سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-3

صفحو :3

باب ٽيون

       

ڊيرينڪوف جي دڪان جي ڪمائي گهٽ هئي ۽ جن مقصدن ۽ ماڻهن کي هو مالي مدد ڏيندو هو ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿي ويا.

”اسان کي ڪو طريقو ڳولڻ گهرجي.“ ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندي شرميلي نموني موڪندي يا ٿڌو ساهه کڻي، هُو اڪثر چوندو هو.

        هي جوان مون کي انهيءَ وانگر لڳندو هو، جنهن کي انسانيت جي بهتريءَ خاطر عمر لاءِ سخت پورهئي جي سزا ڏني وئي هجي ۽ جيڪو جيتوڻيڪ انهيءَ سزا تي هري ويو هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان کي اها سزا مشڪل به لڳندي هجي.

        ڪيترائي ڀيرا مختلف طريقن سان مون هن کان پڇيو هو، ؟تون ايئن ڇو ٿو ڪرين؟“

        هن منهنجي سوال جو مطلب ورتو ته ڇا لاءِ“ تنهن ڪري بلڪل ٻاراڻو ۽ غير سنجيدهه جوان ڏيندي چيائين ... ”ماڻهن جي علم جي واڌاري ۽ ڦهلاءَ لاءِ.“

        ”پر ماڻهن کي علم گهرجي به؟ ڇا، اهو علم آهي. جيڪو هو حاصڪ ڪن ٿا؟“

        ”هائو! ٻيو ڪري ڪيئن؟ ڇاتو کي نه گهرجي؟“

        هائو. مون کي کپندو هو، پر مون کي تاريخ جي استاد جا اکر ياد اچي ويا. ”ماڻهن کي خود فراموشيءَ ۽ تسلي جي، نه ڪه علم جي ضرورت آهي.“

        ”سترهن ورهين جي عمر جي ڇوڪراٽ جي دل ۾ اهڙن خيالن جو اچڻ نقصانڪار آهي ۽ اهڙن خيالن مان نوجوانن کي ڪو فائدو رسڻو ناهي.“

        مان اهو محسوس ڪرڻ لڳس ته مون هميشه اهو ڏٺو  آهي ته ماڻهن کي جتي ڪٿي، اُهي افسانا پسند اچن ٿا. ساڳيءَ ريت ڪتابن ۾ به جيترو تصور ۽ هوائي خيال کان ڪم ورتو وڃي ٿو. آُهي اوترو وڌيڪ مزيدار ٿيان ٿا. مطلب ته مان انهن خيالن ڪري ڌنڌ ۾ هٿوراڙيون ڏئي رهيون هوس.

        ڊيرينڪوف بيڪري کولڻ جو فيصلو ڪيو. هن حساب ڪتاب لڳائي ڏٺو ته هن کي ان مان پنجٽيهه سيڪڙو نفعو ٿيندو. مون کي ان ۾ نائب ٿي ڪم ڪرڻو هو ۽ جيئن ته مان گهرجي ڀاتين مان هوس. تنهنڪري مون کي اهو به ڏسڻو هو ته بيڪر اٿي، آنن، مکڻ ۽ تيار ٿيل مال جي چوري ته ڪري نه ٿو وڃي.

        اهڙيءَ ريت مان وڏيءَ بيڪريءَ کي ڇڏي ننڍيءَ پر صاف سٿري بيڪريءَ ۾ هليو آيس. انهيءَ کي صاف رکڻ منهنجو ڪم هو. مون کي چاليهن ماڻهن جي ٽولي بجاءِ هڪ ماڻهوءَ سان منهن ڏيڻو هو. ان مڙس جون لوندڙيون سفيد ٿي رهيون هيون. هن جي ڏاڙهي ننڍڙي ۽ چهنبدار هئي، هن جو بت سنهڙو ۽ چهرو دونهاٽيل لڳندو هو، جنهن ۾ ٻه ڪاريون خيال ۾ ٻڏل اکيون پيون جرڪنديون هيون، جن جي گهراين ۾ هلڪي طنز پئي نچندي هئي. هن جو وات مڇيءَ جي وات وانگر ننڍڙو هوندو هو. هن جا ٿلها پر نازڪ چپ هميشه اهڙيءَ ريت بند ٿيل هوند هئا، ڄڻ پنهنجن خيالن ۾ ڪنهن کي پيو چمندو هو.

        هن کي به هٿ – ڇوهائيءَ جي حد کان وڌيڪ عادت هئي. ڪم جي پهرين رات ئي ڏهه آنا، ڏيڍ سير اٽو، ۽ ڪافي مکڻ پاسيرو ڪري رکيائين.

        ”اهو ڇا لاءِ اهي؟“

        ”او، اهو هڪڙيءَ ننڍڙي ڇوڪريءَ واسطي آهي، ”هن ڏاڍي مٺڙي نموني وراڻيو ۽ پنهنجي نرار ۾ گهنج وجهندي چوڻ لڳو: ”ڏاڍي وڻندڙ ننڍڙي ڇوڪري آهي.“

        مان هن کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا چوريءَ کي ڏوم ٿي سمجهي، پر منهنجا لفظ بي اثر ثابت ٿيا. شايد منهنجي زبان کي بيان جي قوت نه هئي. يا مون کي پاڻ پڪيءَ طرح انهيءَ طرح انهيءَ ڳالهه ۾ يقين نه هو، جيڪا مان بيان ڪرڻ پئي گهري.

        ڪيڪن جي پيتيءَ تان جنهن تي هو سمجهيو پيو هو، دريءَ مان ٻاهر تارن ڏانهن نهاريندي، هو اهڙيءَ ريت ڳالهائڻ لڳو، ڄڻ خواب ڏسندو هجي، ”ڏسو ... مون کي ٿو واعظ ڪري! حياتيءَ ۾ مون کي پهرين ڀيرو ڏٺو اٿائين ۽ نصيحتون شروع ڪيون اٿائين! مڙس منهنجي ٽينءَ پتيءَ جي عمر جيترو به ناهي. ڪهڙي نه کڀ جهڙي ڳالهه آهي.“

        جڏهن ستارن ڏانهن نهاري ٿڪو، تڏهن پڇڻ لڳو: ”تون هن کان اول ڪٿي ڪم ڪندو هئين؟ ايئن ٿو لڳي ته مان توکي ڪٿي ڏٺو آهي. شايد سيميانوف وٽ؟  جتي ياد اٿي گڙ ٻڙ ٿي هئي؟ نه ”تڏهن مون توکي خواب ۾ ڏٺو هوندو.“

        ٿورن ڏينهن ۾ ئي مون ڏٺو ته هيءُ جوان نند جو هيراڪ هو. هن کي هر مهل ۽ هر هنڌ ننڊ کڻي ويندي هئي. ايتري قدر، جو چلهه ۾ وجهڻ لاءِ ڪاٺ جي تختي تي بيهي اتو ڳوهيندو هو ته اُتي به ننڊ وٺي ويندي هيس. نند ۾ هن جا ڇَپرَ کڄي ويندا هئا ۽ هن جو منهن پنهنجي رونق بلڪل بدلائي ڇڏيندو هو. هن جا پسنديده موضوع جن تي هو گفتگو ڪندو هو، اُهي ”لڪل خزانا“ ۽ ”خواب“ هوندا هئا هن پڪي يقين سان چيو: ”مان ڌرتيءَ ۾ اندر نهاري سگهان ٿو. ڏسان ٿو ته ڌرتي خزاني سان ڀري پيئي اهي، جتي ڪٿي هيرن جواهرن سان ڀريل ديڳيون، پيٽيون ۽ خُرزينون لڪيون پيون آه. ڪڏهن ڪڏهن مان خواب ۾ ڏسندو اهيان. هڪڙي ڀير ڏٺم ته هڪڙي ڏٺل وائٽل ، ڌوٻيءَ جي گهر ۾ بيٺو آهيان ۽ ڏسان پيو ته ان گهر جي هڪڙيءَ ڪند ۾ چانديءَ سان ڀريل صندوق پيئي آهي. منهنجي اک کلي پيئي ۽ مان رات جي وڳڙي ۾ سنئون سڌو اوڏانهن هليو ويس. مون اتي ٻن فوٽن کان به وڌيڪ هيٺ کڏو کوٽيو. توکي خبر اهي ڇا لڌم؟ ڪوئلا ۽ ڪتي جي کوپڙي. اوچتو دري کڙڪو ڏئي کلي ۽ هڪڙيءَ عورت وٺي رريون ڪيون: ”چور! چور!“ مون وٺي کڙين تي زور ڇنو، نه ته جي پڪڙجي پوان ها، ته لِتر لڳن ها. ڪيئن ڳالهه کل جهڙي آهي نه؟“

        ”کل جهڙي ڳالهه“ هن جو پيارو لفظ هوندو هو. پر هيءُ ايوان ڪازمچ ليوٽونن پاڻ ڪڏهن به نه کلندو هو. هن جون اکيون مرڪ واري نموني ٻوتجي وينديون هيون. نِراڙ ۾ گهنج پئجي ويندا هئس ۽ ناسون ڦونڊجي وينديون هيس.

        هن جي خوابن ۾ ڪي مت واريون ڳالهيون نه هونديو ن هيون. سندس خواب اهڙائي واهيات ۽ بي مزي هوندا هئا. جهڙيون هن جون سچيون ڳالهيون. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي ته هيءُ ماڻهو پنهنجي اردگرد واري ماحول وارين ڳالهين کي ڇڏي، انهن خوابن جي بيان ۾ ايترو مزو ڪيئن ٿو حاصل ڪري!؟

        هڪڙي شاهوڪار واپاري پنهنجي ڌيءَ کي سندس مرشيءَ جي برخلاف شادي ڪرائي. شاديءَ جي رسم پوري ٿيڻ شرط ڇوڪريءَ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. سڄي سهر ۾ غم ۽ غصي جي لهر پکڙجي ويئي. هزارين شاگردن ڇوڪريءَ جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي ۽ هن جي قبر تي تقريرون ڪيون. آخر گهوڙ ايترو وڌيو، جو پوليس اچي ماڻهن کي ڇڙ و ڇر ڪيو. اسان جي دڪان ۾ هر ڪنهن انهيءَ حادثي تي رڙيون پئي ڪيون. دڪان جي پُٺ وارو ڪمرو شاگردن سان سٿيو پيو هو، اتان ڪاور ۽ غصي ۾ ڀريل لفط اسان جي بيڪريءَ واري ڪمري تائين پئي پهتا.

        ”ڇوڪريءَ کي ننڍي لاءِ تربيت ڏيڻ ويل ٿورو لڪڻ کان وڌيڪ ڪم ورتو وڃي ها.“ ليوٽونن پنهنجي راءِ ڏيندي ۽ پنهنجو بيان جاري رکندي، چوڻ لڳو: ”مون رات خواب ۾ ڏٺو ته مان نديءَ ۾ مڇي ماري رهيو آهيان ته اُتي پوليس وارو اچي نڪتو. مون کي رڙ ڪري چيائين: ”تون ڪهڙي قاعدي هيٺ مڇي ماري رهيو آهين؟“ مون ڏٺو ته هاني سِرُ ٿو وڃي، سو ڀڄڻ جي ڪيم، پر ڀڄڻ جي ڪا واهه هئي ڪانه، تنهڪري کڻي نديءَ ۾ ٽپو ڏنم. ايتري ۾ منهنجي اک کلي ويئي!“

        جيتوڻيڪ حقيقتن کي سمجهڻ هن جي سمنجهه جي دائري کان ٻاهر هو، تنهن هوندي به هن جو ڌيان جلد ئي دڪان جي غير معمولي چُرپُر ڏانهن ڇڪجي ويو. دڪان ۾ گراهڪن کي ٻه ڇوڪريون سودو سلف ڏينديون هيون، جي انهيءَ ڪم جي لائق نه پر ڪتاب پرهڻ جي لائق هيون. اُنهن مان هڪ ڊيرينڪوف جي ڀيڻ ۽ ٻي هن جي ساهيڙي هئي. ان جو قد ڊگهو، منهن جا هڏا ٿورو ٻاهر نڪتل ۽ اکيون وڻندڙ هيون. شاگردن جي اچ وڃ جي ڌم لڳي پئي هوندي هئي ۽ دڪان جي پٺئين ڪمري ۾ هنن جون رڙيون يا هوريان هوريان بحث مباحثا پيا هلندا هئا. ڊيرينڪوف مشڪل سان ڏسڻ ۾ ايندو هو. تنهنڪري نوڪري به هوندي دڪان جي مئنيجريءَ جو ڪم مون کي سنڀالڻو پوندو هو.

        ”ڇا تون مالڪ جو مائت آهين؟“ تڏهن ته کل جهڙي ڳالهه اهي. ۽ .... شاگرد ڇاجي لاءِ هٿي ٿاٻا کائيندا ٿا وتن؟ نوجوان ڇوڪرين جي ڪري؟ هون-اون ..... ايئن ٿي سگهي ٿو پر هو اهريون ٺاهوڪيون ته ناهن. مان سمجهان ٿو ته اهي بکايل شاگرد تازا ڪيڪ کائڻ واسطي ٿا اچن.“

        هر روز صبح جو پنجين ڇهين وڳين هڪڙي ڇوڪري دريءَ وٽ اچي بيهندي هئي. هن جون ڄنگهون ننڍريون ۽ بت جاڏي ڪاڏي کنڊريل هوندو هو. هوءَ ايئن لڳندي هئي ڄڻ هنداڻن جي ڳوڻ آهي. هوءَ دريءَ جي ڀرسان هڪڙي کُڏ جي مٿان ويهي رهندي هئي. اڪهاريون ٽنگون هڪٻئي جي مٿان چاڙهي، اوٻاسيون ڏيندي، سڏ ڪرڻ لڳندي هئي، ”وانيا!“

        هن جي مٿي تي چِٽن وارو رومال ٻڌل هوندو هو، جنهن مان هن جا گهنڊيدار وار نڪري، ڇلڙا ٺاکهي، ڦوڪيل ڦوڪڻڻ وانگر هن جي نراڙ تي اڏامن لڳندا هئا. هوءَ پنهنجين اکين ۾ پوندر وارن کي ننڊا کڙي نموني ننڍڙن هٿن سان، نئين ڄاول ٻار وانگر، آڱريون کولي، پٺتي ڪرڻ لڳندي هئي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ڳالهه تي حيرت لڳندي هئي ته اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان ماڻهو ڇا ڳالهائي سگهي ٿو؟ جڏهن مان بيڪر کي ننڊ مان سجاڳ ڪندو هوس ته پڇڻ لڳندو هو، ”اچي ويو آهين؟“

        ”اچي ويو آهيان؟“

        ”نند چڱي آيئه؟“

        ”ڇو نه ايندي؟“

        ”ڪهڙو خواب ڏٺئه؟“

        ”ياد ناهي.“

        ان وقت سڄو شهر ڪنهن ويجهي هنڌ تان ايندڙ ٻهاريءَ جي آواز ۽ جهرڪين جي چرڙاٽ کان سواءِ سانت لڳو پيو هوندو هو. سج جا وڻندر ڪوڻ درين جي شيشن مان جهاتيون پائڻ لڳندا هئا. مون کي ڏينهن ٿيڻ جون اهي خواب الود گهڙيون ڏاڍيون وڻنديون هيون. دريءَ مان پنهنجو وارن وارو هٿ ڪڍي بيڪر ڇوڪري4 کي کڻي ڄنگهه کان وٺندو هو. هوءَ سواءِ ڪنهن مرڪ جي، ننڊ ۾ ڀريل اکيون ڍنڀيندي، ماٺ ڪريو ويٺي هوندي هئي.

        ”پيشڪو، مال تيار ٿي ويو هوندو.“

        مان لوها پڙچ ٻاهر ڪڍندو هوس ۽ بيڪر انهن تان اڌ ڊزن کن بن، ڪيڪ، رول کڻي ڇوڪريءَ جي جهليءَ ۾ اڇليندو هو. هوءَ ڇا ڪندي هئي، جو گرم گرم بن هن جي هٿ مان وٺي، پنهنجن رڍ جهڙن ڏندن سان کائڻ لڳندي هئي، جنهن ڪري هن جو وات سڙي پوندو هو ۽ هوءَ سور کان رڙيون ڪرڻ لڳندي هئي.

        هن کي پيار جي نظرن سان نهاريندي بيڪر چوندو هو: ”مٺڙي، ٿورو گهگهري کي ڊگهو ڪندي ڪر.“

        جڏهن هوءَ هلي ويندي هئي، ته مون کي ٻٽاڪ هڻي چوندو هو، ”ڏٺئه؟ گهٽي وانگر سڄو بت گهنڊيدار اٿس. منهنجا دوست ... مان اهڙي قسم جي جوانڙين پٺيان ڇتو اهيان. مان عورتن سان نه پر نين ننڍين ڇوڪرين سان عشق ڪندو اهيان. هيءَ نِڪي فارڪ جي گود ورتل ڌيءُ آهي.“

        مان چُلهي مان ڊزن کن وڏا سفيد لولا ڪڍي، هڪڙي تختي تي رکي، ڊڪندو ڊڪندو، ڊيرينڪوف جي دڪان ڏانهن کڻي ويندو هوس. اهو ڪم پورو ڪري، ٻه وڏيون ٽوڪريون بنن ۽ رولن سان سٿي مذهبي ائڪيڊميءَ ڏانهن ڀڄندو هوس، جيئن شاگردن کي مال نيرن جي وقت تي پورو پڄايان. مان سندن وڏي هال ۾ اندر وڃي بيهندو هوس. هنن کي روڪ يا اوڌر تي مال به ڏيندو ويندو هوس ۽ هو، جي پاڻ ۾ ليوٽالسٽاءِ بابت بحث مباحثا ڪندا هئا، انهن کي به غور سان ٻڌندو هوس. انهيءَ ائڪيدميءَ جو هڪرو پروفيسر گوسِيوَ نالي هو، جو ليو ٽالسٽاءِ جي سکيا جو سخت مخالف هو. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي رولن جي هيٺان ڪتاب لڪل هوندا هئا، جي اک – ٽيٽ ڪري شاگردن کي ڏيڻا پوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن شاگرد پنهنجا ڪتاب ۽ نوٽ منهنجي توڪريءَ ۾ لڪائي ڇڏيندا هئا.

        هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو مون کي مال کڻي، اڃا به اڳتي ”چرين جي اسپتال“ وڃڻو پوندو هئو، جتي نفسيات جو ماهر پروفيسر بيخيترپوف کي بيماريءَ تي ليڪچر ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن هن کي ماليخوليا وارو ماڻهو پيس ڪري، ليڪچر ڏيڻو هو. جڏهن اهو ماڻهو ليڪچر هال ۾ آيو ته مان کِل جهلي نه سگهيس. هو قد جو ڊگهو، بت جو ڏٻرو هو. هن کي بت تي اسپتال جا سفيد ڪپڙا ۽ مٿي تي جورابي مان ٺهيل ٽوپي پيل هئي. جڏهن هو مون وٽان اچي لنگهيو، ته مون ڏانهن گهوري، نهاريائين ۽ گهڙي سوا بيهي رهيو. مان ڏڪي پٺتي ٿي ويس. مون ايئن ايئن پئي سمجهيو ته هن جي ڪارين اکين مان نڪرندڙ خوفناڪ شعلا منهنجي دل کي وڪوڙي ويندا. جيتوڻڪ ليڪچر ڏيڻ وقت پروفيسر بيخيترپوف پنهنجي ڏاڙهي پئي کنهي ۽ چرئي سان پئي ڳالهايو، پر مون سڄو وقت پنهنجي هٿن سان پنهنجي منهن کي پئي مهٽيو. ايئن پئي محسوس ڪيم ڄڻ ان جي مٿان ڪنهن گرم پاڻي هاري ڇڏيو هو.

        چريو پنهنجي بي سري ٿلهي آواز ۾ پروفيسر کان پنهنجي سڪل ٻانهن ڊيڄاريندڙ نموني اڳتي وڌائي ڪجهه گهري رهيو هئو. مون کي ايئن ٿي لڳو ته هن جو قد ۽ بت غير قدرتي طرح وڌي ويندو ۽ هن جي ڪاري ٻانهن ڪمري جي ٻئي ڇيڙي تائين وڌي ايندي ۽ اچي منهنجي ڳچيءَ کان وٺندي. هن جي هڏائين منهن جي کوپن ۾ چمڪندر ڪارين اکين ۾ حڪم ۽ ڌمڪي ڀريل چمڪ ڏسڻ ۾ پئي آئي. اٽڪل ويهه کن شاگرد هن ڍريئي کي ڏسي رهيا هئا. ڪجهه لکي رهيا هئا، پر گهڻا خيال ۾ ٻڏل ۽ سنجيدهه ويٺل هئا. چرئي جي چمڪندر اکين اڳيان شاگردن جون اکيون بي نور پئي لڳيون. جيتوڻيڪ هن کي ڏسي ڏڪڻي وٺي پيئي ويئي، تاهم هن ۾ ڪافي رعب ۽ تاب هو.

        شاگرد ماٺ ڪيو ويٺا هئا ۽ پروفيسر جو اواز گجي رهيو هو. هن جي هر سوال جي جواب ۾ جهيڻي اواز ۾ چرئي رڙيون پئي ڪيون جن جو آواز فرس جي هيٺان يا ڀتين جي پٺيان ايندي محسوس پئي ٿيو. چرئي جي ڍرپر وڏي پادريءَ وانگر شاندار نموني ۽ آهستي آهستي هئي.

        انهيءَ رات چرئي کي ”بادشاهن جو بادشاهه ۽ خدا جو دوست ۽ صلاحڪار“ جو لقب ڏئي شعر جوڙڻ لڳس. ڪافي عرصي تائين هو منهنجن خيالن تي ڇانيل رهيو ۽ منهنجي زندگيءَ کي ڏکيو بنائي ڇڏيائين.

        مان شام جو ڇهين وڳي کان وٺي ويندي، منجهند تائين ڪم ۾ مشغول رهندو هوس، تنهن ڪري شام جي وقت ننڊ ڪندو هوس. پرهڻ لاءِ وقت ئي نه ملندو هو. تنهنڪري ڪم ڪندي جڏهن مال کي چُلهي ۾ سيڪڻ لا3 وجهندو هوس، ته ويهي پرهندو هوس. جيئن مان ڪم جي رازن کان واقف ٿيندو ويس، تيئن بيڪر گهٽ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ سمورا بار کڻي منهنجي مٿان اڇلايائين. انهيءَ ڪري جڏهن هو مون کي ڪم بابت هدايتون ڏيندو هو ته منهنجي واکاڻ ۾ اچي بڪندو هو، ”تون هاڻي ڪم سکي ويو آهين. سال ٻن ۾ باقاعدي بيڪر ٿي ويندين. کل جهڙي ڳالهه آهي! تو جهڙي ڇوڪري جي چئي آکي ۾ ڪو رهندو ئي نه، ۽ نه ئي توکي ڪو عزت ڏيندو.

        هن کي منهنجي ڪتابن سان ايتري دلچسپي پسند نه ايندي هئي، ”ڪتابن کي ڇپڏي، ننڊ ڪر،“ هو مون کي نصيحت ڪري چوندو هو، پر ڪڏهن به اهو نه پڇيائين ته مان ڇاٿو پڙهان.

        هو پنهنجن خوابن، پنهنجن ننڍين ٽنگن واريءَ جي خيالن ۽ لڪل خزانن جي پُورن ۾ گم هوندو هو. جڏهن هن جي محبوبڙي رات جو هن سان ملڻ ايندي هئي، ته هو هن کي ٻاهر ورانڊي ۾، جتي اٽي جون ڳوڻيون پيون هونديون هيون، اوڏانهن وٺي ويندو هو، پر جي اتي ٿڌ هوندي هئي ته پنهنجي نراڙ ۾ گهنج وجهي چوندو هو: ”اڌ ڪلاڪ لاءِ ٻاهر هليو وڃ.“

        مان انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪندو هوس ته هنن جي محبت ۽ ڪتابن ۾ پيش ڪيل محبت ۾ ڪيترو نه فرق آهي.

        ڊيرينڪوف جي ڀيڻ دڪان جي پٺيان ننڍڙي ڪمري ۾ رهندي هئي. مان هن جي لاءِ باقاعدي روزانو سمارو گرم ڪندو هوس. پر جيترو ٿي سگهندو هو، ان ڏانهن گهٽ نهارڻ جي ڪوشس ڪندو هوس. هن کي ڏسڻ سان مون کي بيچيني پيدا ٿيندي هئي. هن جون معصوم اکيون مون کي ساڳئي شروعات واري ڏکئي نموني گهوري نهارينديون هُيون. مون کي سڪ هوندو هو ته اُنهن جي گهرائين ۾ لڪل اهڙي مرڪ هئي، جو مون تي مذاق ڪري رهي هئي.

        جيئن ته مان ڦوهه جوانيءَ کي رسي چڪو هئس، انهيءَ ڪري منهنجي اُٿڻي ويهڻي مستن جهڙي ٿي ويئي هئي. جو اتي جو اڍائن مڻن جي ڳوڻ کي کڻندو ڏسي بيڪر همدريءَ طور چوندو هو، ”توکي ٽن مڻن سان منهن ڏيڻ جيتر سگهه اهي، رڳو اٽڪل ڪين اٿئي! ڪيڏو نه قدآور مڙس آهين، پر انهيءَ هوندي به ڏاندُ بڻيو ٿو وتين.“

        جيتوڻيڪ اُن وقت تائين مون ڪتابن جو ڪافي مطالعو ڪيو هو، ۽ شعر چوڻ لڳو هوس، تاهم ڳالهائڻ ويل ڪتابي لفظن بجاءِ پنهنجي لغت ڪم آڻيندو هوس. اُهي لفظ مون کي پتو هئو ته ڏکيا ۽ کهرا هوندا هئا، پر مون کي ايئن لڳندو هو، ته اُهي ئي منهنجن منجهيل خيالن کي بيان ڪري سگهندا.

        منهنجن استادن مان هڪڙي، حسابن جي شاگرد هڪ ڏينهن مون کي ڇينڀيندي چيو: ”جنهن نموني تون ڳالهائين ٿو، ان کي خدا سمجهي! اهي لفط ته ناهن پر لوها وَٽَ اهن.“

        جيئن عام طرح نوجوانن جي حالت هوندي اهي، مان پاڻ سان راضي نه هوس ۽ پان کي کِل جهرو ۽ بي ڍنگو مهسوس ڪندو هوس. منهنجو چهرو جنهن جا ڪلمڪن وانگر هڏا ٻاهر نڪتل هوندا هئا ۽ منهنجو آواز، جنهن تي ضابطو نه هوندو هو، ٻئي مون کي پسند نه هوندا هئا.

        ان جي برخلاف ڊيرينڪوف جي ڀيڻ ابابيل وانگر نخري ۽ ناز سان اڏندي وتندي هئي، پر هن جو اهڙي نموني ٽِلڻُ هن جو گول ۽ ڀريل بت جي بلڪل ابتڙ هو. هن جو تور ۽ ٽلڻ ۾ ايئن لڳندو هو ته هوءَ ڄاڻي واڻي ايئن ڪري رهي آهي. هن جو آواز سرهائيءَ سان ڀريل هو ۽ هوءَ گهڻو ڪري ٽهڪندي وتندي هئي. هن جي ٽهڪن کي ٻڌي مان خديال ڪرڻ لڳندو هوس ته هوءَ چاهي ٿي ته مان جنهن حالت ۾ هن کي پهريان ڏٺو هو، ان کي وساري ڇڏيان، پر مان ايئن ڪرڻ نه چاهيندو هوس. مان هر انهيءَ تاثر کي جيڪو غير معمولي هوندو هو، پنهنجي حافظي جي خزاني ۾ ڪٺر ڪندو ويندو هوس. مان اهو ڄاڻڻ چاهيندو هوس ته غير معمولي ڳالهيون ممڪن اهن ۽ سچ پڇ اُهي وجود ۾ آهن.

        ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون کان پڇندي هئي: ”ڇا پيو پڙهين؟“ منهنجا جواب ڇرڪ جي صورت ۾ هوندا هئا. چاهيندو هوس ته چوانس ”تون ڇاجي لاءِ ٿي پڇين؟“

        هڪڙيءَ رات بيڪر پنهنجي دل جي راڻيءَ سان پيار ڪندي مون کي چيو: ”ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وڃ. مالڪ جي ڀيڻ سان وڃي دل ڇو نه ٿو وندرائين؟ اهڙا موقعا هٿئون ٿو ڇڏين! ڏس شاگرد....“

        مون هن کي چيو ته ”وري جي اهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي اٿئي ته لوهه جو وَٽُ هڻي مٿون ڦاڙي رکندو مانءِ“ پوءِ مان ڪمري ۾ پيل ڳوڻين وت وڃي ويهي رهيس جتي هن کي چوندو ٻڌم، ”مان هن تي ڇاجي لاءِ ڪاور ڪريان؟ سڄو ڏينهن ڪتابن کي چهٽڻ سان ايئن نه ٿيندو ته بيو ڇا چرين وانگر هلندو ٿو وتي؟“

        ورانڊي ۾ ڪوئن جو کرڪو ۽ چين چين لڳي پئي هئي. بيڪريءَ ۾ ڇوڪري ڪنجهي ۽ ڪڻڪي پئي. مان اڱڻ ۾ ٻاهر هليو ويس. وڻندڙ مينهن هوريان هوريان سواءِ ڪنهن کڙڪي جي وسي رهيو هو. پر هوا ۾ اڃا تازگي پيدا نه ٿي هئي ۽ ان ۾ دونهي جي بوءِ هئي، ڪٿي جهنگ کا باهه لڳي هئي. اڌ رات گذري چڪي هئي بيڪريءَ جي سامهون واري گهر جون دريون کيل هيون ۽ هلڪي روشنيءَ وارن ڪمرن مان راڳ جو آواز اچي رهيو هو.

        مان تصور ۾ ايئن محسوس ڪرڻ لڳس ته ميريا ڊيرينڪوف منهنجي ڀاڪر ۾ اهڙيءَ ريت سُڪَ هئي، جهڙيءَ ريت بيڪر جي بغل ۾ ڇوڪري. انهيءَ خيال ڪري منهنجو جسم ايئن ڏڪي ويو ڄڻ ته اهو خيال ڊيڄاريندڙ ۽ ناممڪن هو.

        ٻين آوازن سان گڏ هڪرو پراثر، ڳورو، مٺڙو ۽ شرارت ڀريو آواز اچي رهيو هو. ماڻ اڳتي جهڪي پنهنجن  گوڏن کي ڀاڪر پائي. دريءَ ڏانهن نهارڻ لڳس. بتيءَ جي اڳيان دريءَ ڇانهن منهن ڪيو، هڪڙي ڇوڪري لکي رهي هئي. ٿورو ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجي ڳاڙهي قلم جي چهنب سان ڪنن جي مٿان ڪرندڙ زلفن کي پٺتي ڪري ٿي ڇڏيائين. هن جون اکيون اڌ ٻوٽيل هيون ۽ هن جو منهن مرڪ سان ٻهڪيو پئي. من هوريان هوريان خط ٻتو ڪري لفافي ۾ وڌو، لفافي جي ڪناري کي پنهنجي زبان سان آلو ڪري بند ڪيائين، پوءِ کڻي ميز تي رکيائين ۽ پنهنجي آڱر سان، جيڪا منهنجي چيچ کان به سنهڙي هئي، ان ڏانهن منهن ڪري شاباش وانگر لوڏيائين.

        ان کي وري کني کوليائين، خط ڪڍي پرهيائين. ٻئي لفافي ۾ وجهي ميز تي ويهي ان تي ائڊريس لکيائين ۽ لفافي کي صلح جي سفيد جهنڊي وانگر لوڏي سڪائڻ لڳي. پوءِ پيرن تي ڦيرا پائيندي هٿن سان تاڙيون وڄائيندي، نچندي، منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويئي. جڏهن هوءَ وري واپس ائي ته پنهنجو گهگهرو لاهي ڇڏيو هئائين. هن جا ڪلها گول ۽ ڀريل هئا. هوءَ ميز تان بتي کڻي وري ڪنڊ ۾ هلي ويئي.

        ماڻهو جڏهن پاڻ کي اڪيلو سمجهي حرڪتون ڪندو اهي ته اهي ڪڏهن ڪڏهن ٻئي ماڻهوءَ کي چرين جهڙيون لڳنديون اهن. اڱڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن قدم کڻندي، مان انهيءَ ڳالهه تي عجب کائي رهيو هوس ته هوءَ ڇوڪري اڪيلائيءَ ۾ ڪهڙي نه عجيب زندگي گذاري رهي هئي. پر جڏهن سرخ وارن وارو شاگرد هن سان ملڻ ايندو هو  هن سان يويهي بلڪل جهيڻي آواز ۾ ڳالهائڻ لڳندو هو، ته هوءَ بلڪ سُسي پُسي ويندي هئي. پنهنجين اکين کي هوريان هوريان مٿي کڻي هن ڏي نهاريندي هئي ۽ پنهنجا هٿ پنهنجي پٺيءَ جي پٺيان يا ميز جي هيٺان کني لڪائيندي هئي. مون کي اهو سرخ وارن وارو شاگرد بنهه ڪين وڻندو هو.

        بيڪر جي مهبوبڙي ٿڙندي ٿاٻڙندي پنهنجي جسم جي چو گرد شال ويڙهيندي، ٻاهر آئي ۽ مون کي رڙ ڪري چيائين: ”توکي اندر سڏي ٿو.“

        تختي تي اٽي جو چاڻو هڻندي بيڪر پنهنجي مجبوريءَ ۽ سندس اڻ کٽ پيار بابت ٻٽاڪو هڻڻ لڳو. مان انهيءَ خيال ۾ پئجي ويس ته منهنجو ڪهرو انت ٿيندو؟ ۽ مان محسوس ڪرڻ لڳس ته ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ بدنصيبي منهنجي انتظار ۾ ويٺي هئي.

        بيڪريءَ مان ايتري اوپت ٿيڻ لڳي جو ڊيرينڪوف کي ڪنهن وڏيءَ جاءِ جي تلاس جي اُڻ تُڻ رهڻ لڳي ۽ فيصلو ڪيو هئائين ته هڪڙي ٻئي ڪم واري کي به رکندو. اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي ايترو ڪم ڪرڻو پوندو هو. جو منهنجو مٿو خراب ٿي ويندو هو.

        بيڪر مون سکان واعدو ڪيو ته ”نئين بيڪريءَ ۾ تون مکيه ڪم ڪندر ٿيندين. مان هن کي چئي تنهنجو پگهار ڏهه روبل ڪرائيندس.“

        مون کي چڱيءَ ريت پتو هو ته هو مون کي ڇا لاءِ مکيه ڪم ڪندر بنائي رهيو اهي. هن کي ڪم کان نفرت ۽ مون کي ڪم سان محبت هئي. مان ٿڪ کي پسند ڪندو هوس، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪري منهنجي دماغي بي چيني گهتبي ۽ منهنجا جنسياتي جذبا ماٺا رهندا هئا، پر انهيءَ ڪري پڙهي نه سگهندو هوس.

        ”چڱو ٿيو، جو ڪتابن جي پَچر ڇڏي اٿئي.“ بيڪر چوڻ لڳو، ”اهي ڪوئن جي کاڄ لا3 بهتر آهن. ڇا، تون سچ پچ خواب نه لهندو آهين؟ ضرور لهندو هوندين پر تون گهٽ ڳالهائو اهين. کِل جهڙي ڳالهه آهي. خوابن ٻڌائڻ ۾ ته ڪو هرج ڪونهي. انهيءَ مان ڪنهن کي نقصان پوڻ جو ڪو انديشو ڪونهي.

        هو مون سان ڏاڍو دوستاڻي نموني هلندو هو ۽ ايئن ڏسڻ ۾ ايندو هو ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ سچ پڇ عزت هئي. يا ٿي سگهي ٿو ته هن کي اهو خيال هو ته مان مالڪ جو خاص ماڻهو آهيان. جيتوڻڪ انهيءَ هوندي به هو سنهيءَ ٿهليءَ چوريءَ کان نه مڙندر هو.

        موت نانيءَ کي مون کا جدا ڪري ڇڏيو. اها خبر هن جي وفات کان ست هفتا پوءِ مون کي پهتي، منهنجن ماروتن مان هڪ خط لکي، انهيءَ خبر کان واقف ڪيو. انهيءَ خط ۾ جنهن ۾ ”ڪامائون“ بلڪل نه ڏنل هيون. لکيل هو ته ناني چرچ جي دروازي ڀرسان خيرات پنندي چرچ جي ڏيڍيءَ تان ڪري پيئي هئي، ۽ سندس ڄنگهه ڀڄي پيئي هئي. اٺن ڏينهن کان پوءِ هن کي ٻليءَ – ڳڙهه نڪري پيو هو.“ پوءِ مون کي پتو پيو ته منهنجا ٽي ماروٽ ٽيئي جوان ۽ تازا تڪڙا ۽ هڪڙي پيءُ جا ٻار، نانيءَ جي مٿان بار اچي پيا هئا ۽ هوءَ جيڪو پنجي منگي ايندي هئي، تنهن تي پيت پلايندا هئا. هنن کي ايترو به عقل ۾ نه آيو، جو تڪليف ۾ نانيءَ لاءِ ڊاڪٽر کي سڏي وٺن.

        منهنجي ماروت لکيو هو: ”اسان هن کي ’پيٽرو پاولوسڪ‘ چرچ جي مديان ۾ دفن ڪيو آهي، جتي اسان جا ٻيا عزيز به دفن ڪيل آهن. هن جي جنازي سان گڏ اسان کان سواءِ فقير به هئا. اُهي سڀ نانيءَ کي ڏاڍو پيار ڪندا هئا ۽ سڀ هن جي لاءِ رڙي ۽ روئي رهيا هئا. نانو به ڏاڍا واڪا ڪري رهيو هو ۽ اسان سڀني کا اتان ڀڄائي ڪڍيائين ۽ پاڻ اڪيلي سر هن جي قبر تي ويهي رهيو. اسان هن کي ٻوُڙن جي پٺيان ڏسي رهيا هئاسين ته هڀن جِي اکين مان نير جاري هو. هو به جلد ئي مري ويندو.“

        خط پڙهڻ کان پوءِ مان رنس ڪين، پر ياد اٿم ته منهنجي حالت سرد هوا ۾ ڄميل ماڻهوءَ جهڙي ٿي ويئي هئي. انهيءَ رات اڱڻ ۾ پيل ڪاٺين جي ڍڳ جي مٿان ويٺو هيم ۽ چاهيم پئي ته ڪنهن سان نانيءَ بابت ڳالهيون ڪريان ۽ ڪنهن کي ٻڌايان. هوءَ ڪهڙي نه قربدار، سمجهو ۽ سڀني جي ماءُ وانگر هوندي هئي. گهڻي وقت تائين منهنجي دل ۾ خواهش رهي، پر ڪو به اهرو ڪين مليو، جنهن سان ويهي اهڙيون ڳالهيون ڪريان ۽ آخر هن جو غم پنهنجي پاڻ اٿلون ۽ اڇلون ڏئي نڪرڻ لڳو.

        ڪافي صال پوءِ، جڏهن چيخوف جي ”هڪڙي ٽانگي واري جي سچي ڪهاڻي“ پڙهيم ته ڪيئن هن جو پت مري وڃي ٿو، هن کي ڪو به ماڻهو ڪين ملي ٿو، جنهن سان اُهو سور ونڊي ۽ آخر پنهنجي گهوڙي سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن مون کي نانيءَ جي موت واري خبر وارو وقت ياد اچي ويو ۽ مون کي افسوس ٿيڻ لڳو. مون کي اها سمجهه ڇو نه ائي ته پنهجو ڏک ڪوئن سان بيان ڪريان ها. بيڪريءَ ۾ اهي اڪيچار هئا ۽ منهنجا انهن سان چڱا ناتا هوندا هئا.

        ”مون ٻڌو اهي ته توکي پرهڻ جو ڏاڍو سوق آهي،“ هو چوڻ لڳو. ”توکي ڪهڙي قسم جا ڪتاب پسند ايندا آهن؟ بائيبل يا درويشن جون سوانح عمريون؟“

        مون کيس ٻڌايو ته مان اُهي ٻئي ڪتاب پڙهندو آهيان. انهيءَ ڳالهه هن کي حيرت ۾ وجهي ۽ نراس ڪري ڇڏيو.

        ”ها، مفيد مطالعو جائز آهي. ليوٽالسٽاءِ بابت ڇاٿو چوين؟ جڏهن هن جا لکيل ڪتاب به پڙهندو آهين؟“

        مان ٽالسٽاءِ جا لکين ڪتاب به پڙهيا هئا، پر اُهي نه، جن ۾ پوليس واري جي دلچسپي هئي، ”اهي ته عام رواجي آهن، جي هرڪو لکي سگهي ٿو.“ پوليس مئن چيو: ”پر مون ٻڌو اهي ته هو پنهنجن ڪن ڪتابن منجهه ماڻهن ۾ پادرين  جي برخلاف بغاوت ٿو ڦهلائي. اُهي به پرهڻ لائق هوندا!“

        مون اُهي هٿ سان لکيل ڪتاب به پرهيا هئا. پر مون کي بي مزي لڳا هئا ۽ مون سمجهيو پئي ته اِها اهڙي ڳالهه نه هئي جنهن تي مان پوليس واري سان بحث ڪريان.

        اهڙيءَ ريت ڳالهائڻ کان پوءِ هن پوڙهي مڙس دعوت ڏيندي چيو: ”ڪڏهن منهنجي گهر اچي چانهه پيئجانءِ.“

        مون کي پتو هو ته هو ڪهڙيءَ ڳالهه جي پٺيان هو، پر مون کي به هن سان ملڻ لاءِ ڪي سبب هئا. مون پنهنجن دوستن سان صلاح ڪئي، جن سڀني جي صلاح اها بيٺي ته پوليس واري جي دعوت کان نتائڻ معنيٰ هن جو بيڪريءَ ۾ شڪ پڪو ڪرڻ.

        تنهن ڪري مان نِڪي فارچ سان سندس گهر ملڻ ويس. هن جي گهر جو ٽيون حصو تنور والاري ڇڏيو هو. ٻئي ۽ ٽئين حصي ۾ پردن لڳل پلنگ پيو هو، جنهن تي ڳاڙها پوس چرهيل رهاڻا ٿها ٿيا پيا هئا. باقي بچيل ٽڪر ۾ ڪٻٽ، ٽيبل، ٻه ڪرسيون ۽ هڪڙي ننڍڙي دريءَ جي ڀرسان ڪاٺ جي بينچ پيل هئي. انهيءَ بينچ تي نِڪي فارچ جي کليل وردي پئي هئي، ۽ پاڻ ڪريسيءَ تي ويٺو هو. هن جي پٺي دريءَ جي منهن کي بند ڪري ڇڏيو هو. مان هن جي سامهون ٽيبل تي ويهي رهيس ۽ هن جي زال منهنجي ڀرسان ويهي رهي. هوءَ ويهين وريهين جي جوانڙي هئي. هن جا ڳل ڳارها؛ ڇاتي اڀريل ۽ اکيون شرارت ڀريون ۽ عجيب نيري رنگ جون هيون. پنهنجن سهڻن چپن ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ چڪ پئي وڌائين ۽ هن جي ڳالهائ ۾ مبهم بڇڙائيءَ جا اشارا لڪل هئا.

        ”مون کي پتو پيو اهي“، پوليس واري چيو، ”ته منهنجي گود ورتل ڌيءَ سيڪليتيا توهان جي بيڪريءَ جي چوگرد ڦرندي ٿي وتي، ڇڙواڳ ۽ بدڪار ٿي پئي آهي........سڀئي عورتون بدڪار آهن.“

        ”سڀ جو سڀ؟ هن جي زال پڇيس.

        ”سڀ“ نِڪي فارچ ڳالهه تي زور ڏيندي، جواب ڏنس ۽ پنهنجن ٻلن کي ايئن کڙڪائڻ لڪو، جيئن سنجيل گهوڙو پنهنجن سنجن کي کڙڪائيندو آهي. پنهنجي ساسر مان ٿوري چانهه پي، وري آرام سان چوڻ لڳو: ”سڀ رنون بڇڙيون ۽ بدڪار آهن، چاهي موڙي تي ويٺل هجي چاهي ڪنهن ملڪ جي مهاراڻي هجي. اسان جي زارينه جو به ساڳيو حال آهي. ڀل ته هن کي عظيم ڪوڍين پر.....؟

        پو3 کهي هڪڙي محل جو نوڪر جو قصو تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جنهن زارينه جي خلوت ۾ هڪڙي رات گذاري هئي. جنهن جي عيوض ۾ هن کي سنئون سڌو جنرل جو عهدو عطا ڪيو ويو هو. هن جي ذال ڏاڍي چاهه سان اهو قصو ٻڌي ۽ پنهنجن چپن کي چڪ پائي رهي هئي ۽ ميز جي هيڍان پنهنجي ڄنگهه منجهي ڄنگهه سان گسائي رهي هئي. نڀڪي فارچ ڏاڍي مزي سان ۽ هوريان هوريان ڳالهائي رهيو هو. اوچتو هن کي اهڙو پُور پيو جو بلڪل نئون موضوع ڪڍي ڳلاهائڻ لڳو.

        ”مثال طور: اسان جي گهٽيءَ ۾ هڪ شاگرد اهي. يوينورسٽيءَ ۾ پهرئين سال ۾ تعليم وٺندو اهي. هن جو نالو آهي پليٽينوف.....“

        هن جي زال ٿڌو ساهه کڻي ڏاڍي چاهه مان چوڻ لڳي: ”سهڻو ته ناهي، باقي ٺاهوڪو آهي.“

        ”ڪير؟“

        ”مسٽر پليٽينوف.“

        ”هن کي اڃا ’مسٽر‘ نه ٿو چئي سگهجي. جڏهن هو گريجوئيٽ ٿيندو تڏهن ئي هو ’مسٽر‘ ٿيندو، نه ته تيسائين هو بين شاگردن وانگر شاگرد آهي. اهڙا هزارين شاگرد آهن. ڀلا ڍاهوڪي مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

        ”هو جوان ۽ خوس مزاج آهي.“

        ”ميلي جا مسخرا به خوش مزاج هوندا آهن.“

        ”مسخرن کي کلائڻ جي عيوض پيسا ڏنا ويندا آهن.“

        ”وات بند ڪر. باقي جوانيءَ جي ڳالهه، سو ڪتو به پنهنجي زندگي پونگي کان شروع ڪندو آهي.“

        ”ٻڌم.“

        ”ڏاڍو چڱو.“

        پنهنجي زال کي ڇند ڪڍڻ کان پوءِ منهنجي نصيحت سان مون کي نوازڻ لڳو. ”هي پليٽينوف ... مون چوڻ ٿي چاهيو، چڱو ماڻهو اهي، توکي هن سان واقفيت پيدا ڪرن گهرجي.“

        اهو خيال ڪندي ته متان گهٽيءَ ۾ ڪڏهن هن مون  کي پليٽينوف سان گڏ ڏٺو هجي، مون جواب ڏنو: ”مان هن کي سڃاڻان.“

        ”تون سڃاڻين هون.....؟“

        هن جي لهجي ۾ نراسائي پيدا ٿي ويئي. هو بينچ تي ايئن پاسا ورائڻ لڳو، جو هن جي ٻلاکڪن لڳا. مان ڪن کڙا ڪري ويهي رهيس. مون کي پتو هو ته پليٽينوف ڪي اشتهار ورهائي رهيو هو.

        هن جي زال پنهنجي ڄنگهه منهنجي ڄنگهه جي مٿان رکي هن کي چيڙائڻ لڳي. هو پنهنجي تقرير جا موتي منهنجي اڳيان هارڻ لڳو. هن جي ذال جي ميز جي هيٺان شرارت ڪري مان هن جي ڳالهه ٻڌي نه پئي سگهيس ۽ اوچتو هن جي آواز ۾ تبديلي اچي ويئي. اُهو آهستي ۽ پُر معنيٰ ٿي ويو. ”هڪڙو غيبي ڌاڳو....ٻڌجانءَ.“ هن منهنجي منهن ۾ پنهنجن وڏين گول اکين سان ڄڻ اوچتو خوف مان نهاريو.

        ”ايئن سمجهه ته بادشاهه سلامت ڪوريئڙي جي مثال آهي...“

        ”اڙي! تون ڇا ٿو چوين؟“ جوڻس رڙ ڪئي.

        ”تون پنهنجي وات کي بند ڪر! بيوقوف، اناڙي! مان صرف ڳالهه وڌيڪ چٽيءَ طرح بيان ڪرڻ خاطر، نه بادشاهه جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي خيال کان چوان ٿو. ميز تان سامان کڻ.“

        پنهنجي پيشانيءَ ۾ گهنج وجهي ۽ اکيون ڪِنجائي اثرائتي نموني  چوڻ لڳو: ”غيبي ڌاڳو، جهرو ڪوريئڙي جو ٿيندو آهي. بادشاهه سلامت زار ٽئين، سجي روس جي مالڪ جي دل مان نڪري ٿو، اتان وزيرن، گورنرن وت پهچي ٿو. اتان سڀني آفيسرن، عملدارن مون تائين ۽ عام رواجي سپاهين تائين پهچي ٿو. هر ڪا شيءِ اُنهيءَ ڌاڳي جي ڪري هڪٻئي سان جڪڙيل ٿئي ٿي. انهيءَ غيبي طاقت جي ڪري ايترين صدين کان زار جي حڪومت سلامت هلندي ٿي اچي، پر انگريزن جي حرفتي راني، پولن، يهودين ۽ خود روسين کي رشوت ڏئي ٿي، ته اُهي اُنهيءَ ڌاڳي کي جتان ٿي سگهي اُتان ڪٽي ڇڏين ۽ اُهي اهو ڏيک ڪري رهيا آهن، ته هو سڀ ڪجهه ماڻهن جي ڀلي ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪري رهيا آهن.

        هو ميز جي مٿان مون ڏي جهڪي هوريان پڇڻ لڳو: ”سمجههيهءِ؟ ڏاڍو چڱو مان توکي اهو سڀ ڇو ٻڌائي رهيو آهيان؟ تنهنجو بيڪر تنهنجي تعريف ڪندو آهي. چوندو آهي، ڏاڍو هوشيار! ايماندار ۽ تنهائي پسند آهي. پر شاگرد توهان جي بيڪريءَ جا چڪ هڻندا رهندا آهن ۽ اڌ رات تائين يرينڪوف جي گهر ۾ ويٺا هوندا آهن. جيڪڏهن هڪ هجي ته ڳالهه سولي هئي، پر هٿ ته سوَن جو معاملو آهي. اِنهيءَ جو مطلب ڇاهي؟ مان شاگردن جي برخلاف ڪابه ڳالهه نه ٿو چوان. اڄ شاگرد سڀاني آفيسر. شاگرد هونئن ته اهن چکا، پر جلدي ٿي لڳين ته ڪجهه ٿيون، ڪو عهدو ماڻيون، تنهن ڪري زار جا دشمن هنن کي قاعدي جي برخلاف ڀڙڪائين ٿا. سمجهين ٿو مان وڌيڪ چوڻ گهران ٿو....؟“

        پر هو اڃا وڌيڪ ڪجهه چوي، ان کان اڳ دروازو ٺڙڪو ڏئي کلي پيو. هڪڙو پوڙهو ماڻهو اندر هليو آيو. هو بت ۾ سڪل هو، هن جا ڳاڙها ۽ گهنڊيدار وار چمڙي جي پٽيءَ سان نرار کان پٺتي ڪري ٻڌل هئا. هن جي هٿ ۾ ووڊڪا جي بوتل هئي ۽ ڪجهه ووڊڪا هن جي پيت ۾ ڀي هئي.

        ”شطرنج جي بازي؟“ هن خوش مزاجيءَ مان چيو ۽ پوءِ اچي ڳالهائڻ ۾ ڇُتو.

        ”منهنجو سهرو!“ نِڪي فارچ، لاچار کي آچار سمجهي، اداسائيءَ سان چيو، ۽ ايئن پئي لڳو ته خار ۾ هو.

        مان جلد ئي موڪلائي هليو آيس. هن جي لُچي زال جيئن مونکي در وٽ ڇڏڻ آئي ته مون کي مڪ وهائي ڪڍيائين ۽ چوڻ لڳي: ”ڪڪرن ڏانهن ته نهار! ڄڻ باهه جا ٽڪر!“

        آسمان صاف هو، ان ۾ صرف هڪڙي سونهري ڪڪري ڏسڻ ۾ پئي آئي.

        مان پنهنجن استادن جي گهٽتائيءَ جي خيال کان نه ٿو چوان، پر اها ڳالهه قبول ڪرن ٿي پوي ته پوليس واري حڪومت جي ڍانچي جي جيڪا وضاحت ڪئي. سا منهنجي استادن جي بيان ڪيل خاڪي کان وڌيڪ جرئت منداڻي ۽ صاف هئي. ڪٿي ڪوريئڙو ڇپ هنيو ويٺو آهي ۽ ويٺو ڌاڳو ڪڍي. ۽ اُهو ڌاڪو سموري زندگيءَ کي هڪ هنڌ جڪڙي ٿو ڇڏي. جلدئي مون کي انهي غيبي ڌاڳي جون پُڇريون جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ آيون.

        انهيءَ رات بيڪريءَ جي بند ٿيڻ کان پوءِ ڊيرينڪوف جي ڀيڻ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ سڏ ڪيو ۽ چوڻ لڳي ته مون تي اها جوابداري رکي اٿن ته توکان پڇان ته سپاهيءَ توکان ڪهڙيون ڳالهيون پڇيون.

        جڏهن مونکيس سموري روئداد ٻڌائي ته هن جي واتان ”اوخدا!“ جي رڙ نڪري ويئي ۽ ڦاٿل ڪُئي وانگر ڪمري ۾ ڳڻتيءَ کان ڪنڌ لوڏيندي هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ڪرڻ لڳي. ”ڇا، بيڪر تنهنجي انت لهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؟ ڇا، هن جي سريت نِڪي فارچ جي رشتيدار ناهي؟ اسان کي بيڪر جا ٽيڙ گول ڪرڻ گهرجن......“

        مان دروازي جي چانئٺ وٽ بيٺو هوس ۽ هن کي لڪ چوريءَ نهاري رهيو هوس. هن جي چپن تي گهڙيءَ گهڙيءَ ”سريت“ جو لفظ پئي آيو. جا ڳالهه مون کي نه پئي وڻي. نه ئي مون کي هن جو بيڪر کي ڪچڻ جو فيصلو ئي وڻيو ٿي.

        ”پنهنجو خيال رکجانءِ“. هن مون کي هوشيار ڪندي چيو. هن پنهنجن هوشربا اکين سان، جن ۾ اهڙا سمايل هوندا هئا، جي مان سمجهي نه سگهندو هوس، موڏانهن نهاري منهنجون متيون مُنجهائي ڇڏيون. هوءَ پنهنجا هٿ پٺيان ڪري منهنجي اڳيان بيهي رهي.

        ”تون هميشه ايترو ادا ڇو هوندو آهين؟“

        ”ويجهڙو ئي منهنجي ناني گذاري وئي اهي.“

        اها ڳالهه هن کي ڄڻ مزي جهڙي لڳي، مڪري پڇيائين: ”تنهنجي هن سان ڏاڍي دل هئي؟“

        ”هائو، ٻيو به ڪجهه پڇڻ گهرين ٿي؟“

        ”نه.“

        مان اتان هليو آيس. مون کي ياد ٿو اچي ته انهيءَ رات مون جي شعر لکيا هئا انهن ۾ هڪڙي سٽ هئي:

        ”تون ايئن نه اهين جيئن تون چاهين ٿي ته ماڻهو توکي سمجهن.“

        اهو فيصلو ڪيو ويو ته بيڪريءَ ڏانهن جيترو ٿي سگهي اوترو شاگردن جي آمد رفت گهٽائي ڇڏجي. انهيءَ سبب پوءِ شاگردن جي اچ وڃ بند ٿي ويئي هئي. تنهن ڪري ڪتابن جا ڏکيا ٽڪر سمجهائڻ  لاءِ ڪو ماڻهو نه ملندو هو. تنهن ڪري مان ڪي سوال نوٽ بڪ ۾ لکي ڇڏيندو هوس. هڪڙي ڏينهن لکندي لکندي، ننڊ کڻي ويئي ۽ بيڪر منهنجو نوت بڪ پرهي ورتو. مون کي لوڏي نند مان اُٿاريائين ۽ پڇڻ لڳو، ”هي ٿو ڇا پئي لپيو؟ ڇاجي ڪري اهو گاري بالڊي* بادشاهه کي ڀڄائي نه سگهيو هو؟ اهو گاري بالڊي ڪير آهي؟ هن کي بادشاهه کي ڀڄائي ڪڍڻ جي ڪڏهن اجازت ملي هئي؟“

        هن ڪاور مان نوٽ بڪ کي کڻي پري اڇلايو. مون وٽان اُٿي، وڃي تنور جي ڀرسان ويٺو ۽ اتان ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو: ”مڙس کي بادشاهه ڀڄائڻا آهن! کل

 

*  گاري بالڊي اٽليءَ جو انقلابي ۽ جنگي سُورمو

جهڙي ڳالهه! اهي حرڪتون ڇڏي ڏي. سڄو ڏينهن ڪتاب ٿو رَٽين! چار پنج سال ٿيا، جو ساراتوف ۾ ڪتابن پرهڻ وارن کي جتان به هٿ آين پوليس پڪڙي وئي هئي. نِڪي فارچ جي اڃا تو ۾ اک آهي. بادشاهن جي پچر ڇڏي ڏي، تِتر ناهن جن کي تون تڙي ڪڍندين.“

        هن جو رويو دوستاڻو هو، پر مان هن کي جيئن چاهيم پئي تيئن جواب ڏئي نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته مون کي سمجهايو ويو هو ته هن سان ”خطرناڪ معاملن“ تي بحث نه ڪجانءِ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org