عثمان علي انصاري
سنڌ هاڻي کيس وساري چڪي آهي. ڪنهن زماني ۾ وڏو اديب ليکبو هو.
هڪ دفعي مون کي ڏک ڪري چيائين ته ”ابا، جي. ايم.
سيد چوي ٿو ته انصاريءَ جا ابا ڏاڏا ٻاهران آيا
هئا. گويا هو مون کي سنڌي مڃڻ لاءِ ئي تيار نه
آهي“.
سيد صاحب واقعي ائين چيو به هو يا نه، ۽ جي چيو هو ته ڪهڙي پس
منظر ۾، سا ته خدا کي خبر. اهو به ممڪن آهي ته
انصاري صاحب جا ابا ڏاڏا، جيئن پير علي محمد
راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ منجهان ۽
خود سيد صاحب جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ مان
اشارا ملن ٿا، ته واقعي ٻاهران آيا هجن پر ان لحاظ
کان ته سنڌ ۾ گهڻا اهڙا خاندان بچندا، جن جا ابا
ڏاڏا ٻاهران ڀلي ڇو نه آيا آهن، پر هن شخص کي سنڌي
ٻوليءَ تي ڪو ڪمال هو. ڇا لکڻ ۾، ڇا ڳالهائڻ ۾!
مون کان جيڪڏهن سنڌي نثر جا سڀ کان سٺا ست ڪتاب پڇيا وڃن ته
انهن ستن ۾ ”بدنصيب ٿري“ ناٽڪ پهرين ٻن چئن ۾
ايندو. (بنيادي طرح اسلوب بيان ۽ ٻوليءَ جي حسن جي
لحاظ کان. بظاهر ته اهو ڪتاب مرحوم محمد اسماعيل
عرساڻي صاحب لکيو آهي، ۽ حقيقت به اها آهي. پر،
عرساڻي صاحب جي ٻين ڪتابن مان اوهان کي اها
خوشبوءِ ڪانه ايندي. اهو به صحيح آهي ته ضروري
ڪونهي ته ساڳئي ئي اديب جا سڀ ڪتاب هڪجهڙا سٺا
بيهن. مثلاً اردوءَ ۾ ڪرنل محمد خان جو ڪتاب ”بجنگ
آمد“ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ غير معمولي ڪتاب آهي پر
ان ڪتاب کانپوءِ ٻيا جيڪي به ڪتاب لکيائين، تن ۾
اها ڳالهه ڪانهي. سو ائين چوڻ بجا طور صحيح ٿيندو،
ته جيڪڏهن عرساڻي صاحب جي ٻين ڪتابن ۾ ”بدنصيب
ٿري“ واري رنگيني ڪانهي، ته ان جو مطلب اهو ڪونهي
ته اهو ڪتاب سندس ئي زور قلم جو نتيجو ڪونهي.
منهنجي عرساڻي صاحب سان وڏي محبت هئي. نهايت نيڪ
انسان ۽ اعليٰ پايي جو اديب هو. سندس ناٺي شمس
الدين عرساڻي به نهايت لائق انسان ۽ وڏو اديب آهي.
پر، مون ڪن ماڻهن کان ٻڌو هو ته عرساڻي صاحب جي
انهيءَ سون کي چمڪائڻ وارو ماڻهو انصاري صاحب هو.
انصاري صاحب پاڻ به ڪتاب لکيا: ڪي ترجمو ڪيائين ۽ ڪي اصلوڪا به
لکيائين. انهن ۾ هڪ ڪتاب شيڪسپيئر جي ناٽڪ جو
ترجمو هو، جيڪو”گمراهه دوست“ جي نالي سان ڇپيو هو،
ان ۾ به سندس قلم جي عظمت جون جهلڪيون ڏسي سگهجن
ٿيون. جيتوڻيڪ اهو ڪتاب”بدنصيب ٿريءَ“ جي مقابلي ۾
ڪابه شيءِ ڪانهي. ”بدنصيب ٿري“ سنڌي ادب جو هڪ
شاهڪار آهي. انصاري صاحب، زندگيءَ جو پويون حصو
شاهه جي رسالي جي ترتيب ۾ صرف ڪيو. سڄي جو سڄو
تيار به ڪري ڇڏيو هئائين. پر، قسمت ان کي چئبو
آهي. ڪتاب به سڄي جو سڄو تيار ۽ پاڻ به سنڌي ادبي
بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري، پوءِ به رسالو اڻ ڇپيل
ڇڏي ويو، اڄ ڏينهن تائين ڇپجي نه سگهيو. سالن جا
سال رڳو ڳالهيون ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏيائين. ڪڏهن به
ڇپائيءَ ڏانهن توجهه نه ڏنائين.
شاهه تي مون سندس پهرين پهرين تقرير سنه 1953ع – 1954ع“ ڌاران
ٻڌي. حيدرآباد واري ڦليلي ڪاليج ۾، ڪاليج جو
پهريون سال پڙهندو هوس. پاڻ غالباً سنڌ جي تعليم
کاتي جو ڊائريڪٽر يا ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هو، جيڪو
ان زماني ۾ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشنس سنڌ(ڊي.
پي. آءِ) سڏبو هو.
”مارئيءَ جي لوئي“ عنوان تي تقرير ڪيائين، پرواهه جو
ڳالهائيان. لوئيءَ کي سنڌ جي عزت ۽ غيرت جي نشاني
ڪري پيش ڪيائين. انصاري صاحب کي ڳالهائڻ تي وڏو
ملڪو هو.
1961ع ۾ جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي ويو ته في الحال انصاري
صاحب، بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ کانئس اعزازي
سيڪريٽريءَ طور چارج ورتي. پاڻ غالباً سال کن
انهيءَ عهدي تي هو. مان نائب سيڪريٽري هوس.
جويو صاحب سڄو ڪم ۽ سڄو اختيار پاڻ وٽ رکندو هو. انصاري
صاحب سڄو ڪم ۽ سڄو اختيار منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
پاڻ رڳو پگهارن ۽ خرچ جي چيڪن تي صحيح وجهڻ جي
ذميواري قبول ڪيائين، جنهن ۾ به خانبهادر کهڙو،
بورڊ جي صدر جي حيثيت ۾، ساڻس شريڪ هو. ٻئي ڄڻا
گڏجي چيڪن تي صحيحون وجهندا هئا.
انصاري صاحب جي توجہ جو سڄو مرڪز سندس زرعي فارم هو، جو
ڪراچيءَ کان چند ميل ٻاهر هو. پر بورڊ جي آفيس ۾
روز ايندو هو. ٻه ٽي ڪلاڪ ويهي، اخبارون پڙهي،
ضروري لکپڙهه نظر مان ڪڍي هليو ويندو هو. ان زماني
۾، بورڊ وٽ جيپ هوندي هئي. ان کي سو پاڻ خانگي ڪم
لاءِ به استعمال ڪندو رهندو هو، پر، ان کان علاوه
بورڊ کان ٻيو ڪوبه فائدو ڪونه ورتائين. جيپ جو
ڊرائيور ذات جو جوکيو هوندو هو. تنهن هڪ دفعي مون
سان اچي ڳالهه ڪيئ ته، ”سائينءَ جي زرعي فارم تي
ٽريڪٽر جي انجڻ خراب ٿي پئي. چيائين ته جيپ ٻڌي
هلائي ڏس، ته ٽريڪٽر هلي ٿو.“
انصاري صاحب سنڌي محاوري موجب، رپئي جا سورهن آنا مولائي
ماڻهوهو. مون کي سندس لاءِ تمام وڏي عزت آهي. مون
کي پاڻ به وڏي عزت ڏيندو هو. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو
هوندو هو. ڳالهين ۾ بعضي وڌاءُ به ڪري ويندو هو.
وڌاءُ به اهڙو جو ماڻهو کل کي روڪي ئي نه سگهي.
سندس هڪ دوست هوندو هو. هاڻي گذاري ويو آهي، انڪري
سندس نالو ڪونه ٿو کڻان. ان سان ڏاڍي سنگت هوندي
هئس. چوندو هو ته ايوب خان کي، ان شخص کي ۽
هندستان جي جنرل ٿميا کي مليٽريءَ ۾ ڪميشن گڏ ملي
هئي، پر اهو شخص اڳتي هلي مليٽريءَ ڇڏي آيو. (اسان
کي ته اهڙو سنڌي شخص ڪوبه ڪونه سجهي). انصاري صاحب
پاڻ به شڪار جو شوقين هو، ۽ سندس چوڻ موجب، سندس
اهو دوست به شڪار جو شوقين هو. مون سان ڳالهه
ڪيائين ته ”ڪيئي هرڻ ڦاڙها، ٻارهن سڱا، بگهڙ،
شينهن، گينڊا ۽ واڳون ماريا هئائين“. هڪ دفعي مون
چيس ته ”سائين، پوءِ اهي ڪاڏي ڪيائين؟“ چيائين ته
”اڃا گهر ۾ اٿس. انهن جو ماس ڪڍرائي، علاج وسيلي،
انهن جي کل کي سڪارائي، اندران ئي اندران بهه
ڀرائي، پاڻ وٽ انهن کي بيهاري ڇڏيو اٿس. ائين
لڳندو، ته سڀ جانور جيئرا بيٺا آهن! سنس گهر اصل
عجائب گهر آهي“. ٻه ٽي دفعا جڏهن اها ڳالهه مون
سان ڪيائين، ته هڪ ڏينهن مون کيس چيو ته ”سائين،
مان شام جو اوهان جي گهر ايندس.پوءِ سندس گهر هلي
اهي جانور ڏسنداسون“.
اهو ٻڌي ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته”افسوس آهي جو ڪالهه رات سندس
گهر ۾ چور آيا، سو بهه ڪڍي، ڀريون ٻڌي، سڀ جانور
کڻي ويا“. مان چپ ٿي ويس. ٻئي ڏينهن سندس فارم تي
پگهارن جا چيڪ کڻي ويس. چيڪ صحيح ڪري ڏنائين. مون
چيس ته، ”سائين هت اڪيلا ويهي ويهي ڪڪ ڪونه ٿا
ٿيو؟“
چيائين ته، ”صبح جو ڪريان شڪار. موٽي اچي عبداللطيف جي رسالي تي
ڪم ڪريان. ڪڪ ٿيان ئي ڪونه“.
سوچيم ته ڪراچيءَ کان ڏهه ويهه ميل پري آخر ڪهڙو شڪار هوندو.
روڊ سان گاڏين جو گوڙ لڳو پيو آهي. سو، چيومانس،
ته ”سائين، هت شڪار آهي؟“
چيائين ته، ”بلي! تتر، هرڻ، ڦاڙها، ٻيو ته ٺهيو خود چيتا!“ مان
وائڙو ٿي ويس.
هڪ دفعي پينشن جي ڪنهن ڪم سان ڊاڪٽرن سان ملڻ لاءِ حيدرآباد
ويو. موٽي آيو ته احوال ورتومانس. چيائين ته ”ابا
ڊاڪٽرن کي منهنجي تِري هٿ اچي ئي ڪونه. ڳولي ڳولي
ٿڪجي پيا، پي تِري ڳولي نه سگهيا. سڄو ڏينهن ائين
گذري ويو“.
مون چيو ته ”سائين، اهو وري ڪيئن؟“ چيائين ته، ”اهو انڪري جو
تِري وڌندي آهي مليريا جي ڪري، پر مون کي ته سڄيءَ
عمر ۾ مليريا جو بخار ٿيو ئي ڪونهي“. اهو ٻڌي مون
کان کل نڪري ويئي. پاڻ به کي ڏنائين.
انصاري صاحب اهي معصومانه ڳالهيون سو عام جام ڪندو هو. سندس
وفات تي، اهڙا ڪي قصا، گرامي صاحب گڏ ڪري، مهراڻ
رسالي ۾ وڌا. پر انصاري صاحب ڍولڻ مڙس هو. مون
ڪڏهن به کيس ڪنهن لاءِ حسد ۽ ساڙ ڪونه ڏٺو. مون
سندس سيني ۾ ڪنهن به شخص لاءِ بغض ڪونه ڏٺو. ڪڏهن
ڪنهن سان، سبب سان يا سبب کان سواءِ، ڪابه دشمني
ڪانه ڪيائين. هر ڪنهن جو خير گهريائين. انصاري
صاحب باغ بهشت جو ميوو هو. سندس اخلاق ڇا چئجي!
جهڙو ٻاهر جو اڇو، اهڙوئي دل جو اڇو، قربدار
ماڻهو، سخي ماڻهو، سٺن ماڻهن جو سنگتي. سندس خاص
سنگتين ۾ سرفهرست هوندو هو، ڊڀري وارو مرحوم محمد
علي شاهه، جو خود وڏيءَ ڏيا وارو مڙس هو. ۽ ڇا
چئجي سندس تَرَ ۾ هلندي پڄندي! سنڌ محمد علي شاهه
جهڙا مڙس ٿورا پئدا ڪيا. سندس والد مرحوم الهه
آندو شاهه سنڌ جي مڃيل متبرڪ شخصيت هو. جيڪڏهن مان
ڀلجان نٿو ته پاڻ وائسراءِ جي ڪائونسل جو ميمبر به
هو. نوشهري فيروز وارو تاريخي مدرسہ هاءِ اسڪول
سندس قائم ڪيل آهي. بورڊ جو هڪ ملازم هو. ملازم ته
ڪونه هو، پر جويي صاحب جي بورڊ مان وڃڻ کان پوءِ،
موقعي جو ناجائز فائدو وٺي، ميمبرن کي چئه چئاءُ
ڪرائي، پاڻ کي ٽي سو رپيا ماهوار پگهار تي ملازم
مقرر ڪرايائين. ان زماني ۾ ٽي سو وڏي ڳالهه هئا.
پر اصل مسئلو اهو هئو ته ڪم ڪري ئي ڪونه. گهر
ويٺي، پينشن ٻيو کائي. (هاڻي گذاري ويو آهي. رب
سائين کيس بخشيندو). مون کان آخر رهيو نه ٿيو.
انصاري صاحب کي وڃي دانهن ڏنم. ڳالهه ٻڌي، مون کي
هڪ نصيحت ڪيائين، پوءِ چيائين ته” اهو فائيل
خانبهادر کهڙي وٽ کڻي وڃ.“ منهنجو کهڙي صاحب کي
فائيل پيش ڪرڻ ۽ کهڙي صاحب جو هڪ منٽ ۾ آرڊر
ڪرڻ”کيس هڪدم ڊسمس ڪيو وڃي“. اهو همراهه ته وڃي
گهر ويٺو.
عثمان علي انصاري
مون ڳالهه ٿي ڪئي انصاري صاحب جي بلند اخلاق جي. نصيحت هيءَ
ڪيائين ته، ”بابا، مون سڄي ءَ عمر ۾ ٻيا ڪهڙا به
گناهه ڪيا هجن، پر هڪ گناهه کان پاڻ بچايو اٿم.
بيشڪ، رزق رب جي طرفان آهي. پر مون ڪنهن به شخص
کان اڄ ڏينهن تائين روزگار نه کسيو آهي.“
انصاري صاحب جا اهي اکر منهنجيءَ دل تي نقش ٿي ويا. انسان غلطين
جو گهر آهي. هڪ دفعي، هڪ غريب ماڻهوءَ کي بي
روزگار ڪري ويٺس. پر ان ۾ سندس ڏٺو وائٺو ڏوهه هو،
۽ ڏوهه به ڏوهن جهڙو. ليڪن ان کانپوءِ توبهه ڪري
ڇڏيم. زندگيءَ ۾ ڪيئي موقعا آيا. پر، مون هر ڀيري،
انصاري صاحب جي نصيحت کي ياد ڪري، ڪنهن کي به بي
روزگار ڪرڻ کان پنهنجو پلئه بچائي ورتو.
انصاري صاحب کي الله سائينءَ اولاد ڏنو: هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي –
فريد ۽ زهره بيبي. اولاد سان سندس ڏاڍي دل هوندي
هئي. سندس وفات کانپوءِ هڪ اڌ دفعو ساڻن ملاقات
ٿي. پر پوءِ تعلق ڪونه رهيو. انصاري صاحب جا شاگرد
۽ ماتحت سندس وڏا شيدائي هوندا هئا. انهن مان ٻن
ڄڻن جي مون کي خبر آهي: هڪ مرحوم حافظ محمد صادق ۽
ٻيو مرحوم جعفري غلام حسين.
حافظ مرحوم ڀرين جو ويٺل هو. انصاري صاحب وٽ پڙهيو هو يا
ميرپورخاص واري اسڪول ۾ سندس ماتحت ٿي رهيو هو.
انصاري صاحب غالباً ميرپورخاص جي اسڪول جو
پرنسيپال هوندو هو. حافظ صاحب سندس ڳالهيون
ٻڌائيندو هو. پاڻ نوشهري فيروز ۾ اسان جي هاءِ
اسڪول جو پرنسيپال ٿي آيو. چوندو هو ته ”انصاري
صاحب راجا ماڻهو هوندو هو راجا.“ حافظ صاحب پاڻ
بهترين منتظم ۽ تمام قابل استاد هوندو هو، هر وجہ
تعريف جي لائق.
مرحوم غلام حسين جعفري صاحب لاڙڪاڻي جي پاسي جو ويٺل هو، انڪري
منهنجو ساڻس گهڻو واهپو ڪونه پيو. مون جڏهن کيس
پهريون دفعو ڏٺو ته حيدآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج
فارمين جو پرنسيپال هوندو هو. ورزش جو ڏاڍو شوقين
هوندو هو. نيڪ ماڻهو هو. مون ماڻهن کان سندس نيڪي
ٻڌي. اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيو.
سمورو وقت تمام سٺو هليو. پر هڪ دفعي ڇا ٿيو ته
جويي صاحب جي بورڊ ڇڏي وڃڻ بعد، هڪ انڪوائري ڪميٽي
ويٺي. ان ۾ هڪ ميمبر ڊاڪٽر غلام حسين جعفري به هو.
خبر ناهي کيس ڇا ٿيو، جو جويي صاحب خلاف رپورٽ
ڏنائين. حالانڪ جويي صاحب سان سندس سٺا تعلقات
هوندا هئا. انهيءَ رپورٽ ڪري چڱو چوٻول ٿيو. پر
خدا ڪيو، جو ڳالهه اتي ئي ختم ٿي ويئي. ۽ ان ۾ هئو
به ڪجهه ڪونه. انگريزيءَ ۾ جنهن کي
Storm in Tea – Cup
چئبو آهي، ائين هو. منهنجيءَ ڄاڻ موجب، جويو صاحب
بورڊ جو محسن هو. ڪنهن کي به ناجائز فائدو ته ڇا
پر جائز فائدو ڏيڻ ۾ به سندس دل ڪرڪندي هئي، ڇو ته
سندس وفاداري بنيادي طرح اداري سان هئي. هن ڏهه
سال نهايت محنت، محبت ۽ ايمانداريءَ سان سنڌي ادبي
بورڊ جي سائي سلي جي آبياري ڪري، ان کي ثمر آور
درخت بنايو. سندس احسانن جو بدلو اهو ڏجي ته سندس
وڃڻ کانپوءِ کيس بدنام ڪجي ۽ انڪوائري ڪميٽيون
مقرر ڪجن. ان غلط ڪم جي جيتري به مذمت ڪجي، اوتري
گهٽ آهي! پر، منهنجي زندگيءَ جو تجربو اهو آهي ته
سنڌ بي قدرن جي سرزمين آهي. جي سنڌ کي شناس هجي
ها، ته علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جهڙو اعليٰ انسان
سنڌ جي ماڻهن کي ڇڏي، سنڌو درياهه جي ڇولين ۾
پناهه ڇو وٺي ها؟ بهرحال، الله سائينءَ جويي صاحب
جي به عزت رکي ۽ سنڌي ادبي بورڊ به امان ۽ پناهه ۾
رهيو. منهنجو اندازو اهو آهي ته مرحوم جعفري صاحب
کي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ وجهي، کانئس رپورٽ تي صحيح
ورتي هئي، ورنه هو نهايت لائق انسان هو ۽ ڪوبه غلط
ڪم ڪرڻ جهڙو مڙس نه هو.
منهنجون ان واقعي کان پوءِ به ساڻس ڪيترا دفعا ملاقاتون ٿيون.
نهايت قرب ۽ محبت سان مليو. پوئين دفعي ويچارو
حيدرآباد ۾، ٻه ٽي دفعا، قرب جا پير ڀري، مون وٽ
ادبي بورڊ جي آفيس ۾ آيو، ته بورڊ انصاري صاحب
وارو شاهه جو رسالو ڇپائي. مون وڏو وس ڪيو، پر
منهنجي هوندي، بورڊ ۾ رسالو ڇپجي ڪونه سگهيو.
________________ |