سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: گلدسته اقوال

باب: --

صفحو :13

سچ جي سوڀ

 

وئنا نالي شهر جي حڪومت جون واڳون، هڪ اهڙي حليم طبع ۽ رحمدل شاه جي هٿ ۾ هيون، جو هميشہ پنهنجي رعيت جي دلجوئيءَ لاءِ سخت قاعدن کي منسوخ ڪندو هو. جهوني رسم و رواج موجب زانين کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويندو هو، پر هن شاه جي تخت تي وهڻ بعد، سندس نرم طبيعت گوارا نه ڪيو ته ڪو سندس رعيت موت جو شڪار ٿئي؛ تنهنڪري انهي سخت قاعدي کي عمل ۾ ڪين آڻيندو هو. انهيءَ نرميءَ جو زانين بيجا فائدو ورتو ۽ لازمي نتيجو اهو نڪتو جو اهڙن اخلاق کان ڪريل شخصن جو تعداد روز بروز وڌندو ويو، تان جو اها شڪايت عام ٿي پيئي. ڪئين اهڙيون شڪايتون شاه تائين پڻ پهچايون ويئون. شرافت جا صاحب پنهنجن ۽ پراين نياڻين جي عصمت دري ۽ ڪٽنبن جي عزت جي برباديءَ تي ماتم ڪرڻ لاءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳا. قوم جا مدبر، شريف گهراڻن جي ڌيئن کي لڄ جو ليڪو لنگهندو ڏسي، حال کان بيحال ٿيڻ لڳا.

نيڪ نيت شاهه جي دل تي دانهن نيٺ اثر ڪيو. رعيت کي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسڻ، سندس دل کي اهڙو مغموم ڪيو، جو رات ڏينهن بيقراري کان بستري تي اٿلندو پٿلندو نظر ايندو هو. خيال ڪيائين ته جي يڪدم سخت قدم کنيو ويندو، ته رعيت جي گهڻن فردن کي اهنج ٿيندو، ۽ کيس ظالم جهڙي ڌڪار جي لفظن سان ياد ڪيو ويندو، تنهن ڪري اهڙو ڪو طريقو ايجاد ڪجي، جنهن تي عمل پيراه ٿيڻ سان سپ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. وري جي سخت قدم نه کڻبو، ته اهڙي بري بيماريءَ جو بيخ اُکيڙي ڪانه سگهبي، تنهن ڪري آسان طريقو اهو ٿيندو، جو ٻئي ڪنهن شخص کي حڪومت جون واڳون سپرد ڪري کيس کلي اختيارات ڏئي، پاڻ کي ڪجهه عرصه لاءِ گوشه نشينيءَ جي لذت کان مستفيض ڪجي. اراڪين سلطنت جي مشوري ۽ مدبرن جي راءِ موجب، ائنجليو کي اهڙن خاص فرائض جي سرانجامي لاءِ موزون تصور ڪري انهيءَ جوابداري جي عهدي لاءِ منتخت ڪيو ويو. ائنجليو زاهد، پارسا ۽ بااصول هجڻ جي علاوه عقل ۽ دانشمندي جي بي بها خاصيت سان آراسته هو. قانون جي پابنديءَ کي زنجير جي ڪڙين وانگر نهايت ئي مضبوط جڪڙيل رکڻ لاءِ حطي المقدور ڪوشش ڪندو هو. انتظام جو ڪوڏيو، ضابطي جو شائق، لياقت ۽ شرافت جو پتلو، تعميل احڪام سلطنت لاءِ ڪرڙو، سزا ڏيڻ ۾ بي ريا، بدڪارن جو بدخواه، چڱن جو دوست مطلب ته گهربل سڀني وصفن جو مجسمو هو. اهڙي فرشته خوءِ انسان کي مقرر ڪري، شاهه ڪنهن ملڪ ڏانهن سفر جو عزم بلجزم ڪري، وطن جي وادين کي بظاهر خيرباد چئي، حدود سلطنت مان ٻاهر قدم رکيو. چونڪ شاهه جو ارادو دراصل سفر لاءِ بلڪل ڪونه هو، تنهنڪري شهر کان ٿورو ئي اڳتي هلي هڪ مسڪين زاهد جو لباس پهري موٽي پنهنجي وطن ۾ وارد ٿي پنهنجي جاءِ نشين جي تمام حرڪات جو غور سان ملاحظو ڪرڻ لڳو.

اڃان ائنجليو انهي نئين ممتاز جاءِ تي رونق افروز ئي مس ٿيو، ته ڪلاڊيو نالي هڪ شخص کي ڪنهن ڇوڪريءَ کي بدراه ڪرڻ جي ڏوه هيٺ ملزم جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو. منادي ڦيرائي ويئي هئي، ته جو شخص ڪنهن به عورت کي بدپيشي ڪرڻ واري جي ڪنهن به طرح مدد ڪندو، تنهن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو. انهي جهوني قاعدي جي وري نئين سر حرف بحرف تعميل ڪرڻ ۽ ٻين کي سبق ڏيڻ  لاءِ ائنجليو، ڪلاڊيو کي موت جي سزا جو مستحق ٺهرايو. ڪلاڊيو کي ڪجهه عرصه لاءِ ترنگ جي تاريڪيءَ ۾ نظر بند رکيو ويو، ته ڀلي کيس پنهنجي شيطاني اعمالن تي پشيماني جي اظهار ڪرڻ، بارگاه الاهيءَ مان بخشش لاءِ دعائن گهرڻ ۽ عاقبت موچاري ڪرڻ لاءِ خالق اڪبر جي اڳيان ٻاڏائڻ ۽ توبه تائب ٿيڻ جو موقعو ملي. ڪلاڊيو جو پيءُ هڪ معتبر سرڪاري ملازم ٿي گذريو هو. سندس رسوخ ۽ واقفيت جو دائرو وسيع هو. جيتوڻيڪ ڪلاڊيو بداعمالن ۽ بڇڙاين سبب شهر ۾ ڪافي رسوا ۽ بدنام ٿي چڪو هو، تنهن هوندي به سندس بي بسيءَ جي حالت تي گهڻن ئي سندس پيءَ جي دوستن کي غم ۽ افسوس ٿيو. ڪن بزرگن جي سفارت سندس رهائيءَ لاءِ ائنجليو وٽ وفد جي صورت ۾ پڻ حاضر ٿي. نه صرف اهو پر سلطنت جي وزيراعظم پڻ ڪلاڊيو کي جيئدان ڏيڻ ۽ جان جي امان عطا ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ليڪن ملڪ جي قانون ۽ احڪام حڪومت جي سخت گيري کي ڪنهن به طرح گهٽائڻ لاءِ ائنجليو بلڪل تيار نه هو، تنهنڪري وفد جي آزين ۽ نيزارين ۽ وزيراعظم جي منٿن ۽ ميڙين مان ڪجهه به کڙتيل ڪونه نڪتو.

لوشيو نالي هڪ ڪلاڊيو جو گهرو ۽ دل گهريو دوست هو، جو قيد ۾ ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو. حال ۽ احوال ڏيڻ بعد ڪلاڊيو عرض ڪيس ته ” اي دوست! مهرباني ڪري جلدي، اچ، هينئر ئي هي منهنجو پيغام منهنجي ڀيڻ اسابيلا کي وڃي پهچاءِ، ڇاڪاڻ جو هوءَ اڄ ستي آستان ۾ وڃي حق بخشيندي ۽ وري ڪڏهين به ڪنهن مرد جي منهن نه پوندي. چئينس ته ڪنهن به حالت ۾ ڪوشش ڪري منهنجي جند آزاد ڪرائي. پاڻ خود اينجليو وٽ وڃي ۽ پنهنجي چرب زباني جي مقانطيسي اثر سان وڃي ڪم بنائي. نوجوان غمزدن جي حالت اڪثر قابل رحم ٿيندي آهي. انهن جي غمگين حالت ۽ حشرت آميز نگاهون پٿر دل کي به موم ڪري ڇڏينديون آهن. خاص طرح نوجوان ڇوڪرين جي نازڪ دل جو مردن کي گهڻو خيال ٿيندو آهي. جيڪڏهن هن جي آه و زاري جي اثر ائنجليو تي ڪم ڪيو ته جئدان يقيني آهي.“

لوشيو سونپيل ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ اسابيلا جي ڳولا ۾ نڪتو ۽ مليل نشان پته ئي وڃي ستي آستان جي در تي ڪڙو هنيو. ستي آستان جي قاعده موجب ڪا به ستي نه ڪنهن مرد جو منهن ڏسندي ۽ نه هن سان ڳالهائيندي هئي. اسابيلا اڃا انهي ڏينهن صبح جو داخل ڪئي وئي هئي. پردي پوشيءَ جا ساٺ سوڻ اڃان ڪونه ڪرايا هئائين.  تنهن ڪري ستي آستان جا قاعدا مٿس عائد ڪونه هئا.ملاقاتيءَ کي ملڻ لاءِ اسابيلا کي چيو ويو، جنهن يڪدم حڪم جي تعميل ڪئي. ملاقات جي حسب معمول دستور بجا آڻڻ بعد لوشيو کيس چيو، ته ”مهرباني ڪري اسابيلا نالي نئين ستي، غمزده ڪلاڊيو جي ڀيڻ، سان ملايوم.“ اسابيلا چيو، ته ”آءُ ڪلاڊيو جي اها ڀيڻ آهيان، پر عنايت ڪري بغير دير جي مون کي ٻڌايو، ته هن تي ڪهڙي مصيبت نازل ٿي آهي، جو توهان هن کي غمزدن جي قطار ۾ شمار ڪيو آهي.“ لوشيو ٻڌايس ته هو قيد ۾ مجرم جي حيثيت ۾ باندي آهي. سبب پڇڻ تي لوشيو ساري ماجرا بيان ڪري ٻڌايس. اسابيلا اڳيئي ڪلاڊيو کي سندس سوٽ جوليٽ سان عشق جا داستان دهرائيندي ڏٺو هو، تنهنڪري ڳچ مدت کان شڪ هوس ته متان ڪلاڊيو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جوليٽ جي عصمت ۾ هٿ وجهي. سندس شڪ هاڻي سچ جي صورت ورتي هئي، تنهنڪري هن جي حسرت جي نه حد رهي نه حساب. ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي ۽ گهڻي غور ۽ خوض بعد رٿ رٿائين، ته ڇو نه جوليٽ جي ڪلاڊيو سان کڻي شادي ڪرائجي؟ لوشيو ٻڌايس، ته ”سنگدل ائنجليو تنهنجي نڀاڳي ڀاءُ کي ڦاسيءَ جي سزا  ڏيئي ڇڏي آهي. ائين ڪرڻ سان هن ڪلاڊيو کي شادي ڪري ڪيل حرڪت جي تلافي ڪرڻ کان به معذور ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ائنجليو کان ڪلاڊيو لاءِ منٿ ميڙ ڪري معافي نامي هٿ ڪرڻ کان سواءِ مصيبت کي منهن ڏيڻ جو ٻيو ڪو به موزون طريقو نه آهي. توهان جي ڀاءُ نياپو ڏنو آهي، ته ڪنهن به تجويز سان توهان وڃي ائنجليو کي معافي نامي لکي ڏيڻ تي آماده ڪريو.“ اسابيلا جواب ۾ چيو، ته ”ڇا منهنجي زبان ۾ ايتري طاقت آهي، جو آءُ ائنجليو جهڙي سنگ خاره دل کي موم بنائي سگهان؟  مون ۾ اها شڪتي ڪٿي جو هن جي دل جي درياه ۾ رحم جون ڇوليون موجزن ڪري سگهان؟“

لوشيو صلاح ڏنيس ته ”توهان ائنجليو وٽ وڃو ۽ وڃي قسمت آزمايو. اڪثر بي اعتمادي ڪوشش ڪرڻ جي ماده کي مرده بنائي ڇڏيندي آهي. جڏهين معصوم نينگريون ٻاڏائينديون آهن، جڏهن اهي رحم لاءِ مردن کي درخواست ڪنديون آهن ۽ جڏهن اهي نئڙت سان آه ۽ زاري ڪنديون آهن. تڏهين مرد ديوتائن وانگر انهن تي ديا ڪندا آهن ۽ هنن کي مان ڏيئي سندن التجائون اونائيندا آهن. ”همتي مردان مددي خدا“ ڪوشش ڪريو، خدا توهان جي مدد ڪندو.“

اسابيلا ڪجهه پنهنجي طاقت ۾ يقين ۽ ڪجهه پنهنجي همٿ افزائي ڪري دل کي ڏڍ ٿيو. ائنجليو کي ملڻ لاءِ همت جو ثابت سندرو ٻڌائين. لوشيو کي چيائين ته ”آءُ هينئر جو هينئر، ائنجليو سان ملي ڪلاڊيو کي رات جو خبر موڪلينديس. برائي نوازش توهان ڪلاڊيو کي دلداري ڏجو“

اسابيلا حسب معمول اجازت وٺي ائنجليو جي محلات ڏانهن رخ رکيو. عرض ڪرڻ تي ائنجليو سان ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيس. اندر گهڙڻ سان دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳيس ۽ نٿي سجهيس ته ڳالهه ڪيئن چوريان،پر نيٺ همت ٻڌي چيائين ”عاليجاه! آءُ اميد جي جاءِ سمجهي اوهان وٽ عرض کڻي آئي آهيان.“

 ائنجليو، ڪيئن اچڻ ٿيو اٿيئي؟

دل گهائيندڙ الفاظن ۾ اسابيلا رحم جي درخواست ڪئي. ائنجليو وراڻي ڏنيس، ته ”نينگر، ڀاڻي جي بچڻ جي ڪا به اميد ڪانهي. هن کي موت جي سزا ڏنل آهي، تنهنڪري ضرور اجل جو ئي شڪار ٿيڻو پوندس.“ اسابيلا وري ڏاڍي نئڙت سان نيزاري ڪري رحم جي التجا دهرائي، پر ائنجيلو چيس، ”سزا جي فتوى جاري ٿيڻ کي گهڻو عرصه گذري ويو آهي، تنهنڪري آءُ لاچار آهيان.“

اسابيلا، ڪو گهڻو عرصو ڪونه گذريو آهي. اڃان ڪالهه حڪم جاري ڪيو اٿو، ترڻين دير ٿي ويئي! قانون جو قلم توهان جي هٿ ۾ آهي، توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا.

ائنجليو، آءُ معذور آهيان، مون کي معاف ڪر.

اسابيلا- جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ توهان جي جاءِ تي ۽ توهان هن جي حالت ۾ هجو ها ته هو ڪڏهن به توهان وانگر سخت دل ڪين ٿئي ها. جيڪڏهن خدا توهان واري طاقت مون کي عطا فرمائي ۽ توهان اسابيلا هجو ته سمجهو ٿا ته آءُ توهان کي ناراض ڪري موٽايان ها؟  اصل نه. توهان کي خبر نه آهي ته قيدين جي حالت ڪيتري قدر رحم جي قابل آهي. توهان هڪ جج جي حيثيت ماڻي آهي ۽ ڪڏهين به ملزم جي حالت کان آگاه نه ٿيا آهيو.

ائنجليو- قاعدي مطابق ڪلاڊيو کي سزا ڏني وئي آهي، ان ۾ منهنجو ڪو به قصور ڪونهي. جيڪڏهين ڪو منهنجو مٽ مائٽ، عزيز قريب، ڀاءُ ڀرائي يا پٽ ئي هجي ها، ته ان سان به اهو ئي برتاءُ ڪيو وڃي ها. رضا تي راضي ٿيءُ ڪلاڊيو کي سڀاڻي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندو.

اسابيلا- سڀاڻي! ڇو ايترو جلدي؟ هن کي معاف ڪريو. اڃان هن جي وڃڻ جي وهي ڪانه آهي. اسين شڪار به موزون موسم ۾ ڪندا آهيون، پنهنجي لاءِ تتر به مندائتا ماريون، پوءِ ڇو ملڪ الموت کي اڻ مندائتا ميوا کارايون؟  غريب نواز! ڪجهه سوچيو. هن کان اڳ گهڻن ماڻهن اهڙو ڏوه ڪيو آهي، پر ڪو به ان وگهي بي مهلي موت نه مارايو ويو آهي. توهان پهريان سزا ڏيندڙ ۽ هو پهريون سزا ڀوڳيندڙ ٿيندو. توهان پنهنجي گهٽ ۾ گهڙي، دل جي هر گوشي جي تلاش ڪري ڏسو، ته توهان جي دل ۾ اهو جذبه به آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ منهنجي ڀاءَ جي حياتي ورتي وڃي ٿي؟“

سڄي گفتگوءِ  مان جيڪڏهين ائنجليو جي دل تي ڪنهن نڪتي اثر ڪيو ته فقط پوئين فقري ڇاڪاڻ جو اسابيلا جي من موهڻي صورت هن جي دل کي ڪشي قابو ڪيو هو ۽ هن جي دل ۾ بدنيتي جو سلو سرجڻ لڳو هو. جنهن ڏوه ڪري ڪلاڊيو کي موت جي سزا ڏني هوائين، انهي بدڪاريءَ هن جي دل کي قبضو ڄمائي وڌو هو. اچي فرض ادائگيءَ ۽ انڌي عشق جي ڀوت جو مقابلو ٿيو،  جنهنڪري لازماً من ۾ مونجهارو ٿيس. اڃان مونجهاري سبب اسابيلا کان منهن ڦرائي ٿورو پر ڀرو ويو ئي ڪين ته اسابيلا چوڻ لڳي ”غريب پرور! ڇو ٿا منهن موڙيو؟ توهان کي خبر نه آهي ته آءُ ڀاءُ جي رهائي جو توهان کي ڪهڙو عيوض ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“

ائنجليو ڇرڪي تعجب ۾ چوڻ لڳو، ڇا؟ تون مون کي رشوت ڏيڻ چاهين ٿي؟

اسابيلا:- ها رشوت! پر اها رشوت جي رڳو بشتي فرشتا توهان سان ونڊي سگهندا. نه مون ڏينديس ۽ نه وري قيمتي پٿر جن جي موجودگي ۽ عدم موجودگي آدمي کي دنيا جي نظرن ۾ تونگر يا غريب بنائي ٿي، پر آءُ اوهان کي املهه دعائن جي انهن خزانن سان مالا مال ڪري ڇڏيندس جو ڌڻي جي درگاه ۾ سج اڀرڻ کان اڳ رسي مقبوليت جو درجه حاصل ڪن ٿا. انهن پاڪدامن نياڻين ۽ روزيدار ڪنوارين ڇوڪرين جي دعائن جو نذرانو پيش ڪنديس جن جي دل جو ڪنهن به دنيوي شي ڏانهن لاڙو ڪونهي.“

ائنجليو منجهي پيو ۽ وات مان امالڪ نڪري ويس ”تون وري سڀاڻي اچج. مون کي خيال ڪرڻ ڏي.“

اهڙي اميد ڀرئي جواب ئي اسابيلا دعا ڪيس ته ”شل خدا اوهان جي عزت قائم رکي ۽ اقبال وڌائي.“

ائنجليو اها دعا ٻڌي دل ۾ چوڻ لڳو ”آمين! ثم آمين!!  خدا منهنجو محافظ ٿيندو ۽ تنهنجي دلفريب حسن جي ڄار کان نجات بخشيندو.“ پر دل ۾ پيدا ٿيندڙ شيطاني خيالن کان ڏرندي چوڻ لڳو، ”هي ڇا؟ هي ڇا ڪري رهيو آهيان؟ هن جي عشق جي ڄار ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان ڇا، جو وري هن جي جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي تمنا ۽ هن سان ڳالهائڻ جي خواهش ڪري سڀاڻي گهرايو اٿانس؟ ڇا جا خواب ڏسي رهيو آهيان؟ انسان ذات جو دشمن شيطان، هميشہ ماڻهن جي راه ۾ لالچ جو بوٽو بهاري، انهن کي ريهيندو ريبيندو آهي. آءُ به ان جو شڪار ٿيان ٿو ڇا؟ پر نه ٻيلي، ڪڏهين به ڪنهن عصمت فروش عورت منهنجي جذبن ۾ جنبش پيدا ڪانه ڪئي آهي. هن پاڪدامن، عصمت جي پتليءَ منهنجي دل کي بلڪل مطيع بنائي ڇڏيو آهي. هيل تائين عشق جي مريضن تي مون پئي کليو آهي، پر هاڻي خود عشق جو شڪار بنجي پيو آهيان.“

اها رات ائنجليو واسطي سو سالن جي سورن کان بدتر ۽ سو ورهن جي دراز مدت کان به زياده ڊگهي ٿي پئي. رات وچ ۾ ، اندرئي اندر، جيڪي هن سورن جون تيز تبرون سٺيون، سي شايد مقيد ڪلاڊيو به نه سٺيون هونديون. ظاهري آسايش جي پلنگ تي ليٽيل هو، پر اهو پلنگ در حقيقت هن لاءِ ڪنڊن جي سيج هئي. ضمير جا ڏنگ ڏاڍا تيز ٿين ٿا. فرض بجا آوري ۽ ڪڌن خيالن جي پروزور مقابلي ساري رات هن جو هنيو ئي ڇني ڇڏيو.  هر خيال اچيس، ته ”حسين اسابيلا کي حسن جي زڪوات ڏيڻ لاءِ مجبور ڪريان.“ وري دل مذمت ڪريس، نه چوي، نه” ڪيئن هڪ نيڪ سيرت عورت جي ذلت جو باعث بنجان.“ ڪنهن وقت پشيماني ۽ حراس دل کي غالب ٿيس، ڪنهن ويل وري شهوت جو شيطاني لمنگ مغلوب ڪريس. آخر شهوت جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي اسابيلا کي پنهنجي ڪڌن جذبن جي شڪار بنائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيائين. پهه پچائيندي ۽ رات جا تارا ڳڻيندي صبح ستارو ڏٺائين.

پره باکون ڪڍيون، اونده جو ڪڪر نيلي آسمان تان آهسته آهسته غبار مثل غائب ٿي ويو، تان جو صبح صادق ٿيو ۽ سج جي ڪرڻن رات جي انڌوڪار کي ڏينهن جي روشني ۾ مبدل ڪيو. اسابيلا صبح ساڻ ائنجليو جي محلات ڏانهن رخ رکيو. ائنجليو جي حڪم موجب، هن کي هڪ خلاصي ڪوٺي ۾ ائنجليو اڳيان حاضر ڪيو ويو. ملازم جي وڃڻ تي ائنجليو کليو کلايو صاف اکرن ۾ کيس پنهنجي عصمت تان هٿ کڻڻ جي تقاضا ڪئي. ظاهر ظهور چوڻ لڳو، ”اي اسابيلا ! آءُ تنهنجي بره جو بيمار آهيان، تنهن لاءِ توکان تنهنجي ڪيل زخمن جو مرهم گهران ٿو. آءُ توکي از حد پيار ڪريان ٿو. تو کي ڏسڻ سان منهنجا هوش و حواس گم ٿي ويا. تون مون کي منٿ ڪرڻ آئينءَ، پر مون کي خود عرضدار بنائي وئينءَ. آءُ هاڻ تنهنجي دران پنان ٿو. نوازش جي مرهم سان هن عشق جي داغدار دل کي فرحت بخش.“

اسابيلا سارو وقت خاموش متعجب ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهي هئي. هن جي حيرت جي حد ئي نه رهي. پنهنجو هوش سنڀالي چوڻ لڳي. ”يقيناً منهنجو ڀاءُ جوليٽ کي ايترو ئي پيار ڪندو هو، تنهن هوندي به توهان اعلان ڪيو آهي، ته هن کي سڀاڻي انهي جرم هيٺ ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي.“

ائنجليو. ”پياري! ڀاڻي کي معافي ڏني ويندي، بشرطيڪ تون منهنجي ٿيندينءَ.“

اسابيلا. ”آءُ پنهنجي ڀاءُ جي حياتي بچائڻ لاءِ اهي اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار آهيان، جي جيڪر آءُ پنهنجي جندو جان بچائڻ لاءِ وٺان ها. جي مون کي موت جي سزا مليل هجي ها، ته آءُ عصمت جي عيوض ڏيڻ کان موت صدبار وڌيڪ پسند ڪريان ها. چاهه سان قبر جهڙي اونداهي ڪوٺيءَ کي روشن محلات سمجهي موت جي ننڊ جي آغوش ۾ آرام وٺڻ، ههڙي بيحيائي جي زندگيءَ کان بهتر ڄاڻان ها. پنهنجي عزت ٻئي جي هٿ ۾ ڏيڻ کان پيشتر آءُ موت جي عذاب کي راحت جو سامان تصور ڪري چنبڙي پوان ها، پر مون کي پڪ آهي ته توهان هي منهنجو امتحان وٺي رهيا آهيو. شڪر آهي جو آءُ ثابت قدم رهڻ ۾ هيل تائين ڪامياب ٿي آهيان. انشاءَ الله آخر تائين انهي آزمائش مان ڪامياب نڪرنديس. مون کي يقين آهي ته توهان رڳو مون کي پرکڻ لاءِ هي ناشايسته جمله ڪتب آندا آهن.“

ائنجليو. ”هي امتحان نه آهي، پر جيڪي چئي رهيو آهيان، سو ڦٽيل دل جي ڪيفيت جو بيان آهي. تنهنجي بي ڪمان نيرن جي شڪار ٿيل دل جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي. تنهنجي نماڻن نيڻن مان نڪتل غمزن هن پٿر دل تي اهي گهاءَ ڪيا آهن، جن جي بيان ڪرڻ جي مون کي طاقت ڪانهي. مون کي قسم آهي پنهنجي عزت جو، ته جيڪي آءُ چئي رهيو آهيان، سو بلڪل سچ آهي.

اسابيلا. اخلاقي عزت جو قسم! اهڙي بڇڙي ڪم لاءِ جنهن وقت تو انهيءَ خيال کي عمل ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيو، تنهن مهل تنهنجو اخلاق برباد ٿي ويو. آءُ تو کي دنيا جي نظرن ۾ حقير ڪنديس. تنهنجي بي حيا گفتگو کي ماڻهن ۾ ظاهر ڪنديس. تنهنجي عزت خاڪ ۾ ملائينديس. ياد رک، منهنجي بيواهي ڀاءُ لاءِ معافي نامو لکي ڏي آءُ علي الاعلان دنيا کي ٻڌائينديس، ته تون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين.

ائنجليو. اي ٻالي ڀولي! تنهنجي ڳالهه ٻڌندو ڪير؟ توتي اعتبار ڪندو ڪير؟ تنهنجي الفاظن تي ڪير توجهه ڏيندو؟ سڀڪو سمجهندو ته چري ٿي آهين. منهنجي اخلاقن جي بلنديءَ جو آواز، تنهنجي شڪ جي گهنڊڻين جي آواز کي اسرڻ ئي ڪونه ڏيندو. تنهنجي ڌريل تهمت کي ڪا به اهميت ڪانه ملندي. ڪلاڊيو جي حياتي هاڻ تنهنجي هٿ ۾ آهي. هن جو مرڻ ۽ جيئڻ تنهنجي جواب تي منحصر آهي. هاڻ تون اختيار واري آهين، جيئن وڻيئي تيئن ڪر. سڀاڻي تنهنجي جواب ڏيڻ تي ڪلاڊيو جي قسمت جو فيصلو آهي. انڪاري جواب ملڻ تي ڀاڻي. سڀاڻي“ سورن جي سيج تي سمهندو. آءُ توکي مهلت ڏيان ٿو. خيال ڪري مون کي سڀاڻي وراڻي ڏج.

ويچاري اسابيلا ڀاءُ جي ملاقات لاءِ جيل ڏانهن رخ رکيو، جنهن ۾ ڪلاڊيو کي نظربند ڪري رکيو هوائون. واٽ تي دل ۾ سوچڻ لڳي، ته سچ آهي ته ” ڪو به ائنجليو جي سابق خيالي ۽ اخلاق جي بلنديءَ کي خيال ۾ رکي، هن کي ڏوه نه ڏيندو. خواه مخواه ڪجهه ظاهر ڪري پاڻ کي بدنام ڪنديس. ڪو به مون تي اعتبار ڪونه ڪندو. تنهن ڪري مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.“

جنهن وقت اسابيلا ڪلاڊيو واري ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ته شاه، پادريءَ واري ويس ۾ڪلاڊيو سان ڳالهائي رهيو هو. شاه جوليٽ سان ملي،کانئس سندس ڏوه جي قبوليت ورتي هئي. جوليٽ بيان ۾ پاڻ کي ڪلاڊيو کان وڌيڪ ڏوهاري ٺهرايو هو. هن چيو ته هوءَ پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڪلاڊيو جي عاشقانه الفاظن تي موهجي، ڀلجي وئي هئي.

اسابيلا اندر اچي پادريءَ، يعني شاه کان پنهنجي ڀاءُ سان ٻه ٽي گهڙيون خلاصي گفتگو ڪرڻ جي اجازت گهري. شاه رخصت وٺي ٻاهر ويو ۽ وڃي اهڙي هڪ هنڌ بيٺو، جتان سندن سڄي گفتگو ٻڌي سگهيو ٿي. شاه جي ٻاهر وڃڻ تي منتظر ڪلاڊئي گفتگو شروع ڪئي:

ڪلاڊيو. ادي! ڪهڙي خوش خبري آندي اٿئي؟

اسابيلا. سڀاڻي موت سان ملاقات لاءِ سنڀري ويہ.

ڪلاڊيو. ڇا؟ ڪو به رهائيءَ جو طريقو ڪونهي.

اسابيلا. ها! آهي، پر فقط هڪ، جنهن جي اختيار ڪرڻ سان نه فقط تنهنجي نينگ ناموس جو خاتمو ٿيندو پر منهنجي عصمت جو به خير ڪو نه رهندو.

ڪلاڊيو- آخر ڪهڙو طريقو آهي؟

اسابيلا- اَدا، آءُ ڊڄان ٿي، منهنجو ڪليجو ڪنبي ٿو ته متان توکي ڪجهه زياده عمر جي خواهش هجي ۽ منهنجي ۽ پنهنجي ٻنگ ناموس کان وڌيڪ حياتي پياري هجي ۽ مون کي عصمت فروشيءَ لاءِ کڻي چئين. پنهنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ زيادتي جهڙي خسيس خيال تي مون کي عصمت جي بي بها موئي بدلائڻ لاءِ متان کڻي ڪي اکر اچارين. توکي ملڪ الموت سان منهن ڏيڻ جي همت آهي؟ سپ نه ماري، سپ جو سيراپ ماري! موت جو فقط ڊپ ماري ٿو، ورنه ماڪوڙيءَ جنهن کي اسين بي خياليءَ سان لتاڙي ماريون ٿا، تنهن کي ايترو ايذاءُ اچي ٿو، جيترو ڪنهن مانگر مڇ کي.)

ڪلاڊيو مون کي ڀلا تون ڇو ايترو شرمائي رهي آهين؟ ڇا آءُ تو جهڙي نزاڪت جي پتليءَ کان ننگ جي جوش جو سبق پرائيندس. جيڪڏهين مون کي مرڻو پوندو ته آءُ موت کي محبوب جيان پنهنجي آغوش ۾ وٺندس.

اسابيلا. هان! تون پنهنجي ڪٽنب جو شان رکندين. اهو ئي جوانن جو ڪم ۽ مردن جي مڻيا آهي. توکي ضرور سڀاڻي ماريو ويندو، پر ڇا تون مڃيندين ته هو منهن ۾ ملان ۽ اندر ۾ ابليس ائنجليو تنهنجي حياتيءَ جي عيوض مون کان لڄ جي تقاضا ڪري رهيو آهي جيڪڏهن منهنجي حياتي تنهنجي زندگيءَ لاءِ گهري ها ته جيڪر مان يڪدم ڪنهن خيال کان سواءِ قربان ڪري ڇڏيان ها.

ڪلاڊيو- شڪريه، پياري ڀيڻ، شڪريه.

اسابيلا- مڙس ٿي سڀاڻي موت جي لاءِ تيار ٿي.

ڪلاڊيو- موت جو منهن هيبتناڪ آهي.

اسابيلا- پر بي حيائيءَ جي زندگي قابل ڌڪار آهي.

اسابيلا جي اکرن ڪلاڊيو جي بي غيرت دل تي ڪو به اثر نه ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ حياتيءَ جي مزي ماڻڻ جي تمنا ڪلاڊيو جي دل ۾ گهر ڪري وئي. موت جي چنبي ۾ ڦاٿل عاصي ئي اهڙن جذبن کي محسوس ڪري سگهي ٿو، جن جو ويچارو ڪلاڊيو شڪار ٿي چڪو هو. ڪلاڊيو ڪنڌ هيٺ ڪري چوڻ لڳو. ”ڀيڻ، مون کي ڪجهه وقت وڌيڪ جيئڻ ڏي. جا خطا تون مون کي بچائڻ ۾ ڪندينءَ، سا خدا توکي معاف ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهو گناهه ڪونهي، پر قرباني چئبي.“

اسابيلا- بي شرم! بي حيا!! گيدي!!! تون پنهنجا مائٽ ٿو لڄائين. حياتيءَ جي ٿوري عرصي وڌيڪ جيئڻ لاءِ تون پنهنجي ڀيڻ جي عزت خاڪ ۾ ملائڻ گهرين ٿو. شرم! ڙي شرم! مون سمجهيو ٿي ته جي ڀاءُ کي سو سر هجن ۽ کيس هڪ سو ڀيرا سوريءَ تي چڙهڻو پوي ته به عزت کي هٿئون وڃائڻ کان هو موت کي هزار بار زياده پسند ڪندو. تون وري ههڙي ڪميڻي روش اختيار ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو آهين!

ڪلاڊيو- نه ڙي! منهنجي پياري ڀيڻ نه! مون کي به ڪجهه چوڻ ته ڏي.

اڃا گفتگو انهي حد تي پهتي ته شاه نڪري نروار ٿيو، جنهن ڪري سندن تنهائيءَ جي ڳالهه ٻولهه ۾ رخنو پئجي ويو. شاه ٺهه ڦهه چوڻ لڳو. ”ڪلاڊيو، مون تنهنجي سڄي گفتگو ويٺي ٻڌي. جيڪي ٿي گذريو آهي، تنهن جي مون کي خبر آهي. ائنجليو کي تنهنجي ڀيڻ کي بدراه ڪرڻ جي مرضي ڪانه آهي. هن فقط سندس آزمودو ٿي ورتو.جنهن مان تنهنجي سلڇڻي ڀيڻ ڪامياب ٿي ۽ لالچن جو سمنڊ جهاڳي پار ٿي آهي. هو انهيءَ ڪري خوش ٿيو آهي. هاڻي تنهنجي بچڻ جي ڪا به اميد ڪانه ٿي ڏسجي. تون لوڀ ڇڏي خدا ريجهاءِ، ته آخرت موچاري ٿيئي.“

ڪلاڊيو شرم جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري چوڻ لڳو. ”ادي! مون کي معاف ڪر. مون کان غلطي ٿي. آءُ هنن ٻن گهڙين ۾ ايترو بيزار ٿيو آهيان، جو ڪڏهين به دراز عمر لاءِ دعا ڪونه گهرندس.“

شرمندگيءَ جي آگه ڪلاڊيو کي وڪوڙي ويئي ۽ هو ان ۾ پلي وانگر ٻيرا ٻيرا ٿي پئي پڪو. اسابيلا ۽ شاه ڪلاڊيو کي انهي حالت ۾ ڇڏي واپس وريا. جڏهن اسابيلا شاه سان اڪيلو اچي رهي هئي، تڏهين شاه سنديس پسنديده ارادي جي ساراه ۽ تائيد ڪئي ۽ توصيف ڪندي چيائين. ”جنهن توکي حسين پيدا ڪيو آهي، تنهن توکي حسن اخلاق به عطا ڪيو آهي.“

اسابيلا- اُف! ڪيترو نه شاه جو ائنجليو ۾ اعتبار هو ۽ ڪيترو نه ڏسڻ ۾ فرشته خو ائنجليو شاه کي ڀنڀلائي دلبو ڏئي رهيو آهي.

جڏهين شاه واپس ايندو ۽ مون کي سندس خدمت ۾ عرض ڪرڻ جي اجازت ملندي، ته آءٌ ضرور ائنجليو جا پڙ پڌرا ڪنديس.

اسابيلا کي خبر نه هئي ته هوءَ راز افشاني ڪري رهي هئي، شاه چوڻ لڳو، ته ” انهيءَ ۾ ڪا خطا ڪانهي پر جنهن منزل تي ڳالهه بيٺل آهي، انهيءَ حالت ۾ ضرور انجليو تنهنجن تهمتن کي ريٽڻ جي ڪوشش ڪندو، تنهن ڪري توهين منهنجي صلاح وٺو. منهنجي صلاح کي عملي جامي پهرائڻ سان توهين نه فقط هڪ صدمه رسيده عورت جي حق تلفيءَ جي تلافي ڪري سگهندا، پر انهيءَ سان گڏ پنهنجي ڀاءُ کي قاعدي جي چنبي کان به رهائي وٺي ڏيندا. انهي طريقي اختيار ڪرڻ سان توهين نه فقط پنهنجي پاڪدامنيءَ کي بي عزتيءَ جي داغ سان آلوده ڪرڻ کان بچائي سگهندا. پر شاه کي پڻ خوش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.“

هڪ ڌڪ سان سڀئي مشڪلاتن حل ڪندڙ صلاح جي ٻڌڻ لاءِ اسابيلا خوشيءَ سان خواهان ٿي، ۽ پادري (حقيقي شاه) کي يقين ڏياريائين ته هن جي مرضيءَ موجب حڪم جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پادري پاڪدامن انسانن جو هميشہ بي خوف ۽ بهادر هجڻ جي حقيقت بيان ڪرڻ بعد پڇڻ لڳو ته” توهين مئرينا، جنهن جو بهادر سپاهي ڀاءُ فريڊرڪ، سمنڊ ۾جهاز سوڌو ٻڏي ويو هو، تنهن کي الائي سڃاڻو يا نه؟“ اسابيلا ٻڌايس ته انهي  عورت بنسبت ڪجهه ٻڌو اٿم ۽ هن جي هنڌين ماڳين ساراه ۽ واکاڻ آهي.

ملان چيو، ” اها ائنجليو جي نڪاح ٻڌي زال آهي. هن جي مهر جو مال سندس ڀاءُ جهاز تي کڻايو پئي ويو، ته جهاز واٽ تي ڀڄي پيو جنهن ڪري مال به ويو ۽ سندس ڀاءُ به سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. انهي حيرت انگيز حادثي ڪري مئرينا کي ٽيڻو نقصان آهي. قيمتي جواهرات ۽ پياري ڀاءُ جي املهه حياتيءَ جي علاوه پنهنجي پياري شوهر جي پيار جو بي بها موتي پڻ هٿان وڃائي ويٺي آهي. ظاهري زاهد ائنجليو هن نيڪ سيرت عورت جي عصمت ۾ شڪ جي بنا تي کيس ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. پر حقيقت ۾ اهو ڏاجي جي مال نه ملڻ سبب ڪم ڪيو اٿس.

جيتوڻيڪ انهي بي انصافيءَ جي قدم کڻڻ ڪري مئرينا کي هن لاءِ ڌڪار پيدا ٿئي ها، پر تنهن هوندي به جئن وهندڙ لهر ۾ رنڊڪن جو اسباب وهڪري جي تيزيءَ جو باعث بڻبو آهي، تئن هن جو عشق ائنجليو جي لاءِ گهٽجڻ بدران وڌندو پئي ويو آهي.

مئرينا پنهنجي ظالم مڙس تي هينئر به ايترو اڪن ڇڪن آهي، جيتري هوءَ عشق جي ابتدائي وقت ۾ مٿس مست هئي. هوءَ مڙس سان ملڻ لاءِ واجهه وجهي رهي آهي، تنهن ڪري تون ائنجليو وٽ اڌ رات مهل اونداهيءَ ۾ وڃڻ قبول ڪري اچ، ۽ پوءِ پنهنجي بدران مئرينا کي موڪلي ڏي. وڇڙيل زال کي مڙس وري حاصل ڪرائڻ ۾ ڪو ڏوه ڪونهي. ايئين ڪرڻ سان ڪلاڊيو کي به جيئدان ملندو، عصمت به بچندي ۽ مئرينا ۽ ائنجليو جو به ٻئي سان ساز ٿيندو.

اسابيلا کي اها رٿ پسند آئي ۽ صلاح تي عمل ڪرڻ لاءِ رواني ٿي وئي. شاه مئرينا کي ملي هن جي قبوليت هٿ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو. جئن ته شاه مئرينا سان اڳي به مليو هو ۽ سندس درد ڀري ڪهاڻي سندس واتان ٻڌي هو ائين ۽ مئرينا کي زاهد جي صورت ۾ شاه تي ويساه ڄمي ويو هو، تنهن ڪري هن پڻ ناصبح جي صلاح تي عمل پيراه ٿيڻ تي ڪمر ڪشي.

اسابيلا ائنجليو سان ملاقات بعد شاه ڏنل انجام موجب مئرينا جي مڪان تي ويئي، جتي هو سندس انتظار ڪري رهيو هو. ملاقات جي حال پڇڻ تي اسابيلا چيو ته:

”ائنجليو جي باغ جي چوڌاري سرن جي ڀت ڏنل آهي، جنهن جي الهندي طرف ڊاک جو منهن آهي، جنهن ۾وري دروازو آهي. هي ٻه ڪنجون مون کي ڏنيون اٿس. جنهن مان وڏي ٻاهرين ۽ ننڍي اندرين دروازي جي آهي. مون آڌي رات جي اونداهيءَ ۾ سندس ڪمري ۾ پهچڻ جو اقرار ڪيو آهي، ۽ پنهنجي عدم فرصتيءَ سبب ٿوري عرصي تائين وهڻ جو انجام ڪيو آهي. پياري ڀيڻ مئرينا!  تون اتي گهڻو نه ڳالهائج، هلڻ وقت فقط آهستي چئج ته هاڻ منهنجي ڀاءُ جي يادگيري ڪجو.“ اسابيلا انهي رات مئنريا کي مقرر ڪيل هنڌ تي پهچايو.

اسابيلا دل ۾ زاهد (شاهه) کي سندس قابليت ۽ فراست تي تحسين ڏيڻ لڳي، ۽ هن کي پڪ هئي ته انهي تدبير تي عمل ڪرڻ ڪري نه فقط عزت بچندي، پر ڀاڻس جي حياتيءَ کي به جوکو ڪونه رسندو، پر شاه کي ائنجليو ۾ نه اعتماد هو ۽ نه خاطري، نه ڪو ڪلاڊيو جي جان سلامت رهندي، تنهن ڪري هو اڌ رات وقت وري قيدخانه ۾ ويو. چڱو جو هو جيل ۾ پرگهور لهڻ لاءِ ويو هو، نه ته ڪلاڊيو جو خير ڪونه هو. هن جي پهچڻ بعد ائنجليو وٽان ڪلاڊيو جي قتل جو حڪم نامو پهتو، جنهن ۾ صبح جو 5 بجي ڪلاڊيو کي قتل ڪري، سر پيش ڪرڻ جي تقاضا ٿيل هئي. جڏهن شاه ڏٺو ته هاڻ ڳالهه هٿان ٿي وڃي، تڏهن شاهي مهر لڳل لفافو ٺاهي، جيل جي بالا آفيسر کي ڏيکاري چيائين، ته ”في الحال ڪلاڊيو کي جيئدان ڏي ۽ ان جي بدران اڄوڪي مئل قيديءَ جو سر وڍي، ائنجليو کي ڏياري موڪل.“ آفيسر شاه جي مهر ڏسي، سمجهيو ته شايد ڳجهي طرح زاهد کي ڪلاڊيو جي بچائڻ واسطي لکي موڪليو آهي، تنهن ڪري اهو حڪم قبول ڪري، مردي جو سر ڪپي، ائنجليو جي خدمت ۾ پيش ڪيائين.

مسافريءَ کان مراجعت ڪري، ٻئي ڏينهن صبح جو شهر ۾ وارد ٿيڻ جو اطلاع شاه لکي، قاصد هٿان ائنجليو کي ڏياري موڪليو، جنهن ۾ ائنجليو کي شاه سان شهر جي وڏي دروازي وٽ ملڻ لاءِ پڻ ارشاد ٿيل هو. اطلاع ۾ ڄاڻايل هو ته شهر ۾ منادي ڦيرائي وڃي ته جن ستم رسيدن کي انصاف جي درخواست ڪرڻي هجي، تن کي صبح جو دروازي وٽ اچي داد خواهيءَ جو عريضو پيش ڪرڻ گهرجي.

سويل صبح جو اسابيلا قيدخانه ۾ وئي، جتي شاه هن جي لاءِ ترسيو ويٺو هو. اچڻ سان اسابيلا ڀاءُ جي معافي نامي جي پڇا ڪئي، جنهن تي شاه چيس ته تنهنجي ڀاءُ کي ائنجليو هميشہ جي لاءِ دنيا جي جنجالن کان نجات بخشي آهي. هن جو سر ڌڙئون ڌار ڪري ائنجليو جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اوچتو اهڙي دلڪش خبر ٻڌي، اسابيلا جي منهن جو پردو ئي لهي ويو. مايوسيءَ جي مريض جي بيقراري زياده ٿيندي آهي. درد جي زيادتي ڪري هوش خطا ٿي ويس ۽ رڙ ڪري چيائين ته ”اڀاڳي اسابيلا، ڪلاڊيو جي بدبختيءَ تي ڪيترو ماتم ڪندينءَ؟ دغاباز ائنجليو هن بي وفا زماني ۾ سرفراز آهي.“

دم دم دلاسا ڏيئي، زاهد اسابيلا کي تسلي ڏياري. جڏهن ٿوري سامت ۾ آئي، تڏهن شاه جي واپس اچڻ جي هن کي خوش خبري ڏيئي ائنجليو جي خلاف داد خواهي لاءِ درخواست پيش ڪرڻ جو موزون رستو ٻڌايو ۽ چيائين ته ”دنيا جو واءُ جي ڪجهه مدت لاءِ اڻائو لڳي ته فڪر ڪرڻ نه گهرجي. سکن پٺيان ڏک ۽ ڏکن پٺيان سک ته حياتيءَ جي دور ۾ ايندا، تنهن ڪري دل لاهي، بي همت ٿي نه وهڻ کپي. جدوجهد ڪري مشڪلاتن جي پهاڙ کي احتياط ۽ خبرداري سان کوئي ختم ڪرڻ گهرجي.“ اسابيلا کي ڪافي هدايتون ڏيئي، زاهد مئرينا ڏانهن ويو ۽ هن کي به سمجهائي آيو، ته ڪيئن هوءَ شاهه جي اڳيان پنهنجو فرياد پيش ڪري.

 شاه زاهد وارو لباس لاهي، شاهاڻا ڪپڙا پهري، صبح جو مقرر وقت تي دروازي مان تشريف فرما ٿيو. ماڻهن جو ڪثير تعداد استقبال لاءِ اچي ڪٺو ٿيو هو. ائنجليو اختياريءَ جون واڳون باقاعدي شاه جي سپرد ڪيون. اسابيلا فريادي جي حيثيت ۾ داد خواهي لاءِ درخواست پيش ڪندي چيو ته ” او عادل شاه! آءُ انهي ڪلاڊيو جي ڀيڻ آهيان جنهن کي هڪ ڇوڪريءَ جي بدراه ڪرڻ جي جرم ۾ موت جي سزا ڏني وئي آهي. مون پنهنجي ڀاءُ جي معافي لاءِ ائنجليو کي درخواست ڪئي. مون جيڪي ائنجليو کي آزيون نيزاريون ڪيون، تن جو بيان ڪري، حضور جن جو قيمتي وقت وڃائڻ نٿي چاهيان. ملاقات جي نتيجي بيان ڪندي به مون کي نهايت درد ۽ شرم ٿئي ٿو، پر ائين ڪرڻ ضروري آهي، تنهن ڪري بيان ڪريان ٿي.

ائنجليو منهنجي ڀاءُ جي رهائيءَ لاءِ مون کي عصمت تان هٿ کڻڻ جو شرط وڌو، جنهن تي ڪافي ويچار ڪيم، پر آخر برادرنه محبت منهنجي غيرت جي جذبي کي مغلوب ڪري، ائنجليو جي شرط مڃڻ لاءِ مون کي مجبور ڪيو. دغابازي ڪري، ائنجليو انهيءَ شرمناڪ رات جو ئي ڪلاڊيو کي قتل ڪري، صبح سان هن جي سر پيش ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو. انهي حڪم جي تعميل ٿي وئي، جنهن جي خبر صبح ويل قيدخانه مان مون کي ملي آهي. انهيءَ غداريءَ لاءِ مون عدل جي پينوءَ جي پلؤ ۾ انصاف جا ڪجهه ڪڻا وجهي، ممنون ڪريو.“

شاه پهريائين اهڙي واهيات تهمت ٻڌڻ کان انڪار ڪيو، ۽ ائنجليو به عذر پيش ڪيو، ته”شايد ڀاءُ جي موت جي صدمه ڪري، اسابيلا عقل کي رخصت ڏئي ڇڏي آهي.“ اڃا انهي گفت و شنيد ۾ هئا، ته مئرينا فرياد پيش ڪرڻ واسطي اڳتي وڌي. چيائين ته:

”اي شريف شاه! آءُ ائنجليو جي نڪاح ٻڌي زال آهيان. اسابيلا منهنجي ڀتار ائنجليو تي ڪوڙي تهمت مڙهي آهي، ڇاڪاڻ ته ذڪر ڪيل رات مون هن سان سندس باغ واري محلات ۾ گذاري آهي.“ لاڊوگ نالي پادري جي شاهدي ورائيندي اسابيلا چيو، ته ”توهان منهنجي مڙهيل تهمت جي سچائي جو ثبوت لاڊوگ کان وٺي سگهو ٿا، جنهن جي چوڻ موجب مون ۽ مئرينا هي اظهار ڏنا آهن.“

بادشاه چيو، ته ”جنهن صورت ۾ فرياديءَ تهمت عام بپلڪ اڳيان مابدولت جي خدمت ۾ پيش ڪئي آهي، تنهن صورت ۾ ان جو ثبوت به عام جي اڳيان پيش ڪيو وڃي.“

ائنجليو سمجهيو ته هنن جي اختلاف رکندڙ بيانن سبب آءُ مڙهيل تهمت کان پنهنجا پلو آجا ڪري سگهندس، تنهنڪري تپي چوڻ لڳو، ته ”حضور! مان هيترو وقت خاموش هنن جي چريائي تي کلي رهيو هوس، پر هاڻي منهنجي صبر جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي. ڪنهن جي چور تي هنن زالن منهنجي خلاف هي شور مچايو آهي. مون کي اجازت ڏيو ته مان هن منصوبي جا پل ۾ پول پڌرا ڪري، ملزم کي هٿ ڪريان.“ بادشاه خوشي سان اجازت ڏيندي چيس، ”مان وڃان ٿو، ڏوهي هٿ ڪري، دل تي سزا ڏجوس.“ ائنجليو جي پاسي ۾ ويٺل امير اسڪيلس کي مخاطب ٿي فرمايائين، ته ”توهان ائنجليو کي هن ڪيس فيصل ڪرڻ ۾ مدد ڪريو. پادري کي گهرايو، ساري تحقيقات ڪري، ملزم کي سزا ڏيڻ بعد مجلس برخواست ڪجو.“

شاه ائنجليو کي منصف مقرر ڪري، هليو ويو. ائنجليو ڏاڍو خوش ٿيو، ڇاڪاڻ جو جنهن ڪيس ۾ پاڻ جوابدار هو، تنهن ئي ڪيس هلائڻ جي کيس اختياري ڏني وئي. هوڏانهن بادشاه شاهاڻي سروپا لاهي، پاڻ کي زاهد واري لباس ۾ ملبوس ڪري، ائنجليو ۽ اسڪيلس جي اڳيان حاضر ٿيو. اسڪيلس کي يقين هو، ته ائنجليو تي اجايو الزام رکيو ويو آهي، سو پادري کان ٺهه پهه سوال ڪيائين، ته ”تو هنن زالن کي ائنجليو کي بدنام ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي؟“ پادريءَ پڇيو، ته ” شاه ڪٿي آهي. مان شاه جي اڳيان سڀ حقيقتون پيش ڪندس.“ اسڪيلس چيس، ته ”اسين شاه جا عيوضي آهيون. جيئن ته شاه اسان کي ڪيس ٻڌي فتوى ڏيڻ لاءِ منتخب ڪيو آهي، تنهنڪري تون سچيون حقيقتون اسان جي اڳيان بيان ڪر. هڪ حرف به ڪوڙ جو زبان مان استعمال نه ڪج.“ پادري جواب ڏنو، ته ” خدا مون کي سچ چوڻ جي همت ڏيندو، پر بادشاه سلامت جوابدار کي منصف مقرر ڪري، انصاف جو خون ڪيو آهي.“

اهڙي بد تهذيب نموني ۾ ڳالهائيندو ٻڌي، ائنجليو دڙڪو ڏنس، ته ” تون شاه جي خلاف بڪواذ ڪري رهيو آهين حڪومت ۽ وقت جي سرشتي تي خواه مخواه الزام لڳائي رهيو آهين، تنهنڪري توکي غداريءَ جي تهمت هيٺ سزا ڏني ويندي.“ يڪدم حڪم جاري ڪيائين، ته ”هن کي قيد ڪريو.“  شاه يڪدم زاهد جو لباس لاهي، پنهنجي شخصيت ظاهر ڪئي، جنهن تي حاضرينن جي تعجب جي حد ئي ڪانه رهي. ائنجليو جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. سندس هٿن مان ڄڻ ته سڀ ڪجهه ڪري پيو. رنگ زرد ٿي ويس. اکين اڳيان اونده انڌوڪار اچي ويس.

شاه اسابيلا کي پنهنجي قريب اچڻ جو ارشاد ڪندي فرمايو، ته ”تنهنجو پادري هاڻي تنهنجو محافظ آهي. مون ڪپڙن تبديل ڪرڻ سان پنهنجو ارادو تبديل ڪونه ڪيو آهي. آءُ هينئر به سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ اسابيلا اڳتي وڌي قدم بوسي ڪري عرض ڪيو، ته ”نه سڃاڻڻ ڪري جيڪا مون اوهان کي تڪليف ڏني آهي، تنهن لاءِ آءُ معافي جي طلبگار آهيان.“

شاه جي مرضي نه هئي ته ڪو اها ڪلاڊيو جي زنده هجڻ جي بشارت اسابيلا کي ڏني وڃي، تنهن ڪري چيائين، ته”آءُ شرمسار آهيان، جو تنهنجي ڀاءُ جي حياتي بچائي ڪونه سگهيس.انهي لاءِ مون کي پاڻ توکان معافي وٺڻ گهرجي.“

جڏهن ائنجليو ڏٺو ته شاه سندس بد افعالن جو ڳجهي طرح ملاحظو ڪري چڪو آهي ۽ سڄو راز فاش ٿي ويو آهي، تڏهين شرمندو ٿي چوڻ لڳو، نه ” جهان پناه! مون ڀانيون ته منهنجون خطائون راز جي پردي ۾ لڪل رهنديون، پر منهنجو خيال غلط ثابت ٿيو آهي، تنهن ڪري آءُ گناهن جي گهڻائي ڪري پاڻ کي زنده رهڻ جو قابل نٿو سمجهان. آءُ توهان جي در تي سوالي جي حيثيت ۾ عرض ڪريان ٿو، ته مهرباني ڪري قتل جو ارشاد فرمائي مون تي خاص عنايت ڪريو.“ شاه فرمايو، نه ” تنهنجو عظيم گناه ڏينهن وانگر روشن آهي، تنهنڪري توکي ڪلاڊيو وارو ئي موت مرڻو پوندو. تنهنجي مال ملڪيت ضبط ڪري، مئرينا کي ڏني ويندي. ڀلي ته هوءَ مرضيءَ مطابق ٻيو مڙس ڪري.“ اتي مئرينا دانهن ڪري عرض ڪيو، ته ”سائين، مون کي سواءِ پنهنجي مڙس جي ٻيو ڪجهه به ڪين گهرجي.“ اسابيلا وانگر جهڪي شاه جو پلوُ جهلي ليلائڻ لڳي ۽ اسابيلا کي چيائين، ته”ادي، منهنجي واسطي تون به شاه کي رحم جي درخواست ڪر.“ پر شاه فرمايو، ته ”چري ته ڪين ٿي آهين! اسابيلا ڪيئن انهي ماڻهوءَ جي جيئدان لاءِ عرض ڪندي، جنهن سندس ڀاءُ جي خون سان پنهنجا هٿ رڱيا آهن.“ انهي هوندي به مئرينا روئندي اسابيلا کي عرض ڪيو ته، ”منهنجي پاران منٿ ميڙ ڪر. چوندا آهن ته چڱن کان نيٺ به چڱايون ٿينديون آهن. عام چوڻي آهي ته انسان خطا جو گهر آهي. آدم زاد سهو ون ڪرڻ سان ئي پرائي ٿو، منهنجو خاوند به انسان آهي. اسابيلا ! تون منهنجي خاطر شاه کي عرض ڪر.“

اسابيلا کي رحم اچي ويو، سو بادشاه کي ائنجليو جي جيئدان لاءِ عرض ڪرڻ تي آماده ٿي، بادشاه جي اڳيان نئڙي نياز ڪيائين، ته ”جيتوڻيڪ ائنجليو مون ۾ بد نظر رکي هئي، پر تنهن هوندي به بدفعليءَ کان بچي ويو. ڪلاڊيو کي پنهنجي بڇڙي عمل جي شامت ڀوڳڻي پيئي ۽ قتل ڪيو ويو، تنهن ڪري ائنجليو کي جيئدان ڏنو وڃي.“ بادشاه اسابيلا مان اهڙي رحمدليءَ جي توقع رکي ٿي، سو ڏاڍو خوش ٿيو. اڳيئي بندوبست ڪري ڇڏيو هئائين، سو اشاري ڪرڻ تي ڪلاڊيو سندس اڳيان حاضر ڪيو ويو ۽ اسابيلا کي چيائين، ته ”هيءُ تنهنجو ڀاءُ توکي مبارڪ هجي. تنهنجي چوڻ تي ائنجليو کي به معاف ڪيم. تنهنجي حسن اخلاق ڪري آءُ پاڻ کي پڻ تنهنجي حوالي ڪريان ٿو.“

ٽن طرفان خوشخبرين اسابيلا جا حوصلا ئي خطاب ڪري ڇڏيا، پر هوش سنڀالي ڀاءُ سان ملي، مئرينا کي مبارڪون ڏنائين ۽ بادشاه کي نوازشن ڪرڻ ۽ آخر ۾ شاديءَ جي آڇ ڪرڻ لاءِ شڪر گذاري ادا ڪيائين.

بادشاه مئرينا جي ٻانهن ائنجليو کي سپرد ڪري سفارش ڪئي، ته ” اهڙي پاڪدامن ۽ صداقت جي پتليءَ کي پاڻ سان گڏ خوش رکج.“ وري ڪلاڊيو کي سندس جوليئيٽ سان هميشہ لاءِ شاديءَ جي زنجير ۾جڪڙي ڇڏيائين ۽ پاڻ اسابيلا سان نڪاح ڪري، ڪيترائي سال پئي حڪومت ڪيائين.

ترجمه لئمپ جي لکيل ” شيڪسپيئر جون آکاڻيون

Measure For Measure

 


 

 

 

موت تي ماتم

 

ڪنهن جي جنازي سان ڪانڌي ٿي مقام تي وڃڻ به هڪ عجيب آزمودو آهي. 1935ع ۾ مون کي به هڪ دوست جي والده جي وفات تي قبرستان وڃڻو پيو. عموماً گهڻا ڪانڌي جنازي نماز بعد ڪم ڪار وارن کي موڪل ملڻ تي واپس ورندا آهن، پر جن جا تعلقات گهاٽا ۽ گهرا هوندا آهن، سي توڙ نڀائيندا آهن ۽ ٽوليون ٺاهي ويهي يٽ شٽ ۾ وقت گذريندا آهن. چونڪ هن دوست سان منهنجيون ٻٽيهه دليون هيون، تنهن ڪري جنازه نماز بعد ترسڻ واجب سمجهيم. حسب معمول نماز بعد جيڪي متعلقين حاضر هئا، تن جي وچ ۾ گفتگو شروع ٿي. اهڙن موقعن تي گفتگو لٽڪن ۽ چٽڪن جي صورت وٺندي آهي ۽ مسلسل ڪان هوندي آهي. مختلف موضوعن تي سڀڪو جاتي آهر پيو گوهر فشاني ڪندو آهي. ڪو مشرقي مثال ٻڌائيندو آهي، ته ڪو مغربي تهذيب تي تنقيد ڪندو آهي، ڪو مذهبي مباحثي کي ڇيڙيندو آهي، ته ڪو جديد معاشرتي موضوع تي ڳالهائيندو آهي، ڪو جديد ۽ قديم حالتن ۽ هلتن تي تبصره ڪندو آهي ۽ ته ڪو جوانن ۽ پير مردن جي روشن جي ڀيٽ ڪندو آهي. مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺي هئڻ ڪري، جيترا هوندا آهن وات اوتريون هونديون آهن ڳالهيون. چند نڪتا اتان جهٽيم جي املهه ماڻڪن جي قدر دانن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.

”حلال جي ڪمائيءَ ۾ الله برڪت وجهندو آهي.“حاضرين دوستن مان هڪ فرمايو. ٻئي ٺهه پهه ورايو. ”بيشڪ! ادا! اورنگزيب لاءِ چوندا آهن، ته حلال جي ڪمائي کائيندو هو. بادشاه هوندي به خزاني مان مختصر پگهار کڻندو هو. تڏهن ته سندس ڏنل هڪ پئسي هيڏو رنگ لڳايو.“ ٽئي ڄڻي پڇيو ته ” سو وري ڪيئن؟“ جواب ڏنائين، ته ” ادا! سندس هڪ استاد هوندو هو، جنهن وٽس گهڻي وقت رهڻ بعد، وطن ورڻ جي کانئس رخصت طلب  ڪئي. پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيس، ته نياڻي اُٿارڻ لاءِ اُسهي رهيو آهي. بادشاه کيس پگهار ۽ راهداري جو خرچ پکو ڏئي، پنهنجي طرفان هن کي نياڻي اُٿارڻ لاءِ فقط هڪ ٽامي جو پئسو ڏنو، استاد کي وڏيون اميدون هيون، پر ادب ڪري ڪڇي ڪين سگهيو ۽ پيسو کڻي پلئه ۾ پختو ڪيائين. جڏهن هو بندر تي پهتو، تڏهن اڃان ٻيڙي ڇٽڻ ۾ ڪجهه عرصو پيو هو، سو ڪنڌيءَ تي مغيوم حالت ۾ ويٺو رهيو. اتفاقا هڪ شخص ڏاڙهن جي پٺارڪ سميت اچي سندس پاسي کان ويٺو. خبرن چارن وٺڻ تي هن شخص ٻڌايس، ته ”ٻيلي! سارو ڏينهن ڦيريون پاتيون اٿم، پر ڪو هي ڏاڙهون هڪ پيسي ۾ به ڪونه ٿو ڳنهي، رت آهي ڦري ۽ ڏاڙهون ٿيا آهن. ارزان، سو ڪو ڌڻيءَ نانءُ به ڪونه ٿو پڇين. جي رحم ڪري هي هڪ پئسي ۾ وٺو، ته جيڪر اٽو وٺي وڃي گذر ڪريان.“ هن کي ڪهل اچي وئي، بادشاه وارو ڏنل پيسو ڏئي، ڏاڙهن جي پٺارڪ کڻي خريد ڪيائين.

آخر ٻيڙي ڇٽي، هڪ ڏينهن بعد اچي ٻيڙي کي طوفان ائين ڦيريون پارايون، جيئن ٻار لاٽئون کي. ٻيڙي جي مسافرن کي اچي ٿيون الٽيون، سو هن کان اچيو رپيا ڏيو ڏاڙهون وٺن. هن گران اگهه تي ڏاڙهون وڪڻي جاوا ڪيا. خير طوفان ماٺو ٿيو ۽ هي وڃي پنهنجي ماڳ پهتو. هن کي ڏاڙهن جي وڪري مان ڪافي هڙ حاصل ٿي، سو ڌوم ڌام سان نياڻيءَ جي شادي ڪيائين.

هي، شاديءَ جو کٽراڳ لاهي جڏهن واپس وريو، تڏهن بادشاه کانئس”پيسي“جي خبر چار پڇي.عرض ڪيائين.”جيئندا قبلا! فقط ٽامي جي پئسي جي پڇا ڪرڻ فرمايو ٿا، سو ڇو؟“ بادشاه چيو، ته ”ٻڌو هوم ته حلال جي ڪمائيءَ ۾ برڪت ٿيندي آهي، سو انهيءَ نڪتي جي سچائي معلوم ڪرڻ لاءِ توهان کي هڪ پيسو ڏنو هوم. هاڻي حقيقت ٻڌايو. معلم کيس ساري حقيقت بيان ڪري ٻڌائي، جنهن تي پاڻ فرمايائين، ته ”ڏٺئي پيسي جا رنگ، ڏٺئي!

ٻئي دوست چيو، ته ”موت تي ماتم ڪرڻ اسان وٽ ته معمولي ڳالهه آهي، پر سدورن جي ملڪ ۾ نهايت غير معمولي ڳالهه آهي. ڪنهن ملڪ ۾ هڪ مفلس ماڻهو رهندو هو. غربت سبب ساماڻل نياڻي اٿارڻ جي پهچ ڪان هيس. ڪن ڏس ڏنس، ته ” ڀر واري بادشاهيءَ ۾ هڪ غني رهي ٿو، جو بنان نالي نشان پڇڻ جي، فقط وعده وٺڻ سان قرض ڏيو ڇڏي. تون وڃي خرچ پکي لاءِ پيسا اڌارا وٺي ڌيءَ جو ڪاج ڪر.”هي ويچارو ڏس تي ڪاهي اچي انهي عجيب ملڪ مان نڪتو، شهر کان ٻاهر هڪ ٻنيءَ ۾ پٽ ۽ پيءُ کي هر ڪاهيندو ڏٺائين. پوڙهو اڳيان هو ۽ پٽس پٺيان. اڃان هو اتئي بيٺو هو، ته جوان دانهن ڪري ڪري پيو. جوان جي ويجهو ويا ته ڏسن ته نانگ هن کي ڏنگي اڦٽ ماري ڇڏيو آهي. پوڙهي پٽ جي لاش مٿان اجرڪ وجهي، وڃي پنهنجيءَ ڪرت کي لڳو. اهڙو حيرت انگيز واقعو ڏسي، هي پوڙهي ڏانهن عبرت سان تڪڻ لڳو. پوڙهي چيس،ته ”ادا! شهر ڏانهن ويندو هجين ته، ڪم چوانءِ، منهنجو گهر فلاڻي گهٽيءَ ۾ آهي. مهرباني ڪري منهنجي نونهه کي نياپو ڏجانءِ، ته ٻن جي بدران هڪ جي ماني آڻي،ڇاڪاڻ جو مڙسس رباني راه ورتي آهي ۽ هو پريان سندس لاش پيو آهي.“ عبرت وچان هن کان اکر به نه اڪليو، سو شهر ڏانهن رخ رکيائين. اڃان ڪجهه اڳتي وڌيو، ته هڪ مائي مانيءَ سوڌي ايندي ڏٺائين. اهڃاڻن مان سمجهائين ته اها ساڳي مائي آهي. تحقيقات ڪري مائيءَ کي نياپو ڏنائين ته مائي اتي ڳنڍ ڇوڙي مڙس وارو حصو پاڻ کائي باقي ماني کڻي ٻني ڏانهن رخ رکيو. اهو ڏسي هن جا ڏندين چپ اچي ويا.

خير، هي اڳتي هليو ۽ شهر مان پڇا ڪري اچي مطلب واري ماڻهو سان مليو. هن جي اوطاق تي ڪچهري لڳي پيئي هئي. ڪن پيسا ڏنا پئي ته ڪن ورتا پئي. هن پنهنجي طلب تنواري ۽ غنيءَ عرض اونائي هن کي گهربل پيسا ڏنا. پيسا وٺي گنديءَ جي پلاند ۾ ٻڌائين، پر هن کي اڻ تڻ لڳي پيئي هئي، سو ڏٺل واقعي متعلق سمجهاڻي پڇيائين. غنيءَ سمجهاڻي ڏيڻ کان اڳ، پڇيس ته ”توهان وٽ موت وقت ڇا ڪندا آهن؟“ هن ورندي ڏني ته ”اسان وٽ موت وقت ماتم ٿيندو آهي. اهڙي ڪونڌر پٽ جي وفات تي ته واويلا مچي وڃي ها. پيءَ روئي روئي بيحال ۽ بيبي بيقرار ٿي وڃي ها. سڀ سيڻ سينه زنيءَ ۽ روڄ راڙي سان پاڻ ته ڳچ ڳارين ها، پر ٻين کي به روئاڙي ريهون ڪرائين ها.“ غنيءَ وري سوال ڪيس، ته ”ٻار ڄمڻ وقت توهان ڇا ڪندا آهيو؟“ مرڪي جواب ڏنائين، ته”پٽ ڄمڻ تي محلي ۾ مبارڪون وري وينديون آهن. ڏاڍا شادمانا ٿيندا آهن. دهل ۽ ڌمام وڄندا آهن. مٺايون ورهابيون آهن“

غنيءَ هن کي چيو، ته ”ورتل پيسا ورائي ڏيو.“ غنيءَ جي روش ۾ ڦيرو ڏسي ڏاڍو تعجب لڳس ۽ ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪيائينس، پر کٿو ئي ڪين. آخر شاهوڪار کي رقم واپس ڏيئي ڪاوڙجڻ جو سبب پڇيائين. غنيءَ چيس، ته ”تون مون کي پيسا موٽائي ڪين ڏين ها! توهان خدا وٽان ڏنل امانت واپس ڏيڻ مهل روئو ۽ روڌن مچايو ٿا وٺڻ مهل خوش ٿيو ٿا. هو ته واحد ۽ جبار آهي، سو ته ڪيئن به توهان کان امانت واريو وٺي، پر آءُ توسان ڪيئن پڄان ها؟“


 

 


 


 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org