سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: گلدسته اقوال

باب: --

صفحو :3

 

ڏک

 

شاهه عبداللطيف جو قول آهي، ته

 

ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.

 

ڏک دل جو دارون ۽ اندر جو اوجالو آهن، جيئن حڪيم ڪوڙيون ۽ تلخ دوائون ڏئي مريض کي صحتياب ڪندو آهي، تيئن الله تعاليٰ انسان کي ڏکن جي کوري ۾ سوڌي سون ڪندو آهي. ڏک سکن جو پيشخيمون آهن. جيئن راتين پٺيان ڏينهن ۽ گرمين پٺيان مينهن، تيئن وري زحمتن پٺيان رحمتون ۽ ڏکن پٺيان برڪتون. دنيوي خسارتن سهڻ ڪري ملن ٿيون آسماني بشارتون. رات جي هولناڪ تاريڪيءَ بعد ئي صبح صادق جي اميد افزا روشنائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڏکن ڪري دل پاڪ ۽ اندر صاف ٿئي ٿو. خوشيءَ ۾ خدا فراموش ٿيو وڃي، دل ۾ غرور ۽ من ۾ مستي پيدا ٿيو پوي. فرحتن ۾ انسان خداداد شين کي پنهنجي قابليت سان حاصل ڪيل راحتون تصور ڪري ٿو، جنهنڪري ڏيندڙ ڏاتار کان منهن موڙيو ڇڏي. ڏکن ڪري ئي انسان پنهنجي ضعف ۽ ناداري کي محسوس ڪري ٿو ڏکن ڪري ماڻهو اهو محسوس ڪري ٿو ته جيڪي اٿم، سو ڪنهن جي نوازش جو ادنيٰ ڪرشمه آهي ۽ نه پنهنجي قابليت جو اعليٰ نتيجو. انسان جي لاچاري ۽ بي بسي ڏکن وقت اهڙي عيان ٿيو پوي، جو انجي بيان جي حاجت ئي نٿي رهي.

هن دنيا ۾ آخري منزل موت آهي. جنهن صورت ۾ هر ڪنهن کي آخري منزل تائين ضرور پهچڻو آهي، ته پوءِ دنيوي ڏکن ۽ سورن اڳيان ڇو پوتي ڇوڙي وهي رهجي؟ دنيا ۾ لاها چاڙها لازمي آهن. محنت ۽ مشقت بعد فرحت ۽ راحت وڌيڪ مزو ڏئي ٿي، تنهنڪري اهڙي مزيدار شي کان ڇو ٿو وئون وڃين؟

ڏک ايمانداريءَ جي ڪسوٽي آهن. جيسين ڪنهن ڏک نه ڏٺو آهي، تيسين هن کي خبر ئي نه پوندي ته آءٌ واقعي ديانتدار آهيان يانه. ڏک ۾ استقلال سان اصولن تي محڪم رهڻ ڪري انسان پنهنجي مستقل مزاجي جي پرک ڪري سگهي ٿو. خوشيءَ ۾ هر ڪو پاڻ کي اصولن جو پابند سمجهندو آهي، پر ڏکن ۾ اصولن مطابق عمل ڪرڻ ئي هڪ قسم جو امتحان آهي. ڏک رڳو پنهنجي ايمانداريءَ جو امتحان نه آهن، پر ساڳئي وقت دوستن جي مخلصيءَ جي پڻ آزمائش آهن. لاف زن دوستن ۽ احبابن کي پرکڻ جو صحيح ۽ سچو طريقو پڻ ڏک آهن. چاپلوس احباب ڏکن وقت ائين ڀڄن ٿا، جيئن ڪانءُ ڀڄي کاري هيٺان. دوستن کي تڪي توري آزمائڻ جي حقيقي ترازو ڏک آهن.

جنهن تي ڪا مصيبت نازل نه ٿي آهي، تنهن کي نه پنهنجي لڪل قابليتن ظاهر ڪرڻ جو موقعه مليو آهي ۽ نه خود شناسيءَ جو. انسان ۾ ڪئين اهڙيون خصوصيتون آهن، جيڪي آرام ۽ خوشيءَ جي وقت ۾ لڪل رهن ٿيون، پر مصيبت وقت دقتن دفع ڪرڻ لاءِ نڪريو نروار ٿين. خوشحالي ۽ فارغ الباني جي نعمتن لاءِ سڀڪو تمنا رکي ٿو، پر مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي متاع ۽ مڏيءَ کي گهٽ سمجهڻ احمقپائي آهي. فارغ الباليءَ ۾ ڪئين خوف ۽ خطرا معمور آهن ۽ ڏکن ۾ وري ڪئين اميدون ۽ آسرا ۽ فرحتون ۽ راحتون سمايل آهن. ماٺي پاڻيءَ ۾ جهاز راني ڪندڙ خلاصي ڪڏهين به قابل ۽ ماهر خلاصي هجڻ جو دم هڻي نه سگهندو. مصيبتن جو طوفان اسان کي زياده تيز فهم، بردبار، ايماندار ۽ صابر بنائي ٿو. ڏک ڏاکڙا بيوقوفن جو هانءُ هيڻون ڪن ٿا، گيدين کي مغموم، سياڻن کي جوهر ڏيکارڻ لاءِ آماده، آرام پسندن کي خوفزده ۽ سستن کي محنتي ڪن ٿا.


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org