سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-4

صفحو :4

باب چوٿون

 

انهن ڏينهن ۾ هڪرو جوش ڏيندڙ ڪتاب هٿؤ هٿ شهر ۾ ڦري رهيو هو، ۽ جتي ڪٿي ماڻهو اهو ڪتاب پڙهي رهيا هئا ۽ ان تي ڏاڍا گرم بحث مباحثا ڪري رهيا هئا. مون لاروروف، جانورن جي اسپتال وري ڊاڪٽر کي چيو ته هڪ ڪاپي مون کي به هٿ ڪري ڏي. هن نراس ڪندر نموني چيو، ”نه، منهنجا دوست، اِهو ناممڪن اهي. پر، مان سمجهان ٿو ته منتخب تولي اڳيان اهو ڪتاب پڙهيو ويندو. شايد مان توکي اتي وٺي هلي سگهان.“

اڌ رات جو وقت هو. چو طرف اوندهه لڳي پيئي هئي. مان ’آرسڪاءِ پالي‘ ميدان مان تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو پئي ويس. منهنجي اڳيان پنجاهه قدمن تائين لاوروف هلي رهيو هو. ميدان سڄو سڃو لڳو پيو هو. انهيءَ هوندي به جيئن لاوروف سمجهايو هو، مان خبرداريءَ جي خيال کان سيٽيون وڄائيندو، راڳ ڳائندو، نشئي مزدورن وانگر ٿڙندو ٿاٻڙندو پئي ويس. ڪارا ڪڪر آسمان ۾ هوريان هوريان پئي ڊُڪيا ۽ ڊوڙيا. جند ڄڻ انهن جي قدمن ۾ سوني بال وانگر بولانيون ٿي کاڌيون. چند جا ڪڪرن جي پاسن مان ترڪي ايندڙ ڦِڏا ڪرڻا ميدان جي مٿان پئي پيا. ميدان جي دُٻن ۾ بيٺل پاڻي چانديءَ غ فولاد جي رن جهڙي جهرمر لايو بيٺو هئو. منهنجي پٺيان شهر مان نڪرندڙ ماکيءَ جي مکين جي آواز جهڙو ڪاوڙ ۾ ڀريل لُڙَ جو پڙلاءُ پئي آيو.

منهنجو سونهون مذهني ائڪيڊميءَ جي پٺيان هڪڙي باغ جي لوڙهي وٽ بيهي رهيو. مان تڪرو تڪرو وڌي وڃي هن سان مليس. اسان خاموشيءَ سان لوڙهو ٽپي، هُن پاسي ٿي هلڻ لڳاسين. باغ جي سنڀال نه هئڻ ڪري ڇٻر ۽ سَرَ ڄمي ويا هئا. وڻن جي هيٺ جهڪيل ٽاريون اسان جي هٿن سان گسي رهيون هيون. انهن مان ماڪ جا ڦڙا هيٺ ڪري اسان جي هٿن کي آلو ڪري رهيا هئا. اسان هڪڙيءَ جاءِ وٽ پهتاسين ۽ تمام هوريان هڪڙي دريءَ کي کڙڪايوسين، دري کلي ۽ ڏاڙهيءَ واري هڪڙي ماڻهوءَ ٻاهر جهاتي پاتي. اندر صرف اوندهه ٿي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڪوبه ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.

        ”ڪير آهي؟“

        ”ياقوف جا دوست.“

        ”هليا اچو.“

        اندر اوندهه انڌوڪا لڳو پيو هو، جنهن ۾ ماڻهن جي موجودگي محسوس ٿي پئي. ڪپڙن جي سر سر ۽ پيرن جي چر پر ٻڌڻ ۾ پئي آهي. پهريان گهٽيل کنگهڪار جو آواز ۽ پوءِ ڀڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ آئي. ماچيس جي تيلي منهنجي منهن سامنهون ٻري، مون کي ڪيتريون اونداهيون شڪليون ڀتين سان لڳل ويٺل ڏسڻ ۾ آيون.

”سڀ اچي ويا؟“

        ”هائو.“

”دريءَ تي ڪجهه تنگي ڇڏيو جيئن وٿين مان روشني ٻاهر هلي نه وڃي.“

        هڪڙي مٺي آواز ڪاوڙ ۾ چيو: ”ڪنهن جو اهو شاندار خيال هئو ته ههڙي سڃيءَ جاءِ ۾ ملجي؟“

        ”ايترو ڏاڍيان نه!“

        پري ڪنڊ ۾ ڪنهن بتي روشن ڪئي. ڪوٺي، جنهن ۾ اسان وٺا هئاسين. سجي سکڻي ۽ فرنيچر کان خالي هئي. ٻن پيٽين جي مٿان تختو رکيل هو. جنهن تي پنج ماڻهو لوڙهي تي ڪانون وانگر ويٺا هئا. ٽين پيٽيءَ کي اڀو ڪري، ان تي بتي رکي وئي هئي. ٻيا ٽي ماڻهو هيٺ ڀت کي ٽيڪ ڏيو پَٽ تي ويٺا هئا. دريءَ جي ڪانس تي هڪڙو سنهرو، منهن لعل ۽ ڊڪگهن وارن وارو نوجوان ويٺو هو. هن جوان ۽ ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ کان سواءِ مان اتي حاضر ٻين سڀني ماڻهن کي سڃڻندو هوس. ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ چيو ته هو جارج پيلخانوف جو اڳي ’ناروڊنگ‘ هو جو لکيل پمفليٽ ”اسان جا اختلاف“ نالي پڙهندو. هڪڙي ڀت جي ڀرسان ويٺل ماڻهوءَ گهٽيل آواز ۾ چيو: ”اسان کي پتو آهي.“

        مون کي اهڙي پراسرار ماحول ۾ مزو اچي رهيو هو. هر اها شيءِ جا پراسرار آهي. سا شعر کان وڌيڪ مزيدار اهي. مان محسوس ڪري رهيو هوس ته ڄڻ مسلمانن وانگر پرڀار ويل صبح جي نماز لاءِ جماعت سان ڪٺو ٿيو آهيان، مون کي ابتدائي دور وارا غفائن ۾ ملندڙ عيسائي ياد اچي ويا. پڙهندڙ جي آواز سان ڪمرو گونجڻ لڳو. هن جي وات مان هر هڪ لفظ صاف ۽ چٽو نڪري رهيو هو. وري ڪنهن ڪنڊ مان رڙ ڪئي، ”ڪچرو.“

        اُنهيءَ ڪنڊ ۾ ويٺل ماڻهن جي ڪا شيءِ، شايد پتل جو گول بٽن اوندهه ۾ عجيب نموني چمڪي رهيو هو. انهيءَ کي ڏسي، مون کي روم جي جنگي سپاهين جا لوهي خول ياد پئي آيا. پوءِ مون سمجهيو ته اُهو تنور جو ڪو اوزار هو.

        پهرين هوريان هوريان هلڪي ۽ جهيني آواز ۾ سُس پس ٿيڻ لڳي، پوءِ ته ايترو جوش ڀريل لُر مچي ويو جو ڪنهن جا لفظ ڀي سمجهه ۾ نه پئي آيا. منهنجي مٿان دريءَ جي ڪانس مان ڪنهن طنز ڀريو سوال ڪيو: ”ڇا سان، اهو پمفليٽ پڙهي پورو ڪنداسي يا نه؟“

        اهو سڪل ۽ منهن لٿل جوان هو. هوريان هوريان لُڙ بس ٿي ويو ۽ پڙهڻ واري جو اواز وري صاف ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. تيلين جي دکڻ جا شعلا روشن پئي ٿيا. دکندڙ سگريٽ ٽانڊاڻي وانگري چمڪي رهيا هئا، جن جي روشنيءَ ۾ خيالن ۾ ٻڏل چهرا. سوچ ۾ ٻڏل اکيون ڏسڻ ۾ پئي آيون.

پرهائيءِ ايتري اينگهه ڪئي جو جيتوڻيڪ ڪتاب جا لفظ تمام دلڪش ۽ انهن ۾ بيان ڪيل خيال پُراثر هئا. تڏهن به ٻڌي ٻڌي مان ڏاڍو ڪَڪڀ ٿي پيس. اوچتوئي اوچتو پڙهندڙ کڻي ماٺ ڪئي، پوءِ ته ڪوٺي جوس ڀريل رين ۽ واڪن سان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي.

        ”مرتد.“

        ”سکڻو آواز.“

        ؟شهيدن جي رت کي پليد ٿو ڪري.“

        ”جينرالوف ۽ اليانوف جي ڦاهي چڙهڻ کان پوءِ به.....،

        وري دريءَ جي ڪانس مان جوان جو آواز آيو: ”دوستو! انهيءَ لعنت ملامت کي ڇڏي، جي سنجيدهه بحث ڪجي ته ڪيئن آهي؟“

        مون کي بحث مباحثن مان مزو نه ايندو هو. نه دليلن ۽ دعوائبن کي سمجهي سگهندو هوس. مون کي جوش ۾ ڀريل دليل جي اجائي مٿا ڪٽ ۽ بحث ڪندر جي خود سري اصل ڪين وڻندي هئي.

        دريءَ جي ڪانس تان جوان مون ڏانهن جهڪي مون کان پڇيو: ”تون بيڪر پيشڪوف آهين نه؟ مان فيڊوسيف آهيان. اچ ته پاڻ ۾ واقفيت ڪريون. ڏس .... هاڻي هتي اسان جي ويهڻ جي جاءِ ناهي. هيءُ لر ڪلاڪن جا ڪلاڪ بي فائدي هلندو رهندو.

        مون کي خبر هئي ته فيڊوسيف نوجوانن جي گروهه جو منتظم هو. مون کي هن جي گهرين اکين ۽ لٿل منهن ڏاڍو اثر ڪيو. جيئن ئي اسان ميدان مان گڏجي واپس وري رهيا هئاسين، ته هن منهنجي زندگيءَ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، ” ڇاتنهنجا ڪي مزدورن ۾ دوست آهن؟ تو ڪهڙا ڪتاب پڙهيا آهن؟ تو کي ڪيترو وقت واندڪائي هوندي آهي؟“ پوءِ چوڻ لڳو. ”مان تنهنجي بيڪريءَ بابت ٻڌو آهي. مون کي انهيءَ ڳالهه تي عجب لڳندو آهي ته تون پنهنجي زندگي اهڙي بيوقوفاڻي نموني برباد ڪري رهيو آهين.“

        مون  هن کي چيو ته مان پاڻ ان ڪم مان ڪڪ آهيان. هن موڪلائڻ مهل منهنجي هٿ کي زور سان لوڏيو ڄڻ ته اها ڳالهه ٻڌي هن کي خوشي ٿي هئي.  هو مرد کي چوڻ لڳو ته هو ڏينهن ٻن ۾، ٻن تن هفتن لاءِ شهر کان باهر وڃي رهيو آهي. جڏهن اُتان واپس ورندو ته اچي مون سان ملندو.

        حقيقت هيءَ هئي ته جيئن ئي بيڪري ترقي ڪندي ويئي، ته منهنجي مصيبت به وڌندي ويئي. نيئين جڳهه ۾ منهنجو ڪم وڌي ويو. ڪارخاني ۾ مال تيار ڪرڻ جي ڪم سان گڏ خانگي گهرن، ڪاليجن ۽ وڏن ماڻهن جي ڇوڪرن جي اسڪول ۾ مال پهچائڻ جي جوابداري به مون تي هئي. منهنجي نوڪريءَ مان بَن ۽ رول کڻندي، اهي جوان ڇڪريون منجهن چٺيون اڇلائي ڇڏينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي حيرت جي حد نه رهندي هئي. جڏهن ڏسندو هوس ته انهن ۾ ٻاراڻن ڪچن اکرن ۾ بي حيرت حيائيءَ واريون ڳالهيون لکيل هونديون هيون. جڏهن صاف اکين ۽ بي عيب چهرن وارين ڇوڪرين جا ولر منهنجي ٽوڪريءَ جي چوگرد اچي مڙندا هئا، ته مان ککو وکو ٿي ويندو هوس. ڇوڪريون چرچا ڪنديون، موڙا ڏينديون، بَنن کي پنهنجن ننڍڙن گلابي هٿن سان هيٺ مٿي ڪري چڏينديون هيون. مان انهن کي ڏسي تعجب کان لڳندو هوس ته انهن ڇوڪرين مان اها ڪهڙي ڇوڪري آهي. جنهن اهڙا بي حيائي ڀريا گفتا لکيا اهن. جن جي صحيح معنيٰ جو کيس به پورو پتو نه هوندو. ”ڪسبي گهر“ ياد ڪري مان پاڻ کان پڇڻ لڳندو هوس، ”ڇا ايئن ته ناهي ته انهن ڏاڍ ۽ ڏنگ وارن غارن مان ”غيبي ڌاڳو“ نڪري ههڙي هنڌ به پهچي وڃي ٿو؟“

        هڪڙي ڏينهن هڪڙي نوجوان سونهري اکين واري ڇوڪري، جنهن جي ڇاتي اُڀريل ۽ وارن جو چوٽو پٺيان لرڪيل هو، مون کي هال جي پاسي ۾ بيهاريندي، تڙ تڪر ۾ چوڻ لڳي: ”مان توکي ڏهه ڪوپيڪ ڏيندس، جي تون منهنجي هيءَ چٺي پهچائيندين.“

هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. هن پنهنجي چپ کي چڪ وڌو ۽ غم کان هن جو چهرو ۽ ڪن سرخ ٿي ويا. مان هن کان ڏهه ڪوپيڪ وٺن کان انڪار ڪيو ۽ خط هڪڙي سڪل ۽ سلهه جي مريض جهڙي چهري روڙيل جوان کي، جو هاءِ ڪورٽ جي جج جو پٽ هو، پهچائي آيس. هن مون کي بي خياليءَ سان ننڍن سڪن جا پنجاهه ڪوپيڪ ڳڻي ڏيڻ پئي چاهيا، پر مون چيو مانس ته مون کي نه گهرجن، تڏهن اُهي واپس پتلون جي کيسي ۾ وجهڻ لڳو، پر پئسا هن جي هٿ مان کڙڪ ڪري هيٺ ڪري پيا. هن پئسن ڏانهن اداسائيءَ مان نهاريو ۽ پنهنجا هٿ مهتڻ لڳو تان جو هن جي سنڌن مان آواز نڪرڻ لڳا. پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو: ”هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ چڱو، خدا حافظ. مون کي سوچڻ گهرجي......“

        هن جي سوچ جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ تنهنجو پتو ته مون کي ڪونهي، باقي مون کي انهيءَ جوان ڇوڪريءَ جو ڏاڍو افسوس ٿيو. جلد ئي هوءَ ڪريميا شهر ۾ هڪڙي اسڪول ۾ پڙهائي رهي هئي. هن کي سلهه وٺي ويئي هئي. دنيا جي هر ڪنهن شيءِ بابت اهڙي ماڻهوءَ واريءَ حقارت سان ڳالهايائين ٿي. جنهن کي زندگيءَ گهرا گهاءَ رسايا هجن!

        جڏهن مال پهچائڻ جو ڪم پورو ٿيندو هو، ته ٿوري اک ٻوٽيندو هوس، پوءِ شام جو بڪيريءَ جو ڪم شروع ڪري ڏيندو هوس، جيئن اڌ رات تائين دڪان ۾ مٺو مال پهچي وًي. هاڻي اسان جي بيڪري هڪڙي ٿيٽر جي ويجهو هئي، تنهن ڪري ماڻهو گرم گرم بَن کائ لاءِ اتي ايندا هئا. جڏهن اهو ڪم ختم ٿيندو هو، ته صبح جي ڊبل روٽي ۽ رولن لاءِ چاڻا تيار ڪندو هوس. ڇهن کان اًن سون پائونڊن تائين هٿن سان مال تير ڪرڻ ڪا ٻاراڻي ڳالهه ناهي! انهيءَ کان پوءِ وري ٻن ٽن ڪلاڪن تائين سمهي پوندو هوس. ۽ انهيءَ کان پوءِ نئين ڏينهن جو مال پهچائڻ لاءِ نڪرندو هوس. اهڙيءَ ريت ڏينهن پٺياڻ ڏينهن گذرندا ويا.

        اهو سمورو وقت منهنجي دل ۾ اها بي انتها خواهش هوندي هئي ته ماڻهن ۾ چڱائي، معقول ڳالهين ۽ حقيقتن جو پرچار ڪجي. مان فطرتي طور رلڻو ملڻو ۽ ڳالهائڻ جو مٺڙو هوس ۽ منهنجي خيالن کي منهنجي شخصي تجربن ۽ ڪتابن چمڪائي ڇڏيو هو. مان ڪنهن به معمولي ۽ خسيس واقعي جي چوگرد، ”غيبي ڌاڳي“ جا ور وڪڙ ڏئي، مزيدار انفسانو بنائي سگهندو هوس.

        ڪارخانن جي مزدورن ۾ به منهنجا دوست هوندا هئا، جن ۾ ڪريسٽو ونڪوف، الافوسف ۽ خاص طرح پوڙهو نِڪ ربزوف به هئا. نڪ ربزوف هوشيار ۽ گهومُو ماڻهو هوندو هو ۽ روس جي ذري گهٽ سڀين ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪيو هئڱائين.

        ”مون کي هن دنيا جي مٿان ٽنگون ٺوڪندي، سفر ڪندي ستونجاهه سال ٿي ويا اهن. ٻڌءِ الڪسي، مئڪسم“، هو پنهنجي گهٽيل آواز ۾ چوندو هو، ۽ هن جي ڀورين اکين ۾، جيڪي هميشه اٿيل هونديون هيون ۽ عينڪ جي پٺيان لڪيون رهنديون هيون، مرڪ اچي ويندي هئ. هن جي عينڪ کي بڇڙي نموني واريون پتل جون تارون لڳل هونديون هيون، جنهنڪري هن جي نڪ ۽ ڪنن جي مٿان ڪَس جا ساوا نشان ٿي پوندا هئا، هن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور کيس ”جرمن“ ڪري سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڏاڙهي صاف ڪري ڇڏيندو هو ۽ صرف هيٺئين چپ جي هيٺان وارن جي ٿوري ٿُٻي ۽ سنهيون مڇوڻ ڇڏيندو هو. هن جو قد وچولو ۽ ڇاتي ڪادي هوندي هئي. هن جو چهرو هميشه سرهو ڏسڻ ۾ ايندو هو.

        ”مون کي سرڪس پسند اهي“، هو پنهنجي گنجي کوپڙيءَ کي ايترو جهڪائيندو هو جو اها هن جي ڪلهي سان گهسڻ لڳندي هئي. هُو چوندو هو: “ڏس، گهوڙن کي ڪهڙي نه سکيا ڏين ٿا؟ آخرڪار جانور آهن. مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي ۽ مان انهن جانورن جو احترام ڪرڻ لڳندو آهيان. دل ۾ سوچيندو آهيان ته انسانن کي دماغ هلائڻ جي سکيا ڏيڻ جا به، ته ڪي رستا هوندا. گهوڙن کان ڪم وٺڻ لاءِ سرڪس وارا لَپَ کنڊ جي استعمال ڪندا آهن. اسان جي لاءِ به ته اها پساريءَ وٽ پيئي آهي. اسان کي ڪنهن ٻئي قسم جي کنڊ جي ضرورت آهي .... جيڪا دل لاءِ هجي. انهيءَ کنڊ جو نالو اهي .... محبت. منهنجا ننڍڙا دوست، ماڻهن کان محبت سان نه ڏنڊي سان ڪم وٺي سگهجي ٿو، جيئن اسان جي دنيا ۾ پيو ٿئي ڇا اها ڳالهه درست ناهي؟“

        هو پاڻ مانحن سان محبت سان پيش نه ايندو هو، هو انهن سان ٽوڪ ۽ نفرت واري نموني پيش ايندو هو، جڏهن ماڻهن سان بحث ڪندو هو ته خشڪ ۽ رکا جوان ڏيندو هو، جنهن جو مطلب اڳلي جي بي عزتي ڪرڻ هوندو هو. منهنجي هن سان پهرين ملاقات بيئر رووم ۾ ٿي هئي. اُتي ماڻهن هن کي ڪُٽڻ شروع ڪيو هو ۽ ٻي ٽي مڪون وهائي به ڪڌيون هئائونس، جو مان اچي نڪتس. وچ ۾ پئي هن کي ٻاهر ڪڍي آيو هوس.

        ”ڏاڍا ڌڪ ته نه رسيا اٿئي؟“ جيئن اسان سرءُ جي هلڪين بوندون ۾ ڀڄندا، اوندهه ۾ هلندا پئي وياسين. ته مون پڇيو ”ڌڪ؟ ڪنهن کي مجال آهي. ”هن لاپرواهيءَ سان جواب ڏنو.

        اهڙيءَ ريت اسان جي ڄاڻ سڃاڻ جي شروعات ٿي. شروع ۾ هو مون تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳو، پر جڌهن کيس ٻڌايم ته ”غيبي ڌاڳو“ اسان جي زندگيءَ ۾ ڪم ٿو ڪري. تڏهن عجب کائي، سنجيدهه ٿي، چوڻ لڳو: ”نه نه، تون اناڙي ناهين! ڪهڙي نموني ته ڳالهه ٿو ڪرين!“ پوءِ کهن جو رويو پيءُ جهڙو ٿي ويو ۽ منهنجو نالو عزت سان وٺڻ لڳو.

        ”تنهنجا خيال ... منهنجا الڪسي، مئڪسم، درست اهن. پر ڪير ٿو انهن تي اعتبار ڪري” ڇاڪاڻ ته انهن ۾ لاپ ڪونهي.“

        ”تون ته اعتبار ڪرين ٿو ... يا نه؟“

        ”مان؟ مان پُڇ ڪٽيل بي گهر ڪتي مثل آهيان ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو گهرو ڪتن مثل آهن جن جا پڇ، زالن، اولادن ۽ ٻين شين ۾ ڦاٿل اهن. اهي سڀ جا سڀ پنهنجيءَ ڌر جي پوجا ڪندا اهن. اهي توتي اعتبار نه ڪندا. هڪڙي ڀيري اهڙو معاملو مروزوف ڪارخاني ۾ به پيش آيو هو. اتي جن اڳواڻي پئي ڪئي سي مٿو پڃائي ويهي رهيا. ماڻهوءَ جو مٿو ماڻهوءَ جي ٻين عضون وانگر ناهي. جو سور سولو لهي سگهي.“

        جڏهن هن جي ڄاڻ ياقوف شاپو شنگڪوف سان (جيڪو ڪريسٽو نيڪوف ڪارخاني ۾ فٽر جو ڪم ڪندو هو،) ٿي ته هو ٻئي نموني ڳالهائڻ لڳو. سلهه ۾ ورتل ياقوف، ستار وڄائڻ ۾ قابل ۽ بائيبل جي مطالعي جو ماهر هو. هو بلڪل خدا جي هستيءَ جو کليو کلايو انڪار ڪري، ربزوف جون متيون منجهائي ڇڏيندو هئو. پنهنجي مرض ۾ مبتلا ڦڦڙن مان رت جا کانگارا ڪڍندي. ڏاڍي چاهه ۽ شوق مان دليل بازي ڪرڻ لڳندو هو. ”پهرين ڳالهه ته مان خدا جي صورت ۽ شڪل ۾ خلقيو نه ويو آهيان. اها اجائي ڳالهه آهي. عقل؟ مون کي اهڙيءَ شيءِ جو پتو ڪونهي. طاقت؟ مان ڪابه ڳالهه ڪري نه ٿو سگهان. ڇڱائي؟ مان چڱو به نه اهيان. نه بلڪل نه. ٻي ڳالهه، يا ته خدا کي منهنجي مصيبتن جو پتو ڪونهي يا جي پتو اٿس ته دور نه ٿو ڪري، پر مان دوکي ۾ اچي نه ٿو سگهان.“

        پهريان ته ربزوف ايترو ته وائڙو ٿي ويندو هو. جو اکر نه اڪلندو هوس، پوءِ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي، گاريون ڏيڻ شروع ڪندو هو. ان جي جواب ۾ ياقوف بائيبل سَنَدَ طور پيش ڪندو هو ۽ هن جا سنجيدهه لفط ربزوف کا ماٺ ڪرائي ڇڏيندا هئا. هو خيال ۾ ٻڏي، ڪٻو ٿي، ويهي رهندو هو.

        شاپو شنڪوف جي شڪل، اهڙين تقريرن وقت ڀوائتي ٿي ويندي هئي. هن جو منهن سانورو ۽ وار جپسين وانگر ڪارا ۽ گهنڊيدار هوندا هئا. هن جي چهري جانيرا چَپ جڏهن چُرڻ لڳندا هئا ته هن جا ٻگهڙ جهڙا ڌند ڏسڻ ۾ ايندا هئا. هو پنهنجين ڪارين اکين کي پنهنجي مخالف جي اکين ۾ اهڙيءَ ريت کڻي کپائيندو هو، جو ان کي هن ڏانهن نهارڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي هئي. هن جي اهڙيءَ ريت نهارڻ کي ڏسي، مون کي اسپتال وارو چريو ياد اچي وينديو هو.

        ياقوف وٽان موتندي ربزوف مون کي سنجيدهه ٿي چوڻ لڳو: ”هن کان اول ڪنهن به منهنجي ڳيان خدا جي برخلاف گفتگو نه ڪيو آهي. مون ڪيترن قسمن جون ڳالهيون ٻڌيون اهن، پر ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ٻڌي اٿم. مان سمجهان ٿو، ويچارو گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهندو ڪيڏي نه طبعيت ۾ ڪاوڙ اٿس.“

        ”توکي هن جون ڳالهيون مزيدار لڳيون نه؟“

        جلد ئي هو ياقوف جو يار ٿي ويو. سلهه ۾ مبتلا فٽر جون ڳالهيون هن کي نئين جوس ۾ آڻي ڇڏينديون هيون ۽ هو بيقرار ٿي، گهڙيءَ گتهڙيءَ جوش ۾ ڀريل پنهنجي اکين کي مهٽڻ لڳندو هو. ”چئبو خدا کان مايوس آهيان؟ پر خدا جو ڇا ڏوهه اهي؟ مان ته چوان ٿو ته جيڪڏهن زار تي به ويچار ڪندا نه، ته مون کي زار جي به ھڻتي ڪانهي، مصيبت جو باعث ته زار به ناهي پر ڪارخانن جا مَلڪ آهن. مان هر ڪنهن زار لاءِ ڳالهايان ته چوان، ته چاهي اهو ظالم ايوان گرونزي ڇو نه هجي. ڀل ته هو تخت تي ويهي مزا ماڻي، پر مون کي اها اجازت هجي ته مان پنهنجي ڪارخاني جي مالڪ سان منهن ڏيان. جي ايئن ٿيو ته مان توکي تخت سان سونن زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيندس ۽ تنهنجي عبادت ڪرڻ لڳندس.“

        ”زار جي بک“ وارو ڪتابپڙهي چوڻ لڳو. ”برابر اهي، بلڪل اکر به اکر.“ پهرئين ڀيري پڏهن هن ليٿو ۾ ڇپيل اُهو ڪتاب ڏٺو ته پڇڻ لڳو: ”توکي ڪنهن موڪيو اهي؟ ڪيترو نه صاف ۽ سٺو لکيل آهي. منهنجي پاران شڪريون ادا ڪجانس.“

        علم حاصل ڪرڻ لاءِ هن جي اُڃ پوري ٿيڻ جي نه هئي. هو ياقوف جون خدا جي برخلاف ڳالهيون ۽ منهنجي واتان ڪتابن جون ڪهاڻيون وڏي چاهه سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ٻڌندو هئو. خوشيءَ ۾ ڀرجي ٽهڪ ڏيندي پنهنجو ڪنڌ پٺتي کڻي اڇلائيندو هو ۽ عجب مان چوڻ لڳندو هئو، ”انساني دماغ به عجيب شيءِ آهي.“

        هو اکين جي تڪليف سبب ٿورو پڙهي سگهندو هو، پر پنهنجي معلومات سان مون کي وائرو ڪري ڇڏيندو هو.

        ”هڪڙو جرمن ڊکڻ ايترو ته عقلمند آهي جو بادشاهه پاڻ هن کان مشورو وٺندو آهي. ٿوري پڇڻ کان پوءِ پتو پيو ته هو ”بائيبل“ بابت ڳالهائي رهيو هئو:

        ”توکي ان جو ڪيئن پتو پيو؟“

        هن پنهنجي مٿي کي کنهندي چيو، ”مون کي پتو آهي.“

        ياقوف زندگيءَ جي ڪن به تڪليفن ۽ _ڪن سورن ۾ دلچسڇپي نه وٺندو هئو. ان جي بجاءِ پادرين جي پٺيان ڪات ڪهاڙا کنيو وتندو هئو. سڀني کان زيادهه هن کي راهن سان نفرت هوندي هئي.

        هڪڙي ڏينهن ربزوف هن کان نرميءَ سان پڇيو: ”ياقوف سڄو ڏينحن خدا جي برخلاف ڇو ٿو ڌَوفندو وتين؟“

        هُو هميشه کان زيادهه ڪاوڙ ڀرئي لهجي ۾ رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”منهنجي رستي ۾ ٻي ڪهڙي هستي آهي؟ پورن ويهن سالن تائين مان هن ۾ ويساهه ڪندو رهيس. مان هر ڪا ڳالهه برداشت ڪندو رهيس. ڇاڪاڻ ته سوال ڪرڻ جي منع هئي. هر ڪاشيءِ هن کان نازل ٿئي ٿي. مان پنهنجي زندگي زنجيرن ۾ جڪڙيل گذاريندو هوس. پوءِ مان بائيبل کي ڏاڍي خيال سان پڙهڻ شروع ڪيو.“

        پنهنجي ٻانهن اهڙيءَ ريت لوڏيائين ڄڻ ؟غيبي ڍاڳي“ کي ڇنندو هجي ۽ پوءِ ڳوڙها وهائيندي چوڻ لڳو: ”۽ هاڻي، صرف انهيءَ ڪري پنهنجي وقت کان اڳ مري رهيو آهيان.“

        منهنجي ٻين ماڻهن سان به واقفيت هوندي هئي. جي به ڏاڍا مزيدار هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن پراڻن ساٿين کي سيميونوف بيڪريءَ ۾ ملن ويندو هوس. هو مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا ۽ جيڪي مان کين ٻڌائيندو هوس، اهو وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا. ربزوف ۽ ياقوف هڪ ٻئي کان اٽڪل ٽي ميل پري رهندا هئا. تنهن ڪري انهن ڏانهن  وڃڻ ڏکيو ٿيندو هو. هنن جو مون وٽ ملڻ لا: اچن جو ته سوال ئي نه ٿي اٿيو. مون وت ڪا اهڙي جاءِ هئي ڪانه، جتي مان هنن جو استقبال ڪريان. انهيءَ کان سواءِ نئون بيڪر جيڪو رٽايرڊ سولجر هو، پوليس واري جو دوست هوندو هو. اسان جي بيڪريءَ جو اڱڻ، پوليس هيڊڪواٽر جي پٺئين پاسي سان لڳو پيو هو. تنهن ڪري سپاهي، ”بلوڪوٽن“ ۾ اسان جي بيڪريءَ مان ڪئپتن لاءِ تازا رول ۽ پنهنجي لاءِ دبل روٽي وٺڻ لاءِ پيا ايندا ويندا هئا. انهيءَ کان سواءِ مون کي هدايت ڪئي وئي هئي ته مان ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪريان، جنهن ڪري بيڪريءَ بابت شڪ پيدا ٿي پوي.

        مان ڏٺو پئي ته بيڪريءَ ۾ منهنجي ڪم جي وڌيڪ ضرورت نه هئي. هو عملي تڪليفن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري. دخل مان جيئن ايندو هونِ تيئن پئسا ويندا هئا کڻندا، تان جو حالت اها وڃي ٿيندي هئي هو اتي جي بل ڏيڻ لاءِ به ڪوڏي ڪانه رهندي هئي. ڊيرينڪوف اداس نموني کِڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ کي مروٽي چوندو هو، ”ڄاڻ ٿا ڏيوالو ڏيون.“

        هن کي به زندگيءَ جي مشڪلاتن اچي ورايو هو. سرّ وارن واري ناستاسيا، جيڪا هاني پيت سان هئي. هن تي ڪاور مان ٻليءَ وانگر پئي گِرندي هئي. هن جون ڇيريون اکيون دنيا جي هر شيءِ کي خار مان پيون ڏسنديون هيون. هوءَ ائنڊري ڏانهن اهڙي نموني هلي ويندي هئي، ڄڻ ته هو اتي موجود ئي ڪونهي. هو به ڏوهين وانگر هڪ پاسو ڏئي بيهي رهندو هئو ۽ پوءِ هن جي پٺيءَ ڏانهن نهاري ٿڌو ساهه ڀرڻ لڳندو هئو.

        ڪڏهن ڪڏهن مون کي شڪايت ڪري چوندو هئو: ”هيءَ ته ٻاراڻي ڳالهه چئبي جنهن کي جيڪي اچي ٿو سو کنيو ٿو وڃي. آخر انهيءَ جو مطلب ڇاهي؟ مان اڌ ڊزن جورابا پنهنجي لاءِ خريد ڪيا هئا، اهي ساڳئي ڏينهن گم ٿي ويا؟“

        اها جوارين جي ڳالهه کل جهڙي هئي. پر مان نه کليس. مون کي پتو هئو ته هيءُ بي غرض ماڻهو ڪيئن نه انهن ماڻهن جي فائدي لاءِ دڪان هلائي رهيو هئو. جيڪي ان کي بي پرواهيءَ سان لُٽي رهيا هئا. ڊيرنڪوف ماڻهن جي خدمت انهيءَ خيال سان نه ڪري رهيو هو ته اهي هن جا شڪرگذار رهن، پر گهٽ ۾ گهٽ انهن جو اهو فرض هو ته هن سان دوستاڻي نموني ۽ قرب سان پيس اچن ۽ اهڙي بيجا هلٿ نه ڪن. هن جو ڪتنب تڪڙو تباهه ٿي رهيو هئو. هن جي پيءُ کي ”ماليخوليا“ ٿي پئي هئي. جنهن ۾ هن کي هر وقت مذهبي خطرا نظر ايندا هئا.  هن جو ننڍو ڀاءُ شراب ۽ عورتن جي پٺيان ڇتو ٿي پيو هئو. سندن ڀيڻ ڄڻ اوپرن وانگر هئي. ايئن ٿي لڳو ڄڻ هن جو ڳارهن وارن واري شاگرد سان عشق جو معاملو گهاٽي ۾ پئجي ويو هئو. مان ڪڏهن ڪڏهن ڏسندو هوس ته هن جون اکيون روئڻ جي ڪري سڄيل هونديون هيون، تنهنڪري مان ان شاگرد کي نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو هوس.

        مان سمجهندو هوس ته مان ميريا ڊيرينڪوف ۽ دخل جي ڪم ۽ مدد ڏيندڙ بت ۾ ڀريل، ڳاڙهن ڳلن ۽ سدا مرڪندڙ چپن واري ڇوڪريءَ نديزدا جي عشق ۾ ساڳي وقت گرفتار هوس. هميشه مون تي  نينهن جو نشو طاري رهندو هو. منهنجي عمر، ڪردار ۽ منههيل زندگيءَ منهنجي لاءِ عورت جي ضرورت پيدا ڪري ڇڏي هئي. منهنجي اها ضرورت وقت کان اڳ نه پر وقت کان پوءِ پيدا ٿي هئي. مون کي عورت جي پيار يا گهٽ ۾ گهٽ عورت جي قرب ڀرئي چاهه جي ضرورت هئي. مون کي عورت جي پيار يا گهٽ ۾ گهت عورت جي قرب ڀرئي چاهه جي ضرورت هئي. مون کي ڪنهن اهڙيءَ عورت جي ضرورت هئي. هُوءَ جنهن سان مان دل کولي ڳالهيون ڪري سگهان، جيڪا منهنجي مَنَ جي منجهيل خيالن کي سلجهائي سگهي.

        مون کي ڪي گهاا دوست ڪين هئا. اُهي مانهو جيڪي مون کي جڙ سمجهي وَهفو ڪرڻ چاهيندا هئا. ”منهنجي انهن سان گهرائپ ڪانه هوندي هئي. ۽ نه ئي مان هنن سان دل کولي ڳالهيون ڪري سگهندو هوس. جيڪڏهن مان ڪا اهڙي ڳالهه چوندو هوس جيڪا هنن کي پسند نه ايندي هئي، ته مختصر لفطن ۾ چوندا هئا، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي.“

        پيلٽينوف کي گرفتار ڪري جهاز رستي پيٽر سبرگ جي جيل ڏانهن اماڻيو ويو هو. اُها ڳالهه مون کي رستي تي نڪي فارچ جي واتان معلوم ٿي هو منهنجي طرف هوريان هوريان قدم کڻندو پئي آيو. هن جي جسم تي سمورا ٻلا اهڙيءَ ريت لڳا پيا هئا. ڄڻ پريد تان موٽيو هو ۽ ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ڏٺو. جڏهن اسين هڪٻئي جي ڀَرِ مان اچي لنگهياسين ته هٿ مٿي ڪري مون کي سلام ڪيائين ۽ سواءِ ڪنهن لفظ ڳالهائڻ جي اڳتي وڌيو. پوءِ هڪ ٻه وکون کڻي بيهي رهيو ۽ رکي نموني چوڻ لڳو: ”پليتينوف ڪلهه رات گرفتار ٿي ويو.“ هن گهٽيءَ ڏانهن هيٺ مٿي نهاريو پوءِ ڏک ڀرئي آواز ۾، ناامييءَ جهڙي نموني هٿ لوڏي چيائين: ”ويچارو مسڪين ڇوڪر هميشه لاءِ برباد ٿي ويو.“

        هن جي حرفتي اکين جي پاسن ۾ ڳوڙها چمڪڻ لڳا.

        مون کي پتو هو ته پليٽينوف کي گرفتار ٿيڻ جو خدسو هو. مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي چيو هئائين ته هن کان پري رهان ۽ ساڳي ڳالهه ربزوف کي چوان، جنهن جا به هن سان مون جهڙا گهرا تعلقات هئا.

        نڪي فارچ، جنهن جون اکيون زمين ڏانهن جهڪيل هيون، اداسائيءَ سان چيو، ”مونوٽ اچڻ ڇو بند ڪيو اٿئي؟“

        مان اُنهيءَ شام جو هن سان ملڻ ويس. ننڊ مان اُنهيءَ وقت اُٿي هنڌ تي ويٺي، قهوو ٿي پيتائين. ۽ هن جي زال بينچ تي ڪُٻِ ڪڍي هن جي ڦاٽل قميص کي توپا ڏئي رهي هئي.

        ”هائو، پليتونوف وارو معاملو ايئن آهي، “ هن پنهنجي سيني جي بَج کي کنهندي ۽ مون ڏانهن خيال ڀرئي نموني نهاريندي چيو: ”هن جي ڪمري ۾ ڪُنو لَڌائون جنهن ۾ هو اها مس تيار ڪندو هئو، جنهن سان زار جي خلاف اشتها ڇپيا هئا ۽ کيس گرفتار ڪيائون.“

        هن زمين تي ٿُڪ اڇلائي زال کي رر ڪري چيو: ”مون کي قميص ڏي.“ هن پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ چيو: ”هڪڙو منٽ.“

        پنهنجي زال ڏانهن اشارو ڪندي. پوڙهو مڙس چوڻ لڳو: ”هن کي پليٽينوف لاءِ افسوس اهي. هُوءَ هن جي لاءِ رني آهي. مون کي پڻ هن جو ڏک اهي. پر هڪڙي شاگرد جو ڪهڙو ڪم جو وتي زار جي مخالفت ڪندو!“

        ڪپڙا پائيندي چوڻ لڳو، ”مان جلد ٿو موٽي اچان...اڙي تون سماور کي گرم ڪر.“

        هن جي زال ماٺ ڪيو ويٺي دريءَ مان ٻاهر نهاريائين. جڏهن دروازو بند ٿيو ته هن جي پٺيان هڪ مُڪ، اولاري، چڙ ۽ سار مان ڏند ڪڍي چوڻ لڳي، ”ٿڪ هجئي شيطان!“

        هن جو منهن روئڻ ڪري سُڄيل هو، هن جي کٻي اک ڪاري نيري ۽ ذَري گهٽ ٻوٽيل هئي. هوءَ اٿي ۽ تنور ڏانهن هلي ويئي. سماور جي مٿان جهنڪندي ڪاوڙ مان چوڻ لڳي: ”مان اڃا به هن کي دلبو ڏينديس! اوستائين هن کي ٺڳندي رهنديس جيستائين هو بگهڙ وانگر اونايون ڪندو. هن تي ۽ هن جي هڪ لفظ تي به اعتبار نه ڪجاءِ. هو تنهنجي ڦاسائڻ جي ڪوشش ۾ آهي. هن جو گفتگو سمورو دوکو اهي. هن کي ڪنهن جو به افسوس ڪونهي. هو صرف شڪار لاءِ ڪنڍي ٿو وجهي. هن کي تنهنجي سڀ خبر آهي. هن جو ڌنڌو ئي آهي ماڻهن کي ڦاسائڻ.“

        هوءَ عورت مون کي اصل نه وڻندي هئي، پر هن جي هڪ اک جنهن سان مون ڏانهن ڏٺائين پئي. ان ۾ اهڙي ته ڏک ڀريل گذارش پئي چمڪي، جو مان هن جي ڳچيءَ  جي چوگرد ٻانهن وجهي هن جي وارن ۾، جي کهرا ۽ سڻڀا هئا. هٿ گهمائڻ لڳس.

        ”هاڻي ڪنهن جي پٺياڻ اهي؟“

        ”ڪي ماڻهو جيڪي رب ناريادسڪايا ۾ رهن ٿا.“

        ”نالا ڇا اٿن؟“

                مرڪندي چيائين: ”جيڪڏهن مان هن کي ٻڌايان ته تون ڇا پيو پڇين؟ اجهو اچي پيو!... هن ئي پليٽينوف کي گرفتار ڪرايو هو.“ ۽ هوءَ جلدي تنور ڏانهن هلي ويئي.

        نڪي فارچ پاڻ سان گڏ روٽي، مربو ۽ ووڊڪا کڻي آيو. اسين چانهه پيئڻ لڳاسين، مئرينا منهنجي ڀرسان ويهي رهي ۽ هر ڪا شيءِ ڏاڍي قرب سان منهنجي اڳيان وڍائي پئي رکيائين ۽ پنهنجي هڪ اک سان پيار ڀرئي نموني منهنجي منهن ڏانهن پئي ڏٺائين. هن جو مڙس منهنجي فائدي لاءِ نصيحت ڪرڻ لڳو. ”اهو غيبي ڌاڳو ماڻهن جي دليل ۽ هڏن ۾ گهر ڪري ٿو وڃي. انهيءَ کي ڇنڻ جي ڪوشش عجب جهڙي ڳالهه آهجي. زار ماڻهن جي لاءِ خدا وانگر آهي.“ اوچتو مون کان پڇڻ لڳو. جهڙي ڳالهه آهي. زار ماڻهن جي لاءِ خدا وانگر اهي. ”اوچتو مون کان پڇڻ لڳو. ”هاڻي، تو ڪافي ڪتاب پڙهيا اهن، تو ڪڏهن بائيبل به پرهيو آهي؟ ڏاڍو چڱو، ڀلا جيڪي ڪجهه ان ۾ لکيل آهي، سچ آهي؟“

        ”مون کي خبر ناهي.“

        ”منهنجي خيال ۾انهيءَ ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن جي فضول اهن. مثال طور فقيرن بابت لکيل آهي. ”فقيرن تي الله جي رحمت آه.“ خبرناهي انهن تي ڪهڙي رحمت آهي؟ اها بي فائدي ڳالهه آهي ۽ غريبن بابت جيڪي لکيل آهي. ان مان گهڻو صاف ڪونهي. اسان کي غريب ۽ غريب ٿيل جي وچ ۾ فرق ڏسڻ گهرجي. جيڪو اصل کان غريب اهي. ان تي ڪهڙي رحمت آهي؟ پر جيڪو غريب ٿي وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو، ان سان بدبختيءَ ايئن ڪيو هجي. اهڙيءَ ريت ئي اسان ان ڳالهه تي ويچار ڪري سگهن ٿا، اهوئي بهترين طريقو آهي.“

        ”ڇو““

        هو گهڙيءَ سوا لاءِ ماٺ ڪري منهنجي تاثرات ڏسڻ لا: منهنجي مُنهن ۾ نهارڻ لڳو. پوءِ ڏاڍيءَ صفائي سان پنهنجي ڳالهه اهڙي وزندار نموني ڪرڻ لڳو ڄڻ ته انهن خيالن تي ڪافي ويچار ڪيو هئائين. ”با.يبل ۾ رحم جو گهڻو ذڪر ڪيل آهي ۽ رحم نقصان ڪار شيءِ آهي، منهنجو اهم خيال آهي. رحم جي معنيٰ بيڪار ۽ نقصانڪار ماڻهن تي بي انتها رقم خرچ ڪرڻ مثلاً: محتاج گهر، جيل، ۽ چرچن جون اسپتالون. ان بجاءِ مضبوط ۽ سکهارن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، جيئن انهن جي قوت بيڪار نه وڃي، پر اسين ڪمزورن جي مدد ڪندا آهيون. ڄڻ ته اسان ڪمزورن کي مضبوط بنائي سگهنداسين! انهيءَ جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته مضبوط ماڻهو به ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن ۽ ڪمزور انهن جيگردن تي سوار ٿي ٿا ويهن. اهو اهڙو مسئلو آهي جنهن تي ويچار ڪرڻ گهرجي. ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي سوچي انهن کي بهتر بنائڻ گهرجي. اسان کي اها ڳالهه پنهنجي مٿي ۾ ويهارڻ گهرجي ته اسان جي زندگي بائيبل کان گهڻو مختلف ٿي ويئي آهي. اهڙيءَ ريت ئي پليٽينوف پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيو. هو به رحم کائيندو هو. غريبن جي امداد ڪندو هو ... باقي شاگردن جو خيال ئي نه ڪندو هو. اها ڪهڙي عقل جهڙي ڳالهه هئي؟“

        ماڻ اهڙا خيال اڳ به ٻڌا هئا پر اهي اهڙيءَ ريت صفائيءَ ۽ سٺائيءَ سان بيان نه ڪيا ويا هئا. جهڙيءَ ريت نڪي فارچ انهن کي بيان ڪيو هو. ستن سالن کان پوءِ جڏهن نٽشي پڙهڻ لڳس ته مون کي ڪازان جي انهيءَ پوليس واري جي فلاسافي ياد اچڻ لڳي. حقيقت هيءَ اهي ته مون کي ڪتابن ۾ اهڙو نئون خيال مشڪل سان نظر آيو آهي، جيڪو مان عملي زندگيءَ ۾ ڏٺو اهي.

        ”ماڻهن جو شڪاري“ پوڙهو ڳالهائيندو رهيو ۽ لفظن جي ڍار تي پنهنجن آڱرين سان چانهه جي ساسر کي به وڄائيندو رهيو. هن جي سڪل منهن تي ڪاوڙ ڇانئيل هئي. پر هن مون ڏانهن ڄاڻي واڻي نه پئي نهاريو. ان جي بجاءِ سماور جي آئيني وانگر چمڪندڙ ٽامي ڏانهن پئي نهاريائين.

        ”هاڻي توکي وڃڻ گهرجي“، هن جي زال هن کي ٻه ڀيرا ياد ڏياريو. پر هو ان کي اڻ ٻڌو ڪري پنهنجي ڳالهائڻ ۾ لڳو رهيو. ۽ اهو موضوع پورو ڪري وري نئون موضوع شروع ڪيائين.

        ”تون سياڻو ماڻهو آهين، لکي پڙهي سگهين ٿو. ڇا، بيڪريءَ جو ڪم تنهنجي لائق آهي؟ تون زار جي سرڪاري نوڪريءَ ۾ اوترا ۽ انج کان وڌيڪ پيسا ڪمائي سگهين ٿو.....“

        منهنجا ڪن هن جي ڳالهائڻ ڏانهن هئا. پر منهنجو دماغ انهيءَ ڳالهه تي سوچي رهيو هو ته ڪهڙيءَ ريت ”ربناريادسڪايا“ بلڊنگ ۾ رهندڙ ماڻهن کي چتاءُ ڏيان ته نڪي فارچ انهن جي پٺيان هٿ ڏويو ٿي وتيو. انهيءَ جڳهه ۾ هڪڙو نوجوان ”سرج سو مون“ نالي رهندو هو. جيڪو تازو ”پالو توروسڪ“ ۾ پنهنجي ملڪ نيڪاليءَ جو مدو پورو ڪري آيو هو. مون هن بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو، جنهن ڳالهه منهنجي دلچسپي وڌائي ڇڏي هئي.

        ”جن ماڻهن کي سمجهه اهي انهن ماڻهن کي پاڻ اهڙيءَ ريت گڏ رهڻ گهرجي، جهڙيءَ ريت ماکيءَ جون مکيون يا ڏينڀو ماناري ۾-زار جي حڪومت....“

        ”گهڙيال ڏي! نَوَ وڄي ويا آهن.“ جوڻس چيو.

        ”هڻانس کڏ ۾......“

        نڪي فارچ ٽپو ڏئي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي جئڪيت جا بٽڻ پائڻ لڳو. ”مون کي پهچڻ لا:ءِ بگيءَ تي وڃڻو پوندو. چڱو جوان، خدا حافظ. ڪنهن وقت هليو اچجانءِ.“

        هن جي جاءِ مان نڪرڻ کان پوءِ مون پنهنجي مُنهن اهو پڪو فيصلو ڪيو ته وري نڪي فارچ سان ملڻ نه ايندس. جيتوڻيڪ هو مزيدار ماڻهو هئو. پر مون کي هن کان نفرت هئي. هن جي انهيءَ ڳالهه، ته رحم سان نقصان ٿو ٿئي، مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو. مون کي انهن لفظن ٻاهران ڪجهه سچ نه نظر پئي آيو. پر اها ڳالهه بڇان جهڙي هئي ته لفظن جو اهو باهريون سچ هڪڙي پوليس واري جي واتان بيانٿئي!

        مذهب جي اهڙن مسئلن تي بحث مباحثا عام جام ٿيندا هئا. اهڙي هڪڙي مباحثي منهنجي دماغي توازن کي ڏاڍو لوڏي ڇڏيو هئو. هڪڙو ”ٽالسٽاءِ“ * شهر ۾ اچي وارد ٿيو. هيءُ پهريون ٽالسٽائي هئو. جنهن سان منهنجي ملاقات ٿي. هو قد جو ڊگهو، هڏن نڪتل، ڪار – سرو هئو. هن جي ڏاڙهي ڪاري ۽ چپ شيدين جهڙا ٿلها هئا. هو ٿورو ڪُٻو هئو، جنهن ڪري ايئن ٿي لڳو ڄڻ زمين ڏانهن پئي نهاريائين. پر ڪڏهن ڪڏهن ڦڙتائيءَ سان پنهنجو گنجو مٿو پٺتي ڪري، پنهنجين جوش ڀريل ڪارين پاڻياٺين اکين سان اهڙيءَ ريت ٿي ڏٺائين، جو هن جي نظرن ۾ نفرت جي دونهي دکيل ڏسڻ ۾ ٿي آئي. اهو بحث مباحثو هڪڙي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جي جاءِ تي ٿيو هو. آيل ماڻهن ۾ گهڻا شاگرد هئا ۽ هڪڙو اڀي قد وارو نازڪ مزاج پادري هئو. هن جي ڪاري رشيمي چوغي ۾ هن جو سهڻو منهن وڌيڪ چمڪي رهيو هو. هن جي ڀروين اکين ۾ مرڪ ٻري رهي هئي.

        هيءُ ٽالسٽائي بائيبل ۾ بيان ڪيل عجيب حقيقتن بابت ۽ انهن جي ابدي ۽ سچي هجڻ بابت ڳالهائيندو رهيو. هن جو آواز گهٽيل، ستون ننڍڙيون ۽ مختصر پر لفط کڙڪيدار هئا، جن ۾ يقين محڪم سمايل هو. هن

 

*  جڳ مشهور روسي ناول ليو ٽالسٽاءِ (1910-1828ع) جو پياسي. ٽالسٽاءِ روحانيت جو وڪيل هئو ۽ دنيا ۾ محبت جو پرچارڪ هئو.

جو کاٻو هٿ هن جي لفظن جي تار سان هيٺ مٿي پئي ٿيو، باقي هن جو ساڄو هٿ هن جي پتلون جي کيسي ۾ پيو ئي هو.

        منهنجي ويجهو ڪنهن ڀڻڪيو: ”ائڪٽر.“

        ”واقعي، ڊرامائي انداز اٿس.“

        مون ويجهو ئي ڊريپر جو ڪتاب* پرهيو هو، جنهن ۾ ”ڪئٿلڪ فرقي وارن جي سائنس خلاف ڪيل جهاد“ جو ذڪر ڪيل هو مون کي هيءَ ماڻهو به انهن ماڻهن مان هڪ ڏسڻ پئي آيو، جن جو اهو اعتقاد هو ته دنيا کي محبت سان ئي ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي ٿو. هن کي ٻين کان علحدي قسم جي سفيد قميص پيل هئي. جنهن جا ڪن ڪشادا هئا. پنهنجي وياکياڻ کي ختم ڪندي، رڙ ڪيائين: ”مان اوهان کان پڇان ٿو، توهين عيسيٰ جا پوئلڳ اهيو يا ڊارون جا؟“

        اهو سوال ڪنڊ ۾ ويٺل نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي، جن جي اکين ۾ خوف ۽ جوش چمڪي رهيو هو، پٿر جيان لڳو، سندن ڪنڌ خيال ۾ جهڪي ويا ۽ ڪنهن بٿ ڪنهه نه ڪڇيو. پوءِ چؤ طرف خار ڀريل اکين سان نهاري شوخيءَ مان چوڻ لڳو: ”رڳو فئرسي طبقي وارا منافق يهودي ئي انهن ٻن بلڪل جي ابتڙ اصولن کي هڪٻئي سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا اهن، ۽ اهڙيءَ طرح ٻين کي به خراب ڪن ٿا ۽ پاڻ کي به دوکو ڏين ٿا.“

        پوءِ پادري اٿي بيهي رهيو، پنهنجي ٻانهن جي ڪوت کي ويڙهي پٺتي ڪيائين، ۽ نيازمنداڻي نموني مڪري زهر ڀريل ميٺاج سان، چوڻ شروع ڪيائين، ”توهين پاڻ به فئرسئين بابت اهڙو واهيات خيال رکو ٿا، اهو خيال نه فقط واهيات اهي پر غلط به آهي....“

        منهنجي عجب جي حد نه رهي جڏهن هو چوڻ لڳو ته فئرسي به مانوارا ماڻهو آهن ۽ هنن عبراني مَن جي چڱيءَ ريت حفاظت ڪئي آهي ۽ ماڻهن هميشه هنن جو ساٿ پئي ڏنو اهي، مثال طور فلاويس جوزيفس......

        ٽالسٽائي پنهنجن پيرن تي اڀو ئي بيهي رهيو ۽ جوزيفس کي رد ڏيندي رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”اڄ به ماڻهو پنهنجن دوستن جي خلاف دشمنن جي قطارن ۾ وڃي شريڪ ٿيندا آهن. ماڻهو پنهنجي مرضيءَ مطابق ايئن نه ڪندا اهن، پر انهن کي مجبور ڪيو ويندو آهي. اوهان جي جوزيفس جي مون کي ڪهڙي ڪاڻ آهي؟“

        پادري ۽ ٻيا مکيه موضوع کي ڇڏي اچي فروعي ڳالهين تي جهڳ جهڳ ڪرڻ لڳا. اکين ۾ نفرت ۽ حقارت جي چڻنگ ڀري، ٽالسٽائي چيو، ”محبت ئي سچ اهي.“

        مون تي هن جي ايئن چيل انهن لفظن جو اهڙو اثر ٿيو، جو انهن لفظن جي معنيٰ ئي منهنجي سمجهه کان ٻاهر ٿي وئي. انهن لفظن جي طوفان هيٺ ڌرتي منهنجي پيرن هيٺان ڍُڏي رهي هئي. مان وري وري، شرمائيءَ ۽ ويچارپ سان سوچي رهيو هوس ته ڪوبه ماڻهو مون جهرو بيوقوف ۽ ڄٽ نه هوندو.

        پنهنجي قرمزي ڳلن تان پگهر اگهندي ٽالسٽائي مڇر جي چوڻ لڳو. ”بائيبل کي وساري ڇڏيو!

        انهيءَ تي منهنجي دل ۾ ان جي ابتڙ هڪ خيال پيدا ٿيو، جيڪڏهن زندگي هن ڌرتيءَ تي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل جودجهد جو نالو آهي ته پوءِ ڇا محبت ۽ همدردي انهيءَ جي راهه جون رڪاوٽون نه آهن؟“

        مون چانديءَ جي چمچي سان پنهنجي اڳيان پيل پيالي مان کير ۽

 

*  A History of Intellectual Development of Europe”, by Draper

رَسَ ڀري کائي رهيو هئو. هن کي کائڻ مان ايترو ته مزو پئي آيو، جو هر چمچي کان پوءِ پنهنجا چَپَ پئي چٽيائين ۽ ٻليءَ وانگر پنهنجين ڇڊين مڇن تي زبان ڦيري پئي ڇڏيائين. هڪڙي ڀيڻ هن کي کاچو کارائي رهي هئي ۽ ٻي ڀيڻ ڇاتيءَ تي هٿ رکيو، وڻ کي ٽيڪ ڏيو. پنهنجي ننڊاکڙين اکين سان گرم ۽ لڙاٽيل آسمان ڏانهن نهاري رهي هئي. ٻنهي ڀينرن کي هلڪي ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پيا هئا. ٻنهي جون شڪليون اهڙيون ته هڪ جهڙيون هيون، جو فرق ڪرڻ مشڪل هو.

        هن خوشيءَ جي فلسفي جي ترنگ ”محبت جي تخليقي قوتن“ بابت پئي ڳالهايو ۽ ڌوڻ لڳو ته ماڻهوءَ کي ڪيئن پنهنجي دل ۾ محبت پيدا ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها اهڙي قوت آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي تعلقات کي روحاني دنيا سان ڳنڍي ٿي، پر ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگي محبت ۾ فنا ڪري ڇڏڻ گهرجي.

        ”اهوئي اهرو ٻنڌڻ آهي جنهن سان انسان کي سوگهو ڪري سگهجي ٿو. محبت کان سواءِ زندگيءَ جي معنيٰ ئي سمنجهه اچي نه ٿي سگهي. اهي جيڪي چون ٿا ته جياپي جي جدوجهد جي قانون تي زندگي هلي رهي آهي، انهن جون دليون انڌيون آهن. اهي تباهيءَ جو رستو وٺي رهيا آهن. باهه کي باهه سان وسائي نه سگهبو، بڇڙاين کي بڇڙاين سان دور ڪري نه سگهبو.“

        جيئن ئي ڇوڪريون هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهر ڏانهن هليون ويون ته انهن ڏانهن ڏسي. مون ڏانهن اڌ – ٻوٽيل اکين سان نهاري پڇڻ لڳو: ”تون ڪير آهين؟“

        جڏهن مون هن کي پنهنجي حقيقت ٻڌائي ته پنهنجين آڱرين سان يبل کي وڄائيندي چوڻ لڳو: ”انسان جتي به آهي انسان آهي، هن کي پنهنجي ڪرت بدلائڻ جي خواهش ڪرڻ بجاءِ پنهنجي دل ۾ انساني محبت جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي. جيترو انسان جو گهٽ رتبو اوتروئي هو سچ جي ۽  زندگي جي مقدس رازن جي وڌيڪ ويجهو ٿي سگهي ٿو.“

        جيتوڻيڪ مون کي هن جي ”زندگيءَ جي مقدس رازن کان واقف“ هجڻ بابت شڪ پيو، پر مون ڪجهه به نه چيو. مون ڏٺو پئي ته هو اچي تنگ ٿيو هئو. مون ڏانهن بيزاريءَ واري نموني پئي نهاريائين. اوٻاسيون پئي ڏنائين. پنهنجا هٿ کڻي مٿي جي هيٺا ڏنائين ۽ ڄنگهون سڌيون ڪري، اکيون تڪ ۾ چُور ماڻهوءَ وانگر ٻوٽي، ننڊاکڙي نموني چوڻ لڳو: ”محبت ۾ پاڻ کا فنا ڪرڻ ئي زندگيءَ جو قانون آهي.“

        پوءِ ڇرڪ ڀري، هن هٿ مٿي ڪري ڪنهن شيءِ کي هوا پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون ڏانهن خوف ڀريل نموني گهوري نهاري ۽ چوڻ لڳو، معاف ڪجانءِ، مان ڏاڍو ٿڪل آهيان.“

        پو: هن پنهنجون اکيون وري بند ڪري ڇڏيون ۽ هن جا ڏند اهڙيءَ ريت ڀيڪوڙجي ويا، ڄن ته انهن ۾ سور هئو. هن جو مٿيون چپ مٿي ٿي ويو ۽ هيٺيون چپ هيٺ ڍرڪي پيو ۽ هن جي مڇن جا ڪارسرا وار سوئر جي وارن وانگر اُڀا ٿي بيهي رهيا.

        مان اتان وڃن وقت هن بابت بڇڙا خيال ۽ هن جي سچائيءَ بابت شڪ پاڻ سان کنيو ويس.

        ڪجهه ڏينهن کان پوءِ،ل هڪ ڏينهن هڪڙي يونيورسٽيءَ جي استاد کي، جيڪو اڻ پرڻيل ۽ شرابي هئو ۽ جنهن سان منهنجي ڪافي سڃاڻپ هئي. بريڊ جا رول ڏيڻ ويس. اتي ڪلاپسڪيءَ کي ڏٺم. ايئن ٿي لڳو جڻ ته هن کي رات ننڊ نه ائي هئي. هن جو منهن ۽ اکين جون پنڀڻيون سڄيل ٿي ڏٺيون. مون کي شڪ ٿي پيو ته هن رات شراب پيتو هئو ۽ يونيورسٽيءَ جي هن استاد ايترو شر اب پيتو هو جو نشي ۾ ڳورها وهائي رهيو هئو. هو صرف پنهنجي گنجيءَ ۽ ڪڇي سان، سگريت وات ۾ ڪيو. ٽڙيل پکڙيل فرنيچر، کنڊريل ڪپڙن ۽ خالي بيئر جي بوتلن جي وچ ۾ پت تي ويهي رهيو. هيڏي هوڏي پينگهه وانگر لڏندي چوڻ لڳو: ”رحم.“

        ڪلاپسڪي ترش نموني ڪاوڙ مان چيس: ”رحم آهي ئي ڪونه! اسين يا ته محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏينداسين يا محبت جي تلاس ۾ فنا ٿي وينداسين. ڪهڙي به ڳالهه ٿئي، اسين ٻنهي حالتن ۾ برباد ٿي وينداسين.“

        هو مون کي ٻانهن کان جهلي استاد وٽ گهلي آيو. ”هن کان پڇ، هن کان پڇ  هن کي ڇا کپي!؟ هن کان پڇ، ڇا هو انسانن سان محبت ڪرڻ چاهي ٿو؟“

        استاد پنهنجين ڳوڙهن ڀريل اکين سان مون ڏي نهاريو ۽ ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”هي بيڪريءَ وارو آهي. هن جا مون ڏي پئسا اهن.“ لُڏندي لمندي هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ڪنجي ڪڍي مون کي ڏنائين، ”خانو کول، جيڪي آهي سو کڻي وڃَ.“

        پر ٽالسٽائيءَ ڪنجي منهنجي هٿ مان کسي ورتي ۽ وڃڻ جو اشارو ڪيو: ”هليو وڃ، ٻئي ڀيري اچي پنهنجا پئسا وٺجانءِ.“ ۽ جيڪي رول مون آندا هئا، سي کڻي ڪنڊ ۾ پيل ڪوچ تي ڦٽا ڪيائين.

        مون کي انهيءَ ڳالهه جي خوشي هئي ته هن مون کي نه سڃاتو هو. من هن جي لاءِ پنهنجي دل ۾ نفرت ۽ دماغ ۾ سندس اهو خيال ته ”ماڻهو محبت رستي تباهه ٿي ٿو وڃي،“ پاڻ سان کنيو ويس.

        پوءِ جلدئي مون کي پتو پيو، ته هن ٻنهي ڀينرن سان، جن جي گهر رهندو هئو. محبت جو اظهار ڪيو هئو، جنهن ڪري هنن جي محبت نفرت ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ پنهنجي نوڪر  جي معرفت هن جا ٽپڙ گهر مان ڪڍرائي ڇڏيائون. جنهنڪري هو شهر مان ئي گم ٿي ويو.

        ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي ”۾هبت ۽ رحم“ غ انساني زندگيءَ ۽ انهيءَ جي مقام جي مشڪل ۽ منجهيل مسئلي تي ويچار ڪرڻ لڳس. پهريائين اهو اڻ چٽو هئو، پر پوءِ بلڪل هيٺئين سوال واري صاف صورت اختيار ڪري بيهي رهيو:

        ”اسان جي زندگيءَ ۾ محبت جي ڪهڙي اهميت آهي؟“

        مون جيڪي ڪجهه پڙهيو ان ۾ عيسائيت ۽ انساني همدرديءَ وارا خيال ۽ انسانن سان همدرديءَ ۽ رحم ڏيکارڻ لاءِ گذارشون ڪيل هيون. انهن ڏينهن ۾ جن به چڱن مردن ۽ عورتن سان منهنجي ملاقات ٿي. انهن ڏاڍي جوش ۽ فصاحت سان ساڳين ڳالهين جو اظهار ڪيو، پر پنهنجي سِر عملي زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه مون کي ڏسڻ ۾ پئي آيو. اهو انهيءَ جي بلڪل ابتڙ هئو. منهنجي اکين جي اڳيان جيڪي وهيو واپريو پئي. ان ۾ زندگي، دشمنيءَ جي بلڪل ابتڙ هئو. منهنجي اکين جي اڳيان جيڪي وهيو واپريو پئي، ان ۾ زندگي، دشمنيءَ ۽ ظلمن سان ڀرپور ۽ خسيس شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد هئي. خود مون کي صرف ڪتابن حاصل ڪرڻ جي خواهش هوندي هئي. ٻيون سڀ شيون منهنجي لاءِ بيڪار هونديون هيون.

        مان پنهنجي در جي ٻاهران هڪ ڪلاڪ ويهڻ سان ئي گاڏين وارن، نوڪرن، مزدورن، آفيسرن، واپارين ۽ ٻين ماڻهن کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهندو هوس ته هنن جون زندگيون منهنجي ۽ انهن ماڻهن جي زندگين کان، جن کي مان عزت ڏيندو هوس. مختلف هيون. ۽ هنن جي دلين ۾ اسان کان مختلف خواهشون ۽ مختلف مقصد هئا. جن ماڻهن لاءِ مونکي عزت هوندي هئي ۽ جن ۾ منهنجو ويساهه هوندو هو، انهن جي هن گندي حرفتي ۽ هل، هنگامي ڀريل زندگيءَ ۾ ڪابه ضرورت ڪانه هوندي هئي. مون کي اها حياتي واهيات ۽ ميبت جهڙي لڳندي هئي. مان ڏسندو هوس ته اهي ماڻهو جيڪي رحم ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندا هئا. سي پاڻ انهن تي عمل نه ڪندا هئا. اهي ڳالهيون مون کي ڏاڍو ڏکوئينديون هيون.

        هڪڙي ڏينهن جانورين جي اسپتال واري لاوروف، جنهن کي يرقان ۽ جلندر جون بيماريون وٺي ويون هيون، سهڪندي چيو: ”ظلم کي ايترو عام ڪيو وڃي، جو هن سرءُ جي موسم وانگر طلم ۾ مزو ئي نه رهي.“ ان ڀيري سرءُ جي مند پاڻ سان سردي ۽ مينهن، بيماريون ۽ خودڪشيون کڻي سوير اچي ويئي هئي. پوءِ لاورون جلندر جي بيماريءَ ۾ چنگهي چنگهي مرڻ کان اڳ زهر کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو.

        ”جانورن جو علاج ڪندو هو، جانورن وانگر مري ويو“، هن جي موت تي هن سان گڏ ڪمريک ۾ رهندڙ درزي ميڊنيڪوف مرثئي طور ايئن چيو. ميڊنيڪوف پاڻ  بت سڪل سڙيل ۽ مرضيل هو ۽ ڏاڍو مذهني  ماڻهو هو. هن کي بي بي مريم جي ثنا جا بي انداز ڪلما ياد هئا. هو پنهنجي ٻارن، ستن سالن جي ڌيءُ ۽ ٻارهن سالن جي پٽ، کي چهبڪ سان هر روز سٽيندو هو. پنهنجي زال جي گوڏن جي ڊڪڻين کي بانس جي لڪڻ سان ڪٽيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شڪايت ڪري چوندو هو: ”جج جنهن مون کي سزا ڏئي هئي، انهيءَ چيو پئي ته مان هي مارن جو طريقو چينائين کان سکيو اهي، جڏهن ته مون چينائين کي سواءِ تصويرن جي، ڪڏهن به نه ڏٺو آهي.“

        ميڊنيڪوف جي دڪان جو هڪڙو ڦڏين تنگن وارو خوش مزاج ڪاريگر جنهن کي ”ڊُنڪاجو جوان“ ڪري ڪوٺيندا هئا، پنهنجي مالڪ لاءِ چوندو هئو: ”مذهبي ۽ ميسڻن کان ڊپ ڪرڻ گهرجي. لُڙ بکيرو ڪندڙ جو ماڻهوءَ کي پتو پئجي ٿو وڃي ته هن جي نيت ڪهڙي آهي، تنهنڪري ان کان ماڻهو پان بچائي سگهي ٿو. پر ميسڻا، ڇٻر لڪل نانگ وانگر هوريان ۽ حرفت سان سرڪندا ايندا ۽ لڪل ڇِپَ ۾ ويهي پتو پوڻ کان اول ڏنگي، ڪم لاهي ڇڏيندا. مون کي ته اهڙن ميسڻن ماڻهن کان خوف ٿيندا آهي.“

        ”ڊُنڪا جو جوان“، پاڻ ميڊنيڪوف جو لاڏلو، حرفتي پوليس جو خابرو هو، پر جيڪي هو چوندو هو سو سچ هو.

        ڪڏهن مون کي ايئن لڳندو هو تي ميسڻا ماڻهو زندگيءَ جي تنگدليءَ کي چورن وانگر چُهٽي، ان جو پليد خون چوسي، ان کي نرم ۽ شادام ڪن ٿا. انهن جي تعداد جي گهڻائي، پڇڙاين ڏانهن تڪڙي رغبت، سندن ڀبعيت ۾ ڦڙتي ڏسي ۽ انهن جو سدائين ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ ڏسي، گهڻو ڪري محسوس ڪندو هوس ته مان انهن جي گپ ۾ ڦاٿل گهوڙي مثل آهيان.

        جڏهان پوليسي واري نڪي فارچ وٽان ٿي، پنهنجي گهر موٽندو هوس، ته اهي خيال منهنجي دل ۾ اچي پيدا ٿيندا هئا.

        هڪڙي ڀيري تيز هوا لڳي رهي هئي، رستي تي بيٺل بتين جي روشني ڦڙ پڙ ڪري رهي هئي. ايئن ٿي لڳو ڄڻ اونداهي آسمان مان آڪٽوبر جي مينهن جا سنهڙا ڦَرا گيچڻ پيل مٽيءَ وانگر ڇڻي ڇنڊجي هيٺ ٿي ڪريا. مينهن ۾ ڀڳل ڪسبياڻي هڪڙي شرابيءَ کي، جو نشي ۾ چور هئو ۽ ٿيٽ ۽ ٿاٻا کائي رهيو هو، گهليو وٺير پئي ويئي. شرابيءَ روئڻهار ڪي نموني ڪجهه چيو، جنهن تي هن عورت ٿڪل آواز ۾ هوريان چيس: ”تقدير ايئن آهي.“

        انهيءَ تي منهنجيءَ دل ۾ خيال پيدا ٿيو. ته ”منهنجي به ساڳي حالت اهي. مان به ايئن گهلبو وڃان ٿو. اونداهين ڪنڊن ۽ پاسن ۾ ٿيٽ کائيندو ٿو وتان، ڏکن، گندگين ۽ عجيب و غريب ماڻهن سان واسطو ٿو پوي. انهن مون کي ڪيترو نه بيزار ڪري ڇڏيو آهي.“

        شايد اهي ساڳيا لفظ ان وقت منهنجي دل ۾ نه آيا هجن، پر انهيءَ اداس رات ۾ اهڙا خيال ضرور پيدا ٿيا هئا. تڏهن پهريون ڀيرو ”دل جي بيزاري“ محسوس ڪئي هيم. ۽ پنهنجي دل کي لڳل اڏوهيءَ کي محسوس ڪيو هوم. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ منهنجي دل جي حالت جيئن پوءِ تيئن ابتر ٿيندي وئي. مان پاڻ کي هڪڙي ڌارئي ماڻهو وانگر بي رحم ۽ بغضن ڀريل اکين سان ڏسڻ لڳس.

        هر ڪ نهن ماڻهوءَ ۾ مون کي نه صرف گفتار ۽ ڪردار جو فرق ڏسڻ آيو، بلڪ پنهنجن جذبن ۽ امنگن ۾ به اختلاف نظر آيو ۽ انهيءَ ڳالهه مون کي ڏاڍو اداس ڪري ڇڏيو. پنهنجيءَ دل ۾ به مون کي اهو تماشو ڏسڻ ۾ ايندو هو، مون کي هر طرف عورتن، ڪتابن، مزدورن ۽ شاگردن جي ڇڪ ٿيندي هئي. پر مون کي ايترو وقت ئي نه هوندو هئو جو انهن مان پنهنجيءَ ڪنهن به دلچسپيءَ کي پورو ڪري سگهان. مان ڪوريءَ جي تڪليءَ وانگر هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين پيو ٿيڙ کائيندو هوس، ۽ ڪو ان ڊٺل غيبي ۽ طاقتور هٿ پيو هيڏي هوڏي مون کي ڦيرائيندو هو.

        پتو پيم ته جاڪوف کي اسپتال کڻي ويا آهن. مان هن سان ملڻ لاءِ اوڏانهن ويس، پر جيئن ئي مان اسپتال ۾ داخل ٿيس ته هڪڙي ٿلهي، وات چٻي، چشمي چرهيل نرس، جنهن جي مٿي تي ٻڌل رومال مان ڳاڙها ۽ ٻاڪَنَ ٻاهر نڪتا بيٺا هئا. مون کي لاپرواهيءَ سان ٻڌايو: ”مري ويو!“

        پر جيئن ته مان اتان هليو نه ويس ۽ هن جي اڳيان ماٺ ڪيو بيٺو رهيس ته هن کي ڪاور چڙهي ويئي ۽ رڙ ڪري چيائين: ”توکي ٻيو ڇا گهرجي؟“

        پوءِ مون کي به غصو اچي  ويو ۽ چيو مانس: ”تون ته ڪا بيوقوف جاهل آهين.“

        ”نڪولائي! هن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏ!“

        نڪولائي ٽامي جي ڪن سيخن کي پالش ڪرڻ ۾ مشغول هو، پر گهٽ وڌ ڳالهائيندي مون کي پٺيءَ واري سيخ وهائي ڪڍيائين. انهيءِ ته مون ڇا ڪيو، جو هن کي پنهنجن هٿن سوگهو جهلي کڻي مٿي ڪيم ۽ ٻاهر دروازي وت کڻي آيو مانس ۽ اسپال جي ويجهو هڪڙي گندي پاڻيءَ جي دٻي ۾ کڻي ڦتو ڪيومانس. هن ڪنهن به قسم جي هٿ-ڇوهائي نه ڪئي ۽ پاڻيءَ جي دٻي مان، جتي ڦتو ڪيومانس، ماٺ ڪيو مون ڏي نهاريندو رهيو. پوءِ اتان اٿي مون کي چوڻ لڳو: ”ٿڪ هجئي! حراميءَ جا پٽ.“

        مان ”ڊرزهاون“ پارڪ ڏانهن هليو ويس، جتي هڪڙي شاعر جي يادگار اڳيان بينچ تي ويهي رهيس. منهنجي دل ۾ اها خواش زور سان ڀري رهي هئي ته مان ڪو اهرو بڇرو ڪم ڪريان، جو سڀ ماڻهو مڙي مون تي حملو ڪن ۽ مون کي ڪنهن سان وڙهڻ جو بهانو ملي پوي. جيتوڻيڪ اهو موڪل جو ڏينهن تڏهن هو، به باغ ۽ ان جي آسپاس رستن تي ماڻهو نظر ئي نه پئي آيو. صرف هوا جا تيز جهوٽا پاڻ سان گڏ وڻن جا ڇڻيل پفن اڏايو پئي ويا ۽ هوا ويجهو بتيءَ جي ٿنڀي تي لڳل اشتهار کي کڙڪائي رهي هئي.

        منهن اونداهي ٿي رهي هئي. هوا سرد ٿي ويئي ۽ آسمان ۾ ڪاراڻ پکڙجي ويئي. شاعر جو مجسمو منهنجي مٿان شاهي ٽاور وانگر ڪَرَ کنيو بيٺو هئو. مان ان ڏي نهاري پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳس ته هن زمين جي مٿان هڪرو انسان رهندو هئو، جيڪو اڪيلي سِرِ پنهنجي سموريءَ قوت سان خدا جي برخلاف جهاد ڪندو رهيو ۽ اهو رواجي موت مري ويو، بلڪل رواجي.

        هن ۾ ڪا گهٽتائي هئي ۽ ڪا برداشت نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه سمايل هئي ۽ هو نڪولائي بيوقوف هئو، هن کي مون سان وڙهڻ کپندو هئو، يا پوليس گهرائي مون کي جيل ۾ وجهرائڻ کپندو هئو.

        مان ربزوف سان ملڻ ويس. هو هڪڙي ننڍڙيءَ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ پنهنجي جئڪيٽ جي مرمت ڪري رهيو هو. مون هن کي چيو: ”جاڪوف گذاري ويو.“

        پوڙهي مڙس پنهنجي هٿ کي، جنهن ۾ سُئي، هيس اهڙيءَ ريت مٿي ڪيو ڄڻ ته پاڻ تي صليب جو نشان پئي بڻايائين. پر ڏک مان مون ڏي نهاري ماٺ ٿي ويو. ٿوري گهڙي رکي چوڻ لڳو: ”وقت تي اسان سڀني کي مرڻو آهي. اهو ماڻهن جو عجيب دستور آهي. ايئن چرخو ڦرندو ٿو رهي. جاڪوف-مري ويو. ٻيو هڪرو ٺاٺارو هتي رهندو هئو، اهو به مري ويو، اڳئين آچر تي پوليس وارا هن کي پڪڙي ويا هئا. منهنجي هن سان ملاقات پليٽينوف جي معرفت ٿي هئي. ڏاڍو سمجهو مڙس هوا ۽ شاگردن سان به دوستاڻا تعلقات هئس. مون ٻڌو آهي ته شاگردن هڙتال ڪئي اهي. تو اها ڳالهه ٻڌي اهي؟ اچي، هن جئڪيٽ کي ته ٽوپو ڏي. مون کي پتوئي نه ٿو پوي ته مان ڇا ڪري رهيو آهيان؟“

        پنهنجو ڦاٽل جئڪيت، سُئي ۽ سڳو مون کي ڏئي، هو پنهنجا ٻئي هٿ پٺيان ٻڌي ڪمري ۾ گهمڻ لڳو ۽ کنگهندي چوڻ لڳو: ” ڪڏهن ڪٿ ڪڏهن ڪٿ ڀنيڀٽ ٻري ٿو پوي. پر شيطان ان کي وسائي ٿو ڇڏي ۽ حالتون ساڳيءَ طرح اڀتر تي تيون وڃن. هي بيحد بدبخت شهر آهي ان کان اول جو ندين جو پاڻي ڄمي وڃي ۽ ٻيڙيون هلڻ بند ٿي وڃن، مان هٿان هليو ويندس.“

        هو ماٺ ٿي ويو ۽ پنهنجي گنجي مٿي کي کنهي، پڇڻ لڳو: ”پر ڪيڏانهن؟ مون سب سهر گهميا آهن ۽ هاڻي ڪفڪ ٿي پيو اهيان.“

        هو ٿڪ اڇلائي چوڻ لڳو: ”زندگي-لعنت هجيس هيتري رهڻ، وحن ۽ ڳهڻ کان پوءِ به اهو ڪجهه حاصل نه ٿيو اهي، جو جسم يا روح کي آرام رسي.“ هو در جي ڪنڊ جي ڀرسان گهڙي سوا ماٺ ڪري بيهي رهيو، ڄڻ منهنجي واتان ڪجهه ٻڌڻ پئي چاهيائين. پوءِ هو ميز ڏانهن موٽي آيو، ۽ ان جي هڪ پاسي ويهي رهيو.

        ”منهنجا پيارا مئڪسم، مان چوان ٿو ته اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو جاڪوف پنهنجي دل ۽ دماغ خدا جي مخالفت ۾ ايتري قدر منجهائي ڇڏيا هئا. خدا يا زار کي منهنجي نه مڃڻ سان انهن ۾ ڪو ڦيرو نه ايندو. انهيءَ کان بهتر آهي ته ماڻهن کي پاڻ تي ڪاور ڪرڻ گهرجي ءٌ پنهنجي ههڙيءَ ردي زندگي، جيڪا هو گهاري رهيا اهن، کان انڪار ڪرڻ گهرجي. افسوس، مان پوڙهو مڙس آهيان. مان جلدئي نپٽ انڌو ٿي ويندس. ڏاڍي خراب ڳالهه ٿيندي. جئڪيٽ جو ڪم پورو ڪيئه؟ مهرباني.....هل ته هوتل تي هلي چانن پيئون.“

        هوتل ڏانهن ويندي اوندهه ۾ هو ٿيڙ کائڻ لڳو. منهنجي ڪلهي کي اجهي لاءِ جهليندي چوڻ لڳو: ”منهنجي ڳالهه ياد رکجاءِ. ماڻهن جو صبر ڪنهن ڏينهن ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ هو پنهنجي ڪاوڙ ذريعي هر شيءِ کي تباهه ڪري ڇڏيندا ۽ هنن جي چوگرد جيڪو گند آهي، ان جو انت آڻيندا . ماڻهن جو صبر ضرور ختم ٿيندو.“

        اسين هوتل تائين پهچي نه سگهياسين، ۽ بحري سپاهين جي منهن ۾ اچي وياسين، جن چڪلي کي گهيرو ڪري رکيو هئو، ۽ انهن جي حملي جي مقابلي لاءِ الا فوزون مل جي مزدورن مورچو قائم ڪيو هئو.

        ”هتي هر موڪل جي ڏينهن لڙائي ٿيندي آهي.“ ربزوف پنهنجي عينڪ لاهيندي چيو ۽ پنهنجن ڪن دوستن کي مقابلي ڪندڙ ماڻهن ۾ ڏسي پاڻ به لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿي ويو. ۽ پنهنجن ساٿين کي همٿائيندي، رڙ ڪيائين: ”ڪاريگرو، پير ڄمائجو! هنن ڏيڏرن جا ميڄالا ڪڍي رکو.“

        هن پوڙهي جي چستي ءٌ اُتساهه ڏسي، مون کي حيرت وٺي ويئي. ڏاڍيءَ هوشياريءَ سان خلاصين جي گروهه سان وڙهندو، رستو صاف ڪندو، پئي هليو. هنن جي ڌڪن کي روڪي، هنن کي ڇاتي وارا اهڙا ڌڪ پئي هنيائين. جو جوان پت تي ڍيري ٿي پئي پيا. خلاصي معرڪو صرف آزمائش خاطر ۽ يا ايئن چئجي ته پنهنجي زيادهه قوت جي ڏيکاءَ لاءِ قائم رکيو بيٺا هئا. آخر خلاصين مِلڀ وارن کي پٺتي هٽائي ڇڏيو ۽ چؤدڳيءَ تي چڪلي جي وڏي ڦاتڪ تي قبضو ڪري ورتو. خوشيءَ مان واڪا بلند ٿي ويا: ”انهيءَ گنجي کي وٺجو!“

        خلاصين مان ٻه ماڻهو ڇت تي ڍڙهي ويا، جتي مزي سان ڳائڻ لڳا: ”اسين نه چور، نه ڌاڙيل، نه ڦورو آهيون.

        اسين ندين تي هاڪارڻ ۽ سمنڊ جي ڇاتين تي سير ڪرڻ وارا آهيون.“

        پوليس واري جي سيٽي وڄڻ لڳي. ۽ اوندهه ۾ هن جا ورديءَ ۾ لڳل پتل جا بٽڻ چمڪڻ لڳا. گپ ۽ چڪ جو وسڪارو شروع ٿي ويو. ۽ ڇت تان آواز اچڻ لڳو:

        ”اسين پنهنجا ڄارَ ۽ ڀَنف اتي سڪائيندا آهيون، جتي ڇوليون نه ٿيون پهچي سگهن.

        پوڙهن ٿلهن واپارين جي ڇتين، ڇاپرن ۽ ڪوٺين تي.“

        ڱاڙي خبردار، متان ڪِريل تي وار ڪيو اَٿو.“

        ”ڏاڏا! پاڻ ڏانهن ته ڏس، ڇا حال ٿيو اٿئي.“

        آخرڪار ربزوف، مون کي ۽ ٻين پنجن ڇهن دوستن ۽ دسمنن کي پوليس پڪڙي ٿاڻي تي وٺي وئي. وڃڻ وقت سرءُ جي رات جي خاموس فضا ۾ هيٺئين راڳ جو آواز ڦهلجي ويو:

        ”واهه واهه! اسان جي ڄارَ ۾ چاليهه مڇيون ڦاٿيون اهن. جيڪي قيمتي ۽ ڪارائتيون آهن.“

        ”وولگا جي ماڻهن کي ماري مڃائڻ مشڪل اهي!“

        ربزوف رت جو کانگهارو اُڇليندي ۽ زخميل نڪ سڻڪندي، ڦنڊ مان چيو. منهنجي ڪن ۾ هوريان چيائين: ”موقعو تاڙي هٿان کسڪي وڃ! تون ڇا جي لاءِ لاڪپ هلين؟“

        مان هڪڙي ڀرواريءَ گهٽيءَ ۾ وٺي ڀڳس. هڪڙي سنهي سيپڪ خلاصيءَ به منهنجي پيروي ڪئي. اسين لوڙهي پٺيان لورهو تپندا وياسين. هيءُ آخري ڀيرو هئو جو مان پنهنجي هوشيار ۽ پياري دوست نڪيتا ربزوف سان مليو هوس.

        منهنجي زندگي جيئن پوءِ تيئن بي مزي ٿيندي پئي وئي. شاگردن جي هلچل شروع ٿي ويئي. مان ان کي، ان جي سببن ۽ مقصدن کي سمجهي نه ٿي سگهييس. هلچل ۾ ڪافي جوش ۽ خروش هو، پر ان جي پٺيان مون کي سچائي ۽ صداقت گهت نظر ٿي آئي. مون پنهنجي دل ۾ اها ڳالهه محسوس پئي ڪئي ته يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي نعمت عيوض ڪو سخت عذاب به سهڻ گهرجي. جيڪڏهن مون کي چون ها، ”توکي پرهڻ جي اجازت اهي، پر ان لاءِ توکي هر آرتوار تي شهر جي مکيه چوڪ تي لٺين سان مار ڏني ويندي“، ته جيڪر مان اها ڳالهه به وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪريان ها.

        هڪڙي ڏينهن مان سيميانوف بيڪريءَ تي ويس. اتي ڏٺم ته اتي جا ڪم ڪندڙ اها رٿ رٿي ڏيئي رهيا هئا ته ”يونيورسٽيءَ هلجي ۽ شاگردن کي مار ڪڍي اڍجي!“

        ”پاڻ سان ڪجهه لوها وٽ کني هلو“، هنن بغض ڀري کل کلندي چيو.

        مون هنن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عجب جي ڳالهه جو خود منهنجي دل نه پئي چيو ته شاگردن لاءِ بحث ڪڄي ۽ نه ئي ڪو اهرو دليل مليو ٿي جو هنن جي بچاءَ چئي سگهجي. ياد اٿم، مان انهيءَ بيڪريءَ مان بيمارن وانگر ٿڙندي نڪتس ۽ منهنجي دل ۾ بي انتها غم ۽ ڏک هئو.

        انهيءَ رات مان ”ڪابان“ ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي ويٺس ۽ ان جي ڪاري پانيءَ ۾ پٿر اچلائڻ لڳس، ۽ وري وري ساڳيو خيال، ساڳيا لفظ، منهنجي دل کي تنگ ڪرڻ لڳا، ”ڇا ڪرڻ گهرجي؟“

        پنهنجي اداسائيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ مون وايولن سکڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري چوڪيدار ۽ ڪُئن کي تڪليف رسڻ لڳي. مون کي موسيقيءَ سان محبت هئي. تنهنڪري مان وايولن ڏاڍي چاهه سان وڄائڻ لڳس. هڪڙي ڏينهن، وايولن وڄائيندي وڄائيندي، ٿڪجي، ڪنهن ڪم سان خاني کي بنا ڪلف لڳائڻ جي گهڙيءَ سوا لاءِ ٻاهر هليو ويس. منهنجي پَر پُٺ منهنجي استاد، جو ٿيٽر ۾ وايولن وڄائيندو هو، خانو کولي پئسا ڪڍي ورتا. موتڻ تي ڏٺم ته هن جا کيسا پئسن سان سٿيا پيا هئا. جڏهن هن ڏٺو ته چوري پڪڙجي پيئي آهي ته پنهنجو ڪنڌ ڏاڍي صبر سان ڌڪ هڻڻ لا3 مون ڏانهن وڌائيندي، چوڻ لڳو: ”ٿڦ هڻ.“

        هن جا چَپ ڏڪي رهيا هئا ۽ هن جي بي رنگ اکين مان وڏا وڏا ڳورها وهي رهيا هئا.

        منهنجي دل چيو پئي ته هن کي مار ڪڍان، پر انهيءَ اورڪ کي روڪڻ لاءِ پنهنجون مڪون پنهنجي هيٺان ڏئي. زمين تي ويهي رهيس ۽ هن کي چيم ته پئسا واپس خاني ۾ رکي ڇڏ. هو کيسا خالي ڪري، دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو، پر واٽ تي بيهي خوف ڀريل آواز ۾ ڏاڍيان چرين وانگر چوڻ لڳو: ”مون کي ڏهه روبل ڏي.“

        مون هن کي ڏهه روبل ڏنا، پر وايولن اڇلائي موسيقي سکڻ بند ڪري ڇڏيم.

        دسمبر جي مهيني ۾ مون خودڪشيءَ جو فيصلو ڪيو. مون پنهنجي انهيءَ ارادي جا، جي سبب هئا، تن جو بيان ”ماڪار جي حياتيءَ ۾ حادثو“ واري افساني ۾ ڪيو آهي. پر مان انهن احساسن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪري نه سگهيو آهيان. افسانو ردي، بي مزي ۽ سچ کان خالي اهي. انهيءَ هوندي به، مون کي ايسن ٿو لڳ ته انهيءَ ۾ سچ جي نه هجڻ ئي ان ۾ خوبي پيدا ڪئي آهي. ان ۾ حقيقتون صحيه پيس ڪيون ويون آهن. پر اهي ايئن پيون لڳن، ڄڻ انهن جو مون سان نه پر ٻئي ڪنهن سان واسطو آهي. افساني ۾، هونئن جيڪي ادبي خوبيون اهن، تن کي پاسيري رکڻ کان پوءِ به ان ۾نهنجي لاءِ ڪا اهڙي دلچسپي اهي. جهڙي پاڻ تي ڪا سوڀ پائڻ سان ٿيندي آهي.

 

********

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org