سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: گلدسته اقوال

باب: --

صفحو :12

 

ماضيءَ جو هڪ ورق

 

جنهن وقت آءٌ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، تنهن وقت مسلمان شاگرد اٽي ۾ لوڻ مثل هوندا هئا. اسان کي مسلمانن جي تعليم ڏانهن بي رخيءَ تي غصو به ايندو هو، ته ساڳئي وقت انهن جي اٻوجهيءَ تي رحم به. مسلمانن شاگردن جو اندازو هندو شاگردياڻين جي سورهين پتيءَ جيترو هوندو هو. 112 هندو ڪڪيون هونديون هيون ته اسين سڀني ڪلاسن ۾ 7 ڄڻا هوندا هئاسين. 5 سو هندو شاگردن جي وچ ۾ 7 ڄڻا مسلمان نڪي کلندي سونهن ۽ نڪي روئندي. اسان ته هندو شاگردن جون هندو ڪاليجي ڪڪين تي چٿرون ۽ خندا ٻڌي حيران ٿيندا هواسين. ڪاليجي ڪڪين متعلق چشم ديد واقعات ۽ ٻڌل حالات پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا.

ڪاليجي ڪڪيون انگريزي ستين درجه تائين اسڪولن ۾ پاجاما پائي وينديون هيون، جنهنڪري ننڍيون نينگريون پيون لڳنديون هيون، پر ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي، هو پنهنجي لباس جي تبديليءَ سبب، وڏيون زالون پيون لڳنديون هيون ڪاليج ۾ اينديون هيون ساڙهيءَ ۾ ملبوس ٿي، جنهنڪري قد و قامت ۽ سندن بيهڪ ئي اور ٿي پوندي هئي. ساڙهيون به قيمتي پائينديون هيون. منهن کي پائوڊر، چپن ۽ ڳلن کي لالڙيون ۽ نهن کي رنگين ۽ خوشبودار انگريزي ميندي مکي اينديون هيون. انهيءَ نمائش ۽ خوبصورتي جي اسباب تي هننجي مائٽن کي ڪافي رقم خرچ ڪرڻي پوندي هئي ۽ نينگرين کي سنڀرڻ ۾ به ڪافي وقت لڳي ويندو هو. ڪاليج جو وقت هوندو هو صبح جو سويل، تنهنڪري ڪاليجي ڪڪين کي پوري وقت تي ڪاليج ۾ پهچڻ لاءِ علي الصباح يا پره ڦٽيءَ مهل ننڊ مان اٿي سنبت ڪرڻي پوندي هئي. اڃان تارا پيا ٽمڪندا هئا، پکي پنهنجن آکيرن ۾ پر پيا سوئيندا هئا ۽ ڪڪڙ بانگون ڏئي پيا صبح صادق جي خوش آمديد ڪندا هئا، ته ويچاريون ڪڪيون ننڊ جي نشي ۾ اڃا مخمور هوندي به اکيون مهٽي پيون اٿنديون هيون. وس پڄين ها ته وري سمهي پون ها، پر هار سينگار جي لوڙه لڳل هوندي هئن، جنهنڪري اٿي اڀيون ٿينديون هيون. مائٽن واسطي به آزار هوندو هو. محبت جي ماري ماءُ سويل اٿي نيرن لاءِ بندوبست ڪندي هئي، جيئن سندس لاڏلي نيراني ڪاليج ۾ ڪتابن سان مقابله ڪرڻ لاءِ نه وڃي. ماءُ هڙ ٻڙ ۾ چانهه ۽ ڊٻل روٽين جا ٽڪرا ۽ مکڻ يا بيضا ترت تيار ڪري، پنهنجي سڪيلڌيءَ لاءِ انتظار ڪڍندي هئي، ته ڪڏهين ٿي کائي. هوڏانهن ويچاري ڪڪي سينگار ڪرڻ ۾ ايتري ته محو هوندي هئي، جو ماءُ جا سڏ ئي ڪانه سڻندي هئي، حتيٰ ڪ بس وارو، جيڪو ڇوڪرين کي واري وٽيءَ سان کڻندو وڃي ڪاليج ۾ لاهيندو هو، سو اچي ويندو هو. هڪ طرف ماءُ پئي ٻاڏائي ۽ واجهه وجهي ته ڪڪي ڪڇ کائي ته هيڏانهن ننيگر تڙ تڪڙ ۾ هار سينگار پورو ڪري ڪتاب کڻي سڌو ڌو بس ۾. ماڻس جي هلاڪي ائين هر روز حرام ٿي ويندي هئي. ڪاليج جو ٽائيم 7:30 بجا ته بس سندن در وٽ پهچي 6 بجي، ڇاڪاڻ جو ٻين ڇوڪرين کي به کڻڻو هون. ماءُ چوي ته نيرن ڪري پوءِ نويڪلي ٿي ويهي پاڻ کي ٺاهه ”نه ڇوڪريءَ کي لڳي مٺيان؛ ڇاڪاڻ جو هنکي بغير هار سينگار جي وڃڻ کان پيٽ خالي وڃڻ وڌيڪ پسند هوندو هو.

ڪاليج ۾ بس پهچندي ڪين هئي، ته فضا ئي ڦريو ويندي هئي. ڪاليج جي حاطه اندر جوڙو جوڙو ٿيو پيون ٽهلنديون ۽ رنگارنگي ساڙهين ڪري فطرتي خوشنما نظاري کي وڌيڪ دلفريب بنائينديون هيون. سندن سنهو ۽ مٺو آواز ڄڻ ته بلبلين جي ٽڪلو ٽڪلو لڳي پيئي هوندي هئي. هنن جي ڪامن روم (ويهڻ ۽ تفريح لاءِ مخصوص ڪمرو) پهرين طبقه تي هوندو هو، جنهنڪري هو اچڻ سان نوٽيس بورڊ تي ڳاهٽ ڪري، نوٽيس پڙهي ڏاڪڻ ڏانهن رخ رکنديون هيون. ويچارا شاگرد ”لائين ڪليئر“ ڪيو قطارون ٻڌيو بيهندا هئا، جيسين هو لنگهي وڃن. ڪامن روم ۾ گهڙڻ سان ساهيڙيون مشڪيو، هڪٻئي کي هيج مان کيڪارينديون هيون ۽ ڳالهين ۾ محو ٿيو وينديون هيون. يٽن شٽن، چرچن گهٻن ۽ راندين روندين ۾ وقت گذارينديون هيون. شايد چرچن جي چهر سندن بک لاهيو ڇڏيندي هئي. ڪي پنگ پانگ راند ۾ مشغول ته، ڪي وري بلئرڊ جي ڌن ۾ لڳيون پيون هونديون هيون. ڪي ٿڪجيو آرام ڪرسيءَ تي اهلجي پونديون هيون، ته ڪي وري ڦڻين ڦڪارن کي جنبيون وينديون هيون. هٿ ۾ سهڻي ٿيلهي هوندي هين، جنهن ۾ هار سينگار جو سامان پيو هوندو هون ۽ اهو هو وقت بوقت استعمال ڪنديون هيون، جنهنڪري سينگار ۾ ڪو ڏڦيڙ ڪونه پوندو هون.

ڪامن روم ۾ هنن لاءِ ڪافي کان زياده سهولتون هونديون هيون. منهن ڏسڻ لاءِ آئينه، هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ جڳ ۽ گينڊي، ليٽڻ لاءِ آرام ڪرسيون، پڙهڻ لاءِ اخبارون ۽ راند روند لاءِ وندر جا سڀئي سهنج هوندا هئن.

ڪي موجي ڪڪيون ڪامن روم ۾ بند جي وهڻ پسند ڪين ڪنديون هيون. ڦليليءَ جي ڪپ تي ڊيلن وانگر پسار پيون ڪنديون هيون. ڪي وري پينگهن ۾ پيون لڏنديون هيون. ڪي ڀر واري باغيچي مان نازڪ گلن کي ڇنيو نفيس هٿن ۾ پيون ڦيرائينديون ۽ خوشبوءِ سان دماغ کي معطر ڪنديون هيون. مطلب ته طرحين طرحين جي راحتن ۽ فرحتن وٺڻ ۾ مصروف هونديون هيون.

ڇوڪرين جي موجودگي ڪاليج کي بهشت بنائي ڇڏيندي هئي. ڪي ڇوڪر نيهن جي نيڻن سان انهن ڏانهن نهاريندا هئا ته ڪي خداداد حسن جي دل ۾ تعريف ڪري، ايزد تعاليٰ کي خراج تحسين پيش ڪندا هئا. ڪي شرميلا ڇوڪر ڇوڪرين کان ڇرڪندا هئا ۽ انهن جي منهن تي پاڻ ۾ ئي چرچو گهٻو ڪونه ڪندا هئا، ته ڪي وري ڇوڪرين کي چيڙائڻ خاطر پاڻ ۾ واهيات چرچا ڪندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته ائين ڪرڻ سان اسين پنهنجي پسورائي ٿا پڌري ڪريون. ڪي ٻهراڙي جا هندو شاگرد، جن کي حيدرآباد جا هندو وڇائت ڪري ڪوٺيندا هئا، سي وري ڪڪين ڏي گهور ڪري نهاريندا ها، ڄڻ ته ائين ڪرڻ سان هو ماکيءَ جي مک وانگر گلن جو رس نيڻن جي ذريعي نچوڙي وٺن ٿا. اهڙا نينگر چٽيل واڱڻ ٿيو، اچيو ڪاليج ۾ بيهندا ۽ گهر ۾ وڃو وري خالي پور پچائيندا.

ٻارهين بجي جيئن ڪاليج پورو ٿيندو هو، تيئن هو گاڏين يا بس ذريعي گهر پهچڻ جون تياريون ڪنديون هيون. بک سبب تڪڙيون تڪڙيون بس ۾ چڙهي وڃي، پنهنجن مڪانن تي پهچنديون هيون. ٻڌبو هو ته ماڳن تي پهچڻ تي مائرن کي نرت ماني ڏيڻ جي طلب ڪنديون هيون ۽ چونديون هيون، ته ”امڙ! لنگهڻ سبب مٿي ۾ سور پئجي ويو آهي. جلدي ڏي ماني، نه ته ٿيان ٿي ماندي! ڇاڪاڻ جو هيل تائين ان جي ذري به نه اٿم کاڌي.“ بک ۾ پاهه ٿيڻ بعد نيراني ملڻ تي بدن وسامڻ لڳندو هون، تنهن ڪري ماني کائي ساهه پٽي پينگهي ۾ پڌاربيون هيون. مٿي ۾ سور گهٽائڻ لاءِ زور ڏياري ننڍي ڀيڻ کي لوڏي سمهارڻ لاءِ چونديون هيون. ننڍيون ڀيڻون قرب مان کين لوڏي سمهارينديون هيون.۽ وري شام جو خير سان کين اٿارينديون هيون.

شام جو چهل قدميءَ لاءِ نڪرنديون هيون ۽ جيڪڏهن ڪو ڪاليج ۾ اجتماع هوندو هو، ته مجلس کي رونق وٺائڻ لاءِ پڌاربيون هيون هر هڪ پاڻ سان 2 يا 3 ٻيون ساهيڙيون به آڻيندي هئي، جنهن ڪري سندن تعداد ڇوڪرن جيترو ٿي ويندو هو. ڪاليج جو هال هوندو هو تنگ، جنهن ۾ ڪاليج جا شاگرد مس ماپي سگهندا هئا، پر مهمانن جي ماري سبب ته هيڪاري حالت تنگ ٿي پوندي هئي. ويچارا شاگرد ٻاهر قطارون ڪيو بيٺا هوندا هئا. ڇوڪرين کي سڀ ڪنهن موقعه تي صحيح ترجيح ڏني ويندي هئي، جنهن ڪري شاگردن کي درين مان ليئن پائڻ کان سواءِ ٻيو ڪي به نصيب ڪونه ٿيندو هو.

ڪاليج ۾ مصنوعي طرح آئين ساز اسيمبلي يا پارليامينٽ جو اجلاس ٿيندو هو، جنهن ۾ هر ڪنهن ميمبر کي سوال پڇڻ ۽ مختلف کاتن جي وزيرن کان جواب وٺڻ جو حق هوندو هو. نينگريون عجب جريت کان ڪم وٺنديون هيون. ڪئين آڏا ابتا سوال پڇنديون هيون. رونشي خاطر وري کلائيندڙ جواب ملندا هئن. ڪڪيون پارليامينٽ ۾ بهرو وٺنديون ۽ سڌا سوال پڇنديون هيون، تن جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو.

هڪ ڀيري هڪڙيءَ ڪڪيءَ سوال پڇيو، ته ”سڀئي وزير بندرا آهن، تنهن ڪري وزارت جو شان ٿا گهٽائين. ڇو نٿا کڻي ڊگهين کڙين سان بوٽ پائين؟ يا مشين ۾ پاڻ کي ڇڪائين؟“ ڇوڪري ڏاڍي خوش ٿي، ته مون عجيب ۽ کلائيندڙ سوال پڇيو آهي. هو سوال پڙهندي پئي مشڪي ۽ گد گد ٿي. وزير جواب ڏنو ته ڪڪي بلاشڪ اسان لاءِ کڙين وارا بوٽ آرڊر ڪرائي، ڇاڪاڻ جو اسانکي سندس سوکڙي وٺڻ ۾ ڪو عار نه آهي.“ سوکڙيءَ جو لفظ ٻڌي ڇوڪري ڏاڍي شرمندي ٿي، ويتر جو هڪ ڇوڪر اتي اچي چيو، ته ڪڪيءَ کي وزير نه بنايو ويو آهي، تنهنڪري حسد جي باهه ۾ سڙندي هي سوال ڪيو اٿس، تنهن ته هيڪاري غمگين ڪري ڇڏيس. مطلب ته هو طعنا هڻنديون ۽ تنڪا سهنديون هيون، پر ڪڏهين به مجلسن ۽ اجتماعن ۾ جائز حصه وٺڻ کان ڪين مڙنديون هيون.

رات جو ڏهين بجي گهر موٽي اينديون هيون. ماني ٽڪي کائڻ کان فارغ ٿيڻ تي گهڙيال يارهن جا ٺڪاءَ هڻندو هو ۽ هو ڪرسيءَ تي ڪتاب کڻي پڙهڻ لاءِ وهنديون هيون. هڪ ساري ڏينهن جو ٿڪ، ٻيو ٻيا سڀيئي ستا پيا هوندا هئا، تنهن ڪري بدن ۾ آلس ٿيندو هون ۽ آهسته آهسته ننڊ مٿن غالب پوندي هئي.

محنت نه ڪرڻ ۽ ٿوري پڙهڻ ڪري ڪيتريون ڪڪيون رڳو ڏسڻ جا ٺوهه هونديون هيون. پڙهڻ وقت اوٻاسيون اينديون هئن. امتحانن وقت لکنديون هيون الف سلخنو پر ممتحن ڪندا هئا مهربانيون، جنهن ڪري پاس به هرسال ٿينديون اينديون هيون.


 

 


 


 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org