آلبرٽ آئنسٽائن
سن 1904ع جي ڳالهه آهي. سئٽزرلئنڊ جي برن شهر ۾ هڪ نوجوان،
گهٽين ۾ هيڏي هوڏي ايندي ويندي، نظر ايندو هو، جو
سدائين نوٽ بوڪ تي ڪي انگ اکر لکندو رهندو هو.
اڳتي هلي انهن انگن اکرن کي گڏ ڪري، رسالي ۾ هڪ
مضمون ڇپايائين. مضمون شايع ٿيو، ڄڻ ته دنيا ۾
زلزلو اچي ويو. فزڪس جي سائنس جي اڳوڻي عمارت ڊهي
ڍير ٿي ويئي. روءِ زمين جا سائنسدان وائڙا ٿي ويا.
ستت نئينءَ عمارت جي تعمير تمام وسيع بنيادن تي
شروع ڪئي ويئي. پر، ان تاريخي واقعي کان پوءِ نه
ڪي ته هن جهان بابت انسانذات جو نظريو ساڳيو رهيو
۽ نه وري اهو نوجوان ساڳيو رهيو. سندس نالو هو
آلبرٽ آئنسٽائين.
آئنسٽائين جڏهن ستر ورهين جي عمر جو ٿيو ته هڪ نوجوان کيس خط
لکيو: ”سائين، مون کي ٻڌايو ته منهنجي زندگيءَ جو
مقصد ڪهڙو آهي؟ مان ڪير آهيان؟ مون کي هن جهان ۾
ڪنهن موڪليو آهي؟“
آئنسٽائين نوجوان کي سڏ ۾ سڏ ڏنو، لکيائينس ته ”مان زندگيءَ جو
مقصد معلوم ڪرڻ واريءَ تنهنجيءَ جستجوءَ کان تمام
گهڻو متاثر ٿيو آهيان. منهنجي راءِ موجب، جيڪڏهن
اهو سوال ائين ئي ڪبو ته ان جو ڪو به معقول جواب
(Reasonable Answer)
ڪو نه آهي.“
دنيا جي هاڪاري سائنسدان، جنهن کي هاڻي انهن عظيم ترين
سائنسدانن ۾ شمار ڪجي ٿو، جيڪي انسانذات هن جهان
جي شروع ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پيدا ڪيا آهن،
پنهنجي نقطه نگاهه جي وضاحت ڪئي ۽ آخر ۾ نوجوان کي
نصيحت ڪئي ته ”البت اهو ڄاڻڻ نهايت مناسب ۽ تمام
ضروري آهي ته انسان هن دنيا ۾ پنهنجي حياتي ڪيئن
گذاري؟ منهنجي خيال موجب کيس ٻن انسانن سان پنهنجا
ناتا ۽ لاڳاپا، سوچ ويچار جي هم آهنگيءَ
(Harmony)
۽ دنيا کي خوبصورت بنائڻ
(Beautifull)
جي جدوجهد جي بنيادن تي قائم ڪرڻ کپن.“
عيسويءَ ويهينءَ صديءَ ۾ يورپ وڏا وڏا سائنسدان پيدا ڪيا جن هڪ
طرف آسمان ۾ نوان نوان سج، چنڊ ۽ تارا ڳولي ڪڍيا
ته ٻئي طرف، واريءَ جي داڻي جو پيٽ چيري، ان جي
اندران ڪيئي اسرار معلوم ڪيا. آلبرٽ آئنسٽائين جي
سوچ ته ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو. هڪ دفعي کانئس
پڇيائون ته ”هن جهان جي هيڏي علم هوندي، تون آخر
ڇا ٿو محسوس ڪرين؟“ جواب ڏنائين ته
“Sense of wonder” حيرت! هي جهان بحر بي ڪنار آهي، ان جو ڪو انت ئي ڪونهي.“
آئنسٽائين جهڙا عظيم مفڪر، مغرب جي علمي مرڪزن مان مستفيد ٿيا
هئا، جتي ڪنڪارڊ هوائي جهاز آمريڪا مان اڏامي ٿو ۽
هڪ ئي پرواز ۾، ست سمنڊ پار ڪري، يورپ ۾ اچي پرڙا
ساهي ٿو. مون جهڙا مسڪين ته سنڌ جي سڃن ڳوٺن ۾
ڄاوا، جتي اڃا مهن جي دڙي واريون بيل – گاڏيون
رائج آهن.
اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول ڪونه هو. نالي ماتر ملا مڪتب هو. لئبرريءَ
جو ته ڪنهن نالو ئي ڪونه ٻڌو هو. جڏهن اک پٽيم ته
پهريائين پنهنجو وجود ئي سوال جي نشاني نظر آيم.
پاڻ کان پڇيم ته ”تون ڪير آهين؟“ درسي ڪتابن ۾
سوال جو ڪوبه جواب ڪونه هو. فقط ايترو لکيل هو ته
”حياتيءَ جو مقصد وري پيدا ڪرڻ“
Re-production
آهي.“ يعني ماڻهوءَ ۽ ڍور ۾ ڪو به فرق ڪونهي. بس،
گاهه کائي، وڏو ٿئي، ۽ پاڻي پئي، جڏهن ته ڦر ڄڻي
مري وڃي. ”بابا دُورا، ليکا پورا.“
جڏهن ڪتابن مان ڪڪ ٿيس، ته وقت جي علامن، عالمن مفڪرن ۽ مصنفن
جا در کڙڪايم. پر، هن ”جهان جي ڳجهارت“
Riddle of the Universe
کي ڪير به سلي ڪو نه سگهيو هو. ڪنهن کي خبر ڪانه
هئي، ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي، ڇو آهي، ڪٿان آيو آهي،
ڪاڏي ويندو؟ مان ڪير آهيان، ڪٿان آيو آهيان، ڪاڏي
ويندس؟ هر ڪو بي خبر هو. عمر خيام سان همنوا هو:
معلوم نه شد که در طربخانه خاک
نقاش ازل بهرچ آراست مرا.
هن جهان ۾ ماڻهوءَ جي ماڳ ۽ ڀاڳ بابت قاضي جاويد پنهنجي ڪتاب
”محبت ۽ انقلاب ۾ لکيو آهي ته
”اسان کي معلوم هئڻ گهرجي ته هيءَ ڪائنات اسان لاءِ ڪانه ٺهي
هئي... اها پنهنجن حقيقتن جي پٿرن سان اسان جي
خوابن کي زخمي ڪري ڇڏي ٿي... ليڪن ائين سمجهڻ ته
حالتون سدائين ائين رهنديون پڻ صحيح ڪونه آهي...
مادي تي ذهن جي ڪامراني، ان ڳالهه جي ثابتي آهي،
ته زندگيءَ کي سهنجو بنائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري
سگهجي ٿو.“
قاضي جاويد سان لاهور ۾ مجلس ٿي ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو
مليو. هو نقاشِ ازل جي مصلحت جو قائل ڪونه هو. ان
راءِ جو هو ته ماڻهو پنهنجي مقدر جو مالڪ پاڻ آهي.
اسلامي فڪر جي تاريخ ۾ معتزله نالي هڪ فرقو پيدا ٿيو، جنهن جو
چوڻ هو ته انسان پنهنجن افعالن جو خالق پاڻ آهي،
نه ته ڀلا مٿس جزا ۽ سزا ڪيئن واجب ٿيندي؟ (علامه
اقبال پڻ پنهنجي ڪتاب ”فلسفه عجم“ ۾ معتزله فرقي
جو ذڪر ڪيو آهي.) معتزله فرقي جي نقطهءِ نگاهه
موجب، ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل وسيلي، پنهنجي دنيا
بدلائي سگهي ٿو. معتزله اهي خيال يوناني فلسفي مان
ورتا هئا.
مدد علي سنڌيءَ، روزانه ”سنڌ نيوز“ ۾، ڊاڪٽر سورلي جو خط شايع
ڪيو آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته ”جديد مغربي سوچ به
اها ئي آهي ته ماڻهوءَ جا سڀ خيال پنهنجا پيدا ڪيل
آهن. هو پنهنجي مقدر جو مالڪ پاڻ آهي. هيءَ دنيا
گهڻو تڻو ائين ئي آهي، جيئن ماڻهوءَ ان کي ٺاهيو
آهي. خدا تعاليٰ ته هڪ اهڙيءَ هستيءَ جو نالو آهي،
جنهن جي اسان کي ڪابه ڄاڻ ڪانهي.“
مان ”نقاش ازل“ جي مصلحت جو قائل آهيان ۽ ”ڪن فيڪون“ تي ايمان
اٿم. ڪشنچند بيوس جو هي ڪلام ڏاڍو وڻندو اٿم:
ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو
بيوس سائينءَ ناد وڄي ٿو
نوبت نينهن نقارا
سڀ ڪن تنهنجي ساره پيارا
پيارا قدرت وارا
ليڪن ان ڳالهه کان به انڪار ڪونهي، ته مادي تي انساني ذهن جي
ڪامرانيءَ وسيلي، حالتن کي هڪ حد تائين واقعي
تبديل ڪري سگهجي ٿو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون حيرت
انگيز ڪاميابيون آخر مادي تي انساني ذهن جي
ڪامرانيءَ جون ناقابل ترديد ثابتيون ئي ته آهن، ۽
ڌرتيءَ جي ساهوارن ۾ فقط انسان ئي ته آهي، جو فخر
سان چئي سگهي ٿو ته:
من آنم که از سنگ آئينه سازم
من آنم که از زهر نوشينه سازم
انسان، عقل کي امام بنائي، ريڊئي، وايرليس، ٽيليڪس، ٽيلي گرام،
ٽيلي فون، ٽيلي ويزن، دوربين، خوردبين، ڪار، ريل،
سامونڊي جهاز ۽ هوائي جهاز ايجاد ڪري، زمان ۽ مڪان
جي جبر کي ٽوڙي ڇڏيو.
انسان، هزارين سال اڳ، ٻيڙي ٺاهي، طوفان نوح تري وڃڻ کان وٺي،
اڄ راڪيٽ ٺاهي، چنڊ تي خيما کوڙي، ثابت ڪري
ڏيکاريو ته مادي تي انساني ذهن جي ڪامرانيءَ
وسيلي گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
پر، هڪڙيون ڳالهيون انسان جي اختيار ۾ آهن، ٻيون ڳالهيون سندس
اختيار کان ٻاهر آهن، ان ڪري کيس پنهنجي مقدر جو
مالڪ قرار ڏيڻ سولي ڳالهه نه آهي.
انسان فقط پنهنجن پنجن حواسن وسيلي ئي تدبير تيار ڪري، تقدير جي
سينڌ سنواري سگهي ٿو. ليڪن، ڪائنات جو سارو علم
سندس پنجن حواسن ۾ سمايل ته ڪونه آهي.
ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيم ته، ”موت انسان جو آخرين دشمن آهي. ان کي ختم
ڪرڻو آهي.“
حوصلو ۽ ارادو بيشڪ وڏو آهي. پر روز اول کان وٺي، اڄ ڏينهن
تائين، اهڙو ڪو حڪيم، طبيب، يا ڊاڪٽر ٿيو آهي، جو
موت کان پاڻ بچائي سگهيو هجي؟
ابن سينا چيو آهي:
از قعر گل سياه تا اوج زحل
کردم همہ مشڪلات گيتي را حل
بيرون جستم ز قيد هر مکر و حيل
هر بند کشاده شد مگر بند اجل
”ڪاريءَ گپَ جي ڌٻڻ کان وٺي زحل تاري تائين دنيا جي سمورين
مشڪلاتن کي مون حل ڪري ڇڏيو هر مڪر ۽ حيلي جي قيد
مان پاڻ ڇڏائي آيس. سڀ ڳنڍيون کلي ويون، پر موت جي
ڳنڍ کولي نه سگهيس.
سج روزانو صبح جو اوڀر مان اڀري ٿو ۽ اولهه ۾ لهي ٿو. ڪنهن به
سپر پاور يا سيڪيورٽي ڪائونسل جو فيصلو، سج جي
انهيءَ روش کي بدلائي سگهي ٿو؟
حقيقت اها آهي ته جيئن جيئن انسان جي ذهن تان اڻ ڄاڻائيءَ جا
پردا هٽندا رهن ٿا، تيئن تيئن کيس قدرت جي قوت
ڪائنات جي وسعت ۽ پنهنجيءَ حيثيت جو صحيح احساس
ٿئي ٿو.
دنيا جي هاڪاري سائنسدان سر آئزڪ نيوٽن هڪ دفعي چيو هو ته ”ائين
ٿو ڀايان ته سمنڊ جي ڪناري تي واديءَ جا ڍير پيا
آهن ۽ مان هڪ ٻار وانگر، سڄي عمر رڳو انهن ۾ راند
ڪندو رهيو آهيان.“
جڏهن انسان کي پنهنجي ابتدا ۽ انتها نامعلوم هجي، زندگيءَ جي
مقصد ۽ سفر جي منزل به معلوم نه هجي، تڏهن هن دنيا
۾ حياتيءَ جا ڏهاڙا، ڪنهن سهڻي انداز سان گذارڻ
لاءِ، صوفين جو هي قول معنيٰ رکي ٿو ته ”انسان جي
زندگيءَ جو مقصد هن ڪائنات کي حسين بنائڻ آهي.“
ابن سينا جو ڪتاب ”القانون“ هجي، مونا ليزا جي مرڪ هجي، تاج محل
جي تعمير هجي، آدم ڪلثوم جو آلاپ هجي، روي شنڪر جي
ستار هجي يا جديد دور ۾ ڪنڪارڊ جي پرواز- مڙني جو
مقصد هن جهانَ کي سهڻو بنائڻ آهي. ليڪن، جهان کي
حسين بنائڻ آسان ڪونه آهي، رڳو پنهنجيءَ زندگيءَ
کي حسين بنائڻ ئي ڏاڍو ڏکيو آهي!
اڪثر انسان مون وانگر خوابن ۾ رهن ٿا ۽ سڄي عمر ننڊ ۽ پنڌ ڪندا
رهن ٿا. مقدر جا ماريل ۽ مجبور جو ٿيا. مجبور
ماڻهوءَ کي ڏوهه ڏيڻ اجايو آهي، ڇو ته ڪير آهي، جو
پنهنجيءَ بگڙيءَ کي بنائڻ نٿو گهري؟ ڪير آهي جو ڏک
جي جهان مان نڪري، سک جي جهان ۾ پير پائڻ نٿو
گهري؟ پر اها هڪڙي وک کڻڻ ڪيڏي نه ڏکي ڳالهه آهي!
اهو چوڻ ڪيڏو نه آسان آهي، ته هيءَ دنيا گهڻو تڻو
ائين ئي آهي، جيئن انسان ان کي ٺاهيو آهي. پر،
حقيقت ائين ڪٿي آهي؟ ائين ڇو آهي ته هڪڙن جون
اونڌيون به سنيون، ته ٻين جون سنيون به اونڌيون!
جڏهن يوسف جا ڀائر مصر مان ان وٺڻ ٿي ويا، تڏهن سندن والد،
يعقوب کين نصيحت ڪئي ته ”جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو،
تڏهن جدا جدا دروازن مان داخل ٿجو جيتوڻيڪ ٿيندو
ائين ئي جيئن تقدير ۾ لکيل هوندو.“
انسان جي هٿ وس شايد ايترو ئي آهي ۽ ان جو نالو تدبير آهي. پوءِ
کيس به يوسف جي ڀائرن وانگر، ڪي داڻا ڪڻا نصيب ٿيا
ته وهه واهه. نه ته چئي پنهنجيءَ تقدير کي! ليڪن
ڀلا ڀاڳ يوسف جا. ڀائرن کيس ماري ڪٿي، کوهه جي تري
۾ اڇلايو پوءِ به سندس سڀ خواب سچا ٿيا. سج، چنڊ ۽
تارن سجدا به ڪيا، ته مصر جي تخت تي به ويٺو ۽
الائي ته ڪيتريون زليخائون سندس سونهن پسي پنهنجا
هٿ ڪپينديون رهيون!
مير تقي مير، ماڻهوءَ کي هيءَ ميار ڏيئي، مون جهڙن الائي ته
ڪيترن ڄڻن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏيئي ويو:
سرسري تم اس جهان سي گذري
ورنه هرجا جهانِ دگر بهي تها
مير سائين، ”جهان دگر“ ڪٿي هو؟ ڪنهن لاءِ هو؟ مون ته ڏاڍو
ڳوليو. ڀلاري ڀٽائيءَ جو به مشاهدو اهو ئي هو ته:
هَڙَ ۾ ڪيئن هئونِ، هنئين هن نه چاڙهيا
سارو ڏينهن سمونڊ تي لهي سج ويونِ
جڏهن سائينءَ سبب ڪيونِ، تڏهن ستڙ ٿيا سيد چوي
هيڪر، مان ۽ مولي قاسمي صاحب ڪراچيءَ کان اسلام آباد هوائي جهاز
۾ وڃي رهيا هئاسون. مون کيس سامهون ايندڙ
ايئرهوسٽس ڏانهن اشارو ڪري چيو ته، ”هيءَ حور اسان
لاءِ ميوي جي رس جا گلاس آڻي رهي آهي. هي اڏامندڙ
محلات منٽ ۾ ڏهه ميل رفتار سان زمين ۽ آسمان جي وچ
۾ پرواز ڪري رهيو آهي. ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۾
موسيقيءَ جي نغمن جي گونج آهي. خبر نه آهي ته حضرت
سليمان جو تخت ڪيئن هوندو؟“
مولوي صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي مسڪرايو ۽ چيائين: ”اها به خبر
ڪانهي، ته ان تي رڳو پاڻ چڙهندو هو، يا ٻين کي به
ويهاريندو هو. هت ته جيڪو ٽڪيٽ جا پئسا ڀري، سو
اچي سوار ٿئي.“
مولوي صاحب جي ڳالهه ٻڌي، مون دل ۾ سوچيو ته ”اڄ به ڪل ڪيترن
ماڻهن وٽ هوائي جهاز جي سواريءَ جا پئسا هڙ ۾ آهن؟
اڳي ڪن کي حضرت سليمان اڏامندڙ تخت تي گڏ وهاريندو
هو. اڄ ٻين کي پئسو هوا جي پرن تي پرواز ڪرائي ٿو.
ڪن مسڪينن جو سارو ڏينهن سمونڊ تي اوسيئڙي ۾ گذري
وڃي ٿو.“
ٿر جو هڪ لوڪ گيت آهي:
”سارو تان سيارو، مون گنديءَ ۾ گذرايو.“
ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۾، سک جون ساعتون تمام مختصر ٿين ٿيون ۽ ڏک
جا ڏاڍا ڏينهن ڊگها. انهن کان به اوکيون آهن رڻ
جون ڪاريون راتيون. پر، ان هوندي به، رات جي
ڪاريءَ ٻاٽ ۾، مون جتي به ڏيئي جي لاٽ ڏٺي، اتي
ڊوڙي وڃي دروازي تي دستڪ ڏني، ته من ڪو بي قرار
روح، ڪنهن اهل دل جي اوسيئڙي ۾ هجي. مون کي هر
هنڌ، اهو ئي جواب مليو ته ”مسافر جا پيرا انهيءَ
ئي واٽ تي پوندا آهن، جيڪا آسمان جا ستارا سندس
لاءِ هن ڌرتيءَ تي گهڙيندا آهن.“ پنهنجا پيرا جنهن
واٽ تي پيا، ان تي وک وک تي ڪنڊا هئا. غلام فريد
چيو آهي:
عمريا لنگهيا پٻان پار
پنهنجي ساري عمر به ڪنڊن کان بچندي پٻن تي هلندي گذري ويئي!
هونئن رڻ ۾ رڃ جا عجيب منظر هئا. ويراني ۾ وسندڙ شهر هئا، جي بي
روح انسانن سان ڀريل هئا. ظاهري حسن ۾ آذر جا بت
هئا. نه سونهن ۾ سندن ڪو ثاني هو ۽ نه دل جي
سختيءَ ۾. سندن هڪڙيءَ ئي نگاهه سان سڪايل دل
گهايل ٿي ويندي هئي.
دامن په کوئي چهينٽ نه خنجر په کوئي داغ
تم قتل کرو هو يا کرامات کرو هو
ننڍي هوندي، قصن ۽ ڪهاڻين ۾ پڙهيو هئم ته ”پوءِ مسافر انهيءَ
طلسمي شهر ۾ وڃي پهتو، جتي سڀ ماڻهو پٿر جا بت
هئا.“ مان به ان اجنبي مسافر وانگر، بتن ۽ بي روح
انسانن سان ڀريل انهن شهرن مان ائين ئي حيرت ۽
حسرت سان لنگهيس، جيئن ڪو نادار ڀريءَ بازار مان
خالي هٿين گذري.
*****
زندگيءَ جو سفر شايد اڃا به اوکو ٿي پوي ها، پر ڪي اعليٰ انسان
هوندا هئا جي رڻ ۾ رهنمائي ڪندا هئا، جڏهن ڪو
مسافر مون وانگر اڃ ۽ رڃ ۾ هلي هلي ماندو ٿي ڪري
پوندو هو ته کيس آٿت ڏيئي اٿاريندا هئا: ”دل نه
لاهه. زندگيءَ جا هي ڏکيا ڏينهڙا به گذري ويندا.“
اهڙا اعليٰ انسان ڪي ورلي نظر ايندا هئا. پر، ڇا چئجي سندن جوت
۽ جلوو،ڄڻ ته ڪوئلن ۾ هيرا. رڻ جي ڪارين راتين ۾
چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندا هئا. ٿڪا ماندا
مسافر سندن ئي سوجهري تي وک وڌائيندا هئا. انهن
اعليٰ انسانن جو ڪنهن به قوم ڪڙم ۽ قبيلي سان
واسطو ڪونه هوندو هو. پيغمبرن جي پيروي ڪندا هئا.
سموريءَ انسان ذات کي سهارو ڏيندا هئا.
هڪ دفعي، حضرت عيسيٰ کان ماڻهن پڇيو ته ”سائين اوهان جي گهر
اچون؟“
جواب ڏنائين ته ”دنيا ۾ منهنجو گهر ڪٿي آهي؟ گهر ڇا کي چوندا
آهن؟“
چون ٿا ته حضرت عيسيٰ مئل ماڻهو جياريندو هو. پر، مان ڀانيان ٿو
ته سڀ پيغمبر مسيحا هوندا آهن. مرده دلين ۾ جان
وجهي ڇڏيندا آهن. نه ته ڀلا بي قرار روحن کي سندن
ئي پاڇي هيٺ قرار ڪيئن ايندو!
چون ٿا ته پيغمبر اسلام جڏهن ننڍو هوندو هو، ته پنهنجي چاچي سان
گڏجي، شام ملڪ ڏانهن ويو هو. هڪڙو عيسائي راهب اهو
لقاءُ ڏسي، وائڙو ٿي ويو، ته رڻ ۾، هڪ ڪڪر مٿس
ڇانو ڪندو ٿي آيو. اها ڳالهه اڄڪلهه گهڻن ماڻهن کي
ويساهه ۾ ڪانه ايندي. پر، هيءَ ڳالهه هر ڪو مڃيندو
ته پيغمبر کي هي جهان ڇڏئي، چوڏهن صديون گذري ويون
آهن، ليڪن ڪروڙين انسان سندس ئي پاڇي هيٺ قرار وٺن
ٿا.
نواب نور احمد لغاريءَ ڳالهه ڪئي ته، ”مديني ۾ عجب منظر ڏٺم،
شينهن جهڙا مڙس هجن. پري کان اچن، ته ڌرتي پئي
ڌڏي. پر، مسجد نبويءَ ۾ گهڙن، ته سندن اکين مان
نيسارا پيا وهن. مون الائي ته ڪيترن شهزورن کي،
مسجد جي ٿنڀن کي ٽيڪ ڏيئي، ٻارن وانگر سڏڪا ڀريندي
ڏٺو.“
نفسيات جو ماهر انهيءَ ماجرا جي سمجهاڻي شايد هيئن ڏيندو ته،
”هر انسان کي هيانءُ هلڪي ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي.
هونئن به زندگيءَ جي رڻ ۾ هلي هلي، ماڻهو آخر
ٿڪجي پوي ٿو. ساهه پٽڻ لاءِ کيس ڪنهن نه ڪنهن
سهاري، ڪنهن نه ڪنهن ديوار، ڪنهن نه ڪنهن ٿنڀي
ٿوڻيءَ جي ٽيڪ جي ضرورت پوي ٿي.“
ممڪن آهي ته حقيقت ائين ئي هجي. ليڪن، هيءَ به ته حقيقت آهي، ته
ڪوبه بي بنياد ٿنڀو گهڻو بار برداشت ڪري نه
سگهندو، ۽ نه وري گهڻي دير بنا پيرن جي بيهي
سگهندو. وقت سچ ڪوڙ جي وڏي پرک آهي. مارڪس، لينن ۽
مائو جو اثر ڪل گهڻو عرصو هليو؟
مائيڪل هارٽ، پنهنجي ڪتاب
“A Ranking of 100 Most Iufluential persons in
Human History.”
۾ لکيو آهي ته: -
He was only man in history, who was supremely successful, on
both the religious and secular levels.
Today, 14 centuries after his death his
influence is still powerful and pervasive. It is
this un-paralleled combination of secular and
religious innuence, which I feel entitled
Muhammad to be considered the most influential
figure in human history.
”تاريخ ۾ هو واحد شخص هو، جنهن مذهبي توڙي دنياوي سطح تي، ڪمال
درجي تائين ڪاميابي حاصل ڪئي.
اڄ، سندس رحلت کان چوڏهن صديون پوءِ به سندس اثر چوڏس قائم ۽
دائم آهي. منهنجي نظر ۾ ديني ۽ دنياوي اثر جي هن
بي مثال ميلاپ سببان، محمد صلعم کي انساني تاريخ
جي سڀ کان بااثر شخصيت قرار ڏيئي سگهجي ٿو.“
جيڪو انسان، صدين جون صديون، لکين ڪروڙين انسانن جي مٿان دنيا
جي ڌر تتيءَ ۾ ڇپر ۽ ڇانو ٿي بيهي، ان جي مٿان رڻ
۾ هڪڙي ڪڪر جو پاڇو ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!
چون ٿا ته پيغمبر جڏهن ٻار هو، ته ٻڪريون چاريندو هو. وڏو ٿيو،
ته ٿورو گهڻو واپار ڪندو هو. – اڻ پڙهيل هو. پر،
دنيا کي اهڙو ڪتاب ڏيئي ويو، جنهن کي پڙهڻ سان
ماڻهن جون دليون ميڻ وانگر رجي وڃن ٿيون. ڪتاب جو
مصنف ڪير ڪونه آهي. پر دنيا ۾، نسل در نسل، ڪروڙين
انسان پنهنجي زندگي ان ڪتاب جي قاعدن قانونن موجب
گذارين ٿا. شايد اهوئي سبب آهي، جو دنيا جي مشهور
قانوني- درسگاهه ”لنڪنس ان“ لنڊن ۾، پيغمبر جو پاڪ
نالو، وڏي ادب سان دنيا جي انهن اعليٰ مدبرن ۾
لکيو اٿن، جن دنيا کي انصاف عطا ڪيو.
انگستان جي عظيم اديب، ٿامس ڪارلائيل، پنهنجي ڪتاب
Heroes and Hero – worship
۾ پيغمبر کي عقيدت جا گل پيش ڪندي لکيو هو:
”ڪنهن ٿي ڄاتو ته عربستان جي ريگستان ۾، واريءَ جو اهو داڻو،
جڏهن جرڪندو، تڏهن غرناطہ کان دهليءَ تائين، ملڪن
پٺيان ملڪ، سندس روشنيءَ ۾ تجلا ڏيندا.“
ڪارلائيل ڳالهه گهڻي گهٽائي ڪئي آهي. دهليءَ کان گهڻو پري، چين،
ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپائينس – الائي ته ڪيترا
ملڪ انهيءَ ئي اُمي پيغمبر تي ڪَلمو پڙهن ٿا. (چون
ٿا ته هاڻي دنيا جي هر پنجن ماڻهن ۾ هڪ ڄڻو مسلمان
آهي).
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، سنڌي شعبي جي استاد عبدالجبار شامَ پنهنجي
ڪتاب ” مائوءَ جي ملڪ“ ۾ لکيو آهي ته ” هاڻي هن
ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو آسمان ڏانهن دعا لاءِ هٿ ڪونه ٿو
کڻي.“
عبدالجبار شام جو مشاهدو ممڪن آهي ته اهو هجي. پر کانئس ست سال
پوءِ جڏهن مان چين ملڪ جي دوري تي ويس ته چيني
ترڪستان جي شهرن ارومچيءَ ۽ ترپان ۾ اذاتون ٻڌم ۽
قطار در قطار ماڻهن کي مسجدن ڏانهن ويندي ڏٺم.
پاڪستان ۾ روشن واجديءَ نالي چين جي ثقافتي سيڪريٽري هوندي هئي.
(هاڻي چين جي گادي بيجنگ ۾ رهندي آهي.) مون سان سڪ
اٿس. سندس ننڍي ڀاءُ جي رحلت جي خبر ٻڌم، ته کيس
تعزيت ڏيڻ ويس. سندس سهڻن ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي آيا.
چيائين ته”رباني، منهنجو ڀائڙو پيغمبر جي در تي
حاضري ڏيئي آيو هو. اها ئي ڳالهه منهنجي روح جي
راحت آهي. مان سندس لاءِ دعا گهرندي آهيان.“
رب جي رحمت ته هر هنڌ وسي ٿي. پر، پيغمبر جي درکان ڪيئي ڪوهه
پري، سوشلسٽ نظام ۾ پيدا ٿيل، هيگل جي جدلياتي
ماديت
(Dilectical Materialism)
۽ مارڪس جي تعليم سان سرشار سفارتڪار خاتون جڏهن مائوءَ
جي ملڪ ۾ ڳوڙهن ڀريل اکين سان آسمان ڏانهن دعا
لاءِ هٿڙا کڻي ٿي، تڏهن سندس روح کي راحت ان ڳالهه
۾ ئي اچي ٿي ته سندس ڀائڙو پيغمبر جي در تي حاضري
ڏيئي آيو هو! ڀلاري ڀٽائيءَ الائي ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾
فرمايو هو:
برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو
منهنجي ڏاڏي کي به پيغمبر سان حب هوندي هئي، سندس نالو به محمد
هو. پر حاجي محمد نالي مشهور ٿي ويو، سو ان ڪري جو
يارنهن حج ڪيا هئائين. ان زماني ۾ سفر جون سهولتون
ڪونه هونديون هيون. پر، ”سڪندين کي سيد چئي، ڪين
جهليندو جهنگ.“
ڪنڊياري تعلقي ۾، پنهنجي ڳوٺ مان پيادل نڪرندو هو. وسنديون ۽
ويرانا، صحرا ۽ ريگستان، پوٺا ۽ پهاڙ پار ڪري،
مديني ۾ پيغمبر جي چانئٺ چمندو هو. اتي ئي سندس بي
قرار روح کي قرار ايندو هو. سفر ۾ کيس پورو سال
لڳي ويندو هو. ڳالهه ڪندو هو ته ”سڃن پهاڙن ۾ پيڻ
لاءِ پاڻي ڪونه ملندو هو. ويلن جا ويلا گذري ويندا
هئا. بعضي ته راهه ۾ ڦورو حملا ڪندا هئا. جبل جي
غار ۾ هڪ حبشي بخار ۾ ڦٿڪي رهيو هو. مون کان اشاري
سان پاڻي گهريائين. مون کيس پاڻي پياريو. سامت ۾
آيو ته اٿيو ۽ امالڪ ترار کڻي، مون کي ڦرڻ ۽ مارڻ
آيو. قد جو ايڏو ته ڊگهو هو، جو مان سندس ٽنگن جي
وچان نڪري ڀڄي ويس ۽ جان بچايم. پر، اها يا رستي
جي ٻي ڪابه رڪاوٽ، مون کي پيغمبر جي در تي حاضري
ڏيڻ کان روڪي نه سگهي. ست حَجَ پيادل ڪيم. پوءِ
آگبوٽ ايجاد ٿيا. چار حج انهن جي وسيلي ڪيم.“
چون ٿا ته گوتم ٻڌ جا پوئلڳ به ائين ئي ڪندا هئا. چين ولايت مان
نڪرندا هئا. همالا ۽ هندوڪس، پامير ۽ قراقرم پار
ڪري، الائي ته ڪٿان ڪٿان هندستان جي سرزمين تي
پهچندا هئا ۽ انهن ئي آستانن تي اچي مٿو ٽيڪيندا
هئا، جتي سهڻي گوتم پنهنجا پاڪ پير گهمايا هئا.
سياڻي سعديءَ چيو آهي:
اي دل خورسندم تو بوي کسي داري
مون نئين تعمير ٿيل شاهراهه – ريشم تي گلگت کان وٺي، چين جي
سرحدي چوڪيءَ خنجراب تائين سفر ڪيو آهي. سفر جي
انتظام ۽ اسان جي آرام لاءِ ست ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ
هئا. انهن جي اڳيان پويان حفاظتي فوج جا دستا هئا.
ايس . پي . پنهنجي پوليس جي پوري اٽالي سان سمورو
وقت ساڻ هو. اسان جي ڪاروان ۾ دنيا جهان مان اسي
عالَم، مردَ ۽ زالون هيون. ڪي ته ڄڻ ڪوهه ڪاف جون
پريون هيون. طرح طرح جا مشروبات، ميوا ۽ کاڌا هئا.
سفر ڇا هو، سراسر راحت هئي. پر، رستي جي هڪ طرف
آسمان کي ڇهندڙ همالا جبل جون برفاني چوٽيون ۽ ٻئي
طرف طوفان جي رفتار سان وهندڙ سنڌو درياءُ ڏسي،
سيءُ وٺي ٿي ويو. ڪٿي ڪٿي پراڻيءَ شاهراهه – ريشم
جا ٽڪرا به نظر ٿي آيا. ڪن پهاڙن تي ڪتبا ۽ گوتم
ٻڌ جون تصويرون هيون، جي ياترين، سفر جي دوران،
پنهنجي پيغمبر سان عقيدت جي اظهار طور ٺاهيون
هيون. پهاڙ جي وٽ سان پيادل هلڻ جيترو پيچرو مس
هو، جنهن تان پير ترڪي ته ماڻهو هزارين فوٽ
اونهيءَ ماٿريءَ ۾ وڃي ڦهڪو ڪري. سندس هڏي به ڪانه
بچي.
سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته سوين سال اڳ، گوتم جا ياتري انهيءَ پل
صراط کي پار ڪري، سفر جون سموريون صعوبتون برداشت
ڪري، چين ۽ ٿٻيٽ مان، هن جي سرزمين تي ڪيئن صحيح
سلامت پهچندا هئا. سندن عشق ڏسي، مون کي ته هڪ
سنڌي ڪافيءَ جا ٻول ياد آيا:
عشق وارن کي عشق هميشہ
وهه جون پياري وٽيون! يارَ
چين جي گاديءَ بيجنگ ۾، سهڻا مندر ڏٺم. مون کي لاما وارو مندر
ڏاڍو وڻيو. گوتم جي عظمت کي عام ماڻهن جي اکين ۾
اجاگر ڪرڻ لاءِ، سندس وڏا وڏا پتلا ٺاهيا اٿن، ته
گوتم هيڏو وڏو انسان هو. هڪ ڪاٺ جو پتلو
ڏيکاريائون. الائي ته ڪيترا سو فٽ اوچو هو. چيائون
ته هي هڪ ئي بنڊ مان ٺهيل آهي، جنهن کي رسا ٻڌي،
چيني ياتري، هندستان ۾ گوتم جي جنم ڀوميءَ مان
ڇڪي، همالا جبل جي مٿان ٽپائي آيا هئا. مان ڪا
دير ته گوتم جي منهن ۾ ڏسندو رهيس. سوچيم ته گوتم
ماڻهن جيڏو ئي ماڻهو هو، پر سندس اندر ۾ روشنائيءَ
جو منارو ايڏو ته اوچو هو، جو ان جا تڙڪا، هزارن
ورهين جو مفاصلو ۽ همالا جبل ٽپي، اڄ الائي ته
ڪيستائين اچي پهتا آهن!
پيغمبرن جا نوراني پاڇا ائين ئي زمان ۽ مڪان جون سڀ سرحدون
اورانگهي، رڻ جي راهين تي ڇانو ڪري بيهندا آهن.
تڏهن ته منهنجو ڏاڏو به اڃ ۽ بک ۾ ڪيئي سڃا پوٺا ۽
پهاڙ، اڪيلي سر پار ڪري ويندو هو.
گوتم جي قدمن ۾ ويهي اکيون ٻوٽيم ته عربستان جي ريگستان ۾، ڏاڏي
جا پيرا نيري آسمان ۾ سفيد پکين جي ولرن وانگر،
مديني ۾ پيغمبر جي روضي ڏانهن ويندي ڏٺم. بي
اختيار حافظ ياد آيم:
مڙده وصل توکز سر جان برخيزم
طائر قدسم و از دام جهان برخيزم
****
انسان جي مزاج جي نشو نما جو مدار، گهڻيءَ حد تائين، نفسياتي
اثرن تي آهي. مون جنهن گهر ۾ اکيون کوليون، ان جو
ماحول جان تان مذهبي هو. بابا سائين پابنديءَ سان
پنج وقت نماز پڙهندو هو ۽ روزو قضا نه ڪندو هو.
چاچا سائين ته ختمي درود جو به خيال رکندو هو.
اَسُرَ جو اٿي، مٺي آواز سان ذڪر ڪندو هو. آخري
عمر ۾ حج به ڪيائين. مون بابا ۽ چاچا جي نشست
برخواست ۾، برصغير جي مسلم – فارسي ڪلچر جو هلڪو
رنگ به ڏٺو. چاچا، پنهنجي ذاتي ذوق سان سڪندر نامي
تائين ۽ بابا يوسف زليخا تائين فارسي پڙهيو. سندس
ڪتابن مان سعديءَ جو گلستان ۽ زيب النسا جو ديوان
مخفي مون وٽ اڃا محفوظ آهن.
ڏاڏا سائين تر جو مڃيل حڪيم ۽ وڏيءَ دل وارو انسان هو. اسان جي
ڄمڻ کان اڳ ئي هي جهان ڇڏي ويو هو. پر، هنڌين
ماڳين سندس سخاوت جي هاڪ هئي. چوندا هئا ته ڪو شخص
سوال ڪندو هئس، ته سندس ضرورت ٿڏي تي پوري ڪندو
هو. ان ڳالهه ۾ دير اصل نه ڪندو هو. بشري ڪمزورين
کان ڪير به آجو ڪونهي. سو، جڏهن به ڪنهن ڳالهه ۾
منجهندو هو، ته رسول الله کي سڪ سان سڏڙا ڪندو هو:
”مديني جا مير، سڻ منهنجا سڏڙا“
انهيءَ پس منظر ۾، ننڍي هوندي کان ئي منهنجي ذهن تي مذهب جا
پاڇا پيا. ليڪن، بابا سائين مذهبي ڪٽر پڻي جي سخت
خلاف هوندو هو. خدا کي سڄي عالم جو رب سمجهندو هو.
بيشمار هندو سندس پيارا دوست هوندا هئا. وڏي
هوندي، منهنجي پڻ ڪيترن ئي هندن، عيسائين، مجوسين،
ڪميونسٽن ۽ دهرين سان دوستي ٿي. حياتيءَ جي هڪ
مرحلي ۾ پاڻ به مذهب ۾ آزاد خيال ٿي ويس. پر شخصي
تجربي سان ائين محسوس ڪيم ته لا مذهب ماڻهوءَ جي
سوچ، پنجاهه سوورهين تائين محدود آهي. سندس خيال
موجب زندگيءَ جو سفر قبر جي ڪنڌيءَ تي ختم آهي.
اڳتي رڳو اوندهه انڌوڪار آهي. هي جهان ۽ ان جو وڻ
ٽڻ، ٻوٽو، گاههُ ۽ گلُ، جيڪو هر سمجهدار ماڻهوءَ
اڳيان سوال بنيو بيٺو آهي، سو؛ سندس خيال موجب،
ائين ئي اتفاق سان وجود ۾ اچي ويو آهي. ليڪن، ڏاهي
ماڻهوءَ جي خيال موجب هي جهان اتفاق سان وجود ۾
ڪونه آيو آهي.
مشهور يوناني فيلسوف سقراط هڪ دفعي پنهنجي شاگرد ارسطاديمس کان
پڇيو ته ”تون ڪنهن اهڙي شخص جو نالو کڻي سگهين ٿو،
جنهن جي فن کان متاثر هجين؟“ ارسطاديمنس چيو ته
”استاد، هائو مون کي فلاڻو شاعر ڏاڍو وڻندو آهي.“
سقراط چيس ته ”ڀلا انهيءَ سنگتراش لاءِ ڪهڙو خيال اٿيئي، جيڪو
پٿر جا مجسما ڏاڍا سهڻا ٺاهيندو آهي. سندس فن وڌيڪ
يا انهيءَ جو جيڪو زندهه، هلندڙ، چلندڙ، کلندڙ،
ڳالهائيندڙ مجسما ٺاهي ٿو؟“
ارسطاديمس چيو ته، ”استاد، مان زندهه هلندڙ، چلندڙ، گهمندڙ،
ڦرندڙ مجسمن ٺاهڻ واري فنڪار کي ئي عظيم سمجهندس،
بشرطيڪ اهي اتفاقي طرح يا حادثاتي انداز ۾ پنهنجو
پاڻ وجود ۾ نه آيا هجن. سوچي سمجهي ٺاهيا ويا
هجن.“
سقراط چيس ته ”سمجهه ته ڪي شيون اهڙيون آهن، جن جي تخليق جو
مقصد اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي. پر، ڪي اهڙيون به
آهن، جن جي تخليق جو مقصد سمجهه ۾ اچي ٿو. تنهنجي
خيال موجب، ٻنهي مان ڪهڙي تخليق حڪمت ۽ دانائيءَ
واري ٿي ۽ ڪهڙي اتفاقي؟“
ارسطاديمس چيو ته ”استاد، بيشڪ اهي شيون جن جي وجود جو مقصد
ظاهر هجي، سي ئي دانائيءَ واريون ليکبيون.“
سقراط چيس ته ”انسان جي خالق کيس اکيون ڏنيون ته ڏسي ۽ ڪن
ڏنائينس ته ٻڌي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي وسيلي کيس خبر پوي
ته ڪهڙي ڳالهه مناسب آهي ۽ ڪهڙي نامناسب. ساڳيءَ
ريت زبان ڏنائينس ته ڳالهائڻ ٻولائڻ لاءِ ڪم آڻي ۽
کائڻ پيئڻ جي شين جي ذائقي جو فرق محسوس ڪري. ان
طرح تون ٻين ڳالهين تي به غور ڪر ۽ ڏس ته هن ڪيئن
نه ننڍيءَ کان ننڍيءَ ڳالهه جو به خيال رکيو آهي.
مثال طور، ڪيئي ننڍڙا جيت جڻيا اڏامندا رهن ٿا.
انسان جي خالق اکين جي حفاظت لاءِ ڇپر ڏنا، جي
گهڙيءَ گهڙيءَ کلندا ۽ بند ٿيندا رهن ٿا، ته هوا ۾
جيڪو سنهو ڪن ڪچرو ۽ جيت جڻيو آهي، ان کان اکيون
محفوظ رهن. ٻڌاءِ ته اهو سڀڪجهه اتفاقي طرح ٿي ويو
يا حڪمت ۽ دانائيءَ وسيلي؟
ارسطاديمس چيو ته، ”استاد، بيشڪ اهي ڳالهيون انسان جي خالق جي
دانائيءَ جو مظهر آهن.“
سقراط وانگر، ٻئي هڪ فيلسوف، عبدالله دراز به ان سوال تي بحث
ڪيو آهي ته هيءُ جهان اتفاقي طور وجود ۾ آيو آهي
يا ڪنهن رٿابنديءَ سان؟ هن هڪ مثال ڏنو آهي ته،
”ڪنهن وڏي جبل جي چوٽيءَ تي وڻن جي وچ ۾ هڪ بنگلو
بيٺو آهي. ڪو شخص جبل تي چڙهي، بنگلي تائين پهچي
ٿو. ڏسي ٿو ته اندر ڪير به ڪونهي! پر، هرشيءِ ٺهي
ٺڪي پئي آهي. ڪمرن ۾، پٽ تي غاليچا آهن، جن تي
سهڻا صوفا، ڪرسيون ۽ ميزون رکيل آهن. پلنگ آهن، جن
تي قيمتي بسترا وڇايا پيا آهن.
هاڻي اهو شخص ڇا سمجهندو، ته پهاڙ تان پٿر ۽ مٽي پنهنجو پاڻ کڄي
آيا. ڀتيون اڏجي ويون. انهن تي ڇت پئجي ويئي. وڻن
جو ڪاٺ از خود چيرجي ويو ۽ ڪمرن کي در دروازا لڳي
ويا. پوءِ خوبصورت فرنيچر به خودبخود ٺهي ويو ۽
پنهنجو پاڻ ٻاهران کڄي بنگلي جي اندر پهچي ويو.
پلنگ پوش، بسترا، چادرون وڇائجي ويون. غاليچا به
پنهنجو پاڻ وڇائجي ويا. فانوس به اتفاقي طرح لڳي
ويا ۽ پنهنجو پاڻ ٻري ويا.
جيڪڏهن ڪو شخص اوهان سان ملي ۽ اهڙي ڪا ڳالهه ڪري ته اوهان کيس
ڇا چوندا، ته ”ميان ڪو خواب ڏٺو اٿيئي، يا ڪو قصو
بيان ٿو ڪرين؟ هوش ۾ ته آهين!“
پر، جيڪڏهن اهو شخص اڃا به گهڻو بحث ڪندو، ته اوهان کانئس پڇي
سگهندا ته ”ميان، بنگلو ته پري ٿيو، رڳو بنگلي جو
هڪ ڪمرو به ڪڏهن اتفاقي طرح پنهنجو پاڻ ٺهيو آهي؟
خودبخود ان جا تاڪ ٺهي ويا، منجهس انجيس ۽ ڪوڪا
لڳي ويا! اها ڪا مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي؟“
اهو مثال ڏئي عبدالله دراز سوال ڪيو آهي ته هي جهان، تارن ڀريو
آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا وڌيڪ، يا بنگلي جا پٿر ۽
ڪاٺ جا در دروازا وڌيڪ؟ جي بنگلو پنهنجو پاڻ ٺهي
نٿو سگهي، ته هي جهان پنهنجو پاڻ ڪيئن ٺهي ويو؟
مشهور مستشرق، سينتيلانا ساڳيءَ ڳالهه جو هڪ ٻيو مثال ڏنو آهي.
چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شخص ڇاپي جا لکين ڪروڙين اکر
گڏ ڪري، رڳو پيو انهن کي هيٺ مٿي ڪري، ته ائين ڪرڻ
سان انهن مان ادب، شعر، فلسفي يا قانون جو ڪو ڪتاب
اتفاقي طرح ٺاهي سگهندو؟
جيڪڏهن اکرن کي سالن جا سال رڳو هيٺ مٿي ڪرڻ سان ڪوبه ڪتاب ڪونه
ٺهي سگهندو، ته پوءِ هي جهان، جنهن ۾ سج جي اڀرڻ،
موسمن جي ڦرڻ، ۽ گلن جي ٽڙڻ ۾ ايڏي ترتيب ۽ توازن
آهي، سو لامذهب ماڻهوءَ جي خيال موجب، پنهنجو پاڻ،
اتفاقي طرح ڪيئن وجود ۾ اچي ويو.“
ارسطوءَ جو قول آهي ته”هر نظام ۽ هر سليقو، ڄڻ ته پنهنجيءَ زبان
سان پاڻ ٻڌائي رهيو آهي، ته ان جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن
جي حڪمت ۽ دانائي سمايل آهي.“
هن جهان جي ڳجهارت
(Riddle of the Universe) بابت ابوالڪلام آزاد به پنهنجي ڪتاب”غبار خاطر“ ۾ دلچسپ بحث
ڪيو آهي. چوي ٿو ته، ”زندگي ۽ هل هلان جو هي
ڪارخانو آخر ڇا آهي؟ ان جي ڪا شروعات به آهي يا
نه؟ ڪٿي هلي ختم ٿيندو يا نه؟ خود انسان ڇا آهي؟
هي جو اسان سوچي رهيا آهيون ته ”انسان ڇا آهي“ ته
خود اها سوچ ۽ سمجهه ڇا آهي؟ حيرت جي پردن پٺيان
ڪجهه آهي به يا نه؟ ان وقت کان وٺي جڏهن اوائلي
انسان پهاڙن جي غارن مان منهن ٻاهر ڪڍي، سج جو
اڀرڻ ۽ لهڻ ڏسندو هو، اڄ ڏينهن تائين، جڏهن هو علم
جي تجربيگاهن مان فطرت جا بيشمار چهرا بي نقاب ڏسي
رهيو آهي، سوچ ۽ سمجهه جون هزارين ڳالهيون بدلجي
ويون، پر جهان جي ڳجهارت
Riddle of the Universe ڪنهن نه سکي. جڏهن هيءَ ڳجهارت نئين نئين انساني ذهن ۾ آئي
هئي، تڏهن جو حل به سامهون آيو هو. پر، جيئن ته
اسان ان ڳجهارت جو ٻيو ڪو حل ڳولڻ گهرون ٿا، انڪري
اسان جون پريشانيون شروع ٿين ٿيون. اسان عقل جو
سهارو وٺون ٿا ۽ ان روشني ۾، جنهن کي اسان علم جو
نالو ڏنو آهي، جيستائين رستو ملي ٿو، تيسين هلندا
هلون ٿا، ليڪن اسان کي ڪوبه حل ڪونه ٿو ملي. هلي
هلي نيٺ رستو ختم ٿي وڃي ٿو. ۽ روشني جهڪي ٿي، آخر
ختم ٿي وڃي ٿي. اکيون انڌيون ٿي وڃن ٿيون. عقل ۽
ادراڪ جا سڀ سهارا ختم ٿي وڃن ٿا. پر جيئن ئي اسان
پراڻي حل ڏانهن موٽون ٿا ۽ پنهنجيءَ معلومات ۾ رڳو
هيترن اکرن جو اضافو ڪريون ٿا ته ”سوچ ۽ سمجهه
واري ڪا اعليٰ هستي پردي جي پٺيان آهي“ ته ڄڻ
اوندهه مان نڪري سوجهري ۾ آيا آهيون. هاڻي جيڏانهن
نگاهه ڪريون ٿا ته روشني ئي روشني آهي.
آسٽريليا جي وحشي قبيلن کان وٺي، تاريخي عهد جي متمدن انسانن
تائين، ڪوبه خدا جي تصور کان خالي نه رهيو آهي.
”رگ ويد“ جي فڪري مواد جي اوڄ ان وقت شروع ٿي،
جڏهن تاريخ جو صبح به اڃا چٽو ڪونه ٿيو هو. حتين ۽
اعلامين جڏهن پنهنجي عبادتگاهه جا نقش و نگار
ٺاهيا هئا، تڏهن انساني تمدن جي ننڍپڻ اڃا پنهنجون
اکيون به مس کوليون هيون. مصرين حضرت عيسيٰ جي ڄم
کان هزارين سال اڳ پنهنجي خدا کي طرح طرح جي نالن
سان سڏڙا ڪيا هئا ۽ ڪالڊيا جي ڪاريگرن مٽيءَ جي
پڪل سرن تي حمد ۽ ثنا جا اهي گيت لکيا هئا، جي
اڳين قومن کان کين ورثي ۾ مليا هئا. ابو الفضل
ڪشمير ۾ جوڙايل عبادتگاهه لاءِ ڪهڙو نه سهڻو ڪتبو
تجويز ڪيو هو”الاهي به هر خانه که مِي نگرم جو يا
ي تواند، و به هر زبان که مي شنوم گوياي تو.“
اي تير غمت را دل عشاق نشانه
خلقي بتو مشغول و تو غائب زميانه
گم معتڪف ديرم و گه ساڪن ڪعبہ
يعني که ترامي طلبم خانه به خانه
سقراط، عبدالله دراز، ڊيوڊ سينتيلانا ۽ ارسطوءَ وانگر،
ابوالڪلام به انهيءَ نتيجي تي پهتو، ته خدا جي
هستيءَ ۾ ايمان رکڻ سان ئي هن جهانَ ۽ انسانَ جي
زندگيءَ کي معنيٰ ملي ٿي.
انسان جڏهن به خدا جو سوچيندو، ته پنهنجي ذهن ۾ سندس ڪونه ڪو
تصور ضرور قائم ڪندو، ليڪن خدا تعاليٰ ته هر تصور
کان مٿي آهي. اهڙيءَ صورت ۾، انسان جو ذهن، پنهنجي
۽ جهان جي خالق کي ڪيئن سوچي، سمجهي ۽ ياد ڪري؟
اهو دليل درست ته:
ڪبهي صانع سما سڪتا نهين صنعت کي دامن مين
سمجهه کا ديني والا خود سمجهه مين آ نهين سڪتا
پر، ان دليل سان انسان لاءِ ڪا راهه ته ڪانه ٿي کُلي!
ابوالڪلام جو چوڻ آهي ته اسلام پنهنجي عقيدي جو بنياد سراسر
”تنزيه“ تي رکيو. قرآن ڪريم جي ارشادن ته:
1- ”ڪابه شيءِ هن وانگر نه آهي“ – تشبيہ جي اهڙي عام ۽ قطعي نفي
ڪري ڇڏي، جو اسان جي تصوري تشخص لاءِ ڪجهه به ڪونه
بچيو.
2- ”الله لا مثال نه گهڙيو“ – تمثيلن جا سمورا دروازا بند ڪري
ڇڏيا.
3- ”اکيون سندس ادراڪ ڪري نٿيون سگهن“- حقيقت جي سڃاڻپ جي ڪابه
اميد ڪانه ڇڏي.
تاهم، انسان جي تصور جي نظاري لاءِ اسلام کي به صفتن جي صورت
آرايي ڪرڻي پئي ۽ ”تنزيه مطلق“ کي ”صفاتي تشخص“ جو
جامو ڍڪڻو پيو، جنهن جو مثال قرآن ڪريم ۾ الله پاڪ
جا اسمآءُ الحسنيٰ آهن.
صوفين به ذات مطلق جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ صفتن جو سهارو ورتو.
ليڪن، ممتاز عالم گائي ايٽن(حسن عبدالحڪيم) پنهنجي
ڪتاب، ”اسلام ۽ تقدير انساني“ (اداره ثقافت
اسلاميه، لاهور) ۾ سوال ڪيو آهي ته ”صفت جي وسيلي
ته مخلوق جو بيان ٿي سگهي ٿو. الله ته خود صفتن جو
خالق آهي. جا شيءِ هن پاڻ ٺاهي آهي، سا خود سندس
احاطو ڪيئن ڪري سگهندي! سو، قرآن مجيد ۾، الله
تعاليٰ جا جيڪي اسمآي الحسنيٰ ڏنل آهن، سي فقط
سندس مزاج جا آئينه دار آهن“
لفظ ”الله“، پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جي ٺاهيل عربي سنڌي لغت
موجب، ”رب جو ذاتي نالو آهي.“ ٻيا نالا صفاتي آهن.
ليڪن، مولانا ڪوثر نيازيءَ، اسلام آباد جي هڪ
تقريب ۾ تقرير ڪندي، مون کي ڇرڪائي ڇڏيو ته ”الله
لفظ ولہ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ حيراني آهي.“
ڳالهه ٻڌي دل تي بار ٿي پيوم. مولانا قاسميءَ کي
حيدرآباد فون ڪيم، پر هن به ڪوثر نيازيءَ جي ڳالهه
جي تصديق ڪئي. اسلام آباد جي اسلامي يونيورسٽيءَ
جي استادن سان ڳالهه ڪڍيم. اتي پروفيسر غزاليءَ
ٻڌايو ته ”ڪن عالمن جو اهو رايو آهي. ٻين جو خيال
آهي ته ان پاڪ لفظ جي ڪابه مصدر ڪانهي.“ اهو ٻڌي
ڪجهه آٿت آيو، پر من پوءِ به منجهيل ۽ ڪوماڻل
رهيو. پر، ستت ئي، مون گنهگار کي پيغمبر جي پاڇي
هيٺ پناهه ملي. گائي ايٽن جي تحقيق موجب، هڪ حديث
قدسيءَ ۾ آيو آهي ته:
”مان ائين ئي آهيان، جيئن منهنجو ٻانهو مون کي سمجهي ٿو ۽ جيئن
ئي مون کي ياد ڪري ٿو ته مان ساڻس گڏجي وڃان ٿو.“
ان حديث جو متبادل ترجمو هي به آهي:
”مان پنهنجي بندي جي گمان موجب آهيان. جيئن ئي منهنجو نالو سندس
لبن مان نڪري ٿو ته مان ساڻس گڏجي وڃان ٿو.“
انهن ئي ڏينهن ۾، پيغمبر جي قول سان مطابقت رکندڙ، قرآن ڪريم جي
ارشاد تي نظر پيم:
”اي نبي منهنجا ٻانها جي توکان منهنجو پڇن ته کين ٻڌائي ڇڏ، ته
مان کين ويجهڙو آهيان. جڏهن مون کي ڪير سڏي ٿو، ته
مان سڏ ٻڌان ٿو ۽ جواب ڏيان ٿو.“- سورت بقره – آيت
186
منجهيل مَنَ ۾ ڪوماڻل دل کي ان کان وڌيڪ ڪهڙي تسلي کپي! مون ته
ائين محسوس ڪيو ته آسمانن جا در کلي ويا ۽ دل جي
سڪل پوٺن ۽ پهاڙن تي مهر ۽ محبت جا مينهن وسي ويا!
چاليهه ورهيه اڳ ملڪاڻيءَ جو ترجمو ڪيل، ٽئگور جو
هڪ گيت بي اختيار چپن تي آيو:
”گاني ۾ مخمور ٿي، پوءِ پنهنجو پاڻ وساريان ٿو،
تون جو منهنجو مالڪُ آهين، تنهن کي دوستُ پڪاريان ٿو.“
شاهه ولي الله سطعات ۾، پنهنجي مخصوص عالمانه انداز ۾ وضاحت ڪئي
آهي ته ”قرآن“ ان جو نالو آهي، جنهن جي معنيٰ ۽
اسلوب الله تعاليٰ طرفان پيغمبر تي نازل ٿيا هجن.
اهو ڪلام الله آهي.
حديث قدسي اها آهي، جنهن ۾ معنيٰ ته الله پاڪ طرفان پيغمبر تي
نازل ٿي هجي، پر اسلوب پيغمبر پاڻ اختيار فرمايو
هجي، يعني لفظن جو جامو پاڻ ڍڪايو هجي.
گويا حديث قدسي ۽ عام حديث ۾ فرق آهي.
حديث معنيٰ ڳالهه. ليڪن، پيغمبر جي عام ڳالهه کي به عام ماڻهن
جي ڳالهه وانگر پرکڻ نه گهرجي، ڇو ته پيغمبر جو
علم عام ماڻهن وانگر فقط پنجن حواسن تائين محدود
ڪونه هوندو آهي. پيغمبر اسلام چوندو هو ته مان
اوهان جهڙوئي ماڻهو آهيان، پر اوهان ۽ مون ۾ هي
فرق آهي، ته مون تي وڃي نازل ٿئي وڃي عربي زبان
جو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ته ڪا ڳالهه مخفي
نموني ۾ تيزيءَ سان ڪنهن جي من ۾ وجهڻ. پيغمبر جي
معلومات جو ذريعي وحي الاهي هئي. پر، وحي رڳو
پيغمبرن کي ڪانه ٿيندي آهي. قرآن ڪريم ۾ آيو آهي
ته تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک کي وحي ڪئي. شاهه
ولي الله جو خيال آهي ته پيغمبر جي وحي مخصوص
ٿيندي آهي. مثلاً ماکيءَ جي مک ڏانهن وحي الهام جو
هڪ قسم آهي.
عام ماڻهن جي حالت ۾ به فقط عقل، دليل ۽ استدلال علم جا ذريعا
ڪونه آهن. اونهو توجهه ۽ ڪشف به علم ۽ معلومات جا
ذريعا آهن. مغربي فيلسوفن ۾ شو پنهاور
Schopenhauer
ان راءِ جو هو ته وجدان، عقل کان به علم جو وڌيڪ
موثر ذريعو آهي. ڪن ماڻهن کي خوابن جي وسيلي ايندڙ
واقعن جو اڳواٽ علم ٿيندو آهي، يعني سندن خواب سچا
نڪرندا آهن. ڪن ماڻهن جي زبان يعني گفتي ۾ غير
معمولي اثر هوندو آهي. سندن قول پيشن گوئي ثابت
ٿيندو آهي. ڪن ماڻهن جي دعا ۽ بددعا لڳندي آهي. ڪن
جي نظر لڳندي آهي.
ڪنهن زماني ۾، (غالباً 1960ع) کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾) روسي
سفارتخانو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ”طلوع“ نالي هڪ
رسالو شايع ڪندو هو. ان ۾ هڪ روسي عورت تي مضمون
شايع ٿيو، جنهن جي نظر لڳندي هئي. هوءَ اونهي
توجهه وسيلي پنهنجي نظر جي اثر سان، ميز تي رکيل
شيون، مثلاً ڪاغذ، ٽامي جا سڪا ۽ ميوو وغيره هيڏي
هوڏي ريڙهي سگهندي هئي. مضمون ۾ عورت جون ٻه
تصويرون به ڏنل هيون. هڪڙي عام رواجي حالت ۾ ته ٻي
جڏهن اونهي توجهه سان ڪنهن شيءِ ڏانهن گهوري رهي
آهي. ان تصوير کي ڏسڻ سان ئي خوف ٿي ٿيو، ڄڻ ته
شينهن گهوري رهيو هجي.
مضمون جي آخر ۾، وڏن وڏن روسي سائنسدانن (جن ۾ ايڪيڊمي آف
سائنسز، سويت يونين جو صدر به شامل هو) ان ڳالهه
جي تصديق ڪئي هئي ته هن عورت جي نظر ۾ برابر اها
طاقت آهي. اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. پر،
ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.“
مون مولانا قاسمي صاحب سان جڏهن اها ڳالهه ڪئي، چيائين ته”ان ۾
حيرت جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. سنڌ ۾ مون ڪيترائي
ماڻهو ڏٺا آهن، جن لاءِ چوندا آهن ته، سندن نظر
لڳي ٿي.“ مولوي صاحب چيو ته ”اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ
ماڻهو رهندو هو، جنهن لاءِ چوندا هئا ته مجذوب
آهي. هڪ دفعي ماڻهن کيس ڏاڍو چيڙايو ته ”تون رڳو
اجايون ٻٽاڪون هڻندو آهين.“ شام جي مهل هئي. ڳوٺ
جي ٻاهران پڌر ۾ بيٺا هئاسين. سامهون اهو رستو
نظر اچي رهيو هو، جنهن تي، مسافر ايندا ويندا هئا.
پري کان هڪ ماڻهو نظر آيو، جو گهوڙي تي سوار هو.
مجذوب چيو ته ”چڱو، جي اهو گهوڙي سوار، رستي تي
اها پل ٽپي ويو، ته پوءِ مان ڪوڙو آهيان. پر، جي
پل تي پهچڻ کان اڳ ئي نظر لڳس، ته منهنجي اٿس،“
مولوي قاسمي صاحب چيو ته، ”گهڙي نه گذري ته اتي جو
اتي گهوڙو ٿاٻڙيو ۽ گهوڙي تي سوار شخص زمين تي اچي
ڦهڪو ڪيو.“
قدرت، انسانن وانگر ٻين ساهوارن کي به غير معمولي صلاحيتون
ڏنيون آهن، ڪن جانورن ۾ سنگهڻ جي طاقت تمام تيز
هوندي آهي. انسان کي خبر پوي نه پوي، پر جانور کي
سنگهڻ سان خبر پئجي ويندي آهي. ولايت ۾ پوليس خاص
ان ڪم لاءِ ڪتا ڌاريندي آهي. ڪن پکين ۾ اها صلاحيت
هوندي آهي، ته کين زمين جي زلزلي جي اڳواٽ خبر
پوندي آهي. ٻيا پکي آهن، جن کي مينهن وسڻ جي اڳواٽ
خبر پوندي آهي. سنڌ ۾ چوندا آهن ته تاڙي جي تنوار
مينهن اچڻ جي نشاني آهي.
انسان ته مڙني ساهوارن ۾ ڏاهو آهي. پر، انسان ۾ به سڀ هڪجهڙا
ڪونه آهن. ڪي ڏاها ته ڪي ڏڏَ. چون ٿا ته آئنسٽائين
کي پنهنجيءَ غير معمولي ذهانت جو احساس هو. وصيت
ڪئي هئائين، ته مئي کانپوءِ، منهنجو دماغ کولي
ڏسجو. ائين ڪيائون، پر سندس دماغ ۽ عام ماڻهوءَ جي
دماغ ۾ ڪوبه فرق ڪونه هو. پوءِ ائين ڇو هو، ته کيس
جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ آئي، سا عام ماڻهن جي سمجهه
کان مٿي هئي؟ جڏهن نظريه اضافت ڏنائين ته سڄيءَ
دنيا جي سائنسدانن جي سوچ بدلائي ڇڏيائين. هنن
سندس عظمت جو اقرار ڪندي چيو ته اسان کي نظريي
اضافت جي جزيات کي سمجهڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا.
ڀانئجي ٿو ته انساني نگاهه وانگر انساني عقل جي به
حد آهي. دوربين سان ڏسبو، ته نگاهه پري پري پوندي.
انساني عقل کي به دوربين نصيب ٿيندي، ته ان جي پهچ
پري پري ٿيندي. پر ڪن ماڻهن کي دوربين جي ضرورت ئي
ڪانه ٿي پوي. هو ڄمندي ڄام آهن. ڪنهن ڏاهي چيو آهي
ته، ”بيشڪ خدا جي لاءِ اها ڳالهه مشڪل نه آهي، ته
ڪنهن انسان ۾ سڀ خوبيون جمع ڪري ڇڏي“.
اسلام آباد ۾، هڪ جرمن خاتون سان دعا سلام ٿي. هوءَ هر مذهبي
عقيدي کان آزاد هئي، پر هڪ ڳالهه اهڙي ڪائين، جنهن
تي ٻئي ڄڻا متفق ٿياسين. چيائين ته ”آسمان ۽ زمين
جي وچ ۾ برابر ڪيئي اسرار ۽ قوتون آهن، جن جي پاڻ
کي ڪابه خبر ڪانهي. پر، اهي هن ڪائنات توڙي اسان
جي زندگيءَ تي اثر پذير آهن.“
اسرار معنيٰ راز، مخفي لڪل، غيب يا اهڙي ڳالهه جا معلوم نه هجي.
پيغمبر ڏانهن هڪ حديث منسوب آهي ته ”مون کي غيب جو
علم ڪونهي. جيڪڏهن غيب جو علم هجي ها، ته مون تي
سختيون ڇو اچن ها؟ غيب جو علم فقط انهيءَ کي آهي
جو جهانن جو سرجڻهار آهي.“
ان هوندي به پيغمبر جون نگاهون جيڪي ڏسن پسن ٿيون سو عام ماڻهن
کي نظر نٿو اچي ڇو ته مٿس وحي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب
آهي جو قرآن پيغمبر کي ”روشن چراغ“ ڪوٺيو آهي.
مير علي احمد ٽالپر هڪ دفعي مون کي هڪ سنڌي شاعر جو شعر ٻڌايو(
جو بعد ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ) کان به
ٻڌم) جنهن جو مطلب اهو هو ته ”اسان ته خدا کي هنن
ٻن اکين سان ڪونه ڏٺو هو. اسان کي ته مٺي محمد
ٻڌايو ته الله هڪ آهي.“
رڻ جون ڪاريون راتيون ڏاڍيون اوکيون ٿينديون آهن. پر، جيڪو
مسافر روشن چراغ جو سهارو وٺندو، سو اونداهيءَ ۾
گمراهه ڪونه ٿيندو ۽ نه وري دل لاهي، ائين سوچيندو
ته ”قبر جي ڪنڌيءَ کان اڳتي، رڳو اوندهه انڌوڪار
آهي.“
ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ تي، صدر ۾ هڪ ڪافي هائوس
کليو. مان تڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ۽ هفتي ڏيڍ بعد
دوستن سان گڏجي، اتي ڪافي پيئڻ ويندو هوس. اسان
جنهن ميز جي چوڌاري وڃي وهندا هئاسون، ان جي پاسي
۾ ڀت تي هڪ فريم ٽنگيل هوندو هو، ان تي انگريزي
زبان ۾ هڪ عبارت هوندي هئي. ان جو مطلب اهو هو ته:
”حياتيءَ جي گهڙيال کي رڳو هڪ دفعو چاٻي ايندي آهي. ڪنهن کي خبر
ته سندس حياتيءَ جي گهڙيال جا ڪانٽا، ڪڏهن ۽ ڪاٿي
هلي بيهي رهندا؟“
مون هڪ دفعي مير علي احمد ٽالپر کي خط ۾ اها ڳالهه لکي موڪلي.
تڏهن پاڻ اسلام آباد ۾ رهندو هو ۽ مون کي حيدرآباد
۾ خط پٽ لکندو رهندو هو. منهنجو خط پڙهڻ سان دانهن
ڪري اٿيو ۽ فوراً جواب لکيائين:
”توکي ڪنهن ٻڌايو آهي ته هي کيل هت ئي ختم آهي؟ تو کان وسري ويو
آهي ته قرآن وري وري چيو آهي ته اوهان اسان ڏانهن
موٽايا ويندؤ.“
چون ٿا ته پيغمبر هميشہ اونهيءَ سوچ ۾ هوندو هو. عقل کي مشعل
راهه بنائيندو هو، ليڪن، هر معاملو خدا جي سپرد
ڪندو هو. جيڪي دعائون گهرندو هو، تن ۾ هڪ خاص دعا
هيءَ هئي ته ”يا الله منهنجو علم وڌاءِ.“ علم جي
سکيا مسلمان مرد ۽ عورت لاءِ فرض قرار ڏنائين ۽
ائين به فرمايائين ته ”عالم جي مس شهيد جي رت کان
افضل آهي.“ ٻئي ڪنهن موقعي تي ائين به فرمايائين
ته، ”علم حاصل ڪريو، پوءِ ان لاءِ اوهان کي چين ڇو
نه وڃڻو پوي.“
هيڪر، مان چين کان پاڪستان اچي رهيو هوس. بيجنگ کان ڪراچي ايندي
سمورو وقت سوچيندو آيس ته پيغمبر صلعم پنهنجو مقصد
انسانن جو اخلاق درست ڪرڻ ٻڌايو آهي. اسلام جي
تعليم قرآن ڪريم ۾ ڏنل آهي. قرآن ۾ سرآغاز چيل آهي
ته هي ڪتاب انهن لاءِ ئي هدايت آهي، جي با اخلاق
آهن. ماڻهن جي اخلاقي تربيت لاءِ جنهن زماني ۾
قرآن سان گڏ پيغمبر پاڻ موجود هو، ان زماني ۾ خود
پيغمبر طرفان کين علم جي تحصيل لاءِ چين تائين وڃڻ
جي تلقين ڇو ڪئي ويئي؟ ان سوال جو هڪ جواب ته اهو
ٿي سگهي ٿو ته پيغمبر تجارتي مقصد سان عرب ملڪن جي
واپاري ميلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي چيني ماڻهو ڏٺا
هئائين، جن لاءِ مشهور هو ته پري پنڌ تان چين ملڪ
مان آيا آهن. گويا چين ڏورانهون ڏيهه آهي، انڪري
علم جي ”اهميت“ واضح ڪرڻ لاءِ مثال ڏنائين ته علم
حاصل ڪرڻ ايڏو ته ضروري آهي جو چين وڃڻو پوي ته به
وڃڻ کپي.
سوال جو ٻيو جواب هي ٿي سگهي ٿو ته چين دنيا جي هڪ قديم ترين
تهذيب وارو ملڪ هو ۽ اها تهذيب، ثقافتي، توڙي هنر
۽ ڪاريگريءَ
(Science and Technology)
جي علم جي لحاظ کان، نهايت شاهوڪار هئي. مثلاً
بارود چين ۾ ايجاد ٿيو، ڪاغذ دنيا ۾ سڀ کان اول
چين ۾ ٺهيو، شايد پيغمبر هنر ۽ ڪاريگريءَ جي علم
جي معنيٰ ۾ چين جو مثال ڏنو.
چنانچ، هوائي جهاز، هزارين ميلن جو مفاصلو، پورن پنجن ڪلاڪن ۾
پورو ڪري، جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ مٿان، پنهنجا پر
پکيڙي، آهستي آهستي هيٺ لهڻ لڳو، تڏهن صوفين جو
قول ياد آيو ۽ هيءَ ڳالهه منهنجي من تي آشڪار ٿي
ته انسان اخلاق ۽ علم جي آميزش وسيلي، دنيا کي
حسين بنائي سگهي ٿو.
*** |