سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
گلدسته اقوال |
باب:
-- |
صفحو :10 |
جواني ۽ پيري
اڇن وارن ۽ منهن جي گهنجن تي پيري يا جوانيءَ
جو انحصار نه آهي. ڪيترا اڇن وارن وارا عمر
رسيده انسان، جوانن کان به جوان ڏٺاسين. هنن
جي دل جوان هوندي آهي، جنهنڪري حياتيءَ مان
اهو ئي جواني وارو حظ
حاصل
پيا ڪندا آهن. ڪيترا جوان زندگيءَ جي مزن کان
محروم، پوڙهن وانگر ڪنڊ وٺيو، چيلهه چٻي ڪيو
پيا هوندا آهن. زندگيءَ مان لطف حاصل ڪرڻ جي
طاقت کي ئي جواني چوڻ جڳائي. انهيءَ حساب سان
پيري به دل تي ئي مدار رکي ٿي ۽ نه جسماني ڏيک
يا وڏي عمر تي. پيريءَ ۾ جيڪو جوان نه آهي،
تنهن لاءِ حياتي وبال آهي پر جيئن جوانيءَ ۾
سالم دماغ رکڻ مشڪل آهي، تيئن پيريءَ ۾ جوان
دل رکڻ مشڪل آهي، پر مشڪل حل ڪرڻ ۾ ته جواني
آهي.
جواني خطا، جوان مڙدي جدوجهد ۽ پيري پشيماني
جو ٻيو نالو آهي. جوانيءَ جون خطائون پيريءَ
جي سمجهه ۽ سياڻپ کان بهتر آهن. انهيءَ ڪري
چيو اٿن، ته جواني ۾ جيڪو ٻالو ڀولو هوندو، سو
پيريءَ ۾ شيطان جو چيلو ٿيندو.
جواني ديواني آهي، پر پيري پشيماني آهي. جواني
اميد تي، پر پيري ماضيءَ جي ياد تي لڳي ٿي.
جواني مختلف روپن ۾ نمودار ٿئي ٿي، پر پيري
فقط فڪر ۽ ڳڻتيءَ جي صورت اختيار ڪري ٿي. جوان
پيو پنهنجي پسورائي ظاهر ڪندو، پر پير مڙد ويٺو
گذشته واقيات جون آکاڻيون کڻندو. غرض
ٻنهي
جو ساڳيو آهي، فقط طريقا مختلف آهن. عشق پچائڻ
جواني جو مرڪ آهي پر پيريءَ لاءِ سزا آهي.
پيري لاءِ موت لازمي آهي، پر جواني لاءِ
قضا
آهي. جوان الڳ الڳ نمونن جا ٿين ٿا، پر پير
مرد هڪئي قسم جا ڳڻتي خور ٿين ٿا. جواني ۾ جي
ڪو نه رنو، ته حيران آهي، پر پيريءَ ۾ نه کليو
ته بيوقوف آهي. جوان لذت ۽ لطف پٺيان
چريو رهي ٿو، پر پير مرد ڳڻتين ۾ ڳري غم سهي
ٿو. جوان زندگي جي مزي تي مفتون رهي ٿو، پر
پير مرد انديشي ۽ احتياط کان ڪم وٺي ٿو. هڪ
بهار جي موسم مثل آهي، ته ٻيو وري خزان
جي دور جو ديده ور آهي، هڪ راند روند جو پيش
امام آهي، ته ٻيو
وري
دلڪشيءَ جو دربان آهي. هڪ چستي ۽ چالاڪي جو
مجسمو آهي، ته ٻيو وري سستيءَ ۽ ڪاهليءَ جو
پتلو آهي. جوان تيز مزاج ۽ ڪوتاه بين آهي، پر
پير مرد برد بار
۽
دوربين آهي. هڪ هوڙ ۽ ڪور آهي، ٻيو انهن ٻنهي
نقصن کان دور آهي. جوان رفته رفته سياڻو ٿيندو
ويندو، پر پير مرد رفته رفته اياڻو بنبو
ويندو. جوان دراز زندگي لاءِ تمنا رکي ٿو، پر
پير مرد ٿيڻ پسند نٿو ڪري. پير مڙد به وڏي عمر
لاءِ الله کي التجا ڪري ٿو، پر جواني جو دور
دوباره گهري ٿو. جوان ۽ پير مرد ٻئي پيريءَ
کان پناهه گهرن ٿا، پر پيري حقيقت ۾ اهڙو نفرت
ڀريو وقت نه آهي، بشرطيڪ دماغ سالم ۽ دل زنده
آهي. ٻڍو ماڻهو ننڍن کي نصيحتون ڪري ٿو، ڇاڪاڻ
جو سهو ون ڪري پرايو اٿس، پر جوان خود خطائون
ڪري سکڻ گهري ٿو. چوندا آهن ته پوڙهو ٻئي ڪم
کان ويو، ته نصيحتن ڪرڻ کان ته نه ويندو! عمر
ٿي اسي، ته مت کسي، پر اسيءَ وارو پاڻ کي ڇسي
سمجهڻ عيوض، عقل جو اڪابر سمجهندو.
وڏي عمر وارو ننڍي ٻار مثل ٿيندو آهي. اهو
ٻالڪپڻي جو ٻيو دور، اڳئين کان زياده خراب
ٿيندو آهي، جنهن ۾ ماڻهو ضعيف، دائم المريض ۽
سورن جو ساٿي ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ پير مڙد
حياتيءَ تي ويٺو چٿرون ڪندو، ته به مرڻ کان
پيو ڊڄندو ۽ ڪيٻائيندو. جوان حياتيءَ تان هٿ
کنيو پيو هلي، پر پير مرد مرڻ جي وائي نٿو
واري، ڇاڪاڻ جو ڪو به حياتيءَ لاءِ ايترو
خواهان نه آهي، جيترو هڪ پير مرد. جوان جذبات
جي ماتحب
هلي ٿو،
پر پير مرد دماغ جي زور ۽ تجربه جي آڌار تي
تڳي
ٿو.