سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-10

 

صفحو : 10

باب ڏهون

        انهي کان پوءِ منهنجي تعليم ۾ هڪ وڌيڪ سبق جو واڌارو ڪرڻ لاءِ، قسمت مون کي پهرئين عشق جي کِلَڻ ۽ ڪامڻ کان واقف ڪيو. ڪن دوستن اوڪا نديءَ ۾ ٻيڙين جي پڪنڪ جو بندوبست ڪيو هئو. مون تي اهو ڪم رکيو هئائون ته سِي – جوڙي کي جيڪو تازو فرانس کان موٽيو هئو ۽ جن سان مان اڃا ڪين مليو هوس، ڪوٺُ ڏئي اچان، اُنهيءَ شام مان پهريون ڀيرو سندن جاءِ تي ويو هوس. هو هڪڙي پراڻي بلدن جي هڪڙي بُهري ۾ فهندا هئا. ان بلڊنگ جي دروازي تي هڪڙو گندي پاڻيءَ جو وڏو دُٻو هئو. جيڪو بهار ۾ ته ڇا پر ڪڏهن ڪڏهن اونهاري ۾ نه نه سُڪندو هئو. اُن دُٻي بلڊنگ جي دروازي تي چٽڪاري ڪري ڇڏي هئي. اهو دُٻو ڪانون، ۽ ڪتن لاءِ آئيني ۽ سوئرن لاءِ وهنجڻ جي دهويءَ جو ڪم ڏيندو هئو.

        مان پنهنجي خيالن ۾ گم، هنن ماڻهن وٽ ائين وڃي پهتس جيئن جيل تان ڪا ڀڪ ڪري، ماڻهن کا وائڙو ڪري ڇڏي. هڪڙو ڏنڊو مڙس، قد جو پورو پنو، دروازي وٽ منهنجي ڊهوڊهه ٿيو ۽ ڏاڍي رکي نموني منهنجو رستو روڪي ڇڏيائين. هن جي ڏاڙهي صاف، نرم ۽ اکيون قربائتيون هيون. ٿورو چر مان پڇيائين، ”ڪهڙو ڪم آهي؟“ ۽ وڌيڪ  چيائين. ”اندر داخل ٿيڻ کان اول ماڻهو هميشه در کڙڪائيندو آهي.“ هن جي پٺيان ڪمري جي اونداهيءَ ۾ ڪا شيءَ چري پري رهي هئي. جنهن کي ڏسي ايئين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ ٽاهه کاڌل وڏو سفيد پکي هئو. هڪڙو صاف ۽ سنگيت ڀريو آواز ڪنن تي پهتو. ”خاص طرح جڏهن شادي شده ماڻهن وت وڃجي.“

        ڪجهه خار مان پڇو مانِ ته ڇا سي – جورو اوهين آهيو؟ مرد، جيڪو ڪنهن سُکئي دڪاندار وانگر پئي لڳو، ”ها“ ۾ جواب ڏنو. مون کين پيغام پهچايو.

        ”وي-توکي موڪليو آهي؟“ هن پڇيو ۽ پنهنجن خيالن ۾ پنهنجن هٿن کي ماڻ لڳو، پر اوچتو مڙي، اهڙي نموني رڙڪيائين، ڄڻ ڏک ۾ هجي، ”اوه، اولگا!“.

        هن جي هٿ جي جي ڏڪندڙ حالت مان آءُ ان نتيجي تي پهتس ته هن کي ڪنهن ڪرنگهي جي هيٺان واري عضوي ۾، جنهن جو نالو نه وٺبو آهي، ڪنهن چڪ پاتو هو.

        سنهڙي جوان عورت مرد جي جاءِ تي اچي بيٺي. دريجي چؤڪاٺ کپي ٽيڪ ڏئي، مون ڏانهن پنهنجي نيرن نيڻن سان مرڪندي چوڻ لڳي، ”ڇا، تون سپاهي آهين؟“

        ”نه، مون هيٺاهينءَ سان جواب ڏنو.“

        ”فقط منهنجا ڪپڙا اهڙا آهن. انهي تي هوءَ اچي کلڻ ۾ ڇُٽڪي. هن جي کل منهنجي دل کي نه ڏکويو، ڇاڪاڻ تي هن جي اکين ۾ اها مرڪ چمڪي رهي هئي. جنهن جو مون کي گهڻن ڏينهن کان انتظار هئو. منهنجن ڪپڙن هن کي کلڻ تي مجبور ڪيو هئو. مون کي پوليس وارن واري نيري پتلون ۽ خانسامن واري صدري پهريل هئي. جنهن ساڳئي وقت قميص ۽ جئڪيٽ ٻنهي جو ڪم پئي ڏنو. ان جا بٽڻ هيٺان کان وٺي ڳچيءَ تائين بند لڳاپيا هئا. منهنجن پيرن ۾ شڪار جو بوٽ ۽ مٿي تي وڏي ڪناريءَ وارو ٽوپلو، جيڪو اٽليءَ جي ڊاڪن لاءِ موزون هئو، پهريل هئو.

        هُوءَ مون کي اندر ڪوٺيءَ ۾ وٺي ۽ ڪرسيءَ تي ويهاريندي پڇڻ لڳي، ”تو هيءَ کِل جهڙو لباس ڇو پهرو آهي؟“

        ”کِل جهڙو؟“

        ”ناراض نه ٿيءُ“، هن دوستاڻي لهجي ۾ چيو. ”ڀلا اهڙي عجيب ڇوڪريءَ تي ڪيو ناراض ٿي پئي سگهيو----؟----“

        هنڌ تي ويهي، ڏاڙهيءَ وارو شخص سگريٽن پٺيان سگريٽ ڇڪي رهيو هئو. هن ڏانهن نهاريندي مون پڇيو. ”تنهنجو پيءُ آهي يا ڀاءُ؟“

        ”مڙس“، لفظ تي زور ڏيندي مرد وراڻيو.

        ڇوڪريءَ ڏانهن نهاري، ٿورو ماٺ ٿي وڃڻ کان پوءِ، چيم، ”مهرباني ڪري معاف ڪج.“

        اسان جي گفتگو اهڙي ريت پُر معنيٰ انداز ۾ ٿورين گهڙين تائين هلي، پر مان انهيءَ تهه خاني ۾ جيڪر ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڏينهن جا ڏينهن ۽ سالن جا سال هن جي گول چهري ۽ دلڪش اکين ڏانهن نهاريندي گذاري ڇڏيان ها. هن جو هيٺيون چپ مٿئين چپ جي ڀيٽ ۾ البت ٿلهو هئو، ڄڻ سُڄيل پئي لڳو. هن جا لڙڪند گهاٽا ڀوري رنگ جا وار، ور وڪڙ کائي، اچي هن جي گلابي ڪنن تي پئي پيا، ڄڻ هن جي ٽڙندڙ ڳلن کي تصوير وانگر مڙيهي ڇڏيو هئائون. هن جا هٿ سهڻا هئا. در جي چؤڪاً کي ٽيڪ ڏيڻ وقت ٻانهن مٿي ڪري بيٺي هئي، تنهن ڪري مان هن جي ٻانهن کي ڪلهن تائين اگهاڙو ڏسي سگهيو هوس. هن کي عجيب سادو لباس پيل هو. سفيد ڪناريءَ سان گهگهرو ۽ ڪناري مڙيل سفيد پيشگير. سڀ کان زياده عجيب هن جون اکيون هيون، جي دوستاني قرب ۽ ڪشش سان پئي جرڪيون. مون کي انهيءَ ۾ سڪ ئي پيدا ٿي نه پئي سگهيو. هن جي مرڪ ويهن سالن جي عمر جي چوڪري جي مرڪ هئي. جنهن جي دل زندگيءَ جي سخت هٿن کان زخميل ۽ پيار جي پياسي هجي.

        ڪنهن وقت به مينهن وسڻ شروع ڪري“، هن جيمڙس، دونهون ڏاڙهيءَ جي وارن مان ڪڍندي چيو. مون دريءَ کان ٻاهر ڪڪرن کان صاف ستارن سان ڀريل آسمان ڏانهن نهاريو. مون سمجهيو ته منهنجو ويهڻ مڙس کي چڱو نه ٿو لڳي، تنهنڪري مان اتان هليو آيس. منهنجي دل ۾ اهڙي راحت سمايل هئي، جيڪا ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي ملڻ سان حاصل ٿيندي آهي، جنهن جو پتو نه هجي، پر جنهن جي گهڻي وقت کان وٺي تلاش هجي.

        مون سڄي رات انهن نيرن پُرڪشش اکين جي تصور ۾ ٻنين ۾ گهمندي گذاري ڇڏي. پرهه ويل مان پاڻ کا اهو يقين ڏياري سگهيس ته هن حور جو جور انهيءَ ڏاڙهيءَ واري ٻڍي رڇ سان، جنهن جون اکيون سڻيڀن ٽڪرن تي پاليل ٻليءَ وانگر ماٺيڻيون هيون، صحيح ناهي. مون کي هن تي ره۾ اچي ويو. ويچاري غريب! اهڙيءَ ماڻهو سان زندگي گهارڻي ٿي پويس، جنهن جي ڏاڙهيءَ ۾ مانيءَ جا ذرڙا ڦاسي ٿا پون!

        ٻئي ڏينهن اسين ٻيڙين تي سوار ٿي اوڪا جي گجندڙ پاڻيءَ وٽ پهتاسين. اُتي ڪنارن جا تهه مختلف رنگن جا جڙيل هئا. ڏينهن اهڙو عمدو هئو، جو دنيا جي پياد ٿيڻ کان وٺي مشڪل اهرو ٿيو هوندو. سج بي انتها چمڪيو پئي، آسمان به دعوت عيش جي ڪوٺ پئي ڏني. هوا پڍندڙ اسٽرابيريءَ کجي خوشبوءِ سان ڀريل هئي. سڀني ماڻهن ايئن پئي محسوس ڪيو ڄڻ سڀئي ڪامل انسان هئا، انهيءَ ڪري پاڻ مونکي هنن جي لاءِ خوشيءَ ڀريل احترام پيدا پئي ٿيو. ٻيا ته ڇڏيو پر منهنجي دل جي راڻيءَ جي مڙس به پاڻ کي شاندار ماڻهو ثابت ڪيو. هو انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار نه ٿيو، جنهن ۾ هن جي زال ويٺي هئي، ۽ مان ونجهه هلائي رهيو هوس. انهيءَ ڪري مون کي سڄو ڏينهن پنهنجي هوشياري ۽ قابليت ڏيکارڻ لاءِ ملي ويو. ٻيڙين تي سوار ٿيڻ کان اول هن جي مڙس اسان کي پوڙهي گلئڊستون جي نقلن ۽ نظير ن سان ڏاڍو وندرايو. اُنهيءَ کان پوءِ کير جو وڏو پيالو پي، هڪڙي ٻوٽي جي هيٺان کسڪي ويو. ۽ نئيڻ ڄاول ٻار ٻيڙين کان اول پڪنڪ واري هنڌ تي وڌائي پهتس. مان پنهنجي راڻيءَ کي پنهنجين ٻانهن تي پاڻيءَ مان ڪناري تي کڻي آيس. هوءَ عجب مان چوڻ لڳي ”تون ڪيڏو نه طاقت وارو آهين؟“

        انهيءَ تي مان پاڻ کي ايڏي سگهه وارو سمجهڻ لڳس، جو محلن جي وڏن کان وڏن ڪنگرن کي ڪيرائي سگهان. مون هن کي چيو ته مان هن کي پنهنجين ٻانهن ۾ هن هنڌ کان وٺي شهر تائين کڻي وًي سگهان ٿو،. اُهو مفاصلو اٽڪل پنج ميل کن هو. هوءَ مٺڙي نموني مرڪي، هن جي اکين مون کي شاباس ڏني، ۽ سڄو ڏينهن اهي منهنجي سامهون چمڪنديون رهيون. مون کي اهو يقين ٿي ويو ته انهن جي جوت فقط منهنجي لاءِ هئي.

        سمورو معاملو تڪڙو وڌندو رهيو. اها ڳالهه فطرتي هئي ته عورت دلچسپ مرد ۾ چاهه وٺي غ مرد جنهن کي عورت جي پيار جي بک هجي، اُها ان کي ملي وڃي. مون کي جلد ئي پتو پيو ته هوءَ جيتوڻيڪ ننڍي پئي لڳي، انهيءَ هوندي به مون کان ڏهه سال عمر ۾ وڏي هئي، ۽ سندس تعليم بيالي اسٽاڪ شهر جي ”امير ڇوڪرين“ جي اسڪول ۾ ٿي هئي. هن جو مڱڻو ”ونٽر پئليس“ جي ڪمانڊر سان ٿيو هو، دائپي جو ڪم سکي هئي، ۽ پئرس ۾ رهي آئي هئي. وڌيڪ اهو به پتو پيو ته هن جي ماءُ به دائپو ڪندي هئي، مون کي ڄڻائڻ ۾ به هن مدد ڪئي هئي. مون انهيءَ افاق کي نيڪ سنوڻ ڪري سمجهيو.

        هن پنهنجي ڪجهه زندگي لاڏائو ماڻهن سان گذاري هئي، جن مان هڪ سان ڪجهه وقت لاءِ سندس نينهن به هئو. پئرس، يانا ۽ پيٽرزبرگ جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺين ۽ تهه – خانن ۾ بکئي پيت خانه بدوش زندگي، هن اسڪولي ڇوڪريءَ کي پخته مزاج، عجيب ۽ دلڪش انسان بنائي ڇڏيو. پکين وانگر چستيءَ سان، هوءَ تيزنگاهه جيو – وانگر زندگيءَ ۽ ماڻهن جو مشاهدو ڪندي هئي. هوءَ فرانسيسي راڳ ڳائي سگهندي هئي، سهڻي انداز سان سگريٽ ڇڪيندي هئي. تمام سٺي مصوري به ڪندي هئي، ٿئيٽرن ۾ ٺاهوڪي ائڪٽنگ ڪندي هئي. پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندي هئي۽ پنهنجون ٽوپيون پاڻ ٺاهيندي هئي.

        ”مون چئن بيمار عورتن جي سنڀال ڪئي آهي.“ هو4 چوندي هئي. ”انهن مان ٽن کي آخري دم تائين مون سنڀاليو.“

        هن کي اڻ سڌيءَ ط رح ماڻهن جي آبادي وڌائڻ جي ڪم لاءِ نفرت پيدا ٿيل هئي. هنکي هڪڙي سهڻي چئن سالن جي ڌيءُ هئي، جنهن سان دل هيس.

        هوءَ پاڻ باب اهڙي انداز سان گفتگو ڪندي هئي، ڻڻ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪندي هجي، جنهن سان تنگ هجڻ جي حد تائين بي تڪلفي هجيس، پر ڪڏهن هوءَ پنهنجو ذڪر وڏيءَ حيرت سان به ڪندي هئي. انهيءَ وقت هن جي اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي ويندي هئي، ۽ هن جي اکين مان ٻارن جي لڄ ڀريل مرڪ ليئا پائڻ لڳندي هئي.

        هن جي دل جي پختگيءَ ۽ خود اعتماديءَ کي ڏسي، مون کي هو يقين ٿي ويو، ته هوءَ مونکا وڌيڪ تهذيب جي مالڪ هئي. مونکي هن جي معاملي، فهميءَ جي ڄاڻ ٿي هئي، پر ٻين ماڻهن سان البت زياده ئي نوڙت سان پيش ايندي هئي. جي هن گفتگوءَ ۾ ڀريل بي خوفي مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. مان سمجهندو هوس، ”هن کي اهو سڀ ڪجهه معلوم آهي جي منهنجا انقلابي دوست ڄاڻن ٿا، نه قط ايترو، پر ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه پي. هن جو ٻين کان الڳ رهڻ جو نمونو ايئن هو، ڄڻ ڪو وڏيءَ عمر وارو ماڻهو ٻارن جون رانديون ڏسي، مرڪندو هجي.“

        هنن جو بُهرو ٻن ڪمرن ۾ ورهايل هو، ننڍڙو رڌڻو جيڪو جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جو ڪم به ڏيندو هئو ۽ ٻيو وڏو ڪمرو، جنهن جون ٽي دريون گهٽيءَ ڏانهن ۽ ٻه دريون لڏ سان ڀرين پڌرو ڏانهن هيون. اهو  هنڌ ڪنهن جوتن ٺاهيندر لاءِ ته فرحت بخش ٿي سگهو ٿي، پر ههڙي سُشيل ڇوڪريءَ لاءِ، جا پئرس، انقلاب جي مقدس مرڪس، موليئر، بيومارڪيس، هيوگو ۽ ٻين وڏين شخصيتن جي شهر ۾ رهي هئي، ناموزون هو، ان صورتحال ۽ ان جي ماحول جي چؤپاسين جون ٻيون به ڪيتريون اڻ وڻندر ڳالهيون هيون. انهن جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيندو هئو. ٻين الڪن سان گڏ مون کي هن عورت تي رحم به ايندو هئو. هن کي البته اهي ڳالهيون ڏکيون نه لڳنديون هيون، جيڪي مان محسوس ڪندو هوس ته اهي هن جي شان وٽان نه هيون.

        هوءَ سج اُڀري کان وٺي شام تائين ڪم ڪندي رهندي هئي، پهرين گهر جو ڪم ڪندي هئي، جڏهن اتان فارغ ٿيندي هئي ته مڙس کي، جيڪو مقامي انتظامي ڪاميٽي، جنهن جو ڪم ماڻهن جي امداد جو انتظام ڪرڻ ۽ ٻيا محدود ڪم ڪرڻ هئو، (اليگزينڊر II جي سڌارن مان اهو به هڪ هو). زيمستو[*]  ۾ حساب ڪتاب جي چڪاس جو ڪم ڪندو هئو، مدد ڪندي هئي. هوءَ دريءَ جي هيٺان ميز تي ويهي مشهور مڪاني ماڻهن جي مهانڊن جي ڊرائنگ ڪڍندي هئي، نقشا نقل ڪندي ۽ چارٽ تيار ڪندي هئي ۽ ٻيو به اهڙو ڪم ڪندي هئي. رستي جي مٽي دريءَ مان اڏامي اچي هن جي وارن ۾ پوندي هئي. رستي لنگهندڙ واٽهڙن جا پاڇا هن جي پنن تي اچي پوندا هئا، پر ڪم ڪرڻ ويل هو4 ڳائڻ لڳندي هئي، جڏهن ڪم ڪري ٿڪبي هئي، ته ٽپ اُٿي نچڻ لڳندي هئي يا پنهنجي ٻار سان کيڏڻ لڳندي هئي. جيتوڻيڪ هوءَ ڪيترو ئي گهر جي صفائيءَ وغيره جو ڪم ڪندي هئي، ان هوندي به پاڻ ٻليءَ وانگر صاف ۽ سڙي رهندي هئي.

        هن جو آرام پسند مڙس سڄو ڏينهن کت تي پيو هوندو هئو ۽ ٻاهرين ملڪن جا ناول پيو پڙهندو هئو خاص طرح وڏي ڊوماس جا. ”هيئن ڪندي دماغ جا پڙدا صاف ٿا ٿين،“ هو چوندو هئو. هن کي زندگيءَ جي بلڪل سائنسي نقطي کان مشاهدي ڪرڻ مان راحت ايندي هئي. ماني کائڻ کي  هو خوراڪ جي حصيداري ڪري ڪٺيندو هئو. کاڌي کائڻ کان پوءِ چوندو هئو، ”اسان جي پيٽ ۾ پهتل رسد کي جسم جي ٻين عضون ڏانهن منتقل ٿيڻ جي اها تقاضا آهي ته هاڻي آرام ڪجي.“ پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڦاٿل ذرڙن کي صاف ڪرڻ بغير هو بستري تي ليٽي پوندو هئو ۽ ڊوماس ۽ زيويئر جي پرهڻ ۾ گم ٿي ويندو هئو. پوءِ ٻن ٽن ڪلاڪن تائين نڪ مان آواز ڪڍي ڪي ڌنون ڪڍڻ لڳندو هئو. ايئن ڪرڻ ويل هن جون مڇون ايئن ڦڙڪڻ لڳينديون هيون، ڄڻ ڪا دفن ٿيال شيءِ ٻاهر نڪري اچڻ جي ڪوشش ڪندي هجي، ننڊ مان جاڳڻ تي ڇت جي ڏارين ڏانهن گهوري نهارڻ لڳندو هئو، پوءَ ڪا ڳالهه ياد اچڻ تي چوندو هئو، ”ساڳي ڳالهه، ’پار نيل‘ جي خيال کي ’ڪزما‘ غلط نموني سمجهي ٿو.“ پوءِ ڪزما سان بحث ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويندو ۽ زال کي پئي ويندو هئو، “مهرباني ڪري ’ميلان‘ ضلعي جي ڳوٺاڻن جو حساب ڪتاب، جن وٽ گهوڙا ڪين آهن، ٺيڪ ڪري ڇڏيانءِ. مان جلدي ٿوي موٽي اچان.“

        اڌ رات يا ان کان به دير سان، هو خوشيءَ ۾ تَرِ گهر واپس ورندو هئو. ”پتو ٿي، اڄ مون ڪزما کي مات ڪري ڇڏيو. ڪمبخت کي ڪيترا مثال، حوالا ياد آهن پر هن جي دال نه ٿي ڳري. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته هن کي لگئڊسٽون جي مشرقي نيتيءَ جي سمجهه ئي ڪانهي.“

        هو گفتگوءَ ۾ ”بنيٽ“ ۽ ”رچيٽ“ جا دماغي صحبت بابت حوالا ڏيندو هئو، جڏهن موسم خراب هوندي هئي ته پنهنجي زال جي ڌيءَ کي، جا اتفاق سان ٻن عشقي ڪهاڻين مان پيدا ٿي هئي، پرهائڻ لڳندو هئو.

        ”هيلن کاڌي کي گهڻو چٻاڙيندي ڪر. انهي ڪري هاضمو تيز ٿو ٿئي ڇو ته پيٽ ۾ هاضمي جي رس ذريعي کاڌي کي ڪيميائي جزن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ سولائي ٿي ٿئي.

        رات جو کاڌو کائي مڪمل آرام وٺڻ کان پوءِ، ڇوڪريءَ کي قسم قسم جون ڳالهيون ٻڌائي ننڊ ڪرائيندو هئو. ”جڏهن خونخوار ۽ بکيو نئپولين.“ گهوڙي تا لهي، تنبوءَ ۾ ايندو هئو ته پهريون ڪم هي ڪندو هو ته سڪي ميوي جي ٿالهه آڏر رکي، اهو ويٺو ڍڳي وانگر چرندو ۽ کائيندو هئو...“

ڪڳالهين تي مٺيان نه لڳندي هئي ۽ جلد ئي ڇوڪريءَ بجاءِ کيس ننڊ وٺي ويندي هئي. ننڍڙي ڇوڪري به پيءُ جي ريشم جهڙي ڏاڙهيءَ سان جهٽ سوا راند کيڏي، ننڊاکڙي ٿي، جنگهون ڪرونڊڙيون ڪري، بال وانگر ويڙهجي سمهي پوندي هئي.

        منهنجي انهيءَ ڇوڪريءَ سان گهرائپ ٿي ويئي. ڇوڪريءَ کي منهنجي خونخوار نئپولين جهڙين ڪهاڻين کان مزو ايندو هئو، ۽ رات مهل سندس پيءُ کي مون سان حسد ٿيندو هئو. هُو ڦِري مون کي چوندو هئو، ”پيشڪوف، مون کي اعتراض آهي، تُنهنهجين ڳالهين تي، ٻارن کي انساني لاڳاپن جون سچيون ڳالهيون ٻڌائڻ کپن. جيڪڏهن توکي انگريزي ايندي هجي ها ۽ تون ۽ ٻارن جي دل کان واقف هجين ها....“

        هن کي انگريزيءَ تي عبوريا غلبو اِهو هئو جو کيس انگريزيءَ جا ٺيڪ طرح رڳو ”گڊ مارننگ“ ۽ ”گُڊ باءِ“ جا لفظ ايندا هئا. جيتوڻيڪ سندس عمر مون کان ٻيڻي هئي، تڏهن به گلرن وانگر گهڻي رکي پُڇ لوڏ ۽ اجائي پٽ شٽ ۽ انگريزيءَ ۾ زور صرف ”يس يس“ ۽ ”نو نو“ تي هوندي هوس، پر ڏيک اهرو ڏيندو هئو ڄڻ کيس نه فقط روس جي بلڪ روس کان ٻاهر انقلابي مرڪزن جي ڄاڻ هئي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي انهن جو واقعي پتو هجي. ڪيترا پُراسار ماڻهو هن سان ملڻ ايندا هئا، جن جي روش انهن الميه اداڪارن جهڙي هوندي هئي، جن کي اناڙين ۽ مسخرن جا پارٽ ادا ڪرڻا پيا هجن. هن جي گهر ۾ منهنجي ملاقات سابونايوف نالي هڪ انقلابيءَ سان ٿي، جنهن جي مٿي تي بي ڊولي سرخ رنگ جي وِگِ ۽ چک جو لنڊو سوٽ پهريل هئو، جيڪو هُن جي بت ۾ سورهو پاتل هئو.

        هڪڙي ڏينهن بوليسلاف جي جاءِ تي مون هڪرو ننڍي مٿيِِ وارو بندرو پُرڪشش ماڻهو ڏٺو، جيڪو حجمن وانگر پئي لڳو. مون کي چک جو سُوٽ، ڀورو واسڪوٽ ۽ چِيڪٽ ڪندڙ بوٽ پاتل هئو. مون کي بوريچيخاني ڏي ڇڪي بوليسلاف هوريان چوڻ لڳو، ”هو، تازو پئيرس مان آيو آهي، ڪارولينڪو کي ڪو پيغام ڏيڻو اٿس. مهرباني ڪري سندس ملاقات جو بندوبست ڪر.“

        مون هِن معاملي جو بندوبست ڪرڻ جو ذمو پاڻ تي کنيو، پر ڪنهن اول ئي اُنهيءَ نئين آيل ماڻهوءَ جو ذڪر ڪارولينڪو سان ڪيو هئو، جنهن کي ڪاروِلينڪو بلڪل عقلمنديءَ سان وراڻيو هو، ”نه، مان انهيءَ ٽرڙي سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪرڻ گهران.“ بوليسلاف کا پنهنجي پئرس واري دوست ۽ انقلاب خاطر ان جواب تي ڏک ٿيو. هو ٻه ڏينهن سانده ڪارِوِلينڪو ڏانهن خط لکڻ ۾ رڌل رهيو، جنهن ۾ هن ڪاوڙ کان وٺي، قرب ڀريءَ عرض معروض وارا سڀ طريقا استعمال  ڪيا، ۽ آخر اُهي سڀ پنا باهه جي نذر ڪري ڇڏيائين. اُنهي کان پوءِ جلد ئي ماسڪو، لادمير نزني ۽ ٻين مرڪزن ۾ گرفتارين جي ڌم لڳي وئي. اُهو چک جي سُٽ وارو ماڻهو لانڊيسن هارڊنگ نڪتو. هو پهريون خطرناڪ جاسوس هو، جنهن سان منهنجي ملاقات ٿي هئي.

        منهنجي پهرينءَ مڄبوبا جو مڙس سٺو ماڻهو هئو، هو ڪافي جذباتي هئو، خاص طرح سائنس جي مسئلي ۾، جنهن سان پاڻ کي کل جهڙي نموني ڳنڍي ڇڏيو هئائين. هن جو هڪرو قول هئو، ”انهيءَ ماڻهو جي زندگيءَ جو مقصد جيڪو دانشور طبقي مان آهي، اهو هئڻ گهرجي ته سائنسجون شيون ڪٺيون ڪري، ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏي.“

        جيئن منهنجو عشق پختو ٿيندو ويو، تيئن اهو عذاب نڻبو ويو. مان هنن جي بُهري ۾ ويهي، پنهنجي راڻيءَ کي ميز تي جُهڪي ڪم ڪندو ڏسندو رهندو هوس. دل ۾ اِهي خيال ويٺو پچائيندو هوس، ته هن کي پنهنجين ٻانهن تي کڻي، اُن بُهري مان نڪري وڃان. جنهن ۾ ٻِتو پلنگ، دقيانوسي قسم جو ڳورو ڪوچ، جنهن تي ڇوڪري سمهندي هئي، ۽ ڪتابن ۽ ڪاغذن سان ڀرين ميزون پيون هونديون هيون ۽ سڄو بُهرو سامان سان سٿيو پيو هوندو هئو. ٻاهران دريءَ وٽان واٽهڙن جا پير کڙ کڙ ڪندا تڪڙا وڌندا ويندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن رولو ڪتن جون منڊيون اندر ليئا پائڻ لڳنديون هيون. ڪمري جي هوا گندي، ٻاهر سج جي گرميءَ تي سُڪندڙ گپ جي بوءِ ۽ هوا جي جهوٽن سان گڏ اندر هلي ايندي هئي. هوءَ ڇوڪرين جهڙي سنئين ۽ سهڻيءَ صورت سان چپن ۾ ڪجهه راڳ به ڳائيندي هئي ۽ ڪاغذ تي پني يا پينسل سان ويٺي خاڪا به نقل ڪندي هئي. هن جي اُڀ جهڙين نيرين اکين ۾ منهنجي لاءِ پيار ڀري مرڪ پيئي جرڪندي هئي.

        منهنجو اُن عورت سان عشق چريائپ جي حد تي پهتل هو ۽ مون کي هن تي جيڪو ترس ايندو هئو، ان ۾ گناهه ڀري ڪا خواهش به لڪل ڪانه هوندي هئي. هوءَ چوندي هئي، ”پاڻ بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌاءِ.“

        مان پنهنجا حال هن کي ٻڌائڻ شروع ڪندو هوس، ٻن ٽين منٽن کان پوءِ مون کي بس ڪرائي، چوندي هئي، ”اهو تنهنجو حال مون کي نه ٿو وڻي.“

        مان ان وقت محسوس ڪرڻ لڳندو هوس، ته برابر، مان پنهنجي نه پر ان ڄار جو بيان ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ مان ڦاٿل هوس، ۽ هوءَ ڦاٿل هئي، پوءِ مان ڪوشش ڪندو هوس ته اُنهن واقعن ۾ تاثرات جي گهمسان ۾، جتان مان لنگهي آيو هوس، پنهنجو ذڪر ڳوليان پر مون کي مايوس ۽ نامراد ٿيڻو پوندو هئو. اهو پتو ئي نه پوندو ته ڳالهه جو منڍ ڪيئين ڪريان ته مان ڪير آهيان؟ مان ڇا آهيان؟ اهي سڀ سوال مون کي تنگ ڪندا هئا. مون کي زندگيءَ تي اڳتي ئي خار هوندي هئي، جو مون کي خودڪشيءَ جي شرمساريءَ جهڙي ڪوشش ڪرائي هئائين. مان پنهنجي آس پاس وارن ماڻهن کي سمجهي نه سگهندو هوس، انهن جون حياتيون مون کي ڏنگيون، نهايت غليظ ۽ پسيون لڳنديون هيون. مون کي چهنڊڙيون پائيندر هرکر سدائين ستائيندي رهندي هئي. اها اُنهيءَ ماڻهوءَ جي هرکر وانگر هوندي هئي، جيڪو وجود جي هر تاريڪ گوشي ۽ زندگيءَ جي اسرارن جي گهرائيءَ ۾ جهاتي پائي، نهارڻ گهرنود هجي. ڪڏهن ڪڏهن مان صرف انهيءَ ڪري ڏوهه ڪرڻ گهرندو هوس ته منهنجي بي آرامي بند ٿئي، منهنجي دل جو دک لهي. ڪن ڪن گهڙين ۾ مان خون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هوس ۽ اها سوچ ئي نه رهندي هئي، ته ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟

        مون کي اها ڳالهه هيئن لڳندي هئي، ته جي مان پاڻ کي ڌڪا جهرو ماڻهو ثابت ڪيو ۽ ايئن عجيب جذبن ۽ خيالن ۾ گم رهيس، ته مان پنهنجي دل جي راڻيءَ جي اکين ۾ وِپلندر ۽ سودائي ڏسڻ ۾ ايندس ۽ هوءَ ڊڄي، مون کي ڌڪارڻ لڳندي. منهنجي لاءِ اهو ضروري هئو، ته مون ۾ تبديلي اچي. مان ڪو ٻيو ٿي پوان، يقين هئو نه صرف هو4 ئي مون کي آپي ۾ آڻي سگهي ٿي. نه فقط ايترو بلڪ هوءَ اهرو جادو ڪري سگهي ٿي. جو مون کي يڪدم پنهنجن وهمن ۽ خيالن جي اونداهي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيندو ۽ هيمشه جي لاءِ، منهنجي اندر جو مونجهارو ٻاهر نڪري اينديو ۽ منهنجي اندر ۾ خوشين جي جوت جلڻ لڳندي.

        هوءَ وري پاڻ بابت جنهن بي خياليءَ سان ۽ ٻين بابت جنهن احترام سان ڳالهائيندي هئي، اُنهي مون کي پڪو يقين ٿي ڏياريو، ته هوءَ ايتري قدر سمجهه واري هئي، جو ٻيا ماڻهو اُنهيءَ حد تي مشڪل سان پهچي ٿا سگهن، هن وٽ زندگيءَ جون ڳجهارتُن سلڻ جو ڏس هئو ۽ اُهوئي هن جي هر وقت خوش رهڻ ۽ خود اعتماديءَ جو راز هو. هن کي سندس انهن ڳالهين ڪري جي مان سمجهي نه سگهندو هوس، بي انتها پيار ڪندو هوس. منهنجومن هن جيا پيار سان اهرو تار ڀريل هئو جو اُن ۽ ٻيءَ ڪنهن خبر جي ڦڙيءَ جي جاءِ ئي ڪانه هئي. پنهنجي انهن جذبن جو دٻائڻ مون کي عزاب ڏيندو هئو.

        انهيءَ ريت مان جسماني طور ڪمزور ٿيندو ويس ۽ منهنجي سڄي صحت ۽ طاقت لُڙهندي رهي. منهنجي طبعيت به جانورن جهڙي هجي ها ته جيڪر اُها ڳالهه منهنجي لاءِ وڌيڪ سولي ٿي پوي ها، پر منهنجو اهو عقيدو هئو ته مرد جا عورت سان تعلقات جسماني ناتي کان، جنهن سان منهنجي آسنائي بلڪل ڪريل ۽ گندي نموني اڳ به هڪ ڀيرو ٿيل هئي. مٿي هئڻ گهرجن. جيتوڻيڪ مان بدن ۾ سگهارو ۽ جذباتي جوان هئس ۽ منهنجي تصور ۾ جلد جوس پيدا ٿي پئي ويو، تڏهن به مون ۾ اُهو جنسياتي قدم ڌڪار پيدا ڪندو هئو.

        مان چئي نه ٿو سگهان ته ڪيئن منهنجو هي رومانوي خواب وجود ۾ آيو هئو ۽ منهنجي دماغ ۾ گهر ڪيو هئائين. پر اِهو منهنجو اعتقاد هئو، ته جيڪا ڪجهه مون کي ڄاڻ هئي، اُنهيءَ کان سواءِ ٻي به ڪا ڳالهه هئي، جنهن جو مون کي علم نه هئو، ۽ اُنهيءَ ۾ ئي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ميلاپ جي پراسرار معنيٰ سمايل هئي. مان سمجهندو هوس ته پهرئين ڀاڪر ۾ ئي شاندار خوشي ۽ سورور ڀريل ڳالهه سمايل هئي، جنهن جي اثر سان ماڻهوءَ جي سڄي حال ۾ ئي ڦيرو اچي ٿو وڃي. اِهي خيال مان سمجهان ٿو ته مون کي ناول پڙهڻ مان ڪين حاصل ٿيا هئا، پر اُهي حقيقتن جي ضد واري جذبي هيٺ پيدا ٿيا هئا. مون کي مڃڻو ٿي پيو ته ”مان دنيا ۾ اِنهي لاءِ نه آيو آهين ته سڀ ڪا ڳالهه پڌري – پت قبول ڪرڻ جهڙي هجي.“

        انهيءَ کان سواءِ منهنجي دل ۾ هڪ عجيب جذبو هئو، جو مون لاءِ اڻ چٽيءَ ياد وانگر هو. ڄڻ حقيقت جي حدن کان گهڻو پري، پنهنجي ٻال اوستان جي ڏينهن ۾ منهنجي روح خوشيءَ جو چشڪو ڏٺو هئو. اُنهيءَ وقت مون کي اڀرندڙ سج جي پهرين ڪرڻن ڏسڻ کان وڌيڪ ڪا خوشي ٿي هئي. شايد اُها ان وقت جي ڳالهه اهي، جڏهن مان پنهنجي امر جي ڇاتيءَ سان چُهٽيو پيو هوس ۽ اُهو شايد هن جي خوشيءَ جو اثر هو، جنهن منهنجي روح ۾ مسرت ۽ زندگيءَ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ مسرت، جيڪا مون کي پنهنجي ماءُ جي معرفت حاصل ٿي هئي، تنهن منهنجي دل ۾ اها اميد پيدا ڪئي هئي ته مون کي ڪا بي انتها حسن واري شيءِ. عورت جي معرفت حاصل ٿيندي.

        جڏهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڳالهه جو علم نه هوندو آهي ته هون ان بابت تصور ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ماڻهوءَ کي عورت جي محبت ۽ هُن جي حسن جي پرستش مان ئي اِهو مڪمل احساس حاصل ٿئي ٿو ته دنيا ۾ جيڪا به سونهن آهي، سا مرد جي عورت سان محبت جي ڪري پيدا ٿي ٿئي.

        هڪڙي ڏينهن مان ترڻ لاءِ ويو هوس. ٻيڙيءَ جي پاڇيل تان بيهي هيٺ گُهت هني، منهنجي ڇاتي ٻيڙيءَ جي پاسي سان وڃي لڳي ۽ منهنجي ڄنگهه روسيءَ ۾ اچي ڦاٿي. جنهڪري منهنجو مٿو هيٺ لرڪي پيو ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائڻ لڳس. هڪڙي گاڏيءَ واري اچي مون کي ڪڍيو. هنن منهنجي بت کي مهٽي کَل ئي لاهي ڇڏي ۽ لوڏي لوڏي مون ۾ جان پيدا ڪري وي. مون کي انهيءَ ڪري نڙيءَ جي خرابي پيدا  ٿي پئي ۽ بستري داخل ٿي برف ڳهڻي پئي.

        منهنجي دل جي راڻي منهنجي خيريت پڇڻ آئي ۽ منهنجي ڀرسان ويهي سڄو واقعو پڇڻ لڳي. هوءَ منهنجي مٿي کي پنهنجي نرم ۽ پياري هٿ سان زور ڏيڻ لڳي ۽ هن جون ڪاراڻ مائل اکيون ڏک ۾ ڀرجي ڳارهيون ٿي وين. مون پڇيومانس ته ڇا هن اهو ڄاتو ٿي ته مون هن کي پيار ٿي ڪيو؟

        ”ها،“ هن ڪري هٻڪندي چيو: ”مون سمنجهڻ نه ٿي چاهيو، پر مون اهو ڄاتو ٿي ته مان به توکي پيار ڪرڻ لڳي آهيان.“

        اهي لفظ ٻڌي، ڌرتي جنبش ۾ اچي ويئي ۽ باغ ۾ بيٺل وڻ چرين وانگر نچڻ لڳا، خوشيءَ وچان منهنجو وات گونگو ٿي ويو، ۽ پنهنجو منهن کڻي هن جي جهوليءَ ۾ لڪايم. جيڪڏهن هن کي ڀاڪر پائي سگهو نه جهليو هجيم ها، ته جيڪر صابڻ جي ڳجيءَ وانگر هوا ۾ دريءَ کان ٻاهر هليو وڃا ها.

        ”چُرپُر نه، تنهنجي لاءِ چڱو نه اهي،“ منهنجي مٿي کي وهاڻي تي واپس رکندي، مون کي ڇيڀيندي چوڻ لڳي، “ڦٿڪڻ بند ڪر نه ته مان هلي وينديس.“ تون ته صفا چريو آهين. مون کي پتو ئي ڪونه هئو ته هيئن به ڪي ماڻهو آهن. جڏهن تون خوش ٿيندين ته پوءِ سڀني ڳالهين بابت ڳالهائينداسين.“

        ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان هڪڙي نالي جي ڪناري ڇٻر تي ويٺو هوس. هوا ٻوٽن مان شور سان لنگهي رهي هئي. اسمان ڀرجي آيو هئو ۽ برسات وسڻ واري ئي هئي. اتي ان عورت سان مون بلڪل سڌن ۽ صاف لفظن ۾ اسان جي عمرين جي تفاوت، منهنجي مطالعي جي اهميت ۽ بي وقتي زال ۽ ٻار جي بار کڻڻ بات ڳالهايو. اهي مايوس ڪندر لفظ هن ماءُ جهڙي لهجي ۾ ادا ڪيا هئا. جن پاڻ ان مٺڙيءُ عورت لاءِ منهنجي دل ۾ وڌيڪ عزت ۽ پيار پيدا ڪري ڇڏيو. مان اُن وقت بيان ڪرڻ کان ٻاهر رنج ۽ راحت ٻئي محسوس ڪري رهيو هوس. اهو پهريون ڀيرو هئو. جو اهڙا لفظ مون کي چيا ويا هئا.

        نالي ۾ هيٺ، جتي ساون ٻوڙن کي هوا ايئن لوڏي رهي هئي، ڄڻ وهندر سائي ندي هئي، مان انهن کي ڏسي رهيو هوس ۽ دل ۾ هن جي قرب جي ٿوري لاهڻ جا اقرار پئي ڪيم. ”انهيءَ کان اول، جو ڪنهن فيصلي تي پهچون. اسان کي سڀني ڳالهين تي چڱيءَ ريت ويچار ڪرڻ گهرجي.“ هن جي مٺڙي
آواز چيو. هو4 پنهنجي مُرن تي ٽاريءَ سان ٺڪ ٺڪ ڪري رهي هئي ۽ سبز ٽڪرين ۾ تعمير ٿيل شهر ڏانهن نهاري رهي هئي، ”۽ مون کي هن حقيقت بابت باليسلاف سان به ڳالهاڻو پوندو. هو محسوس ڪري ٿو ته مڙيوئي ڪا ڳالهه آهي. مان جهيڙن کي ڌڪاريندي آهيان.“

        هر ڳالهه اداس ۽ وڻندڙ هئي، تنهن ڪري ڪا کل جهڙي ڳالهه ضرور ٿيڻي هئي. منهنجي پتلون چيلهه وت تمام ڪشادي هئي جنهن کي هيٺ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ٽن انچن جي سُئي هڻي ڇڏي هيم. ان سُئيءَ جي تکي چهنب مون کي گهڙيءَ گهڙيءَ چپي رهي هئي. اوچتو اُها منهنجي هڪڙي پاسي ۾ گهڙي ويئي. مون ان کا ماٺ ماٺ ۾ ٻاهر ڪڍي ورتو، پر ڏسي حيرت ٿيم ته رت منهنجي سوت مان ٻاهر نڪري رهيو هئو. مون کي اندران ڪڇو يا گنجي وعيرع ڪجهه نه نه هئو ۽ منهنجو خانسامن جهڙي جئڪيٽ چيلهه کان هيٺ پهتي ئي نه پئي.

        ”مان ڪهڙيءَ ريت، رت ٻڏل ڪپڙن سان، جي منهنجي جسم کي چهٽيا پيا هئا، اٿي هن سان ويندس؟“ مان انهيءَ هرکر ۾ مٺجي ويس.

        ڊرامو، منهنجي بي انتها سنجيده حالت جي ابتر مزاحيه صورت اختيار ڪري چڪو هئو. مان انهيءَ ائڪٽر وانگر، جنهن کان پنهنجو ڪردار ڀلجي ويو هجي. مصنوعي جوس ڀريل تقرير ڪرڻ لڳس. هوءَ  پهريان خيال سان ٻڌل رهي هئي، پوءِ وائڙي ٿي ويئي ۽ آخرڪار اچي کل ۾ ڇٽڪي ”ڏاڍي شاندار تقرير! پرحاڻي لڪ ڇڏي ڏي.“

        اهو آخري ڌڪ هئو. مان پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيو ۽ ايئن محسوس ڪرڻ لڳس، ڄڻ منهنجا جذبا منهنجو دم گهٽي رهيا هئا.

        ”واپس هلڻ جو وقت اچي ٿيو آهي، ڄاڻ برسات آئي ڪي آئي.“

        ”مان هتي ترسندس“ مون جواب ڏنس.

        ”ڇو؟“

        مان ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيس.

        ”مون سان ڪاوريو آهين؟“ هن پاٻوهه مان پڇيو.

        ”نه، پاڻ سان.“

        ”انهيءَ جو به ته ڪو سبب ڪوني.“ ايئن چئي هوءَ اٿي کڙي ٿي. مان اتي گرم رت جي دٻي ۾ لاڌار ويٺو ورهيس. مون کي ايئن ٿي لڳو ته رت جيڪو منهنجي پاسي مان وهي رهيو هئو. سو پاڻيءَ جي لار جيئن چري رهيو هئو. سمجهيم پئي ته هوءَ ڄاڻ ٿي ان جي وهڻ جو شور ٻڌي ۽ مون کان پڇي، ”اهو ڇاهي؟“

        مان دل ۾ دعائون گهر ي رهيو هوس ته هوءَ هلي وڃي. هن ٿورا پيار ڀريا لفظ ٻيا به ٻوليا ۽ پوءِ هلي ويئي. هوءَ نالي جو ڪنارو ڏئي، پنهنجي سهڻيءَ چال سان ٻني وچان وکون ڀريندي هلي ويئي. جڏهن هوءَ اکين کان غائب ٿي ويئي ۽ هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪافي مفاصلو پئجي ويو، تڏهن منهنجو مَنُ مون کي چوڻ لڳو ته منهنجو پهريون عشق ڏک ڀريو ٿيندو.

        ٿيو به ايئن. هن جو مڙس بيڪسيءَ جي ڳورهن جو درياهه وهائڻ ۽ هن کي ميريون ۽ منٿون ڪرڻ لڳو. هن کي به ايتري همٿ ڪانه هئي، جو هن جي ڳوڙهن جي پاڻيءَ جو ٻوڏ پار ڪري مون وت هلي اچي. اکين ۾ ڳوڙها آڻي چوڻ لڳي، ”تون ڏاڍو طاقتور ۽ هو ڏاڍو لاچار آهي. ”جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي ويندينءَ.“ هو چوي ٿو، ته منهنجو موت ان گل وانگر ٿيندو، جيڪو سج جي روشنيءَ کان محروم ٿي ويو هجي.“

        منهنجين اکين اڳيان اُنهي گل جي ننڍڙن ڏانڊين ۽ عورت جهڙيءَ ڪمر ۾ پتڪڙي پيٽ جي بيهڪ واري تصوير اچي ويئي ۽ مان پنهنجي کل روڪي نه سگهيس. مکين تي هن جي ڏاڙهيءَ ۾ هميشه کاڌي جا ذرڙا ملي ويندا هئا. هوءَ پڻ مرڪڻ لڳي. ”مان سمجهان ٿي ته منهنجي ڳالهه کِل جهڙي ٿي لڳي، پر هو دکي آهي.“

        ”سو ته مان ڀي آهيان.“

        ”پر تون جوان ۽ طاقتور آهين.“

        مان سمجهان ٿو اُنهيءَ وقت کان وٺي مون ڪمزور فطرت وارن کي ڌڪارڻ شروع ڪيو آهي. اُنهيءَ کان پوءِ مون ڪيترا ڀيرا انهيءَ ڳالهه جو مشاهدو ڪيو آهي ته ڪمزور ۽ طاقتور جي رشتي ۾ طاقتور ڪيترو نه مجبور آهي. ڪيتريون نه دل ۽ دماغ جون قيمتي قوتون انهن بيڪار وجودن جي مدد ڪندي. جن جي قسمت ۾ فنا لکجي چڪي هوندي، ختم ٿي ويون اهن.

        اُنهي کان پوءِ جلد ئي مان ذري گهت چرين جي حالت ۾، شهر ڇڏي روس جي رستن تي بنا ڪنهن مقصد جي رلندو رهيس. مان پاولوزهي، ڊان، يوڪرين، ڪريميا ۽ ڪاڪيشس ۾ ڦرندو رهيس. مختلف قسمن جي سوَن آزمودن مون کي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو. اُنهيءَ هوندي به منهنجي دل ۾ منهنجي دل جي رانيءَ جي تصوير کي ڪو داغ نه پهتو، جيتوڻيڪ منهنجي ملاقات ڪيترين اهڙين عورتن سان ٿي، جي هن کان عقل ۽ سونهن ۾ سرس هيون.

        طفلس ۾، ٻن سالن جي عرصي گذرڻ بعد، مون کي پتو پيو ته هوءَ تازو پئرس کان موٽي آئي آهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هئائين، جو مان انهيءَ شهر ۾ هوس. مان، ٽيويهن وريهن جو سگهارو جوان، حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو بيهوش ٿي ڪري پيس. منهنجن ڪن دوستن پيغام آندو ته هن مون سان ملڻ ٿي گهريو، ڇاڪاڻ ته مان هن وٽ وڃي نه سگهيو هوس.

        هوءَ جهڙي طرح مون کي ياد هئي، ان کان به وڌيڪ سهڻي ۽ وڻندر ڏسڻ ۾ آئي. هن جي شڪل ساڳي ڇوڪرين جهڙي، هن جا ڳل ساڳيا گلن جهڙا نازڪ، هن جون نيريون اکيون ساڳي طرح چمڪندر هيون. هن جي ڌيءَ ننڍڙي ڇيلڙيءَ وانگر وڻندڙ ۽ ڦڙت هن سان گڏ هئي ۽ هن جو مڙس پٺتي فرانس ۾ رهيل هئو.

        جنهن ڏينهن مان هن سان ملڻ ويس، انهيءَ ڏينهن گجگور سان ڏاڍو طوفان شروع ٿي ويو، مينهن اوهيرا ڪري لهي پيو. سينٽ ڊيوڊ جي تڪريءَ تان ميهن جو پاني نديءَ جي صورت ۾ اهڙي زور سان گهٽيءَ ۾ اچڻ لڳو، جو رستي جا پٿر ئي پٽجي ويا. هوا جا زوزٽ، پاڻيءَ جا گرڙاٽ، ۽ ڀر ۾ ڪرندر ۽ ڀڄندر شين جاءِ کي ڏوڏي ٿي ڇڏيو، دريون کڙ کڙ ڪري رهيون هيون. وڄ جي نيري روشني ڪمري ۾ پکڙجي پئي وئي ۽ ڪمري جي هر شيءِ نيراڻ جي سمنڊ ۾ ٽٻيون کائيندي پئي ڏسڻ ۾ آئي. ڇوڪريءَ خوف وچان پنهنجو منهن وهاڻي ۾ لڪائي ڇڏيو هئو. اسين دريءَ جي ڀرسان پيٺاهئاسين. آسمان جي چمڪاٽن اسان جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو هئو. ڪن اڻ جاتل سببن ڪري اسان بلڪل هوريان هوريان پئي ڳالهايو.

        ”مون ڪڏهن به اهرو طوفان ڪين ڏٺو آهي.“ اهي لفط انهيءَ عورت جي وات مان نڪتا، جنهن کي مان پيار ڪندو هوس. پوءِ هن اوچتو پڇيو. ”ڇا مون واسطي جا توکي محبت هئي، تنهن کي تو دل مان ڪڍي ڇڏيو آهي؟“

                ”نه.“

        انهيءَ تي ڄڻ هن کي عجب لڳو  ۽ مون کي هوريان چوڻ لڳي، ”تو ۾ ڪيڏي ته تبديلي اچي ويئي آهي! تون بلڪل ٻيو ماڻهو ٿي پيو آهين.“ ۽ دريءَ جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي. ايتري ۾ اهڙي وڄ چمڪي جو هن هٿ کڻي پنهنجين اکين تي ڏنا. انهيءَ هوندي به چوڻ لڳي، ”هتي ماڻهو تينهنجو گهڻو ذڪر ڪندا آهن. تون هتي ڇو رهيو پيو آهين؟ ايترو وقت ڇا ڪندو رهيو آهين؟“

        مان سوچي رهيو هوس ته هوءَ ڪيتري نه سنهڙي، ڪيتري نه سهڻي هئي! مان هن وت اڌ رات تائين هوس ۽ هن کي سڀ ڪجهه ايئن ٻڌائي رهيو هوس. ڄڻ ڪنهن پادريءَ جي اڳيان ڏوهن جو اقرار ڪندو هجان. قدرت جا جولان ڀريل مظاهرا منهنجي طبعيت ۾ جوش ۽ دل ۾ خوشي پيدا ڪندا آهن. مان سمجهان ٿو ته مون پڱو ڳالهايو هوندو، ڇاڪاڻ ته هن جون اکيون کليل جون کليل هيون. ۽ هوءَ بلڪل ڌيان ۽ انتظاريءَ مان نهاري رهي هئي، ۽ وچ وچ ۾ عجب مان پئي چيائين. ”اهو ته خراب چئبو!“ جڏهن مان هن کان موڪلائي هلڻ لڳس ته هن جي چپن تي اها معصوم مرڪ ڪانه ڏٺي، جيڪا مون کي بي آرام ڪري ڇڏيندي هئي. مان پاڻيءَ سان ٻڏل گهٽيون لتاڙيندو، چنڊ جي ٿالهيءَ کي چڙوچڙ ڪڪرن مان نڪرندي ـ ڇپندي ڏسندو هلندو ويس. ان وقت منهنجو دماغ خوشيءَ کان تِر هو. ٻئي ڏينهن مون هن ڏانهن هيٺئين شعر جهري شيءِ موڪلي، جيڪا پوءِ هوءَ  سُر سان چوندي هئي. ۽ جا اڃا تائين منهنجي حافظي ۾ محفوط آهي:

        ”منهنجي راڻي-----؟

منحنجي هٿ کي ڇهڻ لاءِ.

تنهنجي نرمل نيڻن جي نظرن لا3.

ماهر جادوگر-----؟

تو وٽ قيد ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

اُهو، جو معمولي ڪين جهڙين ڳالهين مان خوشي ٿو پيدا ڪري.

        پنهنجي منتظر قيديءَ کي قيد ڪر،

        شايد ننڍڙين نوازشن مان،

        هو وڏين خوشين جي تخليق ڪري،

        ڇا. دنيا جي پيدائش!

        مثيءَ جي ذرڙن مان نه ٿي آهي!

        او، ها! پر دنيا بي مسرت تخليق آهي،

        ان جون خوشيون بي مزي ۽ ڦڪيون آهن.

        مثال طور، تنهنجو نماڻو نوڪر،

        ۽ ان ۾ ڪي سونهن ڀريون چيزون به آهن.

        يعني ..... تون!

        تون!“

        ”چپ چپ!“

        هي منهنجي اکرن جا مڏا ڪوڪا،

        تنهنجي دل جي لائق نه آهن.

        اُها جا دنيا جو خوبصورت گل آهي.

        اُها، جا دنيا ۾ اڻ لڀ آهي.“

        ان کي شعر چوڻ ڏکيو آهي، پر اهو خوشيءَ ۽ دل جي صِدق

سان لکيو ويو هئو

         پوءِ وري مان هن جي منهن مقابل هوس، جا مون کي دنيا جي بهترين انسان ٿي لڳي ۽ انهيءَ ڪري هوءَ منهنجي ڪلي تمنا هئي. هن کي نيري پوشاڪ اهڙيءَ ريت پهريل هئي، جيئن ڦليل لڳل بادل، جنهن مان هن جا نقش نروار ٿيندا هجن. هوءَ پنهنجي پٽي جي ڌاڳن سان راند ڪندي مون سان پر معنيٰ لفطن ۾ ڳالهائي رهي هئي. مان هن جي گلابي نهن وارين ننڍڙيون آڱرين جي هر چرپر چاهه مان ڏسي رهيو هوس. منهنجي حالت اُن وقت اُنهيءَ وايولن جهڙي هئي، جنهن کي هوشيار سنازندو ڄاڻيندو هجي. هاني مان مري ٿي سگهيس. مون چاهيو پئي ته ڪيئب نه ڪهڙيءَ ريت به اُن عورت کي پنهنجي اندر ۾ سانڍي ڇڏيان ۽ هميشه لاءِ حاصل ڪري ڇڏيان. مون محسوس پئي ڪيو ته اجهو ٿو گهڙيءَ ۾ پتو پويم ته دل جو اڌامي ڏئي ڦاٽڻ ڪهڙي ڳالهه ٿيندي آهي. مون هن کي پنهنجي پهرين شايع ٿيل هاني پرهي ٻڌائي. مون کي ياد نه ٿو اچيم ته ان بابت هن جو ڪهڙو خيال هو؟ مان سمجهان ٿو ته ان تي هن کي حيرت لڳي هئي.

        ”سو تو نثر لکن شروع ڪيو آهي.“

        مون کي ايئن ٿي لڳو ڄڻ مان هن جو اواز دور کان جيئن خواب ۾ ٻڌيو اهي. ٻڌي رهيو آهيان. ”مان هنن سالن ۾ ڪيترا ڀيرا تو بابت سوچيو آهي. ڇا، اهو درست آهي ته منهنجي لاءِ توهي ڏک ڏٺا آهن؟“

        مون چيو: ”تو سان گڏرهڻ ۾ نه ڏک هئا نه ڏاکڙا.“

        ”تون ڪيڏو نه مٺڙو آهين.“

        منهنجي دل ڏاڍي آتي هئي ته هن کي ٻانهن ۾ کنان، پر اهي ايڏيون ته وڏيون ۽ ٿلهيون هيون، جو هن کي تڪليف رسڻ جي خيال کان ڇهي نه نه سگهيس. مان دل جي اڌمن کان لرزي رهيو هوس ۽ هن کي هوريان چيم، ”اچ اچي مون سان رهه، مهرباني ڪري اچي مون سان رهه.“

        هوءِ کلي...مٺڙي ۽ لڄ ڀرئي نموني، هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون. پوءِ هوءَ جاءِ جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ ويئي ۽ چوڻ لڳي، ”اڍ ته هيئن ڪريون: تون نجنيءَ هليو وڃ...۽ مان هتي رهان ٿيءَ ساري معاملي تي سوچ ڪري توڏانهن لکنديس.“

        ڄڻ هڪڙي ناول جي سورمي وانگر، جو مان ڪجهه ڏينهن اڳ پرهيو هئو، هن کي جهڪي سلام ڪيم ۽ ڪڪرن تي وک وڌائيندو هليو ويم.

        اُنهيءَ سياري هوءَ پنهنجي ڌيءُ سميت مون وٽ نجني هلي آئي.

        ڪجهه ڏک ڀريو، ڪجهه طنز ڀريو پهاڪو آهي، ”جڏهن غريب ڪئي شادي ته رات به ٿي ننڍي.“ مون کي انهيءَ جي حقيقت پنهنجي آزمودي مان معلوم ٿي.

        اسان ٻه روبل ماهوار مسواڙ تي هڪ محل ورتو....هڪڙي پادريءَ جي باغ ۾پراڻو غسل گهر. مان اڳئين ڪمري ۾، ۽ منهنجي زال پنهنجو ٺڪاڻو هڪڙي وڏي ڪمري ۾ ڪيو، جيڪو اوطاق جو به ڪم ڏيندو هئو. محل شادي شده جوڙي لاءِ موزون هو. پارو اسان تي هر ڪنڊ کان حملو ڪندو هئو. رات جو ڪم ڪرڻ ويل مان پاڻ کي پنهنجن سمورن ڪپڙڻ ۾ ويرهيندو هوس، ۽ انهن سان گڏ غاليچي جو به اضافو ڪندو هوس. انهيءَ هوندي به مون تي سنڌن جي سور جو حملو ٿيندو هئو، جيڪو منهنجي لاءِ انهيءَ ڪري سهڻ کان ٻاهر هوندو هئو، جو مون کي پنهنجي قوت برداشت ۽ طاقت تي ناز هوندو هئو.

        رهڻ وارو ڪمرو گرم ڪرڻ جهڙو هئو، پر جنهن وقت مان تنور کي گرم ڪندو هوس ته اسان جو ڪمرو سڙيل بانس ۽ غسال خاني جي قديم پگهر، صابڻ ۽ گندي پاڻيءَ جي بدنوءِ سان ڀرجي ويندو هئو. ننڍڙي ڇوڪري جيڪا وڻندڙ اکين واري سهڻي چيني گڏيءَ وانگر لڳندي هئي، منجهيل رهڻ لڳي 7 مٿي ۾ سور پوڻ لڳس. بهار ۾ اسان جي محل تي ڪوريئڙن ۽ ٽنڊڻن جو حملو ٿي ويو. ٻئي ماءُ ۽ ڌيءَ انهن کي ڏسي، خوف مان وٺي رڙيون ڪنديون هيون. مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي رٻر جي بوٽ سان انهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. اسان جو ڪمرو ڏاڍو اداس لڳندو هئو. ڇاڪاڻ ته دريءَ جي ڪانسن تي جهنگلي رس بيريءَ جا ٻوٽا اڀري ويندا هئا. جڏهن انهن جي وڍڻ لاءِ پادريءَ کي چوندو هوس ته شرابي پادري اجازت نه ڏيندو هئو.

        شهر ۾ ٻيون آرام ڏيندر رهڻ جون جايون هيون، پر اسان پادريءَ جا قرضي هئاسين. انهيءَ کان سواءِ هو مون کي پسند ڪندو هئو. انهيءَ ڪري چاهيندو هئو ته مان اتي رهيو پيو هجان. ”تون اتي رهي رهي ٺهي ويندين،“ هو چوندو هئو، ”جيڪڏهن نه، ته پنهنجو قرض چُڪتو ڪر، پوءِ جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وڃ، کڻي انگريزن وٽ وڃ.“

        هن کي انگريزن کان نفرت هوندي هئي، چوندو هئو، ”انگريز سست قوم آهي، هنن جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ايجاد ڪئي آهي ته صبر ۾ رهڻ جي، انهن کي وڙهڻ ته ايندو ئي ناهي.“

        هو بت ۾ نهايت ٿلهو هو. هن جو چهرو ڦوڪڻي وانگر گول هئو ۽ هن جي ڏاڙهي گهاٽي هئي. هو ايترو ته شراب پيئندو هئو، جو چرچ ۾ پنهنجا فرائز پورا ڪري نه سگهندو هئو. انهيءَ کان سواءِ هڪڙي ڀورين اکين واري، قد جي ننڍڙي ۽ ڊگهي نڪ واريءَ درزيانيءَ سان، جيڪا ڪانوَ جهڙي لڳندي هئي، هن کي بي انتها عشق هئو. هو مون کي درزياڻيءَ جي بي وفائين جا قصا ٻڌائيندو هئو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ تان ڳوڙها اهي چوندو هئو، ”مان سمجهان ٿو ته رن ڇنال آهي، پر هن کي ڏسي مون کي ٿاميا درويشياڻي ياد ايندي آهي. انهي ڪري ئي مان کيس پيار ڪندو آهيان.“ مون کي اُنهيءَ درويشيانيءَ جو نالو درويشن جي فهرست ۾ ڳولڻ کان پوءِ به ڏسڻ ۾ نه آيو.

        هن کي منهنجي خدا ۾ ويساهه نه هجڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي ـ هيٺئين دليل سان منهنجي انهيءَ اعتقاد کي لوڏڻ ۾ ڪجهه ڪامياب ٿيو. ”هن ڳالهه کي حقيقت جي نگاهه سان ڏس. دنيا ۾ خدا تي اعتبار نه ڪندر اعتبار ڪندرن جي پيت ۾ بلڪل آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهن ڇو” جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهي. تيئن روح به چرچ کان ٻاهر نه ٿو رهي سگهي. تون انهيءَ کان انڪار ڪري نه ٿو سگهين، تنهن ڪري اچ ته شراب پئون.“

        ”مان نه پيئندو آهيان. مون کي سنڌن جو سور آهي.“ هو تريل مڇيءَ ۾ ڪانٽو چُڀائيندي، ان کي مٿي کڻندي چوڻ لڳو، ”اهو انهيءَ ڪري آهي جو تون خدا ۾ اعتبار نه ٿو رکين.“

        مون کي انهيءَ شرم کان، ته مون پنهنجي زال کي حمام ۾ رهايو هئو ۽ انهيءَ ڪري جو ڱاڌي لاءِ گوشت ۽ ڇوڪريءَ لاءِ رانديڪو نه آڻي سگهندو هوس ۽ پنهنجي لعنت پيل غربت جي ڪري، رات جو ننڊ ئي نه ايندي هئي. مون کي غربت ايترو پريشان نه ڪندي هئي، پر هن نازڪ عورت ۽ ان کان وڌيڪ سندس ڇوڪريءَ لاءِ اها دوزخ بنجي پئي.

        رات جي وقت ميز جي ڪنڊ تي ويهي مان وڪيل جا قانوني ڪاغذ تياري ڪندو هوس يا افسانا لکندو هوس ۽ پنهنجا ڏند ڀيڪوڙي پاڻ تي، انسانيت تي نصيب ۽ محبت تي لعنت به وجهندو هوس.

        هن جي هلت مهربان ماءُ وانگر هوندي هئي، جا پنهنجي پت کان پنهنجيون تڪليفون لڪائي ڇڏيندي آهي. هن جي وات مان انهيءَ ڪريل زندگيءَ بابت ڪڏهن به هڪ حرف شڪايت جو نه نڪتو. جيئن اسان جون تڪليفون وڌنديون ويون، تيئن هن جي ڳالهائڻ ۾ همٿ ۽ کلڻ ۾ تازگي پيدا ٿي وئي. صبح کان وًي شام تائين پادرين ۽ سندس مرحوم زالن جون تصويرون وي؟ي چٽيندي ۽ ضلعي جا نقشا ويٺي تيار ڪندي هئي. مقامي ”زيموستو“ کي ڪنهن نقشن جي نمائش ۾ سندس نقشن ويٺي تيار ڪندي هئي. مقامي ”زيموستو“ کي ڪنهن نقشن جي نمائش ۾ سندس نقضن جي ڪري سونو ٻلو انعام ۾ مليو. جڏهن تصويرن جي تقاضا گهٽجي ويئي ته پاڙي جي عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ اڳڙين، ڪڪن ۽ تارن مان پئرسي فئشن جون توپيون تيار ڪرڻ لڳي. مون کي عورتن جي توپين جو پتو ڪونهي، پر منهنجو اندازو آهي ته انهن ۾ ڪا کل جهڙي ڳالهه لڪل هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن هوءَ پنهنجي مٿي تي پائي آئيني ۾ نهارڻ لڳي ته پنهنجين ٽوپين تي کل ۾ اچي ڇٽڪي. انهيءَ هوندي به مون ڏٺو ته انهن ٽوپين جو خريدارن تي عجيب اثر هئو. اُهي پنهنجن مٿن کي انهن پکين جي اکرين جهڙين توپين سان سينگاري، آڪڙ مان ڇاتي سيٽي رستي تي تلنديون ڏسڻ ۾ اينديون هيون.

        مان وڪيل جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هوس ۽ مقامي اخبارن لاءِ هڪ ست لا3 ٻي ڪاپيڪ معاوضي تي ڪهانيون لکندو هوس. شام جي وقت چانهه پيئڻ ويل، جي اسان وٽ مهمان نه هوندا هئا، ته منهنجي زال ڏاڍي شاندار نموني ڇوڪرين جي اسڪول بائلوستاڪ ۾ شهنشاهه اليگزينڊر ٻئي جي آمد ۽ وڏ گهرانين ڇوڪرين ۾ مٺائي ورهائڻ جو احوال ٻڌائيندي هئي.

        منهنجي زال پئرس جو ذڪر ڏاڍي اتساهه سان ڪندي هئي، جنهن جو ذڪر مان اڳ ئي ڪتابن، خاص ڪري ”ڊوڪئمپس“ جي عمدن ناولن ۾ پرهيو هئو. هن جو ”پئرس مونت مارٽر“ ۽ گور شور سان ڀريل زندگيءَ وارو ”لئٽن ڪارٽر“ هوندو هئو. هن جون پئرس جون يادگيريون مون کي شراب کان وڏيڪ نشو ڏئي ڇڏينديون هيون. انهيءِ اثر هيٺ مون عورت جي شان ۾ قصيدا کيا، ڇاڪان ته محسوس پئي ڪيم ته عورت جي محبت ڪري ئي زندگيءَ ۾ خوبصورتي پيدا ٿئي ٿي. مون کي سڀ کان زياده مزو هن جي عشق جي قصن مان ايندو هئو، جي هوءَ ڏاڍي وڻندڙ نموني ۽ ايتريءَ ته سچائيءَ سان بيان ڪندي هئي جو مان وائڙو ٿي ويندو هوس. هو مزاحيه نموني، نقاض جي برش جي پوين لڪيرن وانگر ٿورن لفظن ۾ پنهنجي هڪڙي مسخرن جهڙي عاشق جنرل جي تصوير پيس ڪندي هئي. انهيءَ مسخري عاشق شاهي شڪار ويل زار جي اڳيان موقعو وٺي، هڪڙي جانور کي نشانو بنائي، زخمي ڪري وڌي ۽ زخمي جانور کر رڙ ڪري چوڻ لڳو، ”شهنشاهه سلامت، مون کي معاف ڪجانءِ“.

        هوءَ جڏهن روس مان لڏپلاڻ ڪندڙن جو ذڪر ڪندي هئي، ته سندس لفظن ۾ ڌڪار لڪل هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي صاف بياني خشڪ طنز جو روپ اختيار ڪري ويندي هئي. اهڙن وقتن تي هن جي گلابي زبان ٻليءَ جي چپ وانگر چپن تي مزي سان پئي ڦرندي هئي ۽ هن جي اکين ۾ وڌيڪ چمڪ پيدا ٿئي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي اکين جي اها چمڪ مون کي شوخ مزاجن جهڙي لڳندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي اکين جا اها چمڪ مون کي شوخ مزاجن جهڙي لڳدي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ گُڏين جي راند ۾ محو ننڍڙي ڇوڪريءَ وارو جوش ڏسڻ ۾ ايندو هئو.

        هڪريءَ ڏينهن هوءَ چوڻ لڳي، ”جڏهن روسي عشق ڪري ٿو ته هميشه گهڻ  ڳالهائو ۽ ڪڪ ڪندڙ ٿيو پوي. ڪڏهن ڪڏهن، ته اُهي پنهنجي اهڙيءَ”فصاحت جي ڪري پڇان ڏياريندڙ ٿيو پون. صرف فرانسيسي ئي، جن جي لاءِ محبت مذهب جي برابر آهي، سهڻي نموني عشق ڪري سگهان ٿا.“

        انهيءَ بيان ٻڌڻ کان پوءِ مان هن سان پنهنجيءَ هلٿ تي ضابطو ڪرڻ لڳس.

        فرانسيسي عورتن بابت هوءَ چوڻ لڳي”هنن ۾ جٽادار قرب ۽ وفاداري اڻ لڀ آهي، اهي پنهنجي محبت کي عياشيءَ لاءِ مٽائينديون رهنديون آهن. محبت هنن لاءِ هڪ وندر آهي.“ هوءَ اها ڳالهه ڏاڍي سنجيده ٿي واعطن واري ڍنگ ۾ چئي رهي هئي. جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون اهو علم نه هيون، جي مون کي تلاش هئي، تاهم انهن ۾ معلومات هئي. انهيءَ ڪري مان اهي ڳالهيون وڏي شوق سان ٻڌندو هوس.

        ”تون روسي عورتن کي ميون سان ۽ فرانسيسي عورتن کي ميون مان ٺهيل مٺاين سان ڀيٽ ڏئي سگهين ٿو.“ منهنجي لاءِ جيئن هوءَ باغ ۾ چانڊوڪيءَ رات جو اهي ڳالهيون ڪري رهي هئي، ميوي جي مٺائي پئي لڳي.

        مون جڏهن هن کي، پنهنجي شاديءَ جي شروعاتي راتين مان هڪ رات مرد ۽ عورت جي ناتن بابت پنهنجا رومانوي خيال ٻڌايا، ته هوءَ ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويئي. ”سچ ٿو چوين؟ تنهنجو اهو اعتقاد اهي؟“ هوءَ پڇڻ لڳي. چند جي نيري چانڊاڻ ۾ هوءَ منهنجي ڀاڪر ۾ ستل هئي.

        هن جو گلاب جي رنگ جهڙو جسم شفاف پئي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ ان مان نشو ڏيندر تيز بادامين جو خوشبو پئي آئي. هن جون سنهڙيون آڱريون خيال ۾ ٻڌل منهنجن وارين سان کيڏي رهيون هيون. هوءَ مون ڏانهن کليل ۽ انتظاريءَ ڀريل اکين ۽ سڪي مرڪ سان ڏسي رهي هئي. پوءِ هوءَ بستري مان ٽپ ڏيئي اٿي ۽ حيرت مان چوڻ لڳي. ”او خدا!“ پوءِ ڪمري ۾ هيڏي هوڏي اچڻ وڃڻ شروع ڪيائين. هُوءَ روشنيءَ ۽ اوندهه مان واري واري سان پئي لنگهي. هن جي ريشم جهڙي چمڙي چنڊ جي ڪرڻن ۾ چمڪي رهي هئي ۽ هن جا اگهاڙا پير بغير ڪنهن آواز جي فرس تي هلي رهيا هئا. مون ڏانهن واپس ايندي منهنجي ڳلن تي ٿڦڪيون هڻندي چوڻ لڳي، ”توکي پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ سان شروع ڪرڻ کپندي هئي، نه مون سان.“

        ۽ جڏهن مون هن کي پاڻ ڏانهن چڪيو ته هن روئي ڏنو، ”توکي پتو هئڻ گهرجي ته مان توکي ڪيترو پيار ڪريان ٿي.“ هن چيو: ”مون کي ڪڏهن به ايتري خوشي حاصل نه ٿي آهي، جيتري توسان. مون تي اعتبار ڪج. مان سچ ٿي چوانءِ. مون ڪڏهن به اهڙيءَ طرح ٻئي کي پيار نه ڪيو آهي. مون کي توسان گڏ رهڻ ۾ بي انتها خوشي حاصل ٿيندي آهي، پر مان توکي ٻڌايان ٿي، ته اسان غلطي ڪئي اهي. مان اها نه اهيان جنهن جي توکي ضرورت آهي. انهي غلطيءَ جو ڏوهه مون تي اهي.“

        مان هن کي سمجهي نه سهگيس، هن جي لفطن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو ۽ هن جي انهيءَ خيال بدلائڻ لاءِ کيس هزارين قسمن جا پيار ڏيکارڻ لڳس. بهرحال اُهي لفظ منهنجي حافظي ۾ محفوظ رهجي ويا، ۽ ڪجهه ڇينهن کان پوءِ خوشين جي ٽهڪن بعد، جن هن جي اکين مان نير جاري ڪري ڇڏيا، هوءَ حسرت ڀريل انداز ۾ چوڻ لڳي، ”ڪاس مان ننڍي هجان ها!“

        جيئنم ياد ٿو اچيم: انهيءَ رات باغ ۾ طوفان آيو، ولين جون تاريون درين سان لڳي کڙڪڻ لڳيون، چمنيءَ مان هوا جو اواز ڄار ۾ ڦاٿل بگهڙ جيان پئي آيو. سردي، اداسي ۽ ڀتين تي لڳل ڪاغذن جي کڙ کڙ اسان جي ڪمري کي ماتم ڪده بنائي ڇڏيو هو.

        جڏهن اسان وٽ ڪجهه روبل ڪًا ٿيا، ته اسان دوستن جي شاندار دعورت ڪئي، جنهن ۾ ڪوشت، ووڊڪا، بيئر ۽ ڪيڪن جو خاطر انتظام ڪيوسين. سارو وقت ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ گذري ويو. منهنجي پئرس جي رها ڪو زال جو هاضمو سٺو هئو ۽ هن کي روسي کاڌا ڏاڍا وڻندا هئا.

        هن ””هٻڇي پيٽ“ نالي هڪڙي جماعت جو بنياد وڌو. جنهن جا ٻارنهن ماڻهو ميمبر ٿيا. انهن کي کائڻ پيئڻ ۽ مختلف کاڌن جي فصاحت سان تعريف ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هئو. منهنجي پسند جو مزوئي ٻيو هئو. مان ٿورو کائيندو هوس، ڍءُ ڪري کائڻ ۾ مون کي مزوئي نه ايندو هئو، نه ئي وري مون کي اهو سٺو لڳندو هئو.

        ”بيڪار ماڻهو،“ مان هٻڇي پيت وارن لاءِ چوندو هوس. ”ڇڱيءَ طرح ڏٺو وڃي ته پيٽوڙي هرڪو اهي.“ هوءَ جواب ڏيندي هئي، ”جرمن روسي اديب چيو اهي، اسين سڀ پنهنجن ڪپڙن اندر اگهاڙا آهيون.“

        هن کي ڪيترائي سٺا قول ياد هئا، پر اڪثر انهن کي غلط وقت تي ڪتب آڻيندي هئي.

        هن کي پاڙي جي مخالف جنسن وارن ماڻهن کي ڪاوڙائڻ بلڪ ڇتي ڪرڻ جي اٽڪل هئي، ۽ ان کي هوءَ ڀوڳ ڪري سمجهندي هئي. هوءَ کلي چرچا ڪري، ۽ نانگ وانگر ور ۽ وڪڙ کائي، مخاطب جي دل ۾ جهت پٽ ڇتڪتائي پيدا ڪري ڇڏيندي هئي، ۽ هن جي جذبن کي حيواني باهه لڳائي ڇڏيندي هئي. ٻه ٽي منٽ مرد سان ڳالهائڻ هن لاءِ ڪافي هئا. پهرين مرد جا ڪن ڳاڙها ٿي ويندا، پوءِ انهن جو رن ڪاراٽجي ويندو، هن جي اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي ويندي، هن ڏانهن اهڙيءَ ريت نهارڻ لڳندو جيئن ٻڪري گوبيءَ جي ٻوٽيءَ ڏانهن نهاريندي هجي.

        ”شاندار عورت“، وڪيل جي نائب جنهن جو منهن مڪار ڊمستري“ وانگر ۽ پيت ڪنهن گنڊ جيان ٻاهر نڪتل هئو، چيو:

        سهڻن وارن وارو يارسلوف جو رهاڪو شاگرد هن ڏانهن شهر لڳي موڪليندو هئو. مون کي اهي شعر خوف جهڙا لڳندا هئا. پر هوءَ انهن تي تهڪ ڏيئي کلندي هئي.

        ”تون انهن کي ڇتو ٿي ڪرين؟“ مون هن کان پڇيو.

        ”انهيءَ ۾ ايترو مزو آهي جيترو مڇيءَ جي شڪار ۾“، هن جواب ڏنو. ان کي چئبو اهي نخرو ۽ ناز. ڪابه عورت جنهن کي پنهنجي لاءَ عزت آهي، انهيءَ کان سواءَ مشڪل رهي سگهندي“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي اکين ۾ اکيون ملائي هوءَ وڌيڪ چوندي هئي، ”ساڙ ٿو ٿيئي!“

        مون کي ساڙ نه ٿيندو هئو، پر اهي ڳالهيون منهنجي زندگيءَ ۾ ڄڻ دست انداز هيون. مون کي واهيات ۽ خسيس ماڻهو بنههٿ ڪين وڻندا هئا. مان پاڻ خوش مزاجي ماڻهو هوس ۽ کلڻ کي انسانن جي بهترين گُڻ ڪري سمجهندو هوس. مسخرا ۽ پيشيور مزاحيه ادار پنهنجي نااهليءَ جي ڪري پسند نه ايندا هئا، مون کي يقين هوندو هئو ته مزاح ۾ به مان انهن کان وڌيڪ اثر پيدا ڪري سگهان ٿو.

        ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي مهمانن کي کلائي کلائيپيت ۾ سور وجهي ڇڏيندو هوس، بلڪه گهڻي کلڻ ڪري سندن اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ڪندا هئا. هوءَ حيرت مان چوندي هئي، ”تون هوند ڪهرو نه ڪامياب مسخرو ٿئين! توکي اسٽيج تي ڪم ڪرڻ گهرجي.“

        هوءَ پاڻ خانگي ٿيئٽرن ۾ ڪامياب اداڪاره هئي ـ ڪيترن ئي پيسيور ٿئٽيرن جي مئنيجرن کيس پنهنجي ٿئيٽرن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڄ ڪئي هئي. ”مون کي اسٽيج سان پيار آهي.“ هوءَ مون کي چوندي هئي، ”پر اسٽيج جي پٺيان جيڪي نظارا ٿا ٿين. انهن کان ڊپ ٿو ٿئي.“ هو4 پنهنجي خيالن، خواهشن ۽ لفطن ۾ سچار هئي.

        هوءَ مون کي هيٺيون واعظ ڪندي هئي، ”تون فلسفو ۽ اهو به تمام گهڻو ٿو پيدا ڪرين. زندگي حقيقت ۾ حيوانيت جي حد تائين ساديءَ سان ڀريل اهي. ان ۾ اونهيون معنائون ڳولهي ان کي منجهائڻ نه گهرجي، ان جي بجاءَ اهو سکن گهرجي ته[†] ان جي حيوانيت کي ڪيئن گهجٽائجي؟ انهيءَ ڳالهه جي حاصل ڪرڻ جي توکي تمنا هئڻ گهرجي.

        هن جو فلسفو، مان سمجهندو هوس، جيڪو زياده تر عورتاڻو هئو، ”نرسنگ جي تعليم“ هن جي مقدس ڪتاب هئو. هن مون کي پاڻ ٻڌايو هئو، ته اسڪول ڇڏڻ کان پوءَ جڏهن هن سائنس ۾ پهرين ڪتاب پرهيو هئو، ته هن کي اُن بي انتها منجهائي ڇڏيو هئو.

        ”مان الهڙ ٻار وانگر هيس، مون ايئن پئي ۾حسوس ڪيو ڄڻ ڪنهن مٿي واري سر وهائي ڪڍي هجي، ڄڻ مان ڪڪرن مان هيٺ گپ ۾ ڪري پئي هجان. مان پنهنجي مذهبي اعتقاد وڃائڻ تي ڏاڍي رنيس، پر جلد ئي پنهنجي پيرن جي هيٺان زمين پٿريلي پر سخت محسوس ڪرڻ لڳيس. سڀ کان زياده جنهن شيءَ جي وڃائڻ جو ڏک هو اهو ”سائين“ هئو. مان پاڻ کي هن سان بلڪل ڪٺو سمجهندي هيس، پر اچتو ئي اوچتو هو سگريت جي دونهين وانگر غائب ٿي ويو ۽ هن سان گڏ منهنجا محبت ۾ پارسائيءَ جا سڀ تصور گم ٿيا! اسڪول ۾ اسين سڀ محبت تي ڪيترو نه گهڻو ۽ خيال سان ويچاريندا هئاسين.“

        مون کي هن جي پئرس واري نهلزم (نيستيءَ جي فلاسافي) پريشان ڪري ڇڏيندي هئي. رات جي وقت مان پنهنجو ڪم ڇڏي، هن کي ننڊ ۾ ستل، جڏهن هوءَ هميشه کان وڌيڪ دلفريب لڳندي هئي، نهاريندو هوس. جيئن ئي مان هن جي چهري ڏانهن نهاريندو هوس، ته منهنجي دل ۾ هن جي من جا سور ۽ هن جي زندگيءَ جون پريشانيون وَڍَ وجهڻ لڳنديون هيون. مون کي هن تي، جو ترس ايندو هئو، اهو منهنجي دل ۾ هن جي محبت کي وڌائي ڇڏيندو هئو.

        اسان ٻنهي جي ادبي پسند ۾ به فرق هئو. مون کي بالزاڪ ۽ فلاڀيئر پسند هئا، پر هن کي وري پال فيوال، آڪٽيو فيولي، پال ڊي ڪاڪ ۽ سڀ کان زياده لافل جراٽ مافيم وڻندا هئا. هن کي اهو ڪتاب بي انتها دلچسپ لڳندو هئو. پر مون کي قاعدي جي ڪتاب وانگر بي مزي ٿي لڳو. تام اسان جو ناتو بهتر هئو. اسان جي هڪٻئي لاءَ سڪ ڪڏهن به نه گهٽي. بهرحال، اسان جي  شاديءَ جي ٽئين سال مان پنهنجي اندر ۾ ڦوٽ پوڻ جو باريڪ آواز ٻڌو، جو جيئن وقت گذرندو ويو تيئن وڌندو ۽ صاف ٿيندو ويو. مان ڏاڍي شوق سان مطالعي ۾ مشعول ٿي ويس. مان پڙهندو زياده هوس ۽ ان ۾ رخنو گهت پسند ڪندو هوس. مون پنهنجو گهڻو وقت لکڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو.

        جيئن تيئن ڪري مان ۽ منهنجي زال ٻئي گهڻو ڪمائيندا هئاسين. انهيءَ ڪري گهڻن دوستن کي وڏيون دعوتون ڏيڻ شروع ڪيوسين. تنهن ڪري اسان جا دوست وڌندا ويا جي منهنجي لاءِ مصيبت بڻجي پيا.

        زندگي هن کي گُڏين جي تماشي وانگر لڳندي هئي، ماڻهن جي ڳچين ۾ ڪي تختيون تنگيل ڪين هيون ته ”مهرباني ڪري هٿ نا لڳايو!“ پر هوءَ پنهنجا قدم سواءِ ڪنهن خبرداريءَ جي اڳتي وڌائي وجهندي هئي. جنهن ڪري ماڻهو هن جي هلٿ جو تعبير پنهنجين خواهشن مطابق ڪندا هئا. انهي4 ڪري ڪيتريون غلط فهميون پيدا ٿي وينديون هيون، جن کي وري مونکي سلجهائڻو پوندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن مان جيڪو انهن جو حال ڪڍندو هوس، سو بي ڍنگو ۽ خراب هوندي هئو. هڪڙو منهنجي غلطي هئي، پر ننڍڙن ٻارن وانگر منهنجي گوشمالي ڪرڻ، ته حد ٿي وئي! منهنجي عمر هن گونڊي کان ٻيڻي اهي، تڏهن به منهنجا ڪن پٽيائين! هن جي لاءِ اها وڌيڪ شرافت ڀري ڳالهه هئي ته مون کي ٺؤنشو وهائي ڪڍي ها!“

        انهيءَ مان اها ڳالهه صاف ظاهر هئي ته مون کي اهو علم ڪونه هو ته ماڻهن کي سندن رتبي آهر ڪيئن سيکت ڏجي؟

        منهنجي زال منهنجين ڪهاڻين ڏانهن کي خاص توجهه نه ڏيندي هئي، پر مون کي هن جي لاپرواهيءَ جو ڪو گهڻو اثر نه ٿي ٿيو، ڇاڪاڻ ته پاڻ کا مان اڃا سنجيده لکندڙ ڪين سمجهوندو هوس ۽ پنهنجين ڪهاڻين کي صرف پيٽ گذر جو ذريعو ڪري سمجهندو هوس. تاهم پنهنجي دل ۾ نيون امنگن جون ويريون چڙهنديون محسوس ڪندو هوس. هڪڙي ڏينهن صبح جو هن کي ”پوڙهي اِسترگل“ نالي ڪهاڻي جا مون گذريل رات هڪ نشست ۾ لکي هئي، ٻڌائي رهيو هوس ته هن کي ننڊ وٺي وئي. ان ڳالهه مون کي ڏک نه پهچايو، مان پڙهڻ بند ڪري پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي هن ڏانهن نهارڻ لڳس.

        هن جو مٿو پٺتي ڪوچ جي گديءَ تي ٺرو ٿي پيو هئو، هن جو وات اڌ کليل هئو ۽ هن جو ساهه ٻار جي ساهه وانگر کڄي رهيو هئو. صبح جو سج دريءَ جي ٻاهران ٽارين جي ڄاريءَ مان جهاتيون پائي رهيو هئو، هن جي گوڏن ۽ ڇاتيءَ تي سج جا سونهري ڪرڻا هوا جي گلن وانگر پئي پيا.

        پوءِ مان اٿي ٻاهر باغ ۾ هليو ويس ۽ هن جي لاپرواهيءَ کان منهنجي دل ۾ جِهير پئي پيا ۽ پنهنجي لکڻ جي قابليت بابت مايوسيءَ ڀريل سڪ پئي پيم.

        مون پنهنجي ساري زندگيءَ ۾ عورت کي غلامن وانگر ڳَهندي، گند ۽ غلاطت ۾ زندگي گهاريندي، هميشه گهُرجائو يا پيٽ ڏلهيندي ڏٺو هئو. صرف هڪڙي خوبصورت يادگيري، ”ملڪ مارگاٽ“ جي ننڍي لا3 کان وٺي منهنجي من ۾ محفوظ هئي، باقي ٻين تاثرن جو اثر موند تي ان جي بالڪل انتڙ هئو. مون سمجهيو پئي ته ”اِسترگل“ جي آتم ڪهاڻي ٻين عورتن کي پسند ايندي ۽ هنن ۾ آزاديءَ ڻ خوبصورتيءَ جو روح ڦوڪيندي. پر ان ۾ جيڪا منهنجي قريب ترين عورت هئي. ان کي به متاثر نه ڪيو هئو، هن کي ننڊ وٺي ويئي هئي.

        ڇو؟ ڇا انهيءَ ڪري ته زندگيءَ جو گهنڊ جيڪو منهنجي اندر ۾ وڄي رهيو هو، تنهن جو آواز بلند نه هو؟

        مون هن عورت کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءَ ڏني هئي، هن منهنجي دل ۾ منهنجي امڙ واري جاءِ والاري هئي. مون کي اميد هئي ته موٽ ۾ هوءَ اهڙي خمار ڏيندر ماکي کارائيندي، جو منهنجون تخليقي قوتونبيدار ٿي وينديون. مون کي اميد هئي ته مون ۾ زندگيءَ جيڪا کهرائي ۽ وحشانيت پيدا ڪئي آهي، تنهن کي هوءَ نرم ڪري ڇڏيندي.

        اها ٽيهه سال اڳ جي ڳالهه اهي ۽ هاڻي مون کي اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته منهنجي دل انهن تي کلي ٿي، پر انهيءَ وقت مون کي اسان جي انهيءَ تلفيءَ تي نيهد دلي رنج ٿيندو هئو، ته هر ماڻهوءَ کي سڄي ڏينهن جي پورهئي ڪرڻ کان پوءِ چار پهر رات جا آرام ڪرڻ جو به پورو حق هئو.

        منهنجو اعتقاد هئو ته جيڪڏهن ڏک ڀريل ڳالهين سان گڏ خوشيءَ جي ڳالهه جو رڳو ذڪر ٿيندو رهندو، ته به ماڻهن جي سورائتن ڦٽن تي ڄڻ مرهم جو فرض ادا ٿيندو رهندو. مون کي انهيءَ ڳالهه ۾ به شڪ هوندي هو ته دنيا ۾ اهڙا ڪي شرير شخص به ٿي سگهان ٿا جيڪي ٻين کي تڪليف ۾ مبتلا  ڏسي خوش ٿيندا  هجن. يا اهڙي ڪا هستي اسان جي وس کان ٻاهر آهي، جا انسانسي عذابن کي وڌائي رهي آهي ۽ اها پنهنجو خاص فن انساني الميي کي وڌائڻ جو ڏيکاري رهي آهي. ان غائب ڊرامه نگار هستيءَ کي مان پنهنجو خاص رقيب ڪري سمجهندو هوس ۽ هر ممڪن ڪوش ڪندو هوس جيئن مان ان جي ڄار ۾ نه ڦاسان.

        مون کي ياد آهي ته مون اولڊين برگ جو مهاتما ٻڌ جي حياتيءَ تي لکيل ڪتاب جنهن ۾ لکيل هئو ته ”وجود عذاب آهي“ جيون ڏک آهي. ڏاڍي  غسي سان پڙهيو هئو. برابر مون زندگيءَ جا سک ٿورا ئي ڏنا هئا، تڏهن به مان ڏکن ۽ تڪليفن کي زندگيءَ ۾ دائمي لقاءِ نه پر اتفاق ڪري سمجهندو هوس. آرچبشپ خرسانف جي ڪتاب  ”مشرق جو مذهب“ منهنجي دل ۾، ان خيال جي ابتڙ اثر پيدا ڪيو ۽ ان جي خيال کي مان ڪڏهن به قبول ڪري نه ٿي سگهيس ته دنيا جو بنياد خوف، ڏک ۽ غم تي رکيل آهي. مون ڪافي وقت اذيت پسند مذهبي سوچ ۾ گذاريو هئو. تنهنڪري مون کي ان جي کوکلائپ تي چر ايندي هئي. تڪليف ڏسڻ يا سهڻ ۾ مون کي ڪا خوبي نظر نه ايندي هئي، تنهنڪري مون ۾ سڀني اهڙي ڊرامن ۽ ناٽڪن نفرت پيدا ٿي وئي هئي ۽ مان انهن الميه داستانن بدران هلڪڙا مزاحيه نظارن وارا ڊراما ۽ ڪهاڻيون پرهڻ ۽ لکڻ لڳو هوس.

        البت – هي سڀ انهيءَ ڪري نه ٿو چوان ته جنهن کي ؟گهريلو ڊرامو“ شخصي يا ذات الميو چوندا آهن، اهو سمجهائي سگهان، جيڪو منهنجي زال ۽ منهنجي وچ ۾، جيتوڻيڪ اسان ٻنهي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، شروع ٿيو هئو.

        مننجي زال به پنهنجي خوش مزاج فطرت جي ڪري انهن گهرو آزار اٿاريندڙ ڳالهين جي برخلاف هئي، جي اسان جا روسي مرد 7 عورتون ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ لاءَ تيار هوندا هئا. بهرحال اچانڪ سهڻن وارن واري شاگرد جي غم ۾ ڀريل شعرن جو هن تي سرءُ جي مينهن جهڙو اثر ٿيڻ لڳو هو ۽ هوءَ به اهرن غمگين شعرن کي پني جي ننڍڙين چتڪين تي سهڻن اکرن ۾ لکي چوريءَ ڇپيءَ ڪتابن، ٽوپين ۽ کنڊ جي دٻلن ۾، جتي ايندو هوس اتي رکي ڇڏيندي هئي. جڏهن مان اهي ٻيڻا ٿيل ڪاغز ڏسندو هوس ته ڪڍي هن کي چوندو هوس، ”پنهنجي دل تي تازي حملي سهڻ لاءِ تيار ٿيءُ.“

        پهريان انهن ڪاغذن جو، جيڪي ڄڻ ”ڪيوپڊ“ جا ڪي تير هئا، هن تي ڪو خاص اثر نه ٿيو، هوءَ اهي ننڍڙا توڻي ڪي اٺ جي آنڊي جيڏا دگها شعر ڏاڍيان پرهندي هئي، ۽ اسين ٻئي ان جي هيٺئين قسم جي عشقيه شعر تي دل کولي کلندا هئاسين.

        ”مان ڏينهن ۽ رات تو سان گڏ آهيان،

        تنهنجي هر ادا منهنجي دل ۾ جاءِ جوڙي ٿي،

        تنهنجي هٿ جو ڇهڻ، تنهنجي ڪنڌ جو لوڏڻ،

        تنهنجو آواز ڳيري جي آواز جهڙو مٺرو آ،

        ۽ مان پنهنجن خوابن ۾ باز وانگر تنهنجي چؤگرد پران ٿو.“

        هڪڙي ڏينهن اهڙي قسم جي فضول ڇوڪراڻي شعر پڙهڻ کان پوءَ هوءَ چوڻ لڳي، ”سچ پچ، مون کي هن تي رحم ٿو اچي.“ مون کي ياد اهي ته انهيءَ ڏينهن کان پوءِ هن ڪڏهن به وري ڏاڍيان شعر نه پرهيا، نه مون کي پرهي ٻڌايا.

        اسان جو هيءُ شاگرد شاعر مون کان چار سال وڏي عمر وارو جوان جماڻ طبع جو ماٺيلو ۽ شراب جو شوقين شخص هئو. هن کي هڪ هنڌ کُپ کوري ويهڻ جي اهڙي ڪا لياقت هئي، جو جنهن هنڌ ويهندو هئو ته اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندو هئو. هڪڙي ڀيري آتوار جي ڏينهن دعوت تي منجهند جي وقت ٻين وڳين آيو ۽ رات جي ٻئين وڳين تائين هڪ هنڌ خاموش ويٺو رهيو. هو به مون وانگر هڪڙي وڪيل وٽ ڪلارڪ جو ڪم ڪندو هئو، پر ڪم سدائين بي خياليءَ سان ڪندو هئو، هن جو سٺيءَ طبعيت وارو وڪيل هن جي بي خيالي ڏسي وائڙو ويندو هئو.

        ”نلو گند آهي!“ هو ٿورو ڪاوڙ مان چوندو هئو.

        ”ڪهرو گند آهي؟“

        ”موني کي ڪهڙو پتو؟“ چئي هو پنهنجين اکين سان ڇت ڏي نهارڻ لڳندو هئو ۽ ويڪ ڪجهه به نه چوندو هئو. ٻئي پاسي هن شاعر مزاج، اسان جي هن نئين اگرد جي اها موڳائي مونکان به برداشت ٿي نه سگهندي هئي. هو شراب هوريان هوريان پيئندو هئو ۽ جڏهن ٽاٽائي ٿيندي هئس ته نڪ مان گهڻي نموني ڳالهائيندو هئو. انهيءَ کان سواءِ هن ۾ مون کي ڪابه خاص ڳالهه ڏسڻ ۾ نه آئي، نه ئي ڪا بڇڙائي. ڇاڪاڻ تي عام رواجي طرح هڪڙو ماڻهو ج_هن ٻئي ماڻهوءَ جا زال سان عشق ڪندو آهي، ته هو هميشه بڇڙائيءَ ڏانهن مائل لڳندو آهي.

        هن جا ڪي شاهوڪار رشتيدار يوڪرين مان هن ڏي ماهوار پنجاهه روبل موڪليندا هئا. ان وقت ايترا پئسا وڏي رقم ليکيا ويندا هئا. هو منهنجي زال لاءِ هر آرتوار تي، مٺايون وٺي ايندو هئو. هن منهنجي زال جي جنم ڏينهن تي هڪڙي الارم ڪلاڪ تحفو ڏنو، جنهن جوپ گهڙيال ٽامي جهڙي ڌاتوءَ مان جڙيل درخت جي ٽارين ۾ رکيل هئو، جنهن جي مٿان هڪ چٻرو هڪڙي نانگ کي ماري رهيو هئو. اهو واهيات قسم جو گهڙيال مون کي هر روز صبح جو هڪ ڪلاڪ ست منٽ سوير سجاڳ ڪندو هئو.

        منهنجي زال هن سان ناز نخرا ۽ ادائون بند ڪري، ان عورت وارو برتاءُ شروع ڪيو، جنهن کي اها شرمساري هجي، ته ڪنهن ماڻهوءَ جي دل جي آرام کي ڦٽايو هئو. هڪڙي ڀيري مون پڇيو ته ”هن الم ڀريءَ آکاڻي جو انت ڇا ٿيندو؟“

        ”مون کي پتو ڪونهي؟“ هن جواب ڏنو. ”منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڪي مبهم جذبا آهن، مان هن جي اندر ۾ اَکير جاڳائڻ ٿي گهران. هنجي اندر ۾ ڪا شيءِ مرده ٿي وئي آهي ۽ مان سمجهان ٿي ته مان ان کي وري بيدار ڪري سگهنديس.“

        اهو سچ هو ۽ ان جو مون کي پتو هئو. هوءَ هر ماڻهوءَ هر جيءَ ۾ هر شيءَ کي بيدار ڪرڻ گهرندي هئي. هوءَ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيندي هئي، پر جيئن ئي ڪو بيدار ٿيندو هئو، ته ان سان ان جي اندر جو وحشي جانور به بيدار ٿي ويندو هئو. مون هن کي ڪوٺاريءَ جو مال ٻڌايو ته تون اها اهين، جا ماڻهن کي پگهاري، ڪچي ڌاتوءَ کي بدلائي، صاف ڪري، سچي ڌاتوءَ ۾ بدلائڻ ٿي چاهين، پر انهن ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ واري تنهنجي خواهش ڪو خاص اثر نه ٿي ڏيکاري، ۽ اٽلو پنهنجي گهر ۾ وقت بوقت رڍن، ڍڳن ۽ سوئرن جا ڪيئي ڌڻ وڌندا پئي رهيا آهن.

        منهنجا دوست، جي پاڻ کي مون تي مهربان سمجهندا هئا، سي منهنجي ازوداجي زندگيءَ بابت بي آبروءَ جهڙيون ڳالهيون اچي بيان ڪندا هئا.

        مان هنن سان بلڪل کُلي ڳالهائيندو هوس ۽ کين چتاءُ ڏئي چوندو هوس ته آئنده جي اهڙيون ڳالهيون ڪيون اَٿَوف ته موچڙا ڏيندو مانوَ. ڪي پاڻ کي سچو ثابت ڪرن لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندا هئا ۽ بين کي وري منهنجي ساڻن اهڙي روش تي هلڻ ڏک ٿيندو هئو. هڪ ڀيري منهنجي زال ڦري مون کي چيو، ”توکي اهڙيءَ ارڏائيءَ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، انهيءَ ڪري پاڻ هو وات وڌيڪ ٺوڪيندا. توکي ساڙ ته نه ٿيندو آهي، پر ايئن ڪرڻ سان ڪِنُ ٿيندو اهي جيتوڻيڪ مان تمام سڌير ۽ گهڻي اعتماد وارو هوس جو مون کي ساڙ ٿئي، انهيءَ هوندي به انسان جي دل ۾ ڪي جذبا، ڪي امنگ، ڪي خيال هوندا اهن، جي ماڻهو صرف اُنهيءَ عورت سان ونڊي سگهي ٿو، جنهن سان هن جو پيار اهي. عورت جي ميلاپ ۾ اهرو وقت به ايندو آهي، جڏهن انسان پنهنجي اندر کي ان جي اڳيان اهڙيءَ ريت کولي پڌرو ڪندو اهي، جهڙيءَ ريت هڪرو پوڄاري پنهنجي ڀڳوان اڳيان. مون کي جڏهن اهو خيال ايندو هو ته ٿي سگهي ٿو، ته هو4 منهنجي اندر جون ڳالهيون ڪنهن ٻئي جي آڏو وهائي وجهي ته مونکي ڪاور وٺي ويندي ۽ مان ان کي غداري سمجهي ويهندس. مان سمجهان ٿو ته اهو انومان ۽ خيال سڀني رقابتن جي جَڙ ٿئي ٿو. مان محسوس ڪرڻ لڳس ته متان اهڙن پهن پچائڻ ڪري مان پنهنجي منتخب ڪيل رستي تان هثي وڃان. مونکي هاڻي اهو يقين ٿي ويو هو، ته منهنجي لاءِ زندگيءَ ۾ ادب کان ٻاهر ڪا به جاءِ ڪانهي ۽ اهڙين حالتن ۾ منهنجي لاءِ لکڻ محال ٿي ويندو.

        ان ڪري، هن اسان جي احمق ۽ اکڙيل نئين شاعر شاگرد جي ڳالهه کي ڪوشش ڪري ڳالهوڙو ڪرڻ نه ڏنم، ڇاڪاڻ ته مون پاڻ ۾ برداشت جو گهڻو مادو پيدا ڪيو هئو ۽ انسانن ۾ پنهنجي دلچسپي ۽ انهن لاءِ موجود احترام کي قائم رک سگهندو هوس. مون کي پتو هئو ته خدا جي نظرن ۾ سڀ ماڻهو گنهڪار آهن. سڀ کان زياده اهي گنهگار اهن، جي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ميلاپ ماند پيدا ٿيا اهن. نيڪيءَ ۽ بديءَ جو ميلاپ ڪنهن هڪ طرف کان زوريءَ جو نتيجو ناهي، پر اهي اکڙيل ۽ الڙيل باقاعد شاديءَ جو اولاد آهن، جنهن ۾ ضرورت شادي ڪرائڻ واري قاضيءَ جو ڪم ڪندي آهي. شادي اُهو پاڪ دستاويز آهي، جنهن ۾ ٻن مخالف جنسن جو ميل ٿئي ٿو ۽ اهي سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪر مثالن جي، اعتدال کي جنم ڏين ٿا. ان زماني ۾ مون کي سچ ۽ ڪوڙ پنهنجي عميق معنيٰ ۽ مطلب جي ڪري اهڙا وڻندا هئا. جهري آئيس ڪريم ٻارن کي وڻندي آهي. اهي مون کي انگوري شراب جهرو نشو ڏئي ڇڏيندا هئا. مون اهو سوچي سمجهي گهڻيءَ آنڌ مانڌ کان پوءِ، پنهنجي زال کي چيو، ”مان سمجهان ٿو اهو بهتر آهي ته مان هليو وڃان.“

        هن منهنجي ڳالهه قبول ڪئي. ”تون صحيح آهين. منهنجي هيءَ اٻهري، نماءُ پسند زندگي تنهنجي لاءِ ناهي.“

        اسان خاموشيءَ ۽ ڏک سان هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. مان شهر ڇڏي هليو ويس ۽ منهنجي وڃڻ کان جلد ئي پوءِ هوءَ اسٽيج تي هلي ويئي. اهڙيءَ ريت منهنجي پهرين محبت جي ڪهاڻي پوري ٿي. تمام سٺي ڪهاڻي، جيتوڻيڪ ان جي پڄاڻي خاطر خواهه ناهي. ويجهڙ ۾ اها عورت مري وئي آهي.

        مان هن بابت هيءَ ڳالهه چوندس ته هوءَ سچ پچ عورت هئي.  هوءَ ٿوري گهڻي تي گذارن ڪري سگهندي هئي، ڇاڪاڻ ته هر ڏينمهن هن جي لاءِ ڪرسمس جي عيد جهڙو هوندو هئو. هن کي هميشه اها اميد هوندي هئي، ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻ سان گلن جا ڍير، هوشيار ماڻهن جا ميڙ ۽ وڏا واقعا کنيو ايندو. هوءَزندگيءَ جي تڪليفن کي مُرڪي منهن ڏيندي هئي ۽ انهن کي مڇرن جيان تڙي ڪڍندي هئي. منهنجي دل هميشه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهين جي منتظر ۽ خواهان هوندي هئي. هن جي اها ڳالهه اسڪولي ڇوڪريءَ جي خوشيءَ جهڙي نه، پر ان انسان جي صحت مند مسرت جهڙي هوندي هئي، جو زندگيءَ جي عبرت ۾ وجهندڙ شورش، انسانن جي غم ۽ خوشيءَ جي ناتن، تننڍرن واقعن مان لطف اندوز ٿيندو هجي.

        مان چئي نه ٿو سگهان ته هوءَ ماڻهن کي پسند ڪندي هئي پر هو4 انهن کي وڏيءَ دلچسپيءَ سان جاچيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو4 ٻين جي شادين ۽ محبتن جي معملن ۾ ٽنگ اڙائي، هڪرن جي دل ۾ رقابت ۽ ٻين جي دلين ۾ ميلاپ ڪرائي ڇڏيندي هئي. هن کي انهيءَ خطرناڪ راند مان خوشي حاصل ٿيندي هئي.

        ”بک ۽ محبت....دنيا تي حڪمراني ڪن ٿا.“ هوءَ چوندي هئي، ”۽ فلسفو انهن لاءِ پليگ آهي، ماڻهو محبت لاءِ ئي زندهه رهي ٿو....اهوئي زندگيءَ جو مکيه ڪم آهي.“

        هڪڙو اسٽيٽ بئنڪ جو ڊگهو ۽ سنهو سڪل آفيسر جيڪو ٻگهه پڱيءَ وانگر ڏاڍي سنجيده نموني ۽ آهستيءَ سان هلندو هئو، سو اسان وٽ گهڻو ايندو هئو. هن کي پنهنجن ڪپڙن جي هميشه ڳڻتي لڳي پئي هوندي هئي. هو پنهنجين ڊگهين هڏن جهڙين آڱرين سان پنهنجي ڪپڙن تان مٽيءَ جا باريڪ ذرڙا جي صرف هن کي ئي ڏسڻ ۾ ايندا هئا، هر هر پيو ڇنڊيندو هئو. هن جي دل کي ڪو به نئون خيال يا ٺاهوڪو لفظ نه وڻندو هئو. ڇاڪاڻ تي اهي ڄڻ سندس ڳالهائڻ جي طريقي تي، جو سنجيده ۽ مختصر هوندو هئو، جرح ڪندا هئا. هو هميشه اهڙي نموني ڳالهائيندو هئو ڄڻ هر لفظ کي توري ۽ تڪي بيان ڪندو هجي، ۽ سٽ پوري ڪرڻ کان اڳ ۾، جنهن کي رد ڏيڻ جي اجازت نه هوندي هئي، هو پنهنجين ڇڊين سرخ مڇن کي مروٽن لڳندو هو ۽ چوندو هئو، علم ڪيميا، جيئن ترقي ڪري رهيو آهي، ته انهن ڪارخانن، جن ۾ ڪچو مال ڪتب اچي رهيو آهي، وڏي اهميت حاصل ڪندو. انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي ته عورتون پوراليون آهن. زال ۽ سُريت جي وچ ۾ بدني بناوت جو نه، پر اختياريءَ جو فرق آهي.“

        ايئن هو وڌ ۾ پنهنجا وياکياڻي ست جا توريل تڪيل وڪيلاڻا گُفتا پيو ٻڌائيندو هئو. ان وقت مان پنهنجي زال کان بلڪل سنجيده ٿي پڇندو هوس، ”ڇا، تون اها ڳالهه مڃين ٿي ته سڀني وڪيلن کي پَرَ لڳل آهن.؟“

        هوءَ ٿوري شڪي ۽ افسرده لهجي ۾ چوندي هئي، ”نه، مان ا يئن چوڻ جي همٿ ڪري نه ٿي سگهان. باقي مان اهو چوان ٿي ته هاٿيءَ کي اوٻاريل آنا کارائڻ بيوقوفي آهي.“

        ۽ اسان جو دوست انهيءَ تي هيٺين لفظن ۾ تبصرو ڪندو هو، ”مون کي ايئن ٿو لڳي ته توهان، جو چئو ٿا، اهو سنجهيده ناهي.“

        هڪڙي ڏينهن، هن جو گوڏو ميز جي تنگ سان وڃي ٽڪريو، جنهن ڪري هن کي سخت ايزاءُ آيو. ڄنگهه کي هيٺ مٿي ڪندي اهڙيءَ ريت چوڻ لڳو، ڄڻ ان ڳالهه جو ان وقت قائل ٿي ويو هجي، ته ”مقدر حالتن جي پيداوار آهي.“

        هن جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي زال منهنجي ڀاڪر ۾ اچي ويهند هئي ۽ چوندي هئي، ”هو ڪيڏو نه ڇسو آهي! هن جي هر هڪ ڳالهه، گهمڻ گهتڻ ۽ هلڻ چلڻ ۾ به ڇستائي آهي. اهائي هن جي ڳالهه مون کي پسند آهي.....هن جي ڇڙيل ڇنڊيل ڇسائپ ماڻي ڳلن تي ٿڦڪن هن!“

        هن کي اها ڳالهه وڻندي هئي ته مان هن جي پيارين اکين جي ويجهو ڳلن تي زور ڏيان. هوءَ پنهنجو اکيون بند ڪري، ٻليءَ وانگر سڌي ٿي ليٽي رڙيون ڪرڻ لڳندي هئي، ”ماڻهو ڪيترا نه مزيدار آهن. انهيءَ حالت ۾ به، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ٻين کي ڪا دلچسپي ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي. تڏهن به مان هن ۾ ڪانه ڪا دلچسپي ڳولي سگهان ٿي. مان ان ۾ اهڙيءَ طرح نهاريندي آهيان، جيئن ماڻهو ڪنهن بند پيٽيءَ کي جاچيندا آهن. شايد ان ۾ ڪا شيءِ لڪل هجي، اهڙي شيءِ مون کان اڳ ٻين کي ڏسڻ ۾ نه آئي هجي، جا مون کان وقط مون کان لڀي پوي.“

        هن جي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪا به مصنوعيت نه هوندي هئي، ته هوءَ اهي ڳالهيون ڦولهي ڪڍندي هئي، جي ٻين کي هٿ نه آيون هجن. هوءَ پنهنجي ڳولا اهڙي حيرت ۽ عجب سان ڪندي هئي، جيڪو هڪ ٻار کي ڪنهن اوپريءَ جاءِ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ سچ پچ موڳن ماڻهن جي اکين ۾ شعور جي روشني پيدا ڪري وجهندي هئي، پر گهڻو ڪري هنن جي دلين ۾ هن کي حاصل ڪرڻ جو وحشاني جذبو پيدا ٿي پوندو هئو.

        هن کي پنهنجي جسم کي ڏسي، خوشي ٿيندي هئي. آئيني جي اڳيان اگهاڙي بيهي ٽهنڪندي چوندي هئي، ”عورت ڪهڙي نه عجيب شيءِ آهي اهن جي جسم ۾ ڪهڙي نه نسبت رکيل آهي!“ ۽ وري چوندي هئي، ”سٺن ڪپرن ۾ مان وڌيڪ چُست ۽ صحت مند ڏسڻ ۾ ايندي آهيان.“

        ۽ اها حقيقت هئي ته جڏهن هوءَ سٺا ڪپڙا پهريندي هئي، تڏهن وڌيڪ چاڪ چوبند ۽ مسرور لڳندي هئي ۽ هن جي اکين ۾ دلين کي جيئارڻ واري چمڪ پيدا ٿي ويندي هئي. هوءَ پنهنجي لاءِ سوٽي ڇُريل ڪپڙي مان سهڻيون سهڻيون پوشاڪون بنائيندي هئي، ۽ انهن کي اهڙي ڍنگ سان پائيندي هئي، ڄڻ اهي ريشم ۽ بخمل جون هجن.

        هن کي اهڙو سليقو هئو، جو هن جو سادو لباس به شاهاڻو لڳندو هئو. عورتون هميشه هن جي ڪپڙن جي ساراهه ڪنديون هيون، جيڪڏهن سچي دل سان نه ته ساڙ مان. مون هڪڙيءَ عورت کي حسرت مان هن کي چوندي ٻڌو، ”منهنجن ڪپڙن تي تنهنجن ڪپڙن کان ٽيڻو خرچ ٿو ٿئي، تڏهن به تنهنجن ڪپڙن اڳيان ڦِڪا پيا ٿين. جڏهن مان تو ڏانهن نهاريندي آهيان ته ريس ٿيندي اٿم.“

        تحقيق، عورتون هن کي پسند نه ڪنديون هيون ۽ اسان بابت وات ٺوڪينديون وتنديون هيون. اسان جي هڪڙي واقف ڪار ڊاڪٽرياڻي، جا بي انتها سهڻي ۽ بي انتها ڀُڪ هئي، مون کي چتاءُ ڏيندي چيو، ”اها عورت تنهنجي بت جو سمورو رت چوسي وٺندي.

        منهنجي زندگي منهنجي پهرينءَ محبوبا سان هڪ درس هو، پر اسان جي وچ ۾، جي اڻ مٽندر اختلاف هئا، انهن جي ڳنٽيءَ مون کي ڳاري ڇڏيو هئو.

        مان زندگيءَ کي سنجيده شيءِ ڪري سمجهندو هوس. مون گهڻو ڏٺو هئو، گهڻو ويچاريو هئو ۽ هميشه فڪرات ۾ گذايو هئو، ڪي مسئلا جي هن دلبهار عورت جي طبع جي بلڪل ابتڙ هئا، جي منهنجي دل ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيندا رهندا هئا.

        هڪڙي ڏينهن بازار ۾ مون ڏٺو ته هلڙو سپاهي هڪڙي چڱي ڏسڻ ۾ ايندر ڪاڻي پوڙهي يهوديءَ کي، ڪنهن دڪان تان مورين چورائڻ جي الزام ۾ ماري رهيو هئو. مون کي وري ساڳيو پوڙهو مڙس گهڻيءَ ۾ ڏسڻ ۾ آيو. هو سڄو مٽيءَ سان ڀڀوت لڳو پيو هئو، هو ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان هوريان هوريان وڃي رهوي هئو. هن جي وڏي سڄيل ۽ ڪاري اک آسمان ڏانهن نهاري رهي هئي. هن جي زخميل وات مان رت جا ريڳاڙا وهي، هن جي ڏاڙهيءَ ۾ ٿي پيا ۽ هن جي چانديءَ جهڙن وارن کي چهچ ڳاڙهي رنگ ۾ گڱي پئي ڇڏيائون.

        اها ٽيهن سالن جي ڳالهه آهي، پر اڄ به منهنجي اکين اڳيان ان پير مرد جي شڪل اُڀري ٿي اچي، ته هو خاموشيءَ سان ڪنچ مٿي ڪريو آسمان تي نهاري رهيو آهي. مون کي اڃا به هن گهونجن واري چهري تي ڇڳل ڌاڳن وانگر هن جي پنبڻين جو ڦڙڪن ڏسڻ ۾ ٿو اچي. نه، ڪو به ماڻهو اسان جي اهڙي بي حرمتيءَ کي وساري نٿو سگهي، ڀل ته اهي هميشه ياد رهن!

        مان غم، غصي ۽ رحم سان ڀريل اداس اداس گهر پهتس. اهڙي قسم جا واقعا مون کي زندگيءَ لاءِ موهه مان  ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا ۽ مون کي ان کان بيگانو بنائي ڇڏيندا هئا. اهڙو بيگانو، جنهن کي دنيا جي غلاظت، تڪليفون ۽ چريائپ ۽ اهو ڪجهه جو هن جي دل ۾ اڻ چٽندڙ زخم پيدا ڪري ڏيکاري، عذاب ڏنا وڃن. اهڙن موقعن تي مان محسوس ڪندو هوس، ته اهو انسان جو مون کي بلڪل ويجهو آهي، مون کان ڪيترو مختلف آهي.

        جڏهن مون هن کي انهيءَ هنٽر کاڌل يهوديءَ جي ڳالهه ٻڌائي، ته هوءَ مون تي عجب کائڻ لڳي، ”انهيءَ ڳالهه تي ديوانو ٿي پيو آهين؟ تنهنجي طبعيت ڪهڙي نه ڪمزور آهي؟“ ۽ پڇڻ لڳي، ”ڇا اهو پورهو شڪل ۾ چڱو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“

        هوءَ هر ڏک کي دشمن سمجهي، ان کان پاسو ڪندي هئي. هن کي ماڻهن جي ڏکن ۽ سورن ٻڌڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هوندي هئي. هن تي عشق ڀرئي شعر جو گهٽ اٿر ٿيندو هئو. هن جي خوشين ڀريل دل ۾ ڪنهن لاءِ همدردي مشڪل سان پيدا ٿيندي هئي، هن جا پسنديده شاعر هئا: برئنجر ۽ هائيني. هائيني اهو شاعر آهي جو پنهنجن ڏکن ۾ تهڪ ٿو ڏئي.

        هن جي روش ۾ ڪا اهڙي ڳالهه سمايل هوندي هئي جا ٻارن جي انهيءَ وهم سان مشابهه هوندي هئي، ته جادوگر جي کيل ڏيکاريا آهن، اهي آهن ته مزيدار پر سڀني کان وڌيڪ مزيدار ٻيا کيل اڃا ڏيکارڻ وارو آهي. اهو ڪلاڪ اڌ ۾، شايد سڀاڻي.....بهرحال ڏيکارڻ وارو آهي.

        مان سمجها ٿو ته مرڻ ويل به لاشڪ هوءَ انهيءَ عجيب ۽ پراسرار کيل ڏسڻ جي منتظر هوندي.


[*]   مصنف جو نوٽ: انهن ڇوڪرين مان ڪيتريون حيرت انگيز نموني گم ٿي وينديون هيون، گهڻو ڪري  ٻڌيو هو ته ڪا سهڻي ڇوڪري زار سان گڏ شڪار تي ويجهي جهنگل ۾ ويئي ۽ گم ٿي ويئي. ان ڇوڪريءَ جو احوال وري پيٽرزبرگ جي فئشني شاديءَ ۾ ٻڌبو هئو.

[†]   خوفناڪ آئوان جي حڪومت  کان پوءَ تخت جي دعويٰ ڪندر. جنهن جي پٺ ڀرائي پولينڊ جا حڪمران ڪري رهيا هئا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org