غلام رباني ممتاز حسن پير صاحب
ڊاڪٽر شمل
مون چيو، ”ممتاز حسن، ڊاڪٽر شمل...“
رحيم بخش منهنجي ڳالهه ڪاٽي چيو ته ”منهنجي خيال موجب پير صاحب
جو دوست، پير صاحب جو ڀاءُ، پير صاحب جو اولاد
تون ئي هئين.“
هڪ دفعي پير صاحب جي مان ۾ حيدرآباد ۾ ڪو جلسو ٿي رهيو هو. سندس
دوستن ۽ احبابن کي مٿس مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو.
سنگت مون تي به زور رکيو پر مون معافي ورتي. پير
صاحب چيو ته، ”مضمون ڇو نٿو لکين؟“
مون کيس جواب ڏنو ته، ”توهان جو دماغ خراب ٿيو آهي ڇا؟ مان
اوهان تي مضمون لکي سگهندس؟“
هو خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ ڏکاري لهجي ۾ چيائين ته
”منهنجي مرڻ کانپوءِ لکندين!“
حقيقت اها آهي ته مان سندس مرڻ کانپوءِ به ڪافي عرصي تائين مٿس
قلم کڻڻ جهڙو ڪو نه هئس. توڙي جو سندس ياد ۾
”مهراڻ“ رسالي جو ”يادگار – نمبر“ شايع ڪيم. ان
۾ ”نذرانه عقيدت“ جي عنوان سان ابتدائي ڪلمات
لکيم ۽ نالي ڳڻائڻ لاءِ پير صاحب جي تاري
خنويسيءَ تي ٻه چار صفحا به رهڙي ورتم.
اصل ڳالهه اها هئي ته پير صاحب منهنجي ايڏو ته قريب هو، جو مٿس
مضمون لکڻ لاءِ کيس پاڻ کان پري ڪري ڏسي ئي نٿي
سگهيس.
جڏهن هيءُ جهان ڇڏيائين ته خبر ٻڌڻ شرط حيدرآباد مان ڪراچيءَ
ويندي سارو رستو موٽر ۾ روئندو ويو هئس. سندس
رهائشگاهه تي پهچڻ سان ته اصل ڇهه ئي ڇڄي پيا.
حسين شاهه نظر پوڻ سان ڊوڙندو آيو ۽ ڀائرن وانگر
ڀاڪر پائي ”ادا“ ”ادا“ ڪندو، ڏڍ ڏيندو رهيو. پر
روئڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ جيڪي وڃڻ وارا آهن، سي ٿورو
ئي موٽي ٿا اچن؟ ڪڏهن وڇڙيا به وري مليا آهن؟
وارث شاهه چيو آهي:
هير آکدي جوگيا جوٺ آکين، ڪو نه رٺڙي يار ملاوندا اي
ايها ڪوئي نه مليا مين ڍونڍ ٿڪي، جيهڙا گيا نون
موڙ لياوندا اي
ساڏي چم ديان جتيان ڪري ڪوئي، جيهڙا جيودا روگ
گواوندا اي
ڀلادس ڪهان چرين وڇنيان نون، ڪدون رب سچا گهرين
لياوندا اي
ڀلا موئي تي وڇڙي ڪون ميلي، ايوين جيوڙا لوڪ
ولاوندا اي
(هير ٿي چوي ته جوڳي تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، رٺل يارن کي ڪير
ملائيندو؟ اهڙو ڪو به ڪو نه مليو، مان ڳولي ٿڪس،
جيڪو ويلن کي موٽائي! اسان جي چم مان اهو جتيون
ٺاهي پائي، جيڪو جيءَ جو ڏک ڏور ڪري! ڀلا ٻڌاءِ
ته ڪڏهن ورهين جي وڇڙيلن کي سچو رب موٽائي گهر
آڻيندو؟ ڀلا مئلن ۽ وڇڙيلن کي ڪير ملائيندو، لوڪ
ائين ئي دل کي دلبو ڏيندوآ.)
* * * *
سنه 1957ع جي آڪٽوبر مهيني جي ڳالهه آهي.
مان ماهنامي نئين زندگيءَ مان نوڪري ڇڏي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ نئون
نئون اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرر ٿيو
هئس. جويو صاحب سيڪريٽري هو.
پير صاحب جو مقرر نيم هوندو هو ته ڪچڙيءَ منجهند جو يارهين ساڍي
يارهين ڌاران ڪراچيءَ جي صدر بزار جو چڪر ڏيئي،
بندر روڊ، تي بورڊ جي آفيس ۾ ايندو هو ۽ ڪلاڪ اڌ
جويي صاحب سان ڪچهري ڪري، مانيءَ مهل موڪلائي،
پنهنجي گهر (جشميد روڊ، ”بيت الضيا“) هليو ويندو
هو.
هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هئس، جو اوچتو دروازي مان پير
صاحب اندر داخل ٿيو ۽ چيائين ته ”بابا، تو وٽ
سگريٽ آهي؟“
مان کيس ڏسي ادب سان اٿي بيٺس ۽ ميز جي خاني مان پليئر نمبر 3
جو پاڪيٽ ڪڍي سندس اڳيان رکيم.
پير صاحب کي هيڊي رنگ جي بش شرٽ ۽ سفيد پينٽ پاتل هئي. سندس مٿي
۾ اڇا ۽ ڪارا وار هڪجيترا ٿي لڳا. سگريٽ
دکائيندي، پاڪيٽ مون کي موٽائي ڏيندي چيائين ته
”بابا تون ته ڏاڍا اوچا سگريٽ ٿو ڇڪين؟
*
اهو پهريون دفعو هو، جو هو مون سان هم ڪلام ٿيو هو. ان کان اڳ
سندس هڪ پيغام مليو هئم.
سنڌ ادبي سنگت ڪراچيءَ افسانن جي چٽا ڀيٽي ڪرائي هئي. مان به ان
۾ شريڪ ٿيو هئس. ججن منهنجي ئي افساني کي پهريون
نمبر ڏنو هو. جج ٽي ڄڻا هئا: (1) بيگم زينت
عبدالله چنا (2) عثمان علي انصاري ۽ (3) پير
حسام الدين راشدي. (هاڻي ويچارا ٽئي الله کي
پيارا ٿي ويا آهن).
پير صاحب افسانو پڙهڻ کانپوءِ مون کي چوائي موڪليو هو ته
ربانيءَ کي چئجو.
جهونا ڳڙهه جهُرندو
پوندي جهان ءِ جهروڪ ۾
تيستائين پير صاحب سان منهان منهن منهنجو تعارف ڪو نه ٿيو هو.
جيتوڻيڪ ڪيترا سال اڳي بابا سائينءَ کان ٻڌو هئم
ته ”پير حسام الدين راشدي سنڌ جو هڪ وڏو عالم
آهي.“
سندس پهريون پهريون ديدار سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ جويي صاحب
وٽ ٿيو. تن ڏينهن ۾ مان مرحوم مولانا عبدالواحد
سنڌيءَ سان گڏ ماهنامي ”نئين زندگيءَ“ جي آفيس ۾
ڪم ڪندو هئس. پير صاحب اسان کان اڳ بورڊ جي آفيس
۾ جويي صاحب وٽ ويٺو هو ۽ لطف الله بدويءَ سان
محمود غزنويءَ متعلق بحث ڪري رهيو هو. بحث جي
آخر ۾ بدوي صاحب کي مخاطب ٿي چيائين، ”غزني تو
ڏٺي آهي يا مون؟“
اسان تي به پير صاحب جي علم جو رعب ڇانئجي ويو.
ٿورا گهڻا ڏينهن گذاريا ته ساڻس ٻيءَ ملاقات جو قدرت موقعو پيدا
ڪيو.
مئڪملنس ڪمپنيءَ جو نمائندو پاڪستان پهتو. سرڪار کيس اسان جي
کاتي محڪمه مطبوعات
(D.F.P)
۾ موڪليو. جلال الدين احمد ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو
هو. مون کي نئين زندگيءَ جي آفيس مان سڏائي
چيائين ته ”هن شخص کي پير صاحب جي گهر وٺي وڃ.
مون ساڻس فون تي ڳالهائي ڇڏيو آهي.“
اسان جڏهن پير صاحب وٽ پهتاسين ته اسان جو انتظار ڪري رهيو هو.
کيس عمدو انگريزي سوٽ ڪوٽ پاتل هو. ڪافي
گهرايائين ۽ مهمان کان حال احوال ورتائين. هن
چيس ته ”اسان مشرقي ادب جو انگريزيءَ ۾ انتخاب
شايع ڪري رهيا آهيون. مصر مان ڪم لاهي، پاڪستان
پهتو آهيان. سرڪار صلاح لاءِ اوهان وٽ موڪليو
آهي. ٻڌايو ته ڪهڙا ناول، افسانا ۽ ناٽڪ ترجمي
لاءِ موزون ٿيندا؟“
پير صاحب چيس ته، ”اهو ته هي نوجوان اوهان کي ٻڌائي سگهندو؟“
”تڏهن توهان ڪهڙي موضوع تي ڪتبا لکندا آهيو؟“
”تاريخ“ پير صاحب هڪ لفظ ۾ جواب ڏنو.
”ظاهر آهي ته اسان جي دلچسپي اوهان جي ملڪ جي موجوده معاشري ۾
آهي، جنهن جو ترجمان جديد تخليقي ادب آهي.“
گفتگو اتي ختم ٿي. اسان، پير صاحب کان موڪلائي آياسين.
اهي هيون پير صاحب سان ابتدائي ملاقاتون. مان سندس ويجهو آيس ۽
قرب ۾ ڪڙجي ويس سو سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت
دوران.
* * *
هڪ دفعي پير صاحب مون کي چيو ته ”رباني پنهنجو تعلق بورڊ جي ڪري
آهي. ائين نه؟“ سندس مطلب هو ته بورڊ سندس ڪتاب
ڇاپي ٿو، ان ڪري بورڊ ۾ سندس دلچسپي آهي. مان
بورڊ جو سينيئر ملازم آهيان، پاڻ وري بورڊ جو
سينيئر ميمبر آهي، ان ڪري اسان ٻنهي جو تعلق
باهمي مفاد تي مبني آهي.
مون جواب ۾ چيو ته ”هائو، سائين“.
منهنجي ائين چوڻ شرط کانئس به کل نڪري ويئي ۽ مون کان به.
ماڻهن جي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جو بنياد ڪهڙيءَ به ڳالهه ڪري هجي،
پر جيڪڏهن ٻنهي جي سڀاءَ ۾ ڪي ڳالهيون هڪجهڙيون
آهن، ته اهو تعلق اڳتي هلي، دوستيءَ ۽ قرب جو
باعث بڻجي ٿو.
پير صاحب ۽ منهنجي معاملي ۾ به ائين ئي ٿيو. هڪ دفعي مون کي
چيائين ته ”بابا، مون ۾ ته هاڻي تو سان ڇنڻ جي
طاقت ڪانهي. تو ۾ هجي، ته هجي.“
مون کي اهڙا ماڻهو وڻندا آهن، جيڪي طبيعت جا سخي هجن. دل کولي
ٽهڪ ڏيئي سگهن ۽ وقت تي ڳراٽڙي پائي، گڏ روئي به
سگهن. دوستي رکڻ سان گڏ، دوستي نڀائڻ به ڄاڻن.
پير صاحب ۾ اهي خوبيون هيون.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسان جو اهو مقرر نيم هوندو هو ته سڄو ڏينهن
آفيس جو ڪم ڪري، شام جو مان ۽ جويو صاحب بندر
روڊ سان پنڌ ڪندا، شاهه صاحب جي. ايم. سيد جي
بنگلي تي هليا ويندا هئاسين. هو تن ڏينهن ۾ بورڊ
جو نائب صدر ۽ ان جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو صدر
هوندو هو. سندس بنگلي تي روزانو جيڪا ڪچهري
ٿيندي هئي، تنهن جا ٻيا مستقل ميمبر هوندا هئا:
شيخ عبدالمجيد سنڌي، رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙي، پير
حسام الدين راشدي، ڪامريڊ، عبدالقادر، يار محمد
ٽانوري ۽ پوهو مل، ٻئي ٽئين ڏينهن حاتم علوي،
الله بخش گبول ۽ شاهه صاحب غلام مصطفى شاهه به
اچي نڪرندا هئا.
اهي سڀ ڄڻ ته شاهه صاحب جي گهر جا ڀاتي هوندا هئا ۽ ڪچهريءَ
دوران ساڻس رات جي مانيءَ ۾ به شريڪ ٿيندا هئا.
الله بخش گبول ڪڏهن ڪڏهن ڪباب پارٽي ڪندو هو.
ٻڪر ڪهائي، سيخ ڪباب ٺهرائي، ٿالهن جا ٿالهه
ڀرائي کڻي ايندو هو.
رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ جي طبيعت ۾ مذاح جو رنگ آهي. سو ڪا نه
ڪا کل ڀوڳ جي ڳالهه سوچيندو رهندو هو. سندس طعني
۽ تنڪي جو مکيه مرڪز هوندو هو، آنجهاني پوهو
جنهن کي رئيس ”بيريا“ ڪوٺيندو هو. بيريا اسٽالين
جي ڏينهن ۾ روس جي جاسوسيءَ جي وزارت جو سربراهه
هوندو هو.
رئيس کي حاضر جوابيءَ تي به ڏاڍو ملڪو هوندو هو. ون يونٽ ٺاهڻ
کان پوءِ، هڪ دفعي خانبهادر کهڙو کيس مليو ۽
چيائيس ته ”رئيس تون سنڌ جون ڳالهيون ڪندي چوندو
آهين ته اڳي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جون سرحدون ڪشمير
تائين هونديون هيون. سو، مون ون يونٽ ٺاهي،
اوهان کي سنڌ جون سرحدون وڌائي ڏنيون آهن.“
رئيس چيو ته مون کي چرچو سجهي آيو سو کلي، کيس ٺهه پهه جواب ڏنم
ته ”خانبهادر اها ته اوهان جي وڏي مهرباني. پر
ون يونٽ سنڌ لاءِ ايڏيون ته انتظامي مشڪلاتون
پيدا ڪيون آهن، جو اسان سوچيو آهي ته اوهان کي
عرض ڪيون ته سرحدن کي اڃا به ڪجهه اڳڀرو وڌائي
ڏيو.“
اهو ٻڌي خانبهادر کهڙو گهٻرائجي ويو ۽ چوڻ لڳس ته ”ميان، تون ته
ڪو خطرناڪ ماڻهو آهين“.
شاهه صاحب جي ايم سيد جي بنگلي تي ڪچهريءَ جو رنگ ان وقت ڄمندو
هو، جڏهن پير حسام الدين راشدي ايندو هو. اچڻ
شرط پڇندو هو ته، ”سيد اڄ مانيءَ ۾ ڇاهي“؟
جيڪڏهن ماني سندس مرضيءَ موجب هوندي هئي ته
ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. نه ته گهڙي کن ويهي
موڪلائي ويندو هو ۽ بعضي ته اسان کي پاڻ سان گڏ
گهر وٺي ويندو هو ۽ ماني کارائين ڪچهري ڪندو هو.
رئيس ڀرڳڙيءَ جو پهوءَ سان چرچو گهٻو جاري رهندو هو ته پير صاحب
جو وري شڪار هوندو هو مولوي خسرو.
مولوي خسرو هندستان مان مهارج ٿي آيو. خبر ناهي ته ڪيئن شاهه
صاحب جي ايم سيد وٽ پهتو ۽ سندس مهمان ٿيو. هفتو
گذريو، ٻه گذريا، ٽي گذريا. پر مولوي خسرو وڃي
ڇو ٿو؟ تان ته ٻارهن مهينا ڦري آيا، ٻه سال
گذري، ٽي سال گذريا. مولوي خسرو شاهه صاحب جو
مهمان. ان وچ ۾ سندس بنگلي جي هڪ ڪمري تي قبضو
ڪيائين. سو هيئن ته ڪنهن کي به ان ڪمري ۾ پير
پائڻ جي اجازت ڪا نه هوندي هئي. نوڪرن کي ايتري
موڪل هئي ته گهر جي بورچيخاني مان ٽه وقتي ماني
خومچن ۾ کڻي، کيس ڪمري ۾ ڏيئي وڃن ۽ شام جي
چاءِ. ان کان علاوه ڪمري ۾ پير نه پائن.
مولوي خسري جي دعوى هئي ته پاڻ وڏو عالم آهي. سو پير صاحب اچڻ
شرط کيس پاڻ وٽ سڏيندو هو ۽ ساڻس ڪتابن جون
ڳالهيون ڪڍندو هو ۽ جڏهن هو پير صاحب کان
موڪلائي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندو هو ته پير صاحب
کيس پٺيان بجو ڏيئي، شاهه صاحب کي چوندو هو ته
”سيد هن مردود مان جان نٿو ڇڏائين.“ پر شاهه
حضور شرم ماڻهو، سو تڏي آيل مهمان کي ڪيئن چوي
ته هليو وڃي. بهر حال چئن پنجن سالن بعد هڪ
واقعو ٿيو، جنهن ڪري، مولوي خسري پنهنجي عافيت
ان ۾ سمجهي ته پاڻ ازخود ٽپڙ ٻڌي، ڪيڏانهن هليو
وڃي.
شاهه صاحب جي ايم سيد جي ڪچهريءَ جا سوين موضوع هوندا هئا. بورڊ
جون دفتري ڳالهيون ڪي ورلي نڪرنديون هيون. نه ته
گهڻو ڪري اڳئين زماني، پراڻن يارن ۽ ڪتابن جا
قصا هوندا هئا. شاهه صاحب ون يونٽ ٺهڻ بعد ڪو
زمانو جيل ۾ گذاريو هو. سو ڪڏهن ڪڏهن اهي قصا به
ڪڍندو هو ته سياسي قيدين کي ذهني اذيت ڪيئن ڏني
ويندي آهي؟ ان سلسلي ۾ آخرڪار جويي صاحب جي چوڻ
تي هڪ مضمون لکيائين جو ”نظربنديءَ جا ايام“
عنوان سان مهراڻ ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه شاهه
صاحب سنڌ جي تصوف، تاريخ ۽ تذڪري جون ڳالهيون
ڪڍندو هو، جن ۾ جان وجهڻ وارو ماڻهو هوندو هو
پير حسام الدين راشدي.
تن ڏينهن ۾ شاهه صاحب کي سنڌ جي ساداتن جي شجري ٺاهڻ جو شوق
کنيو بيٺو هو، سو، ان باري ۾ پير صاحب سان صلاح
مشورو ڪندو رهندو هو. پر، پير صاحب کي اها ڳالهه
مزو ڪا نه ڏيندي هئي، سو جواب ۾ چوندو هئس ته
”فلاڻيءَ پيڙهيءَ کانپوءِ سنڌ جي سيدن جو شجرو
ملي ئي ڪو نه ٿو ۽ مٿي هلي بولڻ شاهه ۽ ان قسم
جا ٻيا نالا ملن ٿا، جي خالص سنڌي آهن، منجهن
عربيت ڪا به ڪانهي. ان جو مطلب ته اسان سنڌ جا
سيد تاڃي پيٽي سنڌي آهيون.“
پير صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي شاهه صاحب کلي ڏيندو هو. خبر ناهي ته
اها مذاق ڪئين پنجاب وڃي پهتي. لائلپور جي پاسي
هڪ هفتيوار اخبار ۾ پهرئين صفحي پير صاحب جي
نالي سان هڪ ڊگهو بيان شايع ٿيو ته سنڌ جي ممتاز
تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ جو خيال آهي
ته سنڌ جا سيد اصل ۾ ڀيلن ۽ ڪولهين جو اولاد
آهن.
جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته ريجهو مل نالي هڪ واڻيو محبت
ديري جتوئيءَ مان اسان جي ڳوٺ ۾ صبح جو سوير
گهور ڪرڻ ايندو هو. مٿي تي هڪ لوهي ٿالهه هوندو
هوس. ڳوٺ جي گهٽين مان لنگهندي، هوڪو ڏيندو هو،
”بيہ مرچائي ڪوسو.“
پير صاحب ته اها خبار پڙهي، ايڊيٽر کي ريجهو مل جي مرچائي بيهن
جهڙيون ڪوسيون ڪوسيون گاريون ڏنيون. پر رئيس
ڀرڳڙيءَ کي گهر ويٺي تماشي لاءِ مواد ملي ويو،
سو چوڻ لڳو ته مان ان ايڊيٽر کي دعوت ڏيئي سنڌ ۾
گهرايان ٿو ته هت اچي ۽ پاڻ سنڌ جي سيدن سان
ملاقاتون ڪري، سندن حسب نسب جي مستند معلومات
ڪٺي ڪري.
هڪ دفعي هاسانند جادوگر، شاهه صاحب جي ايم سيد وٽ اچي نڪتو.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ مان لڏي هندستان هليو
ويو هو. اتان سالن کانپوءِ سنڌ گهمڻ آيو هو ۽
سيٺ سکديو سان گڏجي شاهه صاحب جي سلام تي آيو
هو. اسان ننڍي هوندي سندس جادوءَ جا ڪيئي قصا
ٻڌا هئا. سو چيوسونس ته ڪجهه تماشو ڏيکار.
چيائين ته مان سامان کڻي ڪو نه آيو آهيان.
بهرحال اسان جي زور ڀرڻ تي چانديءَ جو هڪ رپيو
کيسي مان ڪڍيائين ۽ اسان کي چڱيءَ طرح ڏيکاري،
ان کي هٿ سان مهٽو ڏيئي، اسان کي ڏنائين ته ٻه
اڌ هو. چيائين ته ٻئي اڌ ملائي رپيو وري هڪ ڪري
ڏيو. اسان هڻي هڻي بيٺاسين، ڪجهه نه ٿيو. چيائين
ته مون کي ڏيو. هٿ ۾ وٺي، مهٽو ڏيئي، چيائين ته
وٺو. ڏسون ته رپيو رپين جهڙو. پڇا تي ٻڌايائين
ته ”جادو وغيره ڪجهه ڪونهي. رڳو هٿ جي چالاڪي
آهي، جنهن تيزيءَ سان اوهان جون نظرون ڪم ڪن
ٿيون، ان کان وڌيڪ تيزيءَ سان، منهنجو هٿ ڪم ڪري
ٿو.“
پير صاحب اها ڳالهه ٻڌي رئيس ڀرڳڙيءَ ڏانهن نهاريو.
رئيس کلي چيو ته ”اسان هاسانند کي وڃائي، پنهنجو وڏو نقصان
ڪيو.“
پير صاحب پڇيس ته ”اهو وري ڪيئن؟“
رئيس چيس ته ”هاسانند هت هجي ها ته اسان کيس سنڌ جي سياستدانن
جي سکيا جو ڪم سونپيون ها. پوءِ هو اهڙا ته
آڙيڪاپ سياستدان ٿي پون ها، جو ڪو به کين ٺڳي ڪو
نه سگهي ها. سنڌ ونٽ يونٽ جهڙن ڏوجهرن کان بچي
پوي ها.“
شاهه صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي راڳ به ٿيندو هو. هڪ
دفعي سن جي پاسي جو هڪ پنڊت آيو. اسٽيج ڪا نه
هئي. سو، ميز تي چڙهي ويٺو. ڌڪڙ به وڄائڻ لڳو ۽
راڳ به ڳائڻ لڳو. سندس آواز سٺو هو، پر ان ۾ سوز
ڪو نه هو. سندس هڪ سرائڪي ڪلام جون ٻه سٽون
منهنجي دل ۾ کپي ويون:
اکڙيان تيڏيان عقاب
عاشق مارِ شڪار ڪِتوني.
پير صاحب کي پنڊت جي راڳ گهڻو مزو ڪو نه ڏنو. گهڙي کن رکي اٿيو
۽ اسان کي به پنهنجي گهر وٺي هليو. حسب دستور،
رات جي ماني کاڌيسون ۽ پوءِ ڪتابن جا قصا نڪتا.
سنڌي ادبي بورڊ سوين، سنڌي، سرائڪي، عربي، فارسي، اردو ۽
انگريزي ڪتاب شايع ڪيا. ڪي ننڍا سٺ صفحن جا ته
ڪي وڏا ٻن هزارن صفحن جا. ڪي هاڻوڪن عالمن جا
لکيل ته ڪي سنڌ جو اڳوڻن عالمن، مير علي شير
قانع، مخدوم معين، مخدوم محمد هاشم، مخدوم جعفر
بوبڪائي، عبدالحڪيم عطا، منشي عطا محمد
شڪارپوريءَ ۽ ٻين اهڙن برک عالمن جا لکيل.
قديم ناياب نسخن خاص ڪري عربي فارسي ڪتابن جي ڇپائيءَ جا سڀ
امور پير صاحب سان بحث هيٺ ايندا هئا.
جويي صاحب جي بورڊ مان هلئي وڃڻ کانپوءِ، اهو سڄو ڪم مون کي ئي
سنڀالڻو پيو. اهڙيءَ ريت قدرت مون کي مخدوم نوح
واري قرآن ڪريم جي فارسي ترجمي جي اشاعت جي
سعادت نصيب ڪئي.
چون ٿا ته اهو پاڪستان ۽ هندستان ۾ فارسي زبان ۾ قرآن ڪريم جو
ان معنى ۾ پهريون پهريون ترجمو آهي، ته جيڪڏهن
مولانا شهاب الدين دولت آباديءَ واري تفسير کي
”تفسير“ قرار ڏجي ته پوءِ خالص ترجمن ۾ هيءُ،
پهريون پهريون فارسي ترجمو آهي.
شاهه ولي الله واري ترجمي کان ٻه اڍائي سو ورهيه آڳاٽو آهي.
پير صاحب کي ان سلسلي ۾ شڪ شبهو هوندو هو ته ان ڳالهه جي ڪهڙي
ثابتي آهي ته هي ترجمو مخدوم نوح جو ڪيل آهي؟
جتي قرآن ڪريم پورو ٿئي ٿو، اتي فارسي ترجمي جي
نقل نويس بهاءُالدين گودڙئي غالباً فقط ايترو
لکيو آهي ته مون هي مصحف مبارڪ اڄ فلاڻي ڏينهن
اتاري پورو ڪيو. بهاءُالدين گودڙيو مخدوم نوح جو
خليفو هوندو هو ۽ خود به ايڏو عالم هوندو هو، جو
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سندس چاکڙيون سڌيون ڪري
رکندو هو. پير صاحب جو خيال هو ته ممڪن آهي ته
اهو ترجمو ڪنهن اڳوڻي عالم جو هجي ۽ مخدوم نوح
کي پسند هجي. ان سببان گودڙئي ان کي نقل ڪيو
هجي. گودڙي نقل نويسيءَ جو ڪم لڪيءَ ۽ سيوهڻ جي
پاسي مخدوم نوح جي ڪنهن مريد لاءِ ڪيو هو.
ٻئي طرف ان ڳالهه جي حمايت ۾ ته اهو ترجمو مخدوم نوح جو ڪيل
آهي، هي دليل هئا ته هڪ ته مخدوم نوح جي بزرگيءَ
جون جيڪي مکيه وصفون هيون تن ۾ هڪ اها به هئي ته
سندس قرآن داني ملڪان ملڪ مشهور هئي.*
ٻيو ته مخدوم نوح جي خاندان ۾ اها روايت هلي اچي
ٿي ته اهو ترجمو مخدوم نوح جو آهي. ٽيون ته
ترجمي جي جيڪا فارسي آهي، اها سنڌ جي مقامي
فارسي آهي، افغانستان ۽ ايران جي فارسيءَ وانگ
شسته نه آهي. مولانا قاسمي صاحب هڪ دفعي ٻڌايو
ته ترجمي ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن، جي فارسي زبان ۾
مستعمل نه آهن، پر سنڌي زبان ۾ آهن: مثلاً لفظ
”موتي“. انهن دليلن جي بنياد تي اها راءِ قائم
ڪري سگهجي ٿي ته اهو ترجمو مخدوم نوح جو ئي ڪيل
آهي.
در اصل ان ترجمي جو ڪم به جويي صاحب جي زماني ۾ ئي شروع ٿيو هو.
ان کان به اڳ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، صدر شعبه
اردو، سنڌ يونيورسٽي، مرحوم ممتاز حسين جي
همٿائڻ تي انهيءَ قرآن ڪريم جي هڪڙي پاري کي نقل
ڪيو ۽ ان کي ڇپايو هو. پر ان ڳالهه جي گهڻي
مشهوري ڪا نه ٿي.
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ اهو علمي ڪم هٿ ۾ کنيو ته اصل نسخي جي نقل
نويسيءَ جو ڪجهه ڪم شروعات ۾ مرحوم حبيب الله
رشديءَ ڪيو. اهو ويچارو الله کي پيارو ٿيو ته ڪم
کي مرحوم مولوي محمد صديق ”ماعر“ اڳتي هلايو.
آخر ۾ صحيح معنى ۾ نقل نويسيءَ، ايڊيٽنگ ۽ مقدمي
لکڻ جو سڄو ڪم مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب
پايه تڪميل تي پهچايو. اها ته ٿي ايڊٽنگ. ليڪن
ڇپائي به پنهنجي مٿي وڏو مسئلو هئي. مون لاهور ۽
ڪراچيءَ ۾ جا چڪر ڪاٽيا. وڏو مسئلو خرچ جو هو.
بورڊ وٽ پئسا ڪو نه هئا، پوءِ الله اهو ڪم آسان
ڪري ڇڏيو. بهرحال ويهن ورهين جي مٿا ڪٽ ۽ محنت
کانپوءِ قرآن ڪريم وڃي شايع ٿيو.
ڪا زندهه قوم يا فرض شناس حڪومت هجي ها ته اسان سڀني جون ڪي
عزتون ٿين ها. پر هت ته سنڌ وارن وٽان ٺلهي شابس
به ڪا نه ملي. مون کي سو مخدوم محمد زمان طالب
المولى صاحب نهايت محبت ڀريو خط لکيو ۽ سڪ سان
مبارڪباد ڏني پر جيتريقدر ياد پويم ٿو ته مولانا
قاسمي صاحب کي ايڏي شاندار ڪارنامي سرانجام ڏيڻ
تي خود بورڊ وٽان به پورو اجورو ڪو نه مليو.
سٺو ڪتاب ڇاپڻ ڄڻ ته ٻار ڄڻڻو آهي. جيڏي محنت ڪتاب جي لکڻ تي
ٿئي ٿي، اوتري ئي محنت ان جي ڇاپڻ تي ٿئي ٿي.
سٺن اديبن وانگر سٺا ناشر قومن جي ترقي ۽ تعمير
۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي ۽
نول ڪشور جا نالا ائين ئي اردو ادب ۾ مشهور ڪو
نه ٿيا هئا.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ ۾ ذهني بيداريءَ ۽ خود شناسيءَ جو بنيادي ڪم
ڪيو. پر اها ڪا سولي ڳالهه ڪا نه هئي. اسان ڏاڍا
ڏکيا ڏينهن ڏٺا. منهنجيءَ جوانيءَ جو ته سڄو رت
ست سنڌي ادبي بورڊ جي پي ويو. پير صاحب ان ڳالهه
جو اکين ڏٺو شاهد هو. منهنجيءَ غريبيءَ جو حال،
اهو جو پنهنجن وڏڙن جا ڪي قلمي ڪتاب، پنجاهه
پنجاهه رپين ۾ وڪيم. ڇٽيهن ورهين جي عمر تائين
شادي ڪري نه سگهيس، جو پاڻ وٽ 3 هزار رپيا گڏ
ڪري ڪو نه سگهيس. آخر بابا سائينءَ زمين جو ٽڪر
وڪڻي، مون کي پرڻايو. تقريباً ويهه ورهيه بورڊ
جي نوڪري ڪيم، پر سڄو عرصو مقروض رهيس. ڪنهن
زماني ۾ هڪ دفعو قدرت ڪرم ڪيو. ڇا ٿيو ته ايوب
خان ملڪ تان مارشل لا هڻڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمن
جون پگهارون وڌايون. ان جي نتيجي طور اسان جي
پاسي واريءَ ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن، سنڌ، جي آفيس ۾
به متعلقه ملازمن جون پگهارون وڌايون ويون. ڪن
کي ته نه رڳو وڌيل پگهارن جا نوان اسڪيل مليا،
پر سرڪاري قاعدي موجب اڳين پگهارن جا تفاوت به
ڀرجي مليا. ڪن کي ٻه هزار ته ڪن کي ٽي هزار
وغيره.
اسان وٽ سنڌي ادبي بورڊ ۾، تن ڏينهن ۾، پگهارن، موڪلن ۽ ٻين
اهڙن ڪمن ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جي قاعدن
قانونن جي پيروي ڪئي ويندي هئي. اها ڳالهه بورڊ
جي آئين ۾ لکيل هئي. سو اسان به ڪجهه ڏينهن صبر
ڪرڻ کانپوءِ جويي صاحب جي ڪن تي ڳالهه وڌي، جو
ان زماني ۾ بورڊ جو سيڪريٽري هو. چيائين ته
سرڪاري قاعدي موجب، رپورٽ ٺاهي پيش ڪيو. مرحوم
عبدالجبار عباسي بورڊ جو اڪائونٽنٽ هوندو هو،
تنهن ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي آفيس ۾ ويهي، اها
رپورٽ ٺهرائي، جنهن موجب مون کي اڳين پگهارن جو
سورهن سو رپيا تفاوت به ٿي مليو ۽ نئين اسڪيل ۾
به ويهن پنجويهن رپين جو يا ان کان ڪجهه مٿي
واڌارو ٿي مليو. بورڊ جي هڪ جونيئر ڪلارڪ ۽
پٽيوالي کي به ڪجهه نه ڪجهه فائدو ٿي پهتو، پر
کين تفاوت ڪو نه ٿي مليو. ان زماني ۾ سورهن سو
رپيا وڏي ڳالهه هئي! ڪي ڏينهن ته خوشيءَ جا خواب
ڏسندو رهيس. جويي صاحب ٻه ٽي ڏينهن فائيل پاڻ وٽ
رکي، ان تي فيصلو لکي اڪائونٽنٽ کي ڏنو ته
جونيئر ڪلارڪ ۽ پٽيوالي کي ته سرڪاري قانون موجب
ڀلي فائدو ڏيو، پر ربانيءَ کي ڪو به فائدو ڏيڻ
جو ضرور ڪونهي.
جڏهن منهنجي چوڻ تي مرحوم عبدالجبار عباسيءَ کيس چيو ته ”سائين،
رباني صاحب کي به ته سرڪاري قانون موجب ئي فائدو
ملي رهيو آهي. بورڊ ته ساڻس ڪا به رعايت ڪا نه
ٿو ڪري.“ تڏهن چيائينس ”هائو، پر ايڏا پئسا ڪاڏي
ڪندو؟“
اڳتي هلي جويو صاحب وڃي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ملازم ٿيو ۽ جتوئي
صاحب چيف منسٽر ٿيو. ساڻس سٺا تعلقات هئس. ٽيڪسٽ
بڪ بورڊ جي چيئرمين مرحوم اسدالله شاهه حسينيءَ
مون ڳالهه ڪئي ته جويي صاحب هزارين رپين جو هڪ
بل ٺاهيو هو، جنهن تي بورڊ ۾ اختلاف ٿي پيو، ان
ڪري سرڪار کان خاص منظوري وٺي پئسا وصول ڪيائين.
هر غريب ماڻهوءَ کي پئسي جو احتياج ٿئي ٿو، ان
ڪري منهنجي خيال موجب، جويي صاحب پنهنجو حق
ورتو، ته ان ڳالهه ۾ هن ڪا به غلطي ڪا نه ڪئي.
بلڪه چڱو ڪيائين. پر مون کي منهنجو قانوني حق به
نه ڏنائين.
بهر حال عبدالجبار عباسيءَ مون سان اچي سربستو احوال ڪيو. هو
سچو ماڻهو هو. کيس ڏاڍو ڏک رسيو؟
مون کي زندگيءَ ۾ گهڻيئي صدما مليا. ڪيترا وسري ويا، ڪي اڃا ياد
اٿم. ان قدمي جو به اڃا دل تي داغ اٿم، ڇو ته ان
جو منهنجي آئندي تي به برو اثر پيو، يعني آءٌ
سڄيءَ عمر لاءِ پگهار ۾ فائدي کان محروم رهيس،
جو منهنجو حق هو ۽ ٻين ملازمن وانگر مون کي به
سرڪاري قانون موجب ئي ملي رهيو هو.
پر مون سڀ ڪجهه صبر سان برداشت ڪيو. پير صاحب کي سو اڳتي هلي،
دٻيل لفظن ۾ دانهن ڏنم. ان زماني ۾ مون کي سياري
۾ پائڻ لاءِ ڪوٽ ڪو نه هوندو هو. نيري رنگ جو
ڊگهين ٻانهن وارو هڪ سئيٽر قرض کڻي ورتو هئم.
پير صاحب ڳالهه ٻڌي ڏک ۾ ويڙهجي ويو. پاڻ به مون
سان دانهون ڪرڻ لڳو. چي ”هيڏي محنت ڪتابن ٺاهڻ
تي ڪريان ٿو. بعضي ته ڪتابن جون مئڪرو فلمون
ٻاهران گهرائڻ لاءِ کيسي مان پئسا خرچ ڪريان ٿو.
(تن ڏينهن ۾ کيس ڪتابن ٺاهڻ لاءِ جدا معاوضو ڪو
نه ملندو هو. پر هر مهيني هڪ هزار رپين جو يڪو
مقرر معاوضو ملندو هو.) اوهان آفيس ۾ ڪم ڪريو
ٿا. مون کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. پر ته به صبح
سان تيار ٿي، ميز تي اوهان وانگر ئي ڪم ڪريان
ٿو. ڪڏهن ناغو وڌو اٿم؟ ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو به
ويهي نور نچوئيندو آهيان. انهن سببن ڪري دل جو
دورو به پيم. پر آهي ڪنهن شخص کي ان ڳالهه جو
قدر ته سنڌ جي تاريخ جي تعمير نو جو ڪم ڪري رهيو
آهيان؟ ڪيئي هيرا لعل جيڪي وقت جي هٿان ضايع ٿي
وڃن ها، سي بچائي ورتا اٿم.“ ٿڌو ساهه ڀري
چيائين ته ”مون کي هنن جي تحسين جي پرواهه
ڪانهي. اهو سنڌ جي ڌرتيءَ جو مون تي حق آهي، جو
ادا ڪري رهيو آهيان.“
هت مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏيان ته جويي صاحب مون سان ڏٺي
وائٺي ناانصافي ڇو ڪئي؟ هن جو مون سان ذاتي بغض
يا عناد ڪو نه هو. بلڪه مون سان محبت ڪندو هو.
پر بورڊ سان سنڌ جي اداري جي حيثيت ۾، کيس وڌيڪ
محبت هئي. هو ان جا چار پئسا بچائڻ ۾ خوشي محسوس
ڪندو هو. ان زماني ۾ شاهه صاحب جي ايم سيد چوندو
هو ته ”بورڊ معنى جويو صاحب.“ سو، هو ان کي ذاتي
ملڪيت ۽ خانگي اداري وانگر هلائيندو هو پر اها
سند ڀل هئي. سرڪاري ادارا سرڪاري آهن ۽ ڪنهن جي
به ذاتي ملڪيت ڪونهن. ٻيو ته پنهنجي ذاتي مفاد
لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ پر ٻئي پورهيت ڀاءُ کي جائز حق
کان به محروم رکڻ کيس نه جڳائيندو هو. اها ميار
مٿس رهي. اڳتي هلي سنه 1963ع ۾ سندس خلاف سنڌي
ادبي بورڊ ۾ طوفان متو. مون ئي اڳتي وڌي سندس
بچاءُ ڪيو. اسان جي پاڻ ۾ محبت هئي مون کي سندس
لاءِ تمام وڏي عزت هئي ۽ انشاءَالله هميشہ
رهندي.
1958ع ۾ پير صاحب کي دل جو دورو پيو. علاج لاءِ پنهنجي ڀاءُ وٽ
منيلا هليو ويو. وڏو ڀاڻس اتي سفير هوندو هو.
پير صاحب منيلا مان مون کي ڊگها ڊگها خط لکندو
هو. ڪي ته ڏهن ويهن صفحن جا. خط ڇا هئا، سنڌ جي
سماجي ۽ ادبي زندگيءَ جا دلچسپ دستاويز هئا. مون
چڱوعرصو اهي خط سانڍي رکيا. ڏهاڪو سال گذرڻ کان
پوءِ کانئس اجازت گهريم، ته انهن خطن کي ڇپايان.
اجازت پاڻ ڪانه ڏنائين. وڌيڪ عرصو اهي خط مون
کان سنڀاليا ڪو نه ٿيا. نيٺ ضايع ٿي ويا.
جڏهن پير صاحب منيلا مان دل جو علاج ڪرائي موٽي وطن آيو، ته
ڪافي عرصي تائين ذهن تي بيماريءَ جو ڀؤ ويٺل
هوندو هوس. ڏاڪڻ ڪو نه چڙهندو هو. صبح جو ڏهين
بجي کان پوءِ اس ۾ ڪو نه نڪرندو هو. گهر جي ٻوڙ
ٻاڙيءَ ۾ گيهه بند ڪري، سرنهن جو تيل ساڙائي، ان
کي استعمال ڪندو هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات
هيڪاري کيس متاثر ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحب به دل جي
دوري سببان جهان ڇڏيو هو.
1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي
آيون. ان جو سبب اهو هو ته خانبهادر کهڙي کي
بورڊ جي صدارت تان هٽايو ويو ۽ ساڻس گڏ، سائين
جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ آغا بدرالدين
به بورڊ جي ميمبريءَ تان هٽايا ويا. ايوب خان جي
ملٽري حڪومت پنهنجي ليکي ڄڻ ته بورڊ جي تطهير
ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر
کي سنڌي ادب جي هن اداري جو سربراهه بڻايو ويو.
ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ کان اڳ کهڙو صاحب حڪومت پاڪستان جو
ڊفينس منسٽر هوندو هو ۽ بورڊ جو صدر. هڪ دفعي
لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن جلسي ۾ ويو. کانئس گهر ڪئي ويئي
ته بورڊ جي ڪتابن جو سيٽ اسڪول جي لئبرريءَ لاءِ
تحفي طور ڏيو. ڪراچيءَ موٽي آيو ته مون کي پاڻ
وٽ سڏيائين ۽ چيائين ته بورڊ جي شايع ڪيل ڪتابن
جي لسٽ کڻي اچ. لسٽ مان ڪتاب چونڊي، حساب ڪري،
هڪ سو ٻيانوي رپين جو ذاتي چيڪ ڏنائين ته فلاڻي
اسڪول کي هي ڪتاب منهنجي طرفان موڪليو.
بورڊ جي ميٽنگ هميشہ پنهنجي بنگلي تي ڪوٺائيندو هو ۽ ان ۾ وڏي
شان مان سان بورڊ جي ميمبرن جي خاطر تواضع لاءِ
ڪيڪ، پيسٽرين ۽ چاءِ جو انتظام ڪندو هو. ڪڏهن به
بورڊ کان بل نه ورتائين.
کيس اهو شوق هوندو هو ته بورڊ جي ملازمن جي پگهار جا چيڪ پاڻ
دستخط ڪري. ڪاٿي به هوندو هو ته ان ڪم لاءِ ڪهي
اچي ڪراچيءَ پهچندو هو. پر ڪڏهن به ائين ڪو نه
ٿيو ته لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ جو ڪرايو اسان کان
وصول ڪيو هجيس.
جڏهن علامه قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي عهدي تان استعيفا ڏئي
ڇڏي، تڏهن سڀ کان اول خانبهادر کهڙو وٽس پهتو ۽
عرض ڪيائينس ته ”بورڊ جا عالم ٿيڻ قبول فرمايو.“
کانئس اها ڳالهه مڃائي، بورڊ ۾ علامه صاحب جي
لاءِ ٻه هزار رپيا ماهيانو معاوضو مقرر
ڪرايائين. ان زماني ۾ وائيس چانسلر کي شايد
اڍائي هزار رپيا هرماهه پگهار ملندي هئي.
جڏهن ايوب خان جي مليٽري حڪومت سندس جاءِ تي حيدرآباد ڊويزن جي
غير سنڌي ڪمشنر کي سنڌي ادب جي ترقيءَ جي هن
اداري جو سربراهه بڻايو، تڏهن پير صاحب اهو سڄو
ناٽڪ ڏسندو رهيو. خاموشيءَ سان ايوب خان کان
انٽرويو ورتائين. کيس حقيقت حال کان واقف ڪري
چيائين ته ”سنڌ جا عالم هاڻي ڪمشنر جي قيادت هيٺ
ادبي ڪم ڪندا؟“ ايوب خان چيس ته ”پوءِ اوهان اهو
بار سنڀاليو.“ پير صاحب پنهنجي لاءِ معذرت ڪئي.
ڀٽو صاحب ايوب خان جو وزير هو، تنهن پير صاحب کي
چيو ته مون کي پنهنجو ڪم ٺاهڻ ڏيو. پير صاحب چيس
ته بسم الله. ڀٽي صاحب ايوب خان کي چئي، هالن جي
مخدوم صاحب کي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرايو.
اهڙيءَ ريت ڪمشنر بدران، کهڙي صاحب جي جاءِ تي، مخدوم صاحب جي
تقرر ڪري، بورڊ جي آبرو به بچي ويئي ۽ سنڌين جي
هيانءَ تي به ٿڌو ڇنڊو پيو.
ڪشمنر صاحب بورڊ جي پهرينءَ ميٽنگ ۾ ئي بورڊ جون آفيسون
حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، جو پاڻ
حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر هو. حڪم جي تعميل ٿي
ويئي. اسان اچي حيدرآباد خيما کوڙيا.