باب پنجون
مون هڪڙي ڊرم وجائيندر ميجر کان چئن ڪارتوسن سوڌو رويالور خريد
ڪيو ۽ پاڻ کي ڇاتيءَ ۾ گولي هنئي. منهنجو خيال هو
ته گولي دل ۾ لڳندي پر اها وڃي ڦڦڙن کي لڳي. مهيني
کان پوءِ پنهنجي اها حرڪت بيوقوفيءَ جهڙي لڳي، ۽
آيس، پر اتي گهڻو وقت نه رهيس. بهار جو مهينو هو.
هڪڙي ڏينهن سام جو بيڪريءَ مان جيئن موٽيس، ته ڏٺم
ته خوخول دڪان جي پٺيان ڪوٺيءَ ۾ دريءَ جي ويجهو
ويٺو هو. سگريٽ ک سُوٽو هڻي دونهين جا ڇلا ٺاهي،
پئي ٻاهر ڪڍيائين ۽ انهن ڏانهن ويٺي نهاريائين.
”ڪنهن به قسم جي آجيان ڪرڻ کانسواءِ پڇڻ لڳو توکي ٿورڙو
وقت آهي؟“
”اٽڪل ويهه منت“
”ويهه ته ڳالهايون.“
هن کي هميشهه وانگر جئڪيٽ پيل هئي. جنهن جا بٽڻ بند ڪيل
هئا. هن جي سهڻي ڏاڙهي هن جي ڪشاديءَ سيني جي مٿان
کنڊري پئي ه.ي ۽ هن جا ننڊڙا ڪتريل وار هن جي نراڙ
جي مٿان لڙڪي رهيا هئا. هن جي ڳورن، هارين جهڙن
بوتن مان، ڏامر جي بوءِ اچي رهي هئي.
”مون وٽ هلڻ بابت تنهنجو ڪهرو خيال آهي؟ مان ڪراس
نوويڊو ڳوٺ ۾. وولگا نديءَ رستي اٽڪل ٽيهه ميل کن
پري رهندو اهيان. مون کي اُتي دڪان آهي جنهن جي
هلائڻ ۾ توکي مدد ڪرڻي پوندي. توکي ڪافي وقت
بچندو. مون وٽ سٺي لئبريري آهي ۽ مان توکي مطالعي
۾ چڱي مدد ڪندس. قبول آهي؟“
جمعي ڏينهن صبح جو ڇهين بجي ”ڪرباتوف“ دڪي تي پهچي
واسلي پانڪوف نالي واري ماڻهوءَ جي ٻيڙيءَ جي پڇا
ڪجانءِ ۽ ان تي چڙهي ڪراس نو ويڊو اچجانءِ. مان
توکي اُتي ملندس. چڱو خدا حافظ.“
هو وڃڻ لاءِ اُٿي بيٺو. پنهنجو ڪشاديءَ تريءَ وارو هٿ
ملائڻ لاءِ مون ڏانهن وڌايائين ۽ ٻئي هٿ سان
پنهنجي اندرئين کيسي مان چانديءَ جي ڳوري واچ ڪڍي
چيائين، ”ڪل ڇهه منٽ لڳا آهن. او، ها-منهنجو نالو
مائيخيلو روماس آهي.“
هو پٺتي نهارڻ کانسواءِ پنهنجي مضبوط ۽ سگهاري جسم سان
سهڻي ٽور ٽلندو قدم کڻندو هليو ويو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ مان ڪراس نوويدو ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار
ٿيس، وولگا جي ڄميل برف اڃا تازو رجڻ لڳي هئي. برف
جون ڀوريون ڇپون ميري پانيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن
غوطا کائي رهيون هيون. اُهي ڇپون ڪڏهن ڪڏهن اسان
جي ٻيڙيءَ سان پئي ٽڪريون ۽ پاسن سان پئي گسيون.
ڪي ڀڄي پئي پيون ۽ انهن جا شيشي جهڙا صاف ٽڪرا ٿي
پئي ويا. تيز هوا پئي لڳي، جيڪا ڇولين کي ڪنارن
تائين گهلي پئي وئي. برف جي نيرن آئيني مان سج جي
ڪرڻن پوڻ سبب اولڙو پيدا ٿيو. ٻيڙيءَ جو سڙهه
کوليل هو، بيڙيءَ کي پيٽين، پيپن ۽ ڳوڻين سان سٿيو
هئائون. پانڪوف ٻيڙيءَ جو سکان سنباليو ويٺو هو.
هو شڪل مان ڳوٺاڻو پئي معلوم ٿيو. هن کي رڍ جي رنگ
ڏنل کل جي جئڪيٽ پاتل هئي. جنهن کي چيلهه وٽ مختلف
رنگن جون ڪناريون لڳل هيون. هن جو منهن ماٺيڻو،
اکيون شوخ هيون. هو ٿرو خاموش طبع ٿي لڳو. ٻيڙيءَ
جي آڳيل وت پانڪوف سان گڏ ڀاڙي تي ڪم ڪندر ڪوڪشڪن
بيٺو هئو هو گدلو ٿي لڳو. هن کي ڦاٽل ڪوت پاتل
هئو، جنهن کي پٽي بجاءِ نوڙي ٻڌل هئي ۽ مٿي تي
ڪنهن پادريءَ جي پراني گهنجيل ٽوپي پئي هئي. هن جي
منهن تي رُهنڊن ۽ زخمن جا داغ هئا. برف جي ويجهو
ايندڙ ڇپن کي پنهنجي ڊگهي سيخ سان پري ڪندي خار
مان پئي ڀڻڪيو، ”پري ٿيو! ڪيڏانهن هليون آهيو؟ “
روماس ۽ مان سڙهه جي هيٺان پيل پيٽين جي مٿان ويٺا
هئاسين. مون هوريان چيو، ”هاري مون کي پسند نه
ڪندا آهن، خاص طرح شاهوڪار توکي ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار
ٿيڻو پوندو.“
ڪوڪشڪن پنهنجو ڪنڍو آڳيل تي رکندي پنهنجي مُرجهايل منهن
تي مرڪ آنيدي چوڻ لڳو، سڀني کان زياده پادري
انٽوِنچ تو کان نفرت ڪندو آهي.“
”ايئن برابر آهي،“ پانڪوف قبول ڪندي چيو.
”تون هن ڀوڪندڙ ڪتي جي نڙيءَ ۾ ڦاٿل هڏيءَ وانگر آهين.“
”پر مون کي دوست به آهن. اهي وري تنهنجا دوست ٿيندا.“
خوخول ڳالهه کي ملائيندي چيو.
سرد هوا گهلي رهي هئي. مارچ جي چمڪندر صُبح ۾ ايتري
گرمي ڪانه هئي. نديءَ جي ڪنارن تي وڻن جون ڪاريون
ٽاريون لڏي رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي ڍڪيل چُرن ۽ نديءَ
جي ڪنارن تي بيٺل جهڳٽن جي پاڇي ۾ بخمل جهڙي برف
پيئي هئي. نديءَ ۾ برف جون لڙهندر ڇپون ايئن پئي
هيڏي هوڏي ٿيون. ڄڻ چراگاهن ۾، رڍن جا ڌڻ ڍرندا
هجن. مون کي ايئن ٿي لڳو ڄڻ مان خواب ڏسي رهيو
هوس.
ڪو ڪشڪن، پنهنجن پائيپ کي تماڪ سان ڀريو ۽ فلسفياڻي
انداز سان گهوريندي چوڻ لڳو. ” تون ڪا پادريءَ جي
زال ته ناهين! هن جو ڪم اهو آهي ته سڀني ماڻهن کي
پيار ڪري، ڪتابن ۾ ته ايئن لکيل اهي.“
”توکي ڪنهن اهڙا زخم رسايا آهن؟“ روماس هن کان هوريان
کلندي پڇيو.
”ڪنهن به نه ڪن ڪميڻن ڇورن-جن جو ڌنڌو ئي اهو آهي.“
ڪوڪشڪن جي جواب ۾ نفرت هئي. پوءِ فجر سان چوڻ لڳو،
”هڪڙي ڀيري مون کي ڪن سولجرن ماريو هئو، ماريو دل
وٽان هئو. مون کي پتو ناهي ته مان جيئرو ڪيئن بچي
ويس.“
”ڇا جي ڪري؟“ پانڪوف پڇيس.
”ڪڏهن؟ تنهنجو مطلب آهي ڪالهه يا اڳي جڏهن سولجرن ماريو
هو!“
”ڪالهه.“
”تون ٻڌائي سگهندين ته توسان ڇا لاءِ وڙهيا هئا. منهنجا
ڀاءُ اسان جا ماڻهو بڪرين مثل آهن. تون ڇرو هٿ
لائين ته وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ٿا وڃن. ڄڻ ته ورهڻ
هنن جو ڌنڌو آهي.“
”منهنجي دل ٿي چوي“، روماس چوڻ لڳو، ”تنهنجي زبان ئي
توکي مار ڪڍائي آهي. آئينده زبان کي قبضي ۾ رکندو
ڪر.“
”مان سونجهڙو آهيان، تنهنڪري پُڇ پُڇ ڪندو آهيان. ڪا به
نئين ڳالهه ٻڌڻ مان مون کي مزو ايندو آهي.“
ٻيڙيءَ جو سامنهون وارو حصو وڃي برف سان ٽڪريو ۽ ٻي برف
جي ڇپ به خطرناڪ نموني اچي پاسي سان لڳي. ڪوڪشڪن
ٿورو لڏي ويو ۽ پوءِ پنهنجو ڪُنڍو کڻي ويهي رهيو.
پانڪوف ڪاور مان رهڙ ڪڍيس. پنهنجو اکيون پنهنجي ڪم
آڻ.“
”ته مون سان ڳالهيون نه ڪندو ڪر.“ برف جي ڇپ کي پري
ڌڪيندي، هن به گِرندي وراڻيس. ”مان ساڳئي وقت
پنهنجو ڪم ۽ توسان ڳالهيون نه ٿو ڪري سگهان.“
اهي ٻئي مزيدار نموني هڪٻئي سان ڏند ڏيڻ لڳا ۽ روماس
مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”هتان جي زمين منهنجي
شهر يوڪرين واريءَ زمين کان گهٽ درجي واري آهي،
باقي ماڻهو سٺا آهن. ڏاڍو پئي وڻيو. مون محسوس پئي
ڪيو ته مان ڪنهن وڏي آزمودي واري ۽ ماڻهن لاءِ
پنهنجي خاص راءِ رکندر شخص جي سامهون ويٺو آهيان.
هن جي اها ڳالهه خاص طرح پسند پئي آيم، جو هن مون
کان منهنجي خودڪسيءَ بابت ڪو به سوال نه پئي ڪيو.
هن جي بجاءِ جي ڪو ٻيو ماڻهو هجي ها ته گهڻو وقت
اڳ ان بابت سوال پڇي ها. ۽ مان انهن سوالن کان تنگ
ٿي پيو هوس ۽ اهڙن سوالن جو جاب ڇيڻ ڏاڍو ڏکيو
لڳندو هوم. خدا کي ئي خبر ته مان پنهنجو انت ڇو
پئي آندو. جيڪڏهن خوخول مون کان اهڙو سوال پڇي به
ها، ته مان هن کي ابتو سبتو جاوب ڏئي ڇڏيان ها.
مان ان ڳالهه بابت ويچارڻ ئي نه پئي گهريو.
وولگا وت موج لڳي پئي هئي. هر ڪا شيءِ چمڪندر ۽ وڻندڙ
پئي لڳي. اسان جي ٻيڙي ڪنارو ڏيو پئي هلي. اسان جي
کابي هٿ وارو ڪنارو نديءَ جي اُٿل سبب پاڻيءَ هيٺ
اچي ويو هئو. جنهن ڪري ڪناري تي پيل واري ۽ ان
پريان گاهه جا ٻوٽا پانيءَ هيٺ اچي ويا هئا. مون
کي اهو صاف ڏسڻ پئي آيو ته نديءَ جو پاڻي ٻوٽن جي
چوٽين کي ٻوڙيندو، جوش ۽ مستيءَ ۾ گجگورون ڪندو،
کڏن کوٻن کي ڀريندو، اڳتي وڌندو پئي ويو. مرڪندر
سج جي ڪرڻن جي تجليءَ ۾ نيرين چنهنبن وارا ڪانَو،
جن جا پَرَ فولاد جهڙا ڪارا هئا. پنهنجا آکيرا به
جوڙي رهيا هئا. ڪن ڪن هنڌن تي سائو گاهه زمين جي
پردن کي ڦاڙي، پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو بيٺو هئو.
منهنجو بت سرد ٿي ويو هئو، باقي منهنجو من خوشي
محسوس ڪري رهيو هئو ۽ ان ۾ اميدون ڪَرَ موڙي بيدار
ٿي رهيون هيون. بهار جي موسم ۾ ڌرتي ڏاڍي وڻندر ٿي
لڳي.
اسين منجهند جي وقت ڪراس نوويڊو وت پهتاسين. هڪڙي
تڪريءَ جي چوٽيءَ تي نيري گنبذ واري چرچ هئي ۽ چرچ
سان لڳو لڳ ٽڪرين جي ويجهو ڳوٺاڻن جا مضبوط جُڙيل
گهر هئا، جن جي ڇتين جا تختا چمڪي رهيا هئا ۽
جهپڙيون هيون، جي مٿان پيل توئن ۾ سهڻيون لڳي
رهيون هيون ۽ اهي ڏاڍيون ساديون ۽ وڻندڙ پئي
لڳيون. مان جهازن تي اتان لنگهندي، انهيءَ ڳوٺ کي
ڏاڍو پسند ڪندو هوس.
ڪوڪشڪن ۽ مان ٻيڙيءَ مان سامان لاهڻ شروع ڪيو. روماس
مون کي ڳوڻيون ڏيندي چوپڻ لڳو. ”تون يقيناً طاقت
وارو آهين!“ ۽ ڳوڻ ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳو،
”ڇاتيءَ ۾ تڪليف ته نه ٿي ٿيئي؟“
”بلڪل نه.“
جنهن اٽڪل سان هن سوال پڇيو، اها مون کي ڏاڍي وڻي. مان
اها ڳالهه ڪڏهن به پسند نه ڪريان ها ته ڪو ٻين ڳوٺ
وارن ماڻهن کي منهنجي خودڪشيءَ جي خبر پوي.
سوٽي قميص پتلون پهريل، گهنڊيدار ڏاڙهي ۽ ڳارهسرن وارن
وارو هڪرو ڊگهو، چست ۽ سنهرو ڳوٺاڻو تڪريءَ جي لام
تان تڪڙيون تڪڙيون وکون کنندو هيٺ آيو. هن جي
اگهارن پين هيٺان پٿريون کسڪي پانيءَ ۾ وڃي پيون.
جنهن ڪري پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿي ٿيون. جڏهن هو
ڪناري تي اچي پهتو ته دل سان رڙ ڪري چيائين: ”ڀلي
آيا.“
هن اسان جي ڪم ڏانهن نهاريو، جُهڪي به ٿلها تختا
کنيائين ۽ انهن کي ڪناري ۽ ٻيڙيءَ جي پاسي تي رکي،
انهن جي مٿان هلندو بيڙيءَ ۾ اچي حڪم ڏئي، چون
لڳو، ”پيپن کڻڻ لاءِ تيار ٿيو! ڇوڪر، هيڏانهن اچي
مدد ڪرائجانءِ“
هو ڏاڍو سهڻو ۽ ڏاڍو طاقتور ٿي لڳو. اکين هلڪيون نيريون
هيس، جي زور سان چمڪي رهيون هيون. ھٽا ڳاڙها ۽ نڪ
سڌو ۽ اُڀو هوس.
”اِزات، ٿڌ لڳي ويندوءِ.“ روماس هن کي چيو.
اسين گاسليٽ جي دبي کي تختن جي مٿان ريڙهيندا ڪناري تي
کني آياسين. اِزات مون کي هيٺ مٿي نهاري چوڻ لڳو.
”دڪان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آيو آهين؟“
”ٿورو هن سان ڪشتي ورهي ڏسجانءِ.“
”تنهن جي چيلهه وري چٻهي ٿو ڏسان.“
”هنن کي ڇا ڪيئي”“
”ڪنهن کي؟“
”جن تنهنجي لاک لاٿي هئي.“
”هون!“ ازات ٿورو اداسائيءَ سان چيو ۽ روماس ڏانهن منهن
ڪري چوڻ لڳو، ”گاڏيون هتي اينديون. مان توهان کي
مٿان ٻيڙيءَ تي ايندو ڏٺو. ائنتونچ تون ڀلي گهر
وڃ. سامان جي سنڀال مان ٿو ڪريان.“
اهو صاف ڏسڻ پئي آيو ته هن روماس سان ڏاڍي دوستاڻي ۽
سرپرستاني نموني پئي ڳالهايو، جيتونيڪ روماس هن
کان ڏهه سال کن وڏو هئو.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مان هڪڙي نئينءَ جُڙيل جهوپڙيءَ ۾ دال
ٿيس. جنهن جي ديوارن مان اُسَ جي تپش پئي آئي.
جهوپڙي صاف گرم ۽ فرحت ڏيندر هُئي. هڪڙي ڳوٺاڻي
عورت جنهن جون اکيون چمڪندڙ هيون. ڦڙتائيءَ سان
ميز تي مانيءَ لاءِ پليٽون رکي رهي هئي. روماس ڪن
پيٽين کي کولي، انهن مان ڪتاب ڪڍي، تختن تي رکي
رهيو هئو.
”تنهن جي ڪوٺي مٿي آهي،“ هو چوڻ لڳو.
مان ڪوٺيءَ مان ڳوٺ جو ڪجهه حصو، پنهنجي جاءِ جي
سامنهون وهندر نالي، ان جي ٻنهي پاسن تي ڄاول ٻوتن
مان ظاه ٿيندر ڍوٻي گهرن جون چوٽيون ڏسي ٿي سگهيس.
انهيءَ ڪسيءَ جي پٺان باغ ۽ ٻنيون وڃي اتي جهنگل
سان ٿي مليون. جتي جهنگل ۽ اُڀ پاڻ ۾ گڏجي ٿي ويا.
ڍوٻي گهرن جي قطار جي ويجهو هڪرو ڳوٺاڻو هڪڙي هٿ ۾
ڪهاڙو جهليو ۽ ٻيو هٿ اکين جي مٿان ڏيو. وولگا
نديءَ ڇانهن نهاري رهيو هو. گاڏيءَ جي ڦيٿن جو
آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پريان ڳئن جي رنڀڻ ۽ واهين جي
وهڪري جو آواز پئي آيو. هڪڙي پوڙهي عورت هڪڙي گهر
جي ڦاٽڪ ۽ واهين جو وهڪري جو آواز پئي آيو. هڪڙي
پوڙهي عورت هڪڙي گهر جي ڦاتڪ مان ٻاهر نڪري، ڪاوڙ
مان رڙ ڪري چوڻ لڳي: ”شل مارَ پويوَا!“
هن جو آواز ٻڌي ٻه ڇوڪر، جيڪي واهيءَ ۾ پٿر ۽ گَپف
اڇلائي رهيا هئا، تڪڙا تڪڙا ڀڄي ويا. پورهي عورت
اتي پيل هڪڙو ڪاٺ جو تڪر کڻي، ان تي ٿُڪ اڇلائي،
کڻي پاڻيءَ ۾ ڦتو ڪيو. پوءِ پنهنجي هڪڙي پير سان،
جنهن ۾ مرداڻو بوٽ پهريل هو. ٻارن جي جوڙيل جاين
کي ڊاهي، وولگا نديءَ ڏانهن وڃڻ لڳي.
”منهنجي هٿي ڪيئن زندگي گذرند؟“
مون کي مانيءَ لاءِ سڏ ڪيائون. هيٺ پهچڻ تي مون ڏٺو ته
اِزات ميز جي ڀرسان پنهنجون ڊگهيون جنگهون
ڊگهيريون ويٺو هو. هن جا اگهاڙا پير آسماني ۽
ڳارهي رنگ جا هئا. هو روماس سان ڳالهيون ڪري رهيو
هئو. پر جڏهن مان آيس ته کڻي ماٺ ڪيائين.
اڳتي چؤ،“ روماس چيس.
”بس اها ڳالهه آهي. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته آئينده سڀ
ڪم پاڻ سنبالينداسين. آئينده جڏهن تون ٻاهر وڃي ته
پاڻ سان گڏ ريوالور يا ٿلهي لٺ کڻندو ڪر. جڏهن
بارينوف ويٺو هجي ته گهڻو نه ڳالهائيندو ڪر. هو ۽
ڪوڪشڪن عورتن وانگر وات جا ڪچا آهن. مڇي مارڻ جو
شوق اٿئي؟“
”نه.“
روماس انهيءَ ڳالهه جي ضرورت بابت ڳالهائڻ لڳو ته ميون
جي باغائين کي وڏن خريدارن جي ڦر کان بچائڻ لاءِ.
انهن جي جماعت بندي ڪرڻ گهرجي. ازات هن جون
ڳالهيون ڌيان سان پئي ٻڌيون، آخر چوڻ لڳو، ”انهيءَ
ڪري وڏن پيٽن وارا توکي آرام ڪرڻ ئي نه ڏيندا.“
”ڏٺو ويندو.“
”منهنجا لفظ ياد ڪجانءِ.“
اِزات ڏانهن نهاريندي، مان سوچڻ لڳس ته هي انهيءَ قسم
جي هارين مان آهي. جن جو ذڪر ڪارونين ۽ زلانوف
راستسڪي پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو آهي.
ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو، ته مان ڪنهن عملي ڪم ۾ حصي وٺڻ
لاءِ آيو آهيان؟ ڇا مون کي انهن ماڻهن سان گڏجي ڪم
ڪرڻو پوندو، جيڪي ڪا ڳالهه ڪرڻ گهرن ٿا؟
ماني ختم ڪرڻ کان پوءِ ازات چوڻ لڳو، ”ميخلو تڪرو ڪم
ڪرڻ نه گهرجي. چڱو ڪم تڪرو سرانجام ٿي نه سگهندو
آهي. توکي فينستائيءَ سان ڪم ڪرڻ گهرجي.“
جڏهن هو هليو ويو ته روماس چوڻ لڳو، ڏاڍو هوشيار ۽ سچار
ماڻهو آهي. بدنصيبي اها آهي جو اڻ پڙهيل اهي. مشڪل
سان اکر سڃاڻي سگهي ٿو. پر سکڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن
کان ڪوشش ڪري رهيو آهي. تون ان ۾ هن جي مدد ڪري
سگهين ٿو.“
اسين رات تائين دڪان جي وکر سنڀالڻ ۽ ان جون قيمتون
لڳائڻ ۾ مشغول هئاسين. هن مون کي ٻڏايو، ”مان ڳوٺ
جي ٻين ٻن دڪاندارن کان مال گهٽ اگهه تي وڪڻندو
آهيان. قدرتي طور هو انهيءَ ڳالهه کي پسند نه ڪندا
آهن. هو مون کي هتان ڪڍڻ لاءِ هر حيلو هلائي بيٺا
آهن. مان هتي واپار يا نفعي ڪمائڻ لاءِ نه رهيو
پيو آهيان. پر ڪي ٻيا سبب اهن. مان دڪان کي توهان
جي بيڪريءَ واري رنگ ۾ هلائڻ ٿو گهران.“
مون چيو ته مان ان ڳالهه جو اول ئي اندازو لڳايو هئو.
”ها، ها، ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني تربيت ڏيڻي آهي.
ڇا اها ڳالهه ٺيڪ ناهي؟“
دڪان بند هئو ۽ درين جا پردا هيٺ لٿل هئا. اسين بتي هٿ
۾ جهليو هڪڙي خاني کان ٻئي خاني ڏانهن پئي وياسون.
ٻاهران ٻيو ڪو ماڻهو به اسان سان گڏ اچ وڃ ڪري
رهيو هئو. اسان کي ڪڏهن گپ ۾ پيرن جي هلڻ جو آواز
۽ ڪڏهن ڏاڪن تي چڙهڻ جو کڙڪو ٻڌڻ پئي آيو.“
”اهو ٻڌين ٿو؟ اهو مِگون آهي، اڪيلو سِرُ اهي، نه اٿس
مائٽ نه گهر. ڏاڍو شرارتي ماڻهو آهي. هن کي شرارت
مان اهرو مَزو ايندو آهي، جهرو ڪنهن جوان عورت کي
عشق ڪرڻ مان. جڏهن هو هجي، ته خيال سان
ڳالهائجانءِ.“
انهيءَ کان پوءِ رهڻ واري ڪمري ۾ هو آرام سان ويهي
رهيو. پنهنجو پائيپ دکائي، دونهين جا ڇلا ڪڍڻ لڳو.
هن جون اکيون خيال ۾ ٻوٽجي ويون هوريان ۽ صاف لفظن
۾ چوڻ لڳو. ”مون ڏٺو پئي ته تون پنهنجي جواني
برباد ڪري رهيو هئين. تو ۾ ڪافي قوتون ۽ لياقتون
آهن ۽ تنهنجا خيال تعريف جوڳا اهن. توکي جنهن شيءِ
جي ضرورت آهي. اهو آهي مطالعو. پر توڱي مطالعي ۾
اهرو گم ٿي وڃڻ نه گهرجي. جو اهو تنهنجي ۽ ماڻهن
جي وچ ۾ ديوار ثابت ٿئي. هڪرو پورهو مذهبي ماڻهو
هوندو هو، انهيءَ هڪڙي ڀيري بلڪل صحيح ڳالهه چئي.
”جيڪو علم سکيو ۽ سيکاريو وڃي ٿو، سو سڀ انسانن
وٽان حاصل تئي ٿو.“ جيڪو علم ماڻهن وٽان حاصل ٿئي
ٿو سو ڪتابن کان وڌيڪ ڏلئي نموني حاصل ٿئي ٿو ۽
اهو وڌيڪ ڪڙو ٿو ٿئي، پر جيڪي ڪجهه به اهڙيءَ ريت
حاصل ٿو ٿئي. اهو ڄڻ پٿر تي ليڪو آهي.“
انهيءَ کان پوءِ هن اهو خيال ظاهر ڪيو ته پهريون ۽ مکيه
ڪم اهو آهي ته ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ بيداري پيدا
ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ اهو خيال عام طرح بيان ڪيو ويندو
هو. پر هن جي عام رواني لفظن ۾ نئين ۽ اونهي معنيٰ
سمايل هئي.
”شهر ۾ تنهنجا شاگرد دوست مانهن سان محبت جون گهڻيون
ڳالهيون ڪندا آهن. مان انهن کي چوندو اهيان ته اهي
اجايون ڳالهيون آهن. توهين ماڻهن سان پيار ڪونه ٿا
ڪريو، پر رڳو وات ٿا هڻو.“
هو هوريان کلڻ لڳو ۽ مون ڏانهن غور سان نهاري، هيڏانهن
هوڏانمهن اچ وڃ ڪندي. اثرائتي نموني چوڻ لڳو.
”محبت هر ڪنهن ڳالهه تي راضو ڏيکارڻ، محبوب سان
پيار ڪرڻ ۽ ڪنهن به ڳالهه تي اعتراض نه ڪرڻ صرف
عورت سان عشق واريءَ حالت ۾ ٺيڪ آهي. پر ماڻهن
واريءَ حالت ۾ ڇا انهن جي بي علميءَ کي نظرانداز
ڪري سگهجي ٿو، انهن جي غلطين تي ماٺ ڪري سگهجي ٿي،
انهن جي ظلمن کي معاف ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا، اسين ايئن
ڪري سگهون ٿا؟“
”نه.“
”ٺيڪ. پر تنهنجا شهر وارا سڀ دوست نيڪراسوف پرهن ٿا، ۽
نيڪراسوف ڳالهائين ٿا. مان توکي چوندس ته توهان
نيڪراسوف کي ڇڏي ڏيو. ماڻهن کي ٻڌايو ته منهنجا
ڀائرو توهين خراب ماڻهو نه آهيو، پر جيڪا حياتي
اوهين گذاري رهيا اهيو اها خراب آهي - ۽ اوهان کي
ايترو به پتو ڪين آهي ته ان کي وڌيڪ سک ڀري ۽ آرام
ڏيندڙ ڪيئن بنائجي. هڪڙو وحشي جانور به پنهنجون
ضرورتون توهان کان وڌيڪ سهڻي نموني پوريون ڪندو
آهي، ۽ پنهنجو بچاءُ توهان کان وڌيڪ عقلمنديءَ سان
ڪندو آهي. اوهين ماڻهو ئي هر ڪنهن ڳالهه جو بنياد
آهيو. امير، پادري، عالم، ۽ زار اهي به توهان جهڙا
ماڻهو آهن. ڪيئن بربار آهي؟ ته پوءِ اوهان کي به
زندگي گذارڻ جو ڍنگ سکڻ گهرجي. جيئن ڪوبه اوهان تي
طلم ڪري نه سگهي.“
هو رڌني ۾ وڃي، مائيءَ کي سماور گرمي ڪرڻ لاءِ چئي آيو.
موٽي اچڻ کان پوءِ مون کي پنهنجا ڪتاب ڏيکارڻ لڳو،
جن مان گهڻا سائسن تي هئا. ڪتابن بڪل، لائل، ليڪي،
لباڪ، ٽيلر، هِل، اسپينسر، ڊارون، ۽ روسي مصنفن ۽
پساريف ڊوبروليوبوف چرنيشيو وسڪي، پشڪن گانڪاروف ۽
نيڪ راسوف جا هئا. هو پنهنجو هٿ ڪتابن جي جلدن جي
مٿان اهڙيءَ ريت گهمائي رهيو هو. ڄڻ ٻليءَ جي
پونگڙن سان پيار ڪندو هجي. جوش ۾ ڀرجي چوڻ لڳو،
”سڀيئي سٺا ڪتاب آهن. هيءُ اڻ لڀ ڪتاب آهي. سينسر
وارن ان کي ساڙڻ جو حڪم ڪيو هئو. جيڪڏهن تون ڄاڻڻ
چاهين ٿو، ته حڪومت چاهي ته اهو ڪتاب پرهي ڏس.“
هن منهنجي هٿ ۾ هابس جو ”ليوِياٿان“ نالي ڪتاب ڏنو.
هيءُ ڪتاب به حڪومت بابت آهي، پر اهو ڪتاب سادي ۽
مزيدار ڍنگ سان لکيل اهي.
ٻيو ڪتاب مڪياولي جو ”پرنس“ هو.
چانهه پيئڻ ويل هن پاڻ بابت ڪجهه بڌايو. هو چيرنگوف
لوهار جو پٽ هئو. ڪائيف ريلوي اسٽيشن تي ريل کي
تيل ڏيڻ جو ڪم ڪندو هئو. جتي هن جي واقفيت
انقلابين سان ٿي. مزدورن جي مطالعي جو ڪلاس قائم
ڪيو هئائين. پوءِ هن کي گرفتار ڪيو ويو هئو. ٻه
سال جيل گذارڻ کان پوءِ هن کي ڏهن سالن لاءِ
ياقوتسڪ علائقي ڏانهن شهر نيڪالي ڏني وئي هئي.
”پهريان ته مون سمجهيو پئي ته ياقوتسڪ جهري علاقي ۾
رهندي. منهنجو موت ٿي ويندو. اتان جو سيارو، الله
جي امان، مغز کي کوپڙيءَ ۾ ڄمائي ٿو ڇڏي. ها، پر
اتي مغز اهي به بيڪار! پوءِ مون کي پتو پيو ته اتي
ٻيا به روسي هئا. جيتوڻيڪ ٿورا ۽ پري پري هئا، پر
هئا ضرور. ٻين کي به هڪٻئي جي پٺيان موڪيو پئي
ويو. اهي سڀ ڏاڍا عمدا ماڻهو هئا. انهن خاص طرح
هڪرو شاگرد لد مير ڪارولينڪو هئو. هن جي ٽيپ جا
ڏينهن مون کان پوءِ جلد ئي پورا ٿيا هوندا. هو ۽
مان ٻئي هڪٻئي جا ڪجهه وقت تائين گهاٽا دوست
هئاسين. پر پوءِ جدائي اچي ويئي. اسان ٻنهي ۾ گهڻي
هڪجهڙائي هوندي هئي. هڪجهڙائيءَ جي بنيادن تي قائم
ڪيل دوستي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪندي آهي. هو سرگرم،
اورچ ۽ جنهن ڪم ۾ ڇڏيس انهيءَ ۾ ڀڙ هوندو هو. هو
مجسمن تي به چٽ سازي ڪندو هو، جيڪا ڳالهه مون کي
نه وڻندي هئي. هاني ٻڌو اٿم ته ادبي رسالن ۾ چڱا
مضمون لکندو آهي.“
انهيءَ رات روماس ڪافي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو. تان
جو اچ رات ٿي ويئي. اها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ پئي آهي
ته هن مون کي اها ڳالهه محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش پئي
ڪئي، ته منهنجو لاڳاپو هن سان وڌيڪ بهتر هو ۽ ان
کان اول ڪنهن ٻئي جي اهڙي چڱي صحبت ڪڏهن حاصل ٿيل
نه هوندم. آءُ پان به خودڪشيءَ واري واقع کان پوءِ
خود پنهنجي نظرن ۾ ڪري پيو هوس. مان پاڻ کي ڌڪاريل
محسوس ڪندو ٿي رهيس. منهنجو ڏوهي ضمير مون کي
انهيءَ ڳالهه تي ملامت به ڪندو هو. ته مان زندهه
ڇو آهيان. جو مان سمجهان ٿو ته روماس اهو اندازو
منهنجي لاءِ لڳايو هوند ۽ پنهنجي زندگيءَ جون
ڳالهيون سادگيءَ ۽ اٽڪل سان بيان ڪري منهنجو توازن
درس ڪرڻ ٿي گهريائين.
آرتوار جي ڏينهن چرچ جي وقت کان پوءِ اسان ڌنڌي لاءِ
دڪان کوليو ۽ هڪدم ماڻهو دالان وت ڪٺا ٿيڻ شروع
ٿيا. پهريون ماڻهو جيڪو آيو، سو مئٿيو بارينوف
هئو. هو گدلو ۽ اڻ وهنتل هئو. هن جون ٻانهون باندر
وانگر ڊهيون هيون، پر هن جون اکيون سهڻيون ۽ عورتن
جهڙيون هيون، جن ۾ بي خيالي ڀريل هئي.
شهر جي ڪهڙي خبر آهي؟“ روماس سان خوش خير عافيت
ڪندي پڇٻڻ لڳو. پر سواءِ ڪنهن جواب ٻڌڻ جي ڪوڪشڪن
کي رڙ ڪري چيائين. ”ستيپان ! تنهنجن ٻلين ٻيءَ ڪڪر
کي به جهاتڪو ڪري ڇڏيو.“ وري ٺهه پهه چوڻ لڳو ته
گورنر زار سان ملڻ لاءِ ڪازان مان پيٽرزبرگ روانو
ٿيو ويو آهي، جتي هو زار کان اهڙو حڪم ڪڍرائيندو.
جيئن سڀ تاتاري ڪوهه قاف ۽ ترڪستان هليا وڃن. هو
گورنر جي تعريف ڪرڻ لڳو. ”ڏاڍو هوشيار ماڻهو آهي.
پنهنجو ڪم خوب هلائي ٿو ڄاڻي.“
”سڀ تنهنجون کوجنائون آهن،“ روماس هن کي سنجيدهه ٿي
چيو.
”مان، ڪڏهن؟“
”مون کي پتو ڪونهي.“
هڪرو سڪو هڏائون ماڻهو، جنهن کي ليڙون ليڙڪوت پيل هو،
جو شايد ڪنهن وقت ڪنهن امير جو هوندو، اسان ڏانهن
وڌندو آيو. هن جي منهن جو پنو ڀوائتي نموني بدلجي
ويو، ۽ هن جي ڪارن چپن تي بيمارن جهڙي مڪ پکڙجي
ويئي. هن جي کاٻي اک لڳاتار پئي ڦڙڪي، جنهن ڪري ان
جي مٿان چُٽي واري ڀرون پئي ڇڪي.
”ڀلي آئين مِگون“ برينوف ٽوڪ جي نوع ۾ چيو، ”رات ڇا
چورايو اٿئي؟
”تنهنجي دنيا!“ مِگون ڏاڍي ۽ صاف آواز ۾ جواب ڏنس، ۽
پنهنجي توپي لاهي، روماس کي سلام ڪيائين.
اسان جو پاڙيسري ـ زميندار، پانڪوف نه اچي پهتو. هن کي
شهري ڍنگ جي جئڪيت، ڳچيءَ جي چوگرد روما، چمڪندر
بوت ۽ چيلهه جي چوگرد گهوڙي جي رينن جيتري ڊگهي
زنجيري پيل هئي. مگون کي ڪاور مان هيٺ مٿي
نهاريندي، چوڻ لڳو. ”پوڙها شيطان، جيڪڏهن وري
منهنجي ڀاڄين جي واڙيءَ ۾ پير رکيو اٿئي، ته ڏنڊو
هڻي، مٿو ڦاڙي رکندو مانءِ.“
”وري ساڳي ڳالهه“، مگون هن کي ماٺ ڪرائڻ واري نموني ۾
جواب ڏنو. ”جيستائين ڪنهن جو مٿو ڦاتل نه ڏسندين
تيسين مزو نه اينداءِ!“
پانڪوف ڪاوڙ مان رڙيون ۽ واڪ ڪرڻ لڳو، پر مگون چوڻ لڳو،
”اڙي ڪير ٿو چوي، مان ڪراڙو آهيان؟ ڇائيتاليهه سال
.....۽ ڪراڙو؟“
برينوف رر ڪري چيس، ؟تو پاڻ چيو هو ته تنهنجي عمر
ٽيونجهاهه سال آهي! ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين؟“
شاندار چاپهين ڏاڙهيءَ وارو سسلوف ۽ مهاڻو ازات ۽ ٻيا
اٽڪل ڏهه ماڻهو به انهن سان گڏ آيا. خوخول دڪان جي
دروازي جي ڀرسان دالان تي ويهي رهيو ۽ پائيپ
دکائي، ڳوٺاڻن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. ڳوٺاڻا دالان
جي ڏاڪن ۽ دروازي جي ٻنهي پاسن کان پيل بينچن تي
ويهي رهيا.
مگون ۽ ڪوڪشڪن پاڻ ۾ ويهي انهيءَ اڻ – فيصل ٿيل سوال تي
خيال آرائي ڪرڻ لڳا ته ڪير زور ويڙهو اهي – واپاري
يا زميندار؟ ڪوڪشڪن واپاريءَ جو پاسو ورتو ۽ مگون
زميندار جو. آخر مگون جي لُڙ ڪوڪشڪن کي ماٺ ڪرائي
ڇڏيو.
”مسٽر فنگروف جي پيءُ نيپولين بوپارٽ جون مڇون پٽيون
هيون. مسٽر فنگروف ڇا ڪيو هو جو ٻن ۾انهن کي، ڪوٽ
جي ڪالرن کان وٺي، پري جهلي، کڻي سندسن مٿا مٿن
سان ٽڪرايا هئا. جڏهن هنن مان هٿ ڪڍيو هئائين ته
ٻئي ڄنا بي ست ٿي، اچي پٽ تي ڪريا هئا.“
”ڪنهن ماڻهوءَ جي مارڻ لاءِ اهو ڪافي آهي.“ ڪوڪشڪن قبول
ڪندي چيو، ”پر، واپاري زميندار کان وڌيڪ کائيندو
آهي.“
ٺاهوڪيءَ شڪل وارو سسلوف جيڪو مٿئين ڏاڪي تي ويٺو هو،
شڪايتي لهجي ۾ چوڻ لڳ، ”ويچارن هارين جو هاڻي حال
ڪونهي. اڳي جاگيردارن جي ڏينهن ۾ ڪو سست نه وهندو
هو ۽ پيو ڪم ڪندو هو.“
ازات جواب ڏنس، “جاگيرداريءَ کي واپس آڻڻ لاءِ درخواست
پو نه ٿو ڪرين؟“
روماس مٿي نهاريو، پر ماٺ رهيو، ۽ پنهنجي پائيپ مان
سڙيل تما ڪڍي ڦٽو ڪيائين.
مان انهيءَ ڳالهه جو انتظار ڪري رهيو هوس ته خوخول
ڳالهائي ڳوٺاڻن جون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون
ٻڌي، اهو ڌُڪو پئي لڳايم ته خوخول ڇا چوندو؟ اهڙا
گهڻائي موقعا آيا هئا. جتي هن کي ڳالهائڻ کپندو
هو. پر هو بت ٻنيو، ماٺ ڪيو ويٺو هو، ۽ ويٺي اهو
لقاءُ ڏٺائين ته ها ڪيئن ٿي ڪَڪَرن کي اڏائيندي
ويئي! نديءَ ۾ جهاز سيتيون وڄائي رهو هو.
هارمونيڪا تي عورتون جي ڳائڻ جو آواز اچي رهيو هو.
هڪڙو نشئي گهٽيءَ ۾ کنگهندو ۽ وڦلندو پئي ويو. هن
جون ڄنگهون وچرنديون پئي ويون. جنهن ڪري پاڻيءَ جي
دَٻن ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو پئي هليو. ڳوٺاڻن جون
ڳالهيون ڍليون ٿينديون ويون. ۽ هنن جو لهجو اداس
ٿيندو ويو. مان به پاڻ کي اداس محسوس ڪرڻ لڳس،
ڇاڪاڻ ته آسمان مان مينهن پوڻ جو انديشو هو ۽
منهنجي دل شهر جي اڻ کت گوڙ شور ڏانهن هلي ويئي.
جتي گهٽين ۾ ماڻهن جي ڀِيڙ هئي. ۽ ماڻهن جي
ڳالهائڻ ۾ کڙائي هئي. ۽ هنن جا لفظ ماڻهوءَ کي
سوچڻ لاءِ آماده ڪندا هئا.
چانهه پيئڻ ويل مان خوخول کان پڇيو ته هو ڳوٺاڻن سان
ڪنهن وقت ڳالهيون ڪندو آهي. ”ڇا بابت؟“ هن پڇيو.
منهنجو جواب خيال سان ٻڌي چوڻ لڳو، ”منهنجا دوست
جيڪڏهن هنن سان مان اهڙيون ڳالهيون عام رستن تي
ويهي ڪريان، ته وري مون کي ياقوِتن سان گڏ رهڻ
لاءِ موڪليو ويندو.“
هن پنهنجي پائيپ کي تمام سان ڀري دکايو، تان جو دونهون
هن جي چوگرد ڦري ويو ۽ اهڙي سانتيڪي نموني ڳالهائڻ
لڳو، جو هن جا لفظ منهنجي حافظي ۾ محفوظ ٿي ويا.
ڳوٺاڻا شڪي ۽ دور انديش آهن. ڳوٺانا پاڻ ۾، پنهنجي
پاري وارن ۽ سڀني کان زيادهه هر ڪنهن ڌاريئي
ماڻهوءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا آهن. اٽڪل ٽيهه
سال کن ٿيا آهن، جو هنن کي آزادي ملي آهي. هر ڪو
چاليهن وريهن جي عمر وارو هاري ”سرف“ (غلام هاري)
ٿي ڄائو هو، تنهنڪري هن کي اڃا اهي ڳالهيون ياد
آهن. آزاد ڇاهي؟ اها ڳالهه هو سمجهي نه ٿو سگهي.
آزاديءَ جو مفهوم اهو ٿو ورتو وڃي ته زندگي جيئن
وڻي تيئن گهارجي. پر جي کڻي نهاربو ته چؤ طرف
آفيسرن ۽ حاڪمن جو پهرو لڳو پيو اهي، جنهنڪري
حياتي آزاديءَ سان گهارڻ ڏکي ٿي پوي ٿي. زار ئي
هارين کي زميندارن جي چنبي مان ڪڍيو آهي، تنهنڪري
هاڻي هو ئي هنن جو اڪيلو مالڪ آهي، پر اهو ڏينهن
ڪڏهن اوچتو ايندو، جڏهن زار کين ٻڌائيندو، ته هن
آزاديءَ جو مطلب ۽ معنيٰ ڇا آهي؟ هارين جو زار ۾
مڪمل اعتماد آهي، جيڪو زمين ۽ زمين جي نعمتن جو
مالڪ آهي. جهڙيءَ ريت هن سميندارن کان زمينون کسي
ورتيون آهن. تهڙيءَ طرح ٿي سگهي ٿو ته هو واپارين
کان دڪان ۽ جهاز به کسي وٺي. هاري زار جا پوئلڳ
آهن، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته گهڻن مالڪن کان هڪ
مالڪ وڌيڪ بهتر آهي. هو انهيءَ ڏينهن جي انتظار ۾
اهن جڏهن زار آزاديءَ جو اعلان ڪندو، ۽ تڏهن،
جنهنکي جيڪو آيو تنهن ته قبضو ڪندو. هر ڪو اهڙي
ڏينهن جي آمد جو خواهان آهي. پر ان کان ڊڄي به ٿو.
هر ڪنهن کي اها ڳڻتي لڳي پئي اهي ته متان هنن جي
هٿن مان اهو عام قبضي ڪرڻ وارو ڏينهن هليو وڃي. هن
کي پنهنجي دل جا فڪر اهن. هن کي گهڻو گهرجي، گهڻي
تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي، پر اهو هڪ ڪيئن ڪري سگهندو؟
هر ڪو انهيءَ لاءِ واجهه پيو وجهي. جيڪڏهن چؤ طرف
نهاربو، ته بي انتها هارين جا ويري لڳا ٿا وتن، ۽
انهيءَ ڳالهه ڪري هو زار جا به دشمن ٿي پيا اهن.
پر آفيسرن کان سواءِ ملڪ جو گاڏو ئي نه گڙڪي
سگهندو. جي اهي ويا ته ماڻهو هڪٻئي جون سسيون وڍڻ
شروع ڪري ڏيندا.
هوا تيزيءَ سان بهار جي مينهن جون ڇاٽون دريءَ سان هڻي
رهي هئي. گهٽيءَ ۾ ميرانجهڙو ڌنڌ لڳو پيو هو ۽
منهنجي مٿان به ڪا اهڙي اونداهي ۽ ميرانجهڙي شيءِ
ڇائنجي وئي هئي. روماس جو آواز آهستي آهستي چئي
رهيو هو، ”ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ
گهرجي ته وقت اچڻ تي هارين کي وڌي زار جي هٿن مان
طاقت پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ گهرجي. ۽ ماڻهن کي ئي پان
مان آفيسرن جهروڪ: پولي، گورنر، زار وغيره چونڊڻ
جو حق هئڻ گهرجي.“
”انهيءَ ۾ ته سؤ سال لڳي ويندا.“
”ته تون ڇا ٿو سمجهين ته اهو ڪم ڪرسمس تائين ٿي ويندو.“
شام جي وقت هو ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو. اٽڪل رات جو
ياريهن وڳين، گهر جي ڀرسان، گهٽيءَ ۾ مون گوليءَ
جو آواز ٻڌو. مان مينهن ۾ دڪندو ٻاهر نڪري ويس.
ڏٺم ته روماس دروازي ڏانهن اچي رهيو هو. هو سڪل ۾
اونداهون پئي لڳو ۽ هوريان هوريان پاڻيءَ جي دَٻن
کان پاسو ڪندو پئي آيو.
”ٻاهر ڇو آيو آهين؟ گوليءَ جي ٺڪاءَ تي؟“
”ڇاٿيو؟“
”ڪن ماڻهن مون تي لٺين سان حملو ڪيو. مون چيو مان ته
مون کي ڇڏي ڏيو. نه ته مان گولي هلائيندس. هنن
ايئن نه ڪيو، تنهن ڪري مون هوائي فائر ڪيو. ڪنهن
کي ڪو نقصان نه رسيو.“
هو اندرئين ڪمري ۾ بيهي پسيل ڪپڙا لاهڻ لڳو. هن جي
ڏاڙهيءَ مان پاڻي ٽمي رهيو هو. هن جو سر ڏڪي رهيو
هو ۽ گهوڙي وانگر هڻڪندي چوڻ لڳو، ڏسجي ٿو ته
منهنجي واهيات بوٽن ۾ ٽنگ ٿي ويا آهن. انهن کي
بدلائڻو پوندو. توکي روالور صاف ڪرڻ ايندو آهي؟ هن
کي ته صاف ڪجانءِ، متان ڪٽجي وڃي. ٿورو تيل
لڳائينس.“
هن جي بردباري ۽ هن جي اکين ۾ محڪم ارادي وارو حڪم ڏسي،
منهنجي دل هن جي واکاڻ ڪرڻ لڳي. ڀر واريءَ ڪوٺي ۾
آئيني جي سامهون وارن کي ڦڻي ڏيندي. مون کي خبردار
ڪندي چيائين. ”جڏهن به ٻاهر ڳوٺ وڃي ته پنهنجو
خيال رکجانءِ، خاص طرح رات جو ۽ موڪل جي ڏينهن تي.
ٿي سگهي ٿو تنهنجي پٺيان پونِ. پر لٺ نه کڻجانءِ،
ڇاڪاڻ ته اها جهيڙي جو مُنڍ آهي ۽ متان هو ڏياکاءُ
ڏينِ ته تون ڊڄين ٿو. ڊڄڻ جي ڪابه ڳالهه ڪانهي.
اهي سڀ گهڻو ڪري بزدل آهن.“
منهنجي زدنگي مزيدار نموني گذرڻ لڳي. هر ڏينهن هو پاڻ
سان نئين ۽ شاندار شيءِ آڻڻ لڳپ. مان ڏاڍي هڄڇ سان
نيچرل تاريخ جو مطالهو ڪرڻ لڳس. جنهن لاءِ روماس
چوندو هو، ”ٻين سڀني ڳالهين کان اول هن کي پنهنجي
دماغ ۾ جاءِ ڏي، هيءُ سڀني کان بهترين آهي، ۽
انساني دماغ جو روح انهيءَ سائنس ۾ سمايل آهي.“
ازات مون وٽ هفتي ۾ ٽي ڀيرا شام جو پرهڻ ايندو هئو.
پهريان هن جو مرن اعتماد ئي نه هوندو هئو ۽ منهنجي
سمجهاڻي طنزيه انداز ۾ بڏندو هو، پر ٻن چئن سبقن
پرهڻ کان پوءَ منهنجي واکاڻ ڪندي چيائين ”تنهنجي
سمجهاني ته ڏاڍي سٺي آهي. منهنجا پٽ، توکي ته
ماستر ٿيڻ گهرجي.“
هڪڙي ڏينهن چيائين، ”تنهنجي طاقت جون ڳالهيون ٿا ڪن. اچ
ته ڪا ڪاٺي کني طاقت آزمايون.“
اسين رڌڻي مان ڪاٺي کني اڪيلائي اڪيلا فرس تي ويهي
رهياسين. هر ڪنهن پنهنجي هٿن سان ڪاٺيءَ کي پان
ڏانهن ڊوهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ کڙتيل ڪجهه نه
نڪتو. خوخول اسان کي ڏسي پئي کليو ۽ همت افزائي
پئي ڪئي ”شاباش، شاباش، وارو ڪجانس.“
ڇڪ ڇڪان، ڇڪ ڇڪان. آخر ازات مون کي ماري ويو. ۽ ڦري پاڻ
منهنجي واکاڻ ڪرڻ لڳو.
”پرواهه ناهي“، کلي چيائين، ”افسوس آهي، جو توکي مڇي
مارڻ سان شوق ڪونهي، نه ئي مون سان وولگا جي سير
تي هلين ٿو. رات جي وقت اتي بهشت لڳو پيو آهي.“
هو ڏاڍي ڌيان سان پرهندو هو ۽ پرهڻ ۾ چڱي ترقي ڪئي
هئائين. ڪڏهن ڪڏهن سبق کي اڌ ۾ ڇڏي، ٽپو ڏئي، اٿي
کرو ٿيندو هو، ۽ جهٽ ڏئي، خاني مان ڪونه ڪو ڪتاب
کڻي وٺندو هو. پوءِ ان جون ڪجهه سٽون پڙهڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. هن جون اکيون غور ۾ ٻڏي وينديون هيون ۽
آواز گگهو ٿي ويندو هئو. پوءِ هن جي چههري تي خوشي
پکڙجي ويندي هئي ۽ مون کي هيٺ کان مٿي نهاري چوندو
هئو، ”مان پڙهي ٿو وڃان! پڙهي ٿو وڃان.“
هو ننڍڙي ٻار وانگر ڏاڍو صاف دل ۽ سچار هوندو هئو. مون
کي هن ۾ ڪتابن وارو نيڪ دل هاري نظر ايندو هئو. هن
۾ به اهڙا شاعراڻا جذبا هوندا هئا. جهڙا گهڻو ڪري
ٻين مهاڻن ۾ آهن. هن کي وولگا نديءَ ۽ خاموس
راتين سان عشق هئو هن کي تنهائي ۽ خيال ۾ ٻڏل
زندگي پسند هوندي هئي. ستارن ڏانهن نهاري ڍوندو
هئو، ”خوخول چوي ٿو ته مٿي انهن ستارن ۾ به زندگي
آهي. تنهنجو خيال ڇا هي؟ ڪاش اسين هنن کي سگنل ڏئي
پڇي سگهون ته هو ڪيئن ٿا گذارين؟ شايد اهي اسان کي
وڌيڪ بهتر ۽ مزي واري زندگي گزاريندا
هجن............“
هو پنهنجي زندگيءَ تي خوش هئو. هو يتيم، غير شادي شده
هئو ۽ پنهنجي مڇي مارڻ واري ڪم ۾، جنهن سان هن جو
پيار هئو، پان – وهيڻو هئو. پر هن جي ڳوٺاڻن سان
پوندي ئي نه هئي ۽ مون کي سمجهائيندو هئو، ”هنن جي
ڳالهين تي ڀنڀلجي نه وڃ، اهي چڱا ماڻهو نه پر
تريناڪ ۽ دوکيباز آهن. اهي اڄ توسان هڪڙو رويو
اختيار ڪندا ۽ سڀاڻي ٻيو. ڪنهن کي به پنهنجي فائدي
کانوساءِ ٻيءَ ڪنهن ٻي ڳالهه جو خيال ڪونهي، ۽ هر
ڪو پنهنجي ليکي سماجي جوابدارين مان ڪنڌ ڪڍائڻ جون
پيو ڪوششون ڪندو. ”ڳوٺ جي شاهوڪار ۽ وڏن پيتن وارن
کي هو اهڙيون گاريون ڏيندو هئو، جو صاف دل ماڻهوءَ
جي واتان اهي گاريون ٻڌي عجب وٺي ويندو هئو.
عورتون هن سهڻي ۽ جانٺي جوان جي پٺيان ڇتيون هونديون
هيون. ”انهيءَ ڳالهه ۾ مان نصيب وارو آهيان.“ هو
چوندو هو ”انهيءَ تي هنن جا مڙس پڄرن ٿا، جيڪڏهن
مان هنن جي جاءِ تي هجان ها ته منهنجو به ساڳيو
حال هجي ها، پر ماڻهو عورت سان، جيڪا ماڻهوءَ جي
بي دل آهي، ان قرب ڏيکارڻ کان ڪيئن پري رهي ٿو
سگهي؟ هنن جا مڙس هنن کي قرب نه ٿا ڏين، پيار نه
ٿا ڏين، باقي هنن کي گڏهه وانگر سڄو ڏينهن پيا
وهائين. اها آهي هنن جي زندگي. مڙسن کي ايترو وقت
ئي ڪونهي، جو هنن سان محبت ڪن، ۽ مون کي سمورو وقت
آهي. شاديءَ جي پهرئين سال ئي هنن تي مڙس جو مار
موچرو شروع ٿي وڃي. مان سمجهان ٿو ته هنن کي ٺڳڻ
گناهه آهي .... ”هڪٻئي سان وڙهو نه“، مان هنن کي
چوندو آهيان، ”هڪٻئي سان سار نه ڪيو، مون ۾ اوهان
سڀني جي سار لهڻ جي سگهه آهي. اوهين سڀ منهنجي
لاءِ هڪجهڙيون آهيو، مان اوهان سڀيني سان هڪجهڙي
هلت هلندس.“
ٿورو لڄاري نموني مرڪي چوڻ لڳو، ”هڪڙي ڀيري ته مون
هڪڙيءَ شهري عورت کي ڦاسايو هو. هوءَ شهر مان
اونهاري جي وئڪيشن گذارڻ ائي هئي. هن جي حسن جي
ڪهڙي تعريف ڪجي، چمڙي اڇي، وار ميڻ جهڙا نرم ۽
اکيون نيريون، جن ۾ قرب پئي ڇلڪيو. هن مون کا ن
مڇي خريد ڪئي. مان هن کي چٽائي نهارڻ کان پاڻ روڪي
نه سگهيس.“
”ڇا گهرجئي؟“ هن پڇيو.
”سمجهڻ سولو اهي.“ مون چيو.
”۽ هو هلي آئي پر مڇرن هن کي تپائي کنيو. سڄو وقت هن کي
پٽيندا رهيا ۽ وڃڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائون.
”مون کي ته ماري رکيائون.“ هوءَ چوڻ لڳي. ۽ ذري
گهت روئڻهار ڪي ٿي ويئي. ٻئي ڏينهن هن جو مڙس جيڪو
جج هو اچي پهتو. اهي آهن شهري زالون .....“ ازات
حقارت جهڙي لهجي ۾ چيو. ”جن کي مڇر ٿا مارين.“
ازات ڪوڪشڪن جي ڏاڍي ساراهه ڪندو هو. ”توکي اڳتي پتو
پوندو-ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. جيڪي هن کي پسند نه ٿا
ڪن اهي غلط آهن. اهو سچ آهي ته هن جي زبان کي بس
ناهي. پر ڪنهن جي زبان بند آهي.“
ڪوڪشڪن کي ٻني ٻارو ڪونه هو. هن جي زال کي پيئڻ جي عادت
هئي. هو4 روزاني مزدوريءَ تي ڪم ڪندي هئي. قد جي
بندري، بت جي سگهاري، چست ۽ چيڙاڪ هوندي هئي.
ڪوڪشڪن پنهنجي جهوپڙي هڪڙي لوهار کي مسواڙ تي ڏئي
ڇڏي هئي ۽ پاڻ ڌوٻي – گهر ۾ رهندو هو. هن کي خبرن
جو جنون هو. جڏهن ڪابه خبر ڪا نه هوندي هئي ته
پنهنجون خبرون گهڙيندو هو. جيڪي گهڻو ڪري ساڳئي
ڍنگ جون ۽ اعتبار ۾ اچڻ جهڙيون نه هونديون هيون.“
”توهان کي پتو آهي ته تمڪوف پوليس وارو راهب ٿي رهيو
آهي. مان هارين کي سدائين ستائيندو نه وتندس. هن
چيو ٿي، ”جيڪڏهن اها نوڪري آهي ته ڀل وڃي کڏ ۾
پوري.“
هڪ ڀيري، خوخول سنجيدهه ٿي چيس، ”بس جي اهو هال آهي ته
ڪو آفيسر ئي ڪونه رهندو.“ ڪوڪشڪن انهيءَ تي ويچار
۾ پئجي ويو ۽ پنهنجي مٿي جي ٺوڙهه کي کنهي، ان مان
ڪڪ ۽ مٽي ڪڍڻ لڳو.
ڳوٺ وارن لاءِ ڪوڪشڪن ڪنهن ڪم جو ماڻهو نه هئو. هن جي
سودائين ورن پورن ۽ من گهڙت ڳالهين ڪري ڳوٺ جا
ماڻهو هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ۽ هن تي توڪون ڪندا
هئا. انهيءَ هوندي به هو هن جون ڳالهيون اهڙي خيال
سان ٻڌندا ”پينو“ ۽ ”خالي دماغ“ ڪوٺيندا هئا،
باقي فئشني پانڪوف هن کي ؟ڳجهارت“ ڪري ڪوٺيندو هو.
ڪوڪشڪن چڱو ڪاريگر هئو، هن کي مثيءَ جا چلها ٺاهڻ،
ماکيءَ جي مکين کي پالڻ، عورتن کي ڍوزن پالڻ جا
سبق ڏيڻ ۽ ڊکاڻڪو ڪم ڪرڻ ايندو هئو. جيتوڻيڪ هو ڪم
کان ڪيٻائيندو ۽ ڪم ڍلو ڪندو هئو، پر جنهن ڪم ۾ هٿ
وجهندو هو اهو چڱيءَ طرح پورو ڪندو هو. هن جي ٻلين
سان دل هوندي هئي. اٽڪل ڏهه ٿلهيون متاريون ٻليون
هن جي ڌوٻي گهر ۾ گهمنديون وتنديون هيون.
هن ڪڏهن لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو هو، پر هاڻي اهو وسري ويو هوس
۽ وري سکڻ جو خيال به نه هوس. هن کي ڳالهين جي
تَههف تائين پهچي وڃڻ جي ڏات هئي. تنهڪري ٻين سڀني
کان اول خوخول جي ڳالهه سمجهي چوندو هئو. ”چئبو
ظالم آئوان عام ماڻهن لاءِ خراب نه هئو.“
هو، ازات ۽ پانڪوف شام جو ايندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن خوخل
جون ڌرتيءَ جي پيدائش، ٻين ملڪن جي احوال ۽
انقلابي بغاوتن جون ڳالهيون اڌ رات تائين ويٺا
ٻڌندا هئا. پانڪوف کي فرانسيسي انقلاب سڀ کان
زيادهه پسند هوندو هو. ”زندگيءَ اتان ڦيرو کاڌو.“
هو چوندو هئو.
پانڪوف پنهنجي جهوپڙي ڳوٺ جي شاهوڪار ماڻهن جي مرضيءَ
خلاف روماس کي مسواڙ تي ڏني هئي، جنهن ۾ ان دڪان
کوليو هئو. هن کي ماڻهن جي مخالفت جي پراهه ڪانه
هوندي هئي ۽ هي سندن ذڪر ڏاڍي ڌڪار سان ڪندو هئو.
هن کي ٻهراڙيءَ جي زندگي بي مزي لڳندي هئي.
”جيڪڏهن ڪو ڌنڌو ايندو هجي ها ته وڃي شهر رهان
ها.“
هو صاف سٿرو ۽ ڇنڊيو ڦوڪيو رهندو هو ۽ هميشه ڄاڻي واني
ٽانءِ ڪيو وتندو هو. هن جي دل شڪي ۽ انديشي واري
هوندي هئي.
پانڪوف مون سان پهريان عير دوستاني نموني بلڪ ويرين
وانگري پيش ايند هو. ڪڏهن ڪڏهن هو مون سان کهرو ۽
مالڪن وانگر ڳالهئيندو هو. جلدئي هن پنهنجي هلت ۾
پيرو اندو، تڏهن به مونکي هن جي دل ۾ بي اعتباري
لڪل نظر ايندي هئي. مان به هن کي ليکي ۾ ئي نه
آڻيندو هوس.
مون کي اهي راتيون ياد ٿيون اچن، جڏهن ننڍڙي صاف سٿري
ڪمري ۾،جنهن جي ڀتين کي سفيد رنگ ڏنل هوندو هو،
درين تي پردا لڳل هوند هئا ۽ ميز تي بتي رکيل
هوندي هئي. هڪڙو جوان جنهن جو نرار ٻاهر نڪتل، وار
ڪٽيل ۽ ڏارهي چاپهين هوندي هئي، ويٺو آرام سان
ڳالهيون ڪندو هو. ”ماڻهوءَ کي جانورن کان وڌ ۾ وڌ
بلند ٿيڻ گهرجي، اهوئي زندگيءَ جو مطلب آهي.“
تي ڳوٺاڻا هن جي چؤگرد ويٺا پنهنجين تيز اکين ۽ سمجهدار
چهرن سان هن ڏي نهارنيدا هئا. ازات اهڙيءَ ريت چپ
لڳو ويًو هوندو هو، ڄڻ هنن جي ڳالهين جي اندرين
معنيٰ صرف هن کي ئي سمجهه ۾ انيدي هئي. ڪوڪشڪن
ايئن پيو ڦٿ ڦٿ ڪندو هو ڄن ته مڇر پيا پٽيندا هئس.
پانڪوف پنهنجين سهڻين مُڇن کي مروٽي چوندو هو،
”چئبو، آخرڪار ماڻهن ۾ طبقا پيدا ٿي ويا.“
مان پانڪوف جي هڪڙيءَ ڳالهه کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هوس.
ته هو پنهنجي ٻيلي ڪوڪشڪن سان ڪڏهن به کهرو نه
ڳالهائيندو هو ۽ هن جي دم پختن کي ڏاڍي چاهه سان
ٻڌندو هو.
بحثن کان پوءِ مان پنهنجي ڪوٺيءءَ ڏانهن هليو ويندو
هوس. جتان ننڊ ۾ آرام ڳوٺ ۽ خاموس ٻنين ڏانهن
نهارڻ لڳندو هوس. ستارا رات جي اونداهيءَ جي نقاب
مان جهاتيون پيا پائيندا هئا ۽ جيترو مون کان پري
هوندا هئا اوترو ڌرتيءَ جي ويجهو ڏسڻ ۾ ايندا
هُئا. خاموشي منهنجي دل اداس ڪري ڇڏيندي هئي ۽
منهنجا خيال ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي اسان جي ڳوٺ
وانگر جڙيل بي انتها ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا هئا.
منهنجي چؤگردي هر شيءِ ساڪت ۽ سانت ۾ هوندي هئي.
جلديئي، مون کي ڳوٺ جي زندگي خوشين کان خالي نظر اچڻ
لڳي. مون پڙهيم ۽ ٻڌو هو ته ڳوٺن جا ماڻهو وڌيڪ
سٺي ۽ ايمانداريءَ واري زندگي گذاريندا آهن، پر
جيڪي ڪجهه مون ڏٺو اهو مسلسل سخت پورهيو هو، جيڪو
هارين نارين جو رت ست چوسي وٺندو هو. شهر جي
مزدورن جي زندگي به هنن کان ڪا گهٽ تڪليف واري
ناهي. پر ان ۾ وري به سرهائي آهي ۽ هو پنهنجن ڏکن
سورن جون ڳالهيون ڳوٺاڻن وانگر ۽ بيهد سوز ڀري
نموني نه ڪندا آهن. ڳوٺاڻن جي زندگي مون کي ڏاڍي
سادي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هو پنهنجين زمينن تي ڏاڍي
محنت ڪندا هئا. ۽ هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ ۾ دور
انديشيءَ ۽ خيال کان ڪم وٺندا هئا. هنن جون دليون
قرب سان ڀريل هونديون هيون. هنن جي رهڻي ڪرڻيءَ جو
معيار ڪريل هوندو هو. ايئن لڳندو هو ڄڻ هو انڌن
وانگر زندگي پيا گذارين. هنن کي هميشه ڪم نه ڪو
خوف لڳل رهندو هو، ۽ هڪ ٻئي تي اعتبار نه ڪندا
هئا. هنن ۾ بگهڙن وارين عادتن جو ڪجهه نه ڪجهه حصو
مڙئي هوندو هو.
مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي ته
خوخول، پانڪوف ۽ اسان جي سڀني ساٿين سان، جيڪي
انسانيت ڀري زندگي گذارن گهرندا هئا. هنن جو وير
ڇو هو؟ اُتي رهڻ کان پوءِ مون کي شهر جي ماڻهن جي
برتري، هنن جي خوشين حاصل ڪرڻ جي خواهش، علم حاصل
ڪرڻ جي تمنا، ۽ ٻيون ڪيتريون اُميدون ۽ آرزوئون
صاف محسوس ٿيڻ لڳيون. اهڙين راتين جو ٻه شهري
ماڻهو منهنجي حافظي تي تري ايندا هئا.
ايف. ڪالوجن ۽ زيد. نيبي.
جي واچن جا ڪاريگر، ۽ ٻين سڀني قسمن جي وڍ ڪٽ جي اوزارن
سبڻ جي مشينن، فونن ۽ ٻين مشينن جي مرمت جو ڪم
ڪندا هئا.
هڪڙي ننڍڙي دڪان جي سوڙهي دروازي مٿان سندن نالن جو اهو
بورڊ ٽنگل ڏسڻ ايندو هو. دروازي جي ويجهو ٻه دريون
هونديون هيون، جن تي رئي چڙهي پئي هوندي هئي.
هڪڙيءَ جي ويجهو ايف ڪالوجن اک تي کوپو چاڙهيو
ويٺو هوندي هو. هن جي گنجي ٽڪڻ تي هڪڙو زرد ڳوڙهو
پيو چمڪندو هو. جڏهن هو ننڍڙين واچن کي پنهنجن
اوزارن سان ٺاهيندو هو، ته هن جي گول منهن تي مرڪ
پکڙجي ويندي هئي ۽ هو هوريان هوريان راڳ جهونگارڻ
لڳندو هو. جنهنڪري هن جي مڇن جي وارن ۾ لڪل وات
ڏسڻ ۾ اچڻ لڳندو هو. ٻيءَ دريءَ ۾ زيڊ نيبي ويهندو
هو. هن جا وارو ڪارا ۽ گهنڊيدار، نڪ ڊگهو ۽ چهنڊار
۽ اکيون آلوبخارن وانگر وڏينهونديون هيون. شيطان
وانگر سُڪو ۽ دگهو هو، هو به ڪم ۾ مشغول ويٺو
هوندو هو ۽ اوچتو اوچتو بگل جهڙي آواز ۾
”لَ-لَ-لا“ چئي، ماڻهوءَ کي حيرت ۾ وجهي عجيب
چڪرن، گولن، اوزار ۽ مختلف قسم جي پرزن سان ڀريل
هونديون هيون. ۽ سندن سامهون مٿي ڀت تي گهڙيال
ٽنگيل هوندا هئا جن جا پئنڊوليم سدائين پيا لڏندا
هئا. مان جيڪر هنن جي دڪان جي اڳيان سڄي جو سڄو
ڏينهن بيهي هنن کي ڪم ڪندو ڏسندو رهان ها، پر
منهنجي ڊگهي قد ڪري هنن ڏانهن روشني وڃڻ ۾ رخنو
پئجي ويندو هئو ۽ هو مون ڏانهن ٻوٿ بڇڙو ڪري هٿ جي
اشاري سان ويندو ڪندا هئا. اتان ويندي منهنجي دل ۾
ريس ڀريل خيال پيدا ٿيندا هئا، ”ڪنهن به ڪم ۾ ماهر
ٿيڻ ڪهڙي نه خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ”اهڙن ماڻهن
لاءِ مون کي عزت هوندي آهي. مون کي يقين هو ته هنن
کي مشينن ۽ انهن جي پرزن جي رازن جي چڱيءَ ريت خبر
هئي ۽ دنيا جي تختي تي ڪابه اهڙي شيءَ نه هئي جيڪا
هو ٺاهي نه ٿي سگهيا.
پر ڳوٺاڻي زندگي-مون کي پسند نه آئي ۽ ڳوٺاڻا منهنجي
سمجهه کان ٻاهرهئا. عورتن جي وات تي سدائين سندن
بيماريءَ جي ڳالهه هوندي هئي. ”ڪا شيءِ“ هنن جي
اندر ۾ ته ڪڏهن هنن جي دل تائين چرهي ويندي هئي،
ڪڏهن ڇاتيءَ کي مروٽيندي هئي ۽ ڪڏهن پيت ۾ وڪر
کائيندي هئي. هنن جي پيت ۾ ڪا ڳالهه ماپندي ئي نه
هئي. پنهنجين جهپڙين جي اڳيان يا نديءَ جي ڪناري
تي ويهي سموريون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳنديون هيون. اهي
شوخ، جهيڙيڪار ۽ هڪٻئي کي گاريون ڏينديون هيون.
هڪڙي ڀيري هڪڙي پراڻي دکيءَ تي جنهن جي قيمت
ٻارنهن ڪوپيڪ هئي اهرو جهڙو ٿيو، جو لٺيون کڄي
ويون! ان جهيڙي ۾ هڪڙيءَ پوڙهيءَ عورت جي ٻانهن ۽
هڪڙي ڇوڪر جي ڪلهو ڀڳو. اهڙا واقعا هر هفتي پيا
ٿيندا هئا.
مرد، جوان عورتن سان کليو کلايو مستي ڪندا هئا ۽ انهن
کي ڦاسائڻ جون اٽڪلون ۽ ترڪيبون رٿيندا هئا. ڪنهن
ڇوڪريءَ کي ٻنيءَ ۾ جهلي ان جو ڇولهو مٿي ڪري مٿي
سان ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ انهيءَ بدمعاشيءَ کي هو ”گل
بنائڻ“ ڪري سڏيندا هئا. ڇوڪريون چيلهه تائين
اگهاڙيون ٿي وينديون هيون. هنن کي گاريون ڏيڻ ۽
رڙيون ڪرڻ شروع ڪنديون هيون ۽ جيستائين پنهنجي ٻڌل
چولي جون ڳنڍيون کولينديون هيون، تيستائين جوان
انهيءَ تماشي مان لطف اندوز پيا ٿيندا هئا. شام جي
وقت چرچ ۾ عبادت لاءِ ويل جوان عورتن کي پٺيان
سُيون پيا هڻندا هئا، ڄڻ ته چرچ ۾ ئي انهيءَ ڪري
ويندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڪاور ۾ ڀرجي پادريءَ ٿلهي
تان رڙ ڪئي، ”حرامزادؤ، پنهنجن ڪمينائين لاءِ ڪو
ٻيو هنڌ تلاش ڪريو.“
”مان سمجهان ٿو ته يوڪرين جي رهاڪن جا مذهب بابت وڌيڪ
شاعراڻا جذبا آهن. ”روماس چيو، ”هتي خدا ۾ اعتقاد
جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي. سو خوف ۽ لالچ
وارن جذبن جو روپ آهي. هنن جي دلين ۾ خدا جي محبت،
هن جي قوت ۽ هن جي ڪائنات جي خوبصورتيءَ لاءِ ڪو
به سچو پيار ڪونهي. اها پنهنجي ليکي چڱي ڳالهه
آهي، انهيءَ ڪري پاڻ سولائيءَ سان هنن کي مذهب جي
پنجي مان آزاد ڪرائي سگهجي ٿو.“
ڳوٺ جا جوان ٻٽاڪي ۽ بزدل هئا. هنن مون سان ٽي ڀيرا
وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن ۾ ناڪام ٿيا هئا. هڪڙي
ڀيري منهنجي پير تي لٺ وهائي ڪڍي هئائون. مان ان
بابت روماس کي ڪجهه به نه ٻڌايو هو، پر هن مون کي
منڊڪائيندو ڏسي ڳالهه سمجهي ورتي هئي.
”تنهن جي ڪجهه کانِهَر ڪئي اٿائون، ڇا، مون جو توکي چيو
هو، سنڀال ڪجانءِ؟“
جيتوڻيڪ هن مون کي سمجهايو هو ته رات جو ٻاهر نه
وڃجانءِ، تڏهن به مان ڪڏهن ڪڏهن رات جي وقت باغن
سان گهمندو وولگا نديءَ ڏانهن هليو ويندو هوس. اتي
بيد جي وڻن هيٺان ويهي، رات جي اونداهي پردي مان
نديءَ جو نظارو ڏسندو هوس. چنڊ جو پاڇو هوريان
هوريان پانيءَ ۾ پيو ترندو هو. انهيءَ ۾ ڪا اهڙي
ڳالهه لڪل هوندي هئي. جيڪا مون کي اداسائي ڏئي
ڇڏيندي هئي ته چنڊ جي روشني پنهنجي روشني ناهي ۽
چنڊ اهرو گرهه آهي جنهن تي نه اڳ حياتي هئي نه
هاڻي حياتي ٿي سگهندي. مون کي خوشي ٿيندي هئي. ان
کان اول مان تصور ڪندو هوس ته اتي ڪي ڏاتوءَ مان
پيدا ٿيل ساهوارا رهن ٿا. جن جون سڪيون ٽڪنڊن
وانگر آهن. اُهي ڪمپاس وانگر وڏيون وڏيون برانگو
پائي گهمن ٿا ۽ هنن جي گهمڻ ويال ايسٽر جي موقعي
تي وڄندر گهنڊن جهڙو اواز پيدا ٿو ٿئي.
مان ڏسندو هوس ته روشنيءَ جا ڪرڻا پانيءَ جي لهرن تي رق
ڪندا وندهه ۾ وڏندا ايندا هئا ۽ وڌندا وڌندا ڪنارن
جي پاڇن ۾ گم ٿي ويندا هئا. انهن کي ڏسي منهنجي دل
۽ دماغ کي فرحت حاصل ٿيندي هئي. منهنجي دل ۾ ان
وقت اهڙا خيال پيدا ٿيندا هئا، جن جو بيان لفظن ۾
ڪرڻ ناممڪن آهي. اهي خيال منهنجي روزمرهه واريءَ
زندگيءَ کان بلڪل مختلف هوندا هئا. پانيءَ جو
شاندار وهڪرو بلڪل چپ چاپ هوندو هئو. ان جي ڪشادي
پيت تي جهاز باهه جي بي انتها وڏي پکيءَ وانگر
اڳتي وڌي هئو. ان جي هلڻ جو اواز وڏن پرن وارن
پکين جي ڦر پڙ ڪرڻ وانگر ٻڌڻ ۾ ايندو هئو. ڪنارن
جي ڀرسان ساوا چراگاهه هوندا هئا. اتان نڪرندڙ
روشني پانيءَ جي مٿان چانديءَ جي چادر وانگر پکڙجي
ويندي هئي. پري کان مڇي ماريندر مهاني جي ٻيڙيءَ ۾
ٻرندڙ بتي راهه وڃايل ڀٽڪندر ستاري وانگر ڏسڻ ۾
ايندي هئي. جيڪو پاڻيءَ جي مٿان روشنيءَ جي گل
وانگر ترندو ڏسڻ ۾ ايندو هئو. ڪتاب ۾ پرهيل
ڳالهيون تصور ۾ عجيب روپ اختيار ڪري بيهنديون
هيون.خيال ۾ هڪٻئي پٺيان هڪٻئي کان وڌيڪ خوبصورت ۽
سهڻا نظارا نظر ايندا هئا. ان وقت ايئن لڳندو هئو
ته هوا نديءَ جو هڪ حصو آهي ۽ ماڻهو انهيءَ ۾ تري
رهيو آهي. گهڻو ڪري ازات مون کي اتي اچي لهندو
هئو. رات جي وقت هو وڌيڪ قدآور ۽ وڌيڪ سهڻو ڏسڻ ۾
ايندو هئو.
”وري هيڏانهن آيو آهين؟“ هو منهنجي ڀرسان ويهندي پڇندو
هئو. پوءِ ڪافي وقت تائين ماٺ ڪري پاڻي ۽ آسمان
ڏانهن نهاريندو رهندو هئو ۽ پنهنجي ريشم جهڙي
ڏاڙهيءَ تي پيو هٿ گهمائيندو هئو.
”جيترو ٿي سگهندو اوترو سکندس، جيترو ٿي سگهندو اوترو
پڙهندس، پوءِ ندين ۾ اوڀارو نهوار ويندس ۽ جيڪي
ڪجهه منهنجي اڳيان ايندو ويندو، تنهن کي چڱيءَ طرح
سمجهي سگهندس. مان ٻين کي پرهائيندس، ها ٻين کي
سيکاريندس. منهنجا دوست! ٻين سان پنهنجو دلي قرب
ونڊيندس. جيڪڏهن عورتن سان به دل سان پيار ڪجي ٿو
ته انهن مان ڪي اهڙيون آهن، جي انهن کي سمجهي سگهن
ٿيون. ٿورو وقت هڪڙي مائي مون سان ٻيڙيءَ ۾ گڏ هئي
اها مون کان پڇڻ لڳي. ”جڏهن مري وينداسين ته پوءِ
اسان جو ڪهرو حال ٿيندو؟ منهنجو موت کان پوءِ واري
دُنيا ۾ ڪوبه اعتبار ڪونهي.“ ٻڌءِ نه؟ دوست، اهي
به ......“ موزون لفظ ڳولڻ لاءِ هو ڪجهه وقت ماٺ
ٿي ويو، پوءِ چوڻ لڳو، ”زندهه دل“ آهن.
ازات رات جي پکيءَ مثل هو. هن کي حسن جي ڄاڻ هئي ۽ جتي
به هن کي سونهن ۽ خوبصورتي نظر ايندي هئي. ته ان
جو حيرت ۾ پيل ٻار وانگر بيان جادوءَ جهرن لفطن ۾
ڪندو هئو. هن جو خدا ۾ اعتبار هئو. هن جي تصور ۾
خدا هڪڙو مضبوط سگهارو سهڻو پير مرد هئو، جيڪو
سياڻو ۽ رحم دل هئو. پر دينا جي بڇڙاين تي قبضو نه
ڪري سگهندو هئو. ڇاڪاڻ ته – ”هن جا ڪم گهڻا ۽ هن
کي وقت ٿورو ۽ گهڻن ماڻهن جي سنڀال لهني هئي. پر
نيٺ هڪڙي ڏينهن سڀ ڳالهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. باقي
حضرت عيسيٰ عليه السلام ، ان جي ڳالهه منهنجي
سمجهه کان ٻاهر آهي. مان ان کي ڇا ڪريان؟ منهنجي
لاءِ خدا آهي پوءِ مان ٻئي کي ڇا ڪندس؟ هي هن جو
خليفو آهي. خليفو ڇا جي لاءِ؟ خدا اڃا موجود آهي.
گهڻو ڪري ازات پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويندو هئو ۽ بلڪل
ماٺ ٿي ويهي رهندو هئو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿڌو ساهه کڻي
چوندو هئو، ”ايئن آهي؟“ ”ڇا؟“
”ڪجهه به نه. پاڻ بابت پئي سوچيم.“
وري خيالن ۾ ٻڏي، وري ٿڌو ساهه کڻي چوندو هئو، ”زندگي
ڪهڙي نه خوبصورت آهي.“
مون قبول ڪندي چيو، ”لاجواب.“
پاڻيءَ جون ڇوليون اسان جي اڳيان بخمل جي چادر وانگر ور
۽ وڪڙ کائينديون وڌينديون وينديون هيون. انهن جي
مٿان ڪهڪشان جو پاڇو پيو پوندو هي. ۽ ستارا سونهري
پکين وانگر چمڪندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ دل ۾ هوريان
هوريان ”زندگيءَ جي اسرار“ جا خيال پيدا ٿي ويندا
هئا. پري، سر سبز ٻنين کان پري سرخ ڪڪرن مان سج جا
ڪرڻا جهاتي پائڻ لڳندا هئا. ۽ آسمان ۾ مور جو پڇ
پکڙيل ڏسڻ ۾ اچڻ لڳندو هئو.
”سج ڪهڙي نه عجيب شيءِ آهي!“ حيرت مان مرڪندي، ازات
چوندو هئو. |