باب نائون
گهڻي وقت کان وٺي منهنجي دل ۾ اهو ڄاڻڻ جي هُرکُر هئي، ته هيءَ
دنيا ڪيئن وجود ۾ آئي ان بابت جيڪي منهنجا خيال
هئا سي ڪيتري قدر درست هئا؟ منهنجي هيءَ سنئين سڌي
۽ سمجهه ۽ ايندڙ خواهش سوداءُ بڻجي پيئي. جوانيءَ
جي مڪمل بي صبريءَ سان مان پنهنجن دوستن کان ٻارن
وانگر پڇ پڇان ڪري، کين ڪَڪِ ڪري وڌو. انهن مان ڪن
فراخدليءَ سان پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ جو اعتراف ڪندي.
لائيل ۽ لُباخ جي ڪتابن پڙهڻ جو مشورو ڏنو پئي ۽
ڪن وري مون سان مسخري پئي ڪئي، ته مان ڪهڙين نه
واهيات ڳالهين تي سوچي رهيو آهيان. ڪنهن دوست مون
کي منهنجو سوداءُ دور ڪرڻ لا3 جارج هينري ليوس جي
فلسفي جي تاريخ“ ڏني، مون کي اها بي مزي ۽ پڙهڻ ۾
ڏکي لڳي، تنهنِڪري ان کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
انهن ڏينهن ۾ هڪرو جنوني شاگرد اسان جي سنگت ۾ شريڪ
ٿيو. هن کي گندو اوورڪوٽ ۽ لُنڊي نيري قميص پهريل
هوندي هئي، جنهن کي پنهنجي پتلون جا نقص لڪائڻ لا3
پٺيان هيٺ ڪري ڇڏيندو هئو. هن جي اکين جي پري جي
نظر گهٽ هئي ۽ چسمو پائيندو هئو. هو پنهنجي
ڏاڙهيءَ کي وچان ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيندو ئو. هن
جا وار، جن جي سينڌ هو نهلسٽ فئشن وانگر ڪڍندو
هئو، ڳارها ڊگها ۽ سخت هوندا هئا، ۽ هن جي ڪلهن تي
هڪ-ڪرا اچي پوندا هئا. هن جي چهري کي ڏسي، مون کي
حضرت عيسيٰ عليه جو مجسمو ياد اچي ويندو هئو. هو
اهڙو آهستي هلندو هئو، ڄڻ ڪنهن مٿس طلسم ڪري ڇڏيو
هجي. هو سوالن جا جواب ڇڙڪ ۽ ٿورو چڙ ڀرئي انداز ۾
ڏيندو هئو. انهيءَ هوندي به هون پنهنجا خيال سقراط
واري انداز ۾ بيان ڪندو هئو.
هن کي ڪوبه پسند نه ڪندو هئو، ۽ هر ڪو هن کان پاسو ڪندو
هئو. پر هو ۽ مان پاڻ ۾ گهاٽا يار ٿي وياسين،
جيتوڻيڪ هو مون کان چار سال وڏو هئو. هن جو نالو
نڀڪولاس واسليوف هئو ۽ ڪيمسٽريءَ جو شاگرد هئو.
مون ڏٺو، ته هو تعريف جهڙو، ذهين ۽ وسيع مطالعي وارو
جوان هئو، پر اڪثر روسين وانگر جنوني هئو. هو
پنهنجي مانيءَ تي ڪوني هاري کائڻ لڳندو هئو ۽ مون
کي هر کائڻ لاءِ چپ چٽڻ لڳندو هئو ۽ چوندو هئو ته
ڪونين ست رڇين مان هڪ آهي. ان جي کائڻ ڪري صحت سٺي
۽ نفساني خواهشون گهت ٿيون ٿين. هن پنهنجي ڇمڙيءَ
تي ڪيترائي تجربا ڪرڻ خاطر ان کي جوکي ۽ وجهي ڇڏيو
هئو. هڪڙي ڏينهن ”ڊومائيڊ“ جو وزن وٺي. ان جي مٿان
آفيم جي سلفيءَ جو دم هنيائين، نتيجو اهو نِڪتو جو
سور ۽ تڪليف اهڙي آيس جو مرندي مرندي بچيو. ٻئي
ڀيري وري ڌاتن جي تيزاب جو تجربو ڪرڻ ڪري ذري گهٽ
موت جي منهن مان بچي ويو. پوڙهو ڊاڪٽر جنهن کي
گهرايو ويو هئو، تنهن ڪيميڪل جو رهيل وزن ڏسي چيو
ته ”هي هڪ ڇا بلڪ ٻن گهوڙن کا مارڻ لاءِ ڪافي آهي.
مان توکي ٻڌايان ٿو ته توکي ان جو ڪيتو لوڙڻو
پوندو.“ هن پنهنجي جسم تي جي ترجبا ڪيا، ان جو
نتيجو هي نِڪتو، جو هن جا ڏند پهريان ساوا ٿي ويا
۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪري پيا. آخر زهر، جنهن لاءِ مون
کي علم ناهي ته اهو هن پاڻ يا اتفاقي کاڌو هئو، هن
جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو هئو. هيءَ 1901ع جي ڳالهه
آهي. هو ان وقت ڪائيف شهر ۾ پروفيسر ڪونووالوف سان
گڏجي ”نِير“ تي تحقيق ڪري رهيو هئو.
پر 90-1889ع ۾ هو مضبوط، سگهارو هئو. هو مون سان تمام
چڱيءَ طرح پيش ايندو هئو. جيتوڻيڪ ٻين سان پوندي
ئي ڪين هئس. انهن ڏينهن ۾ اسان لوڪل زيمستور بورڊ
جو ڪم ڪندا هئاسين، جنهن جي عيوض ۾ اسان کي روزانو
هڪ روبل ملندو هئو. مون کي ياد ٿو اچي ته نِڪ،
پنهنجي ميز جي مٿان ڪنڌ جهڪائي، جاڻي واڻي، بڇڙي
آواز سان فرانسيسي ڌُن ۾ هيٺيون راڳ ”هيڏي ڏس،
هيڏي ڏس.“ ”ٻه ڀيرا چوئيتاليهه ۽ ٻاويهه سي ٿيا سو
ڏهه. سي ٿيا سو ڏهه.“ ڏهن منٽن کان وٺي اڌ ڪلاڪ
تائين ڳائيندو هئو. جيڪڏهن مان ڪجهه به نه چوندوهو
مانس ۽ ماٺ ڪريو ويٺو هوندو هوس، ته هو وري شروع
ٿي ويندو هئو.
جڏهن مان وڌيڪ صبر ڪري نه سگهندو هوس، تڏهن گذارش ڪري
چوندو هومانس، ”اهو گوڙ بند ڪر.“ هو گهڙيال ڏانهن
نهاري چوندو هئو. ”تنهنجي قوت برداشت سُٺي آهي.
اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو هوندا، جيڪي هن قسم جو عذاب
ستيتاليهه منتن تائين سهي سگهندا هوندا. هڪڙي ڀيري
پنهنجي هڪڙي دوست کي، جنهن کي علم نفسيات جي
مطالعي جو شوق هئو، ساڳئي قسم جي راڳڻي ٻڌايم ته
هُن تيرنهن منٽن جي اندر رگ وَٽي کڻي مٿي واري
وهائي ڪڍي هُئي.“
هن جرمن فلاسفرن جو گهرو مطالعو ڪيو هئو ۽ خيال هوس ته
هيگل ۽ سويد نبرگ تي مقالو لکندو. هو سويڊنبرگ جي
”روهه جو رنگ روپ“ مان ڏاڍو مزو حاصل ڪندو هئو. هو
ڇا ڪندو هئو جو هڪڙي ڪوچ تي، جنهن کي هو ”ڪوهه قاف
جو پهاڙ“ ڪري ڪوٺيندو هئو. سمهي پوندو هئو. ڪتاب
کي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکي، ڄنگهون هوا ۾ ڦيرڻ لڳندو
هئو. ۽ وڏا ٽهڪ ڏئي وٺي چيتون ڪندو هئو. جڏهن مان
پڇندو همانس ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ ته ڏک وچان جواب
ڏيندو هئو، ”مون کي پتو ڪونهي ته توکي ڪيئن
سمجهايان-ڏاڍي منجهيل ڳالهه آهي؟ مان توکي سمجهائي
نه سگهندس. پر آهي مزيدار.“ پر جڏهن مان وڌيڪ زور
ڀريندو هومانس ته هو ڏاڍي چاهه مان ۽ گهڻي وقت
تائين ”دليل دلائل جي علم معرفت“ تي ڳالهائيندو
رهندو هئو، پر منهنجي سمجهه ۾ ڪا گهڻي ڳالهه ايندي
هئي. پنهنجي فلاسافيءَ جي مطالعي بابت چوندو هئو
”ان مان ايترو مزو ۽ فائدو ٿو حاصل ٿئي جيترو چيگم
جي چٻاڙڻ مان.“
جڏهن هو ماسڪو مان موڪل تي موٽي آيو، ته مان هن وٽ
پنهنجن سوالن سميت وڃي پهتس، ۽ هو انهيءَ تي ڏاڍو
خوش ٿيو.
”فلاسافيءَ جي تلاش؟ بهتر! ان سلسلي ۾ جنهن به روحاني
عذا جي توکي ضرورت اهي. اها مان تنهنجي خدمت ۾ پيش
ڪندس.“ هن انهيءَ موضوع تي مون سان گفتگو ڪرڻ جي
آڇ ڪئيئ“ ”مان ان کي تنهنجي لاءِ بلڪل آسان ڪري
ڇڏيندس، ۽ تون ڏسندين ته اها ليوس تي محنت ڪرڻ کان
وڌيڪ مزيدار آهي.“
انهيءَ گفتگوءَ کان ڳچ ڏينهن پوءِ مان منهن-اونداهيءَ
ويل هڪڙي اجڙ باغ جي اڌ-ڊٺل جاءِ ۾ ويٺو هوس. ڪٿي
ڪٿي صوفن ۽ پيريءَ جا وڻ هئا. باغ جي رستن تي
کنڀيون. راس بيري، ۽ گوس بيري جهنگلي ٻوٽن وانگر
ڄميا بيٺا هئا. جنهنِڪري رستا ئي بند ٿي ويا هئا.
انهن رستن تي نِڪ جو پويءُ، جيڪو چرچ ۾ آفيس هئو،
سواءِ ڪنهن مقصد جي چڪر هڻي رهيو هئو. هن کي خاڪي
رنگ جو چوغو پهريل هئو ۽ ڏاڍيان کنگهيائين ۽ ڀڻ ڀڻ
پئي ڪيائين. هو ڪافي وڏيءَ عمر وارو هئو.
باغ جي مٿان چئني طرفن کان وڏا پاڇا پئجي رهيا هئا،
جنهن ڪري باغ چورس کُڏ وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيو. آسپاس
گُهٽ لڳي پئي هئي. ويجهي پت ۾ پيل غلاظت مان جون
جي سج جي تپش ڪري گندي بوءِ اچي رهي هئي.
”اچ ته فلسفي تي گفتگو ڪريون.“ وات کي اهڙي نموني کولي
چيائين ڄڻ فلسفي جي لفظ مان مزو وٺندو هجي. هو ڪنڊ
۾ هڪڙيءَ ميز تي، جنهن جون ٽنگون زمين ۾ کتل هيون،
ويٺو هئو. هن جو خوشيءَ ۾ ڀريل چهرو سگريٽ جي
روشنيءَ ۾ چمڪڻ ٿي لڳو. هن کي ٿوررو بخار هئو ۽
شردي پئي محسوس ڪيائين. تنهنِڪري پنهنجي سنهڙي ڪوٽ
۾ پاڻ کي ڍڪي ڇڏيو هئائين ۽ پير سان زمين کي پئي
رهڙيائين. هن جي بار جي ڌُڏڻ ڪري، ميز چيڪاٽ پئي
ڪيا.
مان ڏاڍي ڌيان سان پنهنجي دوست کي، جو ٿورو هوريان آواز
۾ ڳالهائي رهيو هئو، ٻڌي رهيو هوس. هو مون کي تمام
چڱي ۽ وڻندڙ نموني ”ڊيموڪريٽس جي سرشتي“ ۽ هن جي
ائٽم واري نظري، جنهن کي هاڻي سائنس وارن قبول ڪيو
اهي، سمجهائي رهيو هو. ٿورو ماٺ ڪر.“ هو ڪافي وقت
تائين خاموش ٿي ويو، ۽ سگريٽ پٺيان سگريٽ ڇڪڻ لڳو.
ايئن پوري رات ٿي وئي هئي. چنڊ جو نالو ئي ڪونه هئو.
آسمان ۾ انڌڪار لڳو پيو هئو. هوا ۾ گهم وڌي ويئي
هئي. ڀرسان واري گهر مان، جنهن ۾ نفسيات جو ماهر،
ڪاشچينڪو رهندو هئو. وايولن جو مٺرو آواز اچي هئو
۽ ڪراڙي جي ڪوٺيءَ مان کنگهڻ جو آواز اچي رهيو
هئو.
نِڪ پنهنجو آواز وڌيڪ هوريان ڪندي، سگريٽ ڇڪندي، وري
ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”ڏس، توکي هنن ڳالهين تي وڌيڪ
خيال ڪرڻ گهرجي. ڪنهن چيو هئو، پورو ياد نه ٿو
اچيم ته ڪنهن ..... پڙهيل ماڻهن جا اعتقاد جاهلن ۽
وهمين جي عقيدن وانگر پڪا ٿيندا آهن. ڪفر ئي آهي،
جنهن ۾ تلخ حقيقت سمايل آهي. منهنجي خيال ۾ اها
ڳالهه بلڪل نرم اکرن ۾ بيان ڪئي وئي آهي. هميشه
انهيءَ تي خيال ڪجانءِ، ان تي ويچار ڪجانءِ.“
مون کي هن جا لفظ چڱيءَ طرح ياد اهن ۽ مان سمجهان ٿو،
ته مون کي جيڪي نه نصيحتون آهن. هيءَ انهن ۾
بهترين ۽ سچي ۾ سچي هئي. اهي لفظ منهنجي دل ۾ چڇي
ويا ۽ انهن جو پڙلاءُ منهنجي روح ۾ گونجڻ لڳو، ۽
منهنجي خيالن ۾ وڌيڪ سوچ جو مادو پيدا ٿي ويو.
”مان نه ٿو چاهيان ته پنهنجن پوين پساهن تائين تون جيئن
هاني آهين ان مان ڦري ٻيو ماڻهو ٿئين. هميشه هيءَ
ڳالهه ياد ڪجانءِ ته خيال جي آزادي ئي قيمتي آزادي
آهي، جا انسان کي سنپي وئي آهي، ۽ ان کي اهوئي
ماڻهو ماڻي ٿو، جيڪو ڪنهن به عقيدي کي سواءِ جاچڻ
جي، اکيون ٻوٽي، قبول نه ٿو ڪري. اها آزادي اهو
ماڻهو حاصل ڪري ٿو، جيڪو زندگيءَ جي مسلسل تعمير،
ان جي بنا روڪ ۽ رنڊڪ جي چُرپر، ۽ ان جي اصليت ۽
تبديليءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو.“
هو پنهنجي جاءِ تان اٿي، ميز جو چوڦير ڦري، منهنجي
ڀرسان اچي ويٺو. ”مون جيڪي توکي چيو آهي تنهن جو
ٿورن لفظن ۾ اختصار ڪري ٿو سگهجي. پنهنجي دماغ سان
زنده رهه. بس، مان پنهنجن خيالن کي تنهنجي دماغ ۾
ڌوڪڻ نه ٿو گهران. مان ڪنهن کي به سواءِ حسابن
سيکارڻ جي، بي ڪا ڳالهه سيکارڻ نه گهرنود آهيان.
خاص طرح توکي-مان توکي اها ڳالهه وري وري ياد
ڏيارڻ ٿو گهران. مان سمجهان ٿو، ته اها بي انتها
بڇڙي ڳالهه آهي، جو ڪوشش ڪجي ته ٻيا به پاڻ جهڙا
ڏسن ۾ اچن. يقيناً مان نه ٿو چاهيان ته تون ايئن
خيال ڪرڻ شروع ڪرين جيئن مان ٿو ڪريان. انهيءَ مان
ڪوبه لاڀ حاصل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته منهنجن خ يالن ۾
نقص آهن، جن لاءِ مان زميوار آهيان.
هن پنهنجو سگريٽ هيٺ ڦٽو ڪري، مٿان لٿ ڏئي ڇڏيس. يڪدم
ٻيو سگريت دکائي، پنهنجي آڱڳٺي جي نهن کي تيليءَ
جي شعلن تي گرم ڪندي، اداس نموني مڪرڪي چوڻ لڳو،
”مان سمجهان ٿو ته آخر تائين انسان ذات کي
”حقيقتون“ مقرر ڪري انهيءَ مان ’سچ ڇا آهي‘ بابت
نتيجا اخش ڪندي رهندي يا ممڪن آهي ته آخر تائين
هقيقتن کي نظر انداز ڪري هڪٻئي پٺيان خيالي
تصويرون بنائيندي رهند. ڏسين ٿو منهنجا ويچار ڪهڙا
نه خراب آهن ! اهڙا ماڻهو به آهن جي ”ماديات“ ۽
آئيلزم (عينيت) کي سمجهه جون غلطيون ڪري تصور ڪندا
آهن. اهي انهن شيطانن مثل آهن. جن دوزخ جي باهه
مان پنهنجي پيٽ کي ٿمي ڀريو هجي يا بهشت جي
بدانتظاميءَ کان ڊڄندا هجن.“
ڇڌو ساهه ڀري، هو وايولن ٻڌڻ لاءِ ويهي رهيو ۽ وري چوڻ
لڳو، ”ڪي تريناڪ ماڻهو آهن. جي چوندا آهن ته اسان
کي صرف انهن ڳالهين جي ڄاڻ آهي، جيڪي اسين ڏسون
ٿا، پر چئي نه ٿا سگهون ته جيڪي اسين سوچيندا
آهيون يا جيئن سوچيندا آهيون، اهو آهي. اهڙن ماڻهن
جي اهڙين ڳالهين کان به توکي پاسو ڪرڻ گهرجي.“
مون کي هن جي انهن لفظن ڏاڍو متاٿر ڪيو. مون چڱيءَ طرح
سمجهيو پئي ته انهن جي پٺيان هن جو دلي درد لڪل
هئو. اسين موڪلائڻ لاءِ هٿ ملائي ڪافي وقت تائين
ايئن خاموش بيٺا رهياسين. اها ساعت بي انتها سٺي
ساعت هئي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾، جا مختلف رنگن ۾
رهي اهي، ڪيتريون ئي خوشيءَ ڀريون گهڙيون ڏٺيون
اهن، ۽ هيءَ به شايد انهن مسرت ڀريل گهڙيل مان هڪ
هئي، پر انسان جي فطرت ھ طمع اهي، جنهن کي ان جي
خوبي چئجي ته بتر، جيتوڻيڪ ڪن ماڻهن غلط فهميءَ يا
ڪُپت کان ان کي ”عيب“ به ڪري ڪوٺيو آهي.
”نِڪ، مهرباني.“
”واهيات.“
جيئن مان هلڻ لڳس ته نِڪ جو خوشيءَ ۾ ٻڏل آواز منهنجن
ڪنن تي پيو. ”ٻڌ، آرلاف نالي نيچاپوف توليءَ وارو
ٻڍڙو ماڻهو ماسڪو ۾ رهندو آهي. هو پنهنجي هن
چوڻيءَ ڪري مشهور آهي ته: ”سچ اهو اهي جيڪو اوهين
سمجهي سگهو.“ انهيءَ تي ويچار ڪجانءِ. چڱو، سڀاني
ملنداسين.“
ڪجهه قدم اڳتي هلڻ کانپو3، مون پٺتي ڏٺو، ڏٺم ته نِڪ
بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هئو ۽ بيٺي اوپر
ڏانهن آسمان کي ڏٺائين. دونهي جا تيز ڪڪر هن جي
وارن جي چوگرد ڦري رهيا هئا. جڏهن مان هن کي ڇڏي
وڃي رهيو هوس ته پاڻ ۾ بي انتها خوشي پئي ۾محسوس
ڪيم. ايئن پئي سمجهيم ڄڻ آخرڪار منهنجي لاءِ ”غيب
جا دروازا“ کُلي پيا هئا.
ٻئي ڏينهن نِڪ دنيا بابت ايمپيڊ وسلس جو تصور اهڙي
نموني ٻڌايو، جو مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. دنيا جي
ان تصور لاءِ منهنجي محربان نِڪ کي ڏاڍي ڪشش ٿي
ڏٺي، ڇاڪاڻ ته بيان ڪرڻ ويل ان جو نقشو ڏاڍي جوش ۽
صفائيءَ سان پئي ڪڍيائين، ۽ جيئن هو پنهنجي
پسنديده شيءِ تي چپ ڇٽيندو هئو، ايئن چپ پئي
ڇٽيائين. وري اونداهيءَ ٿي وئي، ۽ اڳينءَ رات وارو
ساڳيو وقت اچي ٿيو. ڏاڍي برسات پئي هئي. ڀنل درختن
جي وچ ۾ پاڇا لڏي رهيا هئا ۽ هوا واڪا ڪري رهي
هئي.
مون کي انهن پاڇن ۽ هوا ۾ اداسائي ۽ گهمسان ايئن محسوس
ٿيڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ڪيترن جسمن کي ٽڪر ٽڪر ڪري بي
رحم طوفان ۾ اڇلائي ڇڏيو هئو، جنهن ۾ محبت ۽ نفرت،
جن جو شڪليون اهريون ته هڪجهڙيون هيون، جو انهن ۾
فرق ڪرڻ ڏکيو هئو ۽ اهي هڪٻئي سان وڙهي رهيون هيون
۽ هڪٻئي کي جيتڻ جي ڪوشش پئي ڪيائيون. چمڪي وارو
آسمان ياد اچي پئي ويو، جنهن جي موت جهڙي روشني
دنيا جي هر چرندڙ شيءِ تي ٿي پئي. منهنجو ڌيان نِڪ
کان هثي هن خيال تي اچي بيٺو ، جنهن مان محسوس پئي
ڪيم ته مان پاڻ انهيءَ تباهه ٿيندر دنيا ۾ اچي
ڦاٿو آهيان، جيڪا اندران ئي اندران ڦاٽي رهي آهي ۽
پرزا پرزا ٿي رهي آهي، ۽ منهنجي جسم جا ٽڪرا
انهيءَ سرد نيري روشنيءَ ۾ ڪري رهيا آهن. منهنجون
متيون پتو ئي نه پئي پيم.
”نِڪ آهين ڇا؟ منهنجي ڳالهه شايد نه ٿو ٻڌين.“
”نه.“
”ڇو؟“
مون سمجهايو.
”منهنجا مٺڙا دوست تنهنجي خيال کي مهار جي ضرورت آهي.“
هن سگريٽ دکائيندي چيو. ”توکي ان کي هٿي ڏيڻ نه
گهرجي. گهمڻ لاءِ ڇا خيال آهي؟“
اسان نديءَ جي ڪناري ڏانهن وياسين. واٽ تي هيڏانهن
هوڏانهن پانيءَ جا دَٻا ڇميڪي رهيا هئا. اسان جا
پاڇا جاين جي ڇتين ۽ رستي جي مٿان تڪڙا تڪڙا هلندا
پئي هليا. نِڪ ٿِڳڙين مان ڪاغذ ٺاهڻ جي نئين
ڪيميائي عمل جو بيان ڪري رهيو هو، جنهن جي ڪري
ڪاغذ جي قسم ۾ بهتري ۽ قيمت ۾ ڪمي پيدا پئي ٿي. ان
کان پوءِ هو هڪڙي پروفيسر جي ان تحقيق جو احوال
ٻڌائڻ لڳو، جنهن مطابق اَڪَ-جي آڪاري جي ريشن جي
ديگهه ۾ واڌارو ٿي ٿيو.
ٻئي ڏينهن نڀڪ کي تار پهتي، جنهنڪري هو ماسڪو
يونيورسٽيءَ ڏانهن واپس هليو ويو. موڪلائڻ وقت مون
کي مسورو ڏنائين ته ”تيستائين فلاسافيءَ کي ڇڏي
ڏجانءِ جستائين موٽي اچان.“
منهنجي دماغ ۾ بي چين خيال ۽ دل ۾ بي قراري رهڻ لڳي.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ مان محسوس ڪرڻ لڳس ته
منهنجو دماغ ڪڙهي ۽ رجي رهيو هئو ۽ منهنجي دماغ ۾
بي انتها چريائپ جهڙا خيال ۽ جنن ڀوتن جون شڪليون
پيدا ٿي رهيون هيون. ان سان گڏ منهنجي طبعيت ۾ غم
۽ مايوسي پيدا ٿي وئي، جو مون کي پنهنجي عقل وڃڻ
جي خوف اچي ورايو، پر مان همٿ وارو هوس، ۽ پنهنجي
؟خوف“ جي انتها تائين پهچي، ان کي جاچڻ پئي گهريم.
شايد اهوئي سبب هئو، جو مان چري ٿيڻ کان بچي ويس.
مان راتين جون راتيون ڳڻتي ڪندي گذاري ڇڏيون. ڪڏهن
ڪڏهن مان نديءَ جي ڪناري چاڙهيءَ تي وڇي وهندو
هسو. ۽ وولگا نديءَ جي هُن پار دور دور تائين
پکڙيل ساون چراگاهن ڏانهن ۽ آسمان ۾ ستارن جي وسيل
برسات ڏانهن نهاريندو رهندو هوس. مان انهيءَ
گهڙيءَ جو انتظار ويٺو ڪندو هوس. جڏهن اوچتوپئي
اوچتو آسمان جي نيري ڪاراڻ جو اونهي کوهه جي منهن
وانگر گول ٽڪر اڏامي ويندو ۽ ان مان هڪڙي شعله ور
آڱر ٻاهر نڪري ايندي ۽ اچي مون کي ڌمڪائيندي.
مون کي خدا به ڏسڻ ۾ آيو. هن جي شڪل بلڪل اهڙي هئي جهڙي
تصويرن ۽ مجسمن جي ٻاجهه ڀري، سفيد سوناهري ۽
سنجيده اکين سان هوندي آهي. مان ڏسندو هوس ته هو
هڪڙي وڏي ڳوري پٿر تي اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو هوندو
هئو. هن جي هٿ ۾ نيري سڳي پيل سوني سُئي هوندي
هئي، جنهن سان ڊپ ڏيندڙ وڏي قميص پيو سبندو هئو،
جنهن جو شفاف ڪَڪرن جهڙو پلاند زمين تي پيو ڪرندو
هئو. هن جي چوگرد اهڙي خلا هوندي هئي، جنهن جي ڏسڻ
سان خوف وٺي ويندو هئو. ڇاڪاڻ ته اها جيئن پوءِ
تيئن وڌيڪ پکڙندي ۽ گهري ٿيندي ويندي هئي. نديءَ
جي پريان آسمان تائين انساني ڪن وڌندو ڏسڻ ۾ ايندو
هئو، جيڪو عام رواجي ڪنن وانگر هوندو هئو، ۽ ان جي
پاپڙين ۾ وارن جا چڱا اڀا ٿيا بيٺا هوندا هئا. اهو
منهنجي ويجهو اچي منهنجي دل جا سب خيال ٻڌي وٺندو
هئو. مون بي انداز ماڻهن کا هڪڙي ڊگهي، ٻه-منهين،
چهبڪ وانگر وڪر کائيندر تلوار سان، جيڪا مون کي
قديم زماني جي جلاد کان ملي هئي، خون ڪري ڇڏيو
هئو. منهنجي کاٻي ۽ ساجي پاسي کان مردن ۽ عورتن جا
مير ادب سان ڪنڌ جهڪائيو، پنهنجا سر وڍڻ لا3 پيا
آڇيندا هئا. منهني پٺيان نامعلوم هستي بيٺي هوندي
هئي، جنهن جي اشاري سان مان انهن سڀني کي ماريندو
ويندو هوس، ۽ هو منهنجي دماغ ۾ برف جون ميخون
هڻندو رهندو هئو.
انهن خيالن ۾ هڪڙي لاف ننگي عورت مون وت ايند هئي، جنهن
کي ماڻهوءَ جي پيرن بجاءِ پکين وارا چنبا هوندا
هئا. هن جي ٻين مان سونهري ڪرڻ پيا نڪرندا هئا.
هوءَ پنهنجي هٿ سان منهنجي مٿي جي مٿان ٽهڪندر تيل
جا قطرا هاريندي هئي، ۽ مون کي ڪکن ڪانن وانگر
باهه لڳي ويندي هئي ۽ مان غائب ٿي ويندو هوس.
ابراهيم گوباءُ دوليان جيڪو رات جو چؤنڪي ڏيندو هئو،
چارهي جي چوٽيءَ تي ڪيترا ڀيرا اچي منهنجي ٻانهن
کان وٺي. مون کي گهر پهچائي ايندو هُئو. هو مون کي
قرب سان پنهنجي آرميني لهجي ۾ چوندو هئو. ”جڏهن
تون بيمار آهين ته پوءِ گهمڻ ڇو تو نڪرين؟ بيمار
ماڻهو کي گهر ۾ ليٽي آرام ڪرڻ گهرجي.“
ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو هئو، جو مان اهي دوداءَ
پچائي پچائي تنگ ٿي پوندو هوس ۽ وٺي نديءَ ۾ ٽپو
ڏئي لهنجڻ لڳندو هوس ۽ انهيءَ ڪري طبعيت ۾ تازيگي
اچي ويندي هئي. ءهر ۾ به پالتو ڪوئا منهنجي انتظار
۾ ويٺا هوندا هئا. انهن جي رهائش ڪاٺ جي ديوار جي
پرئين پاسي هوندي هئي. هنن ميز جي سطح وٽ ديوار ۾
سوراخ ڪري ڇڏيو هئو. جڏهن مان ماني، جيڪا گهر
ڌياڻي منهنجي لاءِ رکي وندي هئي، کائڻ شروع ڪندو
هوس، ته، هو به ميز تي اچي حاضر ٿيندا هئا. ۽ اهي
تماڪ جي پيٽيءَ تي ويهي، پنهنجون بوجريون ڄنگهون
لوڏڻ لڳندا هئا ۽ مون ڏانهن چتائي نهاريندا هئا.
هڪڙو جهيڻو آواز-ڪنهن جو هئو؟ تنهن جو پتو نه
پوندو هوم- مون کي ايترو آهستي، جيترو برسات جون
بوندون زمين تي آواز ڪنديون آهن، چوڻ لڳندو هئو،
”شيطان مختلف قسمن جا آهن، پر سڀني جو ڪم اهو آهي
ته ماڻهن کي پريشانين جي تلاش ۾ مدد ڪن.“
”ڪوڙا“ مان ڪاور مان رر ڪندو هوس. ”ڪوبه پريشانين جي
تلاش نه ٿو ڪري.“
انهيءَ تي ڪنهن جي به شڪل ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي، پوءِ مان
ٻڌندو هوس ته هو ڪڙو سرڪائي، سڀ در کولڻ لڳندو هئو
۽ ڏسندو هوس ته هو منهنجي ڪوٺيءَ ۾ بيٺو هوندو
هئو. هن جي جسم صابڻ-ڦوٽي جيترو گول هوندو هئو. هن
کي هٿ نه هوندا هئا ۽ هن جو منهن گهڙيال جو ڊايل
هوندو هئو. ان ڊايل جا ڪانٽا پتائي گجرون هوندا
هئا، پتائي گجرون مون کي ننڍي کان وٺي ڏاڍيون پسند
هيون. مون کي پتو هوندو هئو ته هو ان عورت جو مڙس
آهي، جنهن کي مان پيار ڪندو هوس، پر مون کي دوکي
ڏيڻ خاطر هن پنهنجو روپ انهيءَ نموني بدلائي ڇڏيو
هئو. ٿوري وقت کان پوءِ اصلوڪي شڪل ۾ تبدين ٿي
ويندو هئو، جنهن مطابق هن جو قد بندرو، بت ٿلهو،
ڏاڙهي ٻچي ۽ نرم ۽ اکين ۾ نرمائي هوندي هئي. هو
مڪري اهي مخفي خيال، جن جو صرف مون کي ئي پتو
هوندو هئو، مون کي وري ٻڌائڻ لڳندو هئو.
”هليو وڃ!“ مان واڪو ڪندو هوس.
انهيءَ کان پوءِ مون کي ڀت تي هٿ جي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ ۾
ايندي هئي. اهو آواز مهربان گهر ڌياڻي ”فيليشيا
تخوميرووا“ جو هوندو هئو. هن جو کرڪو مون کي وري
حقيقي دنيا ۾ وٺي ايندو هئو. مان پنهنجي مٿي کي
سرد پاڻيءَ سان ڀڄائيندو هوس ۽ ان لاءِ ته جاءِ ۾
ستل ماڻهن کي تڪليف نه پهچي، مان دريءَ مان آهستي
لهي ٻاهر ٻاغ ۾ هليو ويندو هوس ۽ اتي پرهه ڦٽيءَ
تائين ويٺو هوندو هوس.“
صبح جو ناشتي ويل گهر ڌياڻي چوندي هئي، ”توکي وري رات
جو اگرن ورحن جو واسو ٿيو هئو!“
ان وقت مان هڪڙي اي-آءِ لانن نالي وڪيل وٽ ڪلارڪ جو ڪم
ڪندو هوس. هو نهايت شاندار ماڻهو هئو، ۽ مان هن جو
هر طرح ٿورائتو آهيان. هڪڙي ڏينهن جيئن ئي مان
آفيس پهتس ته هن منهنجو استقبال رڙين، واڪن ۽ پنن
اڇلائڻ سان ڪيو، ”چريو آهين ڇا! ڏس تو هن درخواست
۾ ڇا لکيو آهي. نئين درخواست نقل ڪري وٺ. اڄ پويون
ڏينهن آهي. جيڪڏهن هيءَ مسخري آهي، ته مان توکي
ٻڌايان ٿو ته ڏاڍي خراب آهي.“
جڏهن مون پنن کي _ٺو ته انهن تي بلڪل صاف اکرن ۾ هيٺيون
شعر لکيل هو:
”نيڪي ابدي چيز آهي،ڍ
پر منهنجي روح جو غم بي انتها آهي،
ڪاش مان به چاهه سان عبادت ڪري سگهان،
ڪاس مون کي به خدا جي ويساهه جي رحمت ميسر ٿئي.“
انهيءَ ڳالهه اسان ٻنهي منهنجي مالڪ ۽ مون کي منجهائي
ڇڏيو. مان ان لکيت کي غور سان نهارڻ لڳس ۽ اعتبار
ئي نه پئي آيم ته ڪو مون اهو شعر سلکيو هئو.
شام جي وقت لائن مون وٽ آيو۽ چوڻ لڳو، ”جيڪي توکي کهرا
لفظ چيا اٿم تن لاءِ معاف ڪجانءِ. مون کي انهيءَ
ڳالهه حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هئو. توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟
ڪجهه ڏينهن کان تون ڏاڍو اداس ڏسڻ ۾ ٿو اچين ۽
منهن ۾ لهي به ويو آهين.“
”بي خوابي“، مون وراڻيو.
”ان لاءِ ڪجهه ڪرڻ هرجي.“ هن چيو.
سچ پچ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت هئي. انهن خيالي سودائن. انهن
رات جي ملاقاتين جو گفتگو، جي اڻ ڏٺا ايندا ۽
ويندا هئا، جن جي ملاقات ويل منهنجا هن دنيا سان
تعلقات ختم ٿي ويندا هئا، ۽ منهنجي حالت جوش ۾ اچي
چريائپ جي حد کي پهچي ٿي وئي. ان سجي صورتحال کي
واقعي ختم ٿيڻ کپندو هئو.
مان انهيءَ حد تي وڇي پهتو هوس جو ڏينهن ڏٺي جو به ڪن
عجيب ۽ پراسرار واقعن جي ظاهر ٿيڻ جي امڪان کي ذهن
۾ کنيو ويٺو هوندو هوس. جيڪڏهن رستي ويندي ڪا جاءِ
ٽپو ڏئي اچي منهنجي مٿان ڪري ها ته جيڪر مون کي
حيرت ئي نه ٿئي ها. جيڪڏهن ڪنهن بگيءَ جو گهوڙو
پنهنجن پوين ٽنگن تي اڀو ٿي بلند آواز سان چوڻ لڳي
ها، ”ظلم، ناحق!“ ته مون کي ان ۾ ڪابه سمجهه کان
ٻاهر ڳالهه نه لڳي ها.
ڪڏهن ڪڏهن مون کي هڪڙي عورت جنهن کي ڪکائون ٽوپلو ۽ هٿ
۾ ڦِڪا دستانا پهريل هوندا هئا، قلعي جي ڀرسان
بينجچ تي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندي هئي. جڏهن مان هن جي
ويجهو اچي چوندو هوس ”ڪو وجود اهي ئي ڪونه،“ ته
هوءَ مون ڏانهن عجب مان نهاري، زخميل آواز ۾ چوندي
هئي، ”ڇا تو چوين؟ مون بابت تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
يڪدم هن کي پر پيدا ٿي ويندا هئا، ۽ هوءَ اڏامي
هلي ويندي هئي. اوچتو ئي اوچتو دنيا ۾ پنن کان
سواءِ ٻٽا وڻ ۽ دگها وڻ اڀري پوندا هئا. جن جي
ٽارين مان نيري گپ تمڻ لڳندي هئي. مون کي منهنجن
ڏوهن جي ڪري ڏيڏريءَ جي شڪل ۾ ٽيويهن سالن تائين
رکيو ويندو هو ۽ ويسڪرسنسڪي چرچ جا شاهي ۽ وڏو
آواز ڪندر گهنڊ لڳاتار، سواءِ ڪنهن ساهيءَ جي
وڃائيندو رهندو هوس. دل ۾ اهم خيال چُهنڊڙيون پيو
پائيندو هوم ته ان عورت ٻڌايان ته اُتم وجود آهي
ئي ڪونه، پر چڱيءَ طرح پتو هوم ته ان جو نتيجو ڇا
نڪرندو؟ تنهنڪري اتان بلڪل خاموشيءَ سان ترڪي هليو
ويندو هوس.
هر ڪا ڳالهه ممڪن هئي ۽ اهو به ممڪن هو ته ڪنهن به شيءِ
کي حقيقي وجوي ڪونهي. تنهن ڪري پاڻ کي يقين ڏيارڻ
خاطر مان هر ڪنهن لوڙهي، ڀت، وڻ ٽڻ کي هٿ لائي
ڏسندو هوس ته واقعي اهي آهن. پاڻ کي وڌيڪ پڪ ڏيارڻ
لاءِ هن ڳالهه تي عمل ڪندو هوس، جو ڪنهن سخت شيءِ
کي ٺؤنشو هڻي ڏسسندو هوس.
ڌرتي ماڻهن سان ذليل حرڪتون ڪري سگهي ٿي. توهين زمين تي
ٻين ماڻهن وانگر خاطريءَ سان گه۾ن لڳا ۽ هوءَ
اوهان جي پيرن هيٺان غائب ٿي ويئي ۽ ها وانگر جسم
کي کائڻ لڳي. انهيءَ هوندي به اونداهي جي اونداهي
رهي، جنهن ۾ اوهان جو روح جسم مان نڪري بولاٽيون
کائڻ لڳي ٿو. جيتوڻيڪ هيئن ڪجهه ٿورين گهڙين لاءِ
ٿئي ٿو، پر اهو ٿورو وقت ابدي ٿو لڳي.
آسمان به ساڳيءَ طرح اعتبار جوڳو نه هئو. اهو به ڪنهن
وقت پنهنجي گنبذ جهڙي صورت بلدائي، نوڪدار بڻجي
سگهيو ٿي ۽ اها نوڪ منهنجي کوپڙيءَ ۾ اچي کپي ۽
مون کي هڪ هنڌ اوستائين ڄمائي ٿي سگهي جيستائين
لوهه جا جڙيل ستارا جي آسمان کي سوگهو جهليو بيٺا
هئا، ڪٽجي وڃن ۽ پوءِ سمورو آسمان هيٺ اچي ڦهڪو
ڪري ۽ مان سرخ مٽيءَ هيٺ ڍڪجي وڃان. هر ڳالهه
ممڪن هئي، باقي دنيا ۾، جتي اهڙيون ڳالهيون ممڪن
هيون، رهڻ ناممڪن هئو.
منهنجو روح عذاب ۾ مبتلا هئو. جيڪڏهن مون کي خودڪشيءَ
ڪرڻ جي غلطيءَ ۽ ّسيس پڻي جو شخصي آزمودو نه هجي
ها، ته مان جيڪر انهيءَ علاج کي به آزمايان ها.
هڪرو ڪارو ڪُٻو ذهين ۽ نفسيات جو ماهر منڪر، جيڪو
پنهنجيءَ پر ۾ اڪيلو رهندو هئو، سو جيڪا زندگي مان
گهاري رهيو هوس، انهيءَ بابت مون کان سوين سوال
ڪرڻ لڳو. منهنجي سٿر کي پنهنجي سرد هٿ سان ٿڦڪي
هڻند چوڻ لڳو. ”منهنجا پٽ، تون جيڪي ڪتاب پڙهندو
رهيو آهين ۽ ٻيو گند، جيڪو تو وٽ آهي، تنهن کي ڦٽو
ڪري ڇڏ. تون بدن جو سگهارو آهين. تو جهڙي ماڻهوءَ
جي اها حالت ٿئي، اها شرم جهڙي ڳالهه آهي. توکي
جسماني ورزش جي ضرورت آهي. عورت بابت ڇا خيال آهي؟
اوهه، اها چڱي ڳالهه ناهي! پرهيز کي ٻين جي حوالي
ڪر! پنهنجي لاءِ ڪا جوانڙي ڳولي لهه، جيڪا توکي
وندرائي، اها تنهنجي لاءِ چڱي ڳالهه اهي.“
هن مون کي ٻي به اهڙي بڇڙي صلاح ڏني، ٻه ٽي نسخا
لکائين، هن جا آخري لفط مون کي اکر به اکر ياد
آهن، ”مون تو بابت کي ڳالهيون ٻڌيون آهن، ٿي سگهي
تو جيڪي ڪجهه مان چوان سو توکي پسند نه اچي.
تنهنڪري مون کي معاف ڪجانءِ. مان سمجهان ٿو توکي
”قديم زماني ڄو ماڻهو ڪري سڏجي“ اهڙن ماڻهن وت عقل
تي هميشه تخيل جي حڪومت هوندي آهي، جيڪي ڪجهه تو
پرهيو آهي. جيڪي ڪجهه تو ڏٺو آهي، ان تنهنجي تخيل
۾ تيزي پيدا ڪئي آهي. تنهنڪري تنهن جو تخيل حقيقتن
سان رس ۾ نه ٿو رهي. حقيقت به ذهن جي پيدائش آهي
پر پنهنجي قسم جي.“
هو وڌيڪ چوڻ لڳو، ”هڪڙي قديم زماني جي درويش چيو آهي،
جيڪو ماڻهو دليل باسيءَ کان بس ڪري ٿو، تنهن کان
ڪوبگه ڪم پورو ٿي نه سگهندو. ان تمام سًي ڳالهه
چئي اهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو جڏهن ڪنهن ڳالهه تي عبور
حاصل ڪري ٿو تڏهن ئي ان جو رد ڏئي سگهي ٿو.“ جڏهن
هو مون کي ٻاهر ڇڏڻ آيو تڏهن شهر جي اوباش جوانن
وانگر مرڪي چوڻ لڳو، ”جوانڙيءَ کي نه وسارجانءِ!“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نزنيءَ کي ڇڏي ٽالسٽاءِ جي
ڪالونيءَ ڏانهن روانو ٿي ويس. جڏهن پهتس ته اتي جي
ڳوٺاڻن کان ان جي برباديءَ جو ڏک ۽ کِل جهڙو قصو
ٻڌم. |