سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

 

صفحو : 13

 

هڪ دفعي ڪراچيءَ جي نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ ٽڪيل هوس. هوٽل جو ٻڍڙو مالڪ آغا يوسف پير صاحب ۽ منهنجو دوست ٿي ويو هو. آغا يوسف اصل ۾ پشاور جي هڪ وڏي تاجر خاندان مان هو. سندس والد انگريزن جي زماني ۾ ريلوائيءَ جا وڏا وڏا ٺيڪا کڻندو هو. خود آغا يوسف جو برما جي پاسي ڪروڙن جو ڪاٺ جو ڪاروبار هلندو هو. چين ۾ انقلاب کان اڳ شانگهائي شهر ۾ سندس هوٽل هوندي هئي. * جڏهن انهن ملڪن ۾ ڪميونسٽ تحريڪن زور ورتو ته آغا يوسف واپس وطن هليو آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ نارٿ ويسٽرن هوٽل هلائڻ لڳو. اها ڪراچيءَ جي ٻيو نمبر قديم هوٽل هئي. ان کان آڳاٽي ڪارلٽن هوٽل هئي، جا صدر ريلوائي اسٽيشن وٽ هئي. ڪجهه عرصو اڳ بند ٿي ويئي. هاڻي آغا يوسف جي وفات کان پوءِ نارٿ ويسٽرن هوٽل به بند ٿي ويئي. نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ مان سالن جا سال ٽڪيس. مهيني ماسي ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو، سو آغا يوسف جي مون سان ڏاڍي دل ٿي ويئي. سندس گهرواري، پٽس حسام ۽ ڌيڻس مهرو به منهنجو خاص خيال رکندا هئا. آغا يوسف پراڻي زماني جا قصا ڪڍندو هو. سندس هڪ ڀاءُ مصطفى ڪمال پاشا ۽ انور پاشا جو ساٿياري هو. پر ٻنهي اڳواڻن جي اختلاف ڪري، موت جو شڪار ٿيو ۽ ترڪيءَ ۾ ئي دفن ٿيو. منهنجيءَ صلاح سان آغا يوسف سندس حياتيءَ جو احوال جو ڪتاب ڇپايو.*

ٻيو ڀاڻس يونس الائي ڪيئن نهرو خاندان سان لاڳاپي ۾ آيو ۽ انهيءَ ئي خاندان سان سڄي عمر گڏ گذاريائين. هڪ ڏينهن آغا يوسف چيو ته ”منهنجي ڀاءُ يونس پنهنجين يادگيرين جو ڪتاب Persons, Passions and Politics نالي سان ڇپايو آهي. ٻن ٽن ڏينهن لاءِ تو کي پڙهڻ واسطي ڏيان ٿو.“

يونس ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته ”مان جڏهن ڪنهن ڳالهه ڪري پريشان ٿيندو هوس ته جواهر لعل وٽ هليو ويندو هوس. هو هندستان جو وزيراعظم هو، پر منهنجو ڄڻ ته مربي هو. هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته يونس جڏهن تنهنجيءَ عمر جو هوندو هوس ۽ ڪنهن ڳالهه ڪري پريشان ٿيندو هوس ته مهاتما گانڌيءَ وٽ هليو ويندو هوس. هو ڪا نه ڪا سهڻي صلاح ڏيندو هو. تون جڏهن ڪنهن معاملي ۾ منجهين ٿو، ته صلاح مشوري لاءِ مون وٽ اچين ٿو. هاڻي مهاتما گانڌي هن دنيا ۾ موجود ڪونهي. ٻڌاءِ ته مان جڏهن پريشان هجان ته ڪنهن وٽ وڃان؟“

مون ڪتاب اتي بند ڪيو ۽ ٽئڪسي ڪري هوٽل مان پير صاحب جي گهر هليو ويس ۽ کيس اهو قصو ٻڌائي چيم ته، ”پير صاحب، مان به جڏهن ڪنهن پريشانيءَ ۾ اچان ٿو، ته سڌو اوهان جي گهر جو رستو وٺان ٿو.

پير صاحب اها ڳالهه ٻڌي خاموش رهيو. گهڙي کن رکي چيائين ته ”هل ته صدر جو چڪر ڏيئي اچون.“ صدر جو چڪر ڏيئي وٽس گهر اچي منجهند جي ماني کاڌيسون. پاڻ وڃي آرامي ٿيو ۽ مان موٽي هوٽل تي آيس.

هاڻي جڏهن پير صاحب هن جهان ۾ ڪو نه آهي ۽ مان ڪنهن مشڪلات ڪري، اڪيلو ئي اڪيلو تڙپندو آهيان، تڏهن منهنجون ادا اکيون هيڏي هوڏي پير صاحب لاءِ واجهائينديون آهن. ٻيا ماڻهو هڪ دفعو يتيم ٿيندا آهن پر مان ٻه دفعا ٿيس هڪ دفعو جڏهن بابا سائينءَ هي جهان ڇڏيو ۽ ٻيو دفعو جڏهن پير صاحب موڪلائي ويو.

پر موت به، پير صاحب کي مون کان جدا ڪري ڪو نه سگهيو. جيئن مان ڪڏهن ڪڏهن بابا سائينءَ کي خواب ۾ ڏسندو آهيان، تيئن ڪيترائي دفعا پير صاحب کي به خواب ۾ ڏٺو اٿم. مان سمجهان ٿو ته جڏهن سندس روح کي ڌرتيءَ تي اچڻ جي موڪل ملندي آهي، تڏهن اهو حسين شاهه وٽان ”علي رضا هائوس“ مان، پٻڻ ۾ حسنا جي گهر مان ۽ منهنجي گهر مان ليئو پائيندو آهي ۽ عالمِ ارواح ڏي موٽندي، اسان سڀني کي دعائون ڏيندو ويندو آهي.

پير صاحب جو قرب ۽ ڪرم رڳو مون تائين محدود ڪو نه هو. بيشمار ماڻهو اديب توڙي غير اديب سندس ڳڻ ڳائيندا آهن. هو انهن کي به تمام پيارو هو. پر مان ائين چئي سگهان ٿو ته منهنجي روح ۾ ڄڻ ته وسيل هو. مون ۾ جيڪي به برايون آهن، سي ته منهنجي مَنَ جي ميرائيءَ ڪري آهن، پر جيڪڏهن ڪا به چڱائي آهي ته اها والدين ۽ پير صاحب جي ذهني تربيت ڪري آهي.

پير صاحب غميءَ ۽ خوشيءَ ۾ منهنجي سار سنڀال لڌي. جڏهن منهنجي والد جو آپريشن ٿيو، تڏهن آپريشن جي في ته پاڻ ادا ڪيائين، پر منهنجي دلجوئيءَ لاءِ حيدرآباد واريءَ بليئر ڪلينڪ ۾ آپريشن دوران ڊاڪٽر شمل سان گڏ ڪلاڪ ڏيڍ اڀين پيرين بيٺو رهيو.

جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ وفات ڪئي ۽ مان ڀاءُ کي ڳوٺ دفنائي، ساڻس ڪراچيءَ ۾ مليس ته ڀاڪر پائي روئي ڏنائين.*

جڏهن مون شادي ڪئي ته منهنجي لاءِ ۽ منهنجي گهرواريءَ لاءِ ڪپڙا خريد ڪيائين. چيائين ته ”پٽ ڄميئي ته نالو علي رضا رکجانس.“ مون ته پٽن تي وڏن جا نالا رکيا پر جڏهن کيس پوٽو ڄائو ته نالو علي رضا رکيائينس.

زندگيءَ جو شايد ئي ڪو مسئلو هجي جو مون کان مخفي رکندو هجي. نه ته سڀ ڳالهه ڪندو هو ۽ صلاح وٺندو هو، توڙي جو مان کانئس ننڍو ۽ گهٽ تجربيڪار هوس. اڄ مان انهن مان ڪيتريون ڳالهيون لکڻ کان قاصر آهيان. بعض اوقات پنهنجي وڏي ۽ ننڍي ڀاءُ جون به مون سان گهر جي ڀاتين وانگر شڪايتون ڪندو هو. جڏهن حسين شاهه ۽ حسنا بيبيءَ جي شاديءَ جو معاملو آيو، تڏهن پنهنجن دوستن ۾ فقط مون سان صلاحي هو. حالانڪه، رت جي رشتي جي لحاظ کان هو ٻئي ڄڻا وڏي ڀاڻس، پير علي محمد راشديءَ جو اولاد هئا پر پاڻ راشدي صاحب کان به اها ڳالهه تيسين راز ۾ رکيائين، جيسين سڄو ڪم وڃي راس ٿيو.

پير صاحب جي حسين شاهه ۽ حسنا بيبيءَ سان ڏاڍي دل هئي. ٻنهي کي ننڍي لاڪر اولاد وانگر پاليو هئائين ۽ حقيقي والاد جون سڀ تمنائون ساڻسن ئي وابسته ڪيون هئائين. ٻئي ڄڻا سندس اکين جو نور ۽ دل جو سرور هئا.

هڪ ڏينهن سندس لئبرريءَ ۾ ويٺا هئاسين. مون سان اندر اوريائين ته ”حسنا جي شادي ڪري وڃڻ کانپوءِ هي هي مشڪلاتون ۽ مسئلا روزمرهه جي زندگيءَ ۾ درپيش آيا اٿم.“ مون کيس هڪ مخلصانه صلاح ڏني. ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪيائين. گهڙيءَ کن کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪيائين ته سندس اکيون ڳوڙهن سان ٽٻٽار هيون. چيائين ته ”ڀاءُ، اهي وڻ به ويا، واهيرا به ويا.“

اولاد کان محروميءَ جو احساس عذاب آهي. بدقسمتيءَ سان پير صاحب جي اهليه، تعليم توڙي صحت، ٻنهي نعمتن کان محروم هئي. سو، پير صاحب جي تنهائيءَ جو احساس هيڪاري وڌي ويو. جڏهن بيبي صاحبه هي جهان ڇڏيو ته مون کي وڏي ڀاڻس جي بيگم ممتاز راشديءَ فون تي ڄاڻ ڪيو. فوراً پير صاحب وٽ پهتس. اوچتو آيل ڏسي اول ته منجهي پيو، پر جلد ئي ڳالهه کي سمجهي ويو. ٻئي خاموش ويٺا رهياسون. ڪرسيءَ تي ڪنڌ لاڙي، ڏک ۾ چيائين، ”رباني، ٽيهن چاليهن ورهين جو ساٿ هو.“ مون ڏانهس ڏک ۾ نهاريو. سندس اکين ۾ ڳوڙها ڇلڪي رهيا هئا.

*      *

حيدرآباد ۾ اپريل ۽ مئي جو مهينو چڱا گرم ٿين ٿا. هڪ ڏينهن ڄام شوري ۾ بورڊ جي آفيس ۾ ويٺو هوس، جو پٽيوالي اچي چيو ته ”پير صاحب ۽ نواب نور احمد خان لغاري هيٺ موٽر ۾ ويٺا آهن. چون ٿا ته ربانيءَ کي چئه ته جلد هيٺ اچي.“

ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي! اڳئين ڏينهن پير صاحب حيدرآباد آيو هو. نواب نور احمد لغاريءَ وٽ ٽڪيو هو. شام جو مان وٽس ويو هئس. اسان دير دير تائين رات جو ڪچهري ڪئي هئي. ان کانپوءِ، آءٌ ٻنهي ڄڻن کان موڪلائي ڄامشوري آيو هوس. شام جو وري ملڻ جو پروگرام هو، جنهن مهل پٽيوالي اچي اهو پيغام ڏنو، ان مهل منجهند جو هڪ ڏيڍ ٿيو هوندو. ڌرتتيءَ جو کين ڄامشوري اچڻ جو ڪهڙو لاچار پيو هو؟ اهي ڳالهيون سوچيندو، مان تڙ تڪڙ ۾ هيٺ لٿس. پير صاحب موٽر جو دروازو کولي چيو ته ”ويهه.“

موٽر شهر رواني ٿي. پير صاحب ۽ نواب صاحب ٻئي چپ. مان به خاموش رهيس. تان جو درياهه واري پل ٽپي وياسين. اتي پير صاحب نواب صاحب کي چيو ته، ”ربانيءَ کي ڳالهه ٻڌايو“.

نواب صاحب چيو ته ”سائين مون کي اڄ صبح جو ڊاڪٽر منير صديقيءَ (ڊاڪٽر آفتاب شاهه جي خاوند) کي پاڻ ڏيکارڻو هو. پير صاحب چيو ته مان به ٿو هلان. جڏهن مون پاڻ ڏيکاري بس ڪيو ته پير صاحب ڊاڪٽر کي چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب مون کي ڪافي وقت کان گلي ۾ هيءَ ڳوڙهي آهي. ڏسو ته ڇاهي؟“

ڊاڪٽر صاحب ڳوڙهي جاچي چيو ته پير صاحب مون کي ڊپ ٿو ٿئي. چئو ته مان ڪڍي وٺان. ننڍو آپريشن آهي“.

نواب صاحب اشارتاً چيو ته ”ڊاڪٽر منير صاحب جو انديشو هو ته خدا نه ڪري جو اها ڪئنسر جي ڳوڙهي هجي.“

مان ڳالهه ٻڌي پير صاحب جي پريشانيءَ کي سمجهي ويس. کيس ڏڍ ڏيندي، نواب صاحب کي چيم ته ”اها شڪي ڳالهه آهي. خود ڊاڪٽر منير صاحب به خاطريءَ سان ته ڪا ڳالهه ڪا نه ڪئي آهي. پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ عقلمنديءَ جي ڳالهه ڪانهي. پير صاحب خير سان ڪراچيءَ وڃي. اتي ڪيترائي وڏا وڏا ڊاڪٽر سندس دوست آهن. انهن سان صلاح ڪري تپاس ڪرائي. پوءِ جي ضروري هجي ته آپريشن ڪرائي، ته خبر پئي ته ڳالهه ڇاهي؟ پير صاحب هڪ دفعي مون کي ٻڌايو هو ته گهڻا گهڻا سال اڳي پاڻ ٻي به اهڙي ڳوڙهي ڪڍائي هئائين.“

ڳالهه پير صاحب کي دل سان لڳي. کيس ڪجهه آٿت آيو. ان ئي ڏينهن شام جو ڄام ڪرم علي خان پنهنجي ڳوٺ اسان جي دعوت ڪئي هئي. اوڏانهن هليا وياسين. کل خوشيءَ ۾ پير صاحب جو به ڪجهه غم گهٽ ٿيو.

ڏينهن ٻه حيدرآباد ۾ ٽڪي پير صاحب ڪراچيءَ موٽيو. پنهنجن ڊاڪٽرن سان ڳالهه ڪيائين، جن تپاس بعد ڊاڪٽر منير صاحب جي ڳالهه جي تائيد ڪئي.

جنهن ڏينهن پير صاحب جي گلي جو پهريون پهريون آپريشن ٿيو، ان ڏينهن ڊاڪٽر شمل به ڪراچي ۾ هئي. مون کي چيائين ته ”خدا ڪري جو ڦهلجندڙ ڪئنسر نه هجي!“ پر ڊاڪٽري تپاسن سڀ اميدون خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون.

بهر حال پير صاحب جي حوصلي جو داد ڏجي. دل تي جيڪا به ٿي گذري هجيس. ليڪن ٻاهرئين ٻني پنهنجو حوصلو بلند رکيائين. قدرت کيس غم برداشت ڪرڻ جي وڏي طاقت ڏني هئي. وڏو ماڻهو ٿيڻ لاءِ وڏي دل کپي ۽ شينهن جو جگر کپي. پير صاحب وڏو ماڻهو هو ۽ وڏيءَ دل وارو هو. پر، اها دل بهرحال گوشت پوست مان ٺهيل هئي. سو، ڪڏهن ڪڏهن سندس اکيون ڇلڪي به پونديون هيون.

ڪئنسر جي ڪري سندس گلي جا ڪيئي آپريشن ٿيا. هڪ ڀيري تازو تازو اسپتال مان نڪتو هو. گلي تي اڃا پلاستر چڙهيل هوس. مون نهايت ادب سان آهستي کانئس رڳو ايترو پڇيو ته، ”سائين، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي؟“

چيائين ته، ”ڀاءُ، ڊاڪٽرن جو ڇرو آهي ۽ منهنجو گلو آهي.“ اکين جي پڇڙين وٽ ٻه ڳوڙها تري آيس، جن کي آهستي اگهي ڇڏيائين.

ڪجهه عرصي کانپوءِ، روسي حڪومت جي دعوت تي، ماسڪو علاج لاءِ ويو، جڏهن موٽيو ته ڏاڍو خوش هو. کيس روسي ڊاڪٽرن جي مهارت تي وڏو اعتماد هو. (پر اهو اعتماد عارضي هو، ڇو ته اصل فيصلو ان جو آهي، جو حياتي ڏئي ۽ وٺي ٿو.)

سال کن کانپوءِ، ايران ۾ هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ويو. جڏهن موٽيو، ته خوشيءَ مان چيائين ته، ”رباني قدرت جا عجب رنگ آهن. مان جنهن ڏينهن ايران ۾ بين الاقوامي ڪانگريس جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هوس، انهيءَ ساڳئي ڏينهن گذريل سال، نهايت ملول، ڳڻتين ۾ ويڙهيل، اداس ۽ اڪلو ئي اڪيلو، ماسڪو جي اسپتال ۾ علاج لاءِ بستري تي ليٽيل هوس. جنهن مهل ايران ۾، عالمي ڪانفرنس ۾، تاڙين جي گونج ۾، صدارتي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس، تنهن مهل اهو ڏينهن ۽ اها گهڙي ياد آيم.“

پير صاحب جي خوشيءَ گهڻو جٽاءُ ڪو نه ڪيو. ستت، ڪراچيءَ وارن ڊاڪٽرن کيس چيو ته ”اسان کي وري اوهان جو آپريشن ڪرڻو آهي.“ اهو ٻڌي، ڏاڍو دلگير ٿي پيو. ڳالهه به اهڙي هئي.

انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي مان ساڻس گڏ ڪراچيءَ جي صدر ۾ شام جو گهمڻ ويس. اڃا موٽر مان لهڻ وارا هئاسين، ته هڪ فقير تڪڙو تڪڙو موٽر ڏي آيو ۽ پير صاحب کي سٺو لباس پيل ڏسي، کانئس خيرات گهريائين. پير صاحب کي فقيرن تي سخت چڙ هوندي هئي ۽ سندس پراڻي عادت هئي ته کين ڪچيون ڪچيون گاريون ڏيندو هو. فقير جو سامهون اچڻ ۽ پير صاحب جو کيس ست سريون ٻڌائڻ. فقير ته موٽي ويو. پر، مون پير صاحب کي ڏک سان چيو ته ”پير صاحب، قرآن ڪريم ۾ صاف حڪم آهي ته ”سواليءَ کي نه جهڻڪ“. مون کي ڊپ آهي ته اوهان کي ڪئنسر هنن فقيرن ڏني آهي.“

اهو ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ ڪار ۾ پنهنجيءَ سيٽ تي ڪا گهڙي ويٺو رهيو. مان به خاموش ويٺو رهيس. ڪجهه دير کانپوءِ هيٺ لٿو ته سندس اکيون آليون هيون. پر، ان کانپوءِ مون کيس ڪڏهن به فقيرن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي نه ٻڌو.

غالباً، انهن ئي ڏينهن ۾ حڪومت مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو. اهو فيصلو سيد پناهه علي شاهه صاحب تڏهوڪي تعليمي سيڪريٽريءَ ڪيو. پير صاحب ان فيصلي تي ناخوش ٿيو. سندس خيال هو ته چيئرمينيءَ جو پاڻ ئي صحيح مستحق هو. هونئن نه ته مولانا قاسمي صاحب سان سندس تعلقات تمام پراڻا ۽ نهايت سٺا هئا. بهرحال، پنهنجي ناخوشيءَ جو مون سان چٽن اکرن ۾ اظهار ڪيائين ۽ صاف صاف منع ڪيائين ته ”آئينده مولانا قاسميءَ کي پاڻ سان مون وٽ نه وٺي ايندو ڪر.“

مولانا قاسمي صاحب فقيراڻي سڀاءُ وارو ماڻهو آهي، ان ڪري مون پير صاحب جي انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪو نه ڪيو. دل ۾ سمجهيم ته مان آهستي آهستي ڪري ٻنهي کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندس. اڳ ۾ پاڻ مرحوم سيد ميران محمد شاهه سان به ائين ڪنهن ڳالهه تي ڦٽو هو. پر مون آهستي آهستي ڪري، سندن وچ مان ڪنڊو ڪڍي ڇڏيو هو ۽ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا هئا. پر هن ڀيري منهنجي توقع غلط ثابت ٿي. ان جا ڪيئي ڪارڻ هئا. هڪ ته مولوي صاحب مفلس ماڻهو هو. سنڌ ۾ غربت کي ڪير ڪو نه سهندو آهي. ٻيو ته ڪيئي مفسد ماڻهو مولوي صاحب جي خلاف پير صاحب جا ڪن ڀريندا هئا. هوندا اهي به اديب هئا. پر وڏو اديب ٿيڻ هڪ ڳالهه آهي، وڏو انسان ٿيڻ ٻي ڳالهه آهي.* ان طرح، مان پير صاحب ۽ مولانا قاسمي صاحب کي ته ملائي ڪو نه سگهيس، اٽلندو پير صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ وٿي پيدا ٿي وئي، ڇو ته چيئرمين ۽ سيڪريٽريءَ جو لاڳاپو اهڙو هو جو مان ته مولوي صاحب کي ڇڏي نٿي سگهيس. مفسد ماڻهن ان طرح پير صاحب کي منهنجي ۽ مولوي صاحب جي خلاف مڇرائي ڇڏيو. ٻيا ڪهڙا سبب هئا، سو مان چئي ڪو نه ٿو سگهان.

انسان جي هڪ وڏي بدقسمتي اها آهي ته کيس اها به خبر نه پوي ته سندس حقيقي سڄڻ ڪير آهي؟ چون ٿا ته حضرت عيسى دعا گهري هئي ته ”يا خدا، مون کي منهنجن دوستن کان بچاءِ“. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

ديکها جو تير کهاکي کمين گاه کي طرف

اپني هي دوستون سي ملاقات هوگئي

منهنجو ۽ پير صاحب جو سڄيءَ عمر جو تعلق رهيو هو، تنهن ڪري مون به، گهڻي ڏک جي ڪري، خاموشي اختيار ڪئي. ان طرح، هو مون سان آهستي آهستي ٿڌو ٿي ويو.

مون کي ان ڳالهه جو پڪو پختو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن ٻڌم ته پير صاحب حيدرآباد اچي ٿو، پر مون سان ڪو نه ٿو ملي. انهن ئي ڏينهن ۾، مون سنڌ جي هڪ افسانه نگار خاتونءَ جي وفات تي ”مٽيءَ جي مٺ“ عنوان سان افسانو لکيو هو. منهنجي ان خاتونءَ سان گهڻي زماني کان دعا سلام هئي. هوءَ چڱي خاندان جي نينگر هئي. پر، پوين ڏينهن ۾، ويچاري قسمت جي رولڙي ۾ اچي ويئي.

مون افساني ۾ انسان جي انجام جو منظر چٽيو هو ۽ ان ئي نسبت سان افساني جو عنوان ”مٽيءَ جي مٺ“ رکيو هو. جن ڏينهن ۾ اهو افسانو ڇپيو، تن ڏينهن ۾، پير صاحب ڪو حيدرآباد آيل هو. مون کي ڪل ئي ڪانه هئي، ڇو ته مون وٽ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين.

شام جي مهل هئي. ڄامشوري ۾ گهر ۾ ويٺو هوس، ته پُٽَ اچي چيو ته ”بابا پير صاحب دروازي تي موٽر جهليو بيٺو آهي.“ اهو ٻڌي، تڙ تڪڙ ۾، پيرين اگهاڙو ٻاهر نڪري آيس، ۽ اچي سندس پيرن تي هَٿَ رکيم ته ڇڪي ڀاڪر پاتائين. ان کان اڳجو مان کيس ڪجهه چوان، پاڻ منهنجو هٿ وٺي، ان کي چمي چيائين ته ”بابا، ڪراچيءَ پئي ويس. چيم ته جنهن هٿ سان اهو افسانو لکيو اٿيئي. ان کي چمندو وڃان.“ ائين چوڻ شرط سندس اکين مان ڳوڙها وهي اچي منهنجي هٿ تي ڪريان.

مان اڃا انهيءَ حيرت ۾ هوس جو پاڻ موٽر ۾ چڙهيو ۽ ڪراچي روانو ٿيو. سندس ڊرائيور سچوءَ بعد ۾ مون سان ڳالهه ڪئي ته ڪراچيءَ ويندي، ڪافي دير تائين اکين مان ڳوڙها اگهندو هليو.

مون اهو افسانو ته سنڌي افسانه نگار خاتونءَ جي ياد ۾ لکيو هو، پر خبر ناهي ته ڇو جڏهن افسانو لکي رهيو هوس، ته پير صاحب جو چهرو، وري وري، منهنجين اکين جي اڳيان ٿي آيو ۽ حافظ جو هڪ شعر چپن تي آيو:

آسمان بار امانت نتوانست ڪشيد

قرعِ فال بنام من ديوانه زدند

*      *      *

پير حسام الدين راشدي، سنڌ جي تاريخ ۾، هڪ محب وطن تاريخنويس جي حيثيت ۾ امر رهندو.

پير صاحب کي سنڌ جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان عشق هو. ون يونٽ جي ڏينهن ۾، هڪ دفعي مان وٽس ويٺو هوس. پاڻ ڪنهن سان بحث ڪري رهيو هو. ان شخص ڪا اونڌي ابتي ڳالهه ڪئي، جنهن تي پاڻ جذباتي ٿي ويو، ۽ ٻانهون ٻڌي چيائينس ته ”مون کان سڀ ڪجهه وٺ. دين وٺ، ايمان وٺ. پر خدا جي واسطي مون کي سنڌ موٽائي ڏي.“

ٻئي دفعي حيدرآباد ۾ پٺاڻ ڪالونيءَ مان لنگهي رهيا هئاسون اها ڪالوني اصل ۾ هڪ قديمي قبرستان هئي. ڪنهن جاءِ جي اڏاوت ٿي رهي هئي. مزورن بنياد کوٽيندي، پٿر مان ٺهيل قبر جو هڪ تعويذ ڪڍيو، جنهن تي قرآن جون آيتون ۽ ڪتبا اڪريل هئا. هو تعويذ ڪلهي تي کڻي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. پير صاحب روڊ تي موٽر روڪي مزورن ڏي ڊوڙيو: ”هي ڇا ٿا ڪيو؟ هي سنڌ جي تاريخ جو پٿر آهي. اوهان ڪاڏي ٿا کڻي وڃو؟“

مزور وائڙن وانگر ان شخص ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن کي سوٽ ڪوٽ پيل هو، موٽر مان لٿو هو، هوش حواس ۾ هو، پر اهڙي ڪا ڳالهه ڪري رهيو هو، جا کين اصل سمجهه ۾ نٿي آئي.

مون کي يقين آهي ته جڏهن خداوند ڪريم پير صاحب کي بهشت برين ۾ داخل ڪندو، تڏهن پاڻ ادب سان هٿ ٻڏڌي الله پاڪ کي هڪڙو ئي عرض ڪندو، ”جهانن جا مالڪ! مون کي بهشت ۾ رهائش لاءِ جيڪو زمين جو ٽڪرو ملي، ان جي چوڌاري سنڌ جو نقشو نڪتل هجي.“

پير صاحب جي ذهن ۾ سنڌ جي محبت تاريخ جي مطالعي مان پيدا ٿي. هن پنهنجو ادبي ڪئريئر ته شايد صحافي، افسانه نويس، ناول نگار ۽ شاعر جي حيثيت سان شروع ڪيو هو. پر سندس اندر ۾ جيڪو تاريخدان هو، سو رفتي رفتي سندس ذهن تي ڇانئجي ويو. سندس ابتدائي ڪتاب يا ڪتابڙا سکر جي ”المنار“ پريس مان ڇپيا، جنهن جو مالڪ رشيد ڀٽيءَ جو والد حافظ عبدالحميد ڀٽي هو. تن ڏينهن ۾ ئي پير صاحب جي مرحوم عبدالرحيم کرل سان به ڏيٺ ويٺ ٿي. المنار پريس ۾ حافظ صاحب سان ڪيترو وقت گڏ ڪم ڪيائين، سو معلوم ڪونهي. ان زماني ۾ اها ڳالهه اسان نڪي ته ڀٽيءَ جي والد صاحب کان پڇي ۽ نه وري پير صاحب کان. پر پاڻ اها ڳالهه وري وري ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي منهنجي اڳيان رشيد ڀٽيءَ کان ان دور جا لکيل پنهنجا ڪتاب به گهريا هئائين.

سکر ۾ رهائش واري دور جو ذڪر ڪندي، وڏي ڀاڻس پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جلد اول ۾، خانبهادر کهڙي جي اخبار ۽ آغا نظر عليءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ پنهنجيءَ اخبار ڪڍڻ جو ذڪر ڪيو آهي. هن هندو مسلم ڪشيدگيءَ جو به شَد مدَ سان ذڪر ڪيو آهي. پر پير صاحب جي لکيل ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ ۾ هندو مسلم ڪشيدگيءَ جو ايڏيءَ شدت سان ذڪر ڪونهي. ڪٿي ڪٿي اشارا ضرور آهن. اها ڳالهه ان زماني ۾ ئي، ٻنهي ڀائرن جي ذهني لاڙن جي نشاندهي ڪري ٿي.

سکر ۾ رهائش کانپوءِ، سندن لڏ پلاڻ ڪراچيءَ ڏانهن ٿي. پر، ان وچ ۾ ڪو ويرو آيو، جو پاڻ ڪجهه وقت ڳوٺ ۾ آبائي زمينون به سنڀاليندو هو. سندس والد ۽ ڏاڏو وفات ڪري چڪا هئا. چون ٿا ته پاڻ کي ڪامياب زميندار ثابت ڪيائين. اوسي پاسي سان به سٺا تعلقات هئس ۽ هاري ناري به منجهانئس ڏاڍا خوش هئا.

ڪراچيءَ اچڻ کانپوءِ، وڏو ڀاڻس ته اڳي کان وڌيڪ، سياست کي جنبي ويو، پر پير صاحب اهو ئي ادب سان لنو لائيندو آيو. اڳتي هلي، همہ وقت، تاريخ ڏانهن متوجهه ٿيو. شروع ۾ مسلم سنڌ ۽ هند جي تاريخ ۽ پوين ڏينهن ۾ ايران جي تاريخ، وچ ايشيا جي تاريخ ۽ مسلم سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت، سندس مطالعي جا خاص موضوع هئا.

پير صاحب جي ادبي ڪئريئر ٺاهڻ ۾ وڏي ۾ وڏو رول سنڌي ادبي بورڊ ادا ڪيو. پير صاحب بورڊ جو مرهون منت هو، جنهن سندس ڪتاب وڏي خرچ سان ڇاپيا. اها ڳالهه هو علي الاعلان مڃيندو هو، پر ٻين گهڻن عالمن ۾ ايتري به دل جي سخاوت ڪا نه هئي. دل جي سخاوت انسان جي عظمت جو دليل آهي.

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”يار ڪجي هڪڙو، نه ته ٻه هجن، هڪڙو وڃي نڪري، ته ٻئي تي هٿ کپن.“ ان چوڻيءَ موجب، پير صاحب، ڊگهي نظر ڪري، سنڌي ادبي بورڊ تي پنهنجي پوري پوري تسلط جي باوجود، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ کي ترغيب ڏني ته سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٻيو هڪ ادارو به قائم ڪجي. آخر اهو ادارو سنڌي ايڪيڊميءَ جي نالي سان ٺهيو. ان جو نگرانُ پنهنجو ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي جوانيءَ جو دوست مرحوم محمد حنيف صديقي مقرر ڪرايائين. پير صاحب اها ڳالهه به علي الاعلان مڃيندو هو ته ”اسان ٻنهي کي ادب ۽ تاريخ جا ابتدائي سبق حنيف صديقيءَ ڏنا.“ پر جڏهن پير صاحب حنيف صديقيءَ کي انهيءَ مقصد لاءِ منتخب ڪيو ته هو ويچارو خزان ٿي چڪو هو. (هونئن ڏاڍو محبتي ماڻهو هو. مون سان سندس ڪافي مجلسون ٿيون.) چنانچ اڳتي هلي، اداري جي نائب نگران ڊاڪٽر الانا ايڪيڊميءَ کي سنڀاليو. ان وچ ۾ پير صاحب جو ايران اچڻ وڃڻ وڌي ويو هو. اتان اداره ايران شناسيءَ (۽ مصر جي اداري مصر – شناسي) جا خيال کڻي آيو. اداره سنڌ شناسيءَ جو سندس ذهن ۾ نالو ۽ تصور ان طرح پيدا ٿيو. اڳتي هلي سنڌي ايڪيڊميءَ جو نالو مٽرائي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي رکايائين. بهرحال، ان باري ۾ وڌيڪ خبر ڊاڪٽر لانا کي هوندي.

ڊاڪٽر رضي الدين صديقي نيڪ ماڻهو هو. هندستان مان مهاجر ٿي آيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کيس پير صاحب جهڙن سنڌي عالمن ۽ دانشورن جي صلاح ۽ مشوري جي ضرورت هئي. چنانچ، هو پير صاحب جي مشورن تي پورو پورو توجهه ڏيندو هو. پير صاحب سان سندس واقفيت برک اردو عالمن ۽ اديبن جي وسيلي ٿي هئي، جن سان پير صاحب جا قريبي مراسم هئا.

ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ کانپوءِ سنڌالاجيءَ جو ڪم جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهيو. پر، پروفيسر غلام مصطفى شاهه جي وائيس چانسيلر هئڻ واري دور ۾، اها صحيح معنى ۾، وڌي وڻ ٿي ۽ اڄڪلهه ته سنڌي ادب ۽ ثقافت جو تناور ۽ ثمر آور درخت آهي. موجوده پروقار عمارت به پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه ئي پنهنجيءَ ايامڪاريءَ ۾ وڏي شوق سان ٺهرائي. ليڪن حقيقت اها آهي ته سنڌالاجي جي آبياريءَ ۾ ڊاڪٽر الانا وڏيءَ محبت ۽ محنت سان ڪم ڪيو. بيشڪ، وسيلا وڏي ڳالهه آهن. اهي وائيس چانسيلر مهيا ڪيا. پر ادارن کي ٺاهڻ لاءِ عشق جي ضرورت آهي. سندن آبياري رت سان ڪرڻي پوي ٿي. اهو ڪم ڊاڪٽر الانا ڪيو. سندس اسلام آباد اسهڻ کان پوءِ ڀيڻ مهتاب اڪبر راشديءَ پوري پوري خلوص سان سنڌي ادب جي هن چمن جي رکوالي ڪئي ۽ ان جي گلن ڦلن کي تر و تازه رکيو. دعا آهي ته الله پاڪ شال هن اداري کي سدائين شاد ۽ آباد رکي.

پير صاحب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به هڪ اداري جو ٻج پوکيو. ”وچ ايشيا جي مطالعي جو ادارو“ (انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ايشين اسٽڊيز). پر اهو ادارو سندس زندگيءَ ۾ ئي پوريءَ ريت پرواز ڪري اٿي ڪو نه سگهيو. اڃا تائين پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڪارائتا ڪتاب شايع ڪيا اٿس. اداري جو سربراهه ڊاڪٽر رياض الاسلام پير صاحب جو دوست ۽ وڏو عالم آهي. کيس وسيلن جي ڪجهه ڪمي آهي.

پوين ڏينهن ۾ پير صاحب سچل تي تحقيقي ڪم کي زور وٺائڻ جي تحريڪ کي به ٽيڪو ڏنو، جنهن ڏينهن ۾ سيد غوث علي شاهه سنڌ جو وزير تعليم، محب الله شاهه سکر ڊويزن جو ڪمشنر ۽ غلام محمد ميمڻ خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته ٻه چار عمدا سچل سيمينار منعقد ٿيا. سندن وڃڻ کانپوءِ بند ٿي ويا. ليڪن، پير صاحٻ سچل جي سالياني عرس تي ڀيرو ڀرڻ شروع ڪيو. خيرپور ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ وٽ وڃي ٽڪندو هو. ممڪن هو ته ڳالهه کي به مچائي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ وانگر، سچل اڪيڊميءَ کي، به ڪا عملي صورت ڏيئي سگهي ها. پر حياتيءَ ساڻس وفا نه ڪئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ سچل ايڪيڊمي قائم ته ٿي، پر ادارن ۽ تحريڪن جي پٺيان ڪو نه ڪو روح روان هوندو آهي. رڳو، جاين ٺهڻ، ٽيبل ڪرسي وجهڻ ۽ گرانٽ مقرر ڪرڻ سان ته ادارا ڪو نه هلندا آهن.

خانگي ادبي تنظيمن ۾، سنڌي ادبي سنگت، پير صاحب جي نقطه نگاهه کان، نوجوان اديبن جو مرڪز هئي. پر پير صاحب ڪڏهن به ان ۾ ڪا خاص دلچسپي ڪا نه ورتي. انفرادي طرح پاڻ انهن اديبن کي همٿائيندو ضرور هو، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ دلچسپي وٺندا هئا. انهن ۾ سردست، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لاکي، نواز علي شوق ۽ عبدالله ورياهه جا نالا مون کي ياد اچن ٿا. ممڪن آهي ته ڪي ٻيا اديب به کيس ايترائي ويجها هجن، پر مون کي انهن جي خبر ڪانهي. پر ساڳئي وقت ائين به چئي نٿو سگهجي، ته پاڻ ڪي ٻه ٽي اهڙا ”خاص ماڻهو“ تيار ڪيائين، جن کي تربيت ڏيئي ”تلميذ“ بنايائين ۽ انهن کان پنهنجيءَ نگرانيءَ هيٺ سنڌ جي تاريخ جي ڪن خاص عنوانن تي تحقيقي ڪم ورتائين. هونئن، ته پاڻ سنڌي اديبن جي سڄي نئين نسل کي متاثر ڪيائين. سندس محنت ۽ مکيه ڪم فارسي ڪتابن ۾ آهي، جي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. جڏهن اهي ڪتاب سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيندا، ته پير صاحب جي ڪم جو صحيح معنى ۾ قدر ٿيندو ۽ فقط سنڌ جو موجوده نسل نه، پر ايندڙ نسل به سندس ڳڻ ڳائيندا.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ هڪ وڏو خير جو ڪم ڪيو. بيگلارنامي جو سنڌي ترجمو شايع ڪيائين. ڪتاب پڙهه ته عبرت وٺي ٿي وڃي، ته سنڌ ڪهڙن دورن مان گذري آهي! شال ڪو ڏينهن اچي، جو پير صاحب جا ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتاب، سنڌي زبان ۾ ترجم ٿي شايع ٿين. اها پير صاحب ۽ سنڌ جي وڏي علمي خدمت ٿيندي.

*      *      *

پير صاحب سنڌ جي اوائلي دور يعني موهن جي دڙي واري زماني، يا ائين کڻي چئجي، ته اسلام کان اڳ واريءَ سنڌ جي تاريخ ۾، ڪڏهن به دلچسپي نه ورتي. ان ڳالهه جو مکيه سبب شايد اهو هو ته ان دور تي تحقيق لاءِ مستند مواد موجود ڪو نه هو.

پر، پوئين دور يعني ميرن ۽ انگريزن واري دور ۾ به دلچسپي ڪانه ورتائين، توڙي جو ان دور بابت تحقيق لاءِ مواد موجود هو.

سندس تحقيق جو ميکه موضوع هو سنڌ جي تاريخ جو ارغون، ترخان، مغل دور، ۽ ان کان اڳيون دور يعني سمن جو دور. ان ڳالهه جو مکيه سبب غالباً اهو هو ته ان دور جي عالمن جا لکيل ڪتاب، فارسي ۽ عربي زبانن ۾ قلمي نسخن جي صورت ۾، موجود هئا. ٻيو ته ان دور جي عالمن جون قبرون حاڪمن جا مقبرا ۽ مسجدون اڃا ٺٽي ۽ ٻين هنڌن تي موجود آهن. ٽيون سبب هي هو ته پير صاحب پنهنجي ادبي ڪئريئر جي آغاز ۾ ئي هندستاني مسلمان عالمن، جهڙوڪ شبلي نعمانيءَ جهڙن محققن کان متاثر ٿيو هو. سيد سليمان ندويءَ سان محبت ڪندو هو، جو کيس ”محقق سنڌ“ ڪوٺيندو هو.*

اڳتي هلي وڏن هندستاني اردو عالمن سان دوستي به رکيائين. انهن ۾ مولوي عبدالحق، سيد صباح الدين عبدالرحمان ۽ مالڪ رام جا نالا سر فهرست آهن.*

پير صاحب جو پهريون پهريون تاريخي ڪتاب به هڪ هندستاني عالم جي تصنيف جو سنڌي ترجمو آهي. پاڪستان کان اڳ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ”اسلامي ڪتبخانا“ نالي سان شايع ڪيو هو. ڪتاب جو مصنف اختر جهونا ڳڙهي جڏهن پاڪستان لڏي آيو ته پير صاحب سان گهري گهاٽي دوستي ٿيس. پير صاحب جو آخرين ڪتاب، جنهن تي وفات کان اڳ پاڻ وڏي چاهه سان محنت ڪري رهيو هو، ”تاريخ رشيدي“ هو، جو ميرزا حيدر جي تصنيف آهي. جيئن ته پاڻ ان ڪتاب جي ايڊٽنگ جو ڪم مڪمل ڪري ڪو نه سگهيو، ان ڪري رهيل ڪم کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ وصيعت به هڪ اردو عالم، پروفيسر رياض الاسلام کي ڪيائين.

هندستاني عالمن جي تحقيق ۾، برصغير جي مغل دور ۽ ان کان اڳ واري مسلم دور حڪومت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. سندن خيال موجب، مغل دور هندستان جي تاريخ جو سونهري دور هو. ان دور جي سياسي، ثقافتي ۽ علمي رخن تي تحقيق وسيلي هندستان جا مسلمان محقق، هڪ طرح سان، ڄڻ ته وڃايل جنت جي تلاش ڪري رهيا هئا.

بيشڪ، پير صاحب کانئن متاثر ٿيو ۽ پاڻ به سنڌ جي ارغون، ترخان ۽ مغل دور کي ئي پنهنجيءَ تحقيق جو مرڪزي نڪتو بڻايائين، ليڪن جيئن جيئن ان دور جي تاريخ جو باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪندو ويو، تيئن تيئن سندس راءِ هندستاني عالمن کان مختلف ٿيندي ويئي. منهنجو خيال آهي ته ان جو سبب هيءُ هو ته ابن خلدون وانگر تاريخ جي تجزيي ۾ پير صاحب جو نقطه نگاهه به سائنسي هو. پاڻ تاريخي واقعن کي جذباتي انداز سان ڪو نه پرکيندو هو. ڪاري کي ڪارو ۽ سفيد کي سفيد قرار ڏيندو هو. بادشاهي نظام کي بادشاهي نظام ڪوٺيندو هو. ان کي دين ۽ مذهب جا غلاف ڪو نه پهرائيندو هو.* سندس راءِ موجب مخدوم بلال جهڙي درويش ۽ شاهه عنايت شهيد جهڙي اهل الله کي مارائڻ وارا ارغون ۽ مغل مسلمان حاڪم، دين جا نه، دنيا جا طالبو هئا. چنانچ هن انهن کي غاصب ۽ لٽيرا قرار ڏنو. سندس قومي سورمو نظام الدين سمو هو، جو روزانو فجر جي نماز پڙهي گهوڙن جي طبيلي ۾ ويندو هو ۽ سندن پٺيءَ تي پيار مان هٿڙا گهمائي چوندو هو ته:

”ڀٽارا، الله اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي
ظلم ڪرڻ لاءِ اوهان تي سواري ڪريان.“

تاريخ جي انهيءَ شعور، پير صاحب کي سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن سان محبت سيکاري. چنانچ، هن پنهنجي نقطه نگاهه کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چٽن پٽن لفظن ۾ بيان ڪيو.

”برهانپور ڪي سنڌي اولياء“ ڪتاب جي پيش – لفظ ۾ لکيو اٿس:

”سنڌ جو اهو دور، جنهن کي تاريخي نقطه نظر سان سونهري دور ڪوٺي سگهجي ٿو، سمن جو دور آهي. سمن جي حڪومت ۾ سنڌ امن، آسودگي ۽ سک سڻائيءَ جا اهي ڏينهن ڏٺا، جن جو مثال سنڌ جي تاريخ جي ٻين دورن ۾ ملڻ مشڪل آهي. حقيقت اها آهي ته سمن حاڪمن سنڌ کي ترقيءَ ۽ ڪمال جي عروج تي پهچايو. خوش بختي ۽ ڪامراني سمن جي پيرن کي چمندي هئي. سما حاڪم سنڌ جي ترقيءَ جي راهه تي وڌي رهيا هئا، جو ڄام نظام الدين (متوفي 914هه) کان پوءِ، سنڌ جي سڪون ۾ خلل پيو. اقتدار جي هوس ۽ گهرو جهيڙي جي ڪري، سمن جي اقبال جو سج لهڻ لڳو.

”928هه ۾، سنڌ غلاميءَ جي انهيءَ اداس شام ۾ وٺجي ويئي، جنهن جي اوندهه انڌوڪار صدين تائين آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي سج کي اڀرڻ نه ڏنو.

ارغونَ، بابر بادشاهه، شاهه اسماعيل ۽ محمد خان شيبانيءَ جي دٻاءَ ڪري، ڪابل ۽ قنڌار خالي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. پريشانيءَ ۾ ڪو نئون هنڌ ماڳ تلاش ڪري رهيا هئا. سمن جي گهرو جهيڙي جو فائدو وٺي، سنڌ تي اچي ڪڙڪيا ۽ طوفان وانگر ملڪ تي ڇانئجي ويا. اهي ختم ٿيا ته ترخانن کي وارو مليو. ٻنهي ڌرين سنڌ تي سؤ سال حڪومت ڪئي. سندن بادشاهيءَ جو هڪ هڪ ڏينهن سنڌ کي تباهيءَ ۽ برباديءَ، قتل ۽ غارت گريءَ ڏانهن ڌڪيندو رهيو. اها ڌرتي جنهن کي سمن حاڪمن جنت بڻايو هو، سا ارغونن ۽ تر خانن جي ڏينهن ۾ دوزخ بڻجي ويئي. سنڌ جا رهاڪو وڏي عرصي تائين انهيءَ دوزخ جي باهه جو ٻارڻ بڻبا رهيا.

مطلب ته 914 ۾ ڄام نظام الدين سمي جي وفات کان وٺي سنه 1000هه تائين، پورا سو سال سنڌ لاءِ قيامت صغرى قائم ٿي ويئي. سنڌ علمي ۽ مادي طرح تباهه ۽ برباد ٿي ويئي. سمن جيڪي خوشيون ۽ خوشحاليون آنديون هيون، سي سنڌ کان کسجي ويون. سندن اڏايل عمارتون باهه، خاڪ، آنڌي ۽ طوفان جي نذر ٿي ويون. انهن هنگامن ۾ سنڌ جو جيڪو وڏو نقصان ٿيو ۽ جنهن جي تلافي اڄ تائين ٿي نه سگهي، سو هيءُ هو ته علم ۽ ادب جا چمن، جيڪي صدين کان سرسبز هئا، سي اجڙي ويا؛ روحاني فيض ۽ رشد و هدايت جا مرڪز، جتان تصوف ۽ عرفان جا چشما ڦٽي نڪرندا هئا، سڪي خشڪ ٿي ويا؛ اهي خانقاهون، جن مان معرفت ۽ عظمت الاهيءَ جا نغما ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، سي ويران ٿي ويون؛ مدرسا جن مان علم ۽ فضل جا درياهه وهندا هئا، سي تباهه ٿي ويا.

جڏهن يوسف ميرڪ جو ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ايڊٽ ڪيائين ته ان ۾ وڏيءَ محنت سان ملڪہ نورجهان جا مادري ۽ پدري شجرا ٺاهي، اهو ڏيکاريائين ته سندس خاندان مغل سلطنت ۾ ڪيئن ”ڪئنسر وانگر پکڙجي ويو هو“ * سيوهڻ جي ڊويزن جهانگير نورجهان کي پرائيويٽ پرس ۾ ڏني هئي. پير صاحب جو چوڻ هو ته سيوهڻ جو ڪمشنر نورجهان خود مقرر ڪندي هئي. يوسف ميرڪ مظهر شاهجهانيءَ ۾ جنهن ڪمشنر جو ذڪر ڪيو آهي، سو چمڙي جا ڇوڙا لوڻ جي ڳوڻين ۾ رکائيندو هو ۽ خداءِ جي خلق کي انهن سان ڪٽائيندو هو، ته جيئن زخمن تي لوڻ لڳڻ ڪري، ماڻهن کي عذاب ۾ تڙپندو ڏسي سگهي!

هڪ دفعي مان پير صاحب وٽ ويٺو هوس. ڪنهن شخص سان مغل خاندان بابت بحث ڪري رهيو هو. جهانگير جو ذڪر ڪندي، چيائين ته ڪشمير ۾ هو، جو پٺيان سندس پٽ بغاوت ڪئي. لشڪر کي بغاوت جي ڪچلڻ جو حڪم ڏيئي، جهانگير موٽي لاهور پهتو. شهزادي جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ پاڻ گرفتار ٿيو. جهانگير لاهور جي قلعي ۾ درٻار ڪئي ۽ باغيءَ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شاهي فوج شهزادي جي ساٿين جون منڍيون ڪپي، راويءَ کان قلعي تائين ڪاٺ جي ٿنڀن تي ٽنگيون. پوءِ شهزادي کي چيلهه ۾ زنجير وجهي، راويءَ کان قلعي تائين اهو منظر ڏيکاريندا، گهليندا آيا ۽ جهانگير جي قدمن ۾ آڻي اڇلايائونس. پيءُ پٽ کي ڳراٽڙي پائڻ، قرب ۽ محبت سان نصيحت ۽ هدايت ڪرڻ بدران، مٿس هڪ نگاههِ غلط انداز وڌي ۽ حڪم ڏنائين ته ”اکيون ڪڍي ڇڏيوس.“

محي الدين اورنگزيب جو ذڪر ڪندي، چيائين ته، ”بيجا پور ۽ گولڪنڊي جي جن بادشاهن تي ڪاهي، کين تحس نحس ڪري ڇڏيائين، سي ڪارا ڪافر ڪونه هئا.“ *

پير صاحب پنهنجي تاريخي شعور کي ماضيءَ تائين محدود ڪو نه رکيو. هن پنهنجي دور جي واقعن جو تجزيو ڪيو ۽ انهن متعلق دليرانه موقف اختيار ڪيو. هيڪر ملتان ۾ جلسو هجي، هڪ وفاقي وزير صدارت ڪري رهيو هو. پير صاحب پنهنجيءَ تقرير ۾ ساڻس اهڙي ته تعدي ڪئي جو وزير صاحب جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا.

پوين ڏينهن ۾ ته هو تمام بيباڪ ٿي ويو هو ۽ تکيءَ کان تکي ڳالهه ڀريءَ مجلس ۾ چوڻ کان ڪو نه گسندو هو. ان سلسلي ۾ مٿس ”متعصب سنڌي“ هجڻ جو الزام به لڳو پر پاڻ ڪا به پرواهه ڪانه ڪيائين.

سندس دوست ۽ اردو زبان جي ممتاز اديب، ممتاز مفتيءَ پنهنجي مضمون* ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته هڪ ڏينهن، مون کيس چيو ته ”حسام الدين ماڻهو چون ٿا ته تون متعصب سنڌي آهين؟“

هن گهوري مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ته ”تون متعصب پنجابي نه آهين؟“

مون چيو ”نه.“

”وڏو احمق آهين“ پير صاحب چيو، ”مثبت تعصب کانسواءِ ماڻهو انسان ٿي نٿو سگهي. ماءُ پيءُ جي معاملي ۾ تعصب، خاندان جي حق ۾ تعصب، ڳوٺ جي حق ۾ تعصب، پنهنجي علائقي جي حق ۾ تعصب ۽ وطن جي حق ۾ تعصب.“

جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، سنڌيءَ کي سرڪاري زبان بڻائڻ جو ٺهراءُ آندائين، تڏهن اردو اديبن کيس ”شهناز گل“ جو لقب ڏنو، جنهن تي مصطفى زيدي شاعر کي مارڻ جو الزام هنيو ويو هو. پير صاحب کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر سنڌ سان سندس محبت هيڪاري وڌي ويئي.

جن ڏينهن ۾ ڪورٽ مرحوم ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ته سندس پارٽيءَ جا چڱا ڀلا ماڻهو، جن کانئس ڪيئي فائدا ورتا هئا، سي چپ ٿي ويا. ڪي ٿورا اهڙا هئا، جن سندس جان بچائڻ لاءِ رحم جون اپيلون ڪيون. پير صاحب نڪي سياستدان هو ۽ نه مرحوم جي پارٽيءَ سان واسطو هئس، پر ڀٽو سنڌ جو باشندو هو، ان نسبت سان پير صاحب اپيل جاري ڪئي ۽ سرڪاري عتاب جي ڪا به پرواهه ڪانه ڪئي. پاڻ مون کي ٻڌايائين ته خود سندس وڏو ڀاءُ به اخبار ۾ اپيل پڙهي، ڇرڪي ويو. پر، پير صاحب لحظي لاءِ به نه لڏيو. اٽلندو. پاڻ سيد صاحب وٽ سن ويو ته ”تون به اپيل جاري ڪر.“ سندس خيال هو ته سنڌ جي سمورن اڳواڻن کي اهڙين ڳالهين ۾ ذاتي رنجشون وساري، حسن اخلاق جو مظاهرو ڪرڻ کپي“.

ايراني عالمن سان پير صاحب جا نهايت قريبي مراسم هئا. انهن جي وسيلي آخر خود شاهه ايران سان به سندس شناسائي ٿي. شاهه کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو نه رڳو ساڻس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملاقاتون ڪندو هو، پر پوين ڏينهن ۾ ته کيس شايد اهو اختيار به ڏنو هئائين ته ”تون ايراني حڪومت پاران هيترن هزارن ڊالرن جو ڪنهن به ڌر سان معاهدو ڪري سگهين ٿو. ايران جي حڪومت تنهنجي قول کي پاڙيندي.“ اها ڳالهه پير صاحب خود مون سان ڪئي هئي. مان تن ڏينهن ۾ بورڊ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ويو هئس. مون سان بورڊ جي ڪم جي شڪايت ڪيائين ته تنهنجي وڃڻ کانپوءِ بورڊ جو ڪم بريءَ طرح متاثر ٿيو آهي. چوڻ لڳو ”جيڪڏهن هنن ڳريلن ۾ جان هجي ۽ پنهنجن فارسي ڪتابن جا سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجما ڪرائين ته مان ايران جي حڪومت پاران ساڻن هزارن ڊالرن تائين معاهدو ڪري سگهان ٿو.“

پر انهيءَ عزت افزائي ڪري، پاڻ ايران جي حقيقي حالتن بابت ڪڏهن به غلط راءِ قائم نه ڪيائين. پنهنجا ڪن ۽ پنهنجيون اکيون کليل رکيائين، ڇو ته شاهه ايران جي ڏينهن ۾ ايران جي شهرن جي ڇا حالت هئي، ان جو اندازو فقط اهي ماڻهو لڳائي سگهن ٿا، جن ان زماني جو ايران اکين سان ڏٺو. ”تخت طائوس جي پٺيان“ ڪتاب جي مصنفه هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”ٻيو ته ٺهيو پر خود شاهي خاندان جي حالت اها هئي ته شاهه جي ڀيڻ، شهزادي اشرف پهلوي، هر سال ڏکڻ فرانس ويندي هئي، جتي لکين ڊالرن جي جوا کيڏندي هئي، ۽ هر ڀيري نئين نئين عاشق سان دادِ عيش ڏيندي هئي. هڪ دفعي مٿس حملو به ٿيو. فائرنگ ۾ سندس عاشق مارجي ويو. پاڻ بچي ويئي.“ *

ايراني حڪومت جا جيڪي ڪارڪن پاڪستان ۾ ملازمت ڪندا هئا، سي هر سال موڪلن جا ڏينهن پئرس ۾ موج مزي ۾ گذاريندا هئا. هڪ دفعي منهنجي اڳيان پير صاحب هڪ ايراني عملدار کان پڇيو ته ”موڪلن ۾ ڪهڙو پروگرام آهي؟“ هن جواب ۾ چيو ته ”پاريس (پئرس) وڃڻ جو خيال آهي.“

پير صاحب سختيءَ سان چيس ته، ”اوهان ايرانين سان منهنجي محبت پنهنجيءَ جاءِ تي آهي. پر مان طوفان جا آثار ڏسي رهيو آهيان. جنهن کان پڇان ٿو ته ڪاڏي ويندين، سو ٿو چوي ته پاريس! ياد رکو ته ايران ۾ اهو طوفان ايندو، جو اوهان جون وايون ولڙيون ٿي وينديون. سِرَ سِرَ سان ٽڪرائبي. اوهان ڪک پن وانگر اڏامي ويندؤ.“

جڏهن ايران ۾ انقلاب آيو، تڏهن اهو ساڳيو عملدار، ڪنهن ريت، ايران مان کسڪي پاڪستان پهتو ۽ هتان ڪئناڊا ويو. منهنجي ساڻس ڪراچيءَ ۾ اوچتي مختصر ملاقات ٿي ويئي. ملڻ سان ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته ”پير صاحب سچ چوندو هو. ان زماني ۾ سندس اکر اسان کي تکا لڳندا هئا، پر هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته سندس قول ۾ سورهن آنا صداقت هئي. تاريخ جي وهڪري تي سندس دور – رس نگاهه هئي.“ *

پوين ڏينهن ۾ ته پير صاحب جون تقريرون ٻڌڻ وٽان هيون. سندس ٻه تقريرون مون کان اصل نه وسرنديون. هڪ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جي آڊيٽوريم ۾ ڪيائين. ڀلجان نٿو ته الياس عشقي صاحب ڊئريڪٽر هو ۽ موضوع غالباً ”چچ نامو“ هو. مون محسوس ڪيو ته اهلِ سنڌ کي شناس هجي ته جيڪر شهر شهر ۾ جلسا ڪري، پير صاحب کان تاريخ تي ليڪچر ڏيارين.

ٻي تقرير ملتان ۾ ڪيائين. موضوع ”سنڌ ۽ ملتان جا تاريخي لاڳاپا“ هو. ڇا تقرير هئي. علم جو درياءُ وهي رهيو هو. مون پنجاهه ورهين جي زندگيءَ ۾ جيڪي غير معمولي تقريرون ٻڌيون آهن، تن ۾ ٽن ماڻهن جون تقريرون ڪڏهن به وساري نه سگهندس. هڪ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جون تقريرون. انهن ۾ ”الهامي آواز“ جو پڙلاءُ هوندو هو. ٻيو لاهور ۾ سنه 1962ع ۾ ملڪ راج انند جي تقرير. پاڻ به رنو ۽ لاهور جي باشندن کي به رئاريائين (تازو ڪلڪتي ۾ اخبار ۾ سندس لاجواب مضمون پڙهيم). ٽين پير صاحب جي ملتان واري تقرير ڪا اک نه هئي، جا ڳوڙهن سان ڀريل نه هئي. پير صاحب جي ڳلن تي به ڳوڙهن جا موتي چمڪي رهيا هئا. جڏهن تقرير ختم ڪيائين ته ڀريل ڳلي سان چيائين ته ”حياتيءَ جو جام ڀرجي آيو آهي. شايد ايندڙ سال اوهان هي آواز به ٻڌي نه سگهو.“ هال ۾ سناٽو ڇانئجي ويو. ماڻهو ڄڻ ته پنڊ پاهڻ ٿي ويا. جڏهن اسٽيج تان هيٺ لٿو ته وڏ ڦڙي مينهن وانگر تاڙيون وڄڻ لڳيون ۽ ماڻهو ديوانه وار، سندس هٿ چمڻ لڳا. ملتان جي نيشنل سينٽر جو ڊائريڪٽر غضنفر مهدي، ان واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي. اهو منظر مون کان عمر ڀر وسري نه سگهندو.

پير صاحب تاريخي ڪتابن جي تصنيف ۽ تاليف تي وڏي محنت ڪندو هو. ڪو به اهم تاريخي واقعو رڪارڊ ڪرڻ کان اڳ ان جي صحت جي تصديق ڪندو هو. ان مقصد لاءِ لنڊن جي انڊيا آفيس لئبريري، برٽش ميوزيم، جرمنيءَ جي بالڊين لئبرري ۽ هندستان جي رامپور لئبرريءَ مان فوٽو اسٽئٽ ڪاپيون ۽ مئڪرو فلمون گهرائنيدوهو.

اهي ذريعا ته مون کي معلوم آهن. انهن کان علاوه ڪٿان مواد جمع ڪندو هو، سو مان چئي نٿو سگهان. ايتري خبر اٿم ته جڏهن مير معصوم تي ڪتاب لکي رهيو

 

 

پير حسام الدين راشدي

هو ته سندس ڪتبن کي پڙهندو بجنسي پاڻ ايران ۽ افغانستنا وڃي نڪتو. مير معصوم جي عادت هوندي هئي، ته هو هنڌين ماڳين، پٿر جي ڇپن، تي پنهنجا ڪتبا لکائيندو ويندو هو. اها ڳالهه پاڻ مون کي ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ٻڌائي هئائين ته افغانستان ۾ فلاڻن فلاڻن هنڌن تي مير معصوم جا ڪتبا پڙهيم.

پير صاحب جي عادت هوندي هئي ته صبح جو ناشتو ڪري، انگريزن وانگر، اعلى درجي جو سوٽ ڪوٽ نيڪ ٽاءِ پائي، پنهنجيءَ لئبرريءَ ۾، لکڻ جي ميز ڪرسي اچي والاريندو هو. انگريزي طرز زندگيءَ کان متاثر  هو. بيت الضياءَ ۾ سندس سمهڻ جي ڪمري ۾ فقط ونسٽن چرچل جي تصوير رکيل هوندي هئي. علي رضا هائوس ۾ دوستن مان ڊاڪٽر شمل ۽ نواب نور احمد لغاريءَ جون تصويرون رکيائين ۽ ڪجهه گهر جي ڀاتين جون.

منجهند جي مانيءَ تائين مسلسل لکندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اصل ڪتاب ۾ ڪو رنگين شعر اچي ويندو هو، ته جهومي اٿندو هو ۽ ڪا دير اهو شعر هلڪي آواز ۾ جهونگاريندو رهندو هو. ڪڏهن لکي لکي ٿڪبو هو، ته دل وندرائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي صدر ۾ چڪر تي هليو ويندو هو.

منجهند جي ماني کائي لازمي طرح آرام ڪندو هو. شام جي چاءِ پي، يا ڪنهن يار دوست وٽ ويندو هو يا وري ڪراچيءَ جي صدر بازار جا چڪر ڏيندو هو. جتي سندس پهريون ٿاڪ اردو ڪتابن جو دڪان ڪتابستان پوءِ آغا فرزانه جو فارسي ڪتابن جو دڪان ۽ پوئين زماني جو ٿاڪ حميد ڪاشميريءَ جي ڪتابن جو دڪان هوندو هو.

ڪتابن کانپوءِ ٻئي نمبر تي کيس جنهن شيءِ جو گهڻي ۾ گهڻو شوق هو، سا هئي فوٽو گرافي. قسم قسم جون اعلى درجي جون ڪئميرائون خريد ڪندو هو. چڱو انبار گڏ ڪيو هئائين. سندس ڪڍيل تصويرن جو ته شمار ئي ڪونهي. ٻه تصويرون منهنجون به ڪڍيائين: هڪ علامه قاضيءَ ۽ سندس گهرواريءَ سان گڏ ۽ ٻي ملتان ۾ رڪن عالم جي روضي اڳيان.

پير صاحب کي عمدن ڪپڙن پائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ولائتي سوٽ به سبائيندو هو ۽ ديسي به. بوٽ به سٺا سٺا وٺندو هو. ڪنهن زماني ۾ ٽوپلو به پائيندو هو. سولو هئٽ به ۽ فليٽ هئٽ به.

پوين ڏينهن ۾ صوفياڻي راڳ ٻڌڻ جو شوق به ٿيس. ريڊيا ۽ ٽيپ رڪارڊر ته هونئن ئي گهڻا هئس، پر پوين ڏينهن ۾ نواب نور احمد لغاريءَ هڪ شاهي ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊر ڏنس. الحمرا سوسائٽيءَ واري گهر جي لئبرريءَ ۾ کيس اڪثر ڪري انهيءَ ٽيپ رڪارڊر تي سنڌي ڪلام ٻڌندي ڏسندو هوس. اهو زمانو اهو هو، جڏهن سمجهيائين ٿي ته حياتيءَ جو گهڙيال سالن تان هلي، هاڻي اچي مهينن تي بيٺو آهي.

انهن ئي ڏينهن ۾ پيرن فقيرن جي آستانن تي وڃڻ شروع ڪيو هئائين. قلندر شهباز ۾ ته شروع کان ئي سندس وڏو اعتقاد هو.* غوث بهاول الحق ملتانيءَ جي روضي تي مون سان گڏ ڪيئي دفعا دعائون گهريائين. اُچَ شريف جي اوليائن ۽ پاڪ پٽڻ تي بابا فريد گنج شڪر جي ابدي آرام گاهه تي دعا گهرڻ لاءِ خاص ماڻهو موڪليائين.


*   جڏهن مان چين گهمي آيس ته آغا يوسف مون کان خاص طرح شانگهائيءَ جو احوال ورتو. پوءِ پاڻ ٻڌايائين ته انقلاب کان اڳ شانگهائيءَ جي اها حالت هئي ته هوٽلن جي هيٺان تهخانا هوندا هئا. انهن ۾ ڪروڙ پتي امير ڪيمخواب جي بسترن تي ليٽيل هوندا هئا. سندن پاسن کان نوجوان حسين زالون هونديون هيون، جي آفيم جون گوليون تماڪ ۾ ويڙهي، کين ڦل ٺاهي، پائيپ ۾ ڇڪڻ لاءِ ڏينديون رهنديون هيون. اهي امير سڄو وقت ان طرح آفيم جي نشي ۾ ٻڏا پيا هوندا هئا.

*  اهو ڪتاب ابو سلمان شاهجهانپوريءَ لکيو هو. ڪتاب جو نالو غالباً غازي عبدالرحمان شهيد هو.

*   موڪلائڻ مهل زماني جي دستور موجب هڪ لفافو منهنيج کيسي ۾ وڌائين. مون کانئس ان ڳالهه جي مافي وٺڻ لاءِ کيس ٻانهون ٻڌيون ته جواب ۾ پاڻ ٻه ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو ۽ چيائين ”بابو ٿيءُ. منهنجو چوڻ مڃ. مون کان ننڍو آهين.“ لفافي ۾ پنج هزار رپيا وڌا هئائين.

*   1963ع ۾، سندري اتم چنداڻي سنڌ گهمڻ آئي. جڏهن سنڌ ۾ اديبن ۽ شاعرن سان ملي ته پنهنجي راءِ قائم ڪيائين. روهڙي ريلوائي اسٽيشن تي موڪلائڻ مهل، پنهنجو تاثر بيان ڪرڻ لاءِ رازادارانه انداز ۾ مون کي چيائين، ”رباني، ڪي ماڻهو وڏا فنڪار هوندا آهن، پر ننڍڙا انسان. ڪي ننڍڙا فنڪار هوندا آهن پر وڏا انسان.“

*   ڏسو برهانپور ڪي سنڌي اولياء صفحو 404

*   حڪيم محمد سعيد ”پير حسام الدين راشدي اور ان ڪي علمي ڪارنامي“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي، ”ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ ۾ هڪ اهڙي شخصيت اڀري رهي هئي. جنهن جون دوررس نگاهون پنهنجي قديم علمي سرمايي ۾ منهمڪ هيون. اها شخصيت پير حسام الدين راشديءَ جي هئي، جو اسلامي عهد جي سنڌ جي ادبي، علمي ۽ تاريخي تحقيق جي اقليم جي تاجدار جي حيثيت ۾ اڌ صدي حڪمراني ڪندو رهيو. موصوف علامه شبلي ۽ سيد سليمان ندويءَ جي مڪتبہ فڪر سان منسلڪ هو.“ ”ڏسو برهانپور ڪي سنڌي اولياء“ صفحو 404

*   چون ٿا ته جڏهن حفيظ جالنڌريءَ ”شاهنامہ اسلام“ لکيو ته جوش مليح آباديءَ مٿس هڪ شعر چيو:

اسلام کا شاهنامہ لکهني والي
اسلام کا شاهي سي تعلق کيا هي؟

*  ڏسو تاريخ مظهر شاهجهاني، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ.

*  ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪريءَ مون کي ٻڌايو ته ”گولڪنڊي جي تاجدار ابوالحسن شاهه تانا، اورنگزيب جي پٽ کي چيو ته اوهان اسان تي ڇو ڪاهيو آهي؟ هن چيس ته ان ڪري جو اوهان مرهٽن کي اسان سان وڙهڻ لاءِ ڀڙڪايو ٿا. ابوالحسن شاهه تانا چيس ته مرهٽن جي اسان کي اڳيان ڪهڙي حيثيت آهي؟ هو ته اسان جا نوڪر آهن.

ڊاڪٽر مهڪريءَ جو چوڻ آهي ته اورنگزيب جي ڪاهه جو اصل سبب اهو هو ته گولڪنڊي وارا سني ڪو نه هئا.

*  ڏسو سہ ماهي ”ادبيات“ اسلام آباد صفحو 174

* Minou Reeves: Behind the Peacock ThronE, p.p. 49.

*   ان جو مطلب اهو ڪونهي ته پير صاحب خميني حڪومت جي فائدي ۾ هو. هڪ ته انهن ڏينهن ۾ حافظ، سعدي ۽ خيام جهڙن ”آفاقي شاعرن“ کي ”طاغوتي شاعر“ ڪوٺيو ويو، ٻيو ته ايران عراق جي جنگ لڳي. انهن ڳالهين پير صاحب کي ڏاڍو ڏکويو. خميني حڪومت جنگ شروع ڪانه ڪئي هئي. پر ان کي سالن جا سال جنگبندي منظور به ڪا نه هئي. انهيءَ پاليسيءَ جي نتيجي طور ايران ويران ٿي ويو. 10 لک ماڻهو موت جو شڪار ٿيا.

*   جڏهن (مرحوم) ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ته پير صاحب جي وڏي ڀاءُ سان سندس خاندان جا اختلاف هئا، جنهن جون اخبارن ۾ به عام جام خبرون آيون هيون. پير صاحب چيو ته مان قلندر شهباز تي دعا گهرڻ ويس. اڃا مزار تي موجود هوس، جو هڪ ڳورو ڀريل بدن وارو ماڻهو آيو ۽ مون کي اچي پيرن تي هٿ رکيائين. مان کيس ڪو نه سڃاڻندو هوس. سمجهيم ته غيبي اشارو آهي ته طاقت تنهنجي قدمن ۾ آهي. مان سيوهڻ مان ڪراچيءَ موٽي آيس. ٻن چئن ڏينهن ۾ ڀٽي صاحب جي پنڊيءَ مان کيس خودبخود فون آئي ته ”چاچا، هاڻي ته سڀڪجهه پنهنجي هٿ ۾ آهي. ڪا سهڻي صلاح ڏيو.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org