سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-2

صفحو :2

باب ٻيو

 

        ڪنهن ماڻهوءَ منهنجي واقفيت ائنڊري ڊيرينڪوف سان ڪرائي. هو هڪڙي ننڍڙي پنسار جي دڪان جو مالڪ هو. هن جو دڪان هڪڙيءَ سوڙهيءَ غريبن جي گهٽيءَ ۾ گندي نالي جي ويجهو هئو.

        ڊيرينڪوف قد جو بندرو هو. هن جي هڪ ٻانهن سُڪل هئي. هن جو منهن قرب ڀريو هو. هن جي ڏاڙهي گهاٽي ۽ اکيون ذهين هونديون هيون. هن وٽ اڻ لڀ ۽ بندس پيل ڪتابن جي، سڄي ڪازان ۾ بهترين لئبرري هوندي هئي. انهن ڪتابن جو فائو گهڻو ڪري شهر جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن جا شاگرد ۽ ٻيا ڪيترائي انقلابي خيالن وارا ماڻهو وٺندا هئا.

        ڊيرينڪوف جو دڪان هڪڙي * ”سڪا پٽسي“ وياج خور جي جاءِ جي ڪنڊ ۾ هئو. دڪان جي پوئين دروازي جي پٺيان هڪڙو وڏو ڪمرو هو، جنهن جي اڱڻ واريءَ دريءَ مان هلڪي روشني ايندي هئي. انهيءَ ڪمري جي پٺيان وري سوڙهو بورچيخانو هئو. انهيءَ رڌڻي جي پٺيان وري هڪرو ڪمرو هئو. جنهن ۾ اها لڪل بي قاعده لئبرري هئي. انهيءَ لئبرريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ٿلهن نوت بڪن ۾ هٿ سان لکيل هئا. جيئن ته لاوروف جو ”تاريخي خط.“ چِرنا چيوسڪيءَ جو  ” ڇا ڪرڻ گهرجي“. پساروف جو ”راز جي بُک“. جيڪي گهڻي استعمال سبب گندا ۽ کٿل هئا.

        پهرئين ڀيري جڏهن مان دڪان ۾ آيس ته ڊيرينڪوف گراهڪن کي سودو ڏيئي رهيو هڍو. مونکي ڪنڌ – ڌوڻ سان ٻئي ڪمري ڏانهن اشارو

 

*  هي هڪرو مذهني فرقو آهي، جنهن ۾ شهوت پرستي حرام آهي. اُنهيءَ فرقي جا ڪيترائي ماڻهو پاڻ کي ڪُٽُ ڪرائي ڇڏيندا آهن.

ڪيائين. جڏهن مان ان منهن اونداهي ڪمري ۾ داخل ٿيس، ته ڏٺم ته هڪڙو بندرو پيرسن ڪنڊ ۾ پيل مجسمي جي اڳيان گوڏن ڀر جهڪيو ويٺو آهي ۽ عبادت ۾ گم آهي. هن کي ڏسي ساروف جو درويش سيرافم ياد اچي ويو. مونکي هن جو اُتي هجڻ عجيب لڳو، مون ٻڌو هئو ته ڊيرينڪوف * ناروڊونڪ آهي.

        مون ڏانهن شوخيءَ مان نهاري چيائين: ”مان ائنڊريءَ جو پيءُ آهيان. تون ڪير آهين؟ مون سمجهيو ته تون ويس مٽايل شاگرد آهين.“

        “ڇا شاگردن کي جڳائي ٿو ته پاڻ کي ايئن لڪائين؟“ مون پڇيو

        ”واقعي ڇو!“ پوڙهي جواب ڏنو: ”ڪو کڻي پاڻ کي ڪيئن به لڪائي، مگر الله کان ڪوبه لڪي نٿو وهي.“

        هو رڌڻي ۾ هليو ويو. مان دريءَ جي ويجهو ويهي رهيس ۽ جلد ئي پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويس. اوچتو هڪڙي عجب ڀرئي آواز منهنجي خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو، ”سو هيءُ آهي!“

        هڪڙي پوڪري جنهن کي سفيد ڪپڙا پهريل هئا، رڌڻي جي در کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي، هن پنهنجا سهڻا وار ڪٽي ننڊا ڪيا هئا ۽ هن جو گول چهرو هيڊو هئو. هن جي ڪارين نيرن اکين ۾ مرڪ چمڪي رهي هئي. هوءَ هو بهو فرشتن جهڙي هئي. انهن فرشتن جهڙي جيڪي ڪرسمس جي پوست ڪاردن تي ڇپيل هوندا آهن.

        ”ڇا، توکي ڀؤ ٿئي؟ ڇا، مان اهڙي ڀوائتي آهيان؟“ هن پڇيو. هن جو اواز سنهڙو ۽ ڏڪندر هو. هوءَ هوريان هوريان ڀت جو پاسو وٺندي. مون ڏانهن ايئين وڌڻ لڳي، ڄڻ هن جي پيرن وارو فرس هوا ۾ ٽنگيل نوڙيءَ مثل هو. جنهن تان هن کي ڪرڻ جو ڀوءُ پئي ٿيو. هوءَ اهڙي نموني هلڻ ڪري ڪنهن ٻيءَ دنيا جي رهواسڻ ٿي محسوس ٿي. هن جو سڄو بت اهڙيءَ ريت ڏڪي رهيو هو، ڄڻ ته هن جي پرن ۾ سُيون چڀي رهيون هيون ۽ هن جي گول ٻارن جهڙن هٿن کي، جن جون آڱريون سخت ۽ بي ست هيون، ڀت ڏنگي رهي هئي.

        مان گونگن وانگر هن جي اڳيان ماٺ ڪيو بيٺو هوس. ڪجهه بي چيني پئي محسوس ڪيم، ۽ ڪجهه هن تي رحم پئي آيم. هن اونداهي ڪمري ۾ هر ڪا شيءِ بيحد عجيب پئي لڳي.

        ڇوڪري ڪرسيءَ تي اهڙي خبرداريءَ سان ويهي رهي، ڄڻ ته ڊپ پئي ٿيس ته متان ڪريسي اڏامي وڇي. هن مون کي ڏاڍيءَ سادگيءَ سان ٻڌايو ته ٻن ٽن مهينن تائين سنڌن سڪڻ ڪري کٽولي تي رهڻ کان پوءِ، هُن ٽن چئن ڏينهن کان گهمڻ ڦرڻ شروع ڪيو هئو.

        هن مرڪندي چيو: ”ڪا سنڌن جي خرابي آهي.“

        مون کي جيتري قدر ياد آهي کيس ٻڌي، مون چاهيو هو ته ڪاس هن جي بيماريءَ جو ٻيو ڪو سبب بيان ڪيو وڃي ها. اهڙي انڌي ڪمري ۾ جتي هر ڪا شيءِ عجيب ٿي لڳي ۽ انوکي نموني ڀتين سان چهٽيل ۽ ان جو حصو ٿي لڳي. اتي اهڙي ڇوڪريءَ جو بيمار ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. اُن ڪري ۾ مجسمي واري بتي ڏاڍي روشن هئي. ان جي زنجيرن جو پاڇو کاڌي جي ميز جي سفيد چادر تي پراسرار نموني پئجي رهيو هو، ۽ سواءِ ڪنهن ظاهري سبب جي پاڻماردو لڏي رهيو هو.

        ”مان تنهنجي باري ۾ ايترو ته ٻڌو اهي“، هن ٻاراڻي مٺڙي آواز ۾ پيو، ”جو ڏسڻ پئي چاهيم ته تون ڪهڙو آهين؟“

        هن ڇوڪريءَ جنهن نموني گهوري پئي ڏٺو، اهو سهپ کان ٻاهر ۽ ڏکيو پئي لڳو. مان ڳالهائي نه پئي سگهيس.    پتوئي   نه   پئي  پيم ته ڪيئن

 

*  سمجهدار ماڻهن جو تولو جيڪو ڳوٺاڻن کي سکيا ڏيڻ ۽ سندن معيار زندگيءَ کي بلند ڪرڻ جي ڪوشس ڪندو هئو.

ڳالهايان؟ ماٺ ڪريو ڀت تي لڳل ڊارون، هرزين ۽ گئري بالڊيءَ جي تصورين ڏانهن پئي ڏٺم.

        هڪڙو نوجوان ڇوڪرو جيڪو منهنجي عمر جو ٿي لڳو، دڪان مان آيو ۽ رڌڻي ڏانهن هليو ويو. هن جا وار سونهري ۽ اکيون شوخ ٿي لڳيون. هن رڌڻي مان رڙ ڪري چيو: ”ميريا، تون هتي ڇا ڪري رهي آهين؟“

        ”الڪسي، هي منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي.“ ڇوڪريءَ مونکي ٻڌايو. ”مان نرسنگ جو ڪم سکندي هيس. پر بيمار ٿي پيس. تون ڳالهائين ڇو نه ٿو؟ ڇا لڄ ٿي ٿيئي؟“

        ايتري ۾ ائنڊري ڊيرينڪوف اچي نڪتو. هن جو سڪل هٿ هن جي جئڪت جي کيسي ۾ پيل هئو. هن پنهنجي ڀيڻ جي ريشمي وارن تي پيار مان هٿ گهمائيندي چيو: ”توکي ڪهڙو ڪمرو گهرجي؟“ هن جي پٺيان هڪڙي سنهڙي. ڳارهن ۽ سائبيرين اکين واري ڇوڪري آئي. مونڏانهن شوخ نموني نهاري چوڻ لڳي: ”يريا، اڄ لاءِ اهو به ڪافي آهي“ ۽ سفيد ڪپڙن واري ڇوڪريءَ کي ٻانهنکان وٺي اندر هلي ويئي.

        هن لاءِ ميريا نالو به سهڻو نه پئي لڳو، اهو ڏاڍو کهرو هو.

        مان به عجيب ڪيفيت ۾ اتان هليو آيس، پر ٻئي ڏينهن شام جو انهيءَ خيال سان موٽي آيس، ته ڏسان ته هي ماڻهو ڪهڙي قسم جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هنن جي دلين ۾ ڇا آهي؟ هنن جي رهڻي ڪرڻي به واقعي عجيب هئي.

        هن جي پوڙهي پيءُ، جنهن جي چهري جو رنگ ايترو ته زرد هو جو ڄڻ نگاهه هن جي جسم مان آرپار وڃي ٿي سگهي، ڪنڊ مان ويٺي نهاريو. هن جا چپ چُريا پئي ۽ انهن تي اهڙي مرڪ هئي، ڄڻ هو چئي رهيو هو: ”بهرباني ڪري مون کي هٿ نه لڳائجو.“ هن کي لڳاتار اهو خوف ستائي رهيو هو ته متان ڪنهن وقت ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي.

        سُڪل ٻانهن واري ائنڊريءَ کي خاڪي جئڪت پهريل هئي. هن کي اڳيان ڏاڍو تيل ۽ اٽو لڳل هئو، هو وڻ جي ڇوڏي وانگر سخت ٿي لڳو. هو ڪمري ۾ داخل ٿيڻ وقت هڪ پاسي ڏي ٿورو جهڪي ويو ۽ هن جي چپن تي اهڙي ٻار واري مرڪ ڦهلجي وئي. جنهن کي انهيءَ مهل ڄڻ سندس ڪنهن شرارت لاءِ معافي ڏني وئي هجي. هن جو سوخ ڀاءُ الڪسي هن سان دڪان جي ڪم ۾ مدد ڪندو هو ۽ هنن جو ٽيون ڀاءُ آئوان جيڪو اڃا پرهي رهيو هو، سو هفتي ۾ هڪ ڀيرو آرتوار جي ڏينهن کين اچي منهن ڏيکاريندو هو. هو صاف سٿرو ۽ سٺي پوشاڪ پهريل ننڍي قد جو جوان هو. هن جو نمونو ڪنهن پوڙهي سرڪاري آفيس وانگر ٿي لڳي. هن جي بيمار ڀيڻ هڪڙيءَ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ۾ مٿي رهندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻ تان هيٺ لهي اچڻ جي تڪليف برداشت ڪندي هئي ۽ جڏهن به هوءَ لهي ايندي هئي. تڏهن مان پاڻ کي بي چين محسوس ڪندو هوس.

        ڊيرينڪوف جي گهر جي سارسنڀار سندن نوڪرياڻي ڪندي هئي. هن جو قد ڊگهو، بت سنهو، منهن ڪاٺ جي گُڏيءَ جهڙو سخت هوندو هو، جنهن ۾ ٻه شوخ اکيون پيو تمڪنديون هيون. هن جي ڌيءَ ”ناستيا“ جنهن جا وار سرخ ۽ نڪ جهنڊار هوندو هو، ماءُ سان ڪم ۾ مدد ڪندي هئي. ته هن جون ناسون ڦڙڪڻ لڳنديون هيون.

        ڊيرينڪوف جي گهر ۾ صحيح حڪمراني شاگردن جي هوندي هئي. اهي شاگرد يونيورسٽي، مذهبي ادارن ۽ جانورن جي اسپتالن مان اچي ڪَٺا ٿيندا هئا. انهن جي ڪٺي ٿيڻ سان ڪافي لُر مچي ويندو هئو. هنن جي اندر ۾ روسي باسندن جي نجات ۽ روس جي مستقبل بابت انڌ مانڌ لڳل هوندي هئي. هو تازين اخبارن ۾ خبرون ڏسي ، نوان ڪتاب پڙهي، شهر  يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ واقعن کان جوش ۾ ڀرجي، شام جي وقت ڪازان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي، ڊيرينڪوف جي دڪان ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا. پوءِ ڪاڪڙا ڦاڙي هڪ ٻئي سان بحث مباحثي ۾ لڳي ويندا هئا. يا ڪمرن جي ڪنڊن پاسن ۾ هوريان هوريان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا هئا. هو پاڻ سان وڏا وڏا ڪتاب کنيو ايندا هئا ۽ پنهنجون جوش ڀريل آڱريون صفحن تي رکي هڪ ٻئي تي واڪا ڪرڻ لڳندا هئا، ۽ جيڪي ڪجهه هنن کي صحيح لڳندو هو، سو ٻين کي قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

        مون کي هنن جا بحث مُباحثا البت گهت سمجهه ۾ ايندا هئا هنن جون بحث هيٺ آيل حقيقتون هنن جي لفظن جي مونجهاري ۾ اهڙيءِ ريت گم ٿي وينديون هيون جهڙيءَ ريت عريبن جي ٻوڙ ۾ چرٻيءَ جا ذرڙا. ڪن شاگردن کي ڏسي مون کي مجسمن جي دڪان وارا سفيد ريش مذهبي فقيهه ياد اچي ويندا هئا. پر هتي مان محسوس ڪندو هوس ته مون اهڙا ماڻهو لڌا هئا،  جن جو مقصد اسان جي زندگيءَ پر اُها لفظن ۾ غائب نه پيئي ٿي. اها ڳالهه مون کي صافس مجهه ۾ پئي آئي، ته هنن کي ڪهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڳڻتي هئي؟ اهي اهڙا مسئلا هئا، جن جي حل سان منهنجو به شخصي واسطو ۽ دلچسپي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو هو ته شاگردن جي گفتگوءَ ۾ منهنجي دل جا مبهم خيال بيان ٿيڻ لڳندا هئا. مان انهن کي اهڙي عزت ڀريءَ نگاهه سان ڏسڻ لڳندو هوس. جهڙيءِ نگاهه سان هڪ اسير انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسندو هجي جيڪو هن کي آزاد ڪرائڻ جو اقرار ڪندو هجي!

        هو وري مون کي اهڙيءَ نگاهه سان ڏسندا هئا، جيئن ڪو واڍو ڪنهن اڻ گهڙيل ڪاٺ جي بُنڊ کي ڏسندو هجي. جنهن مان هن کي ڪا بي مثل شيءِ گهڙي تيار ڪرڻي هئي.

        ”گهري ساڃهه، وطني سمجهه“، هڪڙو شاگرد مون کي ٻئي شاگرد سان وقافيت ڪرائيند. اهڙي فخر سان چوندو هو، جهڙيءَ ريت هڪڙو گهومو ڇوڪر ناليءَ مان لڌل ڏوڪڙ پنهنجن ٻين سنگتين کا ڏيکاريندو هجي. مون کي ”ڳوٺاڻي سوکڙي“ ۽ ”خلق جي خدمتگار“ جا لقب اصل ڪين وڻندا هئا. مان سمنجهندو هوس ته مان زندگيءَ جو ماتيلو بار آهيان. اُهي جهڙيءَ ريت منهنجي دماغي ترقيءَ جي رهنمائي ڪندا هئا، اها به مون کي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي تڪليف رسائيندي هئي. مثلاً هڪڙي ڀيري هڪڙي ڪتابن جي دڪان جي دريءَ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ”پهاڪا ۽ سچا ٻول“ ڏٺو. جيتوڻيڪ مون کي انهن اکرن جي معنيٰ سمجهه ۾ نه پئي آئي. تڏهن به انهيءَ ڪتاب جي پرهڻ جو ڏاڍو سوق اچي ٿيم ۽ هڪڙي مذهبي اداري جي شاگرد کان ٿورن ڏينهن لاءِ اهو ڪتاب اڌارو گهريم.

        ”ٻيو ڇا؟“ ائنده جي نوجوان فيلسوف، جنهن جو مٿو  شيدين جهرو، وار گهنڊيدار، چپ ٿلها ۽ ڏند چمڪندڙ هئا. توڪ ڀرئي لهجي ۾ وراڻيو، ”منهنجا ڀاءُ، اها واهيات ڳالهه آهي، جيڪو توکي چيو وڃي اهو پڙهه، ٻين ڳالهين ۾ اجايو هٿ وجهڻ ڇڏي ڏي!“

        هن جي اهڙي رکائيءَ مون کي مڇرائي ڇڏيو، پوءِ مون ڪجهه دِڪي جي ڪم مان ڏوڪڙ ميڙي ۽ ڪجهه ائنڊري ڊيرينڪوف کان اڌارا ي، اهو ڪتاب خريد ڪيو. اهو پهريون ئي ڄاڻ سڃاڻ وارو ڪتاب جو، جو مون خريد ڪيو هو ۽ اهو اڃا مون وٽ آهي.

        مون سان جيڪا هلٿ هلي ويندي هئي سا بنهه سخت هئي. جڏهن مان ”سوشل سائنس جو الف بي“  نالي ڪتاب پڙهيو، تڏهن انهيءَ نتيجي تي پهتس ته مصنف تهذيب جي واڌاري ۾ گهر ٺاهي ۽ ٺهي جُڙي ويٺل قومن کي اهميت ڏني آهي ۽ رولو قومن جي درجي کي گهٽائي ڇڏيو آهي. مان پنهنجو اهو خيال هڪڙي شاگرد ساٿيءَ کي ٻڌايو. پنهنجي زود رنج منهن تي انهيءَ ڳالهه تي اعتراض جا آثار پيدا ڪندي، پوري ڪلاڪ تائين تنقيد جي جوابدارين تي تقرير ڪندو رهيو. ” ڪن بنيادي اصولن ۾ اعتبار رکڻ ڪري ئي، ماڻهو کي تنقيد جو حق حاصل ٿئي ٿو...تون ڪهڙن اصولن ۾ اعتبار رکين ٿو؟“ هن سوال پڇيو.

        هي شاگرد هميشه پڙهندو رهندو هئو. گهمندي ڦرندي گهٽين ۾ به. مون هن کي ڪيترائي ڀيرا رستي سان ڪتاب پڙهڻ ۾ گم ڏٺو هو. هو ڪتاب پڙهڻ ۾ ايترو ته گم هوندو هئو، جو واٽهڙن سان ٽڪريو ويندو هئو.

        هو نرم دل ۽ اڻ پوريءَ غذا ڪري ڏٻرو هوندو هو. هن کي ”بنيادي حقيقت“ معلوم ڪرڻ جي لوڙي لڳل هئي. هن کي زندگيءَ ۾ ڪتابن کان سواءِ بي ڪنهن وندر جو پتو ئي نه هو. جڏهن هن جي وڻندڙ ڪارين اکين ۾ چهڪندڙ ٻارن جهڙي چمڪ پکڙجي ويندي هئي. ڪازان ۽ واقفيت ٿيڻ کان ڏهه سال پوءِ هن سان منهنجي ملاقات خارڪون ۾ ٿي، جتي هو پنجن سالن جي ملڪ نيڪاليءَ کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺي رهيو هو. هن جي دماغ ۾ اڃا متضاد خيالن جو اثر هو. هن کي سلهه جي موتمار بيماري لڳل هئي، ٿڪ ۾ رت پئي آيس، اُنهيءَ هوندي به ”نٽشي“ ۽ ”مارڪس“ جو هڪ ٻئي سان لاڳاپو لهڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين. پنهنجن پگهريل هٿن ۾ منهنجو هٿ جهلي چوڻ لڳو: زندگي جَڙت (Synthesis) کان سواءِ ... ”هائوڪار“، ”نڪار“، ۽ ”ٺاهه“ کان سواءِ ناممڪن آهي.“

        هو يونيورسيءَ ڏانهن ويندي واٽ تي بس ۾ مري ويو. مون سان ڪيترائي اهڙا شهيد مليا اهن، جن علم جي راهه ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون اهن. مان انهن جي ياد کي مقدس سمجهندو آهيان.

        اهڙي قسم جا ڊزن کن ماڻهو ڊيرينڪوف وٽ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. انهن ۾ هڪڙو جاپاني ’پانٽيليئمن ساتو‘ به هوندو هو. هو مذهبي اداري ۾ تعليم وٺندو هو. اهڙن ميڙن م مون کي اڪثر هڪڙو ماڻهو، جنهن جي ڇاتي موڪري، مٿو ڪوريل، ڏاڙهي ڊگهي، گهاٽي ۽ لباس تاتارين جهڙو هو، ڏسڻ ۾ ايندو هو. هن جي تنگ خاڪي جئڪيٽ، جنهن جا هو بٽڻ ڳچيءَ تائين بند ڪري ڇڏيندو هئو، ايئن لڳندي هئي ڄڻ هن جي جسم سان سبيل آهي. هو ڄاڻي واڻي ڪنڊ وٺي ويهندو هو، جتي پنهنجي ننڊڙي پائيپ جو ڪش هڻي، پنهنجين ڀُرين اکين ۽ خيال سان ڪمريک ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن نهاريندو هو. هو منهنجي منهن ڏي گهڻو چتائي ڏسندو هو. مان محسوس ڪندو هوس، ته هو مون کي پنهنجن خيالن ۾ توري تڪي رهيو آهي. خبر ناهي ڇو؟ هن کي ڏسي مون کي ٿورو ڊپ ٿيڻ لڳندو هو. هن جي خاموشي مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. هن کان سواءِ باقي سڀ ڏاڍيان، چرڀ زبانيءَ سان پر سنئين سڌي نموني ڳالهائيندا هئا. جيتري قدر لفظ وڌيڪ مسالي دار هوندا هئا. اوترو وڌيڪ مون کي پسند ايندا هئا. گهني وقت کان پوءِ مان اها ڳالهه محسوس ڪرڻ لڳس ته اهڙا لفظ ڪريل ۽ ٺڳيءَ ڀريل خيالن جو ٻاهريون ڌَڪُ آهن. هن ڏارهيءَ واري ديوَ جي خاموشيءَ ۾ ڪهڙو راز آهي؟  

        هن کي ”خوخول“ ڪري ڪوٺيندا هئا. مون کي يقين هو، ته ائنڊريءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به هن جي صحيح نالي جو پتو نه هو. جلد ئي مون کي پتو پيو ته هي مس ويجهوئي ياقوتسڪ واري حصي مان ڏهه سال شهر نيڪاليءَ جا پورا ڪري واپس وريو آهي. انهيءَ ڪري هن ۾ منهنجي دلچسپي پاڻمرادو وڌي ويئي. پر ان هوندي به هن سان پاڻ ئي ڄاڻ واقفيت ڪرڻ جي همٿ نه ٿي. جيتوڻيڪ مون کي نه لڄ پئي ٿي نه ئي پاڻ کي بزدل پئي مهسوس ڪيم. انهيءَ جي برعڪس منهنجي دل ۾ هن بابت هر ڪا معلومات حاصل ڪرڻ جي اچي هر کُر لڳي. اها منهنجي اهڙي خاصيت آهي جنه هر دم منهنجي ڪنهن خاص شيءِ يا ماڻهوءَ جي مطالعي  ۾ پئي رنڊڪون وڌيون آهن.

        جڏهن هو ماڻهن بابت ڳالهائڻ لڳندا هئا، ته مان ڪن نامعلوم سببن جي ڪري محسوس ڪندو هوس ته جهڙي نموني هو سوچي رهيا هئا، مان اهڙي نموني ويچار ڪري نه ٿو سگهان. هنن جي لاءِ ماڻهو عقل، قرب، ۽ روهاڻي حسن جو مجسمو ۽ الله جهڙن ڱڻن سان سينگاريل هئا. هنن لاءِ ماڻهو ڪنهن شاندار، انصاف واري  بلند خوبين جو سرچشمو هئا. مان ماڻهن کي انهيءَ نگاهه سان نه ڏسندو هوس. مون کي پنهنجي چورد، ڊکڻ، خلاصي ۽ سربند ڏسڻ ۾ ايندا هئا.

        منهنجي جاڪوف آسپ ۽ گريگوري سان سڃاڻ هئي. پر هي سڀني ماڻهن کي ڳنڍي هڪ – ڪري ڳالهه ڪندا ۽ بيان ڪندا هئا ته پاڻ کي وري انهن کان گهٽ درجو ڏيندا هئا ۽ اُنهن جي هم خيال بنجڻ جي شوق ۾ پاڻ کي انهن جي مرضيءَ تي ڇڏي ڏيندا هئا، پر مون کي ايئن لڳندو هو ته سمورو حسن ۽ دماغي قوتون ماڻهن ۾ پاڻ سمايل هيون، جن جي دلين ۾ اهو اُتساهه لڳل هوندو آهي ته پير ۽ انسانيت ڀريل اصولن تي آزاد زندگيءَ جي نئين تعمير ڪجي.

        اهڙو پاڻ کان ٻاهر ٻين لاءِ پيار وارو جذبو، مون کي اُنهن ماڻهن مان گهڻن م ڏسڻ ۾ نه آيو هو، جن سان مون هيترو وقت عمر گذاري هئي. مون کي منجهانئن گهڻن جي هر لفظ، هر نگاهه ۾ سندن پنهنجي ذات جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي هئي.

        پنهنجي ذات جي نه پر، وسيع عوام جي پرستش ڪندر ماڻهن جا لفط منهنجي دل کي مينهن وانگر اُجاگر ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڳوٺاني زندگيءَ ۾، هارين ۽ هٿ – پورهيتن جي ڏکڻ سورن بابت حال احوال ۽ سڌي سادي ادب جو مون تي ساڳيو اثر ٿيندو هو. مان محسوس ڪرڻ لڳس ته انسان ذات سان ڪامل پيار مان ئي ڪنهن کي اها قوت حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪا زندگيءَ جي صحيه اهميت کي سمجهي ۽ سمجهائي سگهي. ان ريت مان پاڻ بابت خيال ڪرڻ ڇڏي ٻين ڏانهن  ڌيان ڏيڻ لڳس.

        ائنڊري ديرينڪوف مون کي رازداريئه نموني ٻڌايو ته هن جي دڪان جي ڪمائي4 جو وڏو حصو انهن ماڻهن جي امداد ۾ خرچ ٿي ويندو آهي، جي ”ماڻهن جو ڀلو سڀ شيءَ کان افضل“ سمجهن ٿا. ائنڊري انهن ماڻهن جي وچ ۾ ايئن لڳندو هو، ڄڻ هڪڙو ننڍڙو پادري، مها پادرين جي ڪوٺايل مذهبي مجلد ۾ ويٺو هجي ۽ انهن جي ڪا ڳالهه سمجهي نه سگهندو هجي. هو ڪتابن جو مطالعو ڪندڙن جي عقل ۽ سمجهه جي واکاڻ ۾ بخل کان ڪم نه وٺندو هو، پر پنهنجو سُڪل هٿ پنهنجي جئڪيت جي ڇاتيءَ ۾ وجهي ۽ ٻيو هٿ پنهنجي ڏاڙهيءَ ته گهمائي، مون کان مرڪي پڇندو هو: ”هو ڇاٿا چون!؟“

        جڏهن جانورن جي اسپتال وارو لاوروف پنهنجي آواز سان، جيڪو بدڪ جي ڪرڪات جهڙو هوندو هو، ناروڊونڪ فرقي وارن جي برخلاف ڪافراڻو دليل ڏيڻ لڳندو هو، ته ڊيرينڪوف پنهنجون اکيون جهڪائي خار مان چوندو هو، ”ڪيڏو نه شرارتي آهي!“

        ديرينڪوف جو ناروڊونڪن ڏانهن رويو ساڳيو مون جهرو هوندو هو، پر شاگردن جي هن سان هلت کهُي ۽ اڻانگي هوندو هئي. اهڙي جهڙي ڪنهن امير ماڻهوءَ جي نوڪر يا هوتل جي بيري سان ڊيرينڪوف کي ان جو پتو ئي ڪونه هو. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ملاقاتي هليا ويندا هئا ته هو مون کي رات اتي تڪي پوڻ لاءِ چوندو هو. اسين جاءِ کي صاف ڪري، نرم گلم وڇائي ان تي سمهي پوندا هئاسين ۽ رات جي ڳپل وقت تائين هوريان هوريان ڳالهيون ڪندا هئاسين. چؤ طرف اوندهه لڳي پئي هوندي هئي. جنهن ۾ مجهسمي جي بتيءَ جي هلڪي روشني پئي تم ٽم ڪندي هئي. هو سرهائيءَ مانپڪي اعتماد سان چوندو هو: ”ٿورئي وقت ۾ ههڙا سوين بلڪ هزارين ماڻهو جمع ٿي ويندا ۽ سڄي روس ۾ وڏن اهم عهدن تي فائز ٿي ويندا.....پوءِ جلد ئي اسان جي زندگيءَ جو ڦيرو ڻي ڇڏيندا.“

        هو مون کان اٽڪل ڏهه کن سال عمر ۾ وڏي هو. مان ڏسندو هوس ته هو سرخ مٿي واري ناستيا تي موهت هوندو هو. هو هن جي هر کائيندڙ اکين ڏانهن نهارڻ کان پيو پاسو ڪندو هو ۽ ٻين ماڻهن جي سامهون هن سان رکو ۽ مالڪن وارو رويو اختيار ڪندو هو. پر هن جي اُٿ-ويهه کي وڏي چاهه مان پيو واجهائيندو هو، ۽ جڏهن هن سان اڪيلو هوندو هو، ته ڳالهائڻ ۾ لڄي لڄي پيو ٿيندو هو ۽ مُرڪي ڏاڙهيءَ کي گنهڻ لڳندو هو.

        هن جي ننڍي ڀيڻ به ڪنڊ ۾ ويٺي شاگردن جي لفظي ڏي-وٺ ٻڌندي هئي. هن جون اکيون پتجي وينديون هيون ۽ هن جو ٻارن جهرو معصوم منهن خيال ڏئي ٻڌڻ ويل کل جهڙي نموني ڦوڪجي ويندو هو. جڏهن گفتگو وڌيڪ شوخ ٿي ويندو هئو، ته هوءِ اهڙو تڪڙو ۽ ڏاڍيان ساهه کڻڻ لڳندي هئي ڄڻ ڪنهن هن جي مٿان اوچتو ٿڌي پاڻيءَ جو ڏول هاريو هجي. انهن ۾ هڪرو ڳاڙهه – سُرن وارن وارو ڊاڪٽري پرهندڙ شارد هوندو هو، اهو هِن جي اڳيان ڪُڪڙ وانگر ڪانڊار جي اچ-وڃ شروع ڪري ڏيندو هو ۽ جڏهن هن سان ڳالهائڻ لڳندو هو، ته پنهنجي آواز کي ايترو آهستي ڪري ڇڏيندو هو، جو ٻڌندڙ لاءِ سمجهڻ ئي مشڪل هو ۽ هن جي اکين جون ڀروون اڀيون ٿي وينديون هيون. اهو لقاءُ ڏاڍو عجيب ۽ مزيدار هوندو هو.

        سرءُ موٽي آيو. مسلسل ڪم کان سواءِ زندگي گهارڻ ڏکي ٿي پيئي. مان پنهنجين نين دلچسپين ۾ اهرو ته گم ٿي ويو هوس جو جيئن پوءِ تيئن گهت ڪمائڻ لڳس. ايتري قدر جو پنهنجي روزاني پيٽ – گذر لاءِ به بين تي ڀاڙڻو پوندو هو. ٻين جي ماني نڙيءَ مان اندر اوڳاڇڻ ڏاڍي ڏکي آهي. مان سياري جي لاءِ نوڪريءَ جي تلاس ڪئي ۽ مون کي واسلي سيمويونوف جي بيڪريءَ ۾ ڪم ملي ويو. پنهنجي انهي زندگيءَ جو بيان پنهنجي افسانن: ”مالڪ“، ”ڪانو والوف“ ۽ ”ڇويهه ۽ هڪ“ ۾ ڪيو اٿم. اهو ڏاڍو ڏکيو پر پِرائڻ جو وقت هو. جسماني توڙي روحاني طرح عذاب هو.

                جڏهن مان بيڪريءَ جي بُهري ۾ داخل ٿيس، ته منهنجي ۽ منهنجي رفيقن جي وچ ۾، جن جي صحبت منهنجي رهنمائي لاءِ ضروري ٿي پئي هئي، ”جدائي جي ڀت“ کڙي ٿي ويئي. انهن مان ڪوبه بيڪريءَ ۾ مون سان ملڻ ڪين ايندو هو. روزانو چوڏنهن ڪاڪ ڪم ڪرڻ ڪري، هفتي جي آخر ۾ به ڊيرينڪوف وارن سان ملڻ لاءِ وڃي نه سگهندو هوس. موڪلن جي ڏينهن تي مان سمهي پوندو هوس يا بيڪريءَ ۾ ڪم ڪندڙن ساٿين سان پنهنجو وقت گهاريندو هوس. انهن مان ڪي مون کي وندرائيندر ڀوڳائي سمجهندا هئا ۽ ٻيا مون کي اهڙو پيار ڪندا هئا جهرو ننڍڙا ٻار انهيءَ وڏي کي ڪندا اهن، جو کين مزيدار ڪهاڻيون ٻڌائيندو آهي. الله ئي ڄاڻي ٿو ته مان هنن کي ڇا ٻڌائيندو هوس، پر مان اها ڪوشس ڪندو هوس ته هنن ۾ اها اميد پيدا ڪريان ته هن ابتر زندگيءَ کان ٻي بهتر زندگي ممڪن آهي، جنهن ۾ تڪليف گهت، آرام ۽ مقصد جو اتساهه وڌيڪ آهي. ايئن ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي مطلب ۾ ڪامياب ٿي ويندو هوس. جڏهن هنن جا سُڪل منهن پنهنجي موجودهه نصيب تي ڪاوڙ مان ڳاڙها ٿي ويندا هئا ۽ هنن جي اکين مان غصي جا اُلا نڪرڻ لڳندا هئا، ته منهنجي دل کي اطمينان حاصل ٿيندو هو ۽ انهيءَ ڳالهه ته فخر ٿيڻ لڳندو هوم ته مان ”ماڻهن ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان“ ۽ انهن کي ”روشني“ بخشي رهيو آهيان.

        ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هنن جي تمام سادن سوالن جا جواب ڏئي نه سگهندو هوس، ته پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ هيڻائي جو احساس ٿيندو هوم، ۽ محسوس ڪندو هوس ته جيڪر مون کي ڪنهن اهڙي اونداهيءَ کڏ ۾ اڇلايو وڃي، جتي انسانُ انڌي ڪيڙي وانگر ريڙهيون ڏيندو وتي، يا حقيقتن کي وساري شراب جي گرم بوتل ۽ مئشا.ن جي سرد ڀاڪرن ۾ تسڪين حاصل ڪري.

        ماڻهن لاءِ هر مهيني پگهار واري ڏينهن ڪيبياڻين ڏانهن وڃڻ اڻ ٽر ڳالهه هوندي هئي. انهي خوشيءَ ڀرئي ڏينهن کان اڳ پورو هفتو هُو انهن مزن جا ڏاڍا خواب ڏسڻ لڳندا هئا ۽ جڏهن اهو ڏينهن گذري ويندو هو ته هڪ ٻئي کي پنهنجن مزن ڀريل آزمودن جا احوال ٻڌائڻ لڳندا هئا. اهڙيون ڳالهيون هو تمام کليل نموني ڪندا هئا جنهن ۾ پنهنجي جوانمريديءَ جي ڳالله وڌائي چڙهائي بيان ڪندا هئا ۽ عورتن تي خندڪو ڪرڻ لڳندا هئا. عورتن جي ذڪر وقت نفرت وچان ٿڪون اڇلڻ لڳندا هئا.

        اِنهيءَ هوندي به عجب جي ڳالهه هئي، جيڪي ٻڌندو هوس يا خيال ڪندو هوس، ته ٻڌو اٿم انهيءَ جي پٺيان سندن شرم ۽ افسوس لڪل هوندو هئو. انهن ”عياشيءَ جي اڏان“ ۾ جتي هڪ روبل ڏيڻ سان سڄيءَ رات لاءِ عورت وڪرو ٿيندي هئي. مان ڏسندو هوس ته منهنجا ساٿي پاڻ کي لڄي ۽ شڪي محسوس ڪندا هئا ۽ اها ڳالهه مون کي قدرتي لڳندي هئي. ڪن يارن جي هلت حد کان زيادهه کليل ۽ بي ڌڙڪ هوندي هئي، مون کي انهيءَ ۾ مصنوعيت ۽ ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ سمجهندو هوس ته هو ڄاڻي واڻي ايئن ڪري رهيا آهن. منهنجي لاءِ انهن جنسي تعلقاتن ۾ عجيب حيرت هوندي هئي. تنهنڪري مان انهن کي ڏاڍي غور ۽ فڪر سان سوچيندو هوس. مون اڃا ڪنهن به عورت جو قرب حاصل ڪين ڪيو هو، ۽ انهن عيشن جي اڏن ۾ عورتن کان پاسي ڪرڻ ڪري منهنجي حالت ڏاڍي ڏکي ٿي پوندو هئي. منهنجا دوست ۽ عورتون ٻئي مون تي کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳندا هئا. جلد ئي منهنجن ساٿين مون کي انهن عيش جي اڏن ڏانهن وٺي وڃن جون دعورتون بند ڪري ڇڏيون. هنن مون کي صاف چئي ڏنو: ”بهتر آهي ته اسان کان پري رهه، اسان سان گڏجي ڪٿي نه هل.“

        ”ڇو؟“

        ”تو سان گڏجي گهمڻ ۾ مزو ڪونهي.“

        انهن لفظن پاڻ منهنجو شوق وڌائي ڇڏيو، ۽ محسوس ڪرڻ لڳي ته هو ڪا اهم ڳالهه مون کان لڪائي رهيا آهن. پر مون کي انهن مان ڪنهن به چڱيءَ ريت اصل ڳالهه نه سمجهائي.

        ”ڪهڙو نه عجيب ماڻهو آهين! اسان توکي هڪ ڀيرو چئي ڇڏيو آهي ته اسان نه  هلندو ڪر. تنهنجي گڏ هجڻ ڪري لئي ئي نه ٿي اچي.“

        آرٽيم کلندي، چيو: ”تنهنجو هلڻ ايئن آهي ڄڻ پادريءَ يا پيءُ ساڻ هجي.“

        عورتون پهرين منهنجي وٽن نه ٽڪڻ تي مسخريون ڪنديون هيون. پوءِ خار مان پڇڻ لڳيون: ”تون اسان کي پنهنجي لائق نه ٿو سمجهين ڇا؟“

        تيريسا بوروتا چاليهن ورهين ۾ متاري ۽ پرڪشش پولش عورت، جنهن کي حُسن جي بازار ۾ پنهنجو اڏو هو، ڪنهن چڱيءَ ريت پاليل ڪتي جي، حرفتي اکين وانگر مون کي نهاريندي چوڻ لڳي: ”ويچاري کي ڪَڪِ نه ڪريو. پڪ ئي پڪ هن کي ڪا مجبوري آهي. ايئن آهي نه؟ ههڙي سگهاري جوان کي صرف ڪا محبوبڙي يا ڪا مجبوري ئي اسان کان پري رکي سگهي ٿي.“

        هوءَ پيئڻ ويل ڏاڍو شراف پي ويندي هئي ۽ پيئڻ کان پوءِ بلڪل رکو روح ٿي ويندي هئي. پر جڏهن هوءَ پيتل نه هوندي هئي ته ماڻهن ڏانهن خيال سان نهاري انهن جي عملن بابت جيڪي رايا بيان ڪندي هئي. سي مون کي وائڙو ڪري ڇڏيندا هئا.

        ”شاگردن کي سمجهڻ ڏاڍي ڏکيو اهي.“ هن منهنجي ساٿين کي ٻڌايو، ”هو عورتن سان ڪهڙيون عياشيون ڪندا آهن! پهريان هنن کان فرش کي صابڻ هڻائي آلو ڪرائيندا اهن، پوءِ انهن کي اگهاڙو ۽ اونڌو ڪري، هٿ پير چينيءَ جي پليٽن تي رکائي، وٺي ڌڪو ڏيندا آهن ته ڪيستائين ترڪندي ٿي وڃي. پو3 ٻيءَ سان، انهءَ کان پوءِ ٽينءَ سان، آخر انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟“

        ”ڪوڙ ٿا ڳالهائين؟“ مون چيو.

        ”نه، نه، مان سچ ٿي چوان.“ هن سواءِ ڪنهن رنجش محسوس ڪرڻ جي اهڙي نموني چيو ڄڻ هن جي ڳالهه جو مزو ٽُٽي پيو.

        ”تون پنهنجي دليؤن ٺاهي ٿي هٻڻن.“

        ”عورت پنهنجي دل مان اهڙيون ڳالهيون ڪيئن جوڙيندي؟ ڇا تون سمجهين ٿو مان چري آهيان”، هن مون ڏانهن تارا ڪڍي نهاريندي چيو.

ماڻهو اسان جون ڳالهيون ڏاڍي چاهه مان ٻڌي رهيا هئا. تيريسا به بازارِهسن ۾ ايندڙ مهمانن جي عياشين جو ذڪر سادي نموني اهڙي ماڻهو4 وانگر ڪري رهي هئي، جنهن کي انهيءَ ڄڻڻ جي خواهش هجي ته آخر اهو ڇالاءِ؟

        ٻڌندڙ نفرت وچان ٿُڪون اڇلڻ لڳا ۽ شاگردن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. جڏهن مون ڏٺو ته ٽيريسا انهن ماڻهن بابت، جن کي مان پنهنجي سچيءَ دل سان پيار ڪرڻ سکيو هو، خواريءَ ۽ ڌڪا جو ٻج ڇٽي رهي آهي، تڏهن مون جواب ڏنو ته، ”شاگرد ماڻهن کي پيار ڪندا آهن ۽ انهن جي دلي خواهش ماڻهن جي ڀلي ڪرڻ جي آهي.“

        ”تون ”واسڪريسينسڪايا“ گهٽيءَ جي شاگردن جو ذڪر ڪري رهيو آهين. جيڪي يونيورسٽيءَ جا طالب العلم اهن، پر جن جي مان ڳالهه ڪري رهي آهيان، اهي ”آرسڪاءِ پالي“ هٽيءَ وارا چرچ ۾ رهندڙ آهن. اُهي چرچ جا شاگرد گهڻو ڪري يتيم آهن. اهي وڏي لاءِ چور، نشه انگيز ۽ خراب ماڻهو ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي يتيم آهن، تنهنڪري هنن کي روڪ ٽوڪ ڪرڻ وارو ڪو آهي ئي نه.“

شاگردن، سرڪاري ڪامورن ۽ سفيد پوش ماڻهن بابت ٽيريساجون ڳالهيون ۽ ڪسبياڻين جون شڪايتون منهنجي ساٿين جي دلين ۾ نفرت ۽ ڌڪار کان سواءِ قياس ۽ همدرديءَ جهڙا اثر پيدا ڪنديون هيون، جو چوڻ لڳندا هئا. ”چئبو ته تعليم يافته ماڻهو اهڙا ويل اهن، هو ته بنهه ڪي جانور آهن!“

اهي ڳالهيون مون کي ڏکوئينديون هيون. مان ڏسڻ لڳس ته انهن سوڙهين اونداهين ڪوٺين ۾، گندين نالين وانگر شهر جو گند اچي ڪٺو ٿيندو هو، ۽ اُتي گندن دونهاٽيل شعلن جي مٿان اُٻري ۽ پوءِ نفرت ۽ بڇڙايون کڻي، وري واپس شهر ڏي هليون ويندو هو. انهن ڄار وارين کُڏين ۾ ماڻهو جانورن واري سڌن ڀريل بي مزي زندگيءَ جا ڏينهن راتيون گهارڻ لاءِ اچي ڪرندا هئا. مان ڏسندو هوس ته اڍنگا لفظ اتي محبت جي ڏکن سورن ۽ آزمودن جي گيتن جو روپ اختيار ڪري، نڪري نروار ٿيندا هئا. منهنجي اڳيان اها ڳالهه روشن ٿي ته اُهي ”آرام“ ۽ ”عيش“ جا اڏا هڪڙي قسم جي يونيورسٽي هئا، جتي منهنجن ساٿين کي هڪڙي قسم جي زهر آلوده سکيا ملندي هئي.

        مان انهن ”عميش جي ڌيئرن“ سان ماڻهن کي عجيب و غريب بي حيائيءَ واريون حرڪتون ڪندو ڏسندو هوس. اهي بڇڙايون ڏسي منهنجي دل ۾ بي چيني ۽ بيقراري پيدا ٿي ويندي هئي ۽ منهنجي دل ۾ خواهش پيدا ٿيندي هئي ته انهيءَ جهان کي الوداع چئي ڪاڏي ٻڄي وڃان.

        بيڪريءَ ۾ جڏهن مان پنهنجن ساٿين کا ٻڌائيندو هوس ته ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جي آزاديءَ جي راهن ڳولڻ ۽ ماڻهن جي ڀلائي واسطي پاڻ پتوڙي رهيا اهن، ته جواب ۾ هو چوندا هئا: ”ڪسبياڻيون ته انهن بابت ٻيون ڳالهيون بيان ٿيون ڪن.“

        هو مون تي بي قياس ۽ سخت ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪندا هئا. مان به اُنهيءَ اڳرائي ڪندر بلونگڙي وانگر جيڪو پاڻ ۾ وڏن ڪن سان مقابلي جو ست سارنيدو آهي، انهن کي روڪ ٺوڪ جواب ٻڌائيندو هوس. زندگيءَ کي سمجهڻ مان محسوس ڪرڻ لڳو هوس ته اهو اهڙو ڏکيو ڪم آهي جهڙي زندگي پاڻ. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي انهن هٺيلن ساٿين لاءِ ڌڪارپيدا ٿي ويندي هئي. سڀ کان وڌيڪ مون کي ڪاوڙ انهيءَ ڳالهه تي لڳندي هئي ته هو ڪهڙي نه صبر ۽ سانت سان شرابي مالڪ جي هٿان ظلم ۽ بي عزتي برداشت ڪري رهيا هئا.

        ۽...ڄڻ ته ايئن ٿيڻو هو!... انهيءَ ڏکئي وقت ۾ منهنجي دماغ ۾ بلڪل توان خيال اچي ويٺا، جن مونکي ڏاڍو تنگ ڪيو.

        هڪڙي طوفاني رات جڏهن هوا ۾ گوڙ ۽ شور لڳو پيو هو، جڏهن ايئن پئي لڳو ته آسمان مان ڪرندڙ برف، ساريءَ زمين کي دفن ڪري ڇڏيندي، جڏهن ايئن ٿي محسوس ٿيو ته ڌرتيءَ جي پڄاڻيءَ جو پهر اچي پهتو آهي ۽ سج جي روشني هميشه لاءِ غائب ٿي وئي آهي. اهڙيءَ رات مان ڊيريڪوف وٽان بيڪريءَ ڏانهن واپس وڃي رهيو هوس. هوا منهنجي سامنهون هئي. تنهنڪري اکيون ٻوٽيون پئي ويس ۽ جڏهن اکيون کوليم پئي، ته چو طرف سفيد برف جو گهمسان ڏسڻ ۾ پي آيم. اوچتو مون ٿاٻو کاڌو ۽ ڪري پيس. هڪڙو ماڻهو ڦٽ پاٿ جي وٽِ سان ستو پيو هو، جنهن سان منهنجو پير وڃي وچڙيو هو.

        اسان نهي کان ساڳي ”او خدا!“ جي رڙ، هن کان فرانسيسيءَ ۽ مون کان روسي زبان ۾ نڪري ويئي.

        اِها ڳالهه مون کي ڏاڍي عجيب لڳي، مون هن ماڻهوءَ کي ڇڪي اٿاري بيهاريو، هو قد جو بندرو، ۽ وزن ۾ ته ڪجهه به نه هو. منهنجي ٻانهن کي سٽ ڏيندي. ڪاوڙ مان چَهڙ ڏنائين: ” منهنجي ٽوپي! خدا جي مار پوئي“ منهنجي توپي ڏي نه ته مان برف ۾ ڄمي ويندس.“

        مون هن جي ٽوپي ڳولي ورتي! ان کي ڇنڊي صاف ڪري هن جي جهنڊولي مٿي تي رکي. پر هن ٽوپي لاهي، مون تي اولاري، مون کي ٻن زبانن ۾ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، ”هليو وڃ!“

        ان کان پوءِ هو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، سامهون هليو ويو ۽ اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو. مان وري ڊوڙي وڃي هن وٽ پهتس. ڏٺم ته هُو هڪڙي رستي جي بتيءَ واري ڪاٺ جي ٿنڀي کي باڪر پايون بيٺو هو ۽ ليلائي پئي چيائين: ”لِنيا، مان مري رهيو آهيان، لِنيا.“

        ڏٺم ته هو نشي ۾ الوٽ هو ۽  جيڪڏهن هن کي انهيءَ حال ۾ ڇڏي ڏيندس ته سرديءَ ۾ يخ ٿي مري ويندو. مون هن کان پڇيو ته ”ڪٿي رهندو آهين؟“

        ”هيءَ ڪهڙي گهٽي آهي؟“ هن سڏڪا ڀريندي چيو: ”مون کي پتو ناهي ته ڪهڙي پاسي وڃجي.“

        مون پنهنجي ٻانهن هن جي چيلهه جي چوگرد ڦيرائي، ٿورو سهارو ڏئي وري پڇيو: ”ڪٿي رهندو آهين؟“

        ”بولاڪ گهٽيءَ ۾“ هن ڏڪندي ۽ مِڻ مِڻ ڪندي چيو: ”بولاڪ گهٽيءَ ۾ ....اتي هڪ حمام ۽ جاءِ آهي ... جاءِ آهي.“

        هن جا پير پت تان کسڪيا پئي ويا، ٿيڙ ۽ ٿابا پئي کاڌائين، جنهن ڪري منهنجي لاءِ به هلڻ ڏکيو ٿي پيو هو. هن جي ڏندن جي ڏڪڻ جو آواز مون کي صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

        ”ڇا، توکي خبر آهي؟“ مون کي هڪ پاسي ٿيلهو ڏيندي هن کي فرانسيسيءَ ۾ چيو.

        ”مان نه ٿو سمجهان.“

        هو بيهي رهيو، پنهنجو هٿ مٿي ڪري، اکر اکر ڪري، مون کي ايئن لڳو ڄڻ فخر سان چيائين: ”توکي خبر آهي مون کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي.“

        هن پنهنجون آڱريون وات ۾ گرم ٿين لاءِ وڌيون، ٿورو ٿاٻريو  ذري گهت ڪري پيو. مون هيٺ جُهڪي هن کي پنهنجي پُٺيءَ تي کنيو. هن جي کاڏي منهنجي مٿي سان گسي رهي هئي. ۽ هو چئي رهيو هو: ”توکي پتو آهي ته ڪيڏانهن ....او الامان يخ ٿي رهيو آهيان.“

        جڏهن اسان بولاڪ گهٽيءَ وت پهتاسين، تڏهن مون کي هن کان ڪيترائي ڀيرا پڇڻو پيو ته هن جو گهر ڪٿي آهي؟ آخر هڪڙي بلڊنگ جي اڱڻ جي اڳيان جيل ننڍڙيءَ ۾ جيڪا سڄي برف ۾ ڍڪي پئي پئي هئي، گهڙي وياسين. هن دروازي کي هوريان کڙڪائيندي مون کي هوريان چيو، ”شَ! ماٺ!“

        هڪڙي عورت جنهن کي ڳاڙهو لباس پهريل ۽ هٿ ۾ موم بتي هئي. دروازو کوليو. هو4 ٿورو هٽي بيٺي ۽ کيسي مان چشمو ڪڍي، مون کي مٿي کان وٺي پيرن تائين ڍتائي نهارڻ لڳي.

        مون هن کي چيو ته هن ماڻهوءَ جا هٿ برف ۾ ڄمي ويل ٿا ڏسجن هن جا ڪپڙا بدلائي. هن کي بستري ۾ ليٽائڻ گهرجي.

        ”هائو.“ هن چيو. هن جو آواز مٺو ۽ جوانڙين وانگر صاف هو.

        ”هن جي هٿن کي ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئڻ گهرجي.“

        هن زبان سان ڪجهه به نه ڪڇيو باقي عينڪ سان ڪمري ۾ هڪ ڪنڊ ڏانهن اشارو ڏنائين. اُتي ٻيو ته ڪجهه ڪونه هو، هڪڙي گهوڙي پئي هئي جنهن تي هڪڙي تصوير، جنهن تي ندي ۽ ون چٽيل هئا، پئي هئي. مان حيرت مان عورت جي منهن کي تڪڻ لڳس. هوءَ مون وتان ٻيءَ ڪند ڏانهن هلي ويئي، جتي ميز تي بتي ٻري رهي هئي، جنهن جي مٿان گلابي رنگ جو ڍَڪ هو، ۽ اتي هوءَ ويهي رهي. تاس جي پتن مان پان جو گولو کڻي ان کي ڌيان سان ڏسڻ لڳي.

        ”تو وٽ ووڊڪا آهي؟“ مون ڏاڍيان پڇيو. هن ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ ميز تي پتن رکڻ ۾ مشعول هئي. ماڻهو ڪريسيءَ تي ويهي رهيو. هن جو ڪنڌ ڇاتيءَ تي ڍُرڪي پيو هو ۽ هن جا سرخ هٿ لُولن هٿن وانگر  پئي لڙڪيا. مون هن کي ڪوچ تي کني هلايو ۽ هن جا ڪپڙا بدلائڻ شروع ڪيم. مان سمجهي نه پئي سگهيم ته هتي ڇا ٿي رهيو هو؟ مان ايئن محسوس ڪري رهيو هوس. ڄڻ خواب ڏسي رهيو هوس. ڪوچ جي ويجهو جيڪا ڀت هئي سا سڄي تصويرن سان ڀريل هئي. انهن تصويرن جي مٿان هڪڙو سونهري هار پئي لڙڪيو، جنهن تي سفيد ربينيون لڳل هيون. هڪڙيءَ ربين تي هيٺان هي لفظ سونهري رنگ سان لکيل هئا: ” بي مثل، گلڊا کي.“

        ”خيال سان،“ جڏهن مان همراهه جي هٿن کي مالش ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن هن رڙ ڪري چيو. عورت پنهنجن پتن ۾ ئي گم هئي. هن جو چهنبدار نڪ هن جي مهانڊن کي پکيءَ جهرو ڏيک ڏئي رهيو هو، جنهن ۾ ٻه وڏيون هڪ هنڌ ماٺ ڪري بيٺل اکيون چمڪي رهيون هيون. اوچتوئي اوچتو هن ننڍڙا ٻارڙن جهڙا هٿ پنهنجي سونهري وارن ۾ وجهندي هوريان پر چمٽي آواز ۾ پڇيو: ”جارجيس، تون مِشا سان مليو هئين؟“

        جارجيس، مون کي هڪ پاسي ڪندي، تڪڙو اٿي ويهي رهيو، ۽ بيچينيءَ مان چيائين: ”ڇو، پر توکي ته پتو آهي ته هو ڪِيف * هليو ويو آهي.“

 

*  روس جو مشهور شهر

        ”هائو. ڪِيف ڏانهن،“ عورت ورجايو. هن جون اکيون پَتن ۾ ئي کتيون پيون هيون. مون محسوس ڪيو ته هن جي آواز ۾ ڪنهن به قسم جي گرمي سردي نه هئي.

        ”هو جلدئي واپس ايندو...“

        ”هائو؟“

        ”يقيناً جلدي.“

        هو اڌ اگهاڙي جسم سان ئي ڪوچ تان ٽپو ڏئي اٿيو ۽ هن وت وڃي هن جي پيرن تي ڪري، ڪجهه فرينچ ۾ چوڻ لڳو.

        ”مان خاموش آهيان“، عورت روسي زبان ۾ جواب ڏنو.

        ”توکي ته پتو آهي .... مان رستو وڃائي ويٺو هوس، ڪيڏو نه برف جو طوفان ۽ ڇوهي هوا پئي لڳي. مون سمجهيو پئي ته مان يخ ٿي ويندس. ”جارجيس هن جي هٿ تي، جو هن جي گوڏي تي پيو هو، پيار مان پنهنجو هٿ پئي گهمايو ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ احوال پئي ٻڌايو. هو اٽڪل چاليهن سالن جي عمر جو هو. هن جي سرخ منهن ۽ گهاٽين مڇن هيٺا ٿلهن چپن تي انتظاريءَ ۽ خوف جا آثار هئا. هو پنهنجي گول کوپڙيءَ جي سخت ۽ سرخ وارن کي مهٽن لڳو. هن جو نشو آهستي آهستي گهٽجي رهيو هو.

        ”اسين سڀاڻي ڪيف هلنداسين“ عورت اهڙي لهجي ۾ چيو، جو سوال به ٿي سگهيو پئي ۽ حڪم به،

        ”بلڪ ٺيڪ، سڀاڻي! هاڻي توکي  آرام ڪرڻ گهرجي. تون سمهين ڇو نه ٿي؟ ڪافي دير ٿي وئي آهي.“

        ”ڇا اڄ مِشا ڪين ايندو؟“

        ”او، نه، نه! ڏس ڪيڏو نه طوفان....اچ، هاني ٿورو آرام ڪر.“

        هن ميز تان بتي کنئي ۽ هن کي ڪتابن جي ڪٻٽ وٽ جڙيل ننڍڙي دروازي مان اندر وٺي ويو. مان ڪافي وقت تائين اتي اڪيلو ويٺو رهيس ۽ هن جي ٻئي ڪمري مان ايندر آواز کي پئي ٻڌم. فرش تي رجيل برف جي پاڻيءَ جي دبي ۾ موم بتيءَ جو پاڇو چمڪي رهيو هو. سڄو ڪمرو فرنيچر سان سٿيو پيو هو. هڪڙي عجيب قسم جي گرم خوشبو چوگرد پکڙي پئي هئي. جنهن ننڊ ڏئي ٿي ڇڏي.

        آخرڪار جارجيس هٿ ۾ بتي جهليندي، وري نمودار ٿيو. هن جو بت ايتري قدر پئي لڏيو. جو بتيءَ جو ڌَڪُ ٺُڙڪي رهيو هو.

        ”هو4 سمهي پيئي.“

        هن بتي کڻي ميز تي رکي. خيالن ۾ ٻڏل ٿي ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ ڪمري جي وچ ۾ بيهي مون ڏانهن نهارڻ کان سواءِ مون سان ڳالهائڻ لڳو. ” مان ڇا چوان؟ جيڪڏهن تون هجين ها ته جيڪر مان ختم ٿي وڃان ها .... وڏي مهرباني! ۽ .... تون ڪير اهين؟“

        هو ٻئي ڪمريک مان ايندڙ ٿوري کڙڪي ڏي ڪَنُ ڏئي ڏاڍي ڳڻٽيءَ ۽ فڪر مان ٻڌڻ لڳو.

        ”هو4 تنهنجي زال اهي؟“ مون هن کان ڏاڍي نرم لهجي ۾ پڇيو.

        ”هائو، منهنجي زال، منهنجو سڀ ڪجهه. منهنجي زندگي.“ هن، فرش ڏانهن گهوريندي، هوريان پر چٽن لفظن ۾ چيو. هو وري مٿي کي مهٽڻ لڳو.

        هو ڪنهن خيال ۾ گم دروازي ڏانهن وڌيو... پر ڳالهه ياد آيس ته نوڪرياڻي بيمار ٿي اسپتال ڏانهن هلي ويئي آهي. تنهنڪري بيهي هيو.

        مون هن کي سماور گرم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن ڪنڌ سان ’ها‘ ڪئي. انهيءَ ڄاڻ کان سواءِ ته هن جي اڌ جسم تي ڪپڙا نه هئا. هو پيرين اگهاڙو آلي فرش جي مٿان هلندي، مون کي ننڍڙي رڌڻي ۾ وٺي ويو. اُتي ڍلهي کي يڪ ڏيندي وري چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن تون نه هجين ها ته مان ڄمي مري وڃان ها. مهرباني!“ پوءِ ڇرڪ ڀري، مون ڏانهن خوف ڀريل اکين سان نهاريندي، چوڻ لڳو: ”او منهنجا خدا! پوءِ هن جو ڇا ٿئي ها؟“

        پوءِ هن جون اکيون جهت پٽ سمهڻ واري ڪمري ڏانهن کڄي ويون. ”هوءَ ناچاڪ آهي. هن کي پٽ هو...هو ماسڪو ۾ موسيقار هو... هن پنهنجو آپگهات ڪري ڇڏيو. پر هيءَ سمجهي ٿي ته هو گهر موٽي ايندو. اِنهيءَ ڳالهه کي اڄ ٻه سال کن ٿي ويا آهن.“

        اُن کان پوءِ چانهه پيئڻ ويل ڀڳل ٽٽل جملن ۽ اهڙن لفظن ۾، جي گفتگو ڪرڻ ويل عام رواجي طرح اسين ڪم نه آڻيندا آهيون، هن مون کي ٻڌايو، ”هوءَ هڪڙي معزز خاتون هئي. مان تاريخ جو استاد هوس. مون کي هن جي پٽ کي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. مان هن جي محبت ۾ گرفتار ٿي پيو هوس. منهنجي ڪري هن پنهنجي مڙس کي، جو جرمن ۽ وڏا امير هو، پڏي ڏنو. هن منهنجي ڪري آپيرا ۾ ڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. ٻنهي جي زندگي کل ۽ خوشيءَ ۾ گذري رهي هئي، سندس امير مُڙس اسان جي راهه ۾ ڪيترائي ڪنڊا وڌا پر ڪجهه نه ٿيو.“

        هو مون کي اها ڳالهه به ٻڌائي رهيو هو، ۽ اکيون چُنجهيون ڪري ڀوائتي رڌڻي ۾ چهلي جي پريان جتي فرش جهري ويو هو، پاڇن ۾ ڪنهن شيءِ ڏانهن نهاري به ريو هو. هن پنهنجي چانهه ايتري ته گرم کڻي وات ۾ وڌي جو هن جي زبان سڙي پيئي ۽ سور وچان هن جو منهن ڪومائجي ويو ۽ پنهنجون گول اکيون ڇنڀڻ لڳو.

        ”....تون ڪير آهين؟“ هن وري پڇيو: ”او، ها بيڪريءَ ۾ ڪم ڪندر.“ ”ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي. تون انهيءَ جي لائق ته نه ٿو لڳين. پو3 تون اُتي ڪيئن پيو ڪم ڪرين؟“

        هن جي آواز ۾ خوف ۽ جن نظرن سان مون ڏي پئي نهاريائين، انهن ۾ شڪ هو. هن جو چهرو ڄار ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جهرو پئي لڳو.

        هن کي مون پنهنجي ڪهاڻي مختصر لفظن ۾ ٻڌائي. هن همدرديءَ ڀرئي تعجب مان پئي چيو: ”سو ايئن آهي.“ ”اها ڳالهه آهي.“

        اوچتو جوش ۾ ڀرجي پڇيائين: ”مان سمجهان ٿو، توکي پريءَ ۽ بدصورت بدڪ واري ڪهاڻي ايندي هوندي.“

        هن جي منهن جي رونق عجيب نموني بدلجي ويئي، هن جي لفظن ۾ ڪاوڙ ۽ غصو ڀرجي ويو، ۽ هن جو آواز غير فطرتي ٿي ويو.

        ”اها ڪهاڻي ضرور توکي وڻندي هوندي. مان به جڏهن تنهنجي عمر جو هوس ته مون کي اُها ڏاڍي وڻندي هئي ۽ مان پاڻ کي بدڪ سمجهندو هوس. مان مذهبي اداري ۾ تعليم وٺڻ بجاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو هوس. منهنجو پيءُ جيڪو پادري هو تنهن مون سان قطع تعلق ڪري ڇڏيو. پوءِ مان پئرس ۾ انسان جي بدبختين ۽ ترقي جي تاريخ پڙهيس ۽ پنهنجو وقت ان جي لکڻ ۾ صرف ڪيم. آهه، پوءِ ڪيئن....“

        هو گهڙي کن ٻڌڻ لاءِ ماٺ ڪري ويٺو ۽ پوءِ چکوڻ لڳو. ”ترقي...ماڻهن اِنهيءَ ڪري ڪئي جيئن پاڻ کي ٺڳي سگهن! زندگي بي معنيٰ ۽ بي منطق آهي. غلاميءَ کان سواءِ ترقي ڪرڻ ناممڪن آهي. جنهن وقت ٿورن جي گهڻن تان حڪومت ختم ٿي ته انسان ذات جي ترقي هڪ هنڌ بيهجي ويندي. جڏهن پنهنجي زندگيءَ کي آرام پهچائڻ ۽ محنت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ته ويتر پنهنجي زندگي لاءِ وڌيڪ مونجهارو ۽ وڌيڪ محنت پيدا ڪريون ٿا. ڪارخانا ۽ مشينون پاڻ وڌيڪ مشينون پيدا ٿا ڪن... ڪهڙي نه بيو بيوقوفي! جيئن پوءِ تيئن مزدور پيدا ٿيندا پيا وڃن. جڏهن دنيا کي وڌيڪ هارين ۽ ان اپائيندڙن جي ضرورت آهي. ماني ئي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ٻين جانورن کان مختلف نموني، انسانن کي هٿن هلائڻ سان ملي سگهي ٿي. جيئن ماڻهوءَ جون گهٽ خواهشون تيئن اُهو وڌيڪ خوس گزاريندو. جيئن وڌيڪ خواهشون ڪندو تيئن گهٽ آزاد رهندو.

        هن جا اهي لفظ نه پر خيال اهڙا هئا جي مون حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي ريت بلڪ چٽيءَ طرح ٻڌا هئا. هن وچ وچ ۾ بيهي، انتظاريءَ مان کليل دروازي ڏي پئي نهاريو ۽ ڪمريک جي خاموشيءَ ۾ اواز ڏانهن ڪفن پئي ڏنائين. آخر پنهجي آواز کي هوريان ڪري چوڻ لڳو: ”هيءَ ڳالهه پنهنجي دماغ ۾ رکجانءِ... ڪنهن کي به گهڻي جي ضرورت ڪانهي. صرف ماني ٽڪر ۽ عورت...“

        عورتن بابت هو عجيب نموني، اهڙن لظن ۾ جي مون نه ٻڌا هئا. اهرن گيتن ۾ جي مون نه پڙهيا هئا، ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جو منو کي اوچتو چور باشڪن جي ياد اچي ويئي.

        ”بيٽرس، فياسيتا، لارا ۽ نائنا“ جا هن اهڙا نالا ورتا جن جو مون کي پتو ئي ڪونه هو. هو بادشاهن ۽ شاعرن جي عشق ۽ محبت جا داستان فرانسيسي شعرن ۾ ٻڌائڻ لڳو. هن جي ٻانهن، جا ٺونٺ تائين اگهاڙي هئي. شعرن جي ليءَ سان گڏ پئي لُڏي.

        ”عشق ۽ بک دنيا تي حڪمراني ڪندا آهن.“ هن چيو.

        انهن لفطن جو مون کي اڳ ئي پتو هو. اهي لفظ هڪڙي انقلابي ڪتابڙي ”زار جي بک“ جي هيٺان لکين هئا. انهيءَ ڪري انهن لفظن جل اثر منهنجي دل تي پان وڌيڪ ٿيو هو.

        ”ماڻهن کي خود فراموشيءَ ۽ همدرديءَ جي نه، علم جي تلاس هوندي اهي.“ انهن لفطن مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو.

        جڏهن مان رڌڻي مان ٻاهر نڪتس تڏهن صبح جو وقت هو، گهڙيال ۾ ڇهه وڄي ڪجهه منت ٿيا هئا. مان ڪريل برف کان پاڻ بچائيندو هلندو پئي ويس. هو جون رڙيون زور سان پئي آيون، ۽ منهنجي ڪنن ۾ اڃا تائين جا جارجيس جا لفظ وڄي رهيا هئا. مان محسوس ڪري رهيو هوس ته هن جا لفط اهڙو ڊوز هئا. جو مان ڳهي نه سگهندس. اهي منهنجي نڙيءَ ۾ ڪٿي اتڪي پيا هئا ۽ منهنجو دم گُهٽجي رهيو هئو. منهنجي طبعيت نه ٿي چاهيو ته بيڪريءَ ڏانهن وڃان ۽ اتي جي ماڻهن جي پِڙِ پوان. جيستائين ڏينهن جي روشني چٽي ٿي ۽ شهر جي ماڻهن جون شڪليون ڪريل برف تي لڏنديون لمنديون نظر آيون، تيستائين مان تاتاري محلن جي گهٽين ۾ گهمندو رهيس، ۽ ڪرندڙ برف جا تَهه منهنجي ڪلهن تي ويا ڪَٺا ٿيندا.

        اهو تاريخ جو استا وري مون سان نه مليو، ۽ نه مان ئي هن سان ملڻ چاهيو ٿي، پر انهيءَ کان پوءِ مان ڪيترائي ڀيرا اڻ پڙهيل جاهلن ۽ ڪافي تهذيب يافته مردن ۽ عورتن جي واتان ”زندگيءَ جي اجائي هجڻ،“ غ ڪم جي بيقدريءَ بابت ٻڌندو رهيس. اهڙي قسم جا خ يال مون سان هڪڙي پادري4، هڪڙي دوائن واري ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن ظاهر ڪيا هئا، پر مون کي انهن جي ڳالهين ايترو صدمو نهپهچايو، جيترو مون کي هن پهرئين ڀيري پهتو هو.

        هڪ ٻه سال ٿيندا .... يعني تاريخ جي استاد سان ملاقات ڪئي، ٽيهن سالن کان به وڌ عرصي گذرڻ کان پوءِ...مون کي اهي اکر به اکر ساڳيا لفط پنهنجي هڪڙي جهوني واقف ڪار ۽ گڏ ڪم ڪندر جي واتان ٻڌڻ ۾ آيا.

        اسين هڪ ٻئي سان کليءَ دل سان ڳالهائي رهيا هئاسين، تڏهن هن ”سياسي ليڊر“ جيئن هو پان کي سمجهندو هو، پوائتي نموني مرڪندي اهڙي نموني سوچ ويچاري ريءَ مون کي چيا، جيڪو صرف روسين جو ڏاج آهي، ”منهنجا پيارا!. الڪسي مئڪسم، هنن علمي ادارن، سائنس، هوائي جهازن جو ڪهرو فائو؟ اهي پاڻ وڌيڪ مصيبت آهن. مون کي صرف هڪڙي آرام واري ڪنڊ ۽ عورت گهرجي، جنهن سان جنهن وقت دل چاهي پيار ڪجي ۽ ان عورت جي پاڻ سان دل و جان سان محبت هجي. تون اڄ ڪلهه زهين ماڻهن وانگر پيو سوچين، هاڻي تون اسان مان نه رهيو آهين. تون يهودين وانگر پيو سوچين ته اسان صرف آرام لاءِ پيدا آهي. ايئن اهي نه؟“

        ”يهودي ڪڏهن به ايئن نه سوچيندا آهن.“

        ”خدا کي خبر! هو ڇا سوچيندا آهن؟ انهن کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو اهي.“ هن جواب ڏنو. پنهنجي سگريت کي هيٺ نديءَ ۾ ڦتو ڪري هو خاموشيءَ سان ان جي ڪرڻ جو تماشو ڏسڻ لڳو.

        سرءُ جي چانڊوڪي رات هئي. اسان نيوا جي ڪناري تي پٿر جي بينچ تي ويٺا هئاسين. سڄو ڏينهن ڪنهن چڱي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي بي فائدي ڪوشش پٺيان پاڻ پتوڙي هِچُ ٿي پيا هئاسين.

        ” منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ... تون اسان سان آهين،  پر اسان مان ناهين.“ هن خاموشيءَ سان خيال ڀريل لهجي ۾ چيو: ”دانشور ... انهن کي سوچ پسند آهي شروعات کان وٺي هنن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو اهي. حضرت عيسيٰ عليه ٻيءَ دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪئي. ساڳيءَ ريت اڄ ڪلهه جا عاقل ”يوٽوپيا“ واسطي بغاوت جا نعرا پيا بلند ڪن. جڏهن ڪو آدرشي ماڻهو بغاوت ڪري ٿو تڏهن سچا ۽ بدمعاش هن جي پٺيان لڳن ٿا ۽ اهو صرف ساڙ وچان، ڇاڪاڻ ته هو ڏسڻ ٿا ته هنن کي زندگيءَ جي ڪا به نعمت حاصل نه ٿي ٿئي. مزدور.....اهي صرف انقلاب واسطي بغاوت ڪن ٿا. انهن جي تمنا اها هوندي آهي ته ڪم ۽ اُپت جي پوري ورڇ ٿئي جنجل کڻندا” ڪڏهن به نه! اهي ٽڙي پکڙي ويندا ۽ هر ڪو پنهنجي لاءِ آرامده ڪنڊ حاصل ڪري، مزي سان زندگي گذارن جي ڪوشش ڪندو. مشينون؟ هنري سکيا؟ اهي اسان جي نڙين جي چوگرد رسي کا پان وڌيڪ سوگهو ۽ سوڙهو ڪندا. اسان جي زنجيرن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. اسان کي بي فائدي ڪم ۽ محبت کان پاڻ آزاد ڪرائڻو اهي. انسان کي صرف آرام جي ضرورت آهي ته پوءِ مان سجي سهر کي ڪاڏي ڪندس؟ جتي ماڻهو ميڙن ۾ رهن ٿا اتي واهن. اليڪٽرڪ سٽيءَ ۽ ٻين سائنس جي ايجادن جي ضرورت ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن ماڻهو انهن کان سواءِ رهڻ تي هري ته زندگي ڪيتري نه سولي ۽ آسان ٿي پوي! توکي جيڪو وڻي سوچؤ، پر انهيءَ ۾ شڪ ڪوني ته اسان کي ڪيتريون ئي اهڙيون شيون مُهيا آهن جن جو هُجڻ ڪو ضرور  ڪونهي. انهي ڪري ئي ته مان چوان ٿو ته دانشور ..... اهي سڀ نقصانڪار قسم جا ماڻهو آهن.“

        مون کيس چيو، ”دنيا جي تختي تي اسان روسين وانگر ٻيو ڪو به ماڻهو ڪونهي جيڪو زندگيءَ جو اهرو غلط مطلب ڪڍندو هجي.“

        ”اسان جي قوم سڀني قومن کان وڌيڪ آزاد فطر آهي.“ منهنجي دوست ٿورو کلندي چيو: ”ڪاوڙ نه ڪجانءِ پر مان سچ چئي رهيو آهيان. اسان جا لکين ماڻهو اهڙيءَ ريت سوچي رهيا آهن، صرف انهن کي پتو نه آهي ته انهن کي ڪيئن بيان ڪجي ... زندگيءَ کي وڌيڪ سادو بڻائبو، تڏهن ئي اُها ماڻهن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.“

        هيءُ مڙس نه ته ٽالسٽاءِ عقيدي جو ماڻهو هو غ نه ئي انارڪسٽ هو. جنهن نموني هن جي ذهني ارتقا ٿي هئي. انهي جي مون کي ڀليءَ ڀت خبر هئي. هن سان گفتگوءَ کان پوءِ مان انهيءَ ڳالهه تي عجب کائڻ لڳس:  ”سمجهو ته اها ڳالهه بلڪل سچ هئي ته لکين روسي مرد ۽ عورتون انقلاب جون تڪليفون ۽ مصيبتون پنهنجي دل ۾ صرف انهيءَ اميد تي برداشت ڪري رهيا هئا. ته هنن کي محنت ۽ مزدوريءَ کان نجات ملندي. هنن کي ڪم گهٽ ۽ آرام وڌيڪ ملندو، پوءِ چئبو ته اهي يوٽوپيا جا خواب لهندڙن وانگر خيالي دنيا ۾ رهندا هئا. مون کي ان وقت ”هينرڪ ابسين“ جا هيٺان جملا ياد اچي ويا:

        ”توهين چئو ٿا مان قدامت پسند ٿي ويو آهيان.

        مان انهن مان ناهيان جو رانديگرن کي تن ڪري. ۽

        سڄيءَ راند جو مزو وڃائي ڇڏي...۽ مان سمورو توهان جو آهيان.

        مون کي صرف هڪڙو انقلاب ياد اچي ٿو.

        جنهن ۾ نه ڌوڪو هو نو ٺڳي.

        اهو انقلاب جيڪو ان کان پوءِ ايندر انقلابن کان وڌيڪ درخشان هو.

        اُهو، ها ها، اُهو وڏي سيلاب هو.

        انهيءَ هوندي به ’شيطان‘ هٿان ٺڳجي ويو.

        ڇاڪاڻ ته، ”ٻيڙي“ تي ڊڪٽيٽر ٿي ويهي رهيو.

اچو، اچو دوستو ته هڪ وار وري ڪوشش ڪريون

        انقلاب قائم ڪرڻ لاءِ مقرر ۽ مجاهد پيدا ڪريون.

        هائو، توهان اهڙو سيلاب آنيو، جو دنيا کي وڪوڙي وڃي ۽

        مان .... مان خوشيءَ سان ٻيڙيءَ جا تختا ڪڍي ڇڏيندس!“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org