سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
گلدسته اقوال |
باب:
-- |
صفحو :5 |
تقدير ۽ تدبير
تقدير ۽ تدبير جو مسئلو اهڙو ته منجهائيندڙ ۽
پيچيدو آهي جو جهڙس ٻيو ڪو مشڪل نظر ايندو.
عجب ته انهيءَ ڳالهه جو آهي جو، جنهن به شخص
هن مسئلي تي غور ڪيو آهي ۽ پنهنجي معلومات،
علم، عقل، دماغ ۽ تجربي آهر هنکي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، تنهن نئون ۽ عجيب نتيجو پئي
ڪڍيو آهي. هزارهن بيدار مغز ۽ اعليٰ دماغ
ماڻهن غور پئي ڪيو آهي، پر سڀ ڪنهن علحده پهلو
تي زور پئي ڏنو آهي. ڪو به اهڙو حل ڪونه ڪڍيو
اٿن
جنهن تي متفق ٿي فيصلو ڪن ته هي نتيجو درست
آهي يا غلط، يا گهٽ ۾ گهٽ هنن جو ضمير سندن
فيصلي کي قبول ڪري. انهيءَ هوندي به انهي
مسئله تي غور ڪندڙ فيلسوفن کي ٽن قسمن ۾ وراهي
سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ هر هڪ گروه ۾ ايترا قسم آهن
جيترا انهيءَ جماعت جا فرد آهن.
پهرئين طبقي ۾ اُهي ماڻهو آهن جيڪي روحانيت جا
صاحب آهن ۽ خدا تعاليٰ کي سڀ ڪنهن شي جو خالق
۽ مالڪ سمجهن ٿا. هنن جو خيال آهي ته ڌڻي
تعاليٰ سڀ ڪنهن شي کي اُپائي، پالي ۽ هلائي ٿو
۽ ڪک به هن جي مرضيءَ
کان سواءِ نٿو چري. هنن کي يقين آهي ته الله
تعاليٰ جي امر کان سواءِ ڪابه شي بذات خود
ڪجهه نٿي ڪري سگهي. اُهي ماڻهو انهي عقيدي
مطابق تدبير کي نه فقط تڇ ڪري سمجهن ٿا بلڪ
تدبير کي هڪ بي معنيٰ لفظ تصور ڪن ٿا. هنن جي
خيال موجب جيڪڏهن ڪا شي تقدير ۾ آهي ته الله
جي امر سان انسان خودبخود انکي حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش (تدبير) ڪري ٿو ۽ اها شي هنکي ملي ٿي پر
جيڪڏهن ڪا شي مقدر ۾ لکيل ئي ڪانهي ته انسان
ان جي حاصل ڪرڻ جو سعيو ئي نٿو ڪري سگهي پر
جيڪڏهن ڪوشش ڪندو ته به اجائي ٿيندي. انهيءَ
ڪري چيو اٿن ته
”لکيو منجهه نراڙ،
قلم ڪياڙي نه وهي.“
اُهي ماڻهو انهي عقيدي تي اهڙا ته محڪم آهن جو
دنيا جا تجربا ۽ روز مره جا مشاهد (Observations)
به انهن کي انهي عقيدي کان هٽائي نٿا سگهن. هي
تقدير ۽ تدبير جي بحث جي وهڪري جي هن پار بيٺا
آهن ۽ ٻيءَ ڪنڌي تي بيٺلن سان ڪوبه واسطو نٿا
رکن.
وهڪري جي پار بيٺل جماعت جا فرد روحانيت کي
بلڪل ڪونه ٿا مڃين، هو ماديت (Materialism)
جا حامي آهن. هنن جي نگاهه ۾ تقدير هڪ بي
معنيٰ اکر آهي. هن گروه جي فردن جو خدا تعاليٰ
۾ اعتقاد ڪونهي. هنن ليکي ته الله آهي ئي
ڪونه. هو خدا تعاليٰ جي هستيءَ
جا منڪر آهن تنهنڪري (تقدير) (امر ازلي) کان
پڻ منهن موڙيو ويٺا آهن. هن گروه
جا فرد تدبير جا اهڙا ته سخت قائل آهن، جو
ڪوشش جي ناڪاميابين بعد به پنهنجي ضد تان نٿا
لهن. هن قسم جا ماڻهو سخت ۾ سخت ڪوشش کان پوءِ
به جيڪڏهن فتحياب نٿا ٿين ته هميشه دل بهلائڻ،
۽ دل کي تسلي ۽ ڏڍ ڏيڻ لاءِ چوندا آهن ته
تدبير ۾ ڪا ضرور ڪٿي ڪوتاهي ڪئي هونديسون يا
ڪو غلط رستو اختيار ڪيو هوندوسون، تنهن ڪري
وري نئين سر ڪوشش ڪرڻ کپي. هو ائين ڪندي هميشہ
پيا تازيون ڪوششون
۽ تدبيرون ڪن ۽ پنهنجو وقت انهي ۾ صرف ڪن.
جيڪڏهن هو، ڪنهن ڪوشش ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته
تقدير جي قائلن تي دل کولي کلن ٿا. پر تقدير
جا حامي هنن کي جواب ڏيندا آهن، ته انهي ڳالهه
۾ ڪاميابي توهانجي تقدير ۾ لکيل هئي، ورنه
توهين قيامت تائين پيا ڪوشش ڪريو ها ته به
ڪجهه ڪين وري ها.“
ٽئين گروه جا فرد، مٿين ٻنهي ڪئمپن مان ڀڄي
آيل سپاهين جو مجموع آهن، پهرين گروهه جي
ماڻهن مان جيڪي انهي عقيدي ۾ گهٽ ايمان رکڻ
وارا هئا تن ڀڄي تدبير جي حامين جي منزل ڏانهن
رخ رکيو. هنن کي اميد هئي ته شايد ٻئي منزل
گاه ۾ وڌيڪ آرام ۽ فرحت هوندي. ساڳي طرح تدبير
جي ڪئمپ مان به ڪي ڪڪ ٿي، روحانيت جي پر اميد
فضا ۾ راحت جون گهڙيون بسر ڪرڻ ويا. واٽ تي
ٻنهي طرفن جا ماڻهو مليا. زماني جي دستور موجب
هڪڙي گروه ٻئي گروه کان پڇيو ته ”ڪٿان آيا
آهيو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ جتان آيا آهيو،
اها جڳهه ڪئن هئي ۽ ڇو انهيءَ جاءِ کي خيرباد
چئي
آيا آهيو؟“ هڪڙن پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا ۽ ٻين
به پنهنجي احوال کان هنن کي واقف ڪيو. نتيجو
اهو نڪتو جو ٻنهي ڌرين وڌيڪ سفر ڪرڻ جو خيال
ملتوي يا ترڪ ڪيو ۽ پاڻ ۾ ڀاڪر پائي عهد ۽
اقرار ڪيائون ته اسين پاڻ ۾ هم خيال ٿي رهڻ جي
ڪوشش ڪنداسون. ائين انهيءَ نموني ۾ هڪ گروه
بنجي پيو. بحث مباحثه ۽ تبادله خيالات کان
پوءِ هن فيصلي تي پهتا ته تقدير ۽ تدبير ٻئي
لازمي آهن. تدبير کان سواءِ تقدير جي ڪابه
اهميت ڪانهي ۽ تقدير بغير تدبير بيڪار آهي.
ڪي شيون اهڙيون آهن جن تي خداوند ڪريم ماڻهوءَ
کي قادر ڪيو آهي (يعني جن تي انسان کي ڪلي
اختيار آهي) جيڪڏهن اسين انهن جي حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪنداسين ته ڪابه رنڊڪ درپيش ڪانه ايندي ۽
اسين انهي ۾ ڪامياب ٿينداسون، بشرطيڪ تدبير
درست ۽ سعيو مسلسل (لاڳيتو) هوندو. ڪي اهڙيون
شيون آهن جن جي واڳ ڌڻي تعاليٰ پنهنجي هٿ ۾
رکي آهي. جيڪڏهن اسين هن جي مرضي مطابق معمولي
ڪوشش ڪنداسين ته به ڪامياب ٿينداسون پر جيڪڏهن
قدرت جي منشا جي خلاف سعيو ڪنداسين ته اسانجي
مشقت ۽ محنت رائگان ٿيندي ۽ اسان جي اميد صرف
اميد ئي رهندي ۽ ڪڏهن به ڪاميابي جو مزو ڪونه
ماڻينداسين.
هتان ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ شروع ٿي. ڪن سوال ڪيو ته
ڪيئن معلوم ڪري سگهبو ته هيءَ شي انسان جي
اختيار ۾ آهي ۽ هيءَ ڌڻي تعاليٰ جي قبضي ۾
آهي. جيسين انهي ڳالهه جي ٻُوجهه
نه پوندي تيسين دل لائي ڪم ڪونه ڪنداسون.
پوءِ سڀ ڪنهن ڪم شروع ڪرڻ مهل اسان جي دل ۾ هي
گمان پيدا ٿيندو ته ممڪن آهي ته هي ڪم خدا
تعاليٰ جي منشا جي خلاف هجي. انهي ڊپ ڪري اسان
ويهن نهن جو زور ڪونه لڳائينداسون. تنهنڪري
نتيجو اهو نڪرندو جو گهڻو ڪري سڀ ڪنهن ڪم ۾
اسين ناڪام رهنداسين ۽ نيٺ اسان کي حسرت جا هٿ
مهٽڻا پوندا.
هن گروه جي سڀ ڪنهن شخص پنهنجي وت آهر بحث
مباحثه ۾ بهرو ورتو. ڪنهن چيو ته ڪي شيون
اهڙيون آهن جي دهل تي ڏوڪو هڻيو پيون پڪارين
ته اسين قادر جي قبضي ۾ آهيون. انهن ڪمن ڪرڻ ۾
توهان جون سڀ ڪوششون بيڪار ٿينديون. مرڻ سڀ
ڪنهن انسان جي مقدر ۾ لکيل آهي. ڪوشش ڪري موت
جي چنبي مان ته ڇٽي ڏيکاري! ڪن وري نبين ۽
ولين جا قول ۽ قصا ٻڌائي هن مسئله کي صاف ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي پر جيئن بحث ويو وڌندو تيئن
مونجهارو به ويو وڌندو.
تقدير ۽ تدبير
هڪ اسرار آهي. انهي ڳجهه ۾ هٿ وجهڻ ۽ اهو راز
فاش ڪرڻ
عقل جي دائري کان ٻاهر آهي. حافظ شيرازي ڪونه
چيو آهي:-
”حديث از مطرب و مي گو و راز از دهر کمتر جو
که کس لکشودو
نه کشايد بحکمت اين
معما را.“
هر هڪ گروه پنهنجي عقيدن کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ
ڪجهه تجربا، مشاهدا ۽ آزمودا، قصن، ڪهاڻين ۽
ڏند ڪٿائن جي صورت ۾ پيش ڪيا آهن. اهڙيون
هزارها آکاڻيون ٻڌيون اٿئون پر هتي آءٌ فقط هڪ
گروه جو هڪڙو چٽڪو بيان ڪندس.
هڪڙو غريب ماڻهو هوندو هو، جو پنهنجي غربت ڪري
اچي پريشان ٿيو. ٻين کي آسودو ڏسي هن کي رشڪ
پيو ٿيندو هو ته من ڪڏهن منهنجي به قسمت کلي
پوي. ڪيترن ماڻهن سان تقدير بنسبت پيو گفتگو
ڪندو هو ۽ پيو پنهنجو
ڀاڳ پٽيندو
هو. هڪڙي رات پهه پچائيندي اک لڳي ويس. ڇا
ڏسي! ته هڪڙي ڪشادي ميدان ۾ پيو پنڌ ڪريان.
هلندي هلندي ٿڪجي پيو ۽ پريان هڪ تمام بلند ۽
ڪشادي ڀت نظر آيس ۽ خيال ڪيائين ته هلي ڏسان
ته اهو ڪهڙو عجيب محلات آهي. جيئن ويجهو ايندو
ويو تيئن اها ڀت وڏي ٿيندي ويئي ۽ سڄي ڀت ۾
ڪيترا سوراخ ڏٺائين. ڪن ٽونگن مان پاڻي آهستي
آهستي ۽ ڪن مان پاڻي زور سان وهندو ڏسڻ ۾ آيس
۽ ڪن مان ڦڙو ڦڙو ٿي وهندو ڏٺائين. عجب ۾ پئجي
ويو پر ڀت جي سوراخن ۽ پاڻيءَ جي وهڻ جي معنيٰ
۽ مقصد سمجهي ڪونه سگهيو. اڃا انهيءَ حيرت ۾
ويٺو هو ۽ پئي خيال ڪيائين ته ڪو ماڻهو ڏسان
جو ڀت جي راز کان واقف
ڪريم، ته هڪ نوراني شڪل وارو اڇي ڏاڙهيءَ
سان بزرگ نظر آيس. ڊڄندي ڊڄندي ان کان سلام
ڪري پڇيائين ته مهرباني ڪري هن ڀت جي بناوت
بنسبت ڪا حقيقت ٻڌايوم.
بزرگ ٻڌايس ته هي انسان ذات جي مقدر جو حقيقي
خاڪو آهي ۽ هنن سوراخن مان پاڻيءَ
جي مختلف رفتار، ماڻهن جي چڱي قسمت يا ڦٽل ڀاڳ
جي نشاني آهي. پاڻيءَ جي رفتار ۾ ڦير ڦار خدا
تعاليٰ جي حڪم سان ٿئي ٿي.
هن ماڻهوءَ جي حيرت
جي نه حد رهي نه حساب. نهايت معصوميت سان
پڇيائين ته منهنجي قسمت جو سوراخ به هن ڀت ۾
آهي يا نه؟ درويش چيس ته ها. آڱر سان اشارو
ڪري هنکي سندس ڀاڳ جو آهستي وهندڙ سوراخ
ڏيکاريائين. هو انهيءَ سوراخ کي غور سان ڏسڻ ۾
محو ٿي ويو. ڇا ڏسي ته پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿيو پيو
ٽمي. اڃا کڻي لئوڻو ڦيرائي ته درويش لهي ئي
ڪونه. اتي خيال آيس ته شايد منهنجي
قسمت
جي سوراخ ۾ ڪو پٿر اچي ڦاٿو آهي جنهنڪري پاڻي
آهستي وهي ٿو. ڇو نه ڪا ڪاٺي کڻي اهو پٿر پري
ڪري ڇڏيان؟ ڪاٺيءَ جي ڳولا ۾ لڳي ويو. گهڻي
جستجو کان پوءِ هڪ ڪانو لڌائين پر هنکي ڏاڍو
ڏک ٿيو جڏهن ڏٺائين ته ڪاٺي ننڍي آهي ۽ سوراخ
تائين
نٿي
پهچي. وري به ڪمرڪشي وڏا ڇانڀا ميڙي آيو ۽ مڙس
سڄو پگهر ۾ پسي ويو. آخر هڪ ٿلهو ٺاهي اُن تي
چڙهي بيهي سوراخ ۾ ڪاٺي جهوڪڻ لڳو، انهيءَ
لاءِ ته ناليءَ جو منهن صفا ٿي وڃي ۽ پاڻي
آسانيءَ سان وهڻ لڳي. اڃا اها ڪوشش پئي ڪيائين
ته پٿر گسڪي ويا ۽ هي اچي منهن ڀر هيٺ ڪريو.
ڪاٺي ڀڄي پئي ۽ اڌ سوراخ ۾ ئي رهجي وئي ۽ نالي
مان پاڻي اچڻ جي رفتار گهٽجي وئي. اوڏي مهل
سندس اک کلي پئي ڏسي ته منجي، جنهن تي هو ستو
پيو هو تنهن جي پٽي ٽٽي پئي آهي ۽ پاڻ هيٺ
زمين تي ڪريو پيو آهي.