏٺو ۽ مائرن کي ائين ڀلجي ويا، جيئن راهه ۾ پيل پٿر کي ماڻهو بي پرواهيءَ سان پير سان ٿڏيندو آهي. انهن خيالن جي ايندي ئي مون پهريون گهمرو پنهنجو پاڻ کي جيءَ ڀري بيمار ڪيو..... ڇا تو زندگيءَ ۾ ڪڏهن سک سان رهڻ سکيو ئي ناهي؟ ڇا تون سوچي به سگهندينءَ ته دنيا ۾ جيڪڏهن جنت جو تصور به ڪٿي آهي ته اهو اهوئي تنهنجو گهر ٿي سگهي ٿو، جتي بيحد چاهيندڙ مڙس آهي، گڏين جهڙيون پياريون نياڻيون آهن ۽ ننڍڙو گڏو، جيڪو تنهنجي گهر جو ڏيئو آهي، تنهنجي ٻڍاپي جو سهارو آهي، تنهنجي اميدن جو مرڪز. تنهنجي خوشين جو امين....! پر مان ڪيتري مجبور هيس؟

پوءِ به ڊپ ۾ دل و جان سان ننڍڙي گڏي کي نپائڻ ۽ سنڀالڻ لڳيس ۽ اهي ارمان ڀريا ڏينهن رات.... جڏهن هن ننڍڙي منهن مان پهريون دفعو ”امان“ چيو.... جڏهن هو پهريون گهمرو رانديڪو ڀڄي پوڻ تي روئي پيو.... جڏهن پهريون دفعو ننڍڙا پتڪڙا پير کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪيائين.... جڏهن پهريون دفعو پنهنجي ننڍڙي هٿ سان ماني ڀور منهن ۾ وڌائين..... ۽ اهي سڀ لمحا منهنجي دل ۾ قيد ٿي رهجي ويا ۽ زندگيءَ کي سڀ کان ڏکيا ته اهي لمحا لڳا، جڏهن مون پنهنجي ٿڃ ڇڏائي، کيس بوتل جو کير پيارڻ لڳيس. مان پنهنجو کير پياريندي هيس ته منهنجي دل ۾ اهو غرور، اها پنهنجائپ ۽ اها عظمت محسوس ٿيندي هئي ته اها مان ئي ته آهيان، جيڪا خدا کان پوءِ، هن جي زندگيءَ لاءِ جوابدار آهيان. مان ڪنهن ڪم ۾ لڳل هوندي هيس ۽ کير پيارڻ ۾ ذري دير ٿي ويندي هئي ته هو ننڍڙا ننڍڙا گوڏا کسڪائي منهنجي پويان اچڻ لڳندو هو ۽ منهنجي دل کي اهو احساس زندگي بخشيندو رهندو هو ته مان هڪ زندگيءَ جي لاءِ ڪيڏي اهميت رکان ٿي. مان ڪيڏي عظيم آهيان! پر کير ڇڏائڻ کان پوءِ، منهنجو پٽ مون کان بيگانو ٿي رهڻ لڳو.... هاڻي کيس بک لڳي ٿي ته پنهنجين ڀينرن وٽ وڃي، ڪجهه نه ڪجهه کائي وٺندو هو ۽ پوءِ راند ۾ لڳي ويندو هو.... ها البت رات منهنجي مامتا کي هزار غرور بخشيندي آئي، جڏهن هو منهنجي بنا سمهندو ئي نه هو ۽ مان رکي رکي سوچيندي هيس: اي خدا! ڪانه ڪا ڳالهه، ڪونه ڪو سلسلو ائين باقي رکج، جيئن منهنجو ۽ هن جو تعلق نه ٽٽي. نياڻين جو ڇا آهي، چار ڏينهن رهي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن هليون وينديون.... ڌيئرن سان ڀلا ڪنهن دل لڳائي آهي....؟ منهنجي آرزوئن جو مرڪز ته اهوئي چراغ آهي. انهيءَ کي سدا ٻرندو رکجان. هن جي روشني گهٽ نه ڪجان.....!

ظالم وقت.... بي رحم وقت ڪيئن گذرندو آهي. ڪنهن جي دل جي وسوسن جو، انديشن جو خيال ڪرڻ کان سواءِ بس هليو وڃي ٿو. ڏسڻ ۾ محسوس به نٿو ٿئي. روز اهائي صبح ٿئي ٿي، اهوئي اجالو، اهوئي سج. رات پنهنجي پلؤ ۾ اهوئي تارن جو جهرمٽ آڻي ٿي، چنڊ اڳي وانگر چمڪندو آسمان تي اڀري ٿو. سڀ ڪجهه اهوئي هجي ٿو پر ڪيڏو غير محسوس طور تي.... ائين جيئن ننڍڙيون ڪومل مکڙيون جوانيءَ جو روپ ڌارين ٿيون.... ۽ جوان دَم ٻڍاپي ڏانهن ائين مائل ٿيندا آهن، جو اکين جون چمڪندڙ بجليون مڌم مڌم پئجي وينديون آهن ۽ وقت، اهوئي ظالم وقت، جنهن خوابن جي سبزه زار تي هوريان هوريان قدم رکي ڪڏهن حسين لمحن جي بشارت ڏني هئي، هاڻي آهستي آهستي قدم کڻندو آواز ڏي ٿو.... مان اچي ويو آهيان..... مان اچي ويو آهيان ۽ وقت جو روپ مٽائي هڪ ٻڍي جي ويس ۾ منهنجي سامهون بيٺو هو، ۽ وري هڪ دفعو منهنجي سڪون کي لوڏي ويو..... اڙي.... اسان ايڏو جلدي ٻڍا ٿي وياسين. مون ڏڪي ڏانهس ڏٺو..... هو پنهنجن اڇن وارن واري مٿي سان هڪ آرام ڪرسي تي ٿڪل نظر آيو ٿي. ٽن ٽن ڌيئرن جي جدائيءَ جو غم هڪ پيءُ جي چيلهه ڀڃي ڇڏڻ لاءِ تمام ڪافي آهي. پوءِ ڌيئر به ڪهڙيون، جيڪي مينائن وانگر هر دم چهڪنديون هيون، مٺا ٻول ٻولينديون ئي رهنديون هيون.... مون ڏانهس ڀريل دل سان ڏٺو ۽ ڳؤري آواز سان چيم:

”رڳو توهان جون ئي ڌيئر توهان کان جدا نه ٿيون آهن، جو دنيا کان منهن موڙي ڇڏيو اٿوَ..... پوءِ اهو به ته سوچيو ته اسان جو پٽ، جيڪو اسان جي دل جو سهارو آهي..... اها ته دنيا جي ريت آهي..... ڌيئرن جي ڪمي هميشه نهرن پوري ڪئي آهي.“ اهو ٻڌي هڪدم سندس چهرو چمڪي اٿيو.

۽ پوءِ اسان پنهنجي دل جا سڀ ارمان ڪڍيا..... زندگيءَ جو اهو سهارو جيڪو خدا کان پوءِ سڀ کان وڏو سهارو هو، مٿس اسان پنهنجي زندگيءَ جي سڀ ڪمائي لٽائي ڇڏي..... هاڻي گهر ۾ هڪ ننڍڙي خوبصورت ڇم ڇم ڪندڙ ڪنوار هئي..... ”ٽن ٽن ڌيئرن جي شادي ڪرائڻ جو اهو ڳؤرو بار ڇا نهن اچڻ سان هلڪو ٿي ويندو....؟“ مون ٻڏندڙ آواز سان پنهنجي دل کان پڇيو.

خبر ناهي ته هميشه جي ساٿياڻي اداسي مون تي اها ڳالهه ظاهر ڪئي يا حقيقت هئي ته مون کي محسوس ٿيو ته ڪنوار کي هي گهر پسند ناهي.... نه گهر، نه گهر وارا ٻڍا..... ها مڙس جي ڳالهه ٻي هئي، هو سراسر سندس ئي هو. جڏهن ٻئي گڏ هوندا هئا ته ڏاڍيون گهڻيون ڳالهيون ڪندا هئا. کل ۽ پيار جا مڌم مڌم شرميلا آواز ڪنن ۾ حسين سازن وانگر گونجندا رهندا هئا، پر پٽ جي آفيس وڃڻ کان پوءِ گهر ۾ سناٽو ڇانئجي ويندو هو.... ڪنوار پنهنجي ڪمري ۾ پئي ڪتاب پڙهندي هئي يا وري سوئا ۽ نٽننگ کڻي ويندي.... وٽس ننڍڙو مهمان جو اچڻ وارو هو.

۽ هڪ ڏينهن منهنجي دل اهو غم سٺو، جنهن منهنجي چيلهه جهڪائي ڇڏي. نوڪرياڻي ٻن ڏينهن کان بيمار هئي ۽ موڪل تي هئي.... منهنجي طبيعت به ٺيڪ نه هئي. پٽم آفيس مان اچي چانهه گهري ته ڪنوار راڻي گرجندي چيو:

”هاڻي ڇا مون کي نوڪرياڻين وانگر ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن ته گهر ۾ سڀئي آرام ڪندا رهن.“

سڀئي....؟ منهنجي ذهن تي وڄ ڪري.... مان ۽ هو، ٻه پوڙها..... جيڪڏهن اسان آرام به ڪيو ته ڪهڙي زيادتي هئي؟ ڇا سڄي زندگي اسان ڍڳن وانگر وهيا نه هئاسين.....؟ ڇا هن ٻڍاپي ۾ هاڻي اسان ايتري آرام جا به حقدار ناهيون، جو نوڪر بيمار رهي ته نهن چانهه ٺاهي پياري....؟ نه اهو ناممڪن آهي. اهو زندگي جو بار آهي جو نٿ جي بار کان گهڻو ڳؤرو آهي.... بهر صورت، بهرحال انهيءَ کي کڻڻو ئي آهي.... کڻڻو ئي پوندو.... ترس پٽ! مان تنهنجي ٻڍڙي ماءُ تنهنجي لاءِ چانهه ٺاهيان ٿي، مون توکي جنم ڏنو آهي، مون توکي پالي تاتي وڏو ڪيو آهي، مان تنهنجي ماءُ آهيان نه، تنهنجي خوشين جي نگهبان، تنهنجي ننڍي وڏي هر ضرورت جو خيال رکندڙ!

۽ مان پنهنجي ٻڍاپي جو بار کڻي رڌڻي ڏانهن وڌي ئي هيس ته هڪدم مون کي زور سان چڪر اچي ويو ۽ مان هڪدم هيٺ ڪري پيس. منهنجي ڪرندي ئي تيزيءَ سان ڪمري جو دروازو کليو ۽ وڄ جي ڦڙتيءَ سان منهنجو پٽ مون ڏانهن ڊوڙيو.....“ امان، اڙي امان، تون ڪري پئينءَ. منهنجي امان....“ ۽ هن هڪدم مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ ائين کڻي ورتو جيئن مان ڪو گل هئس.

سڄي زندگي جنهن سوال مون کي پريشان ڪري منهنجون خوشيون ڇني ورتيون هيون، مون کي اڄ ان جو جواب پاڻيهي ملي ويو.... ڇا هر عورت نٿ جو بار انهيءَ ڪري ٿي کڻي ته ٻڍاپي ۾ کيس اولاد جو سهارو ملي....؟ اهو سهارو جيڪو دنيا ۾ خدا کان پوءِ سڀ کان وڏو سهارو ٿئي ٿو..... ماءُ پيءُ جي ٻڍاپي جو بار کڻڻ لاءِ اهڙن ئي مضبوط ۽ محبت ڀريل هٿن جي ضرورت ٿئي ٿي نه..... ڇا اهو پل اهڙو ناهي، جنهن تي سموري زندگيءَ جا سڀ غم قربان ڪيا وڃن....؟ ڇا ڪا عورت نٿ جو بار کڻي گهاٽي ۾ رهي آهي....؟ رهي سگهي ٿي....؟

مون اکيون کولي ڏٺو.... منهنجي پٽ جي اکين ۾ لڙڪ هئا. مون کي هوش ۾ ڏسي هو بيتابيءَ سان ڪڇيو، ”امان... منهنجي امان.... منهنجي سٺي امان.... تون ٺيڪ ته آهين نه....؟ ڪٿي چوٽ ته نه آئي....؟

مون پنهنجي ڪمزور هٿن ۾ هن جو چهرو جهليو ۽ منهنجي جنم جنم جو اڃايل روح سيراب ٿي ويو.....!!


 

 

 

 

معمار                        (اردو)

(حميد ڪاشميري)

هن جي باري ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هوءَ ڪير آهي. ڪٿان آئي آهي ۽ ڪڏهن آئي آهي. عرصي کان هوءَ روڊن تي پنهنجي چريائپ جو مظاهرو ڪري رهي هئي. پهريائين پهريائين ته سندس وار تمام ڊگها هئا، چيلهه تائين بي ترتيبيءَ سان پکڙيل، پر جيئن انهن ۾ چيڙهه ڄمندو ويو، تيئن وار ويا کسندا ۽ ڪرندا ۽ پوءِ رولو ڇوڪرن سندس وار پٽي کيس تقريبا گنجي ڪري ڇڏيو. سندس اصلي رنگ شايد ئي ڪنهن ڏٺو هجي. مَر جي تهن سندس جسم تي ڪيترائي تهه چاڙهي ڇڏيا هئا. سندس مر وارو چهرو تنور جي ٻريل ماني ۽ سڪل پاپڙ جهڙو لڳو ٿي ۽ سندس مٿيان ٻه ڏند هيٺئين چپ کان ٻاهر کنڊر مان نڪتل ٿي لڳا ۽ سندس مر وارو جسم مختلف هنڌن تان سندس چيٿڙن مان جهاتي پائي رهيو هو ۽ ان مان نڪرندڙ بدبوءِ ۽ ساڙ جا سلسلا ڦهلجي ٿي ويا ۽ واٽهڙو نفرت وچان نڪ جهلي گذري ويندا هئا.

”هڪ پيسو.“ هو رستي ويندڙ ڪنهن به شخص جو پلؤ پڪڙيندي هئي ۽ جواب ۾ واٽهڙو عام طور پلؤ ڇڏائي نڪري ويندا هئا ۽ هوءَ وڏو ٽهڪ ڏيئي پويان چوندي هئي، ”ٽرررر.......“ ۽ جيڪڏهن جو ٽارڻ خاطر کيس آنڪ ڏيئي به ڇڏيندو هو ته به عجيب قسم جون ڳالهيون پيئي ڪندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته آنڪ تي ٿڪ هڻي ڏيندڙ جي منهن ۾ اڇليندي هئي ۽ پوءِ ڊوڙي وڃي زمين تان کڻي وٽيءَ ۾ وجهندي هئي. واٽهڙو سندس عادتن کان چڱي طرح واقف ٿي چڪا هئا، ڪئين ڀيرا کيس وچ بازار ۾ ماريو به ويو، پر سندس انهيءَ چريائپ ۾ ڪو فرق نه پيو ۽ جڏهن کير واري هڪ ڏينهن چؤ سول تي بيهي ماريو ته مارڻ کا ٿوري دير بعد هڪ راهه ويندڙ آمريڪي عورت جي ڪن ۾ ايڏي زور سان ڪوڪ ڪيائين، جو اها عورت ڪرندي ڪرندي وڃي بچي ۽ هيءَ ڪٻڍي جي ڪنهن رانديگر وانگر ٽپندي ڪڏندي رانن تي هٿ هڻندي، وات مان طبلي وڄڻ جو آواز ڪندي، گهٽيءَ ۾ غائب ٿي ويئي..... انهن ئي ڏينهن ۾ ٻين پنندڙ فقيرن ۾ هن جي خلاف نفرت جا جذبا ڀڙڪي اٿيا ۽ هو کيس پنهنجي لاءِ مصيبت جو سبب سمجهڻ لڳا. فقيرن جي خيال ۾ هو سندن ڏهن مهينن جي تنظيم کي تباهه ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺي هئي. ڏهه مهينا اڳ، جڏهن ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جي سلسلي ۾ فقيرن کي شهر نيڪالي ڏيڻ ۽ پنڻ کي قانون جي خلاف قرار ڏيڻ جا افواهه گرم هئا، تڏهن پنندڙ فقيرن کي ڳڻتي اچي ورتو. هو لڪي لڪي گهٽين ۾ گهمڻ لڳا ۽ نيٺ هفتي کن جي ڊوڙ ڊڪ کان پوءِ هڪ رات سڀئي پنندڙ فقير شهر کان ڪجهه فاصلي تي هڪ ٻنيءَ ۾ گڏ ٿيا ته جيئن پنهنجي مستقبل لاءِ گڏجي ڪجهه سوچي سگهن، ٻني ڀرجي وئي هئي ۽ فقير ٻنيءَ کان ٻاهر، اڀرندي طرف ڪچي رستي تائين ۽ اولهه طرف ڀت کان پري، چراگاهه تائين پهچي چڪا هئا ۽ ائين محسوس ٿي ٿيو ڄڻ شهر تي ڪنهن بمباري شروع ڪري ڇڏي هجي ۽ سموري آبادي جان بچائڻ خاطر ٻنين ڏانهن ڀڄي نڪتي هجي. انڌن ۽ ڪاڻن جي آبادي، لولن ۽ لنگڙن جي آبادي.... ٻوڙن، مفت خورن، محتاجن، يتيمن ۽ ڪوڙهين جي آبادي.... پنندڙن جي سموري آٻادي اچي رهي آهي هڪ طوفان وانگر، ڪافي رات گذرڻ کان پوءِ جڏهن فقيرن جو اجلاس شروع ٿيو، پهريائين ته وڏو گوڙ ۽ هنگامو هو. هر شخص پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي راءِ قائم ڪري، ٻين کي مڃائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو هو. پر انهيءَ طرح سان جڏهن ڪو مسئلو حل ٿيندي نظر نه آيو تڏهن فقيرن جي انجمن پهريون دفعو وجود ۾ آئي ۽ فقيريو، جيڪو پهريائين ئي فقيرن ۾ هر دلعزيز هو، اتفاق راءِ سان فقيرن جي انجمن جو وڏيرو چونڊيو ويو. پوءِ هن وڏي آواز ۾ هڪ تقرير ڪئي، جنهن کي سڀني فقيرن داد ڏنو ۽ پسند ڪيائون. پوءِ هن روزيءَ جي وسيلي جو قسم ڏيئي سڀني کان وعدو ورتو ته اهي آئيندي ڪڏهن به ڪنهن واٽهڙوءَ کي تنگ نه ڪندا ۽ اهو ڏيندڙ جي مرضيءَ تي منحصر هوندو ته هو پنندڙ کي خيرات ڏي يا نه ڏي ۽ اهو به طئه ٿيو ته هر شهر جو گشت صرف خميس کان سواءِ، شهر جي مختلف هنڌن تي ڪندا ۽ بازارن ۾ پنندڙ فقيرن کي انجمن سزا ڏيڻ جي مستحق ٿيندي. انهيءَ تي فوري عمل ٿيو ۽ انجمن ڪجهه مک ۽ تندرست فقيرن کي شهر جي مختلف هنڌن تي غير پنندڙن جي ويس ۾ مقرر ڪيو ته جيئن انجمن جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف قدم کڻي سگهجي.

ڪجهه ڏينهن ۾ ئي فقيرن جي پنڻ جي طريقي ۾ ڪافي حد تائين سڌارو اچي ويو. فقير صرف خميس ڏينهن شهر ۾ ڦرڻ لڳا ۽ اهو به اڳي وانگر ٽولين ۾ نه، بلڪ تنظيم سان قطار ڪري، دڪانن جي سامهون گذرندا ۽ پئسو پئسو وٺندا اڳتي هليا ويندا. وڏن وڏن دڪانن تي فقيريئي پنهنجو هڪ هڪ ماڻهو ڇڏيو هو ته جيئن ڪو فقير دوکو ڏيئي ڪنهن کان وڌيڪ پئسا وٺڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ خود فقيريو ڪنهن وڏي دڪان تي لٺ کڻي پهريدار وانگر بيٺو هوندو هو ۽ ڪنهن به فقير کي قطار مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هو. دڪاندار سندس تنظيمي صلاحيتن کان خوش ٿي، کين هڪ پئسي جي بدران ٻه پئسا به ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ فقير وري فوجي انداز ۾ شڪريئي جو سلام ڪندا هئا. انهن ڏينهن، غير ملڪي ماڻهن پنندڙن جي ڊگهين ڊگهين قطارن جون ڏاڍيون تصويرون ورتيون ۽ تنظيم ۽ پنڻ جي ترقي يافته طريقي کي خوب ساراهيو ۽ پنندڙن پنهنجي صلاحيتن کي داد ملندو ڏسي پنهنجي تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بنايو ۽ ڏينهون ڏينهن منظم ٿيندا ويا.

پر جنهن خطري جو کين شروع ۾ ئي احساس هو، اهو احساس ڏهن مهينن کان پوءِ وڌيڪ شديد ٿيندو ويو، جو اها چري عورت سندن ڪيل ڪمائي تي پاڻي ڦيري رهي هئي ۽ سندن ڏهن مهينن جي ڏينهن رات جي محنت سان ٺاهيل عمارت کي ڊاهڻ لاءِ سنڀري هئي. تنهن ڪري پنندڙن سندس خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ۽ خود بدناميءَ کان بچڻ خاطر کيس شهر مان ڪڍڻ جا طريقا سوچڻ لڳا. اڃا هو ڪو رستو ڳولهي نه سگهيا هئا، ته هڪدم پوليس جي مشينري حرڪت ۾ آئي ۽ پنندڙن کي پنهنجو آئيندو اونداهو ڏسڻ ۾ آيو. فقيرن جون گرفتاريون تيزيءَ سان ٿينديون رهيون. هر خميس تي گاڏيون ڀري شهر کان ٽيهه ميل پري ريگستان ۾ فقيرن کي ڇڏيو ٿي ويو. عرصي کان آواز بلند ٿي رهيا هئا، ”وٺي وڃو، انهن کي شهرن کان ٻاهر وٺي وڃو. هي ڪاڪوس جي گندگيءَ کان به وڌيڪ غليظ آهن. مڪروه آهن، ناپاڪ آهن، ڪوڙهه جي بيماري ٿا ڦهلائين. سندن اهڙي طرح شهر ۾ گهمڻ خطرناڪ آهي. هي سماج ۽ انسانيت تي بدنما داغ آهن. هي انڌا، ڪاڻا، لولا، لنگڙا ۽ ڪوڙهيا، مفلوج، سنهڙا ۽ ڏنڊا مشٽنڊا، ٿلها ٿنڀرا ۽ جوان- انهن سڀني کي شهر نيڪالي ڏيو، کين بند گاڏين ۾ بند ڪري شهر کان پري، تمام پري اڇلايو ۽ بارود جي هڪ ئي ڌماڪي سان ختم ڪريوس يا ڪنهن جهاز ۾ ويهاري اونهي سمنڊ ۾ اڇلي غرق ڪيو. ڪجهه ڪريو، خدارا ڪريو، پر انهن ڪوڙهين کان شريف ۽ سفيد پوشن کي نجات ڏياريو، جو هو هڪ هٿ سان ڇيد وارو پيسو وٺن ٿا ۽ انهيءَ هٿ سان ڪوڙهه جا جيوڙا ڦهلائين ٿا.“

گرفتارين جو اهو سلسلو ٻن مهينن تائين جاري رهيو. فقير رڙيون ڪندا رهيا، پر پوليس پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. هو ريگستان مان ٽيهه ٽيهه ميل پيدل هلي واپس شهر اچڻ لڳا ۽ شهر پهچندي ئي کين وري گرفتار ڪري واپس موڪليو ويندو هو. پر چري عورت کي ڪير به گرفتار ڪري نه سگهيو، هوءَ هر دفعي بچي ٿي ويئي. هن پوليس وارن کي گاريون ڏنيون، سندن منهن تي ٿڪيو. رڙيون ڪيائين، رنائين، پٽيائين ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني بچي ويئي. هوءَ هئي به ايتري غليظ جو پوليس خود کيس نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ کيس سندس ئي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو. هو منهن مان گگون ڳاڙيندي، بدبودار کنگهارا ڇڏيندي، فٽ پاٿ ۽ چؤسولن تي هلندي وتندي هئي ۽ پنندڙن چواڻي ته پنڻ جي پيشي کي بدنام ڪري رهي هئي. جڏهن ڪنهن ليڊر جي آمد جي سلسلي ۾ روڊ ”بلاڪ“ ڪيو ويندو هو ته هوءَ پهريدار جي قطار کي چيريندي، منهن مان هارن جو آواز ڪڍندي، روڊ جي ٻئي طرف وڃي هنگامو مچائيندي هئي. جڏهن مجموعو هڪ آواز ۾ ”زنده آباد“ جو نعرو لڳائيندو هو ته هوءَ اڪيلي ”مرده آباد“ جو نعرو هڻندي ۽ هر طرف جڏهن ”مرده آباد“ جا نعرا لڳايا ويندا هئا ته هوءَ ”زنده آباد“ جو نعرو لڳائيندي هئي، ڪنهن روڊ جي وچ تي آڏو ليٽي ٽرئفڪ جو رستو روڪي ڇڏيندي هئي ۽ ڪو ڪانسٽيبل ڪاوڙ ۾ پويان ڊوڙندو هئس ته بجليءَ جي رفتار سان اٿي ڀڄي ويندي هئي. ٿورو پري پنهنجا وڏا وڏا مڪروه ڏند ڪڍي ڪانسٽيبل جا ويچارا ڪڍندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڊوڙندي ڊوڙندي، هڪدم سينو تاڻي بيهي رهندي هئي ۽ سندس پيڇو ڪندڙ ڪانسٽيبل سندس مڪروه جسم ۽ چيٿڙن کي ڇهڻ به پسند نه ڪندو هو.

گرمي، باهه وسائيندڙ جهولي ۽ سرد هوائن ۾ هوءَ انهن روڊن ۽ فٽ پاٿن تي ڊوڙندي رهي، هر موسم ۾ هر حال ۾، سردين ۾ سندس ڏند وڄندا رهيا. گرمين ۾ سندس ٻرندڙ جسم تي داغ ٿيندا رهيا، رت ۽ پـُون به وهندو رهيو ۽ نفرت جو هڪ سيلاب چؤ طرف وڌندو رهيو، پر هن جي چريائپ ۾ ڪابه ڪمي نه آئي. هوءَ ڇتي ڪتي وانگر روڊن تي ڊوڙندي رهي، ڀڄندي رهي. پر جلدي هڪ اهڙو دور آيو جو ماڻهن ڏٺو ته چري عورت گهٽ ڊوڙون ٿي پائي، گهٽ گاريون ٿي ڏي ۽ گهٽ هنگامو ٿي مچائي ۽ نه ئي ڪيڏانهن گهڻو وڃي ٿي. بس پنهنجي وڌندڙ پيٽ کي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ کڻي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين آهستي آهستي هلندي هئي ۽ هر واٽهڙوءَ کي چوندي هئي:

”هڪ پيسو!“

۽ جڏهن ڪو ماڻهو پئسو نه ڏيندو هو ته آهستي چوندي هئي:

”ٽرررر......“

سندس رفتار ڏينهون ڏينهن گهٽبي ويئي ۽ پيٽ وڌندو رهيو. جسم مان نڪرندڙ بدبو وڌيڪ تيز ٿي ويئي. چهري تي مَر جي تهن ۾ ڦوٽون پونديون رهيون. جنهن گهنجيل چهري کي وڌيڪ وحشتناڪ بنائي ڇڏيو هو. رولو ڇوڪرا کيس صبح شام ڇيڙيندا رهيا ۽ چٿرون ڪندا رهيا.

”تنهنجي پيٽ ۾ ڪنهن جو ٻار آهي؟“ ڪو ڇوڪرو شرارت ڪري چئي ڀڄي ويندو هو..... ۽ هوءَ چوندي هئي:

”تنهنجو آهي. تنهنجي پيءُ جو آهي.“

هن هر شخص کي اهو جواب ڏنو. ڪنهن سنجيدگيءَ سان پڇيو يا شرارت سان، وٽس اهوئي جواب هو:

”تنهنجو آهي، تنهنجي پيءُ جو آهي.“

۽ هوءَ اُنهيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي چئي سگهي. ڏينهن جي روشنيءَ ۾ کيس ڏسي نفرت وچان منهن ڦيرڻ وارن، رات جي اونداهيءَ ۾ سندس پاسي ۾ گهاريو هوندو. سندس ٻار جو ڪوته پيءُ هوندو، پر دعوى به نٿي ڪئي ۽ نه ڪنهن اُنهيءَ موضوع تي ڳالهه ٿي ڪئي. نه ڪنهن بنگلي جي ڪنهن رئيس، نه جهوپڙي ۾ رهندڙ ڪنگال، نه آفيس جي ڪنهن ڪلارڪ، نه سينما جي مڪراني، نه ڪارخاني جي مزدور ۽ نه ئي ڪنهن عزتدار..... سڀ کانئس بدستور نفرت ڪندا رهيا ۽ هوءَ نفرتن، ٿڪن ۽ بُجن جو سهارو وٺندي، آهستي آهستي روڊ تي گشت ڪندي رهي ۽ آخر هڪ ڏينهن سندس گشت به بيهي ويو ۽ هو ٿاٻڙجي فٽ پاٿ تي ڪري پيئي ۽ بولاٽيون کائيندي ڪنجهڻ لڳي ۽ ماڻهن انهيءَ فٽ پاٿ جي حصي تان هلڻ به ڇڏي ڏنو.

شام جي اونداهيءَ ۾ جڏهن آمدورفت ڪجهه قدر گهٽ ٿي، تڏهن هوءَ درد جي پيڙا کان رڙيون ڪري رهي هئي ۽ سندس چيخون بلند ٿينديون ويون.... پوءِ هوءَ زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي..... ۽ پاڙي وارا سڄي رات ننڊ ڪرڻ لاءِ سڪندا رهيا..... ۽ ٻي رات، جڏهن هوءَ روئي روئي ٿڪجي خاموش ٿي ويئي تڏهن سموري پاڙي کي آرام آيو.

صبح جو جڏهن ماڻهن جي آمدورفت شروع ٿي، تڏهن هڪ هٿ جيڏو، ننڍڙو ڳريل ۽ سڙيل ٻار وساڻل آواز ۾ اوان اوان ڪندي ڏٺو ويو ۽ چري عورت رڙهي رڙهي ٻار کان ڪافي پري نڪري ويئي هئي.

 

 

 

سمنڊ بيمار آهي                     (اردو)

(آصف فرخي)

شهر سان گڏ سمنڊ پهريون ڀيرو مون کي پنهنجي امان جهڙو ان ڏينهن لڳو، جڏهن هن منهنجي ڳچي نپوڙڻ شروع ڪئي.

اڌ کان وڌيڪ رات لنگهي وڃڻ کان پوءِ اڍائي، پوڻا ٽي وڳا هوندا، يعني اها گهڙي گذري ويئي هئي، جڏهن عام طرح راتين جو ننڊ ڦٽي پوندي هئي. سموري ڏينهن جي ٿڪاوٽ ۽ رات جي اُوجاڳي جي تصور کان بي آرام بستري ۾ پاسا ورائيندو رهڻ، ڪڏهن چادر اُوڍڻ، ڪڏهن لاهڻ ۽ وهاڻي ۾ منهن وجهي ڏسڻ جي اجائي ڪوشش ڪندو رهڻ کان پوءِ، آئون پنهنجي مٿي جا وار پٽڻ لاءِ تيار ٿيندو آهيان. ننڊ ڪنهن طرح ايندي به نٿي آئي ۽ انهيءَ گهڙي خبر پئجي ويندي آهي ته ائين ضرور ٿيندو. پر اها گهڙي آئي ۽ اچي گذري ويئي. مون کي ننڊ وٺي ويئي هوندي، اُنهيءَ ڪري جو مون کي ان وقت پنهنجو جاڳڻ ياد نه آهي، نه ته ٻين سڀني راتين جي هڪ هڪ پل جو عذاب، اکين ۾ ٽنبجندڙ سين وانگر، منهنجي ذهن تي لکيل آهي.

اوجاڳي جي واري اکين ۾ ڀريل رهندي آهي، ننڊ جو سمنڊ ايندي ايندي واپس موٽي ويندو آهي ۽ مان ڏسندو رهجي ويندو آهيان.

انهيءَ رات ننڊ جو جهوٽو اچي ويو. خبر ناهي ڪيئن. ۽ ان جي هيءَ سزا ملي.

سمهندي، جاڳندي، گهيرٽ ۽ جهوٽا کائيندي خبر ناهي اها ڪهڙي گهڙي هئي جو اک گهٻرائجي کلي پيئي. ائين لڳو ڄڻ ڪو ڳچي دٻائي رهيو هجي. اوڏيءَ مهل مون کي امان جو خيال آيو. نه، امان، ائين ته نه ڪر.... اهو ڇهاءُ سندس آڱرين جو نه هو. ڪو منهنجي ڇاتيءَ تي چڙهي ويٺو هو ۽ مضبوط هٿن سان منهنجي ڳچي دٻائي رهيو هو. منهنجي ڳچيءَ ۾ ڪنهن جا هٿ نه هئا، پر خيال امان جو آيو. ڪنڊائين ٽاريءَ سان ڪنهن منهنجو چهرو رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو هو. آئون ڇرڪي اٿي ويٺس، پر اٿي به نه سگهيس. لاچار ٿي هڪدم بستري تي ڊهي پيس. ڇاتيءَ تي بوجهه هو. نڙيءَ ۾ سوٽ اُڀري ۽ سور ڍُڪ ڍُڪ ٿي نڙيءَ ۾ ڪؤڙاڻ ڀرڻ لڳو. لهندي لهندي زور سان ڊوڙيو ۽ پوءِ بيهي ويو. پر سور بيٺو ڪونه. اهو وري مُٽي آيو، اڳي کان وڌيڪ طاقت سان ڄڻ ڪنهن منهنجي ڳچيءَ کي ٻنهي کهُرن هٿن ۾ گهيري ورتو هجي. سور اهڙي زور سان بوجهه وجهي رهيو هو، جو لڳم ته اجهو ڳچي ٽٽي پوندي، ڪاڪڙو ڦاٽي پوندو، ڳچيءَ جون رڳون تاڻجي ڦوڪجي وينديون ۽ پوءِ ڦاٽي پونديون. مون گهٻرائجي رڙيون ڪرڻ چاهيون: امان، امان، ائين نه ڪر، توکي خدا جو واسطو، ائين نه ڪر، پر منهنجو ساهه گهٽجي رهجي ويو. نڙيءَ مان خرخراهٽ جي آواز کان سواءِ ڪوبه آواز نه نڪتو ۽ اهو گهٽيل آواز ڦاسجي منهنجي ڳچيءَ ۾ وڪڙ وجهڻ لڳو، ان کي ڀڪوڙڻ لڳو.

پر امان منهنجو آواز نه ٻڌو. هن منهنجي ڳالهه نه ٻڌي. ڳچي ڄڻ انهيءَ بوج کان سيٽجڻ لڳي هجي. هاڻي اهو منهنجي برداشت کان ٻاهر ٿيندو پئي ويو.

ڪچي ننڊ جو شڪ ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو هو. مون چادر لاهي هڪ پاسي ڪري ڇڏي ۽ بستري تان اٿڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. ڪمري جي ميري اونداهي، ڍنڍ وانگر اکين ۾ ڦهلجي رهي هئي. اٿي ڪمري جي بتي ٻارڻ به ڏاڍي ڏکي لڳي رهي هئي. ڳچي هئي، جنهن ۾ تاڻ وڌندي پيئي وئي، پر مون کي ڪجهه به، ڪوبه ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.

منهنجي خرخراهٽ کان بستري جي ٻئي طرف هوءَ ڇرڪي ويئي. سندس اک منهنجي ڪنجهڻ جي ڪري نه کلي هئي، ڇو جو هوءَ اڳيئي جاڳيل هئي. سندس اکين ۾ ننڊ نه، ڄڻ مرچ ڀريل هئا ۽ هوءَ اکيون مهٽي رهي هئي. ڏاڍي مشڪل سان ڪنڌ ڦيري مون ڏانهس منهن ڪيو. ميري اونداهيءَ ۾ به اهي اکيون ڳاڙهيون ڏسڻ ۾ پئي آيون ۽ پاڻيءَ سان ڀريل.... هوءَ سهڪي رهي هئي.

ڇاتيءَ ۾ ساهه سميٽيندي هُن اٽڪي اٽڪي چيو، ”هتي ڪجهه آهي!“ سندس آواز ٽٽي اونداهيءَ ۾ ڦهلجي رهيو هو: ”هتي ڪجهه آهي.... هتان هلو، ڀڄو!“

اونداهيءَ ۾ اکيون ڦاڙي آئون ڏانهس ڏسندو رهيس. سندس مهانڊو به صاف هو. ڦاٽل ڦاٽل آواز ۽ هٿن سان مهٽجندڙ اهي ڳاڙهيون ڳاڙهيون اکيون.... آواز گونجي رهيو هو: ”ڀڄو! ڪجهه آهي....“

نالي کان به پهرين، سندس هڪ موجودگي هئي، امان کان سواءِ.... سندس آواز کوکلو ٿيو، پوءِ ٽٽي پيو. اهو ٻيهر نه ٻڌڻو پوي، انهيءَ ڊپ مون کي بستري ۾ ڌڪي ڇڏيو. مون پنهنجي ڳچيءَ تي هٿ گهمائي ڏٺو.... ان تي ڪنهن جي اڱرين جي پڪڙ نه هئي، پر دٻاءُ اهڙي طرح جو هو جو.... مشين سان ٽڪرائجندي چپل پائڻ لاءِ پير وڌايم، پر پير جو آڱونٺو ان جي پٽيءَ جي سڌ ۾ نٿي آيو، هر هر ٻاهر نڪري ٿي ويو. لڏندو لمندو رهيس. سور رڪجي ته شيون به پنهنجي جاءِ تي قائم رهن. پر اها گهٽ جاري رهي ۽ اهڙي طرح چپل اڌ اٽڪائي، اڌ گهيلي اٿيس. ڪمري جي دهشت ۽ التجا ڀريل اڌ ڊيگهه طئه ڪندي، سندس بستري تائين آيس. منهنجي موجودگيءَ کان بي خبر، هوءَ اکيون مهٽيندي پئي ويئي ۽ منهن ئي منهن ۾ ڪجهه ڀڻڪندي پئي ويئي. مون سندس ڪلهو جهلي لوڏيو. ٿڌي مٽيءَ جي بي جان ڍِڳ وانگر هوءَ پنهنجي جاءِ تي ويٺي ويٺي ئي ڪرڻ لڳي. مون سهارو ڏيئي اُٿاريو ۽ دروازي ڏانهن وڌياسين. جتي درازو هجڻ گهرجي ها، اتي گهپ اونداهي هئي. ڪنجي ڪلف ۾ ئي لڳل هئي ۽ ان جو ٿڌو ڌاتو جدا نظر پئي آيو. دروازو کلندي ئي هڪ اٻڙڪو آيو ۽ اسين ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪرڻ کان بچندا ڪمري مان ٻاهر آياسين. نالي کان پهرين، هتي ان جي هڪ موجودگي هئي. امان کان سواءِ.... اسان کي ان کان بچڻو هو. اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ان جو اندازو به نه هو. اسان ڪيڏانهن وڃي سگهون ٿا، اها خبر نه هئي. ڪنهن طرح ان کان بچي سگهون، جيڪا ڪمري ۾ اچي ويئي هئي، جيڪا گهر ۾ ڀرجي رهي هئي.

آئون کنگهي رهيو هئس. هن جي اکين مان پاڻي وهي رهيو هو. سمهيل ٻارن کي ڪپڙن جي هڙ وانگر پوئين سيٽ تي اُڇلي، گاڏيءَ کي چرين وانگر هلائڻ شروع ڪري ڏنم. مون کي هوش به نه هو ته مون ڪنهن کي ڪلف هنيو آهي ۽ ڪٿي گهر کي هونئن ئي ڇڏي ڏنو اٿم. بس ايترو اندازو هئم ته گاڏيءَ جو رخ اڳي ئي شهر ڏانهن هو، سمنڊ جي مخالف رُخ ۾.

اسان اڃان گهر کان نڪتا ئي هونداسين ته مون کي احساس ٿيو ته هوا چيري رهي هئي. مون هٿ وڌائي گاڏيءَ جو شيشو مٿي ڪيو. آئون هر حرڪت اهڙي طرح ڪري رهيو هئس، ڄڻ ننڊ ۾ هلي رهيو هجان. اکيون اونداهيءَ ۾ ڏسڻ جون چڱي طرح عادي به نه ٿيون هيون ۽ گاڏيءَ جي رفتار تيزي به اختيار نه ڪئي هئي، جو تمام ويجهو پاسي کان نڪرندڙ هڪ گاڏيءَ جي هارن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. تيزيءَ سان بريڪ هڻڻ ڪري روڊ جي بجريءَ تي ٽائر چرڙاٽ ڪيو ۽ هارن وڄڻ لڳا. آئون گاڏي هلائيندي هلائيندي رڪجي ويس. ان وقت ڌپ جو احساس ٿيو. هڪ اٻڙڪو ساهه سان گڏ آيو، پوءِ ڄڻ ناسون مرچن سان ڀرجي ويون. منهنجون اکيون به سڙڻ لڳيون ۽ منجهانئن پاڻي وهڻ لڳو. ڌپ جو اٻڙڪو ايڏو تيز هو جو نڪ ۽ نڙي ۾ ڀرجڻ لڳو. مون وات بند ڪري ڇڏيو ۽ چپ ڀڪوڙي ڇڏيا. ڌپ گاڏيءَ ۾ ڀرجي رهي هئي، جنهن کان بچڻ ڏکيو ٿي پيو هو. گهاٽي، گهري ڌپ ۽ ايتري نرم جو چاقوءَ سان ڪپي وٺجي، پر چاقو وانگر نڪ ۽ نڙيءَ کي کرچي ڇڏي. نه، اها گهاٽي به نه هئي، ان جا ڇلها هئا، جيڪي رکي رکي هوا ۾ ڦهلجي رهيا هئا ۽ نڪ ۾ لهندا پئي ويا. منهنجا ٻئي هٿ اسٽيئرنگ وهيل کي جهلڻ جي بدران اکين کي مهٽي رهيا هئا ته پاسي کان هڪ گاڏيءَ تيزيءَ سان بريڪ هنيو ۽ زور سان روڪيائين، نه ته منهنجي گاڏي ته ان سان ٽڪرائجي وڃي ها. مون ڇرڪي ڏٺو ته ايتري ئي ڀرسان هڪ ٻي گاڏي هئي، ان جي ڀرسان هڪ ٻي..... اڳ واري گاڏي اڃا هلي به نه هئي ته پويان هڪ ٻي اچي رهي هئي. اُن جي ڊرائيور به ڄڻ هارن تي هٿ رکي ٻيو سڀ وساري ڇڏيو هو.

روڊ گاڏين سان ڀريل هو. سڀيئي ماڻهو سمنڊ کي پٺي ڏيئي شهر ڏانهن منهن ڪري رهيا هئا. هوا ڳؤري هئي ۽ ڌپ برداشت کان ٻاهر.... مون هاڻي امان جي باري ۾ بلڪل نٿي سوچيو. گاڏيءَ جي اڳيان گاڏي اچي ويئي هئي. ماڻهن پنهنجون گاڏيون روڊ تان لاهي ڪچي ۾ آڻي ڇڏيون هيون. هارن رانڀاٽ ڪري رهيا هئا. ٻنهي طرفن کان گاڏين جي اچ وڃ جاري هئي. پوليس جي سپاهي جو ڪو پتو نه هو ۽ نه وري ٽرئفڪ وارن جو. ماڻهو چرين وانگر نڪري پيا هئا. روڊ گاڏين ۽ ماڻهن سان ڀربا پئي ويا ۽ ڄڻ انهن جي ئي رفتار سان اها نرم ڌپ به اچي رهي هئي، دونهين وانگر ڦهلجندي، ساهه ۾ ملي دل کي ڪچو ڪندڙ ۽ اکيون ساڙيندڙ ڌپ. اها انهيءَ طرف کان اچي رهي هئي، جتان کان اهي سڀ اچي رهيا هئا.

 ”هنن سمنڊ کي گدلو ڪري ڇڏيو آهي.“ ڪنهن هلندڙ گاڏيءَ جي دريءَ مان منهن ڪڍي چيو. مون هن جو اڌ آواز ٻڌو، اڌ نه ٻڌو. ڪو ٻار هوندو. ناراض ۽ ڪاوڙيل، جنهن کي خبر به ناهي ته کانئس سندس ٻالڪپڻ جو سمنڊ کسيو ويو آهي.

پر مون کي انهيءَ ڳالهه تي سوچڻ جو موقعو ئي نه مليو. ٽرئفڪ جو سپاهي خبر ناهي ڪٿان ظاهر ٿي سيٽي وڄائي رهيو هو ۽ آڏين ٽيڏين ڦاٿل گاڏين کي هڪ ئي طرف مڙڻ لاءِ اشارو ڪري رهيو هو، جيڏانهن گهڻو اڳي کان ڦاٿل گاڏين جي قطار جي ڪري مُڙڻ ممڪن ئي نه هو. گاڏي ڪجهه انچ سرڪي ٿي ته خبر پيئي ٿي ته سي ويو ۽ درخشان جي اندرين گهٽين مان ماڻهو ايڏي تيزيءَ ۽ ايڏي تعداد ۾ نڪتا آهن، جو روڊ گاڏين سان ڀرجي ويا آهن. سپاهي سيٽيون وڄائيندو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندو پئي ويو. ڏانهس ڪنهن خاص ڌيان نٿي ڏنو. ماڻهو هڪ ٻئي کي ٻڌائي رهيا هئا ته اهو زهري گيس جو فوجي حملو آهي ۽ نه ڪا جنات. ڪلفٽن جي سامونڊي ڪناري تي ڦاٿل ان جهاز مان تيل وهي رهيو آهي، جنهن جي تصوير ڪالهه رات بي-بي-سي وارن ٽي-وي تي ڏيکاري هئي يا شايد ڪنهن انڊين چئنل تي- ٽي- ويءَ جي تصوير حقيقت بنجي ويئي. ان تي ويچار ڪرڻ جو ڪنهن وٽ وقت هو. اصل ڳالهه ته اها هئي ته انهيءَ جاءِ کان نڪرون، ٽرئفڪ جي هن چرپر ڪندڙ رش مان ٻاهر اچون. ماڻهو رڙيون ڪري رهيا هئا. گوڙ ڪري رهيا هئا ۽ هارن بي روڪ وڄائي رهيا هئا. اهي ماڻهو جن جون گاڏيون ٽڪرائجي ويون هيون، هٿين پوڻ تي لهي آيا هئا ۽ اڳ واري گاڏيءَ مان هڪ عورت جي الٽي ڪرڻ جو آواز اچي رهيو هو.

آئون شهر سان گڏوگڏ سمنڊ جي ڪناري تان هلندو اچي رهيو هئس. شهر ۽ سمنڊ مون کي انهن ٻن بيمارن جهڙا لڳا، جن کي اسپتال ۾ بسترن جي کوٽ جي ڪري هڪ ٻئي سان گڏ سمهاريو ويو هجي. ڪنهن کي پرواهه هئي ته انهن جي انفيڪشن به ساڳي آهي يا نه ۽ ڇا ٻنهي جا لاش اسپتال مان گڏ ئي کنيا ويندا. ڦڪو چهرو، لهساٽيل رنگ ۽ رت چوسيل سلهه ۾ ورتل جسم.... ٻنهي هڪ ٻئي کي بيمار ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هڪ ئي بستري تي هڪ ٻئي جا ڳؤرا ساهه ڳڻي رهيا هئا.... مون کي خبر نه هئي ته ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ منهنجي اها سمنڊ جي آخري جهلڪ هئي.

هاڻي کيس نه ڏسي سگهندس، جو سمنڊ منهنجين شامن ۾ مليل هو ۽ جنهن تي ڦهلجندڙ اُجالي جي ڪرڻي سان منهنجو ڏينهن اُڀرندو هو. جنهن جي هوائن ۾ منهنجا وار وکرندا هئا ۽ جنهن جي لاهه ۽ چاڙهه ۾ منهنجي پنهنجي موڊز جو Swing نظر ايندو هو، ڄڻ هي دوست وڇڙي رهيو آهي ۽ خبر به نٿي پوي ته ڇو، ڪيترن ڏينهن لاءِ.

پر مون کي فڪر سمنڊ جو نه، امان جو هو. منهنجي هيئن واپس اچڻ تي هوءَ ڇا ڪندي. گهر ۾ مون کي قبول ته هن ڪري ورتو هو، اُنهيءَ ڪري جو ان وقت انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو ۽ ڪراچيءَ جي سمنڊ جي ڪناري تي تيل بردار جهاز مان Oil Spill جي خبر وڏن لفظن ۾ ٻي صبح جو اخبارن جي پهرين صفحن تي ڇپجي چڪي هئي. هيڏي رات گذرڻ تي ڳاڙهين اکين، وکريل وارن سان دروازي جي گهنٽي وجائيندي ڏسي، هن ڪجهه به نه چيو. دروازو کولي هڪ پاسي ٿي بيٺي، اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا مون کي هتي وٺي آئي آهي. نڪي هن پڇيو ۽ نه ئي مون ٻڌايو. منهنجي لاءِ ٻڌائڻ به مشڪل هو، جو مون کي خود اُنهيءَ مهل خبر نه هئي (چڱيءَ طرح ته هاڻي به خبر ناهي) ۽ بس اهوئي غنيمت لڳي رهيو آهي ته هن اهو نه چيو ته فالتو ماڻهو گهر ۾ نه اچن. ڪنڌ جهڪائي آئون اندر آيس ۽ انهيءَ ڪنڊ ۾ ويٺس، جيڪا ٽيليويزن جي سامهون منهنجي مستقل سيٽ بنجي ويئي هئي. هتي هڪ فائدو اهو هو ته هر ڪلاڪ کان پوءِ خبرون ٻڌڻ سان گڏوگڏ مون کي خبر پئجي سگهي ٿي ته سمنڊ جي بيماري مون کي گهر جي چائنٺ تي ٻيهر پهچائي ڇڏيو آهي.

سمنڊ ته بس هڪ بهانو آهي.

سمنڊ هٿان ڇيهو پهچڻ کان اڳ، مان امان کان پهتل صدمو سهي چڪو آهيان، پر آئون ان جو قصور وارو کيس ڪنهن طرح نٿو چئي سگهان. هن ته ڪيترائي ڀيرا موقعو ڏنو، پر مون ئي موٽ نه ڏني. ”وري اچي ويو پاڙي وارن جي سر تي روئڻ؟“ هوءَ رات جو دير سان دروازو کوليندي ئي شروع ٿي ويندي هئي، ”اڙي مان چوان ٿي، رلڻ پنڻ ڇڏي ڏي. ڪو ڌنڌو روزگار ڪر، چار پيسا ڪمائڻ جو هنر سِک، ڪيستائين جتيون گسائيندو ڦرندو رهندين ۽ ننڍي ڀاءُ جو منهن ڏسندو رهندين؟“

هڪ ريلو آيو ٿي ۽ مان پگهربو ويس ٿي. هاڻي ته سندس هڪ هڪ لفظ سان هري ويو هئس: ”صبح کان ئي روئڻي شڪل کنيو پيو گهمين، اها جيڪڏهن ڪو ڏسي ته سارو ڏينهن ماني نصيب نه ٿئيس. وار ڪٽاءِ، ڏاڙهي لاهه، رات جا ڪپڙا مٽاءِ. ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن. چڪهاڻا ڪپڙا لاهڻ جو وڳو وٺندين ڇا؟ ياد نه اٿيئي، اڄ ننڍي ڀاءُ جي ساهرن وارا اچڻا آهن؟ ايندڙ ويندڙ جو لحاظ نٿو ڪرين ته سيڻن جو ته شرم ڪر. پاڻ ته ڪنهن ڪم جو هئين ڪونه. ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته خيالي پلاءُ کائڻ ڇڏي ڏي. اهي رولو اولاد جي جاءِ نٿا وٺي سگهن. اهي ته خود بيماري آهن.“

ٽي- ويءَ جي اڳيان اُنهيءَ سيٽ تي ويٺو هئس مان. خبر ناهي ته اُنهن نڪ چاڙهيو يا امان پيشبندي ڪئي. ”اجهو ٿوري دير ۾ جڳهه کلي پوندي. فالتو ماڻهو ٻاهر هليا وڃن.“ مون ڏانهن منهن ڪري هوءَ چئي رهي هئي، مان اٿيس ۽ اُنهيءَ ڏينهن سمنڊ ڏانهن هليو ويس.

سمنڊ منهنجي عادت نه هو. مون لاءِ ٺڪاڻو به نه هو. اوڏانهن وڃڻ مون ٻيهر شروع ڪيو هو، جو بيڪار، بي مقصد قدم کڻڻ ۽ موٽڻ لاءِ گنجائش گهڻي هئي. سمنڊ به بي محابو هو، اهوئي ٻالڪپڻ ۾ ڏٺل وائٺل ۽ گڏ کيڏيل سمنڊ. ان وقت سمنڊ سان واسطو بابي جو هو. هاڪس بي جي هڪ هٽ جي ورانڊي ۾ اس کائڻ، پٿرائين ڏاڪڻين تان لهي واريءَ تي اچڻ، پيهي ويندڙ پيرن سان ساڙيندڙ واريءَ تي هلڻ، آڱرين سان واريءَ تي نالو لکڻ ۽ اکرن جي هيٺ مٿانهين ۾ پاڻي ڀرجندي ڏسڻ، واريءَ جا گهرڙا ٺاهڻ، بالٽيءَ مان ان ۾ پاڻي اُوتڻ ۽ واريءَ جي ڀتين تي سپيون سجائڻ، اٺ جي سواري ڪرڻ ۽ لهرن تي ٽپندڙ کينهو سان گڏ پري تائين پاڻيءَ ۾ هليو وڃڻ، ايتري قدر جو دانهون ڪندڙ امان ننڍڙو نشان بنجي وڃي.... ٿرماس ۾ چانهه ۽ ٽوڪريءَ ۾ سينڊوچ ڀري، هر آچر تي بابي جي هٽ تي ڪيترن ئي شامن جو سج سمنڊ جي لهرن ۾ ٻڏندي ڏٺو اٿم. جو ان جو رجندڙ، لرزندڙ عڪس هاڻي به اکين ۾ سمايل آهي. بابي جي آڱر جهلي انهيءَ سمنڊ جي ڪناري پري تائين هليو وڃڻ، کلندي مرڪندي بابو طرح طرح جا منهن ٺاهڻ، ڳلن ۾ هوا ڦوڪي آواز ڪڍڻ، بي تڪا مزاحيه شعر پڙهڻ ۽ گانا ٻڌائڻ:

اينا مينا ڊيڪا

ڊائي ڊاما نيڪا

رام پام پوچ، رام پام پوچ

لهرن جي لاڳيتي شور سان گڏ، انهن جي آواز جو لاهه چاڙهه مون کي هاڻي به ياد آهي ۽ هر ڀيري لهرون اهوئي گيت مون کي ٻڌائينديون رهنديون آهن. بابي جي مرڻ کان پوءِ سمنڊ ساٿ ڇڏي ڏنو هو. امان کي ايڏي اٿاهه پاڻيءَ کان ڊپ ٿيندو هو ۽ هونئن به هوءَ شهري ماڻهو هئي.... سوڙهيون، اونداهيون، ورن وڪڙن وارين گهٽيون، هڪ ٻئي سان جڙيل آڏيون ٽيڏيون عمارتون، تمام گهڻا ماڻهو، هجوم، تِر ڇٽڻ جي جاءِ نه، فالتو ماڻهو ٻاهر وڃن.

پر ڪيڏانهن وڃن؟ سمنڊ به سڏڻ ڇڏي ڏنو.

انهيءَ شام جو به مون وٽ وڃڻ لاءِ ڪابه جاءِ نه هئي، انهيءَ ڪري مون سمنڊ ڏانهن منهن ڪيو. مون انهيءَ کان اڳ ٽي- ويءَ جي سامهون واري مانوس، آرامده ڪنڊ تان اٿي وڃڻ چاهيو ٿي. امان جي رڙيون ڪندڙ آواز ۽ ننڍي ڀاءُ جي گهوريندڙ نظرن مون کي فالتو ماڻهو هئڻ جو احساس ڏياريو. بابي جي پراڻي لڏندڙ ڪرسي چپ هئي، بلڪل چپ، ڄڻ پاڻمرادو ماٺ ٿي ويئي هجي. مان به چپ چاپ اٿيس ۽ نظرون بچائي سمنڊ وٽ هليو ويس، جيتوڻيڪ مون ٻاهر ٽي- ويءَ تي هر هر ورجائجندڙ اهو اعلان ٻڌي ورتو هو ته ڪناري وارو سمورو علائقو ”ڪارڊون آف“ ڪيو ويو آهي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي سبب عام شهرين جي داخلا  اوڏانهن بند آهي.

مان روڊ ڇڏي ڪچي زمين تي آيس ۽ پيدل هلندو هليو ويس، ايتري قدر جو قدمن هيٺان زمين بدلجي ڀرندڙ واري بنجي ويئي، سامونڊي ڪناري جي نشاني، سمنڊ سامهون هو.

شام جو اونداهي سمنڊ ۾ کلڻ لڳي هئي. سمنڊ جي رنگت پهرين ئي تبديل ٿي چڪي هئي. نيراڻ گاڏڙ سائي ۽ سفيد پاڻيءَ تي تيل جا ڪارا ڪارا داغ تري رهيا هئا. انهن جي پکيڙ وڌي رهي هئي ۽ تعداد به. سمنڊ جي مٿان ڄڻ هڪ ٻيو سمنڊ.... ڪارو رنگ، وزندار، ساهه گهٽيندڙ، زندگيءَ جو دشمن.... اکين ۾ ساڙو ٿيڻ لڳندو ۽ ڌپ وڌندي ويندي. جيئن جيئن اوهان سمنڊ جي ويجهو ايندا، اُتي واريءَ تي به ڪارا داغ هئا. ريت به ملاوٽي ٿي ويئي هئي ۽ ٽيليويزن جي خبرن ۾ مون ڏٺو هو ته اُنهيءَ واريءَ جون ٽوڪريون ڀري ڪڍيون پئي ويون ۽ ٽرڪ ۾ وڌيون پئي ويون. شهر جي پسگردائيءَ ۾، جنهن وسنديءَ جي ڀرسان واري دفن پئي ڪئي ويئي، اُتان جا ماڻهو به احتجاج ڪندا روڊن تي نڪري آيا هئا. ٻڏندڙ سج جي سامهون اهو پرڏيهي جهاز ڏسڻ ۾ پئي آيو، جيڪو نار جي ڪنهن بندر تان تيل ڀري کڻي اچي رهيو هو ۽ سامونڊي ڪناري تي ڀٽڪي ڪنهن جبل سان ٽڪرائجي ويو هو. يا وري اهو پهرين ئي نقصان رسيل جهاز هو، جو پوري احتياطي جانچ پڙتال کان سواءِ، هڪ وڏي رقم جي ڏيڻ کان پوءِ، حڪام جي اجازت وٺي هيڏانهن اچي ويو هو ۽ پوءِ حادثي جو شڪار ٿي ويو هو. ڇا ٿيو هو، اها پوري طرح ڪنهن کي به خبر نه هئي. شهر جا ماڻهو به خبرن مان ٽڪرا ڳنڍي بس اندازو ئي لڳائي سگهيا هئا. کين رڳو ايتري خبر هئي ته ان مان تيل وهي رهيو آهي ۽ اهو ڪناري تي تباهي مچائي رهيو آهي، انهن سڀني قياس آرائين ۽ اندازن کان پري، سمنڊ جي وچ ۾ بيٺل، لهرن سان ٽڪرائيندڙ اهو جهاز ڪنهن بد روح جو پاڇولو لڳي رهيو هو- اڪيلو، خالي، اُونداهو.....

ڪناري تي جهاز کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيندڙ ماڻهن جو اهو ميڙ به وکري ويو هو، جيڪو شروع جي هڪ اڌ ڏينهن رات وهامڻ تائين اُتي گڏ ٿي رهيو هو. شهر وارن کي جيڪو نئون تماشو ملي رهيو هو، پوليس کين روڪي ڇڏيو. آئون اڪيلو ئي هن طرف هلندو ويس، جتي پوليس نه هئي. ڳؤري هوا اڃا به ساهه کڻي رهي هئي ۽ پاڻيءَ جي چمڪ ڪاراڻ مائل هئي. واريءَ ۾ قدمن جا نشان ٺهي رهيا هئا ۽ آئون انهن جي ترتيب ڏسندو هليو پئي ويس. هلندي هلندي پير ڪنهن نرم شيءِ سان ٽڪرائجي ويا. مون ڇرڪي ڏٺو: اهو پکي هو، جيڪو اتي مئو پيو هو. سندس جهنب مضبوطيءَ سان بند هئي ۽ ويڪرن ويڪرن کنڀن تي تيل جي ڪاراڻ جهلڪي رهي هئي.

هونه اُڏري سگهيو، نه تري سگهيو. ڪيڏي تڪليف سان مئو هوندو، مون سوچيو ۽ واپس مٺڙي ويس.

”ماڻهن کي گهرجي ته سامونڊي تفريح گاهن ڏانهن منهن نه ڪن. متبادل هنڌن ڏانهن وڃن، جيستائين سمنڊ کي تفريح لاءِ ٻيهر کوليو نٿو وڃي.“ حڪومت جي ذريعن جو اهو اعلان ريڊيو ۽ ٽي- ويءَ تان هر هر نشر ٿيڻ لڳو. هڪ کن لاءِ به آئون ان تي ويساهه نه ڪري سگهيس. ماحولياتي گدلاڻ ۽ سامونڊي جيوت کي نقصان جا تفصيل به منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئا، باقي ايتري مون کي خبر هئي ته اهو رڳو تفريح گاهه جي عارضي بندش جو معاملو نه هو. مون کي انهن بي شمار ماڻهن جو ڌيان آيو، جيڪي انهيءَ سمنڊ جي حوالي سان پنهنجو روزگار حاصل ڪندا آهن، سڌي طرح ئي سهي، ڪناري تي ٺهيل هوٽلن جا بئرا، مداري ۽ بندر جو تماشو ڏيکاريندڙ، گهوڙي سواري ڪرائيندڙ، فقير، ڦوڪڻن وارا، بندوق جو نشانو لڳرائڻ وارا، کيسا ڪٽيندڙ، طوائفون، کدڙا، قسمت جو حال ٻڌائيندڙ، بوٽ پالش ڪندڙ، آئيس ڪريم وڪڻندڙ، رڪشا ٽئڪسي هلائيندڙ..... هاڻي اهي پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ ڇا ڪندا، سمنڊ کان سواءِ؟ ماڻهن کي اُوڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس موبائيل تي ميگافون جي انهيءَ آواز کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو. مون کي لڳو ڄڻ شهر جو سمنڊ کين امان جي آواز ۾ چئي رهيو هجي؛ فالتو ماڻهو ٻاهر هليا وڃن، هيڏانهن منهن نه ڪن. اهو اعلان ٻڌي سندن جسم جي به سموري طاقت روڪجي ويندي. نه چرڻ جي طاقت رهندي، نه وري اٿڻ جي مجال. مون فيصلو ڪيو ته هاڻي آئون روز وٽس ويندس جو سمنڊ بيمار آهي. سمنڊ سان ملاقات جو ڪوبه وقت ناهي.

مون کي جڏهن موقعو ملندو هو ته آئون سمنڊ سان ملڻ لاءِ هليو ويندو هئس. امان ايندي ويندي ڏسي رهي هئي، پر ان وقت تائين هن ڪجهه نه چيو. مون منهن تي ٻَڌڻ لاءِ اهو اڇو ڪپڙو کنيو، جنهن کان سواءِ سمنڊ جي ڀرسان ڪنهن کي اچڻ جي اجازت نه هئي. عجيب لڳو مون کي، ڄڻ پليگ يا ڪنهن وچڙندڙ مرض ۾ ورتل ماڻهو کي ڏسڻ وڃي رهيو هجان. پر مون اهو منهن تي لڳايو ۽ ڌپ کان بچڻ لاءِ نڪ سڪوڙي پنهنجي گهر پهتس.

گهر خالي پيو هو، اُوڙي پاڙي جي گهرن ۾ هڪ اڌ ڪو ماڻهو هو. ماڻهو ڄڻ انهيءَ وسنديءَ کي ڇڏي هليا ويا هئا. آئون پنهنجي گهر جي بالڪونيءَ ۾ ويهي رهيس ۽ واندو هئڻ سبب جهوٽا کائڻ لڳس. مون ڏٺو ته سمنڊ ويجهو اچي رهيو آهي. منجهانئس ڌپ نه پئي اچي، بلڪ منجهس ڪشش آهي. مون هڪ ڀيرو وري خواب ڏٺو ته آئون انهيءَ ڪم ۾ رڌل آهيان، جنهن کي انگريزيءَ ۾ محبت ڪرڻ چوڻ لڳا آهن. سمنڊ خوبصورت ۽ زور آور. وٽس سپردگي هئي، سورهيائي هئي. هو نرم بنجي دٻجي ويو ٿي، سخت بنجي ويو ٿي، بدمست بنجي اڳيان وڌي آيو ٿي، بي اختيار ٿي ويڙهجي ويو ٿي، سندس چپ کلي پيا ٿي، هنج وسيع ٿيڻ لڳي ٿي. ڇاتي ويڪري ٿي ويئي ٿي ۽ هيٺيون جسم ڏڪڻ لڳو ٿي. هيءُ سمنڊ محبت ڪرڻ لاءِ ڪافي گهڻو هو.

در تي ٺڪاءُ ٻڌي مون بالڪونيءَ مان ليئو پاتو. هن اجاڙ وسنديءَ ۾ ڪير ايندو؟ سمنڊ دروازي تي بيٺو هو. هو منهنجي گهر پهچي ويو هو. مون ٻاهر نڪري ڏٺو، گهٽيءَ ۾ پري پري تائين ڪوبه ڪونه هو. مون جلديءَ سان دروازي جي تاڪي کولي ڇڏي. مون ڏانهس ڏٺو ته سندس دعوت ڏيندڙ اکيون مرڪي رهيون هيون. مان ڏانهس وڌيس ته سندس چپ پيهي ويا، ڄڻ هو هڪ وڏي کاهي هجي، پسيل ۽ گهرائيءَ ۾ کلندڙ، جيڪا چمين جي آلاڻ سان ڀرجڻ لاءِ آتي هئي.

پر انهن ماڻهن جو انڪار، مسلسل ۽ بيحد اصرار سان گڏ هو. هڪ کان هڪ اعلى آفيسر جو انٽريو. ٽي- وي چينلز تي نشر ٿي رهيو هو، جنهن ۾ هو مسلسل چئي رهيا هئا ته اهو وقتي حادثو آهي. تفريح گاهه جلدي کوليا ويندا.... هڪ اهم آفيسر ماڻهن جي ڳڻتيءَ جي سموري ذميداري غير ملڪي نشريات تي وڌي هئي: ”انهن جي دعوى غلط آهي. ماڻهو بيمار ٿي نه ڀڳا آهن، ڪجهه مڇين ۽ پکين کان سواءِ ڪو نقصان نه ٿيو آهي. هڪ ئي ڪڇون آهي، جنهن کي هو هر هر ڏيکاري رهيا آهن. سرڪاري تحقيقات جاري آهي. عوام کي اپيل ڪئي وڃي ٿي....“

منهنجا پير پاڻمرادو هلڻ لڳا. بالڪونيءَ جون ڏاڪڻيون لهي آئون سمنڊ جي ڪناري ڏانهن هليو آيس. ساهه گهٽيندڙ ڌپ ۽ اکين جي ساڙيندڙ تيزي هوا مان ڇڻي نه هئي. پر هن ڀيري ٻي ڪا شيءِ مون کي اُوڏانهن وٺي وڃي رهي هئي. شهر جي اُبتي ڏس ۾، سمنڊ ڏانهن. جتان جتان ريتي کنئي ويئي هئي، اُتي کڏون ٺهي ويون هيون، جيڪي اس جي چمڪ ۾ اڃا وڌيڪ بدنما لڳي رهيون هيون. ڪنهن کڏ ۾ پاڻي ڀرجي ويو هو ۽ هڪڙي ۾ مئل مڇيون. سمنڊ جي ڦيڻ سان گڏ آيل ننڍين ننڍين مڇين کي پوئتي موٽندڙ سمنڊ واريءَ تي ئي ڇڏي ويو هو، ڄڻ سمنڊ پنهنجا لاش ٻاهر ڪڍي رهيو هجي. ڪناري تي هر وقت لامارا ڏيندڙ سرڻين نه انهن کي کاڌو ۽ نه ئي وري جهنگلي ڪتن منجهن منهن وڌو. انهن جي ڳرندڙ ڍير جي ڌپ ڦهلجي ويئي هئي. اُنهيءَ کڏ کان ٿورو اڳتي مون هڪ مئل ڪڇون ڏٺو، اهو به مٽيءَ ۾ اڌ پيهي ويل هو ۽ ان کان اڳتي هڪ سي گل.

مون ماسڪ هٽائي پنهنجو اگهاڙو چهرو اُنهن جي سامهون ڪري ڇڏيو ۽ هٿ ٻڌي بيهي رهيس. مون کي سڌ پئجي ويئي هئي ته مون کي ڪٿي هئڻ گهرجي ۽ ڪهڙي حالت ۾. هاڻي مون کي هن بيمار سمنڊ جي نگهباني تي مقرر ڪيو ويو آهي. مون سمجهي ورتو ته مان مري ويو آهيان. منهنجو شهر مري ويو آهي. منهنجي شهر جو سمنڊ مري ويو آهيِ. هن جا ڪنارا مري ويا آهن. سوين مڇيون، ڪڇون، سامونڊي پکي، کيکڙا، آبي ٻوٽا..... مرڻ کان پوءِ به اسين ورهين تائين ڇڙيون هڻندي، سڏڪا ڀريندي، مرندا رهنداسين ۽ امان جو آواز گونجندو رهندو.... فالتو ماڻهو، ٻاهر.....

هڪ ڀيرو وري مون سمنڊ ڏانهن ڏٺو. هو مون کي هڪ مار کاڌل ٻار جهڙو لڳي رهيو هو، جيڪو دڙڪو کائيندي روئڻ لڳو هجي. سڏڪا بند نٿي ٿيس. لڙڪن چهري تي ميري ليڪ آڻي ڇڏي هئي. نڪ مان سنگهه وهي وات ۾ وڃي رهي هئي، جنهن تي مکيون ڀونڀاٽ ڪري رهيون هيون.

انهيءَ بيمار ٻار جا لڙڪ ڪير اُگهندو؟ سمنڊ ڏانهن امان ته اچڻ کان رهي....

مون شهر ڏانهن پٺ ورائي ڇڏي ۽ سمنڊ ڏانهن منهن ڪري اڳتي وڌندو ويس. هاڻي سمنڊ منهنجي سامهون آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com