باب يارهون
جڏهن مان طفلس مان نجنيءَ موٽي آيس، ته ڪاورل فينڪو
سينٽ پيٽرزبرگ[**]
هليو ويو هئو.
ٻئي ڪم نه هئڻ ڪري، مون ڪجهه ڪهاڻيون لکيون ۽ ”دي وولگا
هيرالڊ“ نالي رسالي ڏانهن، جنهن جو چاپيندر ”رين
هارٽ“ هئو، ڏياري موڪليون. ڪارولينڪو جي مضمونن
وغيره شايع ٿيڻ ڪري، اها پنهنجي علائقي جي هيءَ
بهترين مئگزين هئي.
مان پنهنجين ڪهاڻين تي ايم جي يا جي واءِ جي صحيح ڪندو
هوس ۽ اهي هڪ ٻئي پٺيان تڪڙيون تڪڙيون شايع
ٿينديون رهيون. رين هارٽ مون ڏانهن تعريف ڀريو خط
۽ ڪافي رقم، اٽڪل ٽيهه روبل کن موڪلي. ڪن سڀڀن جي
ڪري جي مون کان وسري وئي آهي، ڪهاڻين لکڻ جو احوال
پنهنجن پيارن دوستن واسي ليوف ۽ لائن کان به لکائي
ڇڏيو هوم. بعد ۾ مان انهن ڪهاڻين کي گهٽ اهميت
ڏيندو هوس، ۽ اهو خيال ئي نه هوم ته انهن جو اڳگي
هلي منهنجي قسمت تي وڏو اثر ٿينديو. رين هارٽ
منهنجي نالي جو راز ڪارولينڪو کي ٻڌائي ڇڏيو ۽
جڏهن هو نجنيءَ واپس وريو، ته مون کي ملائڻ لاءِ
دعوت موڪليائين.
هو اڃا به شهر جي ٻاهرئين حصي ۾، رازي ليمبڪ جي ڪاٺ جي
گهر ۾ رهندو هئو. مان جڏهن وٽ ويس ته هو هڪڙي
ننڍڙي ڪمري ۾، جنهن جي ٻن درين جو منهن گهٽيءَ
ڏانهن هئو، چانهه پي رهيو هئو. درين جي ڪانسن تي
گلن جون ڪونڊيون رکيل هيون، باقي سڄو ڪمرو ڪتابن ۽
ڪاغذن سان ڀريو پيو هئو. هن جي زال ۽ ٻار چانهه پي
گهمڻ هليا ويا هئا. ڪارولينڪو جي هلڻ ۾ اڳتي کان
به وڌ خوداعتمادي هئي ۽ سندس مٿي جي وارن ۾ به
وڌيڪ جاندار ۽ اعتماد وارا ور ڏسڻ ۾ ٿي آيا.
”مان اجهو هاڻي تنهنجي ڪهاڻي .پکي“ پڙهي پوري ڪئي
آهي.“ انهن لفطن سان هو مون سان مليو. ”تو پنهنجون
شيون ڇپائڻ شروع ڪيون آهن؟ توکي مبارڪون هجن! پر
تون ضدي اهين. اڃا تمثيلن ۾ پيو لکين. خير، تمثيل
۾ به پنهنجون خوبيون آهن ۽ ضد بن[††]
پنهنجي ليکي ڪا خراب ڳالهه ڪانهي.“
هو پنهنجين اڌ ٻوٽيل اکين مان مون ڏي نهاري به رهيو هئو
۽ پيار ڀريا لفظ به ٻولي رهيو هئو. هن جي چمڙي
ڪاراٽجي وئي هئي ۽ هن جي ڏاڙهيءَ جو رنگ سج ڦٽائي
ڇڏيو هئو. هن کي نيري ڪاري رنگ تي ريشمي قميض پئي
هئي، جنهن جي مٿان چيلهه وت چمڙي جو پتو ٻڌل. هن
جي ڪاريءَ پتلون جا پاپا ڊگهن بوٽن جي اندر بند
ٿيل هئا. مون کي ايئن ٿي لڳو ڄڻ هو انهيءَ وقت
ڪنهن وڏيءَ مسافريءَ تان موٽيو هئو ۽ وري ڪنهن ٻئي
سفر تي اُسهڻ وارو هئو. هن جي سمنجهه ڀريل اکين ۾
بهادريءَ جي جهلڪ هئي. مون هن کي ٻڌايو ته مون
ٻيون ڪهاڻيون به لکيون آهن، جن مان هڪ ”ڪاڪيشس“
نالي رسالي ۾ شايع ٿي آهي.
”تون پاڻ سان ڪجهه به نه کڻي آيو آهين؟ افسوس جي ڳالهه
آهي! توکي لکڻ جو بلڪل پنهنجو طريقو آهي، اهو ڪٿي
ڪٿي ٽٽل ۽ رکو آهي، پر انهيءَ ڪري به اهو بلڪل
انوکو آهي، مون ٻڌو آهي تي تو پيرين پنڌ ڪافي ملڪ
ڏٺو آهي. مون پاڻ هن اونهاري ۾ وولگا، ڪرز هينز ۽
ويتلوگا ندين جو سير ڪيو آهي. تون ڪٿي ڪٿي ويو
آهين؟“
مون هن کي پنهنجي رولڙي جو احوال ٻڌايو ۽ هو عجب مان
چوڻ لڳو، ”انهيءَ کي گهمڻ چئبو آهي! انهيءَ ئي تو
۾ مردانگي پيدا ڪئي آهي. لاشڪ تو طاقت جا ڀنڊار
ڪٺا ڪيا هوندا.“
مون ويجهو هن جي ڪهاڻي ”موت ۾ ندي“ پڙهي هئي ۽ ان جي
پيش ڪرڻ جي طريقي ۽ مواد جي تعريف ڪئي هيم. انهيءَ
ڪهانيءَ جي هُنر ڪري پنهنجيءَ دل ۾ ليکڪ جي لاءِ
شڪر گذاري پئي محسوس ڪيم ۽ ان جو ذڪر ڏاڍيءَ
خوشيءَ مان پئي ڪيم. منهنجي خيال ۾ ان ڪهانيءَ
ڪارولينڪو ناکئي ”ٽيولن“ جي جا تصوير چٽي هئي، اها
هڪڙي عام رواجي ماڻهوءَ جي، جو ”ڪلاڪ سوا لاءِ
سورمو هجي“ صحيح ۽ سهڻي تصوير هئي. اها تصوير اهڙي
ماڻهو جي هئي، جو هڪڙي شاندار ۽ خود قربانيءَ واري
ڪم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي زال کي ڏنڊي سان ماري ٿو
ڇڏي ۽ پاڙي واري کي پيٽ واري ڪم ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجي زال کي ڏنڊي سان ماري ٿو ڇڏي ۽ پاڙي واري
کي پيٽ واري سيخ وهائي ٿو ڪڍي. هو اهو جيڪو اوهان
کي پنهنجي مٺڙيءَ مرڪ ۽ گلن جهڙن سهڻ لفظن سان قيد
ڪرڻ کان پوءِ، سواءِ ڪنهن ظاهري سبب جي، پنهنجي گپ
۾ ڀريل لت پنهنجي پرهندڙ سماج ۾ واندي ويٺلن جي
منهن تي ٺڪاءُ ڪري ٿو ڏئي، ۽ ڪزمامنن وانگر اجهل
جاندار قومي تحريڪ پيدا ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجو موت
شراب سان آڻي ٿو ۽ قبر ۾ ڪيڙن جي حوالي ٿي ٿو
وڃي.“
ڪارولينڪو سواءِ ڪنهن لفظ ڳالهائڻ جي پنهنجي تعريف،
خيال سان ٻڌي رهيو هو. انهيءَ ڳالهه مون کي پريشان
ڪري ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن هن پنهنجون اکيون بند ڪري ميز
تي تري پئي مهٽي، آخر هو اٿي بيٺو ۽ پنهنجي پٺيءَ
کي ڀت سان ٽيڪ ڏيندي تهڪ ڏئي چوڻ لڳو، ”تون وڌاءُ
ٿو ڪرين. اهو چوڻ ڪافي آهي ته ڪهاڻي ڪامياب آهي.
مان ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪيا ته اها مون کي
به پسند آهي. پر مون کي انهيءَ جي پڪ نه آهي ته
منهنجو ”ناکئو“ ڪو اهڙو مثالي آهي، پر تون تمام
ٺاهوڪو ٿو ڳالهائين، تنهنجن لفظن ۾ رواني ۽ زور
آهي. اها مون طرفان تنهنجي واتان ٿيل پنهنجي تعريف
جي موٽ آهي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته تو گهڻو ڪجهه
ڏٺو ۽ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. مان توکي پنهنجي دل سان
مبارڪ ٿو ڏيان.“
هن پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌايو، جيڪو ڪهاڙي هلائڻ يا
ونجهه وهائڻ ڪري سخت ٿي ويو هئو. هن کي جسماني ڪم
ڪرڻ مان مزو ايندو هئو.
”چڱو مون کي ٻڌاءِ تو ڇا ڏٺو آهي؟، هن پڇيو.
احوال ٻڌائڻ جي وچ ۾ مون ”حق جي تلاش ڪندڙن“ جو ذڪر
ڪيو، جي روسي جي منجهيل رستن تي ميرن جي صورت ۾ هڪ
شهر کان ٻئي شهر تائين، هڪ مڙهيءَ تائين رلندا
وتندا هئا.
ڪارولينڪو دريءَ مان ٻاهر نهاريندي چيو، ”انهن مان گهڻا
چڱا نه آهن. اهي ناڪامياب سورما آهن، جيڪي
پنهنجيءَ حقارت جهڙي محبت ۾ مبتلا آهن، ڇا تو اهو
نه ڏٺو اهي، ته اهي ڪيترا نه خسيس طبعي جا آهن؟
انهن مان گهڻا ته خدا جي تلاش جي پٺيان بلڪل ڪين
آهن، پر انهن کي ٻين جي ڪلهن تي آرام جي زندگي
گهرجي.“
انهن لفطن جيڪي هن آهستيءَ سان چيا هئا، مون لي وائڙو
ڪري ڇڏيو، ۽ اها ڳالهه جا مون مبهم نموني سمجهي
هئي، تنهن کي صاف ڪري ڇڏيو.
”توکي انهن ۾ ڪيترائي بهترين فصاحت جا مالڪ ملندا.“
هن چيو، ”هنن جي زبان ۾ ڪيڏي نه بلاغت آهي! ڄڻ ريشم پيا
اُڻن“
”هي حق جا ڳولائو“ سيلائي نارڊونڪ فرقي وارن جي تاريخ
ادب جا سومرا هئا، ۽ هتي ڪارلينڪو انهن کي نيچ
فطرت ۽ بيڪار ڪوًي رهيو هئو! سندس لفظ غيبت ٿي
لڳا. پر ڪارولينڪو انهن تي دماغ جي صفائيءَ سان
چيو هئو ۽ جيڪي ڪجهه هن چيو اُهو سندس سوچ جو
نتيجو هئو.
”تون وولها نيا يا پوڊوليا ويو آهين؟ ڏاڍا سهڻا شهر
آهن.“ مون هن کي ڪرانستاڊٽ (مشهور مذهبي ايڪانت
پسند) واري ’جان‘ سان گفتگوءَ جي ڳالهه ٻڌائي ۽ هن
سواءِ ڪنهن دم پٽڻ جي مون کان پڇيو ”تنهنجو هن
بابت ڇا خيال آهي؟ هو ڪهڙي قسم جو ماڻهو اهي.“
”هو بي سمجهه ڳوٺاڻي وانگر خدا جو سچو معتقد آهي. مان
سمجهان ٿو هو پنهنجي مشهوريءَ کان گهٻرائي ٿو.
اها هن کي تڪليف ڏئي ٿي ۽ هو ان کي بار سمجهي ٿو.
ماڻهو ايئن محسوس ڪندا ته هن جي هڙان ڪي ڳالهيون
پاڻ مردايون پيون ٿين. ڄڻ ته هو پنهنجي مرضيءَ
مطابق ڪو به ڪم نه ٿو ڪري. هو هر وقت خدا کان سوال
ڪندو رهندو آهي، منهنجا مٺڙا مالڪ ڇا هي ٺيڪ آهي؟
۽ هن کي هميشه اهو خوف هوندو آهي ته هو غلط اهي.“
”عجب جي ڳالهه آهي.“ ڪارولينڪو چيو ۽ مون کي لوڪويانوف
جي ڳوٺاڻن سان جن جو به ڪنهن مذهبي فرقي سان واسطو
هئو. پنهنجي ڪيل گفتگو ٻڌائڻ لڳو. هو چاهه ۽ چرچي
سان هنن جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ هوشياريءَ جي ميل جو ذڪر
۽ سندن پنهنجيءَ پر ۾ ان سمجهداريءَ ۽ اوپري
ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ کان هٻڪڻ جو بيان ٻڌائڻ لڳو.
”مون کي ايئن ٿو لڳي ته ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ روس جهڙا
روحاني زندگيءَ جا نرالا نمونا نه هوندا. ايئن کڻي
نه به هجي، ته به اسان جي ملڪ ۾ خدا کي مڃيندڙن ۽
ويساهه ڪندڙن جي مختلف نمونن جهڙي طبع، ٻين ملڪن ۾
مشڪل لڀندي.“ پوءِ هو اسان جي ملڪ جي روحاني
زندگيءَ جي مطالعي جي ضرورت بيان ڪرڻ لڳو.
”پر هن ڳالهه کي عالمي قومن جي علم جي مطالعي سان
لاڳاپيل مسئلو سمجهي ڪري ٽارڻ نه گهرجي، پر ان جو
نِجي طور گهرو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي. جنهن سرزمين
تي اسان سڀني جنم ورتو آهي، اتي ٻين شين سان گڏ
ڪنڊا ۽ ڪڪ به اڀرن ٿا. مون سرزمين تي عقل، بقا ۽
يهوديءَ جي ٻڄ ڇٽڻ لاءِ سمجهه ۽ محنت ٻنهي جي
ضرورت آهي. هڪڙي ڏينهن هن اونهاري ۾ منهنجو گفتگو
هڪڙي شاهوڪار ڳوٺاڻي سان ٿيو، جنهن بلڪل سنجيدگيءَ
سان مون کي انهيءَ ڳالهه مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هي
ڳوٺن ۾ ڳاٽي پڃڻ يا جن وٺڻ جو طريقو ترقيءَ جي
نشاني آهي، ڇاڪاڻ ته توهان کي پتو ناهي ته سودخور
سرمايو ڪٺو ٿا ڪن ۽ روس ضرور ڪنهن ڏينهن
سرمائيدارنه ملڪ ٿيندو! جيڪڏهن اهڙا ماڻهو ڳوٺن ۾
پيدا ٿا ته.........“ ۽ هو کلڻ لڳو.
پوءِ هُو مون کي در وت ڇڏڻ آيو ۽ وري منهنجي همٿ افزائي
ڪرڻ لڳو. ”چئبو اوهين سمجهو ٿا ته مان لکي سگهندس؟
”مون پڇيو. ”بلڪل!“ هن عجب مان چيو، ”تون لکين
پيو، تنهنجيون ڪهاڻيون شايع پيون ٿين، ٻيو ڇا؟
جيڪڏهن توکي مشورو گهرجي ته پنهنجا مسودا مون کي
ڏئي وڃ ته پوءِ ويهي خيال آرائي ڪنداسين.“
مان هن وٽان اهڙيءَ تازگيءَ سان موٽڻ لڳس، جهڙي تازگي
هڪ ماڻهو سجي ڏينهن جي گرميءَ ۾ ٿڪ کان پوءِ هڪ
جهنگل مان وهندڙ سرد نديءَ ۾ وهنجڻ بعد محسوس ڪندو
آهي.
ڪارولينڪو جي لاءِ منهنجي دل ۾ عزت ته پيدا ٿي وئي پر
الائي ڇو، منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڪشش پيدا نه ٿي
۽ مون کي انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿي رهيو هو؟ مان
سمجهان ٿو شايد اهو انهيءَ ڪري هئو، جو هاڻي مان
استاد ۽ شاگرد واري رشتي کان بيزار ٿي پيو هوس.
مان عام رواجي دوستاڻي نموني کُلي ڳالهائڻ ٿي
گهريو، جيئن مان اهي سڀ ڳالهيون، جن منهنجي دل کي
پريشان پئي ڪيو، سواءِ پشيمان ٿيڻ جي بيان ڪري
سگهان. جڏهن مان استادن جي اڳيان، اهو ڪجهه کڻي
ويندو هوس، جو منهنجن آزمودن جو نچور هوندو هئو،
ته اهي ان کي ڇنڊي ڇاڻي پنهنجي سياسي يا فسفياني
قالب ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. مون اها ڳالهه محسوس ڪئي
هئي ته انهن وت پنهنجي قالب کان سواءِ ٻيو ڪوبه
ٺهڪندر قالب ڪين هئو. جيتوڻيڪ هنن جي نيت سچي
هوندي ئي، تڏهن به جڏهن مان پنهنجي مواد جي ستيا
ناس ٿيندي ڏسندو هوس، ته ڏاڍو ڏک ٿيندو هوم.
اٽڪل اڌ مهيني کان پو3 مان ڪارولينڪو وت پنهنجا مسودا
”مهاڻو ۽ پري“، نطم ۽ ”پورهي اسر گل“ ڪهاڻي، جا
مون ٻيهر لکي هئي، کڻي ويس. ڪارولينڪو ٻاهر نڪري
ويو هئو، تنهن ڪري اهي اتي ڇڏي آيس.
ٻئي ڏينهن مون کي هيءَ چٺي ملي، ”اڄ شام جو اچجانءِ ته
ڳالهيون ڪنداسين.“
مان جڏهن هن وٽ ويس ته هن جي هٿ ۾ ڪهارو هئو. ”ايئن نه
سمجهانءِ ته هي ڪو منهنجي تنقيد هو هٿيار آهي،“
پنهنجي ڪهاڙي کي وهائيندي چوڻ لڳو، ”مان ڪٻٽن جي
خانن جي مرمت ڪري رهيو هوس. ساڳي ڳالهه آهي،
مهربان، هاني تنهنجو وارو آهي.“ هن جي چهري تي قبر
جي لالائي ۽ هن جي اکين ۾ خوشيءَ ڀريل مرڪ ۽ هن جي
جسم مان صحت مند روسي ڳوٺاڻي عورت وانگر مانيءَ جي
خوشبو اچي رهي هئي.
مون سڄي رات ويٺي لکيو“، هن چيو ”منجهند جي مانيءَ کان
پوءِ ٿوري نند ڪيم ۽ جڏهن اٿيس تڏهن محسوس ڪيم ته
رڳن کي ساهڻ گرجي.“
هاني هو بلڪل اهو ساڳيو ماڻهو نه هئو، جو مون ٻه هفتا
اڳ ڏٺو هئو. مون اها ڳالهه محسوس ئي نه ڪئي ته هئو
ڪو استاد هو، پر هڪ سادو سودو ماڻهو هئو. جنهن جي
انسانن ۾ دلچسپي هجي.
هن ميز جي خاني مان مسودا ڪڍي پنهنجي گوڏي تي رکيا.
”مان تنهنجي ”پريءَ جي ڪهاڻي“ پڙهي اهي. جيڪڏهن ان
جي لکندر ڪا نوجوان ڇوڪري هجي ها، ته مان کي چوان
ها: ”منهنجي مٺڙي، هيءَ ڪهاني خراب ناهي، پر
مهرباني ڪري جلدي شادي ڪري وٺ!“ پر تو جهڙو دوي
مڙس، جي اهڙان نازڪ شعر لکي ته عجب آهي، اها ڳالهه
ناشائسته ۽ ڏوهه برابر آهي، تو اهو شعر ڪڏهن
لکيو؟“
”طفلس ۾.....“
”سو، اها ڳالهه آهي، تڏهن ان ۾ مايوسيءَ جي جهلڪ آهي.
هيءَ ڳالهه ياد ڪجانءِ. عشق بابت الميه انداز ۾
سوچڻ جوانيءَ جي بيماري آهي، الميه عشق جي ٿيڙيءَ
کان وڌيڪ ٻي ڪا به ٿيڙي عملي طرح غلط غابت نه ٿي
ٿئي. پوڙها مايوس مڙس! اسان تو بابت ٻڌو آهي!“
هن مون کي شرارت سان اک هنئي ۽ چوڻ لڳو ”هن جنازي جي
گلي مان صرف عشقي شعر شايع ٿيڻ جهڙا آهن. مان اهو
بندوبست ڪندس. ”پورهي عورت“ سڀني کان سٺي آهي، پر
تون اڃان تمثيلن جي هڻ هڻان لايو بيٺو آهين.
انهيءَ مان توکي ڪو فائدو نه رسندو. ڪڏهن جيل ويو
آهين؟ مان توکي پڪ ٿو ڏيان ته وري اتان جا در
ڏسندين“ ٿورو ماٺ ڪيائين پوءِ پنا اٿلائي چوڻ لڳو،
”عجيب ڳالهه، نسورو عشقي داستان آهي، جو ڪيترا سال
ٿيا، فوت ٿي چڪو اهي. مان نه ٿو سمجهان ته هي
لازارس وري زندهه ڪرڻ جي لائق آهي. منهنجن ڪنن کي
هي آواز، جنهن ۾ تو راڳ ڳائي رهيو آهين، تنهنجو نه
ٿو لڳي. تون رومان پرست نه پر حقيقت پسند آهين.
سمجهيئه؟ اچ ته هاڻي تفقيل تي بحث ڪريون. هتي ڪجهه
پوليند جي ماڻهوءَ بابت ذڪر ڪيل آهي. اها شخصي
ڳالهه آهي، ايئن آهي نه؟“
”ممڪن آهي.“
”ٺيڪ. سو اسان کي تو بابت ڪجهه پتو پوي ٿو! پر ان جي
اجازت ڪانهي. هر شخصي ڳالهه کي تڪي ڇڏيندو ڪر.
منهنجو مطلب آهي جيڪا معمولي هجي.“
هن جي لفظن ۾ سرهائي ۽ اتساهه هئو، هن جو اکيون چمڪي
رهيون هيون. مان هن ڏانهن حيرت مان ايئن نهاري
رهيو هوس، ڄڻ هن کي پهريون ڀيرو ڏسندو هُجان. پوءِ
مسودن کي ميز تي رکندي ۽ پنهنجي ڪرسيءَ کي منهنجي
ويجهو ڪندي، پنهنجو هٿ منهنجي گوڏي تي رکيائين.
”مان توکي هڪڙي ڳالهه صاف چوان؟ مان توکي ايترو گهڻو نه
سڃاڻندو آهيان، پر تو بابت گهڻو ذڪر نڪرندو آهي، ۽
ڪي ڳالهيون مون پان ڏٺيون آهن. تون چڱي نموني نه
ٿو رهي. تو پنهجي لاءِ صحيح هنڌ ڳولي نه لڌو آهي.
منهنجي خيال ۾ توکي هٿان وڃڻ گهرجي ۽ هڪڙي هوشيار
۽ سهڻيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ گهرجي.“
”پر مون کي زال آهي.“
”اها ڳالهه ته تڪليف جو باعث آهي.“
مون هن کي چيو ته مان ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ نه ٿو گهران.
”تڏهن مون کي معاف ڪجانءِ“ هن چيو ۽ پوءِ چرچي ڀوڳ
جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. پر اوچتو انهن کي بند ڪري
چوڻ لڳو، ”تو اها ڳالهه ٻڌي آهي ته روماس جيل ۾
آهي؟“
”مون کي ڪالهه پتو پيو آهي. ڪٿي، سمالينسڪ ۾؟ هن اتي ڇا
پئي ڪيو؟“
”پوليس هن جي گهر کي گهيرو ڪري ’عوامي آواز‘ جي آفيس جو
سامان ۽ ڇپڻ جون مشينون وغيره کڻي وئي.....ڪيڏو نه
هاڃو اهي،“ ڪارولينڪو چيو. ”وري ڪنهن هنڌ ملڪ
نيڪالي ڏئي ڇڏيندس. سندس صحت ڪيئن اهي؟ اڳي ته
ٻهراڙيءَ جي ماڻهن وانگر جانٺو هو،“ ڪارولينڪو
ٿڌو ساهه ڀريو، ڪنڌ ڌوڻي ۽ چوندو رهيو، ”نه،
انهيءَ جي ضرورت ڪانهي. انهيءَ رستي سان ماڻهو
مقصد کي رسي نه ٿو سگهي. اسان کي اسٽاريوف جي حالت
مان سبق وٺڻ گهرجي. جو هيءُ آهي ته اسان کي
اختياريءَ وارن طرفان جنهن قاعدي قانون ۽ ثقافتي
ڪم ڪرڻ جي اجازت مليل آهي، اهو ڪم ڪرڻ گهرجي.
آپيشاهي ختم ٿيندي پئي وڃي، پر اها اڄ بهرحال هڪ
حقيقت آهي. ان جون پاڙون اونهيون ۽ شاخون ڦٽندڙ
آهن. هي اسان جو نسل، انهيءَ کي صفا پاڙُون پئي نه
سگهندو. اسان جو پهريون ڪم آهي انهيءَ کي ڪمزور
ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ به قاعدي قانون اندر ڪم ڪرڻ. ان ڪم
۾ به ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو لڳي ويندو.
هو انهيءَ مسئلي تي ڪافي وقت ڳالهائيندو رهيو، ايئن پئي
محسوس ٿيو ڄڻ هو پنهنجي زندگيءَ جي وڏي عقيدي جو
بيان ڪندو هجي.
هن جا گهر ڀاتي موٽي آيا. ٻارن گهر کي گوڙ سان ڀري
ڇڏيو. مون هن کان موڪلايو. منهنجي دل کي تسلي هئي
۽ سڪون مليو هئو.
ڳوٺاڻي زندگي، جيئن سڀني کي خبر آهي ، شيشي ۾ بند ٿيل
زندگي آهي. ڳوٺ ۾ رهندرن کي توهان بابت هرڪا خبر
آهي. انهن کي اهو به پتو آهي ته توهان اربع ڏينهن
شام جو ٻين وڳين ۽ ڇنڇر ڏينهن رات جي عبادت کان
پوءِ ڇا پئي ڪيو. هنن کي توهان جي لڪل خواهشن جو
به پتو آهي ۽ جي اوهان جي زندگي انهن جي ڪيل
پيشگوئيءَ تي پوري نه آئي، ته هنن کي باهه وٺي ٿي
وڃي.“
اها ڳالهه جلد ئي شهر ۾ مشهور ٿي وئي ته ڪارولينڪو مون
تي مهربان هئو ۽ مون کي سندس طرفان هيٺئين قسم جا
چتاءَ ٻڌنا پيا، ”پنهنجي سنڀال ڪجانءِ، هي دانشور
ماڻهو توکي گمراهه ڪري ڇڏيندا.“ اهو اشارو بابريڪن
جي ڪهاڻيءَ ”ماڻهو، جيڪو عقلمند ٿيو“، ڏانهن هئو،
جا ان وقت هر هنڌ گفتگوءَ جو موضوع هئي. ان
ڪهاڻيءَ جو سورمو هڪرو انقلابي هئو، جنهن پنهنجي
ڇَٽِي ۽ زال وڃائڻ کان پوءِ زيمستو ۾ قانوني ڪم
شروع ڪيو هئو. ”تون جمهوريت پسند ۽ عوام جو دوست
آهين“، هو چوندا هئا، ”اهڙي ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي،
جا هي ليڊر توکي سيکاريندا.“
پر گهڻن ڏينهن کان وٺي مان پنهنجو ماڻهن سان رشتو
ماٽيلي ٻار جهڙو پئي محسوس ڪيو. منهنجي انهيءَ
جذبي جي تائيد منهنجي آزمودي ۽ عوام دوستن پئي
ڪئي، جي خود مون کي ماٽيلا ٻار پئي لڳا. جڏهن مون
اها ڳالهه ڪئي تڏهن مون تي واڪا ڪرڻ لڳا، ”ڏس، تو
تي اول ئي هنن جي جادوءَ جو اثر ٿي ويو آهي.“
ياروسلاف لاسيم جي شاگردن جي گروهه، پنهنجي هڪڙي ميڙ ۾
مونکي مضمون پرهڻ جي دعوت ڏئي گهرايو. جڏهن مان
مضمون پرهي رهيو هوس، ته هنن چوريءَ منهنجي بيئر
جي گلاس ۾ ووڊڪا وجهڻ شروع ڪئي، پر مون هنن جي اها
شرارت پڪڙي ورتي. مون اها ڳالهه محسوس پئي ڪئي ته
هنن مون کي خلاسين وانگر نشي ۾ ٻڏل ڏسڻ پئي چاهيو،
پر ڇو؟ سا ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه آئي. انهن مان
هڪڙي سلهه ۾ ورتل ۽ پنهنجي وجود سان محبت ڪندڙ،
مون کي اها ڳالهه قبول ڪرائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته
”سڀ کان پهريان.....خيالن، آدرشن ۽ اهڙي ٻئي گند
کي کڏ ۾ ڦٽو ڪر! فقط لکندو رهه. اهي خيال جهنم ۾
وڃن.....“
اهي سڀ مشورا مون کي تنگ ڪري ڇڏيندا هئا.
ڪارولينڪو تي، ٻين مشهور ماڻهن وانگر، شهر جي مانهن جي
ٽيڪا-ٽپڻي شروع ٿي ويئي. ڪي ماڻهو جن کي هن جي
همدرديءَ ڀري طبعيت جي خبر هئي، هن کي پنهنجن شخصي
معاملن ۾ گهلڻ لڳا ۽ ٻيا هن تي قسمين قسمين الزام
لڳائڻ لڳا. منهنجن دوستن کي هن جي تحريرن کان بڇان
ٿيندي هئي. ”اهو تنهنجو ڪارولينڪو،“ هو چوندا هئا،
”مذهبي ماڻهو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.“ ڪنهن سبب جي ڪري هو
خاص طرح هن جي ڪهانيءَ ”مجسمي جي پٺيان“ تي اعتراض
ڪندا هئا. اهڙي قسم جي ڪهاڻي ته پاويل يا ڪوشڪن اڳ
۾ ئي لکي ويو آهي.“
ڪارولينڪو جي ”موچي“ سورمي جي ڪردار لاءِ چوندا هئا، ته
اهو آسپينسڪي جي افساني تان ورتل آهي.
نقاد مون کي وورنيز پادريءَ جي ڳالهه ٻڌائيندا هئا، ته
جڏهن هن کي ”مڪلوخا ماڪلي“ جو ”سامونڊي سفر“ پرهي
ٻڌايو ويو، تڏهن هو حيرت ۽ ڪاور مان چوڻ لڳو،
”واهيات، سو هو ”پاپوئن“ کي روس واپس وٺي
آيو....پر ”پاپوئن“ کي ڇو؟ ۽ ڇو فقط هڪڙي کي؟“
هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير هڪڙيءَ ٻنيءَ مان، جتي سڄي رات
رلندو رهيو هوس. پئي موٽيم ته ڪارولينڪو پنهنجي
جاءِ جي دروازي تي منهن پئجي ويو. ”ڪٿان پيو
اچين؟“ هن پڇيو، ”مان اڃا هاني گهمڻ پيو وڃان.
ڪهڙي نه سٺي رات آهي! اچ ته هلون.“
ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو ته هن به سڄي رات ننڊ نه ڪئي هئي.
هن جون اکيون ڳارهيون ۽ ڏرا ڏنل پئي لڳيون ۽ انهن
۾ ٿڪ به ڏسڻ ۾ پئي آيو. هن جي ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏنل
ڪا نه هئي ۽ ڪپڙا به صاف سٿرا پهريل نه هئس.
”مون تنهنجو افسانو ’ڏاڏو ارهپ‘ ووڪا ۾ پرهيو آهي. خراب
ناهي، اهو ڪنهن قومي رسالي لائق آهي، پر شايع ٿيڻ
کان اول مون کي ڇو نه ڏيکاريو هوءِ؟ اڄ ڪلهه مون
وت اچڻ ڇو بند ڪيو اٿئي؟“
مون کي هن ٻڌايو ته جڏهن مان وٽانئس ٽي روبل اڌارا وًڻ
ويو هوس، تڏهن سندس هلت مون کي ڏک پهچايو هو، پئسن
ڏيڻ وقت پاڻ مون سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو هُئائين
۽ پنهنجي پٺ به ڦيري ڇڏي هئائين. انهيءَ جو مون کي
رنج ٿيو هئو، ڇاڪاڻ ته مان ڪن مجبور حالتن هيٺ
ڪسندي کانئس اوڌر وٺڻ ويو هوس.
هن جي منهن ۾ گهنج پئيجي ويا ۽ خيال ۾ ٻڏي ويو. ”تون
چوين ٿو، تنهن ڪري ايئن هوندو. معاف ڪجانءِ، ضرور
ٻيءَ ڪنهن ڳالهه مون کي پريشان ڪيو هوندو، تهن ڪري
مان اهڙو رکو ٿيو هوندس. ويجهو مون سان اها حالت
ٿيندي رهي آهي. مان اوچتوئي اوچتو اهرو خيالن ۾ گم
ٿي ٿو وڃان، ڄڻ ڪنهن اونهي کوهه ۾ ڪري پيو هجان.
ان وقت مان صرف ماڻهوءِ سان مخاطب هوندو آهيان،
باقي نه ڪجهه ٻڌي سگهندو آهيان نه ڏسي سگهندو
آهيان.“
هو منهنجو هٿ وٺي منهنجين اکين ۾و گهوري نهارڻ لڳو،
”مهرباني ڪري اها ڳالهه وساري ڇڏ. انهيءَ ۾ ڏک ڪرڻ
جو ڪوبه سبب ڪونهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي دل ۾ تنهنجي
لاءِ عزت ۽ احترام آهي. انهيءَ هوندي نه اها چڱي
ڳالهه چئبي، جو توکي ڏک ٿيو. گهڻو ڪري اسان اهڙن
موقعن تي ناراض نه ٿيندا آهيون، جڏهن اسان کي
ناراض ٿين گهرجي. اهو آهي اسان جو هال، پر اها
ڳالهه ڀلائي ڇڏ. مان توکي جو ٻڌائڻ ٿو چاهيان اهو
هيءُ آهي، ته تون گهڻو لکين ٿو، تنهن ڪري تڪڙو ٿو
لکين، ڪڏهن ڪڏهن تنهنجون ڪهاڻيون البت اڻ پوريون ۽
مبهم رهجي ٿيون وڃن. ”آرهپ“ ۾ مثال طور جڏهن تو
”مينهن“ جو بيان ڪيو آهي، تڏهن اهو نه نظم ۾ آهي
نه شاعراني نثر ۾. چون چون جو مربو آهي.“
۽ هو ڪافي تفصيل سان منهنجون جيڪي به ڪهاڻيون شايع ٿيون
هيون. انهن بابت ڳالهائيندو رهيو. جنهن مان اهو
صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هن منهنون ڪهاڻيون ڌيان سان
پرهيون هيون. انهيءَ جو مون تي ڌاڍو اثر ٿيو ۽
جڏهن مان هن جو شڪريو بجا آڻڻ لڳس ته چوڻ لڳو،
”اسان سڀني کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي، اسين ٿورا
آهيون ۽ مشڪلات ۾ آهيون.“
پنهنجو آواز هورکيان ڪندي مون کان پڇڻ لڳو، ”ڇا اها
حقيقت آهي ته استو مينا نالي نوجوان ڇوڪريءَ کي به
ناٿن سن – روماس واري مقدمي ۾ اڙايو اٿائون؟
مان اُن ڇوڪريءَ کي سڃاڻندو هوس. منهنجي هن سان واقفيت
۾ اها ڳالهه به شامل هئي، ته مان هن کي وولگا
نديءَ مان، جنهن ۾ هن ٻڏڻ لاءِ بيڙيءَ جي پاڇيل
تان ٽپو ڏنو هئو، ڇڪي ڪڍيو هئو. اُنهيءَ ۾ مون کي
ڪا وڏي تڪليف ڪانه آئي هئي، جون هن ٻڏڻ لاءِ
تراکڙو پاني منتخب ڪيو هئو. هوءَ بيوقوف ڇوڪري
هئي، هن کي ڪور ڳالهائڻ جي بي انتها عادت هئي.
اُنهيءَ کان پوءِ هن سٽالي پن خاندان ۾ نوڪري ڪئي
هئي. انهن دهشت انگيزن، جن اپتيڪاسڪي ۾ وزير اعظم
جي گهر کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، تن جي بم سان جي
ماڻهو مئا هئا، تن مان هوءَ به هڪ هئي.
ڪارولينڪو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ٿورو مڇرجي چوڻ
لڳو، ”ٻارن کي اهڙن خطرن ۾ اڙائڻ ڏوهه اهي. مان
پاڻ ان ڇوڪريءَ سان چار س ال کن اڳ مليو آهيان، پر
تون جيڪو هن جو خاڪو ٿو پيش ڪرين، سو منهنجن
تاثراتن سان ٺهڪي نه ٿو اچي. مون هن ٿورو جذباتي
ڏٺو هئو، جنهن جي زندگيءَ کي ڪوڙن ماڻهن تڪليف
پهچائي هئي. هوءَ ڪنهن ڳوٺ جي ڪامياب ماسترياڻي
ثابت ٿئي ها. چون ٿا ته هن پوليس جي بڇا ۾ گهڻو
ڳالهيو آهي. پر هن کي کيترو ٻڌائڻو پيو هوندو؟ مان
سياست جي خدائن اڳيان ٻارن جي ٻليدان کي چڱو ڪم
چئي نه ٿو سگهان.“
هو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي رهيو هئو، پر هلندي منهنجن
پيرن ۾ سور پئي ٿيو، تنهن ڪري ٿاٻڙجي ڪري پيس.
”توکي ڇا ٿيو آهي؟“
”سنڌن جو سور.“
”منهنجي خيال ۾ توکي جلدي شروع ٿيو آهي.“ هن پنهنجي
ڳالهه کي جاري رکندي چيو، ”تو ڇوڪريءَ سان بي
انصافي ڪئي آهي، پر ڳالهه کي ٺاهوڪن لفظن ۾ بيان
ڪيو اٿئي. تون ڇو نه ڪا ٺاهوڪي شيءِ لکين ٿو، جا
ڪنهن وڏي رسالي ڏانهن موڪلين؟ هي وقت آهي جڏهن
توکي ايئن ڪرڻ گهرجي. ايئن تنهنجي ڪهاڻي شايع
ٿيندي ۽ مان اميد ٿو ڪريان ته پوءِ تون پاڻ سان
وڌيڪ سنجيدگيءَ سان پيش ايندين.“
مون کي ياد ناهي ته ڪڏهن مون سکان هن اڳ اهڙي
موهيندر نموني ڳالهايو هجي. جهڙو ان ڏينهن ٻنئيءَ
۾-جنهن کي ٻن ڏينهن جي لڳاتار هلڪي برسات ڌوئي صاف
۽ سائو ڪري ڇڏيو هئو.
اسان يهودين جي گرجا ويجهو، نالي جا مٿان ويهي رهياسين
۽ ماڪ جي ڦڙن، جيڪا پنن ۽ ٻوٽن کي سائي زمرد جهڙي
سونهن بنخشي هئي، تنهن جي ويٺي واکاڻ ڪي سين. هن
مون کي ”پيل“[‡‡]
ٻيٽ تي رهندر يهودين جي کل جهڙي، پر ڏکن ڀري
زندگيءَ جو احوال ٻڌايو. هن کي اکين جي هيٺان ٿڪ
جا اهڃاڻ ظاهر ٿيڻ لڳا. جهن وقت اسين واپس شهر ۾
پهتاسين ان وقت نَوف لڳا هئا. موڪلائڻ وقت هن مون
کي وري چيو، ”سو تون وڏي ڪهاڻي لکڻ جي ڪوشش
ڪندين؟“
گهر پهچڻ شرط مان ’چيلڪاش‘ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي. اُها
ڪهاني اوڊيسا جي هڪڙي سيلانيءَ جي هئي، جو مون سان
گڏ نڪولايوف اسپتال ۾ ساڳئي ڪمري ۾ داخل هئو. مون
اها ڪهاڻي ٻن ڏينهن ۾ پوري ڪري، ڪارولينڪو ڏانهن
ڏياري موڪلي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو ڪن زخمي
ڳوٺاڻن کي انهيءَ وڪيل وت وٺي آيو، جنهن وٽ مان ڪم
ڪندو هوس. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي مون کي
اهڙيءَ گرمجوشيءَ سان مبارڪ ڏيڻ لڳو، جيڪو هن جو
ئي ڏاج هئو. ”تمام سٺي شيءِ لکي اٿئي، ڏاڍي سٺي
ڪهاڻي آهي! سموري هڪ اِڪائيءَ ۾ جڙيل آهي.....“
هن جي تعريف مون کي ککو وکو ڪري ڇڏيو. انهيءَ شام جو،
پنهنجي ڪم واري ڪمري ۾ ڪرسيءَ کي ريڙهندي، هو مون
کي اتساهه مان چوڻ لڳو، ”تمام سٺي آهي! توکي پتو
آهي ته ڪردار کي ڪيئن اُڀارجي؟ تنهنجا ماڻهو
پنهنجو پاڻ ڳالهائڻ ۽ عمل ڪن ٿا. تون هنن جي خيالن
کي هنن جي جذبات جي وهڪري ۾ وهڻ نه ٿو ڏين. ايئن
ڪرڻ سڀني جو ڪم ڪونهي. سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي
ته تون ماڻهوءَ کي ايئن آچارين ٿو، جيئن هو آهي.
مان توکي ٻڌايان ٿو تون حقيقت پسند آهين.“
وري خيال ۾ ٻڏي چوڻ لڳو، ”ساڳئي وقت رومان پسند ڀي! ۽،
ڏس! توکي هتي آئي پندرنهن منت به نه ٿا اهن ۽ تون
چوٿون سگريٽ ٿو چڪين!“
”مان ڏاڍي جوس ۾ آهيان.“
”اهو ڪو سبب ڪونهي. تون هميشه جوش ۾ هوندي آهين. مان
سمجهان ٿو اهوئي سبب آهي جو ماڻهو چوندا آهن تو
تون شراب پيئندو آهين. تون سگريٽ مزي وٺڻ کان
سواءِ ڇڪين ٿو. ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”مون کي پتو ڪونهي.“
”ڇا تون سچ پچ پيئندو آهين؟“
”نه، ماڻهو ڪوڙ ٿا ڳالهائين.“
”ڇا تنهنجي گهر ۾ شراب جا دور نه هلندا آهن؟“ هو کلڻ
لڳو ۽ مون بابت جن الزامن جي چوپچو هئي. اه مون کي
ٻڌايائين ۽ هيٺينءَ راءِ سان، جا مون کي اڄ به
ياد آهي. پنهنجي ڳالهه کي ختم ڪيائين، ”جڏهن ماڻهو
ٻين ماڻهن کان ٿورو اڳتي وڌي ويندو آهي، تڏهن هن
کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڏندو ٺڪاءُ ڪيو ويندو
آهي. اهو جملو مان هڪڙي پيٽرزبرگ جي شاگرد کان ٻڌو
هئو. اسان تنهنجي ”چيلڪاش“ کي ”رشين ٽريئري“ رسالي
۾ شايع ڪنداسين. ان کي شروع وارن صفحن تي
ڇاپينداسين ۽ عزت واري جاءِ ڏينداسين. مون مسودي ۾
ٿوريون ترميمون ڪيون آهن، جتي ڪجهه گرامر جون
اوڻايون هيون، پر مون ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه
لاتو آهي. توکي ڏيکاريان؟“
”ون چيو ”نه“.
اچ وڃ ڪندي ۽ پنهنجن هٿن کي مهٽيندي چوڻ لڳو، ”مون کي
تنهنجي ڪاميابيءَ تي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي.“
اها ئي هن جي دل جي سچائيءَ جي ڪشش هئي، جنهن جو مون تي
بيحد اثر ٿيندو هئو. مان پاڻ هن جو مداح هوس،
ڇاڪاڻ ته هن کي ادب سان ايتري محبت هوندي هئي،
جيتري ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي محبوبڙيءَ لاءِ هجي.
اهو منهنجو وقت، جو هن ناخدا سان گذريو هئو، وسرڻ
جو ناهي. مان چپ
چاپ هن جي اکين ڏانهن ڏسندو هوس، جن ۾ ماڻهن جي محبت ۾ ڀريل
خوشيءَ جي جوت پئي جرڪندي هئي. جنهن خوشيءَ کان وڌ
ٻي ڪا خوشي ڪانهي.
ڪارولينڪو مون ڏا نهن وڌي آيو ۽ پنهنجو ڳورو هٿ منهنجي
ڪلهي تي کڻي رکيائين. ”تون هن شهر مان هليو وڃڻ
پسند نه ڪندين؟ ”سمارا“ اخبار ۾ منهنجو هڪ دوست
آهي، جيڪڏهن تون چاهين ته مان هن کي تنهنجي
نوڪريءَ لاءِ لکان. ڇاتو چوين؟“
”مان هتي ڪنهن جي راهه جي رنڊڪ ناهيان؟“
”پر ڪي ماڻهو تنهنجي راهه جا ڪنڊا آهن.“
مان اها ڳالهه ته ڏسي سگهيس پئي ته منهنجي شراب پيئڻ،
گهر ۾ عياشي ڪرڻ منهنجين ٻين بڇڙائين ۽ سڀ کان
وڌيڪ غربت جي ڳالهين، هن کي به متاثر ڪيو هئو.
ڪارولينڪو جي انهيءَ ڳالهه ته مان شهر مان هليو
وڃان، مون کي ڏک پهچايو. پر هن ڳالهه، ته هن کي
اهو اونو هئو، ته مان انهيءَ اوڙاهه مان نڪري
پوان، مون تي گهرو اثر ڪيو. انهيءَ تاثر هيٺ مان
هن کي پنهنجي زندگيءَ بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو. هن ماٺ
ڪيو ويٺي سڀ ٻڌو. آخر ۾ منهن ۾ گهنج وجهي، ڪنڌ
لوڏي چوڻ لڳو، ”پر تون پاڻ ڏسين نه ٿو ته هٿ رهڻ
تنهنجي لاءِ ڪهڙو نه ناممڪن آهي. توکي هتان هليو
وڃڻ گهرجي! هاڻي، جيئن مان چوان ٿو ايئن ڪَرِ. اهو
بلڪل ضرور آهي، ته تون هتان هليو وڃ ۽ وڃي پنهنجي
زندگيءَ جي وهڪري کي بدلاءِ.“
هن مون کي اها ڳالهه مڃائي.
مان ”يهودي خلامڊا“ جي بناوٽي نالي هيٺ ”سمارا گزيٽ“ ۾
ڪالم نويس ٿي ڪم ڪرڻ لڳس. منهنجا ڪالم وچٿرا هوندا
هئا. ڪارولينڪو منهنجن ڪالمن تي پنهنجن خطن ۾ کلون
۽ تنقيد ڪندو هئو، پر هن جي تنقيد ۾ دوستاڻي لهجو
سمايل هوندو هو.
مون کي خاص طرح هيٺيون واقعو ياد آهي. مان هڪڙي شاعر جنهن
جو نالو سِڪَوڪِن[§§]
هو، تنهن کان ڏاڍو اچي بيزار ٿيس. هن جي شعرن جا
ڍير منهنجي لاءِ آفيس ۾ ايندا هئا. انهن جي خاص
خوبي مڪمل اياڻپ ۽ هلڪڙائپ هوندي هئي. انهن کي
شايع ڪرڻ ناممڪن ڳالهه هئي. مشهوريءَ جي شوق هن
همراهه کي نيچ پسارين جي حالي ڪري ڇڏيا. چانهه،
دبل روٽيون ۽ ٻيون اهڙي قسم جونشيون انهن پنن ۾
ويڙهي خريدارن کي ڏنيون وينديون هيون. اهڙيءَ ريت
خريدار کي شيءِ سان گڏ ڏيڍ فوت ڊگهي شعر جو تحفو،
جنهن ۾ شهر جي مشهور ماڻهن. پوليس عملدارن، ميئر،
مقامي چڱي مڙسن ۽ بشپ جي واکاڻ هوندي هئي، به
ملندو هئو.
اهي مٿي بيان ڪيل ماڻهو پنهنجي ليکي سوچ لائق هئا. خاص
طرح بشپ. هن هڪڙي تاتار ڇوڪريءَ کي زوريءَ ڪرستان
بنايو هئو، جنهن ڪري ذري گهٽ تاتارين جو هنگامو
ڪرائي وڌو هئائين. هن خِلستي فرقي وارن ماڻهن مان
ڪن جي برخلاف جڙتو مقدمو تيار ڪيو هئو. جنهن ۾
سڀني بي گناهه ماڻهن کي، جن کي مان سڃاڻندو هوس،
هن اڙايو هئو ۽ سزا ڏياري هئي. هن جي سڀ کان زياده
عجب ۾ وجهندر ڪاميابي هيٺئين هئي: هڪڙي ڀير خراب
موسم ۾ هو ڪنهن پاسي وڃي رهيو هو. واٽ تي رستي کان
پري ڪنهن ڳوٺ ۾ هن جي گاڏي ڀڄي پيئي، جنهن ڪري هن
کي ڪنهن ڪڙميءَ جي جهوپڙيءَ ۾ ترسڻو پيو. هن کي
اها ڳالهه ڏسي عجب وٺي ويو ته جاري ۾ حضرت عيسيٰ
عليه ۽ بيبي مريم جي مجسمن جي ڀرسان ”جوڏ“ (قديم
رومن ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو خدا) جو مٽيءَ جو ٺهيل
پتلو به پيو هئو. هن کي جاچ مان پتو پيو ته اهڙي
قسم جا ”اولمپس“ خدا ۽ ”وينس“ ديوتا جا مجسما ٻين
جهوپڙين ۾ به موجود هئا، جيتوڻيڪ ڪو به ماڻهو اهو
ٻڌائي نه سگهيو ته اهي ڪٿان آيا هئا؟ انهيءَ بنياد
تي هن سمارا جي ڪفارن جي خلاف قديم روم جي خدائن
جي عبادت ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ فوجداري مقدمو داخل ڪيو.
ڪفارن کي جبل اماڻيو ويو ۽ اُهي تيستائين اوتي
سڙندا رهيا جيستائين طويل جاچ منا پتو پيو، ته اهي
مجسما ڪنهن هڪ قتل ٿيل واپاريءَ جا هئا، جن کي
هارين پان ۾ روهائي کنيو هئو.
ٿورن لفطن ۾، مان ميئر، بشپ، شهر، دنيا ۽ پاڻ کان بيزار
ٿي پيس. مان چڙ ۾ انهيءَ شاعر جو نالو، جنهن انهن
چڱي مڙسن جي واکاڻ ۾ جي مون کي بڇڙا لڳندا هئا،
گيت لکيا هئا، سڪوڪن – سن
Shukin-sin.
[***]
لکيو.
ڪارولينڪو يڪدم خط موڪليو جنهن ۾ پنهنجي ناراضگيءَ جو
اظهار ڪيائين، ”ماڻهو جيڪڏهن گارين ڏيڻ ۾ حق بجانب
هجي ته ته به قلم جون واڳون ڍليون چڏڻ نه گهرجن.“
هن لکيو هو. اهو عمدو ڪاغذ ۽ بي جيڪا خط و ڪبتابت
ڪارولينڪو ۽ منهنجي وچ ۾ هلندي هئي، سا پوليس
منهنجي خانه تلاشيءَ وقت پاڻ سان کڻي وئي هئي، جا
پوءِ واپس نه ملي.
هت ٻه ٽي لفظ پوليس لاءِ لکڻ بيجا نه ٿيندا.
1897ع جي بهار جي موسم ۾ مون کي نجنيءَ ۾ گرفتار ڪيو
ويو ۽ منهنجي سهوليت يا پسند جي خيال رکڻ کان
سواءِ مون کي طفلس موڪليو ويو. منهنجي آڏي بڇا
ميتيخ ڪرنل ڪونسڪي، جو پوءِ پيٽرزبرگ پوليس جو
سبراهه ٿيو هئو، جي بنگلي ۾ ٿي. هن دشمنيءَ ڀرئي
لهجي ۾ چيو، ”ڪارولينڪو تو ڏانهن ڪهڙا خط لکندو
آهي!؟ هاني هو تنهنجو بهتري ليکڪ آهي.“
ڪونسڪي عجيب ماڻهو هو، قد جو بندرو، هلڻ چلڻ ۾ خبردار ۽
خيال رکندر ۽ هن جو نڪ راڪاس جي نڪ وانگر بڇڙي
نموني هيٺ تي مڙيل هئو. هن جون اکيون هيون، جيڪي
هن جي چهري سان نه پئي ٺهڪيون. ايئن ڏسڻ ۾ پئي آيو
ڄڻ هن جي اکين جون ماڻڪيون، هن جي ڀيانڪ نڪ جي
ڪمان هيٺ لڪڻ چاهينديون هجن. ”مان ڪارولينڪو جو
ڳوڍائي آهيان، اسين ٻئي وولهانيا جا رهاڪو آهيون.
مان بشپ ڪونسڪيءَ جي اولاد مان آهيان، جنهن
......هاڻي توکي ياد اچي ويو هوندي؟ .....جنهن
ڪئڙين اعطم جي اڳيان مشهور سپاسنامو پڙهيو هئو
...... ”اچو ته سچ کي الوداع چئون، مون کي انهيءَ
تي فخر آهي.“
مون هن کان هيٺاهينءَ سان پڇيو، ته ٻنهي مان هن کي ڪنهن
تي وڌيڪ فخر ٿيندو آهي. بشپ تي يا ڳوٺائيءَ
ڪارولنيڪو تي!”
”ٻنهي تي، ٻنهي تي،“ هن چيو. ايئن پئي لڳو ڄڻ هن جي
ماڻڪين زور سان نڪ جي ديوارن ۾ لڪي وڃڻ جي ڪوشش ٿي
ڪئي، پر جيئن ته هن مُنهنجي طبعيت کي چيڙاڪ بنائي
ڇڏيو هئو ۽ ويتر پوليس جي چڱن مڙسن جي دستوري بي
لحاظ روش ۽ پڇ پڇان وڌيڪ پوسراٽي ڇڏيو، تنهن ڪري
هن جي شان کان ٻاهر به ٽي جملا ٻڌايا مانس.
ڪونسڪي ڏاڍي ٿڌي نموني وراڻيو، ”اسين سڀئي خدا جي حڪم
مطابق عمل ڪريون ٿا! پنهنجي مطلب جي ڳالهه بابت
توکي جيڪي چوڻو آهي سو چؤ، جيتوڻيڪ اسان کي تنهنجي
برخالف اطلاع مليل آهن.“
اسين قلعي جي دروازي مٿان ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويٺا
هئاسين، ڇت جي هيٺان جيڪا دري هئي انهيءَ مان هڪرو
روشنيءَ جو ڪرڻو لنگهي اچي ڪاغذن سان سٿيل ميز تي
پئي پيو، جنهن جي روشنيءَ ۾ مان اهو ڏسي وائڙو ٿي
ويس، ته ٻين پنن سان گڏ هڪڙي پني جي ڦتيل به پئي
چمڪي، جنهن تي مان ”سومن مڇي“ تي تجنيس حرفي ڪم
آنهي، بيهودا جملا لکيا هئا.
انهيءَ ڪاغذ ڏانهن نهاري مان حيرت ۾ سوچي رهيو هوس، ته
جي انهيءَ ڪاغذ بابت سوال ڪيائين ته ڪهڙو جواب
ڏيندومانس”
ڇهن سالن تائين 1895ع کان وٺي 1901ع تائين، ڪارولينڪو
سان منهنجو ملڻ نه ٿي سگهيو ۽ اسان جي خط و ڪتابت
به ڇڊي ٿيندي هئي. 1901ع ۾ منهنجو پهريون ڀيرو
سينت پيٽرزبرگ جي سڌين گهٽين ۽ ڏنگين دلين واري
شهر ۾ وڃڻ ٿيو. هڪڙيءَ رات موٽندي رهائش ڏانهن اچڻ
لاءِ مان انيچڪوف پُل پار ڪري رهيو هوس، ته ٻه
ماڻهو، جي ڪپڙن مان حجم ٿي ڏٺا، مون کان اڳتي وڌي
ويا، انهن مان هڪڙي منهنجي منهن ۾ نهاري ٻئي
ماڻهوءَ کي تپرس مان چيو ”گورڪي!“ ٻيو بهي رهيو ۽
مون کي مٿي کان وٺي پيرن تائين چڱيءَ طرح جاچي
ڏڍائين. پوءِ منهنجي رستي تان هٽي پنهنجي دوست کي
اطمينان سان ڌيائين، ”مردود، سادن جتون ۾ ٿيو
گهمي!“
ٻين عزت افزائين سان گڏ منهنجو ڦوتو، ”ناڪالو“ (معنيٰ
’ابتدا‘) رسالي جي ايڊيٽرن سان گڏ، جن مان هڪ
گورووچ نالي هئو، جو پليس جو جاسوس نڪتو، ڪڍرايو
ويو. مان انهيءَ کان انڪار نه ڪندس ته عورتن جي
ناز ڀري مرڪ ۽ ڇوڪرين جون پيار ڀريون نظرون مون کي
خوشي ڏينديون هيون. ممڪن اهي ته مان به ٻين
نوجوانن وانگر جن کي وقت کان اول شهرت نصيب ٿيندي
اهي، هندستاني ڪڪر جيان ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو هوس.
پر رات جو جڏهن مان اڪيلو هوندو هوس تڏهن پاڻ کي فرار
ٿيل ماڻهوءَ وانگر محسوس ڪندو هوس، جنهن کي جاسوسن
۽ ججن گهرو ڪري ڇڏيو هجي، جن منهنجيءَ ڪنهن غلطيءَ
سبب مون کي ڏ کوهي پئي سمجهيو. اها ”جوانيءَ جي
ڀل“ اهڙي هئي. جنهن جي قبوليت ڪري منهنجي سموري
خطا فراخدليءَ سان معاف ڪرڻ لاءِ تيار هئا. پر هنن
پنهنجي دل ۾ مخفي طرح چاهيو پئي ته ڏوهيءَ کي ڏوهه
ڪندي پڪڙيو وڃي، جيئن هن جي مٿان بيهي، اُهي واڪا
ڪري چئي سگهن، ”اسان توکي پڪڙيو آهي!“
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو مون کان اهڙي پڇا ڪندا هئا، جهڙي هڪڙي
اسڪولي ڇوڪر جي سائنس جي ڪلاس ۾ ٿئي ”تنهنجو ڇا ۾
اعتبار آهي؟، ٻئي، خدا کي مڃيندڙ ۽ انڪاري، مونکي
پڇندا هئا. چڱي سڀاءَ ڪري مان اهو سڀ ڪجهه اهڙي
صبر سان سهندو هوس جو خود مون کي حيرت ٿيندي
هئيءَ. بهرحال اهڙي زباني پڇ پڇ کان پوءِ مان
پنهنجي دل ۾ اها خواهش محسوس ڪندو هوس ته،
”ائڊمائرلٽي نيڊل“ سان سينت ازئاق
Izaak
چرچ جي گنبذ کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيان، جيئن شهر ۾
وڏي خواري ٿئي.
روسي پنهنجي ٻاهرينءَ عمومي طور سٺيءَ طبعيت جي اندر
ڪجهه نيچ پڻو لڪايو وتندا آهن. اها شايد سندن تجسس
واري جذبي ڪري آهي؟ ان ڪيفيت کي مختلف نمونن ۾
بيان ڪري سگهجي ٿو، پر خان هن نموني، ته ڄڻ اسان
جي پاڙيسريءَ جو روح سفر ۽ سير تي ايئن روانو ٿيو
هجي، جيئن ڪو ماڻهو ملي تي ويندو اهي ۽ ڪنهن هنڌ
هٿ جي شعبده بازي ڏسي، وات پٽي، بيهي رهندو آهي ۽
چرچي چرچي ۾ ڪنهن شيءِ کي جهوري رکندو آهي، ۽ پوءِ
شڪي ٿي، پنهنجين اڱريون زخمن تي رکندو آهي.
سينٽ پيٽرزبرڪ جهڙي پٿر مان جڙيل شهر ۾ به ڪارولينڪو
هڪڙو ڪاٺ جو گهر ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اُهي گهر
ننڍڙو پراڻو، ٻاهر-ڀرو ۽ آرام ده هئو. هن جا وار
وڌي ويا هئا. لوندڙيون بلڪل سفيد ٿي ويون هُئس.
اکين جي چوگرد گيرا پئجي ويا هئس ۽ اهي ٿڪل ۽ خيال
۾ ٻڏل ڏسڻ ۾ اچڻ لڳيون هيون. اها ڳالهه پهرينءَ
نظر ۾ ئي محسوس پئي ٿي، ته هن جي سنجيدگي، جنهن ڪي
ڪري اڳي مون کي وڻندو هو، هينئر اهڙي ماڻهوءَ جي
بيقراريءَ ۾ تبديل ٿي وئي هئي. جو دائماً فڪرات ۾
رهندو هجي.
اهو انهيءَ ڪري هو ته ”ملتان“ ڪيس ۾ ارجڻ ۽ ٻيا اهي
معاملا جي سندس ڳچيءَ ۾ پيل زنجيريءَ وانگر موجوده
تڪليف وران سالن ۾ پنهنجي چوگرد ويڙهي ڇڏيا هئا،
تن هن کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هئو.
”مون کي بي خوابيءَ جي تڪليف اهي، تنهن ڏاڍو تنگ ڪيو
اهي، جيتوڻيڪ سلهه ٿي پئي اٿم تڏهن به سگريٽن کان
نه ٿو مڙان، تنهنجا ڦڦڙ ڪيئن اهن؟ مان ڪاري سمنڊ
ڏانهن ٿو وڃان. تون به مون سان هل!“
ميز تي ويهندي ۽ سماور کان ٿورو منهن پاسيرو ڪري مون ڏي
نهاريندي. پنهنجي ڪتاب تي بحث ڪرڻ لڳو، ”تون به
فارما گورجيوف کان بهتر ۽ وارينڪا اوليسووا وانگر
عمل پيو ڪرين. اهو ڪتاب مشڪل آهي، مواد سٺو اٿس پر
اهو اڻپورو ۽ بي ترتيب آهي.“
وري مون کان پڇڻ لڳو ”تون مارڪسي ٿي ويو آهين؟“ جڏهن
مون کيس ٻڌايو ته مان ان طرف وڌندو پيو وڃان. تڏهن
هن فڪرمند لهجي ۾ وراڻيو، ”مون کي اها ڳالهه سمجهه
۾ ئي نه ٿي اچي. مون کي تصوريت کان وانجهيل سوشلزم
به سمجهه ۾ نه ٿو اچي.“ مون کي ”مساوي مادي لاڀ“
تي جڙيل اخلاقيات ذهن ۾ ئي نه ٿي ويهي، ۽ اخلاقيات
کين سواءِ ماڻهو ڪهڙو؟“
چانهه پيئندي پڇڻ لڳو، ”توکي پيٽرزبرگ ڪيئن ٿو لڳي؟“
”ماڻهن کان زياده شهر ڪجهه ڏسڻ جهڙو آهي.“
”هتانجا ماڻهو....“ هن پنهنجون ڀروون مٿي ڪيون ۽ پنهنجي
ٿڪل اکين تي مهٽيندي چيو، ”هٿان جا ماڻهو ماسڪو يا
وولگا واري تر کان وڌيڪ يورپي اهن. مون ٻڌو آهي ته
ماسڪو وڌيڪ نزالي قسم جو شهر آهي پر مان پڪ سان
ڪُجهه چئي نه ٿو سگهان. مون کي ماسڪو خاص طرح
حيوان پڻي، ڏاڍ
مڙسيءَ ۽ رجعت پسنديءَ ۾ نرالو نظر آيو. هِتي سلاووفائيرس[†††]
ڪاتڪوف**
جو رنگ چڙهيل آهي ۽ هُتي ڊسيمبرسٽس***۽
پيٽراشيوسڪي ۽ چرنيشيوسڪي****
جو به رنگ آهي.“
۽ بابائيڊونو ستزيوف*
جو به!“ مون وچ ۾ چيو.
”مارڪسين جو“ ڪارولينڪو مرڪندي چيو، ”هر ڪنهن قسم جي
ترقيءَ وارن خيالن جو، جي معني آهي انقلاب، توکي
جيئن وڻي چؤ. پابائيڊونو ستزيوف قابليت وارو ماڻهو
آهي. تو هن جو ”ماسڪو رويو“ رسالو خيال سان ڏٺو
آهي؟ تون ڏسندين ته اهو پاڻ ماسڪو وارن تي جُلهه
ٿو ڪري.“
هو ٿورو جوش ۾ اچي ناروڊونڪن ۽ مارڪسين جي ادبي ناتن ۽
اختلافن بابت چرچا ڪرڻ لڳو.
مون کي ان جي ڪجهه خبر هئي، ڇاڪاڻ ته پيٽرزبرگ ۾ پهچڻ
کان پوءِ پهرئين ڏينهن ئي مان اهڙي معاملي ۾ اڙجي
ويو هوس. جو اڄ ڏينهن تائين ان جي ياد مون کي ڪاوڙ
ڏيندي آهي.
وي.اي.پوس، رسالي ”زهِسن“ (زندگيءَ) جي ايڊيٽر
چرنيشيوسڪيءَ جي ادبي ياد ملهائڻ لاءِ ادبي ميڙ
ڪوٺايو هئو. هن ٻين مارڪسين ۽ ناروڊونڪن سان گڏ
ڪارولينڪو، ميخائيلووسڪي، ميلشن، سٽروو ۽ تونگان –
بارانو وسڪي، کي به مدعو ڪيو هئو. ڳالهائيندڙ
اها
دعوت قبول ڪئي ۽ پوليس کان انهيءَ ميڙ جي اجازت
ورتي وئي هئي.
پيٽرزبرگ ۾ منهنجي پهچڻ جي ٻئي ڏينهن ٻه هوشيار شاگرد ۽
هڪڙي وڻندر سهڻي ڇوڪري مون وٽ ملڻ لاءِ آيا. هنن
انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪيو ته هئو چرنيشيوسڪيءَ جي
جلسي ۾ ”يوس“ کي بهرو وٺڻ نه ڏيندا، ”پوس رسالي
زهسن
(Zhisn)
جي عملي کي غلط نموني استعمال ڪندو آهي، ۽ اها
ڳالهه نوجوان شاگردن کي هر گز منظور ناهي.“
مان پوس کي سال کن کان سڃاڻندو هوس. هن جي مختلف گڻن ۾
مون کي پنهنجي رسالي جي ايڊيٽرن کي استعمال ڪرڻ جي
لياقت ڏسڻ ۾ نه ائي هئي. مون کي پتو هئو ته هن جا
ايڊيٽرن سان تعلقات وڻندڙ هئا. هو گهوڙي وانگر ڪم
ڪندو هئو ۽ ڇاڪاڻ ته هن کي پگهار گهٽ ملندو هئو،
تنهن ڪري پنهنجي وڏي ڪتنب سميت ذري گهٽ بکن ۾ پاهه
پيو ٿيندو هئو.
جڏهن مون شاگردن کي اها ڳالهه ٻڌائي، تڏهن هو چوڻ لڳا
ته پوس ناروڊنڪن ۽ مارڪسين جي وچ ۾ لامارا ٿو ڏئي.
مون هنن کي ياد ڏياريو ته پوس پاڻ انهيءَ ڳالهه جو
اعتراف ڪيو اهي ۽ انهيءَ ڪري هو پنهنجن مضمونن جي
هيٺان پنهنجو تخلص ”وائيد“ استعمال ڪندو آهي.
انهيءَ تي هو پاڻ وڌيڪ ڪاوڙجي ويا ۽ مون کي ائين
چئي هليا ويا، ته اسان سڀاني ڳالهائيندڙن کي گذارش
ڪنداسين ته هو انهيءَ جلسي ۾ شريڪ نه ٿين.
انهيءَ واقعي جي اهميت جو پتو اڳتي هلي ظاهر ٿيو ته اُن
۾ پوس سان شخصي دشمني گهت پر ”ٻن سياسي لاڙن جو
ٽڪر“ وڌيڪ ڪارفرما هئو. نوجوان مارڪسي انهيءَ
ڳالهه جي مخالفت ۾ هئا ته سندن نمائندا ”لڪل“ ۽
”ڪين“ جهرن نارڊونڪن سان گڏ عام ماڻهن جي اڳيان
اچن.
اهو سمورو احوال مون کي خط رستي معلوم ٿيو، اهو خط
سرڪاري رپورٽ وانگر معصل ۽ اهڙي نموني لکيل هئو،
جو مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ مان ڪا ٻاهرين زبان
پرهندو هجا، انهيءَ گمنام ماڻهوءَ جي خط سان گ0
مون کي ”سٽروو“ کان چٺي پهتي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو
هئو، ته هو جلسي ۾ شريڪ نٿو ٿئي. ڪجهه ڪلاڪن کان
پوءِ وري هن جي چٺي آئي. جنهن مطابق هن وري جلسي ۾
شريڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هئو. ٻئي ڏينهن
ٽوگان-بارانوسڪي جلسي ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو ۽
اسٽرور به پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ جلسي ۾ شريڪ
نه ٿيو. هن پنهنجن پهرين خطن وانگر هن ڀييري جلسي
۾ نه شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪو سبب نه ڄاڻايو.
ڪارولينڪو اها سموري ڳالهه ٻڌي مرڪيو ۽ چرچي طور چوڻ
لڳو، ”ڏس، توکي اسٽيج تي ڪنهن شيءِ تي ڳالهائڻ
لاءِ مدعو ڪري سگهن ٿا. پر تون هڪ ڀ يرو اتي پهتين
ته تنهنجا ڪپڙا لاهي توکي ٺاهوڪا موچڙا هني
چڏيندا.“ هن جا هٿ پٺيءَ جي پٺيان هئا ۽ هو ڪمري ۾
اچ وڃ ڪري رهيو هئو. هوريان ۽ وڻندڙ آواز ۾ پئي
چيائين، ”ڪهڙو نه ڏکيو وقت اچي پهتو آهي! ڪا اوپري
۽ خراب ڪندڙ ڳالهه اسان ۾ اچي پئي آهي. مون کي
پنهنجي ملڪ جي نوجوانن جي خيالن جو پتو ئي نه ٿو
پوي. وري ”نهلزم“ جهڙي ڪا شيءِ اسان ۾ اچي پرگهٽ
ٿي آهي. ”سوشلسٽن“ جو نئون گروهه اسرندو ٿو وڃي.
”آپيشاهي“ روس ۾ پنهنجو پان خاتمو ڪري رهي آهي. پر
نئين طاقت جيڪا راج ڀاڳ جون واڳون اچي وٺي سا ڏسڻ
۾ نه ٿي اچي.“
اهو پهريون ڀيرو هئو جو ڪارولينڪو مون کي اهڙو نا اميد
۽ ٿڪل ڪڳو ۽ اها ڳالهه مون کي ڏک ڏئي رهي هئي. ڪي
”زيمستوو“ جا ماڻهو هن سان ملڻ آيا. جنهن ڪري مان
هليو ويس. هڪ ٻن ڏينهن ۾ هو آرام ۽ سڪون جي تلاش ۾
هليو ويو.
منهنجون هن سان ملاقاتون گاهي ٿينديون رهنديون هيون.
مون کي ڪجهه ڏينهن سانده هن جو مشاهدي ڪرڻ جو
موقعو مليو هئو.
هر ڀيري جڏهن به هن سان ملاقات ڪئي هيم ته هن بابت
منهنجو اهو خيال ته ”هو انسان دوست“آهي وڌيڪ پختو
ٿيندو ويو هئو. مون کي روسي تهذيب يافته ماڻهن ۾
ڪو به هن جهڙو نه مليو هئو، جنهن کي پنهنجي
زندگيءَ کي سچ تي هلائڻ جي هن جهڙي ڳڻتي هجي.
جڏهن ٽالسٽاءِ فوت ٿيو هئو، تڏهن هن مون ڏانهن لکيو
هئو، ”ٽالسٽاءِ ماڻهن منجهه وسيع تعداد ۾ سوچ ۽
اعتقاد جو مادو پيدا ڪيو هئو. ايترو جيترو هن کان
اڳين مان ڪنهن به پيدا نه ڪيو هئو. مان سمجهان ٿو
ته تون انهيءَ ڳالهه ۾ غلط آهين ته اها ڳالهه عمل
سان حاصل ٿي ٿئي. ماڻهوءَ جي سوچ پڻ عمل آهي. سوچ
کي بيدار ڪجي ۽ اها پاڻئي انصاف ۽ سچ ڏانهن
رهنمائي ڪندي.“
مون کي انهيءَ ڳالهه جي شاهديءَ لاءِ ڪافي مواد هو ته
ڪارولينڪو پڻ بي شمار روسي ماڻهن جي ضمير ۾ ستل سچ
کي بيدار ڪيو هئو. هن پاڻ کي ۽ پنهنجي تن من کي
”انصاف“ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو
هئو. اها ڳالهه ايئن ٿي لڳي ڄڻ هن پاڻ ”انصاف“ کي
غائب ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هئو.
هڪڙي فنڪار جي حيثيت ۾ ڪارولينڪو پنهنجيون سموريون
قوتون عجيب و غريب روسي زندگيءَ جي پيدا ڪيل سَوَن
سُرن وارن راڪاسن جي ختم ڪرڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيون
هيون.
انقلابي خيال هن جي دل ۾، جنهن ۾ سونهن ۽ انصاف لاءِ
قرب هوندو هئو ۽ جيڪا انهن ٻنهي کي انساني ايڪتا ۾
ملائي ڇڏڻ گهرندي هئي، چڙ ۽ تشويش پيدا ڪندا هئا.
بهرحال اهو هن جو اعتقاد هوندو هئو ته ملڪ جون
تخليقي قوتون سوڀ پائينديون . هو چوندو هئو ته اهو
معجزو جنهن سان ماڻهو پنهنجي بي جان حالت ۾ به اٿي
کڙا ٿيندا ڏاڍو ڀوائتو هوندو.
1908ع ۾ هن لکيو هو، ”ته ڪجهه سالن جي اندر جيڪي ڪجهه
اڄ ٿي رهيو آهي. تنهن جو نتيجو ٻرندڙ جبل وانگر
نڪرندو. اُهي ڏينهن ڏاڍا خوفناڪ ٿيندا، پر جيڪڏهن
ماڻهن جو جوش قائم رهيو.....۽ اهو رهندو!“
1937ع ۾ هن پنهنجي ڪهاني ”جوار ڀاٽا“ برگ جي هيٺئين شعر
سان ختم ڪئي هئي:
”مقدس روس ۾ ڪُڪَر (صبح جا) دَسَ هڻي رهيا آهن.
اجهو ڄاڻ مقدس ڏينهن پنهنجي روشنيءَ سان اُڀريو.“
ڪارولينڪو پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ نتيجي حاصل ڪرڻ لاءِ
سورمي واري محڪم ارادي سان ڏکين پيچرن تي وک
وڌائيندو رهيو ۽ انهيءَ کي جلدي حاصل ڪرڻ ۾ جيڪو
هن جو حصو آهي، تنهن جي ڪٿ ڪري ئي نه ٿي سگهجي.
|