فِرج
اي. ايم. ڪو
وُر
ڊائننگ روم جي الهندي حصي ۾، اڇي رنگ جو فرج رکيل آهي. جنهن کي
ڏسڻ سان اڇي ڪپڙي سان مٿو ڍڪيل پوريون کائيندڙ
ٿلهي گجراتي ڪنوار جو خيال ايندو آهي. مون کي اها
ڳالهه ڪنهن ڏينهن مـُولي ڪٽيءَ کي چوڻ گهرجي.
ميجر مينن جي گهر ۾ ڏٺل هڪ نئين طرز جي ٽي ڪوزي مڙهيندي مولي
ڪٽيءَ ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن ائين ڏٺو، جيئن بنا
موڪل جي اندر ايندڙ ڪنهن شاگرد کي هيڊ ماسترياڻي
ڏسندي آهي. هوءَ چوڻ لڳي، ”جوني ڪٽي، تون پنهنجي
اجائي بڪ بڪ بند ڪري ويهه نه! توکي گجراتي ماين
وانگر هميشه اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿيون سجهن؟“ ائين
چئي هوءَ وري ٽي ڪوزي مڙهڻ ۾ لڳي ويئي.
هوءَ ڳاڙهي ڌاڳي سان ’جئڪ اينڊ جل‘ جو چٽ ٽي ڪوزي تي مڙهي رهي
هئي. هڪ ڀيرو وري خيال آيم ته اهو مثال چئي
ٻڌايان...... پر.....؟ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ مون ان
باري ۾ ڪيترائي ڀيرا سوچيو آهي. عورتن کي سنگيت
پسند آهي ۽ منجهن سٺين تشبيهن کي سمجهڻ جي صلاحيت
به هوندي آهي. اها ڳالهه ڪيترن ئي ماڻهن عورتن جي
ساراهه ۾ چئي آهي. پر مان ان ڳالهه سان سهمت
ناهيان. مولي ڪٽي پڙهيل ڳڙهيل آهي، انٽر فرسٽ ڪلاس
۾ پاس آهي ۽ ان کان پوءِ دهليءَ جي فنشنگ اسڪول ۾
سال کن گذاريو اٿس. منهنجو خيال آهي ته انهيءَ
تعليم کيس ’لاگرٿم‘ ۽ آمدني موجب خرچ ڪرڻ جي
صلاحيت ۽ شاعريءَ کان وانجهيل رکيو آهي.
گهر ۾ ايندڙ مهمان ۽ ملاقاتي سندس ڀرت ڀرڻ ۽ گلدستان سجائڻ جي
ڏانءَ ۽ ڏاهپ کي ڏاڍو ساراهيندا آهن. شايد اهي سڀ
آرٽ ۽ خوبصورتيءَ جي بهاني سندس ئي تعريف ڪندا
آهن. مان سمجهي نه سگهيو آهيان. دهليءَ جي فنشنگ
اسڪول ۾ هن جيڪي پڙهيو هو، ان موجب ڪٿي ڏٺل ڪنهن
شيءِ جو هوبهو نقل ڪرڻ، اهوئي مولي ڪٽي جو ڪم آهي.
اها ڳالهه مان کيس چوڻ چاهيندو هئس، ڪجهه به هجي،
اميرن وانگر رهندڙ معمولي خاندان جو مڙس اهو سوچي
ته سگهي ٿو، پر سندس اصول کيس اهي ظاهر ڪرڻ جي
اجازت نٿا ڏين.
آفيس ۾ ڏاڍي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ڇنڇر جي منجهند کان پوءِ ۽ آچر
تي ئي آرام ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. پلنگ تي سڌو
ليٽي، پاسا ورائي پنهنجي پسند جو ڪو ڪتاب پڙهڻ ۽
وچ وچ ۾ ٻليءَ وانگر سمهي پوڻ” منهنجي نظر ۾ آرام
جو مطلب اهوئي آهي.
پر آرام جي باري ۾ منهنجي پياري زال جي راءِ بلڪل نرالي آهي.
مون کي ساڻ ڪري، ’اَي ٽائيپ‘ جي گهرن مان ڪنهن گهر
وڃي اجايون سجايون ڳالهيون ڪرڻ، سندن آڇيل مٺايون
وغيره کائڻ. اهوئي هوندو آهي مولي ڪٽيءَ جو ڇنڇر
کان پوءِ جو پروگرام. مون کي به ساڻس گڏجي وڃڻ
لاءِ هر آچر تي تيار رهڻ گهرجي. زال مڙس گڏجي وڃي
ٻين کي بيزار ڪن. اهائي آهي سندس فنشنگ اسڪول جي
سکيا. ڇا ڪريان، نه چاهيندي به ڪڏهن ڪڏهن سندس
خلاف احتجاج ڪرڻ جي باوجود به هارائي ويندو آهيان.
گڏجي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه هوندو آهي.
اسين هتي جنهن ڪالونيءَ ۾ رهون ٿا، ان جي ڀرسان چار پنج ٻيا به
گهر آهن، جيڪي مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آهن. انهيءَ
منصوبي تي سرڪار پندرنهن يا ارڙهن ڪروڙ رپيا خرچ
ڪيا آهن. آفيسر، ٽيڪنيشن ۽ پٽيوالا، ڪل ملائي لڳ
ڀڳ چار هزار يا ان کان به وڌيڪ ماڻهو هتي رهن ٿا.
هتي ٽن قسمن جا گهر آهن: ’اي ٽائيپ‘ جي گهرن ۾ ٻه بيڊ روم، هڪ
ڊرائنگ روم، جنهن سان گڏ ڊائننگ روم به آهي، ٻه
باٿ روم، هڪ ورانڊو، موزيڪ جو فرش، هڪ ننڍي ڇت ۽
سامهون باغيچو آهي. ’بي ٽائيپ‘ جي گهرن ۾ ٻه بيڊ
روم، هڪ ڊائننگ روم، ورانڊو، باٿ روم، سيمينٽ جو
سخت فرش ۽ ڇت آهي. ’سي ٽائيپ‘ جي گهرن ۾ هڪ بيڊ
روم، هڪ ڊائننگ روم ۽ هڪ باٿ روم آهي، پر ڇت ۽
ورانڊو ناهي. سڀنيءَ کي مسواڙ جي لاءِ پگهار جو
ڏهه سيڪڙو ڏيڻو پوندو آهي. ست سؤ پنجاهه کان هڪ
هزار رپين تائين پگهار کڻندڙ ملازم ’اي ٽائيپ‘ ۾
رهندا آهن، پنجن سون کان ست سؤ پنجاهه رپين تائين
پگهار کڻندڙ ملازم ’بي ٽائيپ‘ ۾ رهندا آهن، باقي
سڀ ملازم ’سي ٽائيپ‘ ۾ رهندا آهن.
اسين ’اي ٽائيپ‘ ۾ رهندا آهيون، جو منهنجي پگهار ست سؤ پنجهتر
رپيا آهي. اسان کي ’بي‘ مان ’اي‘ ۾ آئي ڏيڍ سال
ٿيو هوندو. عهدي جي ترقيءَ کان پوءِ نئين گهر ۾
اچڻ واري ڏينهن مولي ڪٽي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي
سمائي. انهيءَ ترقيءَ تي مولي ڪٽيءَ جي خوشي ۽ فخر
ڏسڻ وٽان هئا. پنهنجن سڀني مٽن مائٽن کي خط ۾ ’اي
ٽائيپ‘ گهرن جون خوبيون ٻڌائي، نئون پتو لکي
موڪليائين.
پر مون کي پنهنجو پراڻو ’بي ڪلاس‘ گهر ڏاڍو پسند هو. ان جي
سامهون ٻير جو وڻ هو، جنهن جا پَن هوا ۾ مستيءَ
وچان جڏهن کڙ کڙ ڪندا هئا ته مون کي اهو منظر ڏاڍو
وڻندو هو ۽ ويٺو ڏسندو هئس. انهن پلن ۾ دل نه
ڄاڻان ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهچندي هئي. پر هن گهر جي
سامهون ڪوبه وڻ ناهي، ان ڪري مون کي هيءُ گهر پسند
ناهي. منهنجي سوچ کي سمجهي هـُن صاف صاف چئي ڏنو
ته ’اي ٽائيپ‘ جي ترقيءَ جي شهرت ڇا ٿيندي آهي ۽
اها سمجهڻ جي سگهه منهنجي دماغ ۾ ناهي.
آچر جي صبح جو لڳ ڀڳ ڏهين وڳي منهنجي بدنصيبي انتها تي پهچي
ويندي آهي. منهنجي زال پنهنجي پياري فِرج کي صاف
ڪندي آهي، سوئچ بند ڪرڻ کان پوءِ اهو ڌوئي اگهندي
آهي ۽ ڪجهه دير تائين هو کليو رکندي آهي. آچر
ڏينهن سندس بيماريءَ جو ڏينهن هوندو آهي جو عيادت
لاءِ مون کي به ساڻس گڏ رهڻ گهرجي. برف رکڻ جي ٽري
جو پاڻي ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ منهنجو ڪم آهي. اهڙي ريت
کاڌي پيتي جون شيون ڪڍي ٻاهر رکڻ ۽ ڌوئي صاف ڪرڻ
جي به ڊيوٽي منهنجي ئي آهي. ٿڌيون شيون پسند نه
اٿم، تنهن ڪري هٿ ٿڌا ٿيڻ جي ڪري ٽري ڪڏهن ڪڏهن
پاسن کان ٽڪرائجي ويندي آهي ته سندس پياري فرج جي
صفائي ڪرڻ وقت فرج جي باري ۾ منهنجي لاپرواهي ۽
ناواقفيت تي ڊگهو ليڪچر هلندو رهندو آهي: ”هِن ريت
بي ڌيانيءَ سان فِرج کي نه ڇهه. هيءُ ڪو ڪاٺ يا
پٿر جي شيءِ ناهي، ڇا فرج کي هيئن جهلبو آهي، جيئن
هاٿي بار ڍوئيندا آهن؟“
اڇي قبر جهڙي انهيءَ شيءِ جو نالو فريجڊيئر آهي. ڪي ماڻهو
ريفريجريٽر به چوندا آهن. منهنجي خيال ۾ انهيءَ کي
فِرج ئي چوڻ مناسب آهي. پر مولي ڪٽي جي ’فريج‘ چوڻ
تي مون کي وڏو اعتراض آهي. اهو لفظ هاڻي منهنجي
ڪنن جي سهڻ کان ٻاهر آهي. منهنجي پياري مولي ڪٽي
چپ اڳيان ڪري جڏهن چَپن تي ڪنڊن کي خاص نموني سان
ٽيڏو ڪر ’رِ‘ کي ’ي‘ وانگر اچاريندي آهي ته دل
چوندي آهي ته گهر ڇڏي ڀڄي وڃان. پر ست سؤ پنجهتر
رپيا پگهار کڻندڙ ’اي ٽائيپ‘ جي آفيسر کي ائين ڪرڻ
ڪنهن به طرح نٿو جڳائي. انهن سڀني پريشانين جو سبب
منهنجي گهر ڀرسان ’بي ٽائيپ‘ گهر ۾ رهندڙ منهنجي
هڪ مائٽياڻي بيبي ڪٽي هئي.
اهو چوندي مون کي افسوس ٿو ٿئي، هوءَ پنهنجي پيءُ جي سڪيلڌي
ڌيءَ آهي. سندس پيءُ هڪ سٺو ٺيڪيدار آهي. ڪافي
ڏينهن کان هو اڌ ڪروڙ، مني ڪروڙ يا هڪ ڪروڙ جا
ٺيڪا کڻندو آهي. هو سڀني انجنيئرن جو لاڏلو آهي.
هو يا آهي سڀ هڪ ٻئي کي ڏاڍو چاهيندا آهن. سندس
مخالفن جو چوڻ آهي ته سرڪاري سيمنٽ جون ٻوريون،
لوهه ۽ ٻيو سامان وٽس اچي وڃي ته اهي هڪدم سؤ سؤ
جي نوٽن جي صورت ۾ بدلجي ويندا آهن. مون کي انهيءَ
ڳالهه تي پورو ويساهه ناهي ته هو ٻين سڀني
ٺيڪيدارن کان وِيَل آهي. مان ائين ته نٿو چوان، پر
هڪ ڳالهه جي خبر اٿم ته اسان جي منصوبي جي ڪيميڪل
انجنيئر جارج ٿامس جي ڌيءَ جي شادي جي ڏاج لاءِ هن
کيس پنجٽيهه هزار رپين کان سواءِ سون جا ڳهه به
ڏنا هئا.
مولي ڪٽي ۽ بيبي ڪٽي جي جهيڙي جي تاريخ ڄاڻڻ لاءِ هن ڪالونيءَ
جي سماجي زندگيءَ تي نظر وجهڻي پوندي. اتان جا وڏا
ماڻهو ’اي ٽائيپ‘ ۾ رهندا آهن. منجهن ڏيتي ليتي به
ٿيندي آهي. هو پاڻ ۾ ملندا آهن، ڳالهيون ٻولهيون
ڪندا آهن ۽ ڊاڙ ٺڪاءُ به هڻندا آهن. جن وٽ موٽر نه
هوندي آهي، تن جي ٻارن کي انگلش ميڊيم اسڪول ۾ به
ڇڏي ايندا آهن ته واپس به وٺي ايندا آهن. اتان جي
عورتن ۾ جهيڙو جهٽو ٿئي ته به اهي ٻاهر ڪونه
ٻڌائين. ظاهري طرح هو پاڻ ۾ ميل جول سان رهنديون
آهن. انهن عورتن کي ’بي‘ ۽ ’سي‘ وارن گهرن جي
عورتن کان نفرت آهي. چين دشمن هندوستان وانگر، هو
ڌڪار ڀري نگاهه سان ’بي‘ ۽ ’سي‘ ڪلاس ۾ رهندڙن کي
ائين ڏسنديون آهن، جيئن عيسائي مشنرين جا ماڻهو
هندوستانين کي ٻڪرين وانگر سمجهندا آهن.
پر هڪ ڳالهه چوان! ’اي‘ ڪلاس جي مردن ۾ تڪبر يا ڌڪار تمام گهٽ
آهي. باقي سڀ ’بي‘ ڪلاس وارن سان ڳالهه ٻولهه
ڪندا، پر ياد رکو، رڳو ’بي‘ ڪلاس وارن سان. هڪ ٻئي
کان سگريٽ وٺندا، منصوبي جي خامين تي پنهنجا خيال
ظاهر ڪندا. بس اهوئي تعلق ’بي‘ ۽ ’سي‘ ڪلاس وارن
جو پاڻ ۾ آهي.
هندوستانين ۾ ذات پات کي طبقن ۾ ورهائڻ جي سبب تي تحقيق ڪري
ڊاڪٽوريٽ ڪندڙ هڪ اسڪالر منهنجي پاڙي ۾ اچي رهيو
آهي. هو آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل
ڪرڻ چاهي ٿو. مون کيس ٻڌايو ته جيڪڏهن هو اسان جي
ڪالونيءَ جو اڀياس ڪندو ته کيس انهيءَ موضوع تي
آسانيءَ سان ڊگري ملي ويندي.
جڏهن بيبي ڪٽي هڪ ’بي‘ ڪلاس جي گهر ۾ رهڻ لڳي، ته مون کي ساڻس
ملڻ لاءِ وڃڻو پيو. سندس ماءُ ۽ منهنجو پيءُ پاڻ ۾
سڳا سوٽ هئا، مان بيبي ڪٽيءَ کي ننڍپڻ ۾ ڏاڍو
چاهيندو هئس. سندس پيءُ جي دولت کيس اسان جي چرچ ۽
اسان جي سوسائٽيءَ ۾ عزت ڀريو مقام ڏنو هو. فقط
اڍائي ايڪڙ زمين جي اپت مان سموري گهر جي خرچ جو
پورائو ڪندڙ منهنجو پيءُ، هن جي خوشقسمت خاندان
سامهون ڪجهه به نه هو.
جارج ٿامس ۽ بيبي ڪٽي سان ملڻ لاءِ مولي ڪٽي مون سان گڏ نه هلي.
چوڻ لڳي، ’تون وڃ! تنهنجا مائٽ آهن. ڪنهن ڏينهن
مان به ملي ايندس. هتي گهر ۾ مون کي ڪافي ڪم ڪرڻو
پيو آهي. نائلون جي ساڙهي ۽ بئنگلوري بلائوز،
استري ڪرڻا پيا آهن. هن سامهون پيل بـُڪ شيلف کي
پالش ڪرڻ ۾ دير ٿي ويئي. سريش ۽ سندس زال سڀاڻي
چانهه تي ايندا. انهيءَ کان سواءِ هنن اخبارن کي
به گڏ ڪري رکڻو آهي.“
”اهي سڀ اتان کان موٽي اچي به ڪري سگهين ٿي مولي ڪٿي! اهي سڀ ڪي
ڳري وڃڻ واريون شيون ناهن.“ مون ڪاوڙ مان چيو.
”ڳري ته نه وينديون، پر سمورا ڪم وقت تي ڪرڻ گهرجن. توکان ته
اهو به نٿو ٿئي جو ڪنهن ڪم ۾ منهنجي ٿوري مدد به
ڪرين! ڪو هتي اچي رهيو آهي ته انهيءَ ڪري ساڻس اڄ
ئي ملڻ لاءِ وڃڻ ضروري آهي. اها ڳالهه منهنجي
سمجهه کان ٻاهر آهي.“
مون کي هن اهو به ٻڌايو هو ته ’بي‘ ٽائيپ وارن کي پهرين ’اي‘
ٽائيپ واري وٽ اچڻ گهرجي. اهو ڪالونيءَ جو اڻ لکيل
اصول آهي. انهيءَ باري ۾ مولي ڪٽيءَ لاءِ ياد
ڏيارڻ تمام ضروري هو، پر اها ڳالهه نه سمجهڻ جو
بهانو ڪري، مان اڪيلو ئي بيبي ڪٽيءَ جي گهر هليو
ويس.
بيبي ڪٽيءَ کي پنهنجي عقلمندي ۽ پنهنجي پيءُ جي دولت جو غرور نه
هو. هوءَ ڊگهي ۽ ٿلهي نه هئي. بلڪ بلڪل ڪنهن ننڍڙي
جهرڪيءَ وانگر سڊول ۽ ڦڙت هئي.
”ادا ڇا اڪيلو آيو آهين؟ ڀاڄائي ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو.
مون ڪوڙ ڳالهائيندي چيو، ”کيس زڪام آهي.“ سڀني ماڻهن جي وڏي ڪوڙ
۾ هڪ ننڍڙو ڪوڙ مون به ملائي ڇڏيو، پر هوءَ پويان
پئجي ويئي.
”مون ڏٺو هو، ٿوري دير اڳ ڀاڄائي ڀر واري گهر مان موٽي وڃي رهي
هئي.“
”ائيسپرو يا امرت ڌارا وٺڻ ويئي هوندي.“ مون ٻيو ڪوڙ ڳالهايو.
پوءِ هـُن نئين ڪنوار پنهنجي شاديءَ ۾ مليل سمورو سامان هڪ هڪ
ڪري مون کي ڏيکاريو. رِسٽ واچ، ڊنر سيٽ، وينيٽي
بئگ ۽ چڱو سارو اليڪٽرانڪ جو سامان، عاج جون شيون،
ساڙهيون، جوتا ۽ ٻيون کوڙ ساريون شيون ڏيکاريائين.
هڪ ريڊيو گرام هو، جنهن جي قيمت هڪ هزار رپين کان
وڌيڪ هئي. اهو ڏسي آئون ڇرڪي پيس، ڇو جو سڀاڻي نه
ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مولي ڪٽي به اهو ضرور
ڏسندي. ڪافي ڏينهن کان هوءَ اهڙي قسم جي ڪنهن شيءِ
لاءِ زور ڀري رهي هئي. ان ۾ رکڻ لاءِ ٻارهن ريڪارڊ
به آهن. مان پاڻ بچائڻ ٿو چاهيان. هوءَ اهو ڏسي
خريد ڪرڻ لاءِ ضد ڪندي، جڏهن ته اڃا گهر جو خرچ به
پورو نٿو ٿئي. انهيءَ سان پريشاني وڌندي. پر مون
کي سڌ آهي ته نيٺ هار مون کي ئي مڃڻي پوندي. اي
مالڪ! اهو سڀ جلدي ٿيڻ وارو آهي.
گهر واپس آيس ته مولي ڪٽي جي بيشمار سوالن کان ساهه ٻوساٽجڻ
لڳو.
”هو ڪڏهن آيا آهن؟“
”ٽيون ڏينهن.“
”ڏاج ڪيترو مليو آهي؟“
”پنجٽيهه هزار.“
ٿورا ڏينهن اڳ ڏهه هزار آڻيندڙ مولي ڪٽيءَ جي دل کي پنجٽيهه
هزارن جي ڳالهه خراب لڳي هوندي. پوءِ به ڪجهه
شرمندگيءَ سان پڇيائين، ”ڳهه ڳٺا گهڻا آهن ڇا؟“
”سڀ ڪجهه ته مون نه ڏٺو، پوءِ به ستن اٺن هزارن کان ته وڌيڪ
ٿيندا.“
مولي ڪٽي اداس ٿي پڇيو، ”تحفا؟“
”تمام گهڻا آهن.“
”سٺيون جديد قسم جون شيون يا پراڻي قسم جون؟“
”ڊنر سيٽ، ڪاڪ ٽيل سيٽ، وينيٽي ڪيس، ست اٺ سوٽ ڪيس، واچون ۽
ڪلاڪس، بيوٽي سيٽس ۽ ڪيترن ئي قسمن جون ساڙهيون.“
مون خوشيءَ وچان کوڙن جي انگن وانگر ورجايو.
منهنجي ڳالهين سان مولي ڪٽيءَ کي ڏاڍي تڪليف ٿي. شايد کيس وڌ
کان وڌ تنگ ڪرڻ جي جذبي ئي مون کي ايترو بي رحم
ڪري ڇڏيو هو.
”منڊيون، ڪڙا، ڪنگڻ، ڊائمنڊ جا ٻـُندا وغيره؟“ سندس ڪن انهن شين
جي باري ۾ ٻڌي ٻڌي پچي پيا.
”ڏس اسٽوَ تي کير اڀامي پيو.“ ائين چئي هوءَ جلدي اتان هلي
ويئي. مون کانئس فقط ريڊيو گرام جي ڳالهه لِڪائي.
بيبي ۽ سندس مڙس ٻيئي اسان جي گهر آيا. بيبي ڪٽيءَ کي ٽي چار سؤ
واري ساڙهي پاتل هئي. اسان جي ڪالونيءَ جي زندگي ۽
ان جي اڻ لکيل اصولن کان بلڪل اڻ ڄاڻ بيبي ڪٽي يا
شايد ڄاڻڻ جي باوجود انهن ڳالهين جي پرواهه نه
ڪندڙ چالاڪ چوڪري، هن اسان جي گهر جا سڀ ڪمرا ۽
انهن جون سموريون شيون غور سان ڏٺيون. ڀرون تاڻي
هن ڏاڍي وڏائيءَ سان چيو، ”اي ٽائيپ جي گهرن ۾ بس
ايتري گنجائش آهي. هتي ڪيئن رهندؤ؟ انهن ۾ گهٽ ۾
گهر ٽي بيڊ رومس، هڪ ڊرائنگ روم ۽ ٽي باٿ رومس
تمام ضروري آهن. منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ايڪويهه
ڪمرا آهن، ست بيڊ روم، ٻه ڊائيننگ هال، ست باٿ
رومس ۽ بجليءَ جو ڪچن!“
مولي ڪٽي کي انهيءَ ڇوڪريءَ سان بي انتها نفرت ٿي ويئي هئي. اها
ڳالهه مون سندس نگاهن مان ڀانپي ورتي هئي. نفرت جي
وقت سندس اکين جو رنگ نانگ وانگر ٿي ويندو آهي.
مسٽر جارج جي باري ۾ سندس ڪابه راءِ ناهي. هو بلڪل خاموش هو.
شايد هٿ هڻڻ سان خبر پوي ته سندس وات ۾ زبان به
آهي يا نه. مولي ڪٽيءَ جي سموري مهمانوازيءَ جو رخ
جارج ڏانهن مڙي ويو. هو اسان جي ڪالونيءَ جي اصولن
۽ نظرين کي مڃيندڙ نوجوان آهي، پر سندس نئين پرڻيل
ڪنوار ۾ اها ڳالهه ناهي.
مولي ڪٽي پاڻ به چيو، ”ڪجهه مغرور آهي.“
ٻه ٽي ڀيرا ساڻن ملڻ کان پوءِ ايڏي دوستي ٿي ويئي جو اسان جي
پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه به بند ٿي ويئي. مان ڇا ٿي ڪري
سگهيس! سندس مڙس سٺو ماڻهو هو. بيبي ڪٽيءَ جون
عادتون به مون کي پسند آهن. پر مولي ڪٽي....؟
ٻن ٽن هفتن کان پوءِ مولي ڪٽيءَ کي مون چيو، ”اسين هڪ ڀيرو بيبي
ڪٽي جي گهر هلون؟“
”توکي وڃڻو آهي ته وڃ، مان نه هلنديس.“
”ڇو، توکي ڪا تڪليف آحي ڇا؟“
”مون کي ته ڪجهه نه ٿيو آهي، پر اڄ ’اي ٽائيپ‘ جي عورتن جي ڪلب
۾ جلسو آهي.“
”پر ڇا بيبي ڪٽيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي نٿي وڃي سگهين؟“
”ان لاءِ ڇا ٻيون عورتون به راضي ٿينديون؟ سيڪريٽري ۽ پريزيڊنٽ
ته شايد اصل نه مڃين.“
”انهن کي ڪهڙو اعتراض ٿيندو. بيبي ڪٽي تعليم يافته آهي، پوءِ
ڪهڙي ڏکيائي آهي؟“
”تعليم يافته هجڻ سان ته سڀ ڪم نٿو هلي.“
”تڏهن؟“
”ڪجهه نه ڪجهه فرق هتي رکيو ويو آهي ته جيئن ’اي‘، ’بي‘، ’سي‘
وغيره. اسان ڇو بدلايون انهيءَ کي؟“
مون کي گهڻو ڪجهه چوڻو هو، پر چيم ڪين. مون ضد به نه ڪيو. سندس
ڳالهين کي چڱي طرح سمجهي ورتم. پگهار موجب عوام
چئن طبقن ۾ ورهايل آهن. وڏيون اونهيون کاهيون جيڪي
کين هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏين ٿيون.
ٽيون ڏينهن آفيس وڃڻ وقت مان دريءَ تي بيهي پاڻي پي رهيو هئس ۽
گڏئي پريان هڪ وڻ ۾ ويٺل جهرڪين کي ڏسي رهيو هئس
ته ايتري ۾ مون ڏٺو ته هوا ۾ ساڙهي لهرائيندي هڪ
عورت مولي ڪٽيءَ ڏانهن اچي رهي هئي. تڏهن مون ڏٺو
ته هو پاڙي ۾ رهندڙ ”ڪوڙي امان“ آهي. انهيءَ مسز
ورگيس کي سموري ڪالوني وارا ماڻهو سندس پَرپـُٺ
”ڪوڙي امان“ جي نالي سان سڏيندا آهن. اي مالڪ!
ضرور ڪا ڳالهه هوندي.
”مولي ڪٽي هيڏانهن نه پيئي ڏسين ڇا؟“ اها مسز ورگيس هئس.
”ڇا؟“
”ٿورو هوڏانهن جارج ٿامس جي گهر ڏانهن ته ڏس!“
مون اوڏانهن ڏٺو، هڪ گاڏيءَ ۾ چار پنج فٽ اوڇي ڪا شيءِ هئي،
جيڪا گوتم ٻڌ جي مجسمي جهڙي لڳي رهي هئي. ان کي
ڪاٺين سان چڱيءَ طرح ٻڌو ويو هو. چار قلي ڏاڍي
احتياط سان ان کي گهر ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
فرج کي ڪنٽرول ڪندڙ نيپولين وانگر، بيبي ڪٽي
ورانڊي ۾ بيهي هدايتون ڏيئي رهي هئي.
”اهو ڇا آهي مسز ورگيس؟“
”فريجيڊير- پريسٽ ڪولڊ فريجيڊير 1963 ماڊل.“
”اهو ڪٿان آيو؟“
”اهو هن ڇوڪريءَ جي پيءُ موڪليو آهي.“ مسز ورگيس چيو.
”انهيءَ جي قيمت ٻه هزار ٽي سؤ رپيا آهي.“
پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي، اها مون نه ٻڌي،
ڇو جو مون کي آفيس وڃڻو هو. شام جو جڏهن مان گهر
آيس ته مولي ڪٽي ڏاڍي فڪر ۾ ورتل بظر آئي. سندس
سمورو جوش ٿڌو ٿي ويو هو. مان ان جي سبب تي سوچڻ
لڳس. هڪ سٺي مڙس وانگر مون سندس پريشانيءَ جو سبب
پڇيو، پر جواب ۾ مون کي هڪ شينهڻ جو مقابلو ڪرڻو
پيو.
”منهنجي ڏک کي ڪير ٿو ڏسي! تنهنجو وهنجڻ، کائڻ، سگريٽ ڦوڪڻ ته
بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلڻ ڪافي آهي نه؟“ مولي ڪٽيءَ جي
ڪوڙن لفظن سان شديد نفرت جو اظهار هو.
”تون ڇا پئي چوين؟“
”جيڪي مون هاڻي چيو اهوئي. ٻين جي تڪليفن کي به ماڻهو سمجهي
وٺندو آهي، پر ان لاءِ دل هئڻ گهرجي. هتي جيڪي
ناهي، اهو هتي آهي. وڌو آيو آهي منهنجي ڏک جي
ڳالهه پـُڇڻ.“
شديد ڏک جي اظهار کان پوءِ هوءَ لڙڪ لاڙڻ لڳي ۽ پنهنجي بيزاريءَ
جي سبب هسٽيريا جي پهرين منزل ڏانهن وڃڻ لڳي مولي
ڪٽي!
مان ڪمري کان سڌو ٻاهر نڪري ويس.
هڪ ڳالهه ٻڌائڻ وسري ويئي، اهم ڳالهه- مون قسطن تي هڪ ريڊيو
گرام خريد ڪيو، جيڪو لڳاتار چوڏنهن ريڪارڊ
ٻڌائيندو هو.
بيبي ڪٽيءَ جي گهر، اسان ٻنهي جي گڏجي وڃڻ کان ٺيڪ هڪ هفتو
پوءِ، هڪ ريڊيو گرام جي ضرورت ۽ اُن جي فائدن جي
باري ۾ مولي ڪٽي چڱي طرح ڄاڻي ويئي هئي.
”مهمانن سان ڳالهائڻ وقت ريڪارڊ تبديل ڪرڻ لاءِ اٿڻ نه گهرجي.
ڏهه پندرنهن رڪارڊ ٺيڪ ڪري رکڻ سٺو لڳي ٿو. هڪ کان
پوءِ ٻيو ريڪارڊ لڳاتار پاڻيهي وڄندو. اسان جي
ڊرائنگ روم لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ خوبصورت شيءِ ٻي
ڪهڙي ٿيندي؟“
مون پنهنجي ستن والو واري ريڊيو کي اهم ۽ ريڊيو گرام کي غير اهم
ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. نيٺ وڏي صندوق جي شڪل
واري اها شيءِ اسان جي ڊرائنگ روم ۾ سجائي رکي
ويئي.
ريڊيو گرام خريد ڪرڻ واري ڏينهن ۽ ان کان پوءِ وارن ٻن ڏينهن
تائين اسان جي گهر ۾ گانن جي ڪري ڌم متي. منهنجي
زال کي هندي گانا پسند آهن، جن ۾ سهگل ۽ لتا
منگيشڪر جا گانا هوءَ خاص طور تي پسند ڪندي آهي.
سهگل جو گونجندڙ آواز سندس ٻالڪپڻ جي ياد تازي ڪري
ڇڏيندو آهي ۽ هوءَ ڏاڍي خوش ٿيندي آهي. لتامنگيشڪر
جو گانو ٻڌي، کيس ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هوءَ
سورنهن سالن جي ٿي ويئي هجي. مسز گوپال کي ’راڪ
اين رول‘ جهڙا تامل گانا پسند آهن. ڪوڙي امان کي
عيسائين جا گيت پسند آهن. مسز ورد اچاري کي چمپئه
ويڊناٿ، امبر، ايم. ايس. مهالڪشمي ۽ ٻال مرلي ڪرشن
جا گانا پسند آهن. ٻن ٽن ڏينهن تائين منهنجي گهر ۾
پي. لال، ٻال مرلي، مها لڪشمي ۽ لتا منگيشڪر،
سڀنيءَ جي کيڏ هلندي رهي ۽ پوءِ هڪدم ماٺ ٿي ويئي.
پر مون هڪ ڳالهه ڏٺي. اسان جي ڀر وارن جي سڀني
گهرن ۾ ريڊيو گرام کي جاءِ ملي ويئي هئي.
قسطن تي ريڊيو گرام ۽ واٽر هيٽر ملڻ مشڪل نه هئا، پر مون کي
مقرر وقت تي قسطون ادا ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پريشاني
ٿيندي هئي، انهيءَ ڪري مون مولي ڪٽيءَ کي سمجهائڻ
لاءِ اهي ڳالهيون چيون، جيڪي مون کي اڳ ۾ چوڻ
گهربيون هيون.
”ڪنهن جي گهر ۾ ڪا نئين شيءِ ڏسي، اها خريد ڪرڻ اصل ۾ وڏي افسوس
جي ڳالهه آهي نه مولي ڪٽي؟“
”تون ڪنهن جي باري ۾ ٿو چئين؟“
”ڏس، هي ريڊيو گرام ۽ واٽر هيٽر اسان جي لاءِ تمام ضروري آهن
ڇا؟ ڪجهه سال اسان انهن کان سواءِ به رهي سگهون
ٿا. هڪ ڳالهه پڇان....؟ هن ريڊيو گرام کي وڄائي
ڪيترا ڏينهن ٿيندا؟“
”هر ڏينهن انهيءَ جو استعمال ٿيندو آهي. گهر ۾ چانور وڌيڪ رکيل
هجن ته ڇا هر وقت کائيندا رهون؟ تنهنجي خيال ۾ اهي
شيون هر وقت استعمال جوڳيون ناهن.“
”پوءِ؟“
”اسان جي شهرت ۽ عزت لاءِ اهي سڀ ضروري آهن.“
”انهيءَ جو مطلب؟“
”خاص پوزيشن ۾ رهڻ لاءِ اهي شيون ضروري هونديون آهن، نه ته سڀ
ٽوڪون هڻندا آهن.“
”منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي مولي ڪٽي!“
”’اي ٽائيپ‘ ۾ رهندڙ، ’بي ٽائيپ‘ يا ’سي ٽائيپ‘ ۾ رهندڙ وانگر
رهي سگهن ٿا ڇا؟“
”ڇا اهي سڀ انسان ناهن؟“
”هوندا، پر ’اي ٽائيپ‘ جا نٿا ٿي سگهن.“
”ته ’بي ٽائيپ‘ جا ماڻهو ’اي ٽائيپ‘ جي ماڻهن کان وڏا نٿا ٿي
سگهن ڇا؟“ مون غصي مان پڇيو.
”ٺيڪ آهي ’بي ٽائيپ‘ جي ماڻهن وانگر جيئڻ کان بهتر آهي ته اسين
هتان کان ٻئي ڪٿي هليا وڃون.“
مان ماٺ ٿي ويس. وڏائي جو مطلب نه سمجهندڙن کي ماٺ ۾ رهڻ ئي
بهتر آهي. ٻيو ڪو چارو ناهي.
بيبي ڪٽي جي گهر ۾ جنهن ڏينهن ريفريجريٽر آيو، انهيءَ کان ڏهه
ڏينهن نپوءِ، مولي ڪٽي مون کي گهرو بچت جو پهريون
سبق پڙهائڻ لڳي.
”شين کي برباد ڪرڻ تمام خراب ڳالهه آهي نه جوني ڪٽي!“
”بلڪل.“ مان روز ڪارخاني جي مزدرون کي چوندو هئس: برباديءَ کان
وڏو ڏوهه اڄ جي دنيا ۾ ٻيو ڪوبه ناهي.
”کاڌي جون شيون ضايع ڪرڻ، ان کان به وڌيڪ خراب ڳالهه آهي نه؟“
”يقينا، ملڪ جي پيداوار جي ويهه سيڪڙو حصو ضايع ٿي وڃي ٿو. ڪجهه
خراب ٿئي ٿو ۽ باقي ڪوئن جو کاڄ ٿي وڃي ٿو.“
”تڏهن ته کاڌي جي شين کي حفاظت سان رکڻ تمام ضروري آهي نه؟“
”يقينا، اهو ته هڪ قومي فرض آهي.“
”پوءِ اسان ڏينهن ۾ ايتريون شيون ڇو ٿا برباد ڪريون؟“
”ڪيئن؟“ مون بي چينيءَ مان پڇيو.
”جيڪا ماني ڀاڄي تيار ڪريان ٿي، اها استعمال کان پوءِ باقي بچيل
ٻاهر اڇلائي ڇڏيان ٿي.“
”ضرورت مطابق شيون تيار ڪرڻ گهرجن.“
”پر اهڙي ريت چانور ۽ ڀاڄيون ڪيئن ٿيون ٺاهي سگهجن؟ ۽ پوءِ خريد
ڪيل ڀاڄيون ۽ ميوو وغيره خراب به ته ٿي ويندا
آهن.“
”ته ان لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”چوندس ته باهه بڻجي ڏاڙهڻ لاءِ ڊوڙندينءِ.“
”ائين نه آهي. مصيبت هميشه منهنجي سر تي هوندي آهي.“
”چئو..... گهمائي ڦيرائي نه. سڌي طرح ڳالهه ڪر.“
”هڪ فرج هجي ته اهي سڀ شيون بچائي سگهجن ٿيون. هڪ هفتي جون سڀ
شيون محفوظ رکي سگهجن ٿيون. پوءِ هڪ آساني ٻي به
آهي.“
”اها ڪهڙي؟“
”برف، آئيس ڪريم، فروٽ سلاد وغيره به گهر ۾ ٺهي سگهن ٿا. جيڪڏهن
ڪو مهمان اچي ته هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻو نه پوندو.
وري آرينج اسڪوائش ۽ تنهنجو بيئر به ٿڌو ڪري رکي
سگهجي ٿو.“
بيئر جي ڳالهه مون کي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ اڇلايل هڪ گوشت جي ٻوٽي
هئي.
”ڪيترا پئسا لڳندا ان ۾؟“
”پريسٽ ڪولڊ ٻه هزار ٽن سوَن جو آهي ۽ ڪيلي نيٽر آهي ٻه هزار
ڇهه سو رپين جو. اسان لاءِ ڪيلي نيٽر ئي ٺيڪ
رهندو.“
”ڇا بيبي ڪٽيءَ جي پريسٽ ڪولڊ جي ڪري؟“ مون کلندي چيو. پر جيئن
مون سوچيو هو، اهڙو ضد ۽ گوڙ نه ٿيو. مولي ڪٽيءَ
به منهنجو ساٿ ڏنو.
”پيسا ڪٿان ايندا؟”“
”ويهن قسطن ۾ ڏينداسين.“
”ته پوءِ واٽر هيٽر ۽ ريڊيو گرام جون قسطون ڪير ڏيندو؟“
”اهو سڀ ٿي ويندو، جوني ڪٽي، اسين اي ٽائيپ ۾ رهون ٿا ۽ اسان کي
چڱيءَ طرح رهڻ گهرجي.“ هن آهستي چيو، مان ڪيئن نه
متاثر ٿيندس؟ نيٺ هارائي ويس. اهڙيءَ طرح اسان فرج
کي پنهنجي گهر ۾ آندوسين. مون سوچيو، هاڻي ڪجهه
ڏينهن تائين مون کي آرام ملندو، پر مالڪ کي اهو
منظور نه هو. هڪ ٻن مهينن کان پوءِ، ’ڪوڙي امان‘
وري اسان جي گهر آئي.
”مولي ڪٽي، ڏٺئه هتي ڇا آهي؟“
مون به ڏٺو، هڪ نئين فيئٽ ڪار ۽ اها به ٺيڪ بيبي ڪٽيءَ جي گهر
اڳيان.
”ڪنهن جي آهي اها؟“
”مسٽر جارج ٿامس جي، سندس پيءُ، چور ٺيڪيدار خريد ڪري کيس ڏني
آهي، ائين ٻڌو اٿم.“
مٿو ڦرڻ لڳو. خوشقسمتيءَ سان دري ڀرسان هئي. |