ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
مون ڊاڪٽر صاحب کي ڏٺو، جيتوڻيڪ ساڻ گهرائپ ۽ گهاٽائيءَ جو
موقعو ڪو نه مليو. 1957ع ۾ جڏهن آڪٽوبر مهيني ۾
سنڌي ادبي بورڊ جو نائب سيڪريٽري مقرر ٿيس ته پاڻ
بورڊ جو ميمبر هو، ليڪن حياتي جو پيالو ڀرجي آيو
هئس. سنه 1958ع ۾ وفات ڪيائين. هڪ سال جو عرصو
ايڏو وڏو ڪونه هو، جو مون کي سندس قريب اچڻ جو
موقعو ملي.
سندس اصلوڪو نالو عمر هو ۽ والد جو نالو محمد. دادو ضلعي ۾
ٽلٽيءَ جي پاسي جو ويٺل هو. غريب جو ٻار هو. چون
ٿا ته سندس والد ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو، پر پنهنجي پٽ
کي انگريزي پڙهائڻ جو شوق هوندو هوس. الله سائينءَ
سندس اها آس پوري ڪئي. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو پنهنجو
نالو روشن ڪيو، پر پنهنجي والد جو نيڪ نالو به هن
طرح اجاريائين، ته پڙهيل لکيل ماڻهن کي اڄ به سندس
نالو ”عمر بن محمد“ دائود پوٽو ياد آهي.
سندس ننڍپڻ جي غربت جو هڪ چٽو ثبوت هن ڳالهه مان به ملي ٿو، ته
ماهنامي نئين زندگيءَ ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي قسطن ۾
لکڻ شروع ڪئي هئائين جنهن ۾ هڪ هنڌ لکيو هئائين
(يا انهن ڏينهن ۾ اسان کي پاڻ ٻڌايو هئائين) ته
”جڏهن نوشهري مدرسي ۾ پڙهندو هوس ته غريبي حال
سببان هاسٽل ۾ رهندڙ ٻين سرنديءَ وارن شاگردن جي
کٽڻ جون واڏڻون کين ڇڪي ڏيندو هوس“. ان
خدمتگذاريءَ سببان، اهي سرنديءَ وارا شاگرد، کيس
رپيو ٻٽو ڏيندا هوندا. پر ڪنهن ڪهڙو چڱو چيو آهي
ته ”ڏاٽ ناهي ذات تي، جيڪو وهي سو لهي“. اڄ، انهن
سرنديءَ وارن جو ته ڪنهن کي نالو نشان به معلوم
ڪونهي، پر ڊاڪٽر دائود پوٽي جو نالو سنڌ جي آسمان
۾ قطب تاري وانگر روشن آهي ۽ انشاءَ الله تعاليٰ
هميشہ رهندو.
مون ڊاڪٽر صاحب جو نالو پهريون دفعو سنه 1945ع ڌاران ٻڌو.
پنهنجي ڳوٺ ڀرسان محبت ديري جتوئيءَ جي اسڪول ۾
ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هوس. بابا سائين غالباً
ڀونئرن جي سنڌي اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو. روشن خيال
ماڻهو هو. اسان کي چاچا سائينءَ جي منع جي باوجود
(جيڪا مذهبي بنيادن تي هئي. تڏهن انگريزي پڙهڻ ڄڻ
ته عيسائين ۽ نصارن جي پيروي ڪرڻ تصور ڪئي ويندي
هئي)، انگريزي تعليم لاءِ موڪليائين، ۽ پنهنجي
مستقبل کي بهتر بنائڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج فارمين
حيدرآباد ۾، ”فرسٽ ڪلاس“ پڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڇا
هو ته پرائيمري اسڪولن جي استادن کي، انهيءَ زماني
کان اڳ، ٽي سال ٽريننگ ڏيندا هئا ۽ سڄيءَ سنڌ ۾
ٽريننگ جو ڪاليج هڪڙو ئي حيدرآباد وارو هوندو هو.
پهريائين ٿرڊ ڪلاس پڙهائيندا هئا، پوءِ سيڪنڊ ڪلاس
۽ آخر ۾ فرسٽ ڪلاس جي ٽريننگ. پرائمري اسڪولن ۾
استادن جي مقرري ”ڪاميٽي“ امتحان پاس ڪرڻ تي ٿيندي
هئي. اها ڪاميٽي سنڌي ست درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ ڏبي
هئي. ڪجهه عرصو نوڪري ڪرڻ بعد استادن کي سندس
اهليت موجب، ٽريننگ لاءِ چونڊي، حيدرآباد واري
ڪاليج ۾ موڪليندا هئا. بابا سائين ٻه سال ٽريننگ
پوري ڪري آيو هو. پر خبر ناهي ته ڪهڙي سبب بنيو
هو، جو انگريز سرڪار ٽريننگ جو مدو ٻن سالن تائين
محدود ڪري ڇڏيو يعني ٿرڊ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس.
استادن جي ٽئين ۽ آخرين يعني فرسٽ ڪلاس واري
ٽريننگ ماڳهين بند ڪئي ويئي يا ڪجهه سالن لاءِ
معطل ڪئي ويئي.
جاڙِي به جڳ سنئين. ان صورت حال ۾ بابا سائينءَ لاءِ اهوئي رستو
کليل هو ته ماٺ ڪري ويهي رهي، يا وري فرسٽ ڪلاس
کلڻ جو انتظار ڪري.
پر مون عرض ڪيو آهي ته هو روشن خيال ماڻهو هو. کيس پنهنجي ۽
اولاد جي مستقبل جو خيال رهندو هو. سو کيس قرار نه
آيو. چاچا سائينءَ تي بار وڌائين ته تعليم کاتي جو
ڊي. پي . آءِ (ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن) ڊاڪٽر
دائود پوٽو آهي. ڪيئن به ڪري کانئس مون کي فرسٽ
ڪلاس ۾ ٽريننگ جي خاص اجازت وٺرائي ڏيو. اسان جي
ڳوٺ کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي هالاڻيءَ جو ڳوٺ آهي.
هالاڻيءَ جو هڪ معتبر خاندان اتان لڏي دادوءَ وڃي
ويٺو هو. ان خاندان جو پريو مڙس ان زماني ۾ سيٺ
يعقوب هو. وڏي اثر وارو هو. ذات جو ميمڻ هو.
*
چاچا سائينءَ جا ان خاندان سان پراڻا لاڳاپا هئا. اڳوڻي زماني ۾
ماڻهو اوڙي پاڙي جو پورو خيال رکندا هئا. چاچا
سائين ٻيڙيءَ ۾ درياهه ٽپي ويو دادوءَ ۽ اتي سيٺ
يعقوب سان حال احوال ڪيائين. سيٺ صاحب سندس آئي جو
آدر ڪيو ۽ ٽلٽيءَ جي پاسي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڳوٺ
ماڻهو موڪلي سندس مائٽن تي بار رکيو ته هي ڪم ڪيئن
به ڪرائي ڏيو. ڳالهه ڊاڪٽر صاحب جي ڪن تي پئي.
چيائين ته ”هڪ انهيءَ استاد جي فرسٽ ڪلاس ۾ داخلا
لاءِ سڄي پاليسي ڦيرائڻي پوندي ۽ سڄيءَ سنڌ جي
استادن لاءِ فرسٽ ڪلاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ هن سال داخلا
وري کولڻي پوندي“. پر، پاڻ ٺيٺ سنڌي چڱو مڙس هو ۽
سنڌ جي تهذيبي روايتن جو کيس پورو پورو احترام هو.
چنانچ، بابا سائينءَ جي فرسٽ ڪلا ۾ ٽريننگ لاءِ
خاص انهيءَ سال، اڳين پاليسي بدلائڻ جو فيصلو ڪري،
پنهنجي غريب مائٽن جو منهن به مٿي ڪيائين ۽ اسان
جو به ڀلو ڪيائين
*
سو، مون عرض ٿي ڪيو ته ان ريت سنه 1945ع ۾ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر
دائود پوٽي جو نالو منهنجي ڪن تي پيو. ٻن سالن
کانپوءِ سندس زيارت نصيب ٿي، تيسين ڪتابن ۾ سندس
تصويرون ڏٺيون هئم. سڄيءَ سنڌ ۾ سندس نالي جي ڌاڪ
هئي.
1947ع ۾ انگريزيدان هندن جي لڏي وڃڻ ڪري، محبت ديري جتوئيءَ
جهڙا پئنچائتي انگريزي اسڪول ته ڇا پر ساهتيه ۾،
ڪنڊياري، هالاڻيءَ ۽ ڀرين جهڙا تاريخي هاءِ اسڪول
به بند ٿي ويا. بابا سائينءَ اسان کي انگريزي
تعليم جاري رکڻ لاءِ نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ
اسڪول ۾ داخل ڪرايو. نوشهري فيروز ۽ ٽنڊي باگي جا
مدرسه هاءِ اسڪول هندن جي مقابلي ۾، مسلمان مخير
خاندانن قائم ڪيا هئا. نوشهري جي درسگاهه مرحوم
الهه آندي شاهه قائم ڪئي. ٽنڊي باگي وارو اسڪول
مير صاحب جي مهربانيءَ سان قائم ٿيو. سنڌ ۾ ٻيا ٻه
مسلمانن جا جيڪي برک اسڪول قائم ٿيا، سي هئا،
حيدرآباد وارو نور محمد هاءِ اسڪول، جنهن جو بنياد
مرحوم نور محمد وڌو، ۽ ڪراچيءَ وارو سنڌ مدرسو
جنهن جو بنياد خانبهادر حسن علي افنديءَ وڌو.*
نوشهري فيروز جي هاءِ اسڪول ۾ اسان جو هڪ پرنسيپال سخت مذهبي
ماڻهو مقرر ٿي آيو، تنهن شاگردن کي قرآن ڪريم جي
قرئت سکڻ لاءِ همٿايو ۽ بورڊنگ هائوس جي مسجد جو
پيش امام به هڪ سند يافته قاري مقرر ڪرايو. مون
قرئت ۾ دلچسپي ورتي ۽ چونڊ طالب العلمن ۾ شمار ٿيڻ
لڳس. ٽيون درجو يا چوٿون درجو پڙهندو هوس، جو
اسڪول ۾ هل ٿي ويو ته ڊاڪٽر دائود پوٽو اسڪول جي
معائني تي اچي رهيو آهي. ڊاڪتر صاحب کي عربيءَ سان
محبت هوندي هئي. ان جو هڪ پس منظر هو.
انگريزن جي پوئين دور ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ رڳو هندستان ۾
نه، پر خود سنڌ جهڙي صوفيانه پرڳڻي ۾ به اڻبڻت
هئي. خاص ڪري ملازم پيشي ماڻهن ۾ زور تي هئي.
تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ مسلمان عالم سنڌي زبان کي
عربيءَ ڏي ڇڪڻ لڳا ۽ هندو وري هنديءَ ڏانهن. ڊاڪٽر
دائود پوٽو جڏهن ڊي . پي . آءِ جهڙي عهدي تي آيو
ته سندس عربيءَ سان دلچسپيءَ ڪري، اسڪولن ۾ به
عربيءَ زبان کي هٿي ملي. چنانچ، اسڪول ۾ ته هن
ڪجهه ڪونه ڏٺو، پر چيائين ته ”شام جو مسجد ۾
شاگردن جي قرئت ٻڌڻ ايندس“
قاري صاحب ست شاگرد چونڊيا. مان به انهن ۾ شامل هئس.
شام جو ٽيپهريءَ جي نماز بعد مسجد ۾ آيو. اتي مون پهريون دفعو
سندس ديدار ڪيو. گلاب جي گل وانگر سهڻو هو. عمر
پنجاهه کان مٿي هئس. مون کان الحمد شريف
پڙهايائين.
ڏهه سال پوءِ جڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ويس ته ان کان اڳ نئين
زندگي رسالي ۾ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ سان گڏ ڪم
ڪندو هئس. ڊاڪٽر صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ جون قسطون
نئين زندگيءَ ۾ ڇپيون هيون. مون جهڙن الهڙ جوانن
تي ترقي پسند اديبن جو پاڇو پيو هو، جن جي نظر ۾
ڊاڪٽر صاحب جهڙا اديب به رجعت پسند هئا! اسان کي
جهرڪيءَ جيترو دماغ هو، پر ٻه افسانا لکي، پاڻ کي
”وڏو اديب“ ٿي سمجهيو سون. سو، ڊاڪٽر صاحب جي
تحريرن ۾ مان ڪابه دلچسپي ڪانه وٺندو هوس. مولانا
سنڌيءَ کي سنڌي زبان پوري ساري ايندي هئي، جو عمر
دهليءَ ۾ گذاري هئائين.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
انهن سببن ڪري، ڊاڪٽر صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ جي قسطن ۾ ڇپائيءَ
جون ڪي غلطيون رهنديون هيون. جڏهن مرحوم مولانا
صاحب ڊاڪٽر صاحب سان وڃي ملندو هو، ته پنهنجي کل
بچائڻ لاءِ غلطين لاءِ مون تي الزام مڙهي ايندو
هو، ته اهي چڪون فلاڻي جي ڪري آهن. مون کي ڪل ئي
ڪانه ڏيندو هو. سو، سرائڪي چوڻيءَ موجب، ”ميڏي
دل وچ ڪلمان“.
هڪ ڏينهن، مان، تنوير عباسي ۽ رشيد آخوند سان گڏجي، رڳو رونشي
خاطر ويس ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ. غالباً لئبرريءَ ۾
ويٺي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيائين. اسان کي وڏي قرب
سان مليو. شايد شربت وغيره به پياريائين. ايتري
۾ مولوي عبدالواحد سنڌي به اچي نڪتو ۽ پنهنجي
عادت موجب رسالي جو نئون پرچو ٿيلهي مان ڪڍي،
ڊاڪٽر صاحب کي پيش ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب رسالي جي
منڍ ۾ هڪ ڪلام ڏٺو ته باهه ٿي ويو. خبر ناهي ته
ڇو اهل تشيعت وارن سان سندس ڪانه پوندي هئي. ان
ڳالهه جي اسان کي ته ڪا خبر ئي ڪانه هئي. مولوي
صاحب کي چڱي ڇنڊ ڪڍيائين ته هي ڪلام ڇو ڇاپيو
اٿيئي! ان کانپوءِ پنا ورايائين ته پنهنجي آتم
ڪهاڻي نظر آيس. پهرئين ئي صفحي تي ڪي ٻه ٽي چڪون
نظر آيس. مولوي صاحب ڏي نهاري چيائين ته، ”اڙي
مولوي انهي درانيءَ کي دٻ نٿو ڪڍين.“
اسان ته اهو ٻڌي وائڙا ٿي وياسين!
ڊاڪٽر صاحب وٽ رونشي لاءِ ويا هئاسين پر پاڻ ئي رونشو بنجي
وياسين. هوڏانهن مولوي صاحب ويچارڙو اهرو ته
ششدر ٿيو، جو ڌرتي جاءِ ڏئيس ته گهڙي وڃي.
ڇهن ٻارهن مهينن اندر مان بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي آيس ته
ڊاڪٽر صاحب سان ٿورو گهڻو سڌو واسطو پيو. ان
زماني ۾ پبلڪ سروس ڪميشن تان رٽاير ڪري آيو هو ۽
سنڌي ادبي بورڊ جو هڪ هزار رپيا ماهوار اجرت تي
”اسڪالر“ مقرر ٿيو هو. بورڊ طرفان بنيادي طرح
کيس اهو ڪم سونپيل هو ته شاهه جي رسالي جو مستند
متن تيار ڪري ڏئي. ان ڪم لاءِ وڏي لکپڙهه هلي.
ڪڇ ڀڄ جي پاسي ڪي قلمي نسخا سجهيا ٿي، انهن جي
هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ڊاڪٽر صاحب پاڻ به وڏي
همٿ ڪئي. غالباً ٻٽيهه ڇٽيهه قلمي رسالا گڏ
ڪيائين ۽ صحيح متن(بيت جي صحيح صورت) قائم ڪرڻ
لاءِ وڏي محنت ڪيائين. کيس سنڌي زبان تي وڏو درڪ
هو. سندس ڪتاب ”سرها گل“ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت
آهي. ازانسواءِ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙي هاڪاري
عالم کي شاهه جو رسالو جوڙڻ ۾ قابل قدر مدد ڏني.
هئائين. وڏي اميد هئي ته سندس مبارڪ هٿن مان
شاهه جو رسالو ٺهي، اهل سنڌ جي هٿن ۾ پهچندو. پر
پاڻ ڪم کي پايه تڪميل تي پهچائي، ان کان اڳ ئي
رب سائينءَ کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو.
*
ان زماني ۾ بورڊ ڊاڪٽر صاحب کي ٻيو اهو ڪم به سونپيو هو ته پاڻ
سنڌي لغات تي نظرثاني ڪري. ان پراجيڪٽ جو
ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بلوچ صاحب هو، ڊاڪٽر دائودپوٽي
صاحب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ٺاهيل لغت مان ڪي چڪون
ڪڍيون، جيڪي ڊاڪٽر بلوچ صاحب قبول ڪونه ڪيون.
غالباً ان قسم جو ڪو اختلاف ٻنهي عالمن ۾ هو.
مون کي صحيح خبر ڪانهي ڇو ته ان ڪم ۾ بورڊ جو
سيڪريٽري جويو صاحب ٻنهي عالمن سان سڌو تعلق
رکندو هو. بهرحال ان اختلاف جو نتيجو اهو نڪتو
ته لغات جي پهرئين جلد جي ڇپائيءَ ۾ ئي دير پئجي
ويئي. پر، وري به جويي صاحب کي شابس هجي. ڏاهو
ماڻهو هو. ٻنهي قابل احترام بزرگن جي نازڪ مزاج
کي خيال ۾ رکي، نهايت خوش اسلوبيءَ سان، ڳالهه
کي ٺاهي ورتائين ۽ لغات جي پهرئين جلد جي
ڇپائيءَ جو ڪم خير خوبيءَ سان ختم ٿيو. سنڌ جي
ٻنهي وڏن عالمن کي به وڏي شابس هجي جو افهام
تفهيم جو رستو وٺي، ڳالهه جي ٺهڻ جي صورت پئدا
ڪيائون، ۽ علمي اختلاف کي پنهنجيءَ ”انا“ جو
مسئلو نه بنايائون.
عالمن جا پاڻ ۾ اختلاف ڪابه نئين ڳالهه ناهن. مولانا قاسمي صاحب
ڳالهه ڪندو آهي ته مديني منور ۾ سنڌ جا ٻه برک
مذهبي عالم رهند هئا، جي پاڻ ۾ ڪڏهن ڪونه ٺهندا
هئا. هڪ دفعي حاڪم کي چئي هڪڙي ٻئي کي تڪليف ۾
وجهايو.
ٺٽي ۾ مخدوم معين ٺٽويءَ ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جهڙن جليل
القدر عالمن جا اختلاف ته تاريخ جي صفحن تي نقش
ٿيا پيا آهن. ڇا چئجي سندن شخصي عظمت ۽ ڇا چئجي
سندن علمي عظمت!
چون ٿا ته جڏهن مخدوم معين دهليءَ مان تحصيل ڪري نڪتو ته شاهه
ولي الله محدث دهلويءَ چيو ته ”علم اڄ دهليءَ
مان موڪلايون ٿو وڃي“. اها ڳالهه مون گرامي صاحب
کان ٻڌي. قاسمي صاحب وري اها ڳالهه ڪئي ته ،
”مخدوم معين هڪ خط شاهه ولي الله ڏانهن لکي
کانئس ڪا ڳالهه پڇي“.
شاهه ولي الله جواب ۾ لکيس ته ”تون شينهن (علم) تي سوار آهين،
توکي مون کان پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت“.
سچي ڳالهه اها آهي ته مان ته عربيءَ جي اکر کان به واقف ڪونه
آهيان، انڪري شاهه ولي الله ۽ مخدوم معين جي
معاملي ۾ اڻ پڙهيل آهيان. سو، مون تي ان ڳالهه
جو ڪوبه رعب ڪونهي ته مخدوم معين شاهه ولي الله
کان ڪي علمي ڳالهيون سکيو هو. مان ته مخدوم جي
غلامن جي غلامن جي غلامن جون جتيون مٿي تي رکي،
انهن کي رڳو انڪري چميون ڏيان ۽ اکين تي رکان،
جو مخدوم معين ڀٽائيءَ جو يار هو. جنهن شخص کي
ڀٽائي پنهنجو يار بنائي، ان کي ڪنهن ٻيءَ سَنَدَ
جي ڪا ضرورت آهي؟ اهو شخص ته جيئري جنتي آهي!
هوڏانهن، مخدوم محمد هاشم جو مان ۽ مرتبو، بيان ڪرڻ جي ضرورت
ئي ڪهڙي آهي! اهو ته سج کي ڏيئو ڏيکارڻو آهي*
مون ملاڪاتيار جي هاڪاري بزرگ ميين اسحاق کان هڪ ڳالهه ٻڏي
ته”هيڪر ڪنهن علمي اختلاف سببان، مخدوم محمد
هاشم، مخدوم ٺاري کي چوائي موڪليو ته مان انهيءَ
اختلافي مسئلي کي طئي ڪرڻ لاءِ روبرو گفتگوءَ
واسطي خود اوهان وٽ حاضر ٿي رهيو آهيان، جو
اوهان منهنجا استاد آهيو“.
بزرگ ميين اسحاق فرمايو ته، ”مخدوم معين کي مخدوم ٺارو به
ڪوٺيندا هئا. جنهن مهل مخدوم محمد هاشم سندس گهر
پهتو ته شاهه ڀٽائي اڳيئي وٽس ويٺو هو. جيئن ئي
مخدوم محمد هاشم دروازي مان اندر ڪمري ۾ پير
پاتو ته ڀٽائي صاحب مخدوم ٺاري جي ڪن ۾ ڪو ڀڻڪو
ڪيو. اهو ٻڌي، مخدوم ٺارو هڪدم اٿي بيٺو ۽ مخدوم
محمد هاشم کي ٻانهون ٻڌي چيائين ته سائين، مونکي
اوهان سان ڪوبه بحث ڪرڻو نه آهي“.
مون اها ڳالهه ٻڌي، بزرگ ميين اسحاق کي عرض ڪيو ته ”سائين،
ڀٽائي صاحب مخدوم ٺاري کي ڇا چيو، جو هن مخدوم
محمد هاشم کي ٻانهون ٻڌي معافي ورتي؟“
بزرگ ميين اسحاق چيو ته ، ”ابا، شاهه ڀٽائيءَ مخدوم ٺاري کي چيو
ته خبردار جو هن شخص سان ڪو بحث ڪيو اٿيئي. مان
سندس چهري تي رسول الله صه جي رحمت جو سايو ڏسي
رهيو آهيان.“
شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي جا رڳو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سان اختلاف ڪونه هئا، پر مرحوم عثمان علي
انصاريءَ سان به اصل ڪونه ٺهندو هو.
شاهه صاحب جي . ايم. سيد ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي سنڌي ادبي بورڊ
جي ميٽنگ هلي رهي هئي. مان صدارت ڪري رهيو هوس.
عثمان عليءَ انصاريءَ ڪنهن ڳالهه تي علمي راءِ
ڏني ۽ ڪا تجويز ڏني. اها ڳالهه هن بس ڪئي ته
ڊاڪٽر دائود پوٽو پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽
اچي ڪن ۾ چيائين ته ”شاهه صاحب، متان هن... جي
ڪا ڳالهه مڃي اٿيئي!“
شاهه صاحب چيو ته ”مان حالي ته منجهي پيس. پر سنڌ جي هيڏن وڏن
عالمن جون اهي ڳالهيون ٻڌي، کل نڪري ويم.“
هڪ دفعي مان بورڊ مان ڪنهن ڪم سان ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ ويس. علمي
ڳالهين ڪندي، راشدي برادران جو تذڪرو ڪڍيائين.
وڏي راشدي صاحب لاءِ تمام ڏکيا لفظ ڪم آندائين
پر حسام الدين راشديءَ جي ڏاڍي تعريف ڪيائين.
کيس ”رڄ سنڌي چڱو مڙس“ ڪوٺيائين.
ڊاڪٽر صاحب ڪم ڪار سان مون کي بورڊ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نياپو ڪندو هو.
سو، ادبي بورڊ جي ملازمت دوران مان ٻه ٽي دفعا،
سندس رهائشگاهه تي ساڻس ملڻ ويس. سندس اعليٰ
اخلاق جي ڪهڙي نيڪي ڪريان. معصوم ٻارَ وانگر پاڻ
معصوم هو. مون ته ائين ڀانيو ته گناهه ڪڏهن سندس
پاسي مان به ڪونه لنگهيو آهي. مون خالص سنڌي
ڪلچر جا سڄيءَ عمر ۾ ٻه مثال ڏٺا: هڪ ڊاڪٽر
دائود پوٽو ٻيو مخدوم محمد زمان هالن وارو.
سنڌيت، اشرافت، فضيلت، مروت، اخلاق، رواداري،
منهن ۾ نيمڪ، مزاج ۾ نرمي ۽ گفتگوءَ ۾ شائستگي
مٿن ختم ٿي. هڪ هي جهان ڇڏي ويو، ٻيو حال حيات
آهي. الله پاڪ سندس عمر دراز ڪري ۽ سندس صحت کي
قائم رکي. سنڌ جي سونهن آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ اخلاق جا ڪيئي مثال ٻڌا اٿم. ڪي مولانا
عبدالواحد سنڌيءَ ٻڌايا، ڪي پير حسام الدين
راشديءَ ٻڌايا، ڪي مرحوم ميران محمد شاهه کان
ٻڌم، پر گهڻا تڻا شاهه صاحب جي. ايم . سيد کان
ٻڌم. انهن مان ڪي ٻڌائڻ جهڙا آهن ڪي ٻڌائڻ جهڙا
ڪونهن، پر اهي سڀ سندس سچائيءَ ۽ سادگيءَ جا
ثبوت آهن. ۽ ڏيکارين ٿا ته هو ڪيڏو نه نيڪ ماڻهو
هو. هت فقط پنهنجي ذاتي تجربي مان هڪ مثال بيان
ڪريان ٿو.
جن ڏينهن ۾ پاڻ بورڊ جو هڪ هزار رپيا ماهوار اجرت تي ”اسڪالر“
هو، تن ڏينهن ۾ اسان حسب دستور مهيني جي پهرينءَ
تاريخ کيس نقد هزار رپيا موڪليا. انهن مان پاڻ
فقط پنج سو کنيائين ۽ پنج سو موٽائي موڪليائين.
بل تي نوٽ هنيائين ته ”هن مهيني ۾ مون فقط
پندرهن ڏينهن ڪم ڪيو آهي. پندرهن ڏينهن پنهنجيءَ
نياڻيءَ جي شاديءَ جي ڪم ۾ مصروف هوس.“
اسان کي ڪا خبر ڪانه هئي، ڇو ته پاڻ گهر تي پنهنجيءَ مرضيءَ
موجب ڪم ڪندو رهندو هو. کانئس ڪوبه پڇڻ وارو
ڪونه هو. پر سندس اندر ۾ ويٺل سجاڳ هو.
انگريزن کيس شمس العلماءُ جو خطاب سوچي سمجهي ڏنو هو. هو سڀ کان
اول ماڻهوءَ جو اخلاق ۽ ڪردار ڏسندا هئا.
هڪ ڏينهن مون کي گهر سڏيائين. چاليهه قيمتي قلمي ڪتاب ڏنائين.
ٻيو ڪو هجي ها ته ان زماني ۾ به گهٽ ۾ گهٽ
چاليهه هزار رپيا وٺي ها، پر ڪتابن جي هَڙَ
منهنجي حوالي ڪري چيائين ته،”ابا، هي سنڌي ادبي
بورڊ لاءِ منهنجو تحفو آهي.“
سنڌ وري اهڙا اعليٰ انسان ڏسي سگهندي؟
__________________
|