سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
گلدسته اقوال |
باب:
-- |
صفحو :2 |
سونهه
سونهه جسم جي پاڪيزگي آهي جيئن پاڪيزگي روح جي
سونهه آهي. حسن خداداد شي آهي، جنهنکي الله
تعاليٰ انسان جي هٺيلي طبيعت کي حليم بنائڻ ۽
مغموم دل کي مسرور ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي.
دنيا ۾ جنهن حسين پيدا ڪيا آهن، سو ضرور پاڻ
به حسين هوندو. اهو خيال اسانجي دل ۾ حسينن جي
ڏسڻ سان ئي پيدا ٿئي ٿو. هڪ شاعر چيو آهي ته:-
”جلوه جانان کي ڏسي، سبحان الله پڙه“
حسين ۾ الله جو کلندڙ چهرو نظر اچي ٿو، جيئن
راڳ ۾ سندس سريلو آواز.
حسن ٻيروني شي نه آهي، يعني حسين
۾ نه آهي پر ڏسندڙ جي اکين ۾ سمايل آهي. ڪا شي
ڪنهن لاءِ حسين آهي، ته ڪا شي ڪنهن لاءِ. جيڪا
شي هڪ لاءِ َحسين آهي، سا ساڳي شي ٻئي لاءِ
دلپذير نه به هجي. ليليٰ رنگ جي ڪاري هئي پر
مجنونءَ جي نظرن ۾ نهايت حسين هئي، ماڻهو حيرت
۾ هئا ته هن عورت ڪيئن قيس کي مجنون ڪري وڌو
آهي. انهيءَ ڪري پارسيءَ ۾ مقولو آهي ته:-
”ليليٰ را بچشم
مجنون بايد ديد.“
انساني فطرت موجب جيڪا شي اڃا دستياب نه ٿي
آهي، تنهن جي طلب دامنگير ٿئي ٿي. حسين شي
جيسين پريان آهي تيسين دل کي ڇڪي ٿي، پر حاصل
ٿيڻ بعد جا ذبيت ڇڏيو وڃي، حتيٰ ڪ ڪجهه عرصي
بعد اکين ۾ ڪنڊو ٿيو پوي. حسن جي دلڪشي حسين
شي حاصل ٿيڻ کانپوءِ، بيداريءَ
بعد خواب جي مثل آهي. حسن ماڪ مثل آهي، جيڪا
سج اڀرڻ کان اڳي ڪجهه تازگي ۽ فرحت بخشي ٿي پر
سج جي تابش تي ائين ڪافور ٿيو وڃي ڄڻ ته هئي
ڪانه. حسن کي پر آهن، جن سان جلدي اڏاميو وڃي
تنهنڪري اهڙي لابقا شي تي غرور نٿو جڳائي.
جيڪڏهن لوه، پٿر ۽ انهن جهڙين ٻين سخت شين کي
زماني جي گردش ۽ فنا جو خوفناڪ هٿ برباد ڪيو
ڇڏي، تڏهين حسن جهڙي نازڪ شي ڪيئن انهيءَ کان
بچي سگهندي؟
حسن، حسين لاءِ خطري کان خالي نه آهي. دنيا
چمن
۾ ڪئين خبيث،
گل جي خوشبوءِ وٺڻ بعد انهيءَ کي پيرن هيٺان
لتاڙڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. حسينن کي نه فقط
انهن ڊاڪن کان حذر ڪرڻ گهرجي، پر هر پليدگيءَ
کان پاسو ڪرڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ جو صاف سٿريءَ شي
تي ٿورو چٽو به بدنما داغ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
حسن هڪ قسم جو نشو آهي، جو ڏسندڙ ۽ صاحب حسن
ٻنهي کي مست ڪيو ڇڏي. شراب فقط پيئندڙ کي خمار
۾ آڻي ٿو، پر حسن حسين کي مغرور ۽ پسندڙ کي
مسرور ڪيو ڇڏي. حسن هڪ ٺڳ جي حيثيت رکي ٿو، جو
خاموشيءَ سان دل ڌتاريو وڃي. حسن دلپذير تازي
ميوه مثل آهي، جو سولائيءَ سان اسانکي پاڻ تي
موهت ڪيو ڇڏي، پر فاني هئڻ سبب گهڻو وقت جٽاءُ
نٿو ڪري. حسن قدرت جو اعليٰ ڪرشمه آهي، جو سڀ
ڪنهن کي فريفته ڪيو ڇڏي. َحسن جي داد ڏيڻ ۾
ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته حسن جي تعريف
ڪارساز جي ڪاريگريءَ جي ساراهه آهي. سهڻي صورت
دل کي ڇڪيو وٺي، پر اسانکي فقط سپ جي سونهه تي
مفتون ٿيڻ نه گهرجي پر ان ۾ اندر پيل موتيءَ
جو خيال رکڻ گهرجي. انسان جي صورت جي سپ ۾
جيڪو روح جو موتي آهي، سوئي حقيقي حسن آهي.
دل حقيقي حسن جو سرچشمه آهي. پاڪدامني حقيقي
حسن جو ٻيو نالو آهي،
جيڪڏهن حسن سان پاڪدامني همرڪاب آهي،
ته اهو دل جو خلد برين تصور ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهين ناپاڪ خيال حسن جي مجسمه ۾ وسي رهيا
آهن، ته اهو ئي دوزخ آهي. حسن عاقل لاءِ
خوشبودار گل آهي، پر بيوقوف لاءِ جان جو دجال
۽ عاقبت جو وبال آهي. جڏهين ڪنهن حسين جسم ۾
پاڪ دل ڏسجي ٿي، ته خدا ۽ سندس وڏائي جي تعريف
بي اختيار زبان مان نڪريو وڃي ٿي. سڀني هنرن ۾
حسن پاڪ ۽ صاف آهي جنهنڪري حسن جو معائنو
خيالن جي تصفيه ڪري ٿو، جيئن بقول ارسطو آلميه
(Tragedy)
جذبات احساسات جو تصفيه ڪري ٿي. پاڪدامنيءَ
کان سواءِ حسن اهڙو آهي جهڙو خوشبوءِ کان
سواءِ گل. جيڪڏهن ڪو حسين انسان نيڪ ڪم ڪري ٿو
ته اهو نهايت دلپسند لڳي ٿو ۽ اسانجي خيال ۾
وڌيڪ عمده لڳي ٿو جيڪو اکين کي سهڻو لڳي ٿو سو
عموما پاڪ نه آهي پر جيڪي پاڪ آهي سو هميشہ
عمده ۽ حسين آهي. حقيقت ۾ حسين اهو آهي، جنهن
جي دل ۾ نيڪ خيال اڀرن ٿا ۽ پاڪ جذبات موجزن
ٿين ٿا.
حسن هڪ قسم جي باهه آهي جنهن ۾ پاڪدامن پچي
راس ٿين ٿا يا سوڌ جي سون ٿين ٿا ۽ جنهن ۾
خباثت جا خس و خاشاڪ جلي رک ٿين ٿا.