سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-8

صفحو : 8

باب اٺون

 

        مئي مهيني جي هڪڙي اداس ۽ طوفاني هوائن واري ڏينهن، مان سارتسائن شهر مان  ”نجنيءَ“ ڏانهن اهي رٿون رٿي نِڪتس ته جيئن اتي سيپٽمبر ۾ وڃي  پهچان. هي اهو سال هو جنهن ۾ مون کي ملٽريءَ جي خدمتن جي بجا آوري پوري ڪرڻي هئي. رات جي وقت پاڙي وارين لارين تي سفر ڪندو هوس، نه ته گهڻي منزل پيرن پنڌ ڪيم. پنهنجو پيت گذر قزاق ڳوٺن، مڙهين ۽ ٻنين ۾ ڪم ڪندي حاصل ڪندو هوس. مون ڊان ضلعي جو گشت ڪندو تامبوف ۽ رياضان صوبن جي سير ڪندو، اُوڪا نديءَ جو ڪنارو وٺي. ماسڪو جو رخ رکيو. رستي تي ٽالسٽاءِ سان ملڻ جو ارادو ڪري سندس گهر پهتس. اتي پتو پيو ته هو اتان هليو ويو آهي. ٽالسٽاءِ جي زال ٻڌايو ته هو ٽرائز سرگيوسڪ مڙيءَ (Traitz Sergeisk Monastery)  ڏانهن ويو آهي.

        هوءَ ڪتابن سان سٿيل جهوپڙيءَ جي در تي بيٺي هئي، مون کي رڌڻي ۾ وٺي و.ئي ۽ کائڻ لاءِ مانيءَ ٽڪر ۽ چانهه ڏنائين.

        هُن ٻين ڳالهين ان گڏ مون کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، جن بي فائدي ڳالهين جي ويچارن ۾ ٽالسٽاءِ ورتو پيو هئو. اهڙن ويچارن ۾ ورتل ماڻهو جي روس ۾ ڪمي ڪانه هئي. منهنجا پاڻ ساڳيا خيال هئا. تنهن ڪري هن سمنهو عورت جي تائيد ڪيم.

        سيپٽمبر جي اچي پڄاڻي ٿي هئي. ڌرتي سرءُ جي مينهن سان ڀني پئي هئي. سرد هوا ٻنين ۾ پئي ڦري، جهنگل سرءُ رمگيم ڇپشاڪ ڇهريون بيٺا هئا. سچ پچ سال جو سندر سمو هئو. پر پيرين پنڌ ڪندڙ لاءِ نه، خاص طرح جنهن جا بوٽ پرزا پرزا هجن.

        ماسڪو جي مال گدام اسٽيشن تي کاڏيءَ جي ڊرائيور کي اها ڳالهه مڃايم ته مون کي جنورن جي گاڏيءَ ۾ ويهڻ جي اجازت ڏي. گاڏيءَ ۾ اٺ ڏاند سوار هئا، جي نجنيءَ شهر ڏانهن پئي ويا. انهن مان پنج ماٺ هئا. باقي ٽي مون کي ڏسي سهي نه سگهيا ۽ مون کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ پنهنجي وسئون نه گهٽايائون. هنن جڏهن پنهنجي فتح پئي ڏئي، ته شوڪارا ڀري وٺي رڙيون ۽ رانڀاٽ ٿي ڪيائون. ڊرائيور جيڪو ڄنگهن ڦڏو ۽ شرابي هئو، انهيءَ منهنجن هم سفرن جي کاڌ ۽ خوراڪ جو ڪم منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو هئو. رستي تي ايندڙ اسٽيشن تي گاهه جو ڀاڪر ڏئي حڪم ڏيندو هئو. ”وڃي کارائينِ.“

        اهڙي طرح مون پنهنجي زندگيءَ جا چوٽيهه ڪلاڪ ڏاندن جي سنگت ۾ صرف ڪيا. انهن جي صحبت ۾ اندازو لڳايم ته اهڙا وحشي جانور ٻيا ڪي مشڪل هوندا.

        منهنجي ٿيلهي ۾ منهنجو هڪڙو نوٽ بڪ هئو جنهن ۾ شعر لکيل هئا، ۽ انهيءَ ۾ هڪڙو نثر ۽ نظم ۾ لکيل بهتر شعر ”پوڙهي ٿُڙَ جو گيت“ هئو. مون ۾ ڪڏهن به غرور پيدا نه ٿيو هئو ۽ ان وقت پاڻ کا اڌ پوڙهو سمجهندو هوس. تڏهن به مون کي اهو يقين هو ته اهو شعر شاهڪار هئو. انهيءَ شعر ۾ پنهنجن گذريل ڏهن سالن جي سخت ۽ مختلف آزمودن واريءَ زندگيءَ ۾. جيڪي به خيال منهنجي دماغ ۾ پيدا ٿا هئا، ته ان جي نواڻ تي ”واه واه“ ڪرڻ لڳندا. يقين هئو ته انهيءَ ۾ جيڪو سچ سمايل آهي اهو ماڻهن جي دلين ۾ نئين ۽ پائيدار راهه پيدا ڪندو، ۽ پوءِ هنن جي ديانت ڀريءَ، سچيءَ ۽ خوشين ڀريل زندگيءَ جي ابتدا ٿيندي. مون انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه چاهيو به نه پئي.

        انهيءَ وقت ڪارونن نجنيءَ ۾ رهندو هئو. مان هن سان ڪيترا ڀيرا ملڻ ويو هوس، پر هن کي پنهنجي فلاسافر ٿڙ جي ڏياکارڻ جي همت ئي نه پئي ٿيم. ڪارونن جي ضحت تمام خراب حالت ۾ هئي، هن سان منهنجي همدريدي پاڻ انهيءَ احساس ڪري وڌيڪ هئي ته هو پنهنجي اندر جي وهمن ۽ پورن ۾ غلطان هئو.

        ”شايد ايئن هجي“، هو نڪ مان دونهون ڪچندي، گهرو ساهه کڻي چوندو هئو، پوءِ وري مرڪي چوندو هئو. ”شايد ايئن جه هجي.“

        هن جو گفتگو مون ۾ مونجهارو ۽ ٽڪليف پيدا ڪندو هئو. مان سمجهندو هوس ته هن کي ڳالهائڻ جو حق هئو، پر نقطن کي ٺيڪ بيان ڪرڻ به هن جو فرض هئو. انهيءَ سان گڌ هن سان پنهنجي شخصي عقيدتمنديءَ ڪري، اهڙيءَ خبرداريءَ سان ڳالهائيندو هوس، جيئن هن جي جذبن کي تڪليف نه پهچيئ

        مان هن سان ڪازان ۾ مليو هوس، جتي هو ملڪ نيڪاليءَ جو مدو پورو ڪري موٽيو هئو. هن منهنجي دل تي اهڙي ماڻهوءَ جهڙو پڪو ۽ اڻ مٽندڙ اثر ڇڏيدو هئو جيڪو اهڙيءَ منزل ڏانهن راهي هجي جنهن منزل کي ڪڏهن به پهچي نه سگهي.

        ”البت، اهو منهنجي لاءِ ڪو ضروري نه هو ته هيڏانهن موتي اچان ها.“ اهي هن جا پهريان لفظ هئا، جي مون هن کي هڪڙي خسيس هوٽل جي هڪڙيءَ اداس ڪوٺيءَ جي ڇاپري ۾ داخل ٿيندي هن کان ٻڌا هئا. مون ڏٺو ته هڪڙو قدآور ڪٻرو مڙس، خيالن ۾ غلطان، پنهنجي هٿ ۾ جهليل واچ جي وڌي ڊايل ڏانهن نهاري رهيو هئو. هن جي ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ سگريت دکي رهيو هئو. سوموف نالي زميندار هن کان انقلابي تحريڪ بابت سوال پڇي رهيو هو. جواب ڏيڻ وقت هو ڪوٺيءَ ۾ وڏيون ٻرانگهون پائي. هيڏي هوڏي ڦريو ۽ هن جي سوالن جا جواب مختصر لفطن ۾ پئي ڏنائين. هن جون اکيون جن جي نظر گهٽ هئي، ٿڪل ۽ ڳوريون پئي لڳيون. هن جي کاڏي ۽ ڳٽا ڏاڙهيءَ جي گهَٽ وڌ وارن سان ڍڪيا پيا هئا. هن جي نوڪدار کوپڙيءَ تي پادرين جهڙا سخت، اڀا ۽ کندا وار هئا.

        جيئن هو ڪمري ۾ اچ  وڃ ڪري رهيو هئو ته پنهنجي گهنجيل پتلون جي کيسي ۾ سِڪن کي پئي کڙڪايائين ۽ ٻئي سگريت واري هٿ کي ساز وارن جي اڳواڻ (موسيقار) جي *َڪڙ وانگر پئي هيٺ مٿي ڪيائين. هن جو ساهه دونهين جي ڪڪرن ۾ تڪرو کڄي رهيو هئو، کنگهي، چپن کي زبان سان آلو پئي ڪيائين. ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ واچ ڏانهن پئي نهاريائين. هن جي نٻل جسم جي چرپر ڏانهن نهارڻ کان پوءِ ايئن پئي محسوس ٿيو، ڄڻ هن جي سگهه ختم ٿي چڪي هئي. هوريان هوريان ڪمرو مغموم چهري وارن اٽڪل ٻارهن نانوا ئي شيشه گر شاگردن سان ڀرجي ويو.

        ڪارونن گهٽيل ۽ سلهه ۾ ورتل مريض جهڙي اواز ۾ پنهنجي ملڪ نيڪاليءَ واري وقت ۽ ملڪ نيڪالي مليلن جي دل جي حالت جو بيان ڪري رهيو هئو. ڳالهائڻ يول ڪنهن ڏانهن به نه پئي ڏٺائين. گهڙيءَ گهڙيءَ چپ ٿي پئي ويو. ڪڏهن ڪڏهن دريءَ جي ڪانس تي ويهي پئي رهيو ۽ مٿان روسن دان مان ايندڙ ٿڌي ٿڌيءَ هوا جي ڪري، جيڪا پاڻ سان گڏ لِڏ ۽ گهوڙن جي پيشان جي بوءِ به کڻي پئي آئي. ڪنڌ کي پٺتي ڪري ڇڏيائين. پنهنجن وارن کي پنهنجن هڏن جهڙين آڱرين سان پٺتي ڪندي، سوالن جي برسات جا جواب پئي ڏنائين، ”ممڪن اهي، پر پڪ  نه اٿم. پتو ناهي. چئي نه ٿو سگهان.“

        ڪارون شاگردن کي مٿاثر ڪري نه سگهيو. هو اهڙن ماڻهن سان هريل هئا، جن کي سڀ ڪنهن ڳالهه جو پتو هئو ۽ جي سڀ ڪنهن سوال جو جواب ڏئي سگهيا ٿي. هن جي علم جي اوڻائيءَ جي صاف اعتراف تي اها راءِ زني ٿيڻ لڳي ته ”ڊنل مڙس اهي.“

        منهنجي شيشه – گر دوست، اناتول کي ۽ ڪارون جي ٻاراڻين شفاف اکين ۽ هن جي ور ور ڪري اهو قبول ڪرين ته ”مون کي خبر ناهي“ لاءِ ٻي سمجهاڻي ه.ي. هو چوندو هئو ته ڪارون جو خوف انهيءَ ماڻهوءَ جي ڊپ وانگر، جنهن کي زندگيءُ جو چڱيءَ ريت علم هجي، پر ننڍڙن پونگڙن کي انهيءَ جي اوڙاهه تائين وٺي وڃڻ کان ڇرڪندو هجي. اناتول ۽ مون جهڙن مانهن کي، جن کي زندگي آزمائي چڪي هئي، ڪتابن ڪي ڪيڙن تي ٿورو ٿورو ڀرسو هوندو هئو. اسين شاگردن کي چڱيءَ ريت سمجهندا هئاسين ته سندن ٻاهريون ڌيک بناوٽي هئو.

        اڌ رات ڌاران، ڪارون اوچتو ئي اوچتو کڻي پنهنجي تقرير بند ڪئي، ۽ ڪمري جي وچ ۾ دونهين جي ڪڪرن ۾ اهڙيءَ ريت بيهي رهيو، ڄڻ دونهين جو ٿينڀو هئو. هو پنهنجي ڳٽي کي اهڙيءَ ريت مهٽڻ لڳو، ڄڻ ان کا ڏسڻ ۾ انه ايندڙ پاڻيءَ سان چوئي رهيو هئو. پنهجيءَ واچ کي پتي جي هيٺان ڪنهن هنڏان ڪڍي نڪ جي ويجهو آڻي، عجب ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳو، ”هان؟ مون کي هاڻي وڃڻ گهرجي. منهنجي چيءُ بيماريءَ ڪري بستري داخل اهي، الوداع!“

        هو پاڻ ڏانهن وڌايل هٿن کي پنهنجن گرم ۽ پگهريل هٿن سان زور ڏيندو، ٿِڙندو، ڪمري مان باهر هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسين اچي گهڳيءَ ۾ پياسين، جيڪا اهڙين تقريرن کان پوءِ فرحتي لڳندي هئي.

        نجنيءَ ۾، ڪارونن دانشور طبقي ۾ ٽالسٽاءِ جي تحريڪ کي زور وٺڻ تي رک رکندو هئو ۽ سمبرسڪ ۾ ڪالوني تيار ڪرائڻ ۾ بهرو وٺندو هئو. انهيءِ ڪم جي جلد ناڪاميءَ جو ذڪر پنهنجي افساني ”بورسڪ ڪالونيءَ“  ۾ ڪيو اٿائين.

        هن مون کي به ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو نه تون هن خطي ۾ کڻي پنهنجو ٺڪاڻو ڪرين! شايد توکي اهو ڪجهه ملي وڃي. جنهن جي توکي تلاش آهي؟“

        پر مون کي انهن ”پاڻ کي تڪليفون ڏيندڙن“ جي صحبت ۾ جيڪو آزمودو ٿيو هو، تنهن مون کي اوڏانهن وڃڻ تي نه هرکايو. ماسڪو ۾ منهنجي ملاقات ٽلسٽاءِ تحريڪ جي هڪڙي بانيءَ نوو سيلون سان ٿي هئي، جيڪو ”تِوَرِ ۽ سمالينسڪ ۾ ”مزدورن جي ائسوسيئيشن“ جو منتطم هئو، پر پوءِ هو ٽالسٽاءِ جو ڪٽر دشمن ٿي پيو ۽ ان تحريڪ جي برخلاف ”آرٿوڊاڪس رويو“ ۾ مصمون لکڻ لڳو.

        هو قد جو ڊگهو ۽ ڪافي طاقت وارو مڙس لڳندو هئو. هن جي بيحد سادي ذري هٽ کائپ جهڙي هوندي هئي. هو ”تهذيب“ جو بلڪل انِڪاري هوندي هئو. مون کي اها ڳالهه پسند نه هئي، ڇاڪاڻ ته مان ڏاڍن ڏکن سان تهذيب جي سرحدن ڏانهن پنڌ ڪري رهيو هوس ۽ ان جي راهه ۾ ايندڙ سڀني تڪليفن مان پار پوڻ جو عزم هوم.

        منهنجي هن سان پهرين ملاقات نيڪايوف* جي هڪڙي پوئلڳ آرلوف جي ڪمري ۾ ٿي هئي. آرلوف ليوپارڊي ۽ فلابيئر جي ڪمن جي مترجمن ۽ ڪلاسيڪي ڪتابن جي شاندار لئبرريءَ ”لٽرري پئنٿيان“ جو باني هئو. مون ڏٺو ته نوو سيلوف ڪافي هوشيار ۽ مطالعي وارو ماحو هئو. پر هو اهي ٻئي ڳالهيون سڄو وقت ٽالسٽاءِ تهريڪ جا تختا ڪڍڻ ۾ استعمال ڪندو هئو. اِن وقت اها تحريڪ مون کي البت پسند ايندي هئي. سمجهندو هوس ته هي اهو هنڌ اهي ، جتي ڪنڊائتو ٿي ان وقت تائين جيڪي  زندگيءَ   جا    سبق   حاصل

 *  نيڪايوف نهلسٽءُ (نيستيءَ جي فلسفي ۾ يقين رکندر) تحريڪ جو  اڳواڻ هو. نهلسٽ تحريڪ وارا بيحد دهشت انگيز هئا.

 

ڪيا هئم، تن تي ويهي ويچار ڪندس.

        ون کپي انهيءَ ڳالهه جو پتو هئو ته ماميارو ليکڪ ڪارولينِڪو ان وقت نجنيءَ ۾ مقيم هئو. مان هن جو مسهور ڪتاب ”ماڪار جو خواب“ پرهيو هئي، پر اهو مون کي ڪنهن نامعلوم سبب ڪري پسند نه آيو هو.

        هڪڙي مينهن واري ڏينهن مان ڪنهن دوست سان وڃي رهيو هوس ته اوچتو منهنجي اُن دوست مون کي ٺونٺ هڻي چيو، ”ڪارو لينِڪو“!

        مون ڏٺو ته هڪڙو ڪشاديءَ ڇاتي وارو سگهارو ماڻهو شاندار نموني قدم کڻندو پئي ويو. مون کي صرف ڌمڪندڙ چٽيءَ جي هيٺان هن جي ڏاڙهيءَ جا وار ڏسڻ ۾ آيا. هن کي ڏسي، مون کي گورڪن ياد اچي ويو. مون کي انهيءَ  نسل جي ماڻهن سان دوستي نه ڳنڍڻ لاءِ ڪافي سبب هئا. تنهن ته اقي باقي ڪارولنڪو سان واقفيت حاصل ڪرڻ جي خواهش کي گهٽائي ڇڏيو. نه ئي خفيه پويس جي ڪمائيءَ جي مشوري ئي منهنجي خواهش ۾ جوس جاڳايو هئو.

        انهيءَ واقعي کان ٿورن ڏينهن بعد مون کي گرفتار ڪري، نجني جيل جي چئن منارن مان هڪ ۾ بند ڪيو ويو. منهنجي گول ڪوٺڙيءَ ۾ سواءِ هن ست جي، جا لوهيءَ دروازي تي کوٽي لکي وئي هئي. ڪابه دلچسپ شيءِ ڪانه هئي.

        مان انهيءَ تي عجب مان سوچيندو رهيس ته انهيءَ مان لکندڙ جو مطلب ڇا هو. بايولاجيءَ وٽ انهيءَ اصول جي چِٽي نه هئڻ ڪري، مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته هن اها سٽ، ته دُنيا جي هر ساهه واري شيءِ جو وجود ”گهڙي“ مان آهي، مزي خاطر لکي هئي.

        منهنجي آڏي پڇا، خفيه پوليس جي سربراهه جنرل پوزنانسڪيءَ پاڻ ڪئي. هو گجندي، ڪاغذن تي، جيڪي مون کان کسي ورتا هئائون، مُڪ هڻندي چوڻ لڳو، ”هان، ته تون شعر لکندو آهين؟“ ؟ڏاڍو چڱو، لکندو ڪج. سٺا شعر پڙهجڻ ڏاڍي مزي واري ڳالهه آهي.“ ؟سٺن“ جي صفت مون کي پنهنجن شعرن لاءِ ٺهڪندر نه لڳي. تاهم، ڪن سمجهدار دوستن جو به پوليس جي جنرل وانگر منهنجي شعرن جو باب سٺو خيال هوندو هئو.

        مثال طور سورڊينٽزوف، جيڪو پاڻ ليکڪ هو ۽ سنجيده قسم جا افسانا لکندو هئو ۽ ڪنهن وقت چوڪيدارن جو آفيسر هئو. هو نارڊانِڪ لاڙن ڪري ملڪ نيڪالي به کائي چڪو هئو ۽ ويرا فجنر[*] جو پوڄيندڙ هئو. هڪڙي ڀيري ججڏهن مون کيس پنهنجي نطم ”فافونو“ جون سٽون: ”مان اهو ته نه سمجهو، ته تو ڇا چيو؟ پر پتو اٿم ته ڪجهه رس ڀريو هو......“ پرهي ٻڌايم ته چوڻ لڳو، ”ڪهرو نه گند! لاسڪ عورت هن کان وقت پڇيو هئو ۽ هو گڏهه ڦوند ۾ ڀرجي ويو!“

        جنرل پوزنانسڪي ڀِڪ مڙس هئو، جنهن جو واسڪوٽ بٽڻن جي ڪِري پوڻ ڪري هميشه کليو پيو هوندو هئو. هن جي خاڪي قميص پٽن واري هوندي هئي. جنهن تي گندا داغ لڳا پيا هوندا هئا. هن جي سُڄيل منهن جي ڪنارن تي سفيد ڏاڙهي ۽ وچ تي نيريون رڳون هونديون هيون ۽ هن جون پاڻيٺ واريون اکيون منجهيل ۽ ٿڪل ڏسڻ ۾ اينديون هيون. هو مون کي ڪراڙي ڪتي وانگر جيڪو ڀؤنِڪڻ کان بيزاري ٿي پيو هجي، ٿڪل ۽ اڪيلو لڳندو هئو. مان ڪونيءَ جي تقريرن جي ڪتاب ۾ جنرل پوزنانسڪيءَ بابت اشارا ڏٺا هئا. من کي پتو هئو ته هن جي ڌيءَ پيانو وڄائڻ ۾ ماهر هئي ۽ هو مارفين جو عادي هئو. مون کي پتو هئو ته هن هبزي سوسائٽي کي منطم ڪيو هئو ۽ ان جو صدر رهي خدمت ڪئي هئائين، ۽ شهر جي چلتي واريءَ بازار ۾ مختلف صوبن مان ايندڙ هنري مال جي نيڪال لاءِ دڪان به کوليو هئائين. مون کي اهو به پتو هئو ته هن پيٽرزبرگ پوليس ڏانهن زيموستووو جي مزدورن، ڪرو لينڪو صوبي گورنر بارانوف بابت جيڪا رپورٽ موڪي هئي، گورنر به اهڙين رپورتن کان بچيل نه هئو، جنرل جو جنهن به شيءِ لڙڪي، جنهنجي هيٺان گپ ۾ ڀريل بوٽ ۽ پنجهتر پائونڊ وزن وارو سنگمرمر جو تڪر ڏسڻ ۾ پئي آيا. دريءَ جي چؤڪاٺ ۾ مختلف قسمن جي پڱين جا پڃرا ٽنگيا پيا هئا، جن ۾ پکين ٺينگ ۽ ٽپا پئي ڏنا. هن جي لکڻ واري ميز جسماني ورزش جي سامان سان سٿي پئي هئي. منهنجي سامهون فرانسيسي زبان ۾ ”اليڪٽرڪ سٽيءَ جي ٿيوري“ ۽ سيڪنوف جو ”دماغ“ تي لکيل ڪتاب رکيل هئو. هن لڳا تار هڪٻئي پٺيان ننڍا ۽ ٿلها سگريٽ پئي ڇڪيا. جن جي گهري دونهين مون کي انهيءَ خيال کان تڪليف پئي ڏني ته انهن ۾ مارفين ڀريل هئي.

        ”تون انقلابي آهين!“ آهين!“ هن چِڙ جهڙي آواز ۾ چيو. ”تون نه يهودي ۽ نه وري پول آهين، تون ليکڪ اهين. جڏهن مان توکي آزاد ڪريان ته پنهنجو مواد ڪارولينسڪو کي ڏيکارڻ لاءِ کڻي وڃجاءِ. هن کي سڃاڻدو آهين؟ سٺو لکندر اهي، ترگنيف جي پائي جو.....“

هن مان تيز بوءِ اچڻ لڳي. هن جي وڌيڪ ڳالهائڻ تي طبعيت نه پئي ٿي. هر هڪ لفظ وڏي مشڪل سان ڇڪي پئي ڳالهايائين. هن جو گفگو بيزار ڪندر هئو. هن ميز جي ڀرسان پيل ڪٻٽ ڏانهن به پئي نهاريو، جنهن ۾ ڏيکاءَ لاءِ تمعا ۽ بلا قطارن ۾ ٺاهي رکيا ويا هئا.

        جنرل منهنجين نظرن کي اوڏانهن ڦريل ڏسي، تڪليف سان پنهنجي ڪرسيءَ مان اٿي چوڻ لڳو. ”ڇا توکي دلچسپي آهي؟“

 

* کالواني اٽالين سائنسدان جيڪو اليڪٽرڪ سٽيءَ جي ايجاد ڪري مشهور آهي.

*  فرانسيسي نباتات جو ماهر جيڪو نباتات ۾ پنهنجي تحقيق ڪري مشهور  اهي.

        پنهنجي ڪرسيءَ کي ڪٻٽ ڏانهن ڇڪي، ڪٻت کي کولي، چوڻ لڳو، ”هي تمغا ڪيترن تاريخي واقعن ۽ و_ين شخصيتن جا يادگار اهن.“ هي ٻلو بئسٽائيل جي فتح جي ياد جو اهي ۽ هي نيلسن جو ابوڪر جي جنگ ۾ فتح جي اعزاز وارو آهي. توکي ڪجهه فرانس جي تاريخ جو علم آهي؟ هي سوئس يونين قائم ٿيڻ ۽ هي مشهور گالوانيءَ جو آهي. ڪويئر کي ڏنو ويو هئو.

        هن جي عينڪ هن جي قرمزي نڪ تي هيٺ مٿي لڏڻ لڳي ءٌ هن جي پاڻيٺ ڀريل اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي. هو انهن کي پنهنجن ٿلهين آڱرين ۾ اهڙيءَ نزاڪت سان کني ڏيکارڻ لڳو، ڄڻ اهي ڌاتن جا نه پر شيشي جا هئا.

        ”ڪهڙي لاجواب ڪاريگري!“ کل جهڙي نموني چپ ڀيڪوڙي هر ڪنهن تمغي تان مٽي ڇنديندي چوڻ لڳو.

        مان انهن ننڍڙن گول سهڻن تمغن جي دل سان واکاڻ ڪئي. اهي ڳالهه پڌري هئي ته انهن سان پوڙهي مڙس جو عشق هئو. ڪٻٽ کي بند ڪرڻ ويل ٿڌو ساهه کڻي پڇڻ لڳو، ”ڇا توکي پکي پسند آهن؟“ انهيءَ موضوع تي هن جهڙن ٽن جنرلن جن گڏيل ڄاڻ کان به وڌيڪ مون کي ڄاڻ هئي. اسان پڱين تي ٺاهوڪو بحث ڪيو. پوڙهي مڙس اول مون کي قيد پوچائڻ لاءِ پوليس وارو گهرايو هئو. هو دروازي جي ڀرسان شاندار نموني اڀو لڳو بيٺو هئو، ۽ هن جو سربراهه افسوس مان چپ ڀيڪوڙي چئي رهيو هئو. ”افسوس جو ماڪوڙين کائيندر قسم جو پڱي هٿ ڪري نه سگهيو آهيان. پڱي ڏاڍا سهڻا ساهه دار آهن، ناهن؟ چڱو، هاڻي وڃ، شل خوش هجين! ها پر“، هن وڌيڪ چيو. “لکڻ جي فن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، پر هيئن نه!“

        ڳچ ڏينهن کان پوءِ وري مان جنرل جي اڳيان بيٺو هوس. هو گڙڪندي چوڻ لڳو، ”توکي، البت، انهيءَ ڳالهه جو پتو هئو ته سوموف ڪٿي لڪل آهي؟ جيڪڏهن تون مون کي انهيءَ کان آگاهه ڪرين ها ته مان جيڪر توکي جهٽ پٽ ڇڏي ڏيان ها ۽ جيڪو آفيسر هن جي ڳولا ڪري رهيو هئو تنهن جي بي عزتي به نه ڪرڻي پوي ها....“

        پوءِ اوچتو، مون ڏانهن جهڪي، خوش مزاج نموني پڇڻ لڳو، ”اڃا ته پکي ڪونه ڦاسائيندو آهين؟“

        انهيءَ مزيدار ملاقات کان اٽڪل ڏهه ورهيه پوءِ مان وري به نجني پوليس اسٽيشن تي گرفتار ٿيو ويٺو هوس ۽ منهنجي آڏو پڇا ٿيڻ واري هئي. هڪڙو جوان نائب آفيسر مون وٽ آيو. ”ڇا توکي جنرل پوزنانسڪي ياد آهي؟“ هن سوال ڪيو،  ”تومسڪ ۾ گذاري ويو. هن کي تنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ دلچسپي هئي. تنهن جي ڪاميابي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هئو، ۽ چوندو هئو ته هو ئي پهريون شخص هئو، جنهن تنهنجي ادبي لياقتن کي سڃاتو هو. مرڻ کان ٿورو اڳ مون کي چيو هئائين ته جن جي تو تعريف ڪئي هئي، سي تمغا تنهنجي حوالي ڪيا وڃن، اجهي هي اهن جي توکي گهرجن؟“

        انهيءَ ڳالهه جو مون ت ڏاڍو اثر ٿيو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ مون اهي تمغا نجني عجائب گهر جي حوالي ڪري ڇڏيا.

        مون کي فوج جي ڀريتيءَ ۾ نه کنيائون. هڪرو سگهارو ۽ خوش مزاج ڊاڪٽر جيڪو ڪوس گهر جي ڪاسائيءَ وانگر پئي لڳو ۽ ڀرتيءَ لاءِ آيل جوانن کي ڪوس لاءِ آيل جانورن وانگر پئي تپاسيائين، تنهن مون کي پنهنجي تپاس جو نتيجو هيئن ٻڌايو: ”رد. جوان ٿو ۾ وڏا نقص آهن. تنهنجي ڦڦڙن ۾ سوراخ آهن ۽ تنهنجي ڄنگهه جي رڳ وڌيل آهي.“

        انهيءَ ڳالهه جون مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن واقعي کان ٿورا ڏينهن اڳ منهنجي واقفيت هڪڙي انجينيئرنگ آفيسر سان ٿي هئي. هن جو نالو پاسخن يا پاخالوف، ياد نه اٿم ته ڇا هئو؟ هو ”ڪشڪا“ جي لڙائيءَ ۾ وڙهي چڪو هئو ۽ افغان سرحد جي زندگيءَ جو سهڻو بيان ڪندو هئو. ان سال بهار جي موسم ۾ هن کي پامير وڃي اتان سرحدن کهي کڇڻو هئو. هو ڊگهو، طاقت وارو ۽ جذباتي مڙس هئو. هو فيدوتوف جي چٽيل هوندي هئي. مون کي هن ۾ جڱ کان ابتڙ ۽ حواس باخته جهڙي ڳالهه لڳندي هئي. جنهن کي عام طرح ” چرپائپ“  ڪري چوندا آهن.

        هو مون کي هر کائيندو رهيو. ”اچي اسان جي انجنيئري فوڄ ۾ ڀرتي ٿيءُ. مان توکي پامير وٺي هلندس. پوءِ توکي دنيا جو بهترين نظارن وارو رڻ پت ڏيکاريندس! جبلن ۾ گوڙ شور آهي-باقي رڻ پٽن ۾ لطف لڳو پيو آهي!“ پنهنجين وڏين ڀورين بيقرار اکين کي اڌ ٻوٽيندي ۽ پنهنجي آواز کي بلڪل وڻندڙ ۽ هلڪو ڪندي. پراسرءَ رڻ پٽ جي تعريف ۾ ڳالهائيندو رهيو. مان ڀت بڻيو هن جي ڳالهائ کي ٻڌي رهيو هوس ۽ سوچي رهيو هوس تهي ڪهڙيءَ ريت ڪو ماڻهو رڻ پٽ جي اڻ کٽ واري، چؤطرف پکڙيل خاموشي، جلائيندر جهولي ۽ عذاب ڏيندڙ لُڪن جو اهرن لطيف لفظن ۾ بيان ڪري سگهي ٿو.

        جڏهن مون ٻڌايو مانس ته مون کي اول ئي رد ڪري ڇڏيا اٿائون ته چيائين. ”ان جي پرواهه ناهي، صرف اسان جي انجنيئري ٽولي ۾ نوڪريءَ لاءِ درخواست ۽ گهربل امتحانن پاس ڪرڻ جي خاطري لکي ڏي. باقي ٻي ڳالهه کي مان پاڻ ئي منهن ڏيندس.“

        مون درخواست لکي هن کي ڏني ءٌ جواب جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاسخالوف جيڪو پريشان ٿي لڳو، چوڻ لڳو، ”توکي سياسي طرح ڀروسي جهڙو نه ٿو سمجهيو وڃي، تنهڪري ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهجي.“ هو اکيون بند ڪري ٿورو ڏک ڀرئي نموني چوڻ لڳو. ”اهو ڏاڍو خراب آهي، جو تو اها ڳالهه مون کان لڪائي.“ مون هن کي چيو ته ان ڳالهه تي جيترو توکي عجب لڳو آهي ايترو ئي مون کي، پر مان سمجهان ٿو هن کي منهنجي ڳالهه تي يقين نه آيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو نجنيءَ مان روانو ٿي ويو. ان کان پوءِ ماسڪو جي هڪڙيءَ اخبار ۾ هن جي خودڪشيءَ جي خبر شايع ٿي. جنهن ۾ لکيل هو ته هن غسل خاني ۾ پاڪيءَ سان پنهنجي نڙي وڍي ڇڏي هئي.

        منهنجي زندگي تڪليفن ۽ مونجهاري ۾ گذري رهي هئي. مان هلڙي ننڍڙي بيئر جي بٺيءَ ۾ نوڪري ڪندو هوس. منهنجو ڪم هوندو هئو بيئر جي پيپن کي ريڙهي، پوسل واريءَ ڪوٺيءَ ۾ رکڻ، بوتلن کي ڌوئڻ ۽ انهن تي ٻوچ چارهڻ. انهيءَ ۾ منهنجو سڄو ڏينهن لڳي ويندو هئو. ان کان پوءِ مان ٻٺيءَ ۾ ٽيبل جو ڪم سنڀاليو، پر پهرئين ڏينهن ئي ڇا ٿيو جو مئنيجر جي زال جو ڪتو مون تي رومڙ ڪري ايو، مون ان کي مٿي واري مڪ وهائي ڪڍي، جنهن ڪري ڪتو مري پيو. ۽ منهنجي نوڪري ختم ٿي وئي.

        آخر هڪڙي ڏاڍي ڏڪئي ڏينهن فيصلو ڪيم ته پنهنجو نظم ڪورولينِڪو کي ڏيکاريا. ٽن ڏينهن کان برفاني طوفان پئي لڳو. گهٽيون برف سان ڍڪيون پيون هيون. هر گهر جي ڇت ڄڻ پنهنجي مٿي تي سفيد چادر اورهي ڇڏي هئي. گهرن جي درين کي ڄڻ سفيد ڪناريون لڳل هيون. زرد آسمان ۾ سفيد برف جو سج چمڪي رهيو هئو.

        ڪارو لينِڪو شهر جي ٻاهرئين حصي ۾ هڪڙي ڪاٺ جي بنيل جاءِ جي ٻيءَ مار تي رهندو هئو. ان گهر جي اڳيان هڪڙي مضبوط جسم وارو ماڻهو جنهن کي لنڊو ۽ بي ڍنگو ڪٽيل رڍ جي کل جو ڪوٽ، وڏا جوتا، عجيب قسم جي ڪئپٽن واري ٽوپي پهريل هئي، ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان برف صاف ڪرڻ جي ڪوڏر وهائي رهيو هئو.

        جيئن مان برف جي دڙي جو گول چڪر هڻي، در ڏانهن وڌي رهيو هوس ته هن مون کين پڇيو، ”ڪنهن سان ملڻو اٿئي؟“

        .ڪورولينڪو سان.“

        ”اهو مان آهيان.“

        گهاٽي ۽ گهنڊيدار ڏاڙهيءَ جي مٿان، برف جي سنهڙڻ ذرن سان سينگاريل ٻه نرم اکيون چمڪي رهيون هيون. مان هن کي سڃاڻي نه سگهيس. ڇاڪاڻ ته رستي ۾ جڏهن منهنجي دوست هن ڏانهن اشارو ڪيو هئو، تڏهن هن جو منهن ڍڪيل هئو. هو پنهنجيءَ ڪوڏر تي ٽيڪ ڏئي، منهنجي اچڻ جو سبب ٻڌڻ لڳو. پوءِ پنهنجون اکيون اهڙيءَ ريت اڌ ٻوٽي ڇڏيائين، ڄڻ ته ڪا ڳالهه ياد ڪندو هجي.

        ”تنهنجو نالو ٻڌل پيو معلوم ٿئي. ڇا اهو تون اهين، جنهن جو ذڪر ٻه ٽي سال اڳ روماس کان ٻڌو هوم......ها؟“

        هو ڏاڪڻ تي چڙهندي پڇڻ لڳو، ”توکي ههڙن سنهڙن ڪپڙن ۾ ٿڌ نه ٿي محسوس ٿئي؟، ۽ وري جهيڻي آواز ۾ ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندو  هجي، چوڻ لڳو، ”روماس ڪهرو نه پوڙهن ڳوٺاڻن وانگر ضدي آهي. هوشياري يوڪرينائي. هاڻي ڪٿي آهي؟ مان سمجهان ٿو وياتڪا ۾.“

        ننڍڙي ڪمري ۾، جنهن جي درين جو منهن باغ ڏانهن هئو ۽ جيڪو فرنيچر، ميزن، ڪتابن جي ڪٻٽن ۽ ٽن ڪرسين سان سٿيو پيو هئو، هو تمندڙ ڏاڙهي کي توال سان سڪائيندي، منهنجي مسودي جا صفحا اٿلائڻ لڳو.

        ”مان ضرور پڙهندس“، هن چيو، ”ڪهڙي نه عجيب لکڻي آهي. ڏسڻ ۾ صاف ۽ سٺي ٿي اچي، پر پڙهڻ ۾ مشڪل.“

        هو پنهنجي هٿ ۾ جهليل مسودي کي ڏسي وري مون ڏانهن نهارڻ ٿي لڳو، هن جي اهڙي نموني گهورڻ مون کي ششدر ڪري ٿي ڇڏيو. ”تو هتي ”ڌُڏو ڦِڏو“ لکيو آهي، قلم ترڪي ويو هوندو، ڇو جو لکيل لفظ ”ڏنگو ڦڏو“ آهي.“

        هو جهڙي نمو ني ترڪي لفط جي اڳيان بيهي رهيو، تنهن مان سمنهيم ته ڪارولينڪو کي اهو پتو هئو ته ڪهڙيءَ ريت ماڻهوءَ جي انا کي ضرب نه لڳائجي.“

        روماس مون ڏانهن ککيو هئو ته ”ڳوٺاڻن پهريان هن کي بارود سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پوءِ هن جي گهر کي باهه لڳائي هئائون. اها ڳالهه ڪيئن اهي؟ ان وقت تون هن سان گڏ رهندو هئين، يا نه؟“

        جيئن هو ڳالهائي رهيو هئو تيئن پنا به اٿلائي رهيو هئو. ”ڌاريا لفظ، سواءِ اهڙن هنڌن تي جتي بلڪل ضروري هجن، ڪم آڻڻ نه گهرجن. حقيقت ۾ اهو بهتر آهي ته انهن کان پاسو ڪجهي. روسي زبان اهڙي شاهوڪار اهي. جو جذبن جي نزاڪت ۽ خيالن جي وسعت کي ادا ڪري سگهي ٿي.“

        هو اهڙي قسم جي تنقيد به ڪري رهيو هئو ۽ روماس ۽ ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ بابت سوال به پڇي رهيو هئو.

        ”تنهنجو منهن ڪهڙو نه سخت آهي“، هن اوچتو چيو، ۽ مرڪندي، وڌيڪ چوڻ لڳو ”شايد توکي زندگي مشڪل ٿي لڳي”“

        هن جي ڳالهائڻ جو نرم لهجو وولگا جي کهريءَ ٻوليءَ کان جنهن ۾ ”او“ تي زور ڏنو ويندو هئو، بلڪل مختلف هئو، پر مون کي هن ۾ ۽ وولگا ندين جي ملاحن ۾، نه صرف هڏ ڪاٺ، ڪشادي ڇاتي ۽ ذهين اکين جي کڱيءُ گهور ۾ پر وڻندڙ خوش طبعيءَ ۾، جيڪا انهن ماڻهن جي خاص خاصيت اهي. جن جي زندگين ۽ ندين جو وهڪرو اهڙين خوفناڪ راهن تان هوندو آهي، جن جي ترن ۾ نوڪدار ٽڪريون ۽ واريءَ جا دڙا لڪل هوندا آهن، هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ ايندي هئي.

        ”تون کهرا لفط ڪتب ٿو آڻين-شايد انهيءَ ڪري، جو تون انهن کي وڌيڪ زوردار ٿو سمجهين.“

        مون کي پتو هئو ته ڪهرا لفظ پاڻمرادو اچي ويندا هئا. مون اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ چيم ته اهو انهيءَ ڪري آهي، جو مون کي اهڙو وقت ۽ موقعو ئي نه مليو آهي، جو نرم (رس ڀريل) لفطن جو خزانو هٿ ڪري سگهان.

        مون ڏانهن نهاريندي، نرميءَ سان چوڻ لڳو، ”هيءَ ڳالهه هينئنءَ آهي، ڪيترن قدر نه کهرا ۽ اڻ وڻندڙ لفظ آهن. ڇو نه هونءَ آهي؟ توکي فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟“

        اهو پهريون ڀيرو هئو جو مان اهڙي باريڪ تنقيد ٻڌي رهيو هوس، مون کي ان تنقيد جي باريڪين هراسان ڪري ڇڏيو.

        ٻئي هنڌ منهنجي نظم ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي ويهڻ کي ”باز وانگر“ جيڪو ڪنهن اجڙ مندر جي منارن تي ويٺو هجي، تشبيهه ڏنل هئي. ڪورولينِڪو مرڪندي چيو ته اتي اها تشبيهه شاندار لڳڻ بجا4 بڇڙي ٿي لڳي.“ قلم جي ترڪڻ“ جون غلطيون وري وري اينديون رهيون. انهن جي گهڻائيءَ مون کي منهجائي رکيو. ان وقت منهنجو رنگ ٻرندڙ ٽانڊي جهڙو ڳارهو ٿي ويو هوندو. ڪورولينِڪو منهنجي پريشانيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ اسپينسڪيءَ جي لکڻين ۾ ”قلم جي ترڪڻ.“ جا ٽوٽڪا ٻڌائڻ لڳو. هن جي نيت همدرديءَ واري هئي. پر مون کي ايتري ته پشيماني وڪوڙي ويئي هئي، جو ڪا به ڳالهه ٻڌڻ ۾ ئي نه ٿي آئي، نه ورري سمجهه ۾ ٿي آئي. بس ان شرمساريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ پئي گهريم.

        اديب ۽ ائڪٽر، جيئن عام مشهور آهي، اهڙا معذور هوندا اهن جهڙا لاڏلا ڪتاب. ٻه ٽي ڏينهن ته مان بلڪل دلشڪستو هوس. منهنجي ملاقات هڪ اهڙي اديب سان ٿي هئي ، جيڪو ٻين جهڙوڪ نرم دل پر غير مصبوط ارادي واري ڪارونن. مزاح نگار سٽاروسٽن ۽ چيڙاڪ سويڊستوف آونو وچ کان مختلف هئو. آونو وچ بي ڍنگا افسانا لکندو هئو. سندس خيال هئو ته .افساني کي پڙهندر جي دل تي لٺ جهرو اثر ڪرڻ گهرجي. جيئن پرهندر کي محسوس ٿئي ته هو ڪهڙي قسم جو انسان آهي. ”اها ڳالهه مون کي ان وقت نه وڻندي هئي.

        ڪارو رينِڪو پهريون شخص هئو، جنهن جي همدريءَ ڀريل لفظن مون کي ادبي مواد جي سٽاءَ ۽ سين جي سونهن ۽ اهميت کان واقف ڪيو. هن جي تبصري جي لفطن جي ساديگيءَ ۽ صحت مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو.

        مان هن وٽ ٻه ڪلاڪ ويٺو هوس، پر ان وقت ۾ منهنجي نظم جي مواد ۽ معنيٰ بابت هڪ لفط به نه ڪڇيائين. مون سمجهيو پئي ته هن جي ذهن لاءِ ڪا چڱي را3 نه هوندي.

        اٽڪل ٻن هفتن کان پوءِ. بندري قد ۽ ڳارهن وارن وارو پروفيسر ڊيريا جن جيڪو حاضر جواب ۽ وڻندڙ ماڻهو هئو. منهنجو مسودو هيٺيون نياپو کڻي آيو: ”ڪارولينِڪو کي افسوس آهي، جو شايد هن کان هلٿ ۾ زيادتي ٿي وئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته تو ۾ لياقت آهي، پر فلسفياڻو انداز ڇڏي ڏي. پنهنجا ماهدا فطرت مان حاصل ڪري بيان ڪر. تنهنجي مواد ۾ مزاح اهي. جيتوڻيڪ اها سخت آهي، پر ان جي ڪا پرواهه ناهي، ۽ شعر لاءِ هن جو خيال آهي ته چريائپ اهي.“

        مسودي جي پوش تي پينسل سان سنهڙن ۽ مختصر اکرن ۾ هيٺيون نوت لکيل هئو. “تنهنجي نظم ”راڳ“ پڙهڻ کان پوءِ تنهنجي قوتن جو اندازو لڳائڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي، پر مان سمجهان ٿو ته توکي ڏات اهي. پنهنجي آزمودي مان ڪجهه لکي اچ ته مان ڏسان. مان شعر جو قاضي ناهيان. تنهنجو شعر پنهنجي مفهوم ۾منجهيل اهي. پر مون کي اهڙيون ستون ڏسڻ ۾ آيون، جي شاندار ۽ پراثر هيون. وي. ڪور. ”اڃا به خيالن بابت هڪ اکر به ڪونه هو. هن عجيب انسان منهنجي خيالن بابت پنهنجي تاثرات جو اشارو ئي نه ڏنو هئو. مسودي مان ٻه پنا ٻاهر نڀڪري آيا. هڪڙي ۾ ”جبل جو چڙهندڙ سان خطاب“ شعر ۽ ٻئي ۾ ”شيطان ۽ ڦيٿي جو گفتفو“ هئو. مون کي ”جبل جو خطاب“ وسري ويو اهي، باقي ”شيطان ۽ ڦيٿي جي چوگرد چڪر جون ڳالهيون هيون. مون جيڪي ڪجهه پنهنجي مسودي ۾ لکيو هئو اهو منهنجو آزمودو هئو. ڪي شعر ۽ ڳالهيون مسودي ۾ برابر ڀُل کان پئجي ويل هيون. منهنجي شاعري منهنجو لڪل راز هئي. اها اڃا مان ٻين کي به نه ڏيکاري هئي. منهنجي دوستن ۾ اکري ترجمو ڪنڊر باريڪوف ۽ ليخاچيوف کي، جي ٻاهرين ملڪن جي معمولي شاعرن جو ترجمو ڪندر هئا. پشڪن کان به وڌيڪ اهميت ڏني پئي وئي. نيڪراسوف ان وقت جو مقبول ترين شاعر هئو. جيتوڻيڪ نئين ٽهيءَ وارا نادسن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا هئا، ته به ڄڻ هن تي نوازش ڪندا هجن.

        ڪارولينِڪو مون کي سنجيده ماڻهو ڪري سمجهندو هئو. چڱا ماڻهو جن کي مان عزت جي نگاهه سان ڏسندو هوس، سي گهرو هنري ڪارخانن، ماڻهن جي تڪليفن ۽ سندن گهرجن، دانشور طبقي جي ڪار گذارين ۽ سرمائيداريءَ جي عيبن بلڪ مرضن بابت مون کي سمجهائيندا هئا ۽ تقريرون ڪندا هئا.

        بي انتها غم ۽ ڏک سان مان پنهنجي پهرينءَ سمجهه ۽ عقل جي قربانيءِ طور مون پنهنجون اُهي ابتدائي لکڻيون ڇنڊي ڇاني، جيڪ ناقص ۽ هلڪريون ۽ حقيقت کان وانجهيل هيون، سي قربانگاهه جي نذر ڪري ڇڏيون.

        ڪارولينِڪو مقامي عقل جي اڪابر ماڻهن کان، جي پاڻ کي نالي ماتر ”ريڊيڪل“ سڏرائيندا هئا. پري رهندو هئو. انهن جي ٽولي ۾ مان پاڻ کا به ايئن سمجهندو هوس جيئن ڪانون جي ولر ۾ هنج اچي ڦاسي. هنن جو پسنديده ليکڪ زلانو وراتسڪي هئو، جنهن جي لاءِ چوندا هئا ته هو ”روهه کي پاڪ ۽ روشن ٿو ڪري.“ هڪڙي دوست هن جي پرهڻ لاءِ هيٺين لفطن ۾ سفارش ڪئي: ”زلاتو وراتسڪي پڙهندو ڪر. هن سان منهنجا شخصي تعلقات آهن، ڪافي ايماندار ماڻهو اهي.“

        هنن جو ٻيو پسنديده ليکڪ اسپينسڪي هئو، جيتوڻيڪ هن ۾ اهو شڪ هوندو هئو ته هو هارين تارين جو مُنِڪر آهي. هو ڪارونن، مئچتيت. زاسوڊيمسڪي کي به پڙهندا هئا ۽ پوتاپينِڪو جو معائنو ڪري چوندا هئا. ”البت ٺيل عپ کوي.ئ“ مانڏسابرياڪ کي وڏي عزت ڏني ويندي هئي. جيتونيڪ هن جي ”مبهم لاڙن“ کي ننديو ويندو هئو. ترجنيف، دستو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ سان به دلچسپيءَ جي منزل تائين اڇا ڪين پهتا هئا.

        اهي منهنجا ”دوست“ ڪارولينِڪو بابت منجهيل هئا. ڇاڪاڻ ته هن کي ملڪ نيڪالي مليل هئي ۽ ”ماڪار جو خواب“ نالي سندس لکيل ڪتاب وٽن هئو. احترام جي لائق هئو، پر هن جي افسانن جو مواد هنن کي منجهائي رکندو هئو، ڇو ته اهو ادب جنهن پاڻ کي هارين نارين تائين محدود رکيو هئو، اهو وٽن اوپرو ۽ اوچي درجني کان هيٺ ڀرو هئو.

        ”هو دماغ مان لکندو آهي،“  هڪڙو دوست چوڻ لڳو، ”پر ماڻهو اهو ادب پسند ڪندا اهن جيڪو دل مان نِڪرندو آهي.“ هنن کي خاص طرح هن جي عمدي افساني ”رات جي وقت“، ڪاوڙائي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته هنن کي ان ۾ روح جي آتما جي پوءِ اچي رهي هئي، سندن نظر ۾ اهو ڏوهه جو ڪم هئو. انهيءَ گروهه مان باغدانوچ انهيءَ افساني تي هڪڙي پمفليت ۾ وشياڻو ۽ حرفتي نموني حملو ڪيو هئو.

        ساموف جنهن کي وٽن پهچ هئي، ڪاوڙ ۾ هڪڙائيندي چوڻ لڳو، ”و-و-واهيات، ٻ-ٻه پهر ٻار جي پيدائش ڪيئن ٿي ٿئي. ڊ-ڊاڪٽري ا-د-د-دب جو ڪم اهي، هي ڪ-ڪارولينِڪو ٽ-ثسلدثسءِ جو نقل ٿو ڪري.“

        پر ڪارولينِڪو جو نالو. شهر جي سمورن دانشور طبقن ۾ گونجي رهيو هئو. هو تهذيبي زندگيءَ جي مرڪزي شخصيت حاصل ڪري چڪو هئو. چٰمق وانگر ماڻهو هن ڏانهن ڇڪجي ايدا هئا، يا ته ڪي هن کي ڌڪاريندا هئا.

         ”پاڻ کي مقبول ڪرڻ ٿو گهري“، اهي ماڻهو جيڪي هن جي برخلاف ڪا ڳالهه پيش ڪري نه سگهندا هئا، چوندا هئا.

        ان وقت هڪڙيءَ مشهور بئنِڪ ۾ پئسن کي گهوٻي لڳڻ جي ڳالهه ڦات کاڌو، ان عام رواجي ڳالهه جا نتيجا ڏاڍا دردناڪ نِڪتا. ان مقدمي جو مکيه جوابدار جيل ۾ مري ويو. ان جي زال زهر کائي پاڻ کي ماري ڇڏيو. ماڻهو ان کي پوري اڃا مس موٽيا ته ان جي عاشق ان جي قبر تي آپگهات ڪيو. اڃا اها آپگهات واري ڳالهه ماڻهن وساري ئي نه هئي ته انهيءَ مقدمي ۾ جيڪي ٻيا ٻه جوابدار هئا. سي به جيل ۾ مري ويا، انهن لاءِ اهو چؤٻول ٿيڻ لڳو ته انهن به خودڪشي ڪئي هئي. تن ڏينهن ۾ جڏهن اهي دردناڪ حادثا پيش آيا هئا، ڪارولينِڪو ڪي مضمون انهيءَ بئنِڪ بابت ”دي ووگا هيرالڊ“ اخبار ۾ لکيا هئا. تنهن ڪري ڀرمي ماڻهو چوڻ لڳا ته ”ڪارولينِڪو پنهنجي قلم سان ماڻهن کي ماري ٿو. “ منهنجو مالڪ لائن جنهن وت مان انهن ڏينهن ۾ ڪم ڪندو هوس. ڪارولينِڪو جي بچاءِ ۾ دل کولي چيو ته ”اديب کي دنيا جي هر ڪنهن ڳالهه تي لکڻ جو پورو حق آهي. گلا، سڀني کي خبر اهي، ته سولي آهي، تنهن ڪري آسانيءَ سان ان جي ڪنهن تي به نوازش ڪري سگهجي ٿي. اهوئي سبب اهي جو گهٽ درجي وارا ماڻهو ڪارولينِڪو جي عيب جوئي ڪندا آهن.“

        انهن هڪ هنڌ بيٺل سالن ۾، جيئن ئي روسي زندگي هوريان هوريان، اڻ-لکي نموني ور وڪڙ کائيندي، دور رس منزل ڏانهن وڌي رهي هئي، هڪڙي ماڻهوءَ جنهن جي شڪل جهاز ران جهڙي هئي. ڪافي اهميت حاصل ڪئي. ڪن اسيڪاپت کين (مذهبي ديوانن جن پاڻ کي خصي ڪيو هئو) جو عدالت ۾ مقدمو پيش ٿيو. سڀ ڏينهن ڪارولينِڪو ڪورٽ ۾ ويٺو هوندو هئو ۽ هنن مذهبي ديوانن جي منجهيل چهرن جا خاڪا بيان ڪندو هئو. هو زيمستو (مزدورن جي) ميڙن ۾ به ڏسڻ ۾ ايندو هئو، ۽ هر ڪنهن خراب ڳالهه ۽ دکائڪ لقاءَ ۾ ڪات ڪهاڙا کنيو وتندو  هئو. ڪوبه اهميت وارو واقعو هن جي سنجيده نظرن کان گسي نه سگهندو هئو.

        مختلف قسمن جا بااثر ۽ اهميت وارا شخص هميسه هن سان ڪٺا هونا هئا، جيئن انينسڪي، گهري مطالعي ۽ مزاحيه طبعيت وارو مڙس، ايلپاتيوسڪي، ناميارو حڪيم جنهن کي ادب سان گهرو انس هوندو هئو. جنهن جي دل ۾ ماڻهن جي لاءِ بي انتها محبت هوندي هئي، مفڪر، چيڙاڪ، باغدانووچ، جنهن کي ”انقلابي چڱو مڙس“  ڪري چيو ويندو هئو نقاد پساروف، زيمستو جو چيئرمن، ساوِليوف ڪاريلن ، جنهن جي لکيل مختصر ۽ فصيح پڌرنامي جهرو ٻيو پڌرنامو مون هن وقت تائين نه ڏٺو آهي.

        1881ع جي واقعن کان پوءِ ڪارولينِڪو هيٺيان ٿورا لفط ”ائين جو مطالبو ڪريو!“ نجنيءَ جي ڀتين تي لکي ڇڏيا هئا. کيس ۽ سندس سنگتين جي تولي کي چرچي طور ”سنجيده فلاسفرن جي سنگت“ جي نالي سان سڏيو ويندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن هنن مان عام معلومات لاءِ ڪو م

ضمون يا ليک به پڙهندو هئو. مون کي اڃا تائين ڪاريلن جو ”سينٽ جسٽ“ جو لاجواب مطالعو ۽ الپاتيوسڪيءَ جو ”جديد شاعريءَ“ وارو مضمون، جنهن ۾ ان وقت جي نوجوان شاعرن فوفانوف، فروگ، ڪارنفسڪي، ميڊويدسڪي، مِسنسڪي ۽ ميريز ليڪوسڪي جو جائزو پيش ڪيو هو، اڃا تائين ياد اهن. انهن سنجيده ۽ بامقصد فلاسفرن ۾ هيٺين ماڻهن ڊرياگئين، ڪسليا ڪوف، پلاتنيڪوف، ڪاستانتينوف، شمٽ ۽ ٻيا اهي ماڻهو جن ڳوٺاڻن جي مالي حالت جي تحقيق ڪري، پريشان حالتن ۾ هاري ناري ڦاٿل هئا، انهن جي سلجهائڻ ۾ اهم ڪم ڪيو هئو.

        منهنجو هڪڙو دوست پامين ولاسوف نالي هئو، جيڪو مارڪوف نالي هڪڙي امير، جنهن کي مڇيءَ جي واپاري هي هڪ هٽي هئي، وت نوڪر هئو. پامين عام رواجي سادو سودو ڳوٺاڻو هئو. هڪڙي ڀيري پنهنجي مالڪ جون بي قاعده رٿون ٻڌائيندي هوريان چوڻ لڳو، ”هو ڪم شروع ڪري ڏئي، پر ڪارولينِڪو کان ڊڄي ٿو. اهو پراسرار ماڻهو آهي، ان کي پيٽرزبرگ مان هٿ موڪيلو ويو آهي. چون ٿا ته هو ڪنهن ٻاهرئين حڪمران جو رشتيدار اهي. هن کي ٻاهران انهيءَ لاءِ گهرايو ويو آهي.“ جيئن هتي جي معاملن جي جاچ لهي، هتان جي گورنر تي اعتماد ڪونه اٿن چون ٿا ته ڪارولينِڪو ڪن وڏن ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسايو آهي. ڇا تو اها ڳالهه نه ٻڌي آهي؟“

        اڻ پڙهيل پامين پنهنجي قسم جو هڪ فلاسافر هئو. هن جو خدا ۾ غير معمولي اعتقاد هو ۽ هميسه قيامت جي ڏينهن جو منتظر هوندو هئو ۽ چوندو هئو ته قيامت جو ڏينهن ويجهو اهي، جڏهن ”سمورا ڪوڙ“ فنا ٿي ويندا. دوست، خفي نه عيو.“ هو چوندو هئو، ”ڪي ٿوا ڏينهن هلڻو اهي، سڀ ڪوڙ ختم ٿي ويندا، هڪٻئي جو انت آڻي ڇڏيندا.“ انهيءَ ذڪر ڪندي هن جون بي چمڪ ڀوريون اکيون، عجب جهڙيون نيريون ٿي وينديون هيون ۽ خوشيءَ وًان انهن ۾ اهڙي چمڪ ۽ روشني پيدا ٿي ويندي هئي، جو ايئن لڳندو هئو، ڄڻ ڪنهن وقت ڦاٽي ٻاهر نِڪري انيديون ۽ انهن نيرن شعلن ۾ جلي خاڪ ٿي وينديون.

        هڪڙي ڇنڇر جي ڏينهن مان ۽ پامين حمام ۾ وهنجي سهنجي هوٽل ڏانهن وياسين. پامين اوچتو مون ڏانهن وڻندڙ اکين سکان گهوريندي چوڻ لڳو، ”ماٺ ڪر“ ۽ هن جو چانهه جي گلاس وارو هٿ ڏڪڻ لڳو. هن چانهه جو گلاس هيٺ رکيو، ڪجهه ٻڌڻ لڳو، ۽ پاڻ تي صليب جو نشان بنايائين.

        توکي ڇا ٿيو آهي؟“ مون پڇيو.

        ”مٺڙا دوست، هن وقت دهشت جي چادر جي هڪڙيءَ ڪنڊ سان منهنجي روح جي گرد ۽ غبار کي صاف ڪيو ويو اهي. انهيءَ جي معنيٰ ته خدا مون کي پنهنجي خدمت ۾ جلد گهرائي وًندو.“

        ”اجائي ڳالهه، تون ٻين کان وڌيڪ صحتمند آهين.“

        ”چپ!“ هن خوشيءَ ۽ فخر ڀرين نگاهن سان نهاريندي، حاڪماڻي انداز ۾ چيو، ”ايئن نه چئو مون کي پتو آهي!“

        ايندر خميس جي ڏينهن هو هڪڙيءَ گاڏيءَ جي هيٺان اچي ويو، ۽ مري ويو.

        1886ع کان 1896ع وري وقت کي ”ڪارولينِڪو وارو دور“ ڪري سڏجي. ان وقت جو خاڪو وقت به وقت شايع ٿي چڪو آهي.

        شهر جي سودائين مان هڪڙي اي اي زاروبين نالي سودائي جيڪو ووڊڪا ڍاهڻ جو ڪم ڪندو هئو، سٽي ۽ شراب جي عادت ڇڏي ٽالسٽاءِ ۽ شراب کان ويشنو ٿي ويو ۽ 1901ع ۾ مون کي ٻڌايائين. ”ته ڪارولينِڪو دور ۾ ئي مان پهرين محسوس ڪيو ته مان ڪهڙي ابتر زندگي گذاري رهيو آهيان؟ زاروبين ڪارولينِڪر دور ۾ پنهنجي زندگيءَ کي البت دير سان سڌارڻ شروع ڪيو. ان وقت هو پنجاهه ورهيه ٽپي هليو هئو، پر تنهن هوندي به هن پنهنجي حياتي وري ٺاهي يا ايئن چئجي ته نئين بنائي ڪجهه سال جي رهيو هئو.

        ”مان بيماريءَ جي ڪري بستري دال دوس“، هن مون کي ٻڌايو. ”منهنجو ڀائٽيو سائمن سڃاڻندو هوندس، جنهن کي ملڪ نيڪالي ملي هئي. مون کان پڇڻ آيو، ۽ چيائين توکي ڪتاب پرهي ٻڌايان. پوءِ منهنجا ڀاءُ، هن مون کي ”ماڪار جو خواب“ پڙهي ٻڌايو. اهو اهرو ته سٺو هئو، جو منهنجن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ان ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن هڪڙي ماڻهو جي دل ۾ ٻين ماڻهن جي لاءِ احساس پيدا ٿي سگهي ٿو. انهيءَ وقت کان وٺي مان بدلجي ٻيو ماڻهو ٿي پيو هوس. مان پنهنجي دوست کي، جنهن سان گڏجي شراب پيئڻ ويندو هوس، سڏ ڪري چيو، ”ڪتي جا پٽ، هي پڙهي ڏس.“ هن ڪتاب پڙهي، پنهنجو رايو ڏيندي، چيو ته ”بڪواس“ آهي. انهيءَ تي مونکي ڪاوڙ اچي وئي، اسان جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ۽ اسين هيمشه جي لاءِ جدا ٿي وياسين. هن وٽ منهنجون کي هُنڊيون لکيل هيون، تنهنِڪري هو مون کي تنگ ڪرڻ لڳو، مون ڪابه پرواهه نه ڪئي. مون پڪو فيصلو ڪيو هو ته بڇڙائيءَ مان ٻاهر نِڪرندس. هاني منهنجي دل انهن ڳالهين مان ڪڪ ٿي پئي هئي. هنن منهنجو ڏيوالو ڪڍرايو ۽ مون کي ٽي سال جيل ڏياريو، ۽ اتي مان پاڻ کي چيو ته ”آئينده بيوقوف نه ٿيندس.“ اتان ٻاهر نِڪرڻ شرط مان ڪارولينِڪو سان ملڻ لاءِ روانو ٿيس. هو ڪيڏانهن ٻاهر ويل هئو، تنهنِڪري ٽالسسٽاءِ ڏانهن هليو ويس.“ ”چئبو ته اها ڳالهه اهي“، مون چيو: ”تو بلڪل ٺيڪ ڪيو.“ هن وراڻيو ”هائو توکي خبر ناهي، ڀاءُ گورينوف ڪيئن هوش ۾ آيو؟ ڪارولينِڪو جي ڪري مون کي ڪيترن ٻين ماڻهن جي خبر آهي، جن کي هن جي ڪري فائدو رسيو آهي. اسين امير ماڻهو ڀل ته لوڙهن اندر لڪي ويهون. پر سچ اسان کي ڳولي ٿو لهي.“

        مان اهڙين ڳالهين جو قدر ڪندو آهيان. انهن کي وڏي اهميت آهي. انهن مان اسان کي انهن تڪليفن ڀريل راهن جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جن تي تهذيب ۾ مانحن تي اثر انداز ٿئي ٿي.

        زاروبين جي ڏاڙهي سفيد ۽ بت ٿلهو هئو. هن جي سُڄيل ۽ سانوري منهن ۾ ننڍڙين ۽ چُنجهين اکين جون ڪاريون ماڻڪيون تسبيح جي داڻن وانگر ڏسڻ ۾ اينديون هيون. هن جي انهن اکين ۾ هٺ جهلڪندو ڏسڻ ۾ ايندو هئو. هو ”ڪاپيڪ جو محافظ“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو هئو. جيڪڏهن پوليس ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪا پيڪ ڇڏايو ته هو پوليس جي پٺيان هٿ ڌوئي پوندو هئو. نجنيءَ جي ڪورٽ ۾ ٻه مقدما هن جي برخلاف ڪيا ويا، جنهن ڪري هو پيٽرزبرگ هليو ويو، ۽ تي سينيٽ جي اڳيان حاضر ٿيو ۽ سينيٽ کان حڪم وٺي آيو، جنهن ۾ پوليس کي عام ماڻهن کان ڏوڪڙ ڇڏائڻ جي منع ڪيل هئي. هو فاتحاڻي نموني نجنيءَ واپس وريو ۽ سينيٽ جي حڪم جي ڪاپي ”نجني گزيٽ“ جي ايڊيٽر کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنائين. گورنر جي حڪم سان سينسر وارن ان کي روڪي ڇڏيو. زاروبين يڪدم گورنر سان ملڻ ويو.

        ”تون کي ڇا ٿي ويو آهي؟“ سواءِ ڪنهن تڪلف جي هن گورنر کي چيو. ”ڇا توهان وٽ قاعدي جي عزت ڪانهي؟“

        ۽ اهو حڪم شايع ٿي ويو.

        زاروبين لڏندو لمندو، گهٽين مان ويندو ڏسڻ ۾ ايندو هئو. هن جي پيرن ۾ چمڙي جي تري وارا بخملي جوتا، جسم تي داغن لڳل ڪارو ڪوٽ، چانديءَ جهڙي وارن واري مٿي تي واهيات توپي پيل هوندي هئي. ۽ هن جي ڪڇ ۾ هڪڙو چمڙي جو ٿلهو ٿيلهو جيڪو ”ٽيمپرنس سوسائٽيءَ“ جي قاعدن قانونن جي ڪاپين ۽ انهن ماڻهن جي درخواستن سان، جن جا ڪم هن پنهنجي هٿ ۾ کنيا هئا، سٿيل هوندو هئو. هن جي ڪمن ۾ هڪ ڪم ٽانگن ۽ بگيءَ وارن جي زبان سڌارن هئو. زاروبين هي ڪنهن افواهه جي جاچ ڪندو هئو ۽ پوليس جي هلت تي هميشه ڪڙي نظر رکندو هئو. انهن سڀني ڪار گذارين کي هو”سچ جي تلاش“ ڪري سڏيندو هئو.

        هڪرو مذهبي سجاڳي آڻيندڙ پيشوا، جنهن لاءِ ماڻهن ۾ گهڻو اتساهه هو نجنيءَ ۾ آيو. ماڻهن جا ميڙ هن جو واعظ ٻڌڻ لاءِ وڃي چرچ ۾ ڪٺا ٿيا. زاروبين اندر لنگهي ويو ۽ پڇڻ لڳو، ”ڇاهي؟“

        ”ڪرانستادت (شهر) جي آئون جو انتظار ڪري رهيا آهن.“

        ”ڇا انهيءَ شاهي چرچ جي مسخري جو؟“ هن عجب مان چيو.

        اهڙي گستاخيءَ لاءِ به هن کي ڪجهه به نه چيائون. هڪڙي ماڻهو هن کي پاسيرو وٺي منٿ ڪندي چيو، ”مهرباني ڪري هتان جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد هليو وڃ، خدا جي واسطي جلدي ڪر“.

        ماڻهو گهڻو ڪري هن کي عزت ڏيندا هئا ۽ هن کي عجب وڃان ڏسندا هئا. ڪي ماڻهو هن کي مڪريل سمجهندا هئا، پر گهڻا وري هن ۾ اهڙين ڪرامتن جون اميدون رکيو ويٺا هوندا هئا، جي عملدارن جون  وايون بتال ڪري ڇڏڻ واريون هونديون هيون.

        1901ع ۾ مون کي جيل اماڻهيو ويو، ان وقت تائين زاروبين جي مون سان واقفيت نه هئي. هو پراسيڪيوٽر سان مليو ۽ کيس مون سان ملڻ لاءِ چيائين.

        ”تون هن جو مائٽ آهين؟“

        ”ته پو: توکي هن سان ملڻ جي اجازت ڪانهي.“

        ”بائيبل پرهيو اٿئي؟ ان ۾ چا چيل آهي؟ توهان ماڻهن تي حڪم هلايو ٿا، انهيءَ هوندي به اوهان کي بائيبل جو پتو ڪونهي؟“

        پر پراسيڪيوٽر پنهنجي بائيبل تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيو، جنهن جي قاعدن موجب جو انهيءَ ڳالهه تي حق بجانب هئو ته زاروبين مون سان ملاقات نه ڪري. زاروبين انهن ماڻهن مان هئو، (جن جي روس ۾ ڪمي ڪانهي) جيڪي زندگيءَ جا لاها چاڙها ڏسي، دنيا جا سڀ آزمودا پرائي ”سچ جا عاشق“ ٿي پيا آهن، مختصر لفطن ۾ سودائي.

        بگروف نالي هڪڙي امير، مذهب پرست خادمِ ّلق ڪافي سمجهدار ۽ نجنيءَ ۾ وڏي اثر رکندر ماڻهوءَ، جيڪي ڪارولينِڪو لاءِ پنهنجا تاثرات پيش ڪيا، انهن پاڻ هن جي اهميت منهنجي نگاهن ۾ وڌائي ڇڏي. ”اسين امير“، هو چوڻ لڳو، ”نه هوشيار، نه طاقت وارا ۽ نه پهچ وارا ئي آهيون. اڃا اسان وڏن ماڻهن جي جند ئي نه ڇڏائي آهي ته هي زيموستوفن ۽ ڪارولنِڪوفن، خاص طرح ڪارولينِڪوفن اچي اسان کي ڳچيءَ کان سوگهو جهليو آهي. ڪورولينِڪو آزار اهي. هر ڪنهن ڳالهه ۾ وتي ٿو نوس نوس ڪندو!“

        مون ڪارولينِڪو جي شان ۾ اهو قصيدو 1893ع ۾ بهار جي مند ۾ ٻڌو، جڏهن مان نجنيءَ ۾ ڪوهه قاف ڏانهن ڪنهن ڪم سان پيادل مسافري پوري ڪري، موٽيو هوس. انهن ٽن سالن ۾، جي مان ٻاهر رهيو هوس، ڪارولينِڪو جي عزت ۽ آبرو پاڻ وڌي وئي هئي. هن جيڪو ڏڪار جي ستايلن ۾ ڪم ڪيو هو، هن جيڪا پورالي گورنر بارانوف جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هن جو جيڪو زيستوو مزدورن تي اثر هو، تنهن جي هر هنڌ هاڪ هئي. مان سمجهان ٿو هن جو ڪتاب ”ڏڪار وارو سال“ شايع ٿي چڪو هئو.

        هڪڙي ٻئي نجنيءَ جي پورهي رها ڪوءَ جو رايو ياد ٿو اچيم. ”هن مخالفت جو اڳوڻ“، هو ڪارولينِڪو بابت چوڻ لڳو، ڱجيڪڏهن تهزيب يافته ملڪ ۾ هجي ها ته جيڪر ريڊڪراس ۽ سالويشن آرميءَ وانگر سڄي دنيا ۾ پکڙيل جماعت جو باني هجي ها. پر هتي موافق حالتن هيٺ به هن جون قوتون ضايع ٿي رهيون آهن. اها ڪهڙي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو اسان جهڙن سڃڻ ماڻهن کي هن جي خيرات کان محروم رکيو ٿو وڃي. هن جي رتبي وارو ماڻهو اڃا اسان جي تاريخ ۾ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.“

        ”تنهنجو هن اديب هجڻ لاءِ ڪهڙا خيال آهيئ“

        ”افسوس هن کي پنهنجي قوتن جو يقين ڪونهي. هو پنهنجن خيالن ۽ جذبن ۾ هڪ سڌارڪ آهي، انهيءَ ڪري مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي فنڪاراڻي خوبين جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي، حقيقت ۾ هو اصلاح لاءِ جيڪا جدوجهد ڪري رهيو آهي. ان کي ۽ پنهنجي لياقتن کي گڏي پنهنجي فنڪاراڻي جرئت ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ گهرجي. مون کي شڪ آهي ته هو پاڻ کي وڏي اديب بجاءِ پاڻ کي ”اتفاق سان ٿي پيل اديب“ ٿو سمجهي.

        جنهن ماڻهوءَ پنهنجو اهو رايو پيش ڪيو هئو، سو بوبوريڪن جي ناول ”لهرن مٿان“ جي سورمن مان هڪ ٿيڻ جهڙو هئو. اهو شرابي ۽ بدڪار هئو، پر عالم ۽ ذهين هئو. هن جانور لاءِ اها ناممڪن ڳالهه هئي، جو ڪنهن جي ساراهه ڪري يا ان کي لتاڙي، تنهن هوندي به هن جيڪا ڪارولينِڪو بابت راءِ پيش ڪئي هئي، مون ان کي گهڻي قدر صحيح پئي سمجهيو.

        90-1889ع واري وقت ۾ مان هن سان ملڻ نه ويندو هوس. ڇاڪاڻ ته مان جيئن اول چئي آيو آهيان، تڏهن لکڻ ڇڏي ڏنو هئو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي هن جي شڪل رستن تي ڪٺي ٿيل ميڙن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جتي هو خاموشيءَ سان بيٺو بحث مباحثا ٻڌندو هئو. اهڙن وقتن تي هن جي سانت مون کي ڪاوڙائي رکندي هئي. مان ڏسندو هو ته اتي بيٺل سڀ ماڻهو جوش ۾ ڀريل هوندا هئا ۽ هڪٻئي کي دليل ۽ دلائل پيا ڏيندا هئا. پر هو ڪڇندو ئي ڪين هئو، انهيءَ هوندي به مون کي اها طاقت ڪانه ٿيندي هئي جو کانئس کڻي پڇان، ”توهين ڇا ٿا چئو؟ ڇو ماٺ آهيو؟“

        منهنجن دوستن ڪجهه نوان ڪتاب هٿ ڪيا هئا. انهن ڪتابن ۾ ريڊڪن جو ٿلهو ڪتاب، ”شو هيگلوف“، جو ان کان به ٿلهو ڪتاب ”هسٽري آف سوشل سسٽمس“ داد ڪئپيتل، لوخوتزڪيءَ جو سياسي جورجڪ جو جلد ۽ تاريخ دان ڪليوچيوسڪيءَ جو ليٿو ۾ ڇپيل ليڪچر هئا.

        مون کي ڪارولنِڪو سان هڪ اهم گفتگو انهن ڏينهن جي ياد آهي. هڪڙي اونهاري جي رات ڌاري مان وولگا نديءَ جي ڪناري تي، جتان پَرينءَ ڀر وارن وڻن جي پيرن ۾ پکڙيل ساوڪ جو دلڪش نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو. بينچ تي  ويٺو هوس. ڪارولينِڪو چپ چپ ڪري اچي، منهنجي ڀرسان ويٺو. مون کي هن جي اتي ويهڻ جو پتو تڏهن پيو، جڏهن هن پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکيو. ”ڪهرو نه خيالن ۾ ٻڏل هئين“، هن چيو، ”دل پئي چيم ته تنهنجي ٽوپي ترڪائي وٺان، پر وري خيال آيم ته ڇرڪ نڪري  وينديئ.“

        ڪارولينِڪو شهر جي ٻئي ڇيڙي تي رهندو هئو. ان وقت دير ٿي چڪي هئي رات جا ٻه وڄي چڪا هئا. مون ڏٺو پئي ته هو ٿڪل ٿي لڳو، هن جو مٿو اگهارو هئو، پگهر پئي آيس، جنهن کي پنهنجي رومال سان پئي اگهيائين.

        ”تون دير تائين رلندڙ آهين.“ هن چيو.

        ”اينئن تون به آهين.“

        هن ڪنڌ ڌوڻي ”هائو“ ڪئي، ”تنهنجو ڪهرو حال آهي؟ ڇا ڪندو رهيو آهين؟، ڪجهه اهڙا سوال پڇي. چوڻ لڳو، ”مون ٻڌو اهي ته تون سڪوورتسوف جي مطالعي واريءَ توليءَ ۾ شامل ٿيو اهين. ڪيئن آهي؟“

        سڪوورتسوف ”مارڪسي عال“ ۾ جي لقب سان مشهور هئو. هو اها ڳالهه ٻٽاڪ هڻي چوندو هئو ته ”مون ٻين ڪتابن کي ڇڏي، ”داس ڪئپيتل“ تي عبور حاصل ڪيو آهي.“ ٻه سال کن اڳ ستروَو هن جا ”تنقيدي نوٽ“ پچيا هئا. مون ٻڌو هئو ته شڪيگولوف وڪيل جي جاءِ تي هڪڙي ميڙ ۾ سڪوورتسوف هڪڙو مضمون پرهيو هو، هتي هن نه صرف انهن خيالن کي وڌيڪ چڱيءَ طرح پيس ڪيو هئو، پر تکي نموني به بيان ڪيو هئو. هن جي انهن خيالن کي ڪفر سان ڀيٽ ڏني وئي هئي، پر انهيءَ هوندي به هن جي چوگرد نوجوانن جي ڪٺي ٿيڻ ۾ ڪمي نه ائي. هن جي توليءَ جي ميمبرن اڳتي هلي، ”سوشل ڊيموڪرئٽڪ“ پارٽيءَ جو بنياد وڌو.

        سڪوورتسوف بلڪل ”هن دنيا کان ئي ٻاهر هئو.“ هو هميشه فقيراڻي حالت ۾ هوندو هئو. اونهاري توڙي سياسي ۾ جسم تي سنهرو اوورڪوت ۽ پيرن ۾ سنهڙا جوتا پيا هوندا هئس. هو پنهنجي زندگي بلڪل ٿوري کائڻ تي گذاريندو هو ۽ زياده پرهندو هئو، جيئن ان کي اڃا به وڌيڪ گهت ڪري سگهي. ڪجهه هفتا ته هن سواءِ  ڪنهن ٻيءَ شيءِ کائڻ جي فقط کنڊ تي گذر ڪيو. ۽ اها به ڏينهن ۾ صرف ست آئونس. اهڙيءَ ريت گهٽ کاڌي کائڻ ڪري هن جي بڪين ۾ تڪليف ٿي پئي.

        هو قد جو بندرو ۽ رنگ جو اڇو هئو. هن جي نيرين اکين ۾ هميشه انهيءَ خوش نصيب ماڻهوءَ وانگر مرڪ پئي جهلڪا ڏيندي هئي، جيڪو اهڙيءَ حقيقت تي پهچي ويو هجي، جنهن تائين ٻين جو پهچڻ محال هجي. انهن ماڻهن لاءِ به جيڪي هن سان اختلاف راءِ رکندا هئا. هن وت ڏکوئيندر نه پر قرب ڀريو افسوس ئي هوندو هئو.

        هو ڪاٺ جي نلڪيءَ ۾ سادا سگريٽ وجهي ڇڪيندو هئو ۽ ان کي پنهنجي پتلون جي پٽي ۾ خنجر وانگر لڙڪائي ڇڏيندو هئو.

        مون پهريون ڀيرو سڪوورتسوف کا شاگردن جي هجوم ۾ ڏٺو. سڀ شاگرد هڪڙي نئي ميمبر، بي انتها خوبصورت ڇوڪريءَ، ڏانهن پيار جي نگاهن سان نهاري رهيا هئا. سڪوورتسوف انهن نوجوان ڳڀرن سان پنهنجي نموني مقابلو ڪري رهيو هئو. هو تنور جي سرن جي اڳيان پنهنجي کل جهڙي ڇيڳريءَ صورت سان هٿ ۾ ڊگهي سڪريٽ واري نلڪي جهليو بيٺو هئو. وات مان سگريٽ جا دونها به پئي ڪڍيائين ۽ ان خوبصورت ڇوڪريءَ سان بحث به پئي ڪيائين. هن شاعري، موسيقي، ڊراما ۽ رقس ۾ دلچسپي وًڻ جي منع هڪڙي اهڙي مذهبي عالم وانگر پئي ڪئي، جنهن جي اعتقادن ۾ ڪتاب ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار آڻي نه ٿا سگهن. هو چوڻ لڳو، ”اهڙين عياشين جي نقصان جو ذڪر سقراط ڪيو آهي.“

        هوءَ سانوري رنگ جي سهڻي جنهن کي سفيد ڪپڙا پيل هئا. هن جي تقرير به ٻڌي رهي هئي ۽ پنهنجي ڄنگهه ڪي نخري سان لوڏي به رهي هئي، ۽ هن عاقل انسان کي پنهنجين عجيب ڪارين اکين سان اهڙي عزت واري نموني سان ڏسي رهي هئي، جهڙيءَ ريت اٿينس جون سهڻيون سقراط کي نهارينديون هيون. اهي نگاهون چپ چاپ پر ظاهر ظهور چئي رهيون هيون، ”ڪڏهن تنهنجو واعظ بند ٿيندو، ڪڏهن اسان جي جند ڇُتندي؟“

        انهيءَ موقعي تي سڪوورتسوف انهيءَ آدرشيءَ وانگ، رجيڪو مابعد الطبعيات جي ڌنڌ ۾ رستو وڃائي ويٺو هجي، ڪارولينِڪو تي طنز ڪرڻ لڳو. هو چوڻ لڳو ته ڪارولينِڪو جون تحريرون جيڪي هن ڪين پرهيون هيون، صرف ملمعو آهن. انهيءَ بيان کان پوءِ سگريٽ جي نلڪيءَ کي پٽي ۾ ٽنگي، فاتحاني انداز سان ٻاهر هلڻ لڳو. ميزبان ڇوڪري پنهنجون رهيل قوتون ڪٺيون ڪري، ڏاڍي خاطرداريءَ سان هن کي در وت ڇڏي اچڻ کان پوءِ ڪوچ تي ڦاڻ ٿي ڪري پئي، ۽ چوڻ لڳي، ”منهنجا خدا! هي ماڻهو آهي يا واچورو!؟“

        ڪارولينِڪو جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن پهريان مرڪيو، ۽ پوءِ خيال ۾ ٻڏل اکين سان نهارڻ لڳو. ”تڪرو عقيدو ڇا لاءِ اختيار ڪجي؟“ ؟ماديات“ فئشن ٿيندي پئي وڃي. شايد سولي آهي، تنهن ڪري هر ڪو ٿو ان تي موهجي، خاص طرح انهن ماڻهن تي جيڪي پاڻ سوچ ۽ فڪر جي تڪليف گوارا نه ٿا ڪن. ان جو جادو زيادو ٿو ٿئي. ۽ سڌڙيا ماڻهو جيڪي هر نئين ڳالهه کي، توڻي اها سندن طبعيتن سان ٺهڪندر نه هجي، پنهنجو بنائي رهيا آهن.“

        هو اهڙيءَ ريت خيالن ۾ ٻڏل، ڳالهائي رهيو هو. ڄڻ پاڻ سان بحث مباحثو پئي ڪيائين. ۽ وچ وچ ۾ ڳالهائڻ روڪي، هيٺان ايندر نر جو ٿڪل آواز يا نديءَ ۾ ويندر جهاز جي سيٽيءَ کي ڪن ڏئي ٻڌڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين. ”هر اها ڪوشش جنهن ۾ زندگيءَ جنهن ۾ زندگيءَ جي سمجهه ڀري سمجهاڻي بيان ڪيل هجي”، هو چوڻ لڳو، ”ٻڌڻ گهرجي. زندگي به هڪٻئي کي، ڪپيندر ۽ اورانگهيندڙ بي انداز دائرن جي ٺهيل اهي. زندگي هر انهيءَ ڪوشش کي جنهن ۾ ان کي منطقي سرشتي جي چورسي ۾ واڙيو ٿو وڃي، نه ٿي قبول ڪري. زندگي هر انهيءَ ڪوشش کي جنهن ۾ هن جي دائرن کي سلجهائي ٺيڪ ڪري بيهارجي ٿو، نه ٿي قبول ڪري. اهي هڪٻئي کي ڪراس ڪندر لڪيرون، انساني عمل ۽ رشتا آهن.“ هن ڏڌو ساهه کنيو، ۽ پاڻ کي توپلي سان پکو هڻڻ لڳو.

        مون کي هن جي لفظن جي حقيقت ۽ انهن راين سان رليل وڻندڙ مرڪ بيحد متاثر ڪيو.

        مارڪسزم تي اهڙي قسم جا رايا اول به ٻڌي چڪو هوس. جڏهن هن بس ڪئي، تڏهن پڇيو مانس ته پنهنجي جوش واريءَ حالت ۾ به هو پنهنجي سنجيدگي ڪيئن قائم رکي پئي سگهيو؟

        هن پنهنجو ٽوپلو مٿي تي رکيو. منهنجي منهن ۾ نهارائين، ۽ مرڪندي وراڻيائين، ”مون کي پتو اهي ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي. ۽ مون کي خاطري آهي ته اهو با مقصد آهي، پر تون ڇو ٿو پڇين؟،

        پوءِ مون هن کي پنهنجن سمورن انديشن ۽ شڪن کان واقف ڪيو. هو بڪل خاموش ٿي، مون کي ڌيان سان ٻڌڻ لڳو ۽ نوڙي منهنجي منهن جي پني ۾ نهارڻ لڳو. جڏهن مون ڳالهه ختم ڪئي ته هو سانتيڪي نموني چوڻ لڳو، ”تو جيڪي ڪجهه چيو آهي، اها حقيقت آهي ۽ تنهنجو مشاهدو بلڪل باريڪ آهي.“ مون ڏانهن چاهه مان مرڪي، نهاري پنهنجي ٻانهن کڻي منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌائين. ”مون کي اهو پتو ئي ڪين هئو ته اهي سوال تنهنجي دماغ ۾ ڦري رهيا آهن. تنهنجي لاءِ ته مون کي ٻڌايو ويو هئو ته تون بي فڪر، سادو ۽ ڪند ذهن آهين.

        پوءِ، هميشه ۽ هر حالت ۾ ڪهڙي روش رکڻي اهي؟ نوجوانن سان ان بابت ڳالهائڻ لڳو. هو چوڻ لڳو ته، ”جيئن ته دانشور عام ماڻهن کان وڌيڪ اڳتي وڌيڪ ٿو ٿئي. انهيءَ ڪري هن کي عام ماڻهن کان علحيده ٿي، پنهنجي تاريخ مقصد کي اڳتي وٺي هلڻ کپي، ڇو ته هو مقبول اتساهه جو ”روح“ ۽ نئينءَ اڏاوت جو بنياد اهي. سقراط، گيارڊانو، برونو، گيليلو، بسپيئر، ڊسيمبرٽ، پيرووسڪاياز يليابو ۽ انهن سان گڏ هر اهو ماڻهو جيڪو ملڪ نيڪاليءَ جي حالت ۾ بکن ۾ پاهه ٿي رهيو آهي. ۽ اهي جيڪي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. ”اهي زندگيءَ جا وڌ ۾ وڌ سگهارا عضوا آهن.“

        هو جوش وچان اٿي کڙو ٿيو ۽ بينچ جي ڀرسان هيڏي هوڏي اچڻ ۽ وڃڻ لڳو. ”انسان ذات ان ڏينهن کان وٺي پنهنجي تاريخ جوڙڻ شروع ڪئي. جڏهن انهن ۾ پهريون سمجهو پيدا ٿيو. پراميٿيس جي ڏند ڪٿا انهيءَ انسان جي عزت افزائي ٿي ڪري جنهن پهريان باهه حاصل ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي، ته هو ڪتابن جا ڪيڙا ۽ زندگيءَ جي اصليت کان بلڪل اڄاڻ آهن. ان تي پنهنجي ليکي سوال ٿو اٿي ته ڇا اهي خاميون آهن؟ ٿي سگهي ٿو ته هڪڙو زندگيءَ جو گهرو معاملو ڪندڙ شخص زندگيءَ جي ويجهو اچڻ بجاءِ ان کان پري هليو وڃي. سچ ته اها ڳالهه خيال ۾ رکڻ جي ڪري مون گهڻو آزمودو پرايو آهي. توکي دوستاڻي نموني صلاح ڏيندس ته سمجهو ماڻهن جي خوبين کي مڃڻ گهرج. هنن جي خامين کي ڏسڻ سولو اهي. ان سان ماڻهو گهمراه ٿي ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته ٻين جي خامين ۾ هن کي پنهنجي ڳرائي ڏسڻ ۾ ٿي اچي. والٽيئر وڏي شخصيت هوندي به ڪن ڳالهين ۾ تمام خسيس ماڻهو هئو. انهيءَ هوندي به هن اهو وڏو ڪارنامو ڪيو، جو بي انصافيءَ سان ننديل ماڻهن جا بچاءَ ۾ ڪمرڪشي بيٺو هئو. مان انهن وسوسن ۽ ڀرمن جو ذڪر نه ٿو ڪيان، جن جي جادوءَ کي هن ٽوڙي ڇڏيو، پر انهن بي انصافيءَ ۽ نامراديءِ ڀريل معاملن، جن لا3 هن چاهه مان پاڻ پتوڙيو هئو، ان ۾ هن جي بلندي هئي. هن سمجهيو هو ته ماڻهو کي پهريان انسان ٿيڻ گهرجي ۽ ان لاءِ انصاف کي سڃاڻڻ  ان لاءِ پاڻ پتوڙڻ ضروري شيءِ آهي. جڏهن اهو ٿورو ٿورو ٿي گهڻو ٿيندو، چڻنگ چڻنگ ٿي ڀنيڀت ٻرندو، تڏهن هيءَ ڌرتي ڪور، گندگيءَ ۽ غلاظت کان صاف ٿي ويندي، ۽ زندگيءَ جي موجوده دکي ۽ ستايل حالت بلدجي ويندي. منهنجن خيالن ۽ ويچارن جو نچور هي آهي ته محڪم ارادي سان، سواءِ ڪنهن خالي ڪهل يا رحم جي پوءِ. اهو پاڻ تي يا ٻين تي هجي ۽ ڪنهن به ڳالهه جي ڪري ماٺ ڪرڻ کان سواءِ. انصاف قائم ڪرڻ ڪي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

        مون ڏٺو پئي ته هاني هو بلڪل ٿڪجي پيو هئو. ڪافي وقت ڳالهايو هئائين. هو هيٺ ويهي رهيو ۽ آسمان ڏانهن نهاريائين. ”اڙي، دير ٿي وئي آهي-يا ايئن چوان ته ساجهر آهي، صبح ٿو ٿئي. ۽ مان سمجهان ٿو مينهن پوندو. گهر هلڻ گهرجي.

        مان اتان کان ويجهو رهندو هوس، پر هو ٻه ميل پري رهندو هئو. مون ساڻس گڏجي  وڃڻ چاهيو، ۽ اسان ٻئي آرام سان ستل شهر جي گهٽين مان لنگهي اڳتي هلڻ لڳاسين.

        ”تون وري لکين ٿو؟“

        ”نه.“

        ”ڇو؟“

        ”وقت ڪونهي.“

        ”افسوس جي ڳالهه آ، سچ پچ بدنصيبي چئيبي، پر مان سمجهان ٿو جڏهن تون لکڻ گهرندين ته وقت نِڪري ويندو. مون کي تنهنجي لياقتن ۾ يقين اهي. اڃ ڪلهه تون البت اداس ٿو رههين.“ پوءِ هو گليب اسپينسڪي جي بي آراميءَ جو ذڪر ڪرڻ لڳو.

        اوچتو مينهن جو وسڪارو ٿيو. اونهاري جو اهي پهريون وسڪارو هو ۽ ان شهر کي پنهنجي ميرانجهڙي ڄار ۾ ويڙهي ڇڏيو. اسان هڪ عمارت جي ديوار جي آڙ ۾ ٿورين گهڙين لاءِ بيهي رهياسين، پر جڏهن ڏٺوسين ته مينهن ماٺ نه ٿي ڪئي ته هڪٻئي کي الوداع ڪيو سين.


[*]  نوٽ: دهشت انگيز جنهن کي ڪيترا ڀيرا ”زار“ جي حياتيءَ تي حملن ڪرڻ وارن معاملن ۾ اڙايو ويو هو. ۽ نيٺ انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيو هئو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org