سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: گلدسته اقوال

باب: --

صفحو :9

لوڀ

 

لوڀ هڪ قسم جو جن آهي، جو جنهن ۾ واسو ڪري ٿو، تنهن کي پٽيءَ نٿو ڇڏي. لوڀي انهي کي چئجي ٿو، جو ڪنهن به قسم جي شي کي ميڙي پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ جي تمنا دل ۾ ڌاري ٿو. مفلس کي گهڻو ڪي گهرجي، پر لوڀيءَ کي سڀ ڪجهه ٿو گهرجي.لوڀيءَ کي جيڪڏهن هڪ هزار هٿ هجن، ته به جيڪر سڀني هٿن سان مال ميڙي ۽ انهن هٿن مان ڪنهن به هٿ سان ڪجهه ورائي ڏيڻ جي وائي ڪين واري لوڀيءَ جهڙيون دنيا ۾ ٻه ٻيون شيون آهن. جي وٺڻ لاءِ ترت تيار آهن، پر ورائي ڏيڻ جو ٿيو ڀلو. موت بک وٺي ٿو، پر جيڪو مئو، سو وري موت وراني ڪونه ڏئي ٿو. قبر به سڀ ڪو ميت هضم ڪري وڃي ٿي ۽ انهي کي به ورائي ڏيڻ سان پويئي ڪين. لوڀيءَ وٽ به جيڪي ويو سو هڙپ ٿي ويندو. موٽائڻ لوڀي ڄاڻيئي ڪونه. برعڪس انهي جي دنيا ۾ سڀ ڪا شي ڪجهه وٺي ٿي، ته ان جي عيوض اوترو يا ٿورو گهٽ وڌ فائدو ضرور ڏئي ٿي.

لوڀيءَ جو الله تعالى ۾ گهٽ اعتقاد ٿئي ٿو. ميڙي چونڊي اهو رکندو، جنهن کي اهو يقين ڪين هوندو ته خدا، جو ساري ملڪ جو مالڪ ۽ رزاق آهي، سو سڀاڻي منهنجون گهرجون به پوريون ڪندو. جنهن جو اعتبار الله تي آهي، سو لوڀ ۾ منهن نه وجهندو. هن کي ڀروسو آهي، ته اوکيءَ ويل، الله منهنجو ڏنو ڀلو ڪندو. ”ڏهه دنيا ستر آخر“ ۾ جنهن جو اعتقاد هوندو، سو ڏاتار جي ڏني مان ڪجهه پاڻ کائيندو ۽ ڪجهه هن جي مفلس مخلوق ۾ وراهي ڏيندو. لوڀي ڪڏهين به خيرات نه ڪندو، ڇاڪاڻ جو هن کي ته مايا ميڙڻ جي ڌن لڳي پيئي هوندي آهي. ڏيڻ نه، بلڪ وٺڻ ئي هن جو مرڪ آهي. ٻن پوي اها مايا جا مالڪ کان منهن موڙائي ۽ قادر جي قدرت ۾ يقين گهٽائي.

لوڀي وارياسي بيابان مثل آهي، جنهن تي جيترو مينهن پوي ٿو، اوترو هو چوسيو وڃي، پر نڪي فصل جهلي ۽ نڪي ڪو ٻيو فائدو ڏئي. پيريءَ ۾ لوڀ ته هيڪاري وڻاءُ آهي. جڏهن انسان هن فاني دنيا جي سفر جي انتهائي منزل تي پهچڻ وارو آهي، تڏهن وڌيڪ دنيوي نوشو گڏ ڪرڻ بيوقوفي نه آهي، ته ٻيو وري ڇا آهي؟ لوڀ فقط بيوقوفي نه،  پر چريائي آهي. لوڀيءَ جو علاج صرف انهي دوا سان ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ڇتي ڪتي کي ڇٽائي سگهبو آهي. دليل دلائل ۽ خيرات جا فضائل، هن جي دل تي ڪو به اثر ڪونه ڪندا. دماغي قوت ۽ لياقت، ڌنڌي ۾ مهارت، حتى ڪ جائداد ۽ ملڪيت جي ڪثرت لوڀيءَ کي لالچ جي چنبي کان ڇڏائي نه سگهندا.

لوڀي غريب کان به غريب آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو ڪنجوس هجڻ لازمي ۽ ڪنجوس، جنهن کي چون ئي مکي چوس، ڪيئن ٿو عيش عشرت ۾ ناڻو اڏائي يا آسائش سان زندگي گذارڻ تي پئسو صرف ڪري؟ چوندا آهن ته هوندي مان جيڪو به نه کائي، تنهن کي به لعنت آهي. لوڀي پاڻ کي ڏکن ۾ وجهي ئي انهي لاءِ ٿو، ته قبر مان وارثن لاءِ هنڊيون

هلائي. هن لاءِ اها ڪافي سزا آهي، ته سندس وفات بعد هن جي ملڪيت بيدرديءَ ۽ لاپرواهيءَ سان لٽائي وڃي. تن کي تسيا ڏئي. وارثن لاءِ ذخيرو ڇڏي وڃڻ، حد درجي جي بيوقوفي آهي، جنهن جي موت بعد اها سزا آهي، پر جيئري انهيءَ کان سخت سزا مليس ٿي. جيئري هن کي انهيءَ شي جي حاصل ڪرڻ جي بي قراري آهي، جيڪا هن وٽ اڳيئي گهڻي تعداد ۾ موجود آهي. لوڀيءَ جا ٻئي جهان ٻڏا. هن دنيا ۾ بکون ٿو ڪاٽي ۽ هن دنيا لاءِ نوشي نه ٺاهڻ سبب، آخرت ۾ پڻ ضرور خراب ٿيندو.

لوڀيءَ ۽ غريب ۾ ٻه ڳالهيون نمايان آهن. هڪڙو ته ٻئي ڏک ڏسن ٿا ۽ ٻيو خطري ۾ آهن. غريب اڻ هوند سبب ڏک ڏسي ٿو، ته لوڀي هوندي سوندي به عذاب سهي ٿو. لوڀيءَ کي مايا چوري ٿي وڃڻ جو خطرو رهي ٿو، ته غريب کي ويلن ڪڍڻ ۽ بکن ۾ پاهه ٿيڻ جو خطرو هميشہ رهي ٿو.

سون کي اڏوهي کائي ٿي ڪا نه، پر سون جي گڏ ڪرڻ جي تمنا ڪيترن جي دل کي اڏوهيءَ وانگر اندران ئي اندران کايو کوکو ڪريو ڇڏي. الله تعالى  شل انهيءَ ٻه منهينءَ بلا کان امان بخشي.

 


 


 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org