سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

 

صفحو : 15

 

”خدا ڄاڻي ته غالب صديءَ جو ڪٿان آواز اٿيو، ان جي گونج ڪراچيءَ به پهتي. پهريائين ته صدا بصحرا ثابت ٿي. بعد ۾ جڏهن ورسيءَ ۾ ٻه ٽي مهينا رهجي ويا، تڏهن هڪ ڏينهن صبح جو مرزا ظفر الحسن پان چٻاڙيندو، اهڙي انداز ۾ آيو، جيئن سودخور پٺاڻ ڪنهن شريف جي گهر، نسوار جي ٿڪ اڇلائيندو، ايندو آهي. هٿ ۾ ڏنڊو ته ڪو نه هئس. پر غالب پنسل هئس. صبح جو هميشه پنهنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو آهيان... بعد ۾ معلوم ٿيو ته مرزا صاحب کي ڪراچيءَ جي شهر ۾ غالب تي لکڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. جيڪي پاڻ کي اصل ۾ ”غالبيا“ ڪوٺائيندا هئا، سي وقت اچڻ تي کسڪي ويا هئا... مرزا اها حقيقت ته مون کي ڪا نه ٻڌائي، پر ”سنڌي ماڻهو“ سمجهي اهڙا داو هنيائين، جو مان واقعي سنڌي ماڻهو ٿي سندس چڪر ۾ ڦاسي ويس ۽ غالب جي پنهنجيءَ شخصيت تي ته نه، البت ان سلسلي جي ٻئي ڪنهن عنوان تي لکڻ جو ساڻس قول ڪيم.“

مون اهو ڪتاب اڄ ڏينهن تائين ڪو نه ڏٺو آهي. البته، پير صاحب وٽ، مرزا ظفر الحسن سان ملاقات ٿي. ان کان چڱو عرصو اڳ سندس ڪتاب ”ذڪر يار چلي“ پنهنجو پاڻ ڪتابن جي دڪان تان خريد ڪري پڙهيو هئم. ڪتاب حيدرآباد دکن سان وابسته سندس يادگيرين جو تذڪرو هو. ڏاڍو وڻيم ۽ مصنف سان پر پٽ محبت ٿي ويم. گهڻا گهڻا سال پوءِ پير صاحب جي الحمرا سوسائٽيءَ واري گهر ۾ مرزا سان ملاقات ٿيم. پاڻ ۾ حالي احوالي ٿياسون. مرزا منهنجي واتان پنهنجي ڪتاب جي تعريف ٻڏي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي پنهنجا سڀ ڪتاب تحفا موڪلي ڏنائين. پر انهن ۾ ” ذڪر يار چلي“ واري رنگيني نظر ڪا نه آهي. مرزا پنهنجي ڪتاب ۾ سبط حسن جي ڪتاب ”شهر نگاران“ جو ذڪر ڪيو هو. اهو ڪتاب وڏيءَ مشڪل سان هٿ آيو. پڙهيم. ”ذڪر يار چلي“ جي مقابلي ۾ ڪا شيءِ ڪا نه هو. سبط حسن جو نالو وڏو هو، باقي حيدرآباد دکن تي لکڻ جو حق ته مرزا ظفر الحسن ادا ڪري ويو هو. پاڻ فيض ۽ مخدوم محي الدين جو عاشق هو. فيض جو مداح ته مان به هئس پر مخدوم جو فقط نالو ٻڌو هئم. مرزا ظفر الحسن جي ڪتاب جو اٺون باب پڙهڻ کانپوءِ مان به مخدوم جو غائبانه گرويدو ٿي ويس. سندس هڪ سٽ ڪيترائي ڏينهن زبان تي رهي:

”گذر بهي جا ڪه تيرا انتظار ڪب سي هي“

مرزا ظفر الحسن کي پيريءَ ۾ گناهه بخشائڻ جو خيال آيو. حج تي ويو. اتان به مون کي محبت ڀريو خط لکيائين ته هت تو لاءِ دعائون گهريون اٿم. ويچاو جيئن ئي اتان موٽيو ته وفات ڪري ويو.

مون ڪجهه عرصو اڳ سندس رهائشگاهه تي حاضري ڏني ۽ سندس بيگم کي تعزيت ڏني.

مير معصوم بکري

مير معصوم بکري، جنهن جو منارو سکر شهر ۾ اڃا ڪر کنيو بيٺو آهي، اڪبر بادشاهه جو درٻاري امير هو،پير صاحب جو محبوب هو.

پير صاحب سندس حياتيءَ جو احوال وڏيءَ محنت سان لکيو آهي. ڪتاب لکڻ جو اصل پس منظر غالبن اهو آهي ته جڏهن پاڻ ۽ وڏو ڀاڻس سکر ۾ اخبار نويسي ڪندا هئا، تڏهن وڏي ڀاڻس، مير معصومجي مناري ۽ مقبري تان ڪتبا نقل ڪيا هئا، جنهن ڪري بيمار ٿي پيو هو. اها ڳالهه پير صاحب جي دل ۾ هن ڪتاب لکڻ لاءِ محرڪ جذبو ٿي جاڳي.

هي ڪتاب پير صاحب جي غالبن آخرين تصنيف آهي، جنهن کي پان پنهنجيءَ نگرانيءَ هيٺ ڇپايائين.

مثنوي مظهر الاثار؛ (سن اشاعت 1957ع)

شاهه جهانگير ڪرماني

سيد صباح الدين عبدالرحمان جو چوڻ آهي ته پير صاحب کي هن مثنوي ايڊٽ ڪرڻ جو خيال ان ڪري آيو جو سنڌ ۾ ويهي هڪ شاعر نظاميءَ جي رنگ ۾ مثنوي لکي هئي.

تحفه الڪرام:(سن 1971ع)

مير علي شير قانع

سيد صباح الدين عبدالرحمان تذڪره شعراءِ ڪشمير کي پير صاحب جو بهترين فارسي ڪتاب قرار ڏنو آهي. ليڪن منهنجي خيال موجب تحفه الڪرام پير صاحب جو بهترين فارسي ڪتاب سڏجڻ جي لائق آهي.

هي ڪتاب پير صاحب ايراني شهنشاهيت جي پنجويهه سئو ساله جشن لاءِ ايڊٽ ڪيو هو. غالبن سندس ارادو هو، ته سنڌ جي هن تاريخ کي ٽن حصن ۾ شايع ڪندو. پر ڪتاب جي ڪم کي ايڏو ته وٺي پکيڙيائين جو جشن جي موقعي تائين فقط پهريون ڀاڱو تيار ڪري سگهيو.پوءِ به هڪ سبب سمجهيم ٿو. ممڪن آهي ته مان غلط هجان . ليڪن منهنجو اندازو آهي ته پير صاحب کي اميد هئي ته ايراني حڪومت هن ڪتاب جي اشاعت جو وڏو قدر ڪندي. اسان کي دلجاءِ ڏني هئائين ته خرچ ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، ايراني حڪومت ڪتاب جون هيتريون سو ڪاپيون خريد ڪندي. ڪتاب علي نواز وفائيءَ جي پريس ۾ ڇپيو هو ۽ پير صاحب ان تي بيحد محنت ڪئي هئي. غالبن اڳي ايڏي ڪنهن به ڪتاب تي محنت ڪا نه ڪئي هئائين. پر ايراني حڪومت ڪتاب جو ڪو به قدر ڪو نه ڪيو. ڪيئي سو ته ڇا، پنجاهه ڪاپيون جيڪي ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي اسان کين پير صاحب جي چوڻ تي موڪليون، تن جو بل به ادا نه ڪيائون.

پير صاحب ، حسب عادت، سڄو غم پي ويو، ليڪن انهيءَ پس منظر ۾ ڪتاب جا رهيل ٻه حصا ايڊٽ ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيائين.

پير صاحب سنڌ جي تاريخ جي ٽن بنيادي ماخذن يعني چچ نامي، تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام ۾ سڀ کان وڌيڪ تحفته الڪرام کي اهميت ڏيندو هو. چچ نامي جو ذڪر ته ڇٽو پاٽو ڪندو هو. البت تاريخ معصوميءَ جو حوالو ڏيندو هو. پراون ڪتابن جو ڪو به قدر ڪو نه ڪيو، سا ڳالهه به ايڏي وڏي ڪا نه هئي، ان کان به اهم ڳالهه هئي ته پنهنجن به ان جو ڪو نوٽيس ڪو نه ورتو. ان جو سبب هي هو ته پير صاحب ڪتاب تي دل لائي جيڪا محنت ڪئي هئي، سا هڪ اهڙيءَ زبان (فارسي) ۾ هئي، جنهن سان هاڻي سنڌ جا ماڻهو آشنا نه رهيا آهن. جيڪڏهن هو اها محنت ڪتاب جي سنڌي ڇاپي کي ايڊٽ ڪرڻ تي ڪري ها ته سندس انهيءَ ڪم جو ڪو قدر ٿئي ها!

مان انهن ئي ڏينهن ۾ کيس مشورو ڏيندو هوس ته ڪتاب جي هڪ پاسي فارسي عبارت ۽ سامهون واري صفحي تي سنڌي ترجمو ڏيو، پر پاڻ اها ڳالهه ڪا نه مڃيائين. ائين ڪرڻ ڪري سندس ناماچار به وڌي ها ۽ تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي سنڌي ڇاپي وانگر سندس سڀني فارسي ڪتابن جو وڪرو به ٿئي ها. هاڻي سندس ۽ اسان جن ٻين عالمن جا ڪيترا ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتاب ورهين گذرڻ لانپوءِ به بورڊ وٽ ڍير ٿيا پيا آهن. انهن کي سنڀالڻ به هڪ مسئلو آهي.

در حقيقت، عوام جي تقدير بدلائڻ وارا محب وطن مصنف، تاريخ نويس ۽ شاعر بنيادي طرح پنهنجن ماڻهن جي ذهني تربيت جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن، ۽ اهو لفظ مادري زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف وسيلي ئي ٿي سگهي ٿو، ورنه شاهه ڀٽائيءَ جهڙو باشعور فنڪار Committed Artist ائين ڪو نه چوي ها ته:

جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.
مون شاهه
صاحب کي انگريزي اصطلاح موجب Committed Artist انڪري ڪوٺيو آهي، جو ٽي سو ورهيه اڳ، مارئيءَ جي واتان پنهنجي دل جي ڳالهه هنن لفظن ۾ ڪئي اٿس.

”جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير

تيئن مون من ماروئڙن سين“

تحفته الڪرام فارسي پير صاحب جي علم ۽ فضل، محنت ۽ اورچائيءَ جو شاهڪار آهي. بلڪه، منهنجيءَ ڄاڻ موجب، هن ڪتاب ۾ ئي پير صاحب جو فن پنهنجي عروج تي پهتو.

مرزا غازي بيگ ترخان

اور اس ڪي بزم ادب

هڪ ڏينهن مير علي احمد خان ٽالپر فون ڪئي ته ”رباني صاحب، هن نالي سان پير صاحب ڪو ڪتاب ڇپيو آهي، اهو ته ڀلائي ڪري هٿ ڪري ڏي.

مون کي ڪل ئي ڪا نه هئي، پڇا ڳاڇا ڪيم ته پتو پيو ته برابر اهڙو ڪتاب انجمن ترقي اردو ڇپيو آهي.

مير صاحب کي ڪتاب جي ڪاپي هٿ ڪري ڏنم. پاڻ کي پڙهڻ جو اڄ ڏينهن تائين موقعو ڪو نه مليو. سيد صباح الدين عبدالرحمان ڪتاب جي وڏي تعريف ڪئي آهي.

حالات فيضي(سن 1967ع)

مون هي ڪتاب نه پڙهيو آهي ۽ نه ڏٺو آهي. نه وري پير صاحب کان ڪڏهن ان جو ذڪر ٻڌم.

محمد صادق ميان (؟)    (سن اشاعت 1967ع)

حسين شاهه جي ٺاهيل بايوڊيٽا موجب، هي ڪتاب يا ڪتابڙو سه ماهي پارس ۾ ڇپيو هو. اهو رسالو، ڀايان ٿو ته ڪراچيءَ ۾ فارسي ڪتابن جي دڪان جو مالڪ ڪڍندو هو. سندس نالو آغا فرزانه هوندو هو. هو حافظ نالي به هڪ رسالو ڪڍندو هو. ممڪن آهي ته مون کان ڀل ٿيندي هجي ۽ پارس جو ناشر ڪو ٻيو هجي.

ديوان بيرم خان(سن اشاعت 1968ع)

هن ڪتاب جي به مون کي ڪا خبر ڪانهي. نه وري ڪڏهن پير صاحب کان ئي ان جو ذڪر ٻڌم.

مثنوي مهرو ماهه؛

جمالي دهلوي(سن اشاعت 1974ع)

هي ڪتاب به مون نه ڪڏهن ڏٺو آهي ۽ نه وري ڪڏهن به ان جو پير صاحب کان تذڪرو ٻڌم.

سنڌي ڪتاب (سن اشاعت 1930ع)

اسلامي ڪتب خانا

حسين شاهه جي ٺاهيل بايوڊيٽا موجب، هي پير صاحب جو پهريون پهريون ڪتاب آهي. اصل ڪتاب اردوءَ ۾ آهي. پاڻ ان جو ترجمو ڪيو اٿس. ننڍڙو ڪتاب آهي. پاڪستان کان اڳ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو ڇپايل آهي. گهڻي زماني کان اڻلڀ آهي، ان ڪري مون مهراڻ جي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ کي ڪاپي ڏني هئي ته مهراڻ رسالي ۾ دوباره شايع ڪري.

مهراڻ جون موجون(سن اشاعت 1955ع)

ماهنامي نئين زندگيءَ جو انتخاب آهي. ڪتاب تي، محنت جويي صاحب ڪئي هئي. مولوي صاحب عبدالواحد سنڌيءَ کي ڪتاب جي ”مرتب“ لاءِ پير صاحب جو نالو کپندو هو. مان تڏهن نئين زندگيءَ جي آفيس ۾ هئس.

ماڪ ڀنا رابيل:(سن اشاعت 1965ع)

ماهنامي نئين زندگيءَ جو انتخاب آهي. ڪتاب ۾ فقط پير صاحب جو پيش لفظ يا مقدمو آهي.

تذڪره امير خانين اشاعت 1961ع)

ٺٽي جي امير خاني سادات جو دلچسپ تذڪرو آهي. خاص ڪري شاديءَ رات گهوٽ ڪنوار جا ساٺ سوڻ ۽ رسمون پڙهڻ وٽان آهن. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل آهي.

ميرزا عيسيٰ خان ترخان: (سن اشاعت 1967ع)

غالباً سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل آهي. مون ڏٺو آهي پر پڙهيو ڪو نه آهي.

سعدي علي رئيس(سن اشاعت 1972ع)

پير صاحب کي هڪ ڪتاب هٿ آيو، جنهن جو وڏي شوق سان ڊاڪٽر رياض السلام سان ذڪر ڪندو رهندو هو. ان جي آڌار تي غالباً ڪو ڪتابڙو ٺاهي مهراڻ رسالي ۾ ڇپائي ڇڏيائين.

ٺٽي جي تاريخي جاگرافي:ن اشاعت 1973)

هي مضمون به مهراڻ ۾ ڇپيل آهي. در اصل مهراڻ ۾ ڇپيل پير صاحب جي تصنيفن کي ڪتاب ڪوٺڻ غلط آهي. اهي طويل مضمون يا مقالا آهن.

جڏهن پير صاحب هن عنوان تي ڪم ڪري رهيو هو ته مان ساڻس گڏ هئس. ان سلسلي ۾ مهراڻ رسالي جي پير حسام الدين راشدي نمبر ۾ پنهنجي مضمون ”سنڌ جي تاريخ جو محقق، پير حسام الدين راشدي“ مان هيٺيون اقتباس پيش ڪريان ٿو:

هڪ ڏينهن پاڻ، سندس ڀائيٽو شمن راشدي ۽ مان ڪراچي کان ٺٽي آياسين. تن ڏينهن ۾ پير صاحب کي ٺٽي جي تاريخي جاگرافيءَ وارو تحقيقي مضمون لکڻو هو. انهيءَ مضمون لاءِ کيس ٺٽي ۾ تاريخي اهميت وارا ڪي هنڌ ڏسڻا هئا ۽ انهن جون تصويرون به ڪڍڻيون هيون. اسان صبح جو سوير جمشيد روڊ واريءَ سندس رهائشگاهه تي گڏ ٿياسين ۽ موٽر ۾ ٺٽي روانا ٿياسين. ڪلاڪ ڏيڍ سفر بعد، مڪليءَ تي آثار قديمه کاتي جي ريسٽ هائوس ۾ اچي لٿاسين. هٿ منهن ڌوئي، ٺٽي شهر ۾ گهڙياسين. هڪ سونهون ساڻ کنيوسون. ڪئميرائون، قلم ۽ ڪاغذ ساڻ کڻي، شهر جي اتر، اولهه، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ميلن جا ميل پنڌ ئي پنڌ هلندا رهياسين. پير صاحب ۽ شمن فوٽن ڪڍڻ تي ۽ مان انهن جي فهرست مرتب ڪرڻ تي. شهر ۾ مختلف قبيلن ۽ خانوادن جا پراڻا پاڙا ڳولي لهڻ ۽ انهن جون تصويرون ڪڍڻ جي ٿڪائيندڙ ڪم پوري ٿيڻ بعد، شهر کان پري پري، مغلن جي زماني جي باغن ۽ واهن جا هنڌ وڃي ڏٺاسين. پورچوگيزن جي باهه وارو هنڌ به ڏٺوسين. مسجد دابگير جون تصويرون به ڪڍيوسين، جنهن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عرب ۽ عجم جي طالب العلمن کي درس ڏيندو هو. خود مخدوم صاحب جي رهائش گاهه واري هنڌ تي به حاضري ڏني سون، سندس پيڙهيءَ مان هڪ عمر رسيده خاتون جا انهيءَ زماني ۾ ستر پنجهتر ورهين جي عمر جي هئي ۽ مقامي ماڻهن جي روايت موجب، سمورو وقت ورد وظيفي ۾ گذاريندي هئي. اڪثر اوقات نماز جي مصلي تي هوندي هئي، تنهن کي پيغام موڪليوسون، جنهن بيبيءِ سڳوريءَ اسان جي حق ۾ دعا گهري.“

هڪ ٻي بجي منجهند تائين پنڌ ئي پنڌ، هلي هلي جڏهن پگهر ۾ شل ٿي وياسين، پيرن ۾ لڦون پئجي ويون ۽ ٺٽي جي ڊسڙ ۽ مٽي نڪ جي ناسن ۾ ساهه کي گهٽڻ لڳي. تڏهن وڃي مس مس پير صاحب ڪم بند ڪرڻ تي مجبور ٿيو.

ان ڏينهن مون پنهنجين اکين سان پير صاحب کي جڏهن عشق ۽ عقيدت سان ٺٽي جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جا ذرڙا ڳوليندي ۽ گڏ ڪندي ڏٺو، تيئن وري ٻئي ڪنهن به عالم کي ڪو نه ڏٺم

تذڪره مشاهير سيوستان:

هي به هڪ مضمون آهي جو مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيل آهي. ان ۾ سيوهڻ جي مشاهيرن جو احوال آهي. خاص طرح قلندر شهباز جي روضي جي تعمير جو ذڪر توجهه لائق آهي.

مولوي دين محمد وفائي (1974ع)

هي ڪتاب اصل م مولوي دين محمد وفائيءَ جي تصنيف آهي. اهم ۽ سٺو ڪتاب آهي. پير صاحب ان جي ٽئي چارئي جلد ايڊٽ ڪرڻ لاءِ بورڊ مان کڻي ويو هو. اهي ورهين جا ورهيه وٽس رهيا، پر ڪم اتي جو اتي رهيو. مولوي وفائي صاحب جي فرزند علي نواز وفائيءَ گهڻو زور بار وڌس. تڏهن هڪ جلد ڏنائين. پر ان تي ڪا خاص محنت ٿيل ڪا نه هئي. باقي جلد اهي ئي وٽس رهيا. سندس وفات کانپوءِ برادرم حسين شاهه راشديءَ امانت واپس ڪئي.

سنڌي ادبي بورڊ هينئر غالباً ان سلسلي جو ٻيو جلد به شايع ڪيو آهي.

هو ڏوٿي هو ڏينهن:

هي ڪتاب پير صاحب جي پنهنجي آتم ڪهاڻي آهي، جا لاڙڪاڻي جي نواز علي نياز (مرحوم) نالي هڪ شاعر جي وفات کان متاثر ٿي لکيائين. شروع ۾ آتم ڪهاڻي لکڻ جو ارادو ڪو نه هوس. تن ڏينهن ۾ دل جي علاج لاءِ منيلا ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ رهندو هو.

ڪتاب سالن جا سال وٽس رکيو هو، جو ناشر ڪو نه ٿي سجهيس. فارسي ڪتاب ته بورڊ واريءَ فارسي ۽ عربي ڪتابن جي اسڪيمن هيٺ ڇپيا هئا. پر هي ڪتاب ڪيئن ڇپجي، ان ڳالهه منجهائي وڌس. مون کي مسودو پڙهڻ لاءِ ڏنائين. ڇهه ٻارنهن مهينا ته مون وٽ به رکيو هو، پر ان کي پورو پڙهي ڪو نه سگهيس. ان تان ڪجهه ناراض ٿيو ۽ ڪتاب موٽائي کڻي ويو. اڳتي هلي مان ئي وري مسودو وٽانئس واپس ڪراچيءِ مان کڻي آيس ۽ بورڊ کان اجازت وٺي، پريس ۾ ڇپڻ لاءِ ڏنم. ان ريت، هي ڪتاب آخرڪار ڇپجي ويو. جيڪڏهن مان هٿ نه وجهان ها ته شايد اڃا ڪي سال ڪتاب اڻ ڇپيل هجي ها ۽ تنهن وچ ۾ مسودي جو الائي ڪهڙو حال ٿئي ها. بهرحال جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ته ڪنهن سنڌ دشمن ان جي خلاف پڪاريو ته منجهس اعتراض جوڳو مواد آهي.

مون ۽ حسين شاهه جواب تيار ڪيو. مولانا قاسمي صاحب مفيد مشورا ڏنا. جويي صاحب ان کي آخرين طرح درست ڪيو. سرڪار اسان جي جواب تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪتاب ۾ اعتراض جوڳي ڳالهه به ڪا نه هئي.

ڪتاب جو نالو جويي صاحب جو تجويز ڪيل آهي ۽ اهو پير صاحب جي وڏي ڀاءُ جي ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي مناسبت سان رکيل آهي. جويي صاحب ڪتاب جي ڇپائي تي نگراني به ڪئي هئي ۽ ان تي سٺي محنت به ڪئي هئي. ڇپائي ميان الهه بچائي يوسف زئيءَ شوق سان ڪئي هئي. پير صاحب خوش ٿي کيس هڪ عمدو قلم تحفي طور ڏنو هو.

ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون : (1981ع)

پير صاحب جي مضمونن جو مجموعو آهي ۽ سندس زندگيءَ جو آخرين ڪتاب آهي. تن ڏينهن ۾ ڪئنسر جي منحوس بيماري کيس وڪوڙي ويئي هئي. پر همت ڪري، پنهنجا مضمون گڏ ڪرائي، انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي ڇڏيائين. مضمون گڏ ڪرڻ ۾ مهراڻ جي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ ڪافي محنت ڪئي هئي. ڪتاب جي ڇپائيءَ جي نگراني جويي صاحب ڪئي هئي. تنهن ڪٿي به سندس ذڪر ڪو نه ڪيو. ان ڳالهه جو ناشاد کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پير صاحب ته بيماريءَ ڪري لاچار هو. سو ڪنهن به طرح مياردار ڪو نه هو.

ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ پئسا سنڌ سرڪار جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ مان جناب حميد آخوند ڏنا. ڪتاب جي اشاعت تي غالباً لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي. ليڪن تمام سٺو ڪم ٿي ويو. پير صاحب جا مضمون هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا.

پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس هن ڪتاب تي شاهه عبداللطيف ايوارڊ ويهه هزار رپيا انعام ڏنو، جيڪو پير صاحب جي پوٽي علي رضا ورتو. پير صاحب تيسين هي جهان ڇڏي چڪو هو.

اردو ڪتاب

1 مولانا محب علي سنڌي:

مون هي ڪتاب ڪو نه ڏٺو آهي. نه وري پير صاحب کان ئي ان جو ڪڏهن ذڪر ٻڌم.

2 سنڌي ادب

ننڍڙو ڪتابڙو آهي. منهنجو پڙهيل آهي. پير صاحب جي ابتدائي تصنيف آهي. حڪومت پاڪستان جي محڪمه مطبوعات شايع ڪيو هو. سنڌي ادب جو هڪ مختصر تعارف آهي.

3 هفت مقالات

هي ڪتاب مون ڪو نه ڏٺو آهي.

زير طبع ڪتاب

فارسي

1 مثنوي مهروماه از عطا ٺٽوي

2 گلدسته نورس بهار

3 انشاي عطارد

4 آثار فارسي برڪت بهاي گورستان مڪلي

5 تذڪره رياض العارفين

6 مثنوي زيبا نگار

7 تاريخ رشيدي

منهنجيءَ معلومات موجب پير صاحب فقط پوئين ڪاب يعني تاريخ رشيديءَ تي توجهه مان محنت ڪري رهيو هو. ان جي اشاعت جو ڏاڍو شوق به هئس. پر، جڏهن ڏٺائين ته زندگيءَ جي ڪتاب کي ايڊٽ ڪرڻ جي مهلٿ ڪا نه ڏني. تڏهن ڪتاب جو اڻپورو ڪم ڊاڪٽر رياض الاسلام کي سونپيائين.

سنڌي

1 ٽالپرن جي تاريخ

2 رسالو پير علي گوهر

3 راشدي ڪونڌر ۽ سندن علمي ۽ ادبي خدمتون

4 پوراني سادات جو تذڪرو

منهنجيءَ معلومات موجب مٿين سمورن ڪتابن ۾ پير صاحب کي پوراني سادات تي ڪم ڪرڻ جو شوق ۽ ارادو هو. ان لاءِ مون کان بورڊ مان رسمي طرح ليٽر به ورتو هئائين. ليڪن زندگيءَ مهلت ڪا نه ڏنس. ان ڪتاب جو گهڻو ذڪر ڪندو هو. ليڪن ٻين ڪتابن تي ڪجهه مواد گڏ ڪيو هجيس ته به عجب ڪونهي.

پير صاح مون سان ڳالهه ڪندو هو ته سنڌ ۾ ڪتاب کي جديد نموني ۾ ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاهه جي رسالي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي واريءَ تاريخ معصوميءَ کان پوءِ پيو.

حقيقت به غالبًا نهن ۾  ائين ئي هئي. پر اڳتي هلي خود پير صاحب تاريخ جي ڪتابن کي جنهن محبت ۽ محنت سان ايڊٽ ڪيو، ان سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ جي فن کي نئين نهج تي آندو.

هڪ ته پير صاحب تاريخ جي تشريح ۾ سنڌ سان محبت جو انگ آندو. ٻيو ته اڳي اسان جا تاريخ نويس ٻڌل سڌل ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن کي بنا تصديق جي پنهنجن ڪتابن ۾ ٺوڪي ڇڏيندا هئا. هاڻي اسان جو نئون نسل اهي ڪتاب پڙهي، سو سوال ۽ اعتراض ڪري ٿو ۽ هڪ ليکي ائين ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي.

پر پير صاحب جا ايڊٽ ڪيل ڪتاب اهڙن نقصن ۽ عيبن کان گهڻو ڪري پاڪ صاف آهن.

تاريخي ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ جو سندس طريقو هي هوندو هو ته اول ڪنهن نه ڪنهن نسخي کي ”اساس“ يا ”بنياد“ بنائيندو هو. پوءِ ان جي نقل نويسيءَ جو ڪم ٿيندو هو،. ان کانپوءِ نقل جي اصل سان ڀيٽا ٿيندي هئي ته ڪا غلطي ته رهجي ڪا نه وئي آهي. اهو ڪم پاڻ ڪندو هو. ڀيٽا جي ڪم مڪمل ٿي کانپوءِ ان قلمي ڪتاب جا ٻيا نسخا هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ملڪ جي اندر به ۽ ملڪ کان ٻاهر به. ظاهر آهي ته سڀ نسخا ته کيس يا بورڊ کي ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار ڪو نه هوندو هو. سو انهن جون مئڪرو فلمون ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون گهرائيندو هو. انهن جي بنيادي يا اساسي نسخي سان ڀيٽا ڪندو هو. ان طرح ڪتاب جو آخرين صحيح متن تيار ڪندو هو. ان کانپوءِ ماڻهن، هنڌن ۽ ماڳن جون فهرستون ٺاهيندو هو، حواشي ۽ اضافا مڪمل ڪندو هو. آخر ۾ ڪتاب جو مقدمو لکندو هو. پنهنجي پيغام جو بارود مقدمي ۾ ڀريندو هو يا وري حواشين ۽ اضافن ۾ ، جيئن مڪلي نامي ۾ ڪيائين.

ان کانپوءِ ڪتاب جي ڇپائي شروع ٿيندي. پروف پاڻ ڏسندو هو ۽ وڏي احتياط سان. بعض پروفن ۾ اضافا ڪندو ويندو هو. ڪمپازيٽر ويچارا ڪريڪشن ڪري، ڪري ٿڪجي پوندا هئا. ڪنهن کي اعتبار ۾ ڳالهه ايندي ته بعضي تيرهن تيرنهن پروف به ڏٺائين. عام طرح ٽي پروف ڪافي هوندا آهن. پر ان طرح ڪتاب لکڻ ۽ ڇپڻ ڪري ڄڻ ته ان موضوع تي چڱي ڀلي انسائيڪلو پيڊيا تيار ٿي ويندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي سندس ڪتاب ڏيهي توڙي پرڏيهي علمي مرڪزن ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا.

چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي پاڻيءَ ۽ پهاڙن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪو نه هو.، نه وڻ ٽڻ هو، نه ڪو جانور هو ۽ نه وري ڪو بني بشر. پر ڌرتيءَ تي مسلسل تبديليون ٿي رهيون هيون. مثلن ڪڪرن ۾ گجگوڙ ٿيندي هئي، کنوڻ تجلا ڏيندي هئي، ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوندا هئا، مينهن وسندا هئا، زبردست طوفان ۽ سيلاب ايندا هئا، انهن اثرن ڪري، وڏا وڏا پهاڙ آهستي آهستي ڳري فنا ٿي ويا. انهن پهاڙن ۾ ڪيتريون ئي ڪيميائي شيون هيون جي به ڳري، رجي سمنڊ ۾ هليون ويون. اتي انهن سان ٻيون جيڪي ڪيميائي شيون مليون تن مان ملي هڪ خاص ڪيميائي شيءِ جڙي پيئي، جنهن کي ڪاربان ڪوٺين ٿا. ڪاربان مان ٻيا ڪيترائي ڪيميائي مرڪب ٺهيا. اهي ٽٽي به پوندا هئا، پر ڪي ڪي ڪجهه عرصو ائين جو ائين رهندا هئا. اهي ننڍن ننڍن گولن جي شڪل وٺندا هئا. اهي گولا جڏهن ٽٽندا هئا ته ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهائجي ويندا هئا. پوءِ هر هڪ حصو ڪيميائي مواد ڪٺو ڪندو هو ۽ پاڻ وري ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. اهڙيءَ ريت، اهي ڪاربان جا گولا پاڻ جهڙا گولا ٺاهڻ ۾ مشغول هوندا هئا.

ڪاربان جا گولا ٻين گولن سان ملي ويندا هئا، ان ڪري نوان نوان مرڪب وجود ۾ ايندا هئا. انهن ۾ هڪ مرڪب جو رنگ سبز هو. اهو مرڪب سج جي اس وسيلي کنڊ ۽ نشاستو ٺاهيندو هو. انهيءَ سبز رنگ واري مرڪب مان اڳتي هلي ٻوٽا پئدا ٿيا.

گرم ۽ جهڳ واري سمنڊ ۾ ٻوٽن سان گڏ ننڍيون ننڍيون شيون به پيدا ٿيون. اهي ننڍن ننڍن ڪچن ٻوٽن کي کائڻ لڳيون.

اهڙيءَ ريت دنيا ۾ پاڻيءَ جا جاندار پئدا ٿيا. پر اهي پتڪڙا ڪمزور هئا. پوءِ انهن جاندارن مان به رفتي رفتي وڏا جانور پئدا ٿيا.

جانون جي پئدا ٿيڻ کان لکين سال پوءِ دنيا ۾ ماڻهو پيدا ٿيو. پر اهو به شروع ۾ ائين ڪو نه هو، جيئن هاڻي آهي، اهو به ارتقا جي عمل مان گذريو ۽ کيس انسان بنجڻ ۾ هزارين ورهيه لڳي ويا.

*  * *

بظاهر ته هيءُ سڄوئي ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ جو دلچسپ داستان لڳي ٿو. سائنسدان اهو اعتراف ڪن ٿا ته ڪائنات هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ تبديل ٿيندي. ، نوان نوان روپ وٺندي رهي ٿي. ساديءَ مان پيچيده صورت ۾ بدلجي، جيئن پوءِ تيئن سنوربي، سڌرندي، ڦهلجندي رهي ٿي. * گويا، هن ڪائنات کي بدلائيندڙ قوت انڌي نه آهي، پر اها وڏي فهم ۽ ادراڪ واري آهي ۽ هڪ خاص سٽاءَ ۽ ترتيب سان، ڪائنات جي نظام کي تبديل ڪندي، هڪ خاص رخ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. پر اها قوت ڪهڙي آهي، ان جو محرڪ ڪير آهي؟ ان بابت سائنسدان خاموش آهن. هيءَ ڪائنات ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ جو جهان آهي، پر خود سبب جو سرجڻهار ڪير آهي؟ ان بابت به هو خاموش آهن.

هو اهو ته چون ٿا ته ارتقا جو عمل اڃا تائين جاري آهي، پر جيڪڏهن کانئن سوال ڪجي ته جيئن انسان اڄ کان هزارين لکين سال اڳ جو سفر پورو ڪري، هاڻي موجوده جامو ڍڪي بيٺو آهي، تيئن اڄ کان هزارين لکين سال پوءِ، موجوده جامو مٽائي، وري ڪو نئون رنگ روپ اختيار ڪندو، ته ان ڳالهه جي به کين ڪا سڌ ڪانهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته انساني زندگيءَ جي منزل، مقصد ۽ منتهيٰ جي اڃا ته کين ڪا به خبر ڪانهي.

ويهين صديءَ جو سڀ کان ڏاهو سنڌي انسان، علامه آءِ آءَ قاضي به انهيءَ سوال بابت پنهنجي هڪ عقيدتمند کي رڳو حافظ جو هڪ شعر ٻڌائي سگهيو:

ڪس نمي داند ڪه منزل مقصود ڪجاست

ابن قدر هست ڪه بانگ جرس مي آيد

سوال آهي ته اها بانگ جرس به گهڻن کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي؟ شايد حافظ يا روميءَ جو ٻيو به هڪ اهڙو شعر آهي ته

تا نگردي آشنا زين پرده رمزي نشنوي

گوش نامحرم نه باشد جاي پيغام سروش

ويچارو انسان زندگيءَ جي مهاڄار ۾ اهڙو ته چو کنڀو ٻڌو پيو آهي، جو ”بانگ جرس“ ۽ ”پيغام سروش“ ٻڌڻ جي سرت منجهس ڪٿان آئي؟ سنڌ جي ماحول ۾ ته اهي ڄڻ ڪتابن ۾ لکڻ جون ڳالهيون آهن. هت ته رت ڪٽورو ڏئي ڀت ڪٽورو وٺڻو پوي ٿو. سر جيئدان ئي وڏي ڳالهه آهي. ارتقا جي نظريي موجب، ”ڏاڍو سو گابو“ وڏيءَ مڇيءَ جو ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائي وڃڻ فطرت جو اصول آهي. گهڻيون گلاب جون مکڙيون اهڙيون آهن، جن کي ٽڙي، گل ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو؟ مون ڪيئي اهڙا ساوا سلا ڏٺا آهن، جي نسرڻ کان اڳ ئي ڪومائجي ويا.

هڪ سنڌي درويش شايد اهڙو ئي ڪو منظر ڏسي چيو هو:

”نا اميديءَ جي نجهري ، پيهي پس الله“

هن دنيا جي طلسم ۾، انسان غريب لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو چارو آهي ته اونداهيءَ رات ۾ گهاٽي جهنگل اندر ڦاٿل مسافر وانگر، پنهنجي جان به بچائي ۽ زندگي جي پر اسرار سفر کي به جاري رکي. جيئن ته منزل نامعلوم آهي، ان ڪري ان پراسرار سفر جو ڪو نه ڪو مقصد به پان ئي مقرر ڪري.

* **

پير حسام الدين راشديءَ پنهنجي ستر ساله زندگيءَ ۾ ائين ئي ڪيو. پر سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ اها ڪا آسان ڳالهه نه هئي.

مان پاڻ ڳوٺن جو رهاڪو آهيان. اسان جي ڳوٺن ۾ نڪي روزگار جا ذريعا، نه ترقيءَ جا رستا، نه علاج جي آساني، نه تعليم جي سهوليت، نه سفر جي آساني ۽ نه وندر ورونهن. جيڪڏهن الله ۽ رسول جو خوف نه هجي، ته ماڻهو ، ماڻهوءَ کي ڪچو کائي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ عام مسڪين ماڻهوءَ ۽ ڍور جي زندگيءُ ۾ ڪو ٿورڙو فرق آهي. ٻئي ڀٽارا آهن. اسان جا ڳوٺ گويا ڀٽائيءَ جي بيت جي تصوير آهن:

”مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾.“

پير صاحب هڪ ڳوٺڙي ۾ ڄائو. ڀانئجي ٿو ته ڦوهه جوانيءَ ۾ بک ۽ ڏک جا ڏينهن ڏٺائين. هڪ دفعي مون سان پاڻ ڳالهه ڪيائين ته ”جواني ۾ جڏهن ڳوٺ رهندو هوس، تڏهن مٿي سان پٽڪو ٻڌندو هوس ۽ پيرن ۾ موچڪي جتي پائيندو هوس، هيڪر ست ميل پيرين پيادو پنڌ ڪري، ٻئي ڳوٺ مان ڪنهن دوست کان ڏهه رپيا اڌارا وٺڻ ويس. پر اهو دوست اڳيئي ڪيڏانهن نڪري ويو هو، سو لاچار وري ست ميل پنڌ ڪري، هٿين خالي پنهنجي ڳوٺ موٽي آيس.“

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، پنهنجي مضمون ”سورن لڌو سجهه، پاڻ پيهي آيا“ ۾ لکيو آهي ته ”هندستان ۾ تعليم جي تڪميل کانپوءِ جڏهن آءُ واپس وطن وريس ته پهريون بزرگ دوست ۽ مهربان، جيڪو مون سان مڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ آيو، سو پير حسام الدين راشدي هو. ان وقت پير صاحب ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو ملازم هو ۽ سوسائٽيءَ پاران زميندارن کي مليل قرضن جي وصولي ڪندو هو.“

پير صاحب ان ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهي، بک ۽ ڏک جا ڏنگ سهي سهي، آخر ڪڪ ٿيو، يا اڃا به ڪن ٻين حالتن تنگ ڪري وڌس؛ سو بخت آزمائڻ لاءِ وڏي ڀاءُ سان گڏ، سکر هليو ويو. اتي به اڻ هوند جي حالت اها هئي جو ٻنهي ڀائرن جي چوڻ موجب ”ڪڏهن ڪڏهن ساڌ ٻيلي مان خيراتي ڇولا پرساد وٺي، ويلا ٽارڻا پوندا هئا.“

سنڌ جي عظيم تاريخ نويس جي زندگيءَ جو آغاز اجهو ائين ٿيو. پر عقلمند ماڻهوءَ وانگر وک وک سنڀالي کنيائين. جڏهن زندگيءَ جي سفر جا پنجاهه ورهيه پورا ڪيائين، تڏهن ديس پرديس سندس عظمت جو اعتراف ٿيو. حڪومت پاڪستان سندس علمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ”ستاره امتياز“ عطا ڪيو، ته پاڙيسري ملڪ ايران پنهنجو وڏي ۾ وڏو علمي اعزاز ” نشانِ سپاس درجه اول“ ڏنو.

پاڪستان جو ڪو به علمي ادارو مشڪل سان ملندو، جنهن جي بورڊ آف گورنرس تي مرڪزي يا صوبائي سرڪار کيس ميمبر مقرر نه ڪيو هجي. خود پاڻ پنهنجي صوبي ۾ ڪن علمي ادارن جا بنياد وڌائين.

بيشمار قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي به ڪيائين ۽ انهن جي ڪن اجلاسن جي صدارت به ڪيائين.

مشرقي ۽ اسلامي ملڪن سان ، مغربي ملڪن جي محققن ۽ عالمن سان لڳ لاڳاپا پئدا ڪيائين. پروفيسر رياض الاسلام پير صاحب تي پنهنجو مضمون ”بيت الضيا سي الحمرا تڪ“ ۾ جن غير ملڪي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي تن مان ڪي هي آهن: پنڊت برج موهن دتاتريه ڪيفي (هندستان)، پوفيسر زڪي وليدي طوغان (ترڪي)، پروفيسر گنڪو وسڪي (روس)، مولانا صباح الدين عبدالرحمان (هندستان)، پروفيسر انيمري شمل (مغربي جرمني)، پروفيسر بائيل (برطانيه)، پروفيسر عبدالغني مرزا يوف (روس)، پروفيسر بابا حميان غفوروف (روس)، قاضي عبدالودود (هندستان“ آقاي باقر زاده (ايران)، پروفيسر عبدالقادر (ترڪي)، پروفيسر لطفي صورت گر (ايران).

انهن کان علاوه مون کي اهو معلوم آهي ته برطانيه جي عالم سائمن ڊگبي ۽ اٽليءَ جي عالم بوسانيءَ سان به سندس سٺا تعلقات هئا. ايران ته گويا سندس ٻيو گهر هو. استاد فروزان فر، عبدالحسين زرين ڪوب، آغا هنرفر، ڊاڪٽر جعفر محبوب، علي اڪبر جعفري ۽ آغا خدا بندلو کيس تمام ويجها هئا.

سندس ڏک ڏولائي جا ڏينهن آخر پورا ٿيا. سڪر سڻائي، عزت ۽ آبرو ڏٺائين. ڪراچيءَ جهڙي گجندڙ شهر ۾ قسمت کيس محلاتن مثل بنگلا ڏنا ۽ سواريءَ لاءِ موٽرون مهيا ڪيون. سندس هوائي سفر شروع ٿيو. مغرب ۽ مشرق جا گهڻائي ملڪ گهميائين ۽ انهن ۾ پنهنجا پرستار پئدا ڪيائين.

مختلف ملڪن جي بادشاهن، صدرن ۽ وزيرن سندس گلي ۾ اعزازي تمغا پاتا. ايران جي بادشاهه، چين جي وزير اعظم، روس جي مرڪزي وزير، عراق جي صدر سان ڪچهريون ڪيائين.

بهمڻ نالي ڪچي ڳوٺڙي ۾ پئدا ٿيل ٻارڙي، جنهن کي اسڪولي تعليم به ڪا نه ملي هئي، واقعي وڏو ڪمال ڪري ڏيکاريو !

جڏهن بيمار ٿيو ته دنيا جي هڪ سپر پاور انتهائي ادب ۽ احترام سان کيس پاڻ وٽ علاج لاءِ سڏيو. پر قرآن ڪريم جو فرمودو آهي ته هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. سو ، جڏهن محسوس ڪيائين ته جهانن جي مالڪ ياد فرمايو آهي، تڏهن سنڌ جي سوا لک پيرن واري قبرستان مڪليءَ ۾ پنهنجي ابدي آرامگاهه منتخب ڪيائين. جڏهن سندس ساهه جي پکيئڙي پنهنجا پرڙا کنيا، تڏهن هميشه لاءِ پنهنجون اکڙيون ٻوٽي ڇڏيائين.

صورتي از بي صورتي آمد برون

باز شد انا اليه راجعون
***

گذريل سال ڀاءُ حسين شاهه ۽ مان، پروفيسر شمل سان گڏ سندس مزار تي حاضري ڏيڻ وياسين. جڏهن سندس تربت تي وڃي بيٺس ته سندس ڳالهيون، قول، قرار، نقل، نظير، چرچا، گهٻا، ٽهڪ، گفتا، ڪچهريون، هدايتون، نصيحتون، محبتون ۽ صحبتون ياد آيون.

پاڻ کان پڇيم ته اهو سڀ ڪجهه خواب هو يا جيڪي ڪجهه هاڻي ڏسي پسي رهيو آهيان، سو خواب آهي؟ زندگي ڇا هي؟ موت ڇاهي؟ پير صاحب جهڙا گلاب جا گل، خاڪ مان ڇو نڪتا ۽ وري خاڪ ۾ ڇو هليا ويا؟

جڏهن آسپاس نهاريم ته مڪليءَ جي قبرستان ۾ سمنڊ جي ڇولين وانگر، هڪٻئي پٺيان، قبرن جون قطارون ڏٺم. ڪي ڊهي ڍير ٿي ويون هيون، ڪي اڃا قائم هيون، ڪنهن ۾ پير حسام الدين راشدي، ڪنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، ڪنهن ۾ مخدوم محمد هاشم، ڪنهن ۾ مخدوم معين، ڪنهن ۾ دولهه دريا خان ته ڪنهن ۾ ڄام نظام الدين جا هڏڙا نظر آيا.

ڪنن ۾ ايراني خانم جهڙيون نازڪ بدن محبوبائون مٽيءَ جي مڻن هيٺان دٻيل ڏٺم. ڪنهن زماني ۾ سندن هڪڙيءَ مٺي مرڪ لاءِ ماڻهو مرندا هئا. اڄ وسائل ڏيئن وانگر، سندن ڏرا ڏيئي ويل اکين جي جوت خم ٿي ويئي هئي. منهن جو ماس ڇڻي ويو هو ۽ وات خاڪ سان ڀريل هو.

اوچتو مون کي ابتدائي آفرينش جي ڏينهن وارا، ڪاربان جا اهي گولا ياد آيا، جيڪي پنهنجو پاڻ ٻن هڪجيترن حصن ۾ ٽٽي پوندا هئا ۽ پوءِ هر هڪ حصو ڪيميائي مواد گڏ ڪري، وري پاڻ ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو.

منهنجي ذهن ۾ طوفان جي تيزيءَ وانگر هڪ سوال اٿيو ته ” هي سڀ ڪجهه ڇاهي؟“

ڳوڙهن ڀريل اکين سان آسمان ڏانهن جواب لاءِ نهاريم، پر منهنجون سوالي نگاهون مون وٽ خالي موٽي آيون.

مٺو رب ته ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي. اهو سوچي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتم ته فقط پنهنجيءَ دل جو ڌڙڪو ٻڌم.

مايوس، غم ۾ ٻڏل، ڀريل گلي، آلين اکين ۽ ڳورن پيرن سان جڏهن قبرستان مان ٻاهر نڪتس ته عمر خيام جي هڪ رباعي ياد آيم:

” مٽيءَ جي رانديڪن جي ڪهڙي مجال آهي،

جو ڪاريگر کان پڇن،

ته ڇا لاءِ ٿو ٺاهين ۽ ڇا لاءِ ٿو ڊاهين؟“

چون ٿا ته عمر خيام جي دل ۾ جيڪا چڻنگ لڳي، سا ابن سينا جي ٻاريل مچ مان اڏامي آئي هئي. ابن سينا دنيا جو هاڪارو حڪيم، مفڪر، مدبر ۽ فيلسوف ۽ سائنسدان هو. کيس ”حجته الحق“ ۽ ”شيخ الرئيس“ جا خطاب مليا. اهڙا اعليٰ انسان اسلامي دنيا ورلي ڪي پئدا ڪيا.

ڏهن ورهين جي عمر ۾ سڄو قرآن ڪريم حفظ ڪري ڇڏيائين. ارڙهن ورهين جو ٿيو ته پنهنجي زماني جي سمورن علمن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. جڏهن وڏو ٿيو ته ڪڏهن حاڪمن ۽ بادشاهن جو وزير هوندو هو، ته ڪڏهن حاسدن جي حسد جو نشانو ٿي، سڪل کوهه جي تري ۾ قيد هوندو هو، پر علم سان سندس اها محبت، جو اتي به ڪتاب لکندو رهندو هو. رڳو حافظي جي زور تي هزارين صفحا لکي ويندو هو. عجيب انسان هوندو هو. جڏهن اقتدار ۾ هوندو هو ته گهوڙي تي سوار ٿي، بادشاهن سان گڏ، ميدان جنگ ڏانهن ويندي به ڪاتب کي ڪتاب لکائيندو ويندو هو.

زماني جي اٿل پٿل ڪري، سندس ڪيترائي ڪتاب ضايع ٿي ويا، پر ڪي بچي به ويا. انهن ۾ ”القانون“ ۽ ”الشفا“ جا يورپ جي زبانن ۾ ترجما ٿيا ۽ سوين سال يورپي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي نصاب ۾ پڙهايا ويا. سندس عظمت جي ايڏي ته ڌاڪ هئي جو يورپ جي ڪليسائن ۾ سندس تصوير سونهن ڪاڻ ديوارن تي ٽنگي ويندي هئي ۽ ڊانٽي جهڙو فيلسوف ان کي بقراط ۽ جالينوس جي وچ ۾ رکندو هو.

ابن سينا کي سندس هڪ شاگرد چيو ته ” توهان نبوت جي دعويٰ ڇو نه ٿا ڪريو؟ “ سندس خيال هو ته ”ابن سينا کان مٿي ڪير ٿي سگهي ٿو؟ “ ابن سينا مشڪيو پر ڪو به جواب ڪو نه ڏنائينس.

صبح جو جڏهن بانگ آئي ۽ شاگرد وضو ڪرڻ لاءِ ٻاهر تلاءَ ڏي وڃڻ لڳو ته ابن سينا چيس ته ” ٻاهر نه وڃ، ٿڌ لڳي ويندءِ، بيمار ٿي پوندين.“ پر هو نه مڙيو. تلاءِ مان وضو ڪري، فجر جي نماز پڙهيائين. * ابن سينا سڏي چيس ته ” مان نبوت جي دعويٰ ان ڪري نٿو ڪريان، جو تنهنجو استاد آهيان، هن زماني جو مڃيل طبيب آهيان، منهنجو قول طب ۾ سند جي حيثيت رکي ٿو، زنده آهيان. مون توکي ٿڌي پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ کان منع ڪئي، پر تو منهنجيءَ نصيحت کي ڪو نه ليکيو. انهيءَ جي هدايت تي عمل ڪيو، جو ڪو زمانو ٿيو ته عرب ۾ رهندو هو، امي هو ۽ جنهن سان تنهنجي ڪڏهن به ملاقات ڪا نه ٿي هئي. پيغمبر ۽ مفڪر ۾ اهو ئي فرق آهي.“

ابن سينا جو دعا ۾ وڏو اعتقاد هو. جڏهن سائنس يا فلسفي جي ڪنهن مسئلي ۾ منجهي پوندو هو ته مسجد جو منهن ڪندو هو. سندس ذهن ۾ فڪر ۽ فلسفي جا آفتاب ۽ ماهتاب هر وقت طلوع ۽ غروب ٿيندا رهندا هئا. هن پاڻ ٻڌايو آهي ته منهنجا ڪيترائي فلسفيانه مونجهارا خوابن ۾ حل ٿي ويندا هئا. سندس سوچ ڌرتيءَ تي زلزلا آڻيندي هئي. پر پاڻ فقط خشڪ مزاج فيلسوف ڪو نه هو، وڏو اهل دل انسان هو.مئي نوشيءَ سان دل وندرائيندو هو. جڏهن نسواني حسن جو ڪو غير معمولي شاهڪار ڏسندو هو ته سندس دل جا سڀ گلاب ۽ رابيل ٽڙي پوندا هئا. موج ۽ مستيءَ ۾ ايندو هو ته ڳائڻ لڳندو هو. وڏو موسيقار هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو، هڪ شعر ۾ تارن ڀرئي آسمان کي خطاب ڪندي چيو اٿس:

” چمڪندڙ تارن سان جڙيل. نيرا گنبذ، اي آسمان

مون کي ٻڌاءِ ته سهي،

ته تون پنهنجيءَ مرضيءَ سان متحرڪ آهين

يا ڪنهن حڪم هيٺ دائمي گردش ۾ آهين؟ “

ابن سينا جو اهو سوال هر دور ۾ انساني ذهن ۾ سوين سوال اٿاريندو رهيو آهي.

اسان جي هن جهان ۾ هر روز هزارين انسان ڄمن ۽ مرن ٿا. پر ماڻهو ڄمي ۽ مري ڇو ٿو؟ اهو سوال به روز ازل کان اڄ ڏينهن تائين انساني ذهن ۾ سوين سوال اٿاريندو رهيو آهي.

هڪ ڳالهه بهرحال پڌري آهي، ته جيئن نيري آسمان ۾ هڪڙا تارا پنهنجيءَ جوت ۽ جمال سببان ٻين کان وڌيڪ روشن آهن، تيئن هن جهان ۾ به هڪڙا انسان، پنهنجي قول ۽ فعل جي سونهن سببان ، ٻين کان وڌيڪ مٿانهان ۽ ممتاز آهن.

سنڌ جو مورخ، منهنجو مربي ۽ محسن، پير حسام الدين راشدي عيسوي ويهين صديءَ ۾ سنڌ جي آسمان جو هڪ روشن تارو هو. سنڌ جي نسل جو مٿس سلام رهندو.


*  ابو الڪلام آزاد : غبار خاطر

*  سيد حسين نصر: ٽي مسلمان فيلسوف – اردو ترجمو : محمد منور

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org