سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: گلدسته اقوال

باب: --

صفحو :4

 

حضرت عشق

 

دنيا ۾ حضرت عشق جهڙو ڪو ٻيو ناميارو ڪونه هوندو. هرڪو ٿو کيس سڃاڻي ۽ ڄاڻي. ننڍو خواه وڏو، ٻار توڻي ٻڍو، يوڳي ۽ انسان توڻي حيوان سڀڪو سندس دام ۾ ڦاٿل آهي. اسان مان سڀ ڪنهن کي مجبوراً پيار جي پيچ ۾ اچڻو پوي ٿو پر اهو جبر ڪهڙو نه دلڪش ۽ وڻندڙ آهي! عشق چوڏهن مان هڪ جبلت آهي، جنهنڪري ننڍي ۾ به ڄائي ڄم کان موجود آهي. رواجي طرح سان انهي جذبه کي شهوت چيو وڃي ٿو، تنهنڪري حيوانن ۾ به آهي. حقيقت ۾ شهوت پچي راس ٿيڻ بعد ئي محبت ٿئي ٿي. شهوت کي ڦري حقيقي محبت ٿيڻ لاءِ ڪئين منزلون طي ڪرڻيون پون ٿيون. نفساني خواهشن جي پورائي کي شهوت چئجي ٿو، جا محبت جو ادنيٰ درجه آهي. ڪنهن انسان سان محبت جي مٺائي ونڊڻ جي تمنا کي مجازي عشق سان موسوم ڪيو وڃي ٿو، پر پنهنجي خالق سان لنءُ لڳائڻ ۽ حقيقي بحر ۾ غوطن کائڻ کي حقيقي عشق چيو وڃي ٿو. مائٽ جو اولاد لاءِ ۽ اولاد جو مائٽ لاءِ پيار حقيقي عشق جي شاخ آهي.

عشق جون وصفون ايتريون ته گهڻيون ۽ نراليون آهن جو هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ مشڪل آهن. مختلف اديبن ۽ عشق جي گوناگون پهلن کي جدا جدا نموني ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي موزون ٿي سگهن ٿيون.

محبت هڪ قسم جو فن آهي. مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته محبت هڪ جبلت آهي. هاڻي هي متضاد ڳالهيون هڪ ئي وقت ڪيئن قبول ڪجن؟ محبت ڪيئن فن يا هنر ٿي سگهي ٿي، تنهن کي سمجهڻ لاءِ فن جي وصف ۽ تشريح جي ٿوري ضرورت آهي. فن آهي فطرتي شين ۾ انساني ڪيل اضافو – مثلاً هڪ نقاش لاءِ فطرت مواد موجود ڪيو ڇڏي، جهڙوڪ وڻ ٽڻ، گل ڦل، نهرون ۽ ناريون، بي جان ۽ جاندار شيون. نقاش انهن کي ڇنڊي ڇوڻي اهڙي دلڪش نظام هيٺ آڻي ٿو، جو طبيعت خوش ٿيو وڃي. ساڳي طرح فطرت ڊراما لاءِ پڻ مواد موجود ڪيو ڏي، جهڙوڪ روڄ راڙو، اميدون ۽ آسرا، امنگون ۽ تمنائون. اديب انهن مان فائدو وٺي کلائڻ يا رئارڻ لاءِ مسودو تيار ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت فطرت نر ۽ ماد پيدا ڪري انهي جي وصل مان اولاد جي پيدائش جو سلسله سٽيو آهي. جيڪڏهين اسين فقط انهيءَ جبلت يا فطرتي جذبه ماتحت هلون ته جيڪر اسان وٽ عشق جو نالو ئي ڪونه هجي ۽ فقط شهوت لفظ استعمال ڪيو وڃي. انسان شهوت تي قابض پئي، ان کي محبت ۾ مبدل ڪري ٿو، جنهنڪري عشق کي فن چئي سگهجي ٿو.

نفساني يا حيواني خواهش جٽادار ڪين آهي، ان جي پوري ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت گهرجي، پوءِ جو انسان جي محبت حيوانن جي محبت جي برعڪس گهڻو وقت هلي ٿي، تنهن لاءِ شهوت جو پچي راس ٿيڻ ئي جوابدار آهي. انسان جي انسان سان محبت ايتري پائدار ٿيندي جيتري انهن جي ڄمار هوندي. پر ڌڻي چونڪ غير فاني آهي تنهنڪري ان سان محبت به غير فاني آهي.

عشق بي بها پارس آهي، جنهن جي ڇهڻ سان انسان جو هٿ سون ٿيو پوي. عشق اها گرماش آهي جنهن ۾ ٿڌڪار آهي. اُها مٺائي آهي، جنهن ۾ تلخاڻ آهي. اُهو سور آهي، جنهن ۾ فرحت آهي، اُهو درد آهي جو اسانجي خيالن کي اکيون ۽ ڪن عطا ڪري ٿو، جو خواهش مان پيدا ٿئي ٿو ۽ وصال جو طلبگار آهي. عشق ماليخوليا ڪين آهي، پر تنهن هوندي به گهڻا اوساڻ اهڙا اٿس:

عاشقان را شش نشاني اي پسر،

آه سرد و رنگ زرد و چشم تر،

آه و زاري بيقراري در بدر.

عشق دل جي پليدگيءَ ۽ خوديءَ کي ڌوئي صاف ڪري ٿو. الفت عاشق کي سهڻي سيرت ڌارڻ تي آماده ڪري ٿي، حياتيءَ جي هر هڪ فعل کي بامقصد بڻائي ٿي ۽ مڙد توڙي عورت کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بنائي ٿي. ڪيترن سفله مزاج ماڻهن کي محبت چڱائيءَ جو مجسمه ڪريو ڇڏيو. محبت فطرت جو اوزار، معاشرتي زندگيءَ کي پخته ڪرڻ جي ڪڙي، ماڻهن جي پيدائش جو باعث ۽ انسان جي روح جي ترقيءَ جو ڪارڻ آهي. عشق سواءِ زندگي ڪهڙي؟ محبت جي ميٺاج بنا حياتيءَ جي حيثيت ڪهڙي؟ عشق سواءِ دنيا اونداهه، زندگي وبال، حياتي جنجال آهي. بي عشق انسان مڙدن جي برابر ۽ ان جي دنيا نسورو نگهوسار هوندي. عشق اها پاڪ باهه آهي، جنهن کي روشن رکڻ لاءِ سڀئي خيال، جذبا، خوشيون، اميدون ۽ آسرا جيڪي انسان جي دل اندر موجود آهن يا اڀرن ٿا، استعمال ڪيا وڃن ٿا.

عشق اهو خوشبودار ۽ حسين گل آهي، جنهن کي ڇهي نٿو سگهجي، پر ساڳئي وقت ان جي خوشبوءِ دنيا جي باغ کي بهاري ڏئي ٿي ۽ دماغ کي معطر ڪريو ڇڏي. هن هڪڙي گل جي ڪومائجڻ تي بوستان اُجڙ ٿيو وڃي ۽ دنيا اونداهي قبر جي مثل ٿيو پوي.

جوانيءَ ۾ عشق دل جي عيوض اکين ۾ سمايل ٿئي ٿو. حسن جي جلوه تي فريفته ٿي نوجوان بره جي باهه ۾ جلڻ شروع ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو چيو وڃي ٿو ته عشق دل جو دونهون آهي، جو ٿڌن شوڪارن گرم لڙڪن مان پيدا ٿئي ٿو. محبت چريائي آهي ۽ ماکيءَ کان مٺي، پر زهر کان تلخ مٺائي آهي. عاشق جي دل جي ڪيفيت بيان ڪندي شاعر ٿو چوي ته

”دل ۾ درد دکن، لکين پور پون، سوين سور سجهن،

اهو ناه مرڻ ٻيو ڇاهي ڙي.“

عشق روز مره جو موت ۽ ساڳئي وقت اَبدي حياتي آهي. ٻيو شاعر عشق تي ٺٺولي ڪندي ٿو فرمائي ته

”کهتـﻶ هين جسکو عشق، خلل هـﻶ دماغ کا.“

هڪ ٻيو اديب ٿو فرمائي ته ”اهو عشق نه چئبو جو موقعه پائي مبدل ٿئي ۽ وجهه وٺي ڀونئر وانگر هر هن گل تي ۽ هر هن گل تي رس چوسڻ ۽ سواد وٺڻ لاءِ واسو ڪري. عشق ته هڪ لاثاني ۽ غير مبدل روشنائي آهي، جيڪا گمراهن لاءِ تارن مثل رهبر ۽ ڀٽڪيلن واسطي ڪامل مرشد مثل آهي.

ڪنهن انسان لاءِ دل ۾ محبت گهڻن ئي سببن ڪري پيدا ٿئي ٿي. ڪو صورت ۽ سونهن تي مست ٿئي ٿو ته ڪو سيرت پسي مفتون ٿئي ٿو. ڪو کلندڙ اکين تي عاشق ٿئي ٿو ته ڪو خوش اخلاقيءَ تي. صورت يا ٻاهرين سونهه ۽ سوڀيا بي بقا آهي. ڪنهن جو به حسن لازوال ڪونه آهي، تنهنڪري صورت جا متوالا ڪڍيو عقل جا ڏيوالا، پاڇي پٺيان پيا ڦرن. اهڙو عشق ڦشق آهي ۽ اهڙو ئي فاني آهي، جهڙو حسن. سيرت جا شيدائي ابدي عشق ماڻي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو اخلاقن جو گل ڪوماڻجڻ جو ئي ڪونهي. صورت به انهي جي سهڻي، جنهن جي سيرت سٺي. اهو عشق جنهن جي پيڙه پاڪيزگيءَ(virtue) تي ٻڌل آهي، سو اهڙو ئي فنا ٿيندو جهڙو خود پاڪيزگي (virtue).

عشق انڌو آهي. چونڪ عاشق معشوق معمولي عيب ۽ اوگڻ نٿو ڏسي. عشق جي بخار چڙهڻ سان عقل تي پردو پئجيو وڃي، جنهنڪري سواءِ دوست جي ٻي ڪا ڳالهه ئي نٿي اُڄهي. عاشق محبوب جون وصفون پسي ٿو، پر وِڏن ڏسڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. عاشق محبوب کي دوربينيءَ سان ملاحظه ڪري ٿو، پر هڪ عاقل خوردبينيءَ سان. عشق ٻن انسانن جي دلين جي وچ ۾ بنا تند ۽ تار جي ٽپالي سرشتو قائم ڪري ٿو، جنهن ڪري مٺو ۽ منٺار ٻئي هڪ ٻئي جا دلي احساسات ۽ جذبات پروڙي سگهن ٿا، پر غلطيون نظرانداز  ڪيو ڇڏين. دوست جي وِڏن تي لطف ڪري پردو وجهڻ ۽ ان جا اوصاف گهر گهر ڳائڻ ڪهڙو نه عمدو ۽ پسنديده فعل آهي. عشق هڪ فطرتي پردو آهي، جنهن تي تصور نقش ڪڍي نروار ڪري ٿو. عشق زندگيءَ جي گل جي رس آهي. دنيا جي ڏکن ۽ ڏاکڙن، دردن ۽ سورن، لاهين ۽ چاڙهين، بيقرارين ۽ بيزارين جو واحد علاج عشق آهي. عشق ڏاتر جي ڏنل ڏات ۽ الله تعاليٰ جي عطا ڪيل قوت آهي، جيڪا سان کي معجزن ڪرڻ لاءِ لائق بڻائي رهي آهي. فرهاد ڪيئن جبل ٽاڪي رستو ڪڍيو! راڻي ڪيئن ڪاڪ جو جادو ڀڳو!! سهڻيءَ ڪيئن ڪچي گهڙي تي مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏنو!!

ڏاکڙا محبت جو ڏاج آهن. نينهن اهو لائي، جو سر سهائي. بره جي باهه ۾ اهو ٽپي پوي، جيڪر سر جو سانگو لاهي، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تڙڦي. طالب کي محبت جي ميدان ۾ سڀ سانگا لاهي، پتنگ جيان پنهنجي شمع کي رسڻ خاطر، مچ ۾ ٽپي پوڻ جڳائي. ڏک ۽ ڏاکڙا، جفاڪشيون ۽ جانفشانيون، تڪليفون ۽ تنگيون، طعنه ۽ تهمتون، سور ۽ سختيون ۽ مارون ۽ موچڙا عشق جي ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو آهن. ”عشق نه آهي راند جو کيڏنس ڳڀرو“ جي مصداق موجب ”جي تو سڪڻ سکيو، ته ڪاتيءَ پئي ۾ ڪنجهه“. عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي وهسن گهڻو. جيڪڏهن تون ساه جو سانگو ڪرين ته پير هن پڙ ۾ نه پاءِ. ڇاڪاڻ جو ”عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.“ سچي سڪ جي سبيل سبب سهڻيءَ ساه سڪائي، سون سپن سانڍيل ساگر ۾ سر سهسايو. مٺي مارئيءَ مائٽن جي محبت ۾ مستانه وار عمر جي ماڙين ۾ منجهي، ماروئڙن جو منهن مٿي ڪيو. پيار جي پڪي پيچ ۾ پڪڙيل سسئي پختن پهاڙن تي پير پٿون ڪري پنهنجي پياري پتنگ پنهونءَ کي پهچڻ لاءِ پئي ٻاڪاريو. انهن سڀني اهڙو ته پريم جو پاڻي پيتو هو، جو تڪليفن هوندي به پوئين پساهه تائين به پل پل پئي پريتم پڪاريو. مطلب ته مصيبت محبت جو مرڪ آهي.


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org