هاڻي ڪتابن جي ڪم سانگي پير صاحب کي جلد جلد حيدرآباد اچڻو پيو.
رٽز هوٽل ۾ ترسندو هو. مون کي انهيءَ ڊپ ۾ رات جو
پاڻ وٽ سمهاريندو هو ته متان ڪنهن مهل اڪيلائيءَ ۾
وري ڪو کيس دل جو دورو پوي. منهنجي لاءِ وٽس سمهڻ
ڏاڍو ڏکيو هوندو هبو. اڃا بستري تي پاسو مس ورايان
ته سندس دانهن ٻڌان، ”رباني تون مون کي سمهڻ ڪو نه
ڏيندين. اهي ڇا جا کڙڪا لاتا اٿئي؟ پنهنجي کٽ اڃا
پرڀرو ڪر.“ نتيجو اهو ته مان پاسو ورائي به نه
سگهان. تيسين سنئون نئون ليٽيو پيو هجان، جيسين
وڃي کيس ننڊ اچي.
پير صاحب حيدرآباد ايندو هو، ته نه فقط پنهنجي ماني پاڻ کائيندو
هو پر اسان سڀني کي به پاڻ کارائيندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ، شيخ علي محمد ۽ مون وٽ کائيندو
هو. شيخ علي محمد تڪلف ڪندو هو ته گهر ۾ عمدا طعام
رڌائيندو هو، نه ته اسان جي ڪاهه هوندي هئي
ڪراچيءَ هوٽل تي. جويو صاحب، گرامي صاحب، نياز
همايوني، اسدالله شاهه حسيني، تنوير عباسي، امداد
حسيني، ٻيڙو فقير ۽ ٻيا ڪي دوست به شريڪ ٿيندا
هئا. اڳيان پير صاحب ۽ شيخ علي محمد ۽ پٺيان اسان
جو ڊنبلو. بعضي بعضي لجپت روڊ تي واڻئي واريءَ
هوٽل تي هليا ويندا هئاسين.
پير صاحب کي حيدرآباد آئي هفتي ٻن جي وٿي پئجي ويندي هئي، ته
پوءِ مون کي ڪراچيءَ سڏائي وٺندو هو. بعضي اڪيلو
مون کي. بعضي نواب نور احمد لغاريءَ سان گڏ. هر
سال مون کي بورڊ جي سالياني گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ
لاهور وڃڻو پوندو هو ۽ ڏهه ٻارنهن ڏينهن اتي هوٽل
۾ ٽڪڻو پوندو هو. اهڙن موقعن تي پير صاحب لاهور ۾
پنهنجن ذاتي، دوستن ڏانهن خط ڏيندو هو ته ضرورت
وقت کانئن مدد وٺان.
هڪ دفعي پنهنجي دوست ظهيرالاسلام ڏانهن خط ڏنائين، جنهن لاهور ۾
مون کي پندرهن ڏينهن پنهنجي گهر ۾ ٽڪايو ۽ ميزباني
ڪئي. مون کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پنجاب جي وچولي
طبقي جي رهڻي ڪهڻي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ اهو محسوس
ڪيم ته هنن جي زندگيءَ ۾ ڪفايت شعاريءَ جو پورو
پورو خيال رکيو وڃي ٿو. اسان سنڌين وانگر رڳو
مولائي ماڻهو ناهن. لاهور جي انهن چڪرن ۾ هڪ دلچسپ
واقعو ٿيو. هڪ ڏينهن سيڪريٽريٽ ۾ ڪاغذ پئي نيڪال
ڪرايم، ته آفيس جو هڪ ملازم اٿي مون وٽ آيو ۽
چيائين ته ”منهنجيءَ ميز تي اچي چانهه پيئو.“ اول
ته مان غير واقف ماڻهوءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڪجهه
حيران ٿيس، پوءِ وٽس ويس. چيائين ته ”ڪاغذن جي
ٽائيپ ٿيڻ ۾ دير آهي. تيسين پاڻ ڪچهري ٿا ڪريون.“
واقفيت ڪرائيسون. چيائين ته ”اوهان هڪ علمي اداري
سان تعلق رکون ٿا. مون کي ٻڌايوو ته احد جي جنگ ۾
حضور ﷺ جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو؟“ مون
سيرت جو چڱو مطالعو ته ڪيو هو، پر ان موضوع بابت
ڪا خبر ڪا نه هئم. سو خاموش رهيس. چيائين ته ”دنيا
۾ ڪنهن کي به خبر ڪانهي. پر مون کي آهي.“ مون چيو
”اهو ڪيئن؟“ چيائين ته ”خواب ۾ حضور جن خود مون کي
وات مبارڪ ۾ اهو هنڌ آڱر رکي ڏيکاريو آهي.“ ڳالهه
ٻڌي مان وائڙو ٿي ويس. ايتري ۾ ڪاغذ ٽائيپ ٿي ويا،
سي وٺي کانئس موڪلائي، ٻاهر نڪتس ته پٺيان آيو.
چيائين ته ”منهنجي جاءِ تي اهل دل لاءِ روزانو رات
جو مجلس ٿيندي آهي. اوهان ان ۾ ڪجهه خير خيرات ڏيڻ
گهرو، ته اوهان جي مرضي آهي. اوهان کي رسول الله ﷺ
سان محبت آهي.“
مون ڳالهه ٻڌي ائين محسوس ڪيو ته هي هڪ ٺڳ آهي. کانئس نفرت ٿي
ويئي. سو، موٽر ۾ چڙهي روانو ٿيس. رستي تي خيال
آيو ته ”رباني، هو ته برابر ٺڳ هو. پر تو اهو
سوچيو ته هن تو کان ڪنهن جي نالي ۾ خيرات طلب ڪئي!
ڪاڏي نبيءَ ﷺ جو نالو، ڪاڏي ڏهه ويهه رپيا. تو کي
شرم ڪو نه آيو؟“ اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هڪدم موٽر
پوئتي موٽايم. کيس ڪجهه رقم وڃي ڏيئي آيس، تڏهن دل
کي آٿت آيو.
لاهور جي انهن چڪرن دوران ٻيو به هڪ دلچسپ واقعو ٿيو. لاهور ۾
مان هوٽلن ۾ ٽڪندو هئس. هڪ دفعي ڪنهن هوٽل ۾ وڃي
ڪمرو ورتم. رات جو سمهي پيس. صبح سان ننڊ مان اٿي
چاءِ گهرايم ۽ ڪمري جي دري کوليم. سياري جي مند
هئي. رات جو در دريون بند ڪري ستو هوس. منهنجو
ڪمرو ٽينءَ ماڙ تي هو. مون جيئن ئي دري کولي ته
آمهون سامهون هڪ جاءِ جي ڇت تي نگاهه پيئي. انهيءَ
ڇت ۽ اسان جي هوٽل جي وچ ۾ رڳو هڪ ديوار جي وٿي
هئي. ڇت تي اس پکڙجي چڪي هئي. هڪ انتهائي حسين ۽
نوجوان عورت، پلاسٽڪ جي هڪ ٿانو ۾، پنهنجا
رنگبرنگي ريشمي دوپٽا ڌوئي رهي هئي. سندس وار ڇڙيل
هئا، جي سندس ڪلهن تي ٿي پيا. گلابي ريشمي قميص ۽
گلابي سلوار پيل هئس. مون کان پنجن ستن والن جي
مفاصلي تي دنيا جهان کان بي خبر ويٺي هئي. سندس ۽
منهنجي وچ ۾ فقط ڪمري جي دريءَ جي باريڪ ڄاري هئي.
ان زماني ۾ ڇڙوڇانڊ هئس. آفيس ۾ رڳو مرد ئي مرد
ملازم هوندا هئاسين. سو ڪنهن حسين عورت کي ڏسڻ ۽
سندس آواز ٻڌڻ لاءِ دل سڪندي هئي. ڪجهه دير بعد هن
اوچتو ئي اوچتو ڪنڌ مٿي کنيو. سندس نگاهه سامهون
دريءَ تي پيئي. شايد چند لمحن لاءِ اسان جون نظرون
هڪٻئي سان مليون هونديون، پر اهي چند لمحا مون
جهڙي ماڻهوءَ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. هن فورن
پنهنجون نظرون هيٺ جهڪايون ۽ جلدي جلدي دوپٽا
نپوڙي، ٿانو ۾ وجهي، ڏاڪڻ تان هيٺ لهي هلي ويئي.
مان تيار ٿي آفيس جا ڪاغذ سنڀالي، سيڪريٽريٽ هليو ويس. منجهند
جو ڪم لاهي موٽيس. حسب دستور ماني گهرايم. پر
کائي، آرام ڪرڻ بدران، وري دري کوليم. ڇت خالي
هئي. دري بند ڪري ليٽيس. شام جو چاءِ گهرايم. چاءِ
پي، غسل ڪري، ڪپڙا بدلائي چڪر ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ
وارو هوس ته اوچتو خيال آيم، سو وري دري کوليم.
هوءَ ڇت تي موجود هئي. اهو ئي گلابي ويس اهيئي زلف
پريشان. ڏهن يارهن ورهين جو هڪ ننڍو ٻار هو،
غالباً سندس ننڍو ڀاءُ، جنهن سان بال راند ڪري رهي
هئي. آءٌ کيس ڏسندو رهيس، تان جو هن ڪنهن مهل ڪنڌ
ورائي دريءَ ڏانهن نهاريو. سندس مون تي نگاهه
پيئي، پر اهڙو نمونو ڪيائين، جو ڄڻ ته مون کي ڏٺو
ئي ڪو نه اٿس. اڌ منو ڪلاڪ ان ڇوڪري سان کيڏندي ۽
کلندي رهي ۽ وقفي وقفي کانپوءِ سندس نگاهن جي کنوڻ
مون تي به چمڪندي رهي.
ان ڏينهن کانپوءِ اسان جو اهو روزانو نيم ٿي ويو، ته مان صبح جو
سوير دري کوليندو هوس ۽ هوءَ ڪڏهن دوپٽا، ڪڏهن
پنهنجا ريشمي رومال ڌوئندي نظر ايندي هئي. وقفي
وقفي کانپوءِ چند لمحن لاءِ اسان جون نگاهون
ملنديون هيون پر اهي لمحا صدين تي حاوي هوندا هئا.
نه مون ڪڏهن ڪو اکر چيو نه هن، پر خاموشيءَ کي
پنهنجي زبان ٿئي ٿي.
هڪ ڏينهن جهڙالي مند هئي. شام جو مون دري کولي آسمان ۾ ڪڪر هئا
پر ڇت تي ”سونهن جو سج“ چمڪي رهيو هو. جيئن ئي مون
تي سندس نگاهه پئي ته سندس چپن تي هلڪي مرڪ آئي.
ڪتاب هٿ ۾ کنيو، هوءَ اڪيلي ئي اڪيلي هيڏي هوڏي
گهمي رهي هئي. کيس ڏسي مون کي ٿر جا اهي مور ياد
آيا، جيڪي چون ٿا ته وسڪاري ۾ پنهنجا رنگبرنگي پَر
کولي واري جي ڀٽن تي ٽلندا آهن. جڏهن آسمان ۾ جهڙ
گهاٽو ٿي ويو ۽ مينهن جون ڪڻيون تيز ٿي ويون، ته
هوءَ هڪ هنڌ ڪافي دير تائين بيهي مون ڏانهن نيم
باز نگاهن سان نهاريندي رهي ۽ پوءِ مشڪندي، لڏندي،
لمندي، ڏاڪڻ تان لهي هيٺ هلي ويئي.
ڏينهن گذرندي دير ڪا نه ٿي ٿئي. سيڪريٽريٽ ۾ منهنجو ڪم پورو ٿي
ويو، ته مون واپسيءَ جي ٽڪيٽ ورتي. شام جو ريل ڇٽڻ
واري هئي. اهو سڄو ڏينهن مون دريءَ وٽ ويهي
گذاريو. هوءَ ٻه ٽي دفعا ڇت تي آئي. چوطرف نهاري،
اطمينان ڪرڻ کان پوءِ، دريءَ تي ديد وڌائين. ڪير
ڪنهن جو وڌيڪ منتظر هو، سو ته مان چئي نٿو سگهان،
پر جدائي جي تصور ڪري مان ڏاڍو اداس هئس. اها
ڳالهه هوءَ سمجهي نٿي سگهي. سو، هر بار، سوالي
نظرن سان نهاريندي رهي. سندس نگاهن ۾ ڪيئي سوال
هئا، پر ڳالهائڻ جي همت نه مون ۾ هئي نه منجهس.
رات جو ريل مون کي لاهور مان کڻي حيدرآباد پهتي، پر مون سان فقط
منهنجو جسم گڏ آيو. روح اتي ئي رهيو.
پهرئينءَ ئي ملاقات ۾ پير صاحب سان سربستو احوال ڪيم. ٻڌي اچي
ٽهڪن ۾ پيو. چوڻ لڳو ته ”تنهنجي پيٽ ۾ عشق آهي.“
ٻئي سال وري بورڊ جي گرانٽ لاءِ لاهور وڃڻو پيو. پير صاحب چيو
ته ”ظهيرالاسلام نالي منهنجو هڪ دوست آهي. وٽس
ٽڪجانءِ ڏانهس هڪ خط به لکي ڏنائين. مان ريل ۾
انهيءَ مسئلي تي سوچيندو ويس. ڪنهن زماني ۾ هوٽل ۾
ٽڪڻ عيب واري ڳالهه هوندي هئي. مغربي تهذيب جي
غلبي ڪري، اهو تاثر آهستي آهستي ختم ٿي ويو. هاڻي
ماڻهو ڪنهن به گهري دوست بدران هوٽل ۾ ٽڪڻ کي
ترجيح ڏئي ٿو سبب اهو آهي ته هوٽل ۾ اچڻ وڃڻ جي
آزادي آهي، ماڻهو ڪنهن وٽ مهمان ٿيو ته ڄڻ کيس به،
پابند ڪيائين، پاڻ به سندس نيمن جو پابند ٿيو.
مناسب وقت تي ميزبان جي گهر وڃي ۽ مناسب وقت تي
ٻاهر نڪري. هوٽل ۾ ٽڪڻ ۾ قباحت اها آهي ته ڳالهائڻ
ٻولهائڻ وارو ڪير ڪو نه آهي. ماڻهو پنهنجي ليکي
پيو آهي. مون کي تنهائيءَ کان وحشت ٿيندي آهي. سو،
ظهير صاحب وٽ هليو ويس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو
وچولي طبقي جي پنجابي خاندانن جي رهڻي ڪهڻيءَ کي
ويجهڙو ڏسڻ جو موقعو مليو. ظهير صاحب دراصل، وڪالت
ڪندو هو. مڇيءَ ماني وارو هو. ماڊل ٽائون ۾ چڱو
گهر هئس، جنهن کي سنڌي محاوري ۾ بنگلو ڪوٺجي،
اڳيان آڳر ۾ وڏي ڪشادي ڇٻر، جنهن جي اڳيان
ڪمپائونڊ وال سان يوڪلپٽس جي وڻن جون قطارون هيون،
جاءِ ۽ ڇٻر جي وچ ۾ پڪ سرائون ٿلهو، جنهن تي
ويهارو کن کٽن وجهڻ جي گنجائش هئي، ٿلهي کانپوءِ
ورانڊو ۽ ان جي پٺيان ڪوٺيون. منهنجي پيتي به هڪ
ڪوٺيءَ ۾ رکيائون، پر مون ان ڪوٺيءَ کي استعمال نه
ڪيو. صبح جو ناشتو ڪري آفيس جي ڪم سان هليو ويندو
هوس. رات جو ڪڏهن ماني کائي موٽندو هوس ته ڪڏهن
وٽن اچي گرهه وجهندو هوس. گرميءَ جي مند هئي.
چوڏهن پندرهن واڻ جون کٽون قطار ۾ وجهندا هئا، هڪ
تي منهنجو هنڌ بسترو هوندو هو. هوا جو نالو ڪو نه
هو. مجال آهي جو وڻن جو ڪو پن چري. مرد ماڻهو ٿلهي
تي سمهندا هئا. زالون پٺيان ٻئي ڪنهن هنڌ هونديون.
اسان کٽن تي ليٽڻ کانپوءِ ڪلاڪ ڏيڍ ڪچهري ڪندا
هئاسون. ظهير صاحب وارن جي ڪل ڪائنات گهريلو
معاملن تائين محدود هوندي هئي. رات جو جيڪو ٻوڙ
چاڙهيندا هئا، ان مان هرهڪ پنهنجو پنهنجو ذرو
وٽيءَ ۾ بچائي رکندو هو. صبح جو نيرن ان سان ڪندو
هو، منهنجي لاءِ سوجيءَ جو حلوو يا آمليٽ ٺاهيندا
هئا، سندن پاڙي ۾ ”ترانه پاڪستان“ جو شاعر، حفيظ
جالنڌري رهندو هو. نيرن ڪري گهران تيار ٿي نڪرندا
هئاسون ته اهو يار ۽ اقبال اڪميڊميءَ جو موجوده
ڊئريڪٽر ميرزا منور به اچي شامل ٿيندو هو. پوءِ
ٽولو ٺاهي، پنڌ ڪندا، بس اسٽئنڊ تي ويندا هئاسين.
اتان بس ۾ سوار ٿي، شهر ۾، پنهنجي پنهنجي مطلب
واريءَ آفيس وٽ لهندا ويندا هئاسين. ٽئڪسيءَ ۾
چڙهڻ جو عيش ڪير ڪو نه ڪندو هو.
ظهير صاحب وارا سنڌي وچولي طبقي جي ماڻهن وانگر اشراف انسان
هوندا هئا. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. ظهير صاحب
مقامي ليول تي مسلم ليگ جو مشهور ڪارڪن هو. پر،
مون کي ڪو نه سجهي ته هن ڪنهن ڏينهن ڀلئي ڀلائي به
ڪنهن سياسي مسئلي تي گفتگو ڪئي هجي. سندس هڪ پٽ
هوندو هو، جنهن کي برمنگهام ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ
جو شوق هوندو هو. شام جو اڪثر گفتگو ان ڳالهه تي
ٿيندي هئي ته اهو معاملو اڄ ڪاٿي پهتو. ڪاڳر
ڪهڙيءَ آفيس مان نڪري ڪهڙيءَ ۾ پهتا. مون سان جيڪا
ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، سا به اها ته تو وارا ڪاڳر
ڪاٿي پهتا. سنڌ ۾ ون يونٽ جي ڪري رڻ متو پيو هو.
جوشيلا جوان رات ڏينهن جلسا جلوس ڪندا رهندا هئا،
پر لاهور ۾ وچولي طبقي جي ماڻهن ۾ ڪا پچار ئي ڪا
نه هئي. سڄو وقت پنهنجي گذر سفر ۽ آمدني وڌائڻ جو
فڪر هوندو هون. سنڌ جي وچولي طبقي جي ماڻهن جي ڀيٽ
۾ پڪا هئا. مون کي اهو ڏينهن ڪو نه سجهي، جنهن
ڏينهن ظهير صاحب وارن گهر ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ چاڙهيو
هجي.
وطن دشمن ماڻهن جو اهو طبقو، جنهن خلق خدا جي مرضيءَ خلاف، مٿن
زوريءَ ون يونٽ مڙهيو، وڏو رهزن هو! مون انهن
رهزنن کي آخر سڃاڻي ورتو، پر گهڻو گهڻو پوءِ. منهن
۾ مٺا، گفتي جا ڪوڏيا، سخن جا ڪوڙا، اندر جا ڪارا
۽ پليت هئا. پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ
کي سچ ڪرڻ رات ڏينهن سندن شغل هو. دين ۽ ايمان کي،
دنيا جي مطلب لاءِ تين وال ڪندا هئا. جيڪڏهن منجهن
ذري برابر به قومي انگ هجي ها، ته اوڀر پاڪستان
اسان کان ڪڏهن به جدا ڪو نه ٿئي ها. پر مطلبي ۽
منافق ماڻهوءَ جي اک ۾ لڄ ڪا نه ٿيندي آهي. هڪ
دفعي ون يونٽ سيڪريٽريٽ ۾، هڪ ڪاموري، مون کي بورڊ
جي گرانٽ لاءِ پورا پندرهن ڏينهن پنهنجي پٽيوالي
سان گڏ آفيس جي در وٽ ويهاريو. ڪمري ۾ اندر ڪو نه
گهرايائين. پندرهن ڏينهن کان پوءِ به جڏهن ڪاڳر
ڪڍيائين، ته پٽيوالي کي چيائين: ”پرٻاهرو روانو
ڪريس.“
ٻئي سال لاهور ويس ته بورڊ جي چيئرمين مخدوم صاحب کان لاهور ۾
ون يونٽ جي هڪ سنڌي وزير ڏانهن سفارشي خط وٺي ويس.
پورو پهر پرسنل سيڪريٽريءَ وٽ ويٺو رهيس پر چيائين
ته وزير صاحب اندر آفيس ۾ ميٽنگ ۾ مشغول آهي. ان
وچ ۾ ڪيئي گڏهه گهوڙا وزير صاحب جي آفيس اندر
ايندي ويندي ڏٺم. ڏک ٿيم، پر چپ رهيس. اوچتو وزير
صاحب ٻاهر نڪتو. ڊوڙي وڃي بورڊ جي گرانٽ جي ڳالهه
ڪئي مانس ۽ مخدوم صاحب جو خط ڏنو مانس. لفافو وٺي
ڪوٽ جي کيسي ۾ بي پرواهيءَ سان وجهي چيائين ته
”مان ته پنڊيءَ ٿو وڃان.“ ٽن ڏينهن کانپوءِ وري
لاچار سندس آفيس ۾ ويس. پاڻ وري به ڪو نه مليو.
البت سندس سيڪريٽريءَ واسطيدار آفيسر کي فون تي
پارت ڪئي ۽ مون کي چيائين ته ”وڃي مليس.“ مان
خوشيءَ ۾ وڃي آفيسر سان مليس. اندر گهرائي ڪاوڙ
مان چيائين ته ”مون کي پنهنجو ڪم ايندو آهي. وزير
ڪير ٿيندو آهي، جو مون کي سفارش ٿو ڪري؟“ مس مس
وڃي مون کيس ٿڌو ڪيو، تڏهن ڪم ٿيو.
جيسين ون يونٽ قائم رهيو، تيسين سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ پنهنجو
پاڻ مرادو لاهور مان ڪڏهن به جاري ڪا نه ٿي. هر
سال مون کي لاهور وڃي، ڪلارڪ کان وٺي ڪاموري
تائين، هر ڪنهن جي خوشامد ڪري، ڪاغذن جو نيڪال
ڪرائڻو پوندو هو.
هڪ سال حڪم مليو ته ڪتابن جي بين الاقوامي نمائش ٿي رهي آهي.
ايوب خان افتتاح ڪندو، ڪتاب کڻي لاهور پهچو. تن
ڏينهن ۾ پير صاحب مرڪزي اردو بورڊ لاهور جو ايڊيٽر
مقرر ٿيو هو ۽ جويو صاحب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور ۾
ملازم هو. رهائش لاءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي لاهور جي
تڏهوڪي سڀ کان سهڻي علائقي ”گلبرگ“ ۾ هڪ وڏو ڪشادو
بنگلو ڪرايي تي ورتو هو. ان جو نمبر شايد
T-13
هو. مان پير صاحب ۽ جويي صاحب وٽ تقريباً پندرهن
ڏينهن ٽڪيس. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تاريخ جو هڪ ڪتاب
اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمي لاءِ ڏنو هو. غريب
ماڻهو هوس. ان ترجمي جي ڪم مان هزار ٻه ملڻا هئا.
اڳيون قرض لهي ويندو، اڳتي جو آسرو الله تي! ڏينهن
جو سرڪاري ڪم ۽ رات جو ترجمي جو ڪم.
سياري جي مند هئي. جويو صاحب ۽ پير صاحب باهه تي ڪچهري ڪندا
رهندا هئا. مان ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪندو
رهندو هوس. ڪنهن ڪنهن مهل ڪو دلچسپ ٽڪر هوندو هو
ته اچي کين ٻڌائيندو هوس. هڪ هنڌ لکيل هو ته
نيپولين بونا پارٽ لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته بونا
پارٽ ”بن فرات“ جي بگڙيل صورت آهي ۽ نيپولين جا
ابا ڏاڏا مسلمان هئا. ڪتاب جي مصنف کي شايد اهو
احساس هو ته ڳالهه ته حماقت جي ڪئي اٿم، سو ان کي
گل ڦل وجهڻ لاءِ لکيو هئائين ته ممڪن آهي ته هي
رڳو هڪ لطيفو هجي، پر آهي ڏاڍو دلچسپ!
منهنجو جويي صاحب ۽ پير صاحب وٽ وڃي اهو قصو بيان ڪرڻ ۽ جويي
صاحب کي چڙ وٺڻ. ڀايان ٿو ته مصنف موجود هجي ها ته
چڱي موچاري جٺ ڪريس ها. ٻئي طرف اهو نقل ٻڌي، پير
صاحب کل ۾ ويڙهجي وڃي. ڪتاب جو مصنف هجي مولانا
غلام رسول مهر، پير صاحب جو دوست ۽ سنڌ جي تاريخ
جي ٻن جلدن (عهد ڪلهوڙا) جو مصنف.
هڪ ڏينهن پير صاحب مون کي وٽس وٺي هليو. اسان کي حلوو کارايائين
۽ چاءِ پياريائين. پير صاحب سان تاريخ بابت
ڳالهيون ڪيائين ۽ مون سان ابوالڪلام آزاد بابت. ان
کانپوءِ آچر ڏينهن مانيءَ جي دعوت ڏنائين. آچر
ڏينهن پاڻ شيخ نياز ڪتب فروش وارن وٽ ويندو هو،
پوءِ سڀئي ويندا هئا. نعمت ڪدي هوٽل تي منجهند جي
ماني کائڻ،. ڳالهيون فقط علمي ۽ تمام دلچسپ. عالمن
جو اهو نسل هو، جيڪو اسان وٽان اٿي ويو. هاڻي انهن
کي ڏسڻ لاءِ اکيون سڪنديون رهنديون. مٺا ماڻهو
هئا. عجب انسان هئا!
T-13
۾ رهائش دوران پير صاحب ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن شام جو
رستي تي پسار ڪندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا
مان امن جا دستا
Peace-Corps
يعني نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پاڪستان ۾ آيل هئا ۽
پروگرام موجب مهينن جا مهينا وڏن ماڻهن جي گهرن ۾
ٽڪيل هئا. شام جو اسان به ٻاهر نڪرون ته آمريڪي
نوجوان پاڪستاني دوشيزه کي ۽ پاڪستاني جوان آمريڪي
حسينه کي بغل ۾ کنيو گلبرگ ۾ گهمندو نظر اچي.
T-13
بنگلو به گلبرگ ۾ هوندو هو. ڊاڪٽر عبدالله چغتائي
نالي پير صاحب جو هڪ دوست اڪثر ڪري اسان سان گڏ
چڪر ڏيندو هو. پير صاحب چوندو هوس ته ”چغتائي، هي
نوجوان جوڙ ان باهمي خير سگاليءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ
سڀ فرائض سرانجام ڏيندا هوندا؟“
اهو ٻڌي مون کان کل نڪري ويندي هئي ته چغتائي صاحب، جو ڳالهائڻ
۾ ٻاتو هوندو هو، مون کي چوندو هو، ”ان ۾ کلڻ جي
ڳالهه ڪانهي. پير صاحب سچ ٿو چوي.“
ڊاڪٽر عبدالله چغتائي اڏاوت جي فن جو وڏو ماهر هو. تاج محل تي
سندس تحقيق سند جي حيثيت رکي ٿي. سندس وڏو ڀاءُ
عبدالرحمان چغتائي ملڪ جو وڏو آرٽسٽ هو.
ڊاڪٽر عبدالله چغتائيءَ پير صاحب ۽ مون کي لاهور به گهمايو.
انارڪليءَ جي مقبري کان وٺي، لنڊا بازار تائين جتي
پراڻي آمريڪي سامان جي خريداريءَ لاءِ آچر آچر
ڏينهن ميلو لڳي ويندو هو.
هاڻي اسلام آباد مان منهنجو مهيني ماسي لاهور وڃڻ ٿيندو آهي. هڪ
دفعي اڪيلو ئي اڪيلو نعمت ڪدي هوٽل ۾ ماني کائڻ
هليو ويس. جڏهن موٽر ۾ هوٽل ڏانهن موٽيس، ته مرحوم
مولانا غلام رسول مهر، مرحوم عبدالله چغتائيءَ ۽
مرحوم سائين پير صاحب سان مجلسون ياد آيون. دل
اداس ٿي ويئي ۽ مير جو شعر چپن تي آيو:
وه صورتين الاهي کس ديس بستيان هين
اب ديکهني کو جن کي آنکهين ترستيان هين
* * *
هڪ دفعو صاحب مون کي امير خسروءَ جي سيمينار تي راولپنڊيءَ وٺي
ويو. ڪرنل افنديءَ جي والده وٽ ٽڪياسين. اها خاتون
افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه جي پڦاٽ هئي. سندس
خاوند سردار افندي ڪنهن ڳالهه تي بادشاهه سان
ناراض ٿي افغانستان ڇڏي آيو هو. پهريائين ڪشمير جي
راجا وٽ هليو ويو. اتي ٻي شادي به ڪيائين. پاڪستان
ٿيو ته هجرت ڪري آيو. ايوب خان کيس پنڊيءَ ۾ ايڪڙن
۾ هڪ شاهي بنگلو الاٽ ڪيو، پنجاب ۽ سنڌ ۾ زمين
ڏني. سنڌ واري زمين ڏي ته هن توجهه ڪو نه ڏنو،
البت پنجاب واريءَ زمين ۾ باغ پوکايائين. پٽ کي
فوج ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏنائين ۽ سندس شادي پنجاب
جي چيف منسٽر سر سڪندر حيات جي ڀائٽيءَ سان
ڪيائين.
سردار افندي مون ڪو نه ڏٺو. بيگم افندي وڏي وقار واري عورت هئي.
منجهس شاهي خاندان واريون سڀ خوبيون هيون. اردو
پوري ساري ايندي هئس. پير صاحب سان فارسي
ڳالهائيندي هئي ۽ مون سان اردو. بدن ۾ ڀريل. ڳوري
زائفان هئي. عمر سٺ پنجهٺ ورهيه. ڀوري ڀوري جهڙي
ڪپهه. رات ڏينهن تسبيح هٿ ۾. خاص شوق بنگلي جي
باغيچي ۾ قسم قسم جا گل ٻوٽا هڻائڻ.
اسان جون ڏاڍيون خدمتون ڪيائين. مانيءَ جي هر ويلي تي نئين قسم
جا طعام ۽ نئين نئين قسم جي ڪراڪري. رات جي مانيءَ
کانپوءِ قهوي جو دور هلندو هو، ان ۾ ڦودني جا پن
وجهائيندي هئي.
ڪچهريءَ جو مکيه موضوع افغانستان جو شاهي خاندان. ڪڏهن ڪڏهن پير
صاحب کيس سنڌ ۽ افغانستان جي قديم تاريخي لاڳاپن
کان واقف ڪندو هو.
جڏهن پير صاحب هيءُ جهان ڇڏي ويو، تڏهن مون ساڻن قرب جو پير
قائم رکيو. مان جڏهن به پنڊيءَ ويندو هوس ته بيگم
افندي دعوت ڪندي هئي. وچ تي ڪو حج تي ويئي هئي.
اتان جي جيڪا خاص ڳالهه مون کي ٻڌائڻي هئس سا اها
ته ”رباني صاحب اتان جا پوليس وارا ڏسي، مان ته
حيرت ۾ پئجي ويس. هيترا هيترا قد جا هجن“. هٿ سان
ائين اشارو ڪيائين، ڄڻ ته اهي سڀ ڄامڙا هئا. پوءِ
اچي کل ۾ ڇٽڪي.
بعد ۾ ڪنهن مون سان ڳالهه ڪئي بيگم افندي سورهن آنا سچي ڳالهه
ٿي ڪئي. ٻه چار ورهيه ٿيا ته بيگم صاحبہ به هي
جهان ڇڏي ويئي. هاڻي سندس فرزند ڪرنل يحى خان
افنديءَ سان گاهي ماهي ملاقات ٿيندي آهي. صحيح
معنى ۾ وڏو مهذب انسان آهي ۽ علمي ادبي ڪتابن جو
شوقين.
پوئين دور ۾ پير صاحب جو ملتان گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيو. ممتاز حسن
نالي هڪ خزانه آفيسر هوندو هو، جو مون کان تاريخي
ڪتاب گهرائيندو هو. هڪ سال غوث بهاول الحق
ملتانيءَ جي عرس تي پير صاحب کي ادبي ڪانفرنس جي
صدارت لاءِ سڏيائين. ان موقعي تي پير صاحب جو غوث
جي سجاده نشين مخدوم سجاد حسين قريشيءَ سان تعارف
ٿيو.
ٻئي سال پير صاحب ملتان ويو ته مون کي به ساڻ وٺيون ويو. مخدوم
صاحب جي مون سان پاڻ جيڪا تعريف ڪئي هئائين، هو
اهڙو ئي مکڻ ماڻهو نڪتو.
رات جي ماني کائي پير صاحب ۽ مخدوم صاحب جو ڪچهري شروع ڪن ته
صبح جا ٻه پيا وڄن. ان وچ ۾ چاءِ جو دور جاري هجي.
ٻي بجي کانپوءِ نوڪر وڃي سمهن، ته مخدوم صاحب پاڻ
وڃي چاءِ ٺاهي کڻي اچي. تان ته صبح جو بانگ اچي.
سندس ڪچهري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ماڻهو تي جادو ڪري ڇڏي. ڪو اهڙو
موضوع نه هجي، جنهن تي جديد ترين معلومات نه رکندو
هجي. انگريزي زبان تي وڏو ملڪو هئس. شايد آڪسفورڊ
۾ اعلى تعليم ورتي هئائين. مذهب، تصوف، ادب،
ثقافت، تاريخ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي سندس گفتگو
ٻڌڻ وٽان هئي. سنڌ ۽ ملتان جا تاريخي لاڳاپا ۽
انگريزي دور ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ تحريڪن جو اڀرڻ
ته سندس خاص موضوع هئا. پر سندس مجلس جي جيڪا خاص
ڳالهه هئي، سا هئي سندس مزاح جو رنگ. هڪ دفعي
خروشچوف ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ملاقات جو قصو
ٻڌايائين. اهو قصو ڀٽي (مرحوم) خود کيس ٻڌايو هو،
پر ان ۾ پاڻ ڪا رنگ آميزي ڪيائين. ٻئي دفعي شاهه
ايران جي ڀيڻ شهزادي اشرف پهلويءَ جي ملتان ۾ آمد
جي ڳالهه ٻڌايائين. شهزاديءَ جو جهاز هندستان
ويندي ڪجهه خراب ٿي پيو هو، سو ملتان ۾ ايمرجنسي
لئنڊنگ ڪئي هئائين. ايوب خان جا ڪيئي قصا
ٻڌايائين. مان نٿو سمجهان ته پير صاحب ۽ مان
زندگيءَ ۾ ڪنهن به مزاحيه فلم ڏسندي يا مزاحيه
ناول پڙهندي، ايڏو کليا هونداسين. پير صاحب کان ته
کلي کلي اکين مان پاڻي وهي ايندو هو. پر وري مخدوم
صاحب جڏهن سنجيده گفتگو ڪري ته ڄڻ ته ڪو عالمي
مفڪر ۽ دانشور ڳالهائي رهيو آهي. جڏهن رات جا ٽي
چار وڄندا هئا، ته مان سمهي پوندو هوس. پر، پير
صاحب ۽ مخدوم صاحب جي ڪچهري پوءِ به جاري رهندي
هئي. صبح جي بانگ ٻڌي، مخدوم صاحب نماز پڙهڻ ويندو
هو ۽ پير صاحب اچي آرامي ٿيندو هو.
اهي غوث جي عرس جا ڏينهن هوندا هئا. ملتان ۾ مخدوم صاحب جي
رهائشگاهه، جا چڱي خاصي محلات هئي، جي ٻاهران دم
بهاوالحق جا نعرا لڳندا رهندا هئا. هزارين ماڻهو
گڏجي هڪ خاص سر سان نعرو هڻندا هئا. مخدوم صاحب،
نماز پڙهي، سڌو وڃي مختلف جماعتن سان ملاقاتون
ڪندو هو. سڄو ڏينهن وٽس ماڻهن ۽ مريدن جا ميڙ لڳا
پيا هوندا هئا. ڪو منجهند جو ڪلاڪ ٻه سمهندو هجي
ته سمهندو هجي، نه ته مان ته سمورو وقت کيس هل
هلان ۾ڏسندو هوس. عمر پنجاهه ۽ سٺ ورهين جي وچ ۾
هئس، پر مون کيس ٿڪجندي ڪو نه ڏٺو. پير صاحب جي
ڪري، مون سان به محبت ٿي ويس. مون وٽ ادبي بورڊ ۾
قرب جا پير ڀري آيو. منهنجي والد صاحب وفات ڪئي ته
تعزيت ڏيڻ آيو. پر پير صاحب جي وفات کانپوءِ ملتان
مان اسان جو مرڪز اجڙي ويو. هڪ ته مخدوم صاحب
گورنر ٿي لاهور هليو ويو، ٻيو ته خود ملتاني دوست
ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
مخدوم صاحب سان هاڻي به ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن مان
کيس گورنر هائوس لاهور فون ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن
پاڻ به ياد ڪندو آهي. اڳي ملتان مان مون کي
حيدرآباد انب موڪليندو هو. هاڻي لاهور مان اسلام
آباد منهنجي گهر ليچي ميوي جو ٽوڪرو موڪليائين،
مون سان گڏ ٻين جن ماڻهن کي ساڳي ميووي جا ٽوڪرا
موڪليائين تن ۾ ملڪ جو صدر، مرڪزي وزير ۽ فوج جا
جرنيل لسٽ ۾ ڄاڻايل هئا. غريب ماڻهو شايد مان
اڪيلو ئي هوس. لاهور جي گورنر هائوس ۾ ڊاڪٽر شمل
سان گڏ سندس پرتڪلف دعوتون به کائي آيو آهيان.
تازو ايوان صدر ۾ ملياسون. پر تڏهن به مان جڏهن
لاهور ويندو آهيان، ته ورلي ڪو وٽس گورنر هائوس ۾
پير پائيندو آهيان.
پير صاحب هڪ دفعي مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن ڀاڻس وزير هوندو هو،
ته پاڻ سندس بنگلي تي ورلي ڪو ويندو هو، ان ڪري
مان به ان ۾ ئي ڀلائي ڀائيندو آهيان.
* * *
پير صاحب جا هونئن ته گهڻائي دوست هئا پر انهن مڙني ۾ ڊاڪٽر شمل
۽ ممتاز حسن کيس وڌيڪ ويجها هئا. ٽيون ماڻهو آغا
بدرالدين دراني. کيس ڏاڍو ويجهو هو. پر ان مرحوم
جي حال احوال جي مون کي خبر ڪانهي.
ڊاڪٽر شمل سان پير صاحب جي معرفت منهنجي پهرين پهرين ملاقات سنه
1958ع ۾ ٿي. انهيءَ سال هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي
سالگرهه ملهائي. مير غلام علي خان ٽالپر کيس
چانديءَ جو هڪ ٽي سيٽ تحفي طور ڏنو ۽ مون هالن جي
جنڊيءَ جو هڪ خوبصورت آئينو. پير صاحب ڇا ڏنس، سو
هاڻي ياد ڪونهيم.
ڊاڪٽر شمل اصل ۾ سيد عبدالواحد نالي ٻيلي کاتي جي هڪ رٽائرڊ
عملدار سان جرمنيءَ ۾ واقف ٿي هئي ۽ سندس دعوت تي
اقبال تي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ آئي هئي. سيد صاحب
۽ پير صاحب ٻئي اقبال اڪيڊميءَ جا ميمبر هئا.
ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان واقفيت ٿي ته هو کيس
ڳڙهي ياسين ۾ پنهنجي دوست آغا بدرالدين وٽ گهمائڻ
وٺي آيو. آغا صاحب ڊاڪٽر شمل جي ڏاڍي خاطر تواضغ
ڪئي. واپسيءَ تي سنڌي ڀرت ڀريل وڳا ۽ چانديءَ جا
ڳهه ڳٺا به تحفي طور ڏنائينس.
ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان آهستي آهستي دوستي وڌندي ويئي ۽ هوءَ
سنڌي ادب ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳي. ستت شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ ڏانهن متوجهه ٿي. سيد صاحب جي مرضي هئي ته
هوءَ رڳو علامه اقبال تي ڪم ڪري. ان وچ ۾ هڪ واقعو
ٿيو، جنهن صورتحال کي پيچيده بڻائي ڇڏيو.
پير صاحب ڊاڪٽر شمل کي مڪلي ۽ ٺٽو گهمائڻ وٺي ويو. ممتاز حسن،
سيد عبدالواحد، آثار قديمه جو ڊائريڪٽر ولي الله
به ان دعوت ۾ شامل هئا. مڪلي ۽ ٺٽو گهمي ڏوپهرو
آثار قديمه واري ريسٽ هائوس ۾ مڪليءَ تي ڪيائون.
ڪچهري ڪندي، اقبال ۽ شاهه لطيف جو ذڪر نڪتو. ولي
الله چيو ته، ”ٻنهي جي ڀيٽ اجائي آهي، ڇو ته ٻنهي
جو زمانو ساڳيو ڪونهي. هرهڪ پنهنجيءَ جاءِ تي عظيم
آهي. علامه اقبال جديد زماني جو تمام وڏو شاعر هو.
ولايت جو پڙهيل هو. سياسي ذهن رکندو هو. شاهه لطيف
کي وفات ڪئي ٽي سو ورهيه ٿيا، عام روايت موجب کيس
ابتدائي اسڪولي تعليم به ڪا نه ملي هئي. پر جيڏو
وڏو شاعر هو، ان کان وڏو اهل الله هو. سياست کان
پري هو، پر وقت جي بادشاهه نور محمد ڪلهوڙي سندس
قدمن تي اچي هٿ رکيا. شاعر ۽ فقير جي پاڻ ۾ ڪهڙي
ڀيٽ؟“
پير صاحب اهي اکر ٻڌي پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿيو، ولي الله کي
وڃي چمي ڏنائين. پير صاحب جي ائين ڪرڻ سان محفل ۾
هيجان واري ڪيفيت پيدا ٿي ويئي. سيد عبدالواحد
ڪڏهن به اهو واقعو وساري نه سگهيو.*
هڪ دفعي ڊاڪٽر شمل وٽس ٽڪيل هئي ۽ علامه اقبال تي ڪم ڪرڻ لاءِ
سورهن هزار رپيا اجورو مليو هوس، جنهن مان هن ڳهن
جو سونو سيٽ خريد ڪيو هو.
جنهن ڏينهن جرمنيءَ وڃي رهي هئي، ان ڏينهن سانجهيءَ جو پير صاحب
جي گهر کانئس موڪلائڻ ويئي ته پٺيان سيد صاحب جي
گهر ۾، ڪنهن پيتي ڀڃي، سندس سونو سيٽ ڪڍي ورتو.
ڊاڪٽر شمل خاموشيءَ سان سامان کڻي ايئرپورٽ تي پهتي. اتي پير
صاحب کان موڪلائڻ مهل کيس ڪن ۾ ڳالهه ڪيائين.
ايئرپورٽ کان واپسيءَ تي پير صاحب موٽر ۾ مون سان
اهو احوال ڪيو ۽ منع ڪئي ته ڪنهن سان به ڳالهه نه
ڪج.
ٻئي سال جڏهن ڊاڪٽر شمل پاڪستان آئي ته ون يونٽ سرڪار سندس
لاهور وڃڻ تي ته ڪو به اعتراض ڪو نه واريو، پر سنڌ
۾ داخلا تي بندش وڌي. تن ڏينهن ۾ پير صاحب لاهور
هو. مون کي فون تي اها خبر ٻڌايائين ۽ چيائين ته
تون ۽ حسين شاهه پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تي
سندس آجيان ڪريو جو هوءَ ڏکويل آهي.
اسان سنگتي ساڻ ڪري، گلن جا هار کڻي، ڳائڻا وٺي ايئرپورٽ
پهتاسين. جيئن ئي ڊاڪٽر شمل وي آءِ پي لائونج مان
ٻاهر نڪتي ته مٿس گلن جي ورکا ٿي ويئي ۽ سنڌي ڪلام
شروع ٿي ويا. ڏاڍي خوش ٿي.
اڳتي هلي ڊاڪٽر شمل سان واقفيت زندگيءَ ڀر جي دوستيءَ ۾ تبديل
ٿي. هن منهنجي هڪ افساني جو جرمن زبان ۾ ترجمو
ڪيو. هاڻي هوءَ ۽ مان هڪٻئي کي مستقل طرح خط پٽ
لکندا رهندا آهيون. حڪومت کيس ”سرڪاري مهمان“ قرار
ڏنو آهي. جڏهن پاڪستان جي دوري تي ايندي آهي ته
مان اڪيڊميءَ جي طرفان کيس سڪردو، سوات، ڪاغان،
سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب گهمائڻ وٺي ويندو آهيان.
گذريل سال چترال وياسين. سرسبز بلند و بالا جبلن جي وادين ۾ سئر
ڪندي، چيائين ته ”رباني تو کي هڪ دلچسپ ڳالهه
ٻڌائڻي اٿم. ڪجهه عرصو اڳ لنڊن ۾ هئس. ورهين
کانپوءِ مرحوم سيد عبدالواحد جي ننڍيءَ ننهن فون
ڪئي. ٻئي ڏينهن مون سان ملڻ آئي ۽ پنهنجيءَ سس جا
سلام ڏيئي، ڳهن جو هڪ سونو سيٽ تحفي طور ڏيئي
ويئي.“
ڊاڪٽر شمل هاڻي وصيعت ڪئي آهي ته جڏهن پاڻ هيءُ جهان ڇڏي، ته
کيس ولايت ماڻ سنڌ آڻي، مڪليءَ تي پير صاحب جي
پاسي ۾ دفن ڪيو وڃي. ڀٽائيءَ چيو هو:
”واجهائي وطن کي آءٌ جي هت مياس،
ته گور منهنجي سومرا ڪج پنوهارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.“
عمر ۽ عرصي جي لحاظ کان پير صاحب جو ڊاڪٽر شمل کان به جهونو
دوست هو (مرحوم) ممتاز حسن.
جڏهن پير صاحب جشميد روڊ تي رهندو هو، ته شام جو جيڪي دوست وٽس
مقرر گڏ ٿيندا هئا، تن ۾ مان ممتاز حسن کي روزانو
ڏسندو هوس. ننڍين ٻانهن واري قميص ۽ انگريزن جي
زماني واري خاڪي چڍي پائي ايندو هو. پير صاحب جي
مجلس ۾ ويٺل ماڻهو سندس ڏاڍو ادب ڪندا هئا. پر پاڻ
۽ پير صاحب هڪٻئي سان ڏاڍا حجائتا هوندا هئا، سو
هڪٻئي سان چرچا گهٻا ڪندا رهندا هئا. هونئن هر
معاملي ۾ ٻن سچن دوستن وانگر هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا
رهندا هئا. ممتاز حسن پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ ۽
ٻين اهڙن نازڪ ڪمن ۾ پير صاحب سان مشورو ڪندو هو.
ساڳيءَ ريت پير صاحب جي گهر جي ڀاتين کي به پنهنجو
اولاد سمجهي، سندن پر گهور لهندو رهندو هو.
ممتاز حسن آءِ سي ايس عملدار هو. پهريائين حڪومت پاڪستان جو
مالي سيڪريٽري هو. پوءِ نيشنل بئنڪ جو مئنيجنگ
ڊئريڪٽر ٿيو. ادب نواز ماڻهو هو. ملڪ جو اهڙو ڪو
علمي ۽ ادبي ادارو مشڪل ملندو، جنهن جي ڪنهن نه
ڪنهن طرح سرپرستي نه ڪئي هجيس.
سندس والد ڪنهن زماني ۾ خيرپور رياست جي والي، مير علي نواز جو
اتاليق هو. ان نسبت سان، ممتاز حسن جو سنڌ سان انس
هو. جڏهن مالي سيڪريٽري هو، ته بورڊ کي عربي ۽
فارسي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ چئن لکن رپين جي گرانٽ
ڏنائين، جنهن ۾ پوءِ ڏيڍ لک جو اضافو ٿيو. کيس
بورڊ جي ڪتابن جو انگ سدائين ياد هوندو هو، جڏهن
ملندو هو، ته پڇندو هو ته، پوئين ڪتاب جو انگ 276
آهي يا 277. پير صاحب جي ڪري مون سان به محبت ڪندو
هو. حيدرآباد ۾ مون کي جڏهن گڙدن جي سور ڪڪ ڪيو ۽
کيس اها خبر پيئي، تڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جو ڏس ڏيڻ
بدران، نئون نسخو تجويز ڪيائين. خط لکيائين ته،
”پنهنجون عادتون سڌار.“
هيءَ دنيا عجب جهان آهي. مون کان ڪو پڇي ته تو عمر ۾ ڪي ٻه سچا
دوست ڏٺا؟ ته فوراً جواب ڏيان ته پير صاحب ۽ ممتاز
حسن. پر پوين ڏينهن ۾ اهڙن ٻن پيارن دوستن کي به
هڪ ٻئي کان وٿيرڪو ڏٺم. حيرت به لڳندي هئم. تازو
اردو زبان جي هڪ اديب سان، جو ممتاز حسن، پير صاحب
۽ جوش مليح آباديءَ جو دوست هو، اها ڳالهه نڪتي.
هن دٻيل زبان سان ٻڌايو ته پير صاحب جي وڏي ڀاءُ
ممتاز حسن جي معرفت ڪو قرض ورتو هو، جو ادا ڪري نه
سگهيو، يا دير سان ادا ڪيائين، يا ان ۾ ٻي ڪا ڪمي
پيشي رهجي ويئي، ان واقعي، پير صاحب ۽ ممتاز حسن
جي دوستيءَ کي به متاثر ڪيو.
خدا ٿو ڄاڻي ته حقيقت ڇا هئي؟ پر هڪ ڳالهه مون کي به ياد آهي.
هڪ رات مان پير صاحب وٽ ويٺو هوس، ته ممتاز حسن
آيو. وڏو ڀاڻس به موجود هو. حقو ڇڪي رهيو هو ۽
ممتاز حسن سان ڪچهري ڪري رهيو هو. موڪلائڻ مهل
ممتاز حسن جو هٿ وٺي چيائين، ۽ چيائين ته ”اسان جي
عرض جو غرض پورو نه ٿيو.“ ممتاز حسن گهٻرائجي هٿ
پوئتي ڪيو ۽ چيو ته ”پير صاحب هي ڇا ٿا ڪريو!“
پير صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مالڪ رام جو هڪ اهڙو ٻيو قصو خود به
مون کي ٻڌايو هو. پر مان ان ڳالهه جو اکين ڏٺو
شاهد آهيان ته هو انهن ڳالهين جي باوجود پنهنجي
وڏي ڀاءُ جو بيحد ادب ڪندو هو. سندس ذڪر ڪندي، هڪ
دفعي مون کي چيائين ته ”ڪڏهن سندس غلطين جو مان
نتيجو ڀڳندو آهيان ۽ ڪڏهن منهنجي غلطين جو نتيجو
هو ڀوڳيندو آهي.“ ٻئي هڪ دفعي مون کيس پنهنجي وڏي
ڀاءُ کي بجنسي پيرين پئي ملندي ڏٺو. پوين زماني ۾
مير معصوم جي زندگيءَ تي يا ٻئي ڪنهن موضوع تي
ڪتاب لکيائين، جنهن جو انتساب پنهنجي وڏي ڀاءُ
ڏانهن ڪيائين.
سنڌ جي دوستن ۽ احبابن ۾ غالباً پير صاحب سڀ کان وڌيڪ شاهه صاحب
جي ايم سيد سان محبت ڪندو هو. چنانچ ايوب خان جي
حڪومت شاهه صاحب کي جڏهن نظربند ڪري، ڳوٺ سن ۾
رکيو، تڏهن پير صاحب اتي به ساڻس ڪچهري ڪرڻ هلندو
هو. تن ڏينهن ۾ شاهه صاحب ”جنب گذاريم جن سين“
ڪتاب لکندو هو. ڏينهن ٻه اسانکي سن ۾ ٽڪائي ڇڏيندو
هو. اهي مجلسون ۽ محبتون عمر ڀر ياد رهنديون.
ڪچهريءَ ۾ رني ڪوٽ جي قلعي جو ذڪر اڪثر نڪرندو هو. هڪ دفعي پير
صاحب قلعي ڏسڻ لاءِ ڪراچيءَ مان سنبري نڪتو، سندس
دوست ڪرنل خواجه عبدالرشيد، مسٽر محمد حسين پنوهر
۽ جويو صاحب به گڏ هئا. رات سن ۾ رهي، صبح سان
جيپن ۾ سوار ٿياسين ۽ اچي قلعي جي در تي لٿاسين.
اتان اٺن تي چڙهياسين ۽ ميريءَ واري ڪوٽ وٽ وڃي
لٿاسين.
رني ڪوٽ سنڌ جو عجوبو آهي. ڪنهن زماني ۾ ان کي موهن ڪوٽ ڪوٺيندا
هئا. ان جي آسپاس هڪ ديهه جو نالو موهن مڪان اهي.
رني ڪوٽ آمريءَ کان ويهارو ميل پري ٿيندو. آمري
موهن جي دڙي کان سو ميل ڏکڻ اولهه ۾ آهي ۽ ان کان
اٺ سو ورهيه قديم آهي، جيئن ته رني ڪوٽ تي آثار
قديمه وارن ڪا به تحقيق ڪا نه ڪئي آهي، ان ڪري ان
جي عمر جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.
سنه 1982ع ۾ چين ويس. جڏهن ”ديوار چين“ ڏٺم ته ائين محسوس ڪيم
ته رني ڪوٽ جي اڳيان بيٺو آهيان.
قلعو ڏسي اسان سن موٽي آياسين ۽ شاهه صاحب جي درياهه واري بنگلي
تي ڪچهري ڪئي سون. رات جي ماني کائي، کليل صحن ۾
موڙن تي اچي ويٺاسين. اونهاري جي مند هئي. ٿڌي هوا
پئي لڳي. پاسي ۾ درياهه پئي وهيو. مٿي آسمان ۾
تارن جو عجب جنسار لڳو پيو هو. اسان سنڌي زبان ۾
ڪچهري ڪري رهيا هئاسون، جا ڪرنل خواجه عبدالرشيد
کي اصل سمجهه ۾ ڪا نه ٿي آئي. هو غريب چڱيءَ چڱيءَ
دير تائين آسمان ۾ تارا جاچيندو رهيو. پوءِ خبر
ناهي ته کيس ڇا ٿيو، جو امالڪ موڙي تان پٽ تي وڃي
ڦهڪو ڪيائين. ٿلهو ٿنڀرو مڙس هو. ڌڌڪو ٿي ويو.
”اوهه“ ڪري اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪپڙا لٽا ڇنڊي، وري موڙي
تي ٺهي ٺڪي ويٺو. اهو لقاءُ ڏسي مون کان ته کل
نڪري ويئي. پر شاهه صاحب ۽ پير صاحب سياڻا ماڻهو
هئا، سي پوءِ ساڻس اردوءَ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا. خواجه
صاحب، شاهه صاحب کان رني ڪوٽ بابت الاهي سوال ڪيا
۽ انهن جي آڌار تي هڪ شاندار مضمون لکيائين، جيڪو
رني ڪوٽ تي پهريون پهريون اهم مضمون آهي. اول
اقبال رويو جرنل ۾ ڇپيو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ترجمو
مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو.
ان موقعي تي اسان شاهه صاحب جي سن واري لئبرري به ڏٺي. ننڍي هئي
پر نهايت سليقي سان سنڀاليل هئي. منجهس مولانا
ابوالڪلام آزاد، قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين
اهڙن اڳواڻن جا خط ۽ تارون هڪ فائيل ۾ سانڍيل هئا.
پير صاحب جي پنهنجي لئبريري سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان نهايت
اهم هئي. ان ۾ ڇاپي ڪتابن سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي
ڪيترا قلمي نسخا پڻ موجود هئا. پير صاحب جي دلي
مرضي هئي ته لئبرري سنڌ يونيورسٽي خريد ڪري. شاهه
صاحب غلام مصطفى شاهه وائيس چانسلر هو. هن ٽن ڄڻن
جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي. ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي پير
صاحب جي نازڪ مزاج جو ڪو به پتو ڪو نه هو. هنن
ساڻس جنهن انداز ۾ گفتگو ڪئي، ان تان ئي پير صاحب
جهڙي نازڪ ماڻهوءَ جي دل کڄي ويئي. هن پوءِ
قائداعظم يونيورسٽيءَ سان ڳالهيون هلايون. وچ تي
پروفيسر شيخ عبدالرشيد هو سمجهدار ماڻهو هو.
غالباً ڊاڪٽر دانيءَ سان به مشورو ٿيو. ٻنهي ڄڻن
عقلمنديءَ سان مسئلي کي سلجهايو. ائين پير صاحب جي
لئبرري وڃي قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ پهتي. پير صاحب
ان سلسلي ۾ هڪ اڌ خط مون کان به انگريزيءَ ۾ ڊرافٽ
ڪرايو هو، جنهن مان پتو پيم ته ان لئبرريءَ لاءِ
يونيورسٽيءَ جي مرڪزي ڪتبخاني ۾ هڪ خاص گوشو قائم
ڪيو ويندو. پير صاحب کي لئبرريءَ جي عيوض جيڪي
پئسا مليا، تن مان هن الحمرا سوسائٽيءَ وارو
موجوده گهر خريد ڪيو.*
پير صاحب پنهنجي لئبريري سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏيڻ وڌيڪ پسند ٿي
ڪئي، ڇو ته سنڌ سان کيس بيحد محبت هئي. هونئن ته
علمي ادبي تحقيقي ڪم جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ سندس
دوستن احبابن جو حلقو وسيع هوندو هو. ان ۾ سنڌي
عالم ۽ ماهر به هئا ته اردو اديب ۽ محقق به هوندا
هئا. مهيني ماسي سندس گهر ۾ عالمن ۽ اديبن جي دعوت
ٿيندي هئي، ان ۾ اڪثريت اردو اديبن جي هوندي هئي.
مان اردو زبان جي ممتاز عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان
پير صاحب جي گهر متعارف ٿيس. جوش مليح آبادي پير
صاحب وٽ گهڻو ايندو هو. پير صاحب ٻڌايو ته هڪ دفعي
ٽاڪ منجهند جي مهل بي وقتو اچي نڪتو. اها منهنجي
آرام ڪرڻ جي مهل هئي. چيائين ته پير صاحب پنجين
بجي نياڻيءَ جو نڪاح آهي. مون چيس ته جوش صاحب ان
۾ حيرت جي ڳالهه ڪهڙي آهي؟ چيائين ته اڃا تائين
ڪنهن کي به اطلاع ڪو نه ڪيو اٿم. نڪو نڪاح پڙهڻ جو
بندوبست ڪيو اٿم. ظاهر آهي ته مان به اها ڳالهه
ٻڌي وائڙو ٿي ويس. ان مهل ئي دوستن احبابن کي
فونيون ڪيم، تڏهن وڃي گلم غاليچي، تنبو، شامياني،
۽ خارڪ ۽ نقل ورهائڻ جو انتظام ٿيو.
پوين ڏينهن ۾ فيض احمد فيض به پير صاحب کي ويجهو هوندو هو. سنڌ
۾ اردو ۽ سنڌي اديب هڪٻئي کان ڇڄي ويا هئا. پير
صاحب ۽ فيض جو خيال هو ته ٻئي ادبي گروهه گڏجي
عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪن.
هڪ ڏينهن پير صاحب ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته مان فيض کي وٺي
حيدرآباد اچان ٿو. تون مرڪزي اردو بورڊ ۾ جلسي جو
بندوبست ڪر. جلسي ۾ حفيظ قريشيءَ، ڊاڪٽر عاليه
امام ۽ رسول بخش پليجي تقريرون ڪيون. صدارت فيض
ڪئي. سنڌي ادبي حلقن ۾. مون کي ياد آهي ته ان
موقعي تي رسول بخش پليجي انگريزي زبان ۾ نهايت
پياري تقرير ڪئي. دل کي ڇهندڙ انداز ۾ فيض کي
مخاطب ٿي چيائين ”سائين، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ
تي، پر تون اسان جي اڱڻ پيهي آئين، ته ڄڻ زندگيءَ
جو هڪ خواب پورو ٿيو.“
پير صاحب پنهنجين دعوتن ۾ ٿوريون گهڻيون زالون به سڏيندو هو.
مان اڪثر ڪري ٻه جوان خوبصورت ڀينر ڏسندو هوس، جي
انگريزي يا فارسي ڳالهائينديون هيون. سندن آڳاٽو
تعلق افغانستان جي شاهي خاندان سان هو. اهو خاندان
ڪن گهرو اختلافن سببان، انگريزن جي زماني ۾، لڏي
اچي ديرادون ويٺو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، هجرت
ڪري ڪراچي آيو. وڏي ڀيڻ شاديءَ کانپوءِ ابوظهبيءَ
هلي ويئي ۽ ننڍي سعودي عرب. وڏي ڀيڻ اهل قلم هئي.
آمريڪي مرڪز اطلاعات جي ثقافتي پروگرامن ۾ شريڪ
ٿيندي هئي. ساڻس پير صاحب جي ڪري منهنجي دعا سلام
ٿي. اڃا تائين خط پٽ لکندي رهندي آهي. منهنجي
مشوري تي ڪن سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪيو اٿس.
هڪ ڏينهن پير صاحب مون کي چيو ته اڄ تو کي هڪ خوبصورت فارسي
ڳالهائيندڙ خاتون به ڏيکاريندس ۽ سندن گهر دعوت به
کارائيندس.
منجهند جو مون کي هڪ محلات جهڙي گهر ۾ وٺي هليو. خانم ۽ سندس
خاوند ٻئي ايراني هئا. پر خانم ڪا سهڻي هئي! مون
ته پنهنجي ملڪ ۾ يا ڪنهن به، ٻاهرئين ملڪ ۾ اهڙي
خوبصورت عورت ڪا نه ڏٺي آهي.
پير صاحب ٻڌايو ته پاڻ شاهه ايران جي راڻيءَ سان به ڪيترا ڀيرا
ملاقات ڪئي اٿس، پر خود راڻي به هن عورت اڳيان
پاڻي نه ڀري سگهندي.
خانم ايڏي ته خوبصورت هئي، جو مان جيئري جاڳندي ڪنهن به انسان
سان سندس تشبيہ ڏيئي نٿو سگهان.
اسلام بت تراشيءَ کي ناجائز قرار ڏنو. اسلام کان اڳ بت تراشي
عام هئي. حضرت ابراهيم جو پيءُ آذر به بت تراشيندو
هو ۽ چون ٿا ته ڏاڍا سهڻا بت ٺاهيندو هو. هاڻي
شاعر جڏهن محبوب جي سونهن جي تعريف ڪندا آهن، ته
کيس ”رشڪِ بتانِ آذري“ ڪوٺيندا آهن.
پر، آذڙ جو زمانو اڄ کان هزارين ورهيه اڳ هو. مان نٿو ڀايان ته
آذر جو ڪو بت باقي بچيو هوندو، جنهن سان جديد دور
جي ڪنهن زندهه حسين بت کي ڀيٽي ڏسجي.
عيسائيت بت پرستيءَ تي اعتراض ڪو نه واريو. سو، عيسائي مذهب وڏا
وڏا بت تراش پيدا ڪيا، جن مان ڪن جا تراشيل بت اڃا
تائين يورپ جي ڪليسائن ۽ بادشاهن جي محلاتن ۾
موجود آهن.
مون روم جي ڪن تاريخي محلاتن جون تصويرون ڏٺيون آهن. انهن ۾
پاڻيءَ جي حوض يا آبشار مٿان سنگمرمر مان ٺهيل
پرين جا بت ڏٺا اٿم. اها ايراني حسينه انهن پرين
جهڙي سهڻي هئي. فرق اهو هئو ته هو بت هئا ۽ پاڻ
جيئرو جاڳندو انسان هئي.
خانم ايڏي ته سهڻي هئي، جو اڳتي هلي، پنهنجي ئي سونهن سندس لاءِ
نفسياتي مسئلو ٿي پيئي. ڪو زمانو ڪراچيءَ ۾ نفسيات
جي هڪ ماهر کان ذهني الجهن جو علاج ڪرائيندي رهي.
سندس عاشق اڻ کٽ هئا. ڪي ويچارا ته سندس هڪڙيءَ مٺيءَ مرڪ لاءِ
ٻاهرين ملڪن مان هيرا، جواهر، موتي ۽ لعل تحفي طور
آڻيندا هئا. پر هوءَ ڪنهن کي به خاطر ۾ ئي ڪو نه
آڻيندي هئي.
جنهن ڏينهن پير صاحب مون کي وٽس وٺي هليو، ان ڏينهن کيس بنا
ٻانهن جي سفيد ريشم جي ڄاريءَ جي گلن واري قميص ۽
هيٺ گلابي جينس جي پينٽ پاتل هئي. پيرن ۾ هاءِ هيل
سونهري سئنڊل. هڪ ٻانهن ۾ سوني پٽي سان سنهڙي واچ،
۽ ٻيءَ ۾ موتين سان جڙيل سون جو پٽو. سندس سونهري
وار ڪلهن تي پئي پيا. جڏهن پير صاحب منهنجو ساڻس
تعارف ڪرايو، تڏهن زماني جي دستور موجب رسمي طرح،
پنهنجيءَ صراحيدار گردن کي ٿوري جنبش ڏنائين ۽ مون
ڏي مرڪي نهاريائين. مون کان ته سيسراٽيون نڪري
ويون. ورهيه اڳ ٻڌل هڪ سرائڪي ڪلام ياد اچي ويو:
اکڙيان تيڏيان عقاب
عاشق مار شڪار ڪِتوني
اسان کي ”چلو ڪباب“ کارايائين ۽ مٿان ايراني چاءِ جو دور هليو.
پير صاحب چاءِ جي چسڪي ڀريندي چيس ته، ”خانم، شام جو ڪراچيءَ جي
ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ خوبصورت زالون ۽ مرد گهمڻ ايندا
آهن. ڪنهن ڏينهن اوهان به ڪاري ريشمي سلوار، ڪاري
ريشمي قميص ۽ ڪارو دوپٽو پائي چڪر ڏيڻ اچو.“
خانم ڏاڍي ذهين هئي. مرڪي چيائين، ”پير صاحب پوءِ ڇا ٿيندو؟“
پير صاحب چيو، ”بس، پوءِ قيامت اچي ويندي!“
هڪ دفعي مڙس سان گڏ حيدرآباد گهمڻ آئي ۽ خانه فرهنگ ايران ۾ اچي
ٽڪي. ڪراچيءَ جي هڪ ٻي ايراني فئملي به ساڻن گڏ
هئي.
مان ۽ خانه فرهنگ جو ڊئريڪٽر، کين نواب نور احمد لغاريءَ جي باغ
تي دعوت کارائڻ وٺي وياسون. ان ڏينهن يار جي ديدار
جي عام خاص کي اجازت هئي، يعني ”نڪا جهل نه پل،
سڀڪو پسي پرينءَ کي“ وارو حساب هو.
خانم شام جو ڪجهه دير لاءِ ايراني سهيلين سان گڏ، ريشم گليءَ جو
چڪر ڏيڻ ويئي. مڙسس به ڪو سڪايل هو. جڏهن موٽر
رواني ٿي ويئي، تڏهن غريب مون کي اچي آهستي ڪن ۾
چيو ”آغا سڄي سونهن ريشم گليءَ رواني ٿي؟“
انقلاب اچڻ کان ٿورو اڳ،، زال مڙس ايران موٽي ويا. ٻڌم ته اتي
خانم خاوند کان عليحدگي اختيار ڪئي.
* * *
پير صاحب بنيادي طرح اهل دل انسان هو. سچل چيو آهي:
”صورت ۾ جاءِ دم جي
دم ريءَ نه صورت ڪم جي
دم ۾ جا لذت غم جي
وه واه ڳالهه خاصي.“
اها ڳالهه پير صاحب تي سورهن آنا صادق هئي. هر انسان وانگر کيس
به سهڻي صورت وڻندي هئي. گلاب جا گل ڪنهن کي نٿا
وڻن؟ پر سهڻيءَ صورت کان وڌيڪ کيس سهڻي سيرت وڻدي
هئي. مون کي جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته تون ويهن ورهين
کان مٿي عرصو پير صاحب کي نهايت ويجهو رهئين. هڪ
جملي ۾ سندس شخصيت بيان ڪر، ته مان جيڪر جواب ۾
کيس هيئن چوان ته ”پير صاحب بنيادي طرح هڪ بااخلاق
انسان هو.“ انسانن کي تورڻ تڪڻ، جاچڻ جوچڻ جو وٽس
هڪ ئي پيمانو هو ۽ اهو هو سندن اخلاق.
1965ع واريءَ جنگ ۾ ڪن اديبن، شاعرن ۽ صحافين اهو ضروري سمجهيو
ته پاڪستان سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏيڻ لاءِ
اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ شعر وغيره لکن. پير صاحب
جي وڏي ڀاءُ به جنگ اخبار ۾، پنهنجي ڪالم ۾، ان
موضوع تي قلم کنيو. پهريائين ته ملڪي حالتن ۽ جنگ
بابت مضمون لکيائين. ان کانپوءِ هندستان جي هڪ
وزير کي، جيڪو غالباً ذات جو ”ڇاڳلا“ هو، پنهنجي
طعني تنڪي جو مرڪز بنايائين. ان ۾ ڪجهه زيادتي ڪري
ويو. هڪ مضمون ۾ لکيائين ته اسان کي ”ڇاڳلا“ ڪنهن
اهڙيءَ شيءِ جو نالو رکڻ کپي، جيڪا رديءَ جي
استعمال لاءِ هجي، يعني خسيس ۽ ذليل هجي، مثلاً
اسان ردي ڪاغذن جي ٽوڪريءَ جو نالو ”ڇاڳلا“ رکون،
جو ان ۾ گند بلا ڦٽي ڪندا. رهندا آهيون... وغيره.
اها ڳالهه پير صاحب کي نه وڻي. پر، ان کانپوءِ
ڀاڻس هڪ ٻيو مضمون لکيو، جنهن ۾ جواهر لعل جي
خاندان تي ذاتي حملو ڪيائين ۽ سندس رشتيدار زالن
جا مسلمان اڳواڻن سان معاشقا بيان ڪيائين.
هڪ ڏينهن مان پير صاحب وٽ ويس. شام جي مهل هئي. موٽر ۾ ويٺاسين.
صدر ۾ ڪو ڪم هوس. موٽر جي ڊرائيور کي چيائين ته
”اول علي محمد شاهه جي جاءِ تي لارينس روڊ تي هل.“
جڏهن اتي پهتاسين ته چيائين ”تون به لهه.“ هيٺ
لٿاسين. بنگلي جي وڏي در مان اندر گهڙياسين ته
سامهون صحن ۾ سندس وڏو ڀاءُ، اڪيلو ئي اڪيلو، آرام
ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ پائيپ ڇڪي رهيو هو. ڀرسان ٻه
ٽي آرام ڪرسيون پيون هيون. هڪ تي پير صاحب ويٺو،
ٻيءَ تي مان. وڏي ڀاڻس پڇيو ته، ”چانهه پيئندا يا
شربت؟“ پير صاحب جواب ۾ چيس ته، ”علي محمد شاهه
وطن سان محبت هڪ شيءِ آهي، سياست ٻي ۽ ٽينءَ شيءِ
جو نالو اخلاق آهي. تو کي شرم ڪو نه آيو، جو تو
جواهر لعل جي زالن کي گهٽ وڌ ڳالهايو؟ تو کي
پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ڪانهي؟“
پير صاحب جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو. وڏي ڀاڻس ڪنڌ
کڻي هيٺ ڪيو. ڪا دير ته خاموش رهيو. پوءِ ڏاڍي ڏک
مان چيائينس، ”حسام الدين شاهه مون کي معاف ڪر.
مون کان برابر غلطي ٿي ويئي.“
هڪ دفعي پير صاحب اورينٽ هوٽل ۾ ٽڪيل هو. وٽس ڪچهري متل هئي. ان
۾ نياز همايوني به هو ۽ تنوير عباسيءَ جو ننڍڙو
ڀاءُ مرحوم الطاف عباسي به. پير صاحب هوٽل ڇڏي
ڪراچيءَ وڃي رهيو هو. بل ڏيئي ٻاهر نڪتو. اسان
پٺيان موٽر ۾ ويٺاسون ته کيس اڳڀرو هلي خدا حافظ
چونداسون. موٽر جڏهن گاڏي کاتي واري چوڪ وٽ پهتي
ته مرحوم الطاف پينٽ ۽ قميص جي کيسن مان ڪانٽا ۽
چمچا ڪڍيا، جي هو، کل ڀوڳ جي نموني ۾، هوٽل مان
کڻي آيو هو. ننڍيءَ عمر ۾ ماڻهو اهڙيون معصومانه
حرڪتون ڪندو آهي. پير صاحب کڙڪو ٻڌي، اڳيان سيٽ
تان پڇيو ته ”ڇاهي؟“ ڪنهن کلندي ڳالهه ٻڌايس.
ڊرائيور کي چيائين ته ”موٽر پوئتي موٽاءِ.“ سڌو
هلي هوٽل تي بيٺو. چيائين ته ”وڃو، وڃي پرائو
سامان موٽائي ڏيئي اچو.“ الطاف غريب جي ته منهن جو
پنو ئي لهي ويو، پر اسان سڀ اهڙا ششدر ٿياسين، جو
ڌرتي جاءِ ڏئي ته اندر گهڙي وڃون. پير صاحب ٻيو
دڙڪو ڏنو. الطاف پاڻ وڃي سامان اندر ڇڏي آيو ۽
هوٽل وارن سان چرچي جي معذرت ڪيائين.
پير صاحب جڏهن ڪئنسر جي علاج مان ماسڪو جي ڊاڪٽرن مان به آخرڪار
مايوس ٿيو، تڏهن مون مٿس زور ڀريو ته لنڊن وڃو.
چيائين ته پئسا ڪيڏانهن آڻيان؟ مون چيس ته زمين
وڪڻو. اسان ان الجهن ۾ هئاسين جو وٽس هڪ ڏينهن
ڊاڪٽر شمل جو خط آيو. لکيائينس ته ”مون سڄو
بندوبست ڪيو آهي. تون جرمنيءَ علاج لاءِ هليو اچ.“
مان اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس. پر جڏهن وٽس ويس،
ته کيس ڪو به خيال ڪو نه هو. آخر مون جڏهن اصرار
ڪري چيو ته ”ڪڏهن ٿا جرمنيءَ وڃو؟“ تڏهن ڏک مان
چيائين ته ”رباني، ڪا عقل جي ڳالهه ڪر. مان اهڙو
بداخلاق آهيان، جو رن زال وٽ وڃان ته منهنجو علاج
ڪرائي.“
آخر پنهنجي خرچ تي لنڊن ويو. انهن ڏينهن ۾ وري ويزا جو مسئلو
پيدا ٿيو. هڪ مرڪزي وزير لاءِ چيو مانس ته ”ان کي
چئو.“ جواب ۾ چيائين ته ”بداخلاق ماڻهوءَ کي مان
ڪم نه چوندس. موت وڏي ڳالهه ناهي. اخلاق وڏي ڳالهه
آهي.“
هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”رباني، چون ٿا ته انسان کي قيامت
ڏينهن، ترار کان تکيءَ ۽ وار کان سنهيءَ پلصراط
تان لنگهي، بهشت ۾ پير پائڻو پوندو. پر منهنجي
خيال موجب هن دنيا جي حياتي ئي حقيقي پلصراط آهي.“
جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسلر مقرر ٿيس ته
منهنجا ڪي دوست خوش ٿيا ۽ ڪن کي حسد ٿيو. پير صاحب
جو رد عمل نرالو هو. مون کي خوشيءَ ۽ غم جي گڏيل
جذبن سان مخاطب ٿيندي چيائين ته ”تو جنهن ماڻهوءَ
سان پلئه اٽڪايو آهي سو اڳي پوءِ تو کي ڏنگيندو.
مون کي انديشو آهي ته تون آخرڪار پڇتائيندين.“
اڳتي هلي سندس پيشنگوئي حرف بحرف صحيح ثابت ٿي.
پير صاحب مون کي جڏهن به ڪنهن غلط ماڻهوءَ جي صحبت ۾ ڏسندو هو
ته فوراً ٽوڪيندو هو. هو مون ڏانهن حقيقي اولاد
وانگر ڏسندو هو.
هڪ دفعي ڪراچيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ ٽڪيل هجان ۽ سخت ٿڪل هجان. هڪ دوست
اچي ڪڙڪيو ۽ منهنجي مرضيءَ جي خلاف سينيما تي وٺي
هليو. پڪچر ڏسندي، مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪو
منهنجي دل کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي، ان کي ڀڪوڙي رهيو
آهي. سينيما اڌ ۾ ڇڏي، ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي پير صاحبن
وٽ پهتس. اڌ رات جي مهل هئي. اوڏيءَ مهل ئي موٽر ۾
سمهاري اسپتال وٺي هليو. جڏهن چڪاس ڪرائي موٽياسين
ته هوٽل تي وڃڻ نه ڏنائين. گهر هلي پنهنجي پلنگ تي
سمهاريائين. پنهنجي لاءِ پاسي ۾ جدا پلنگ
وجهايائين. صبح جو ننڊ مان اٿيس ته ساڻس گڏ ناشتو
ڪري عادت موجب سگريٽ دکايم. چيائين ته ”سگريٽ ڇڏين
نٿو؟“
مون 30 ورهيه لاڳيتو سگريٽ ڇڪيو هو ۽ ان کي ڇڏڻ لاءِ ڪي جتن ڪيا
هئم. مثلاً جڏهن سگريٽ جي ٻاڙ لڳندي هئي، تڏهن
کٺمٺڙا يا سونف کائيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پهرن
جا پهر آڱرين ۾ جهلي وهندو هوس، ان کي دکائيندو ڪو
نه هوس. ڪڏهن سگريٽ جي ڪوٽا مقرر ڪندو هوس. هر
مانيءَ جي ويلي تي، کاڌيءَ کانپوءِ هڪ، صبح ۽ شام
چاءِ کانپوءِ هڪ. ڳوٺ ويندو هوس ته ٻه ٻه ٽي ٽي
ڏينهن سگريٽ ڪو نه ڇڪيندو هوس. پر سگريٽ نوشي ڏاڍي
گندي عادت آهي. ريڊرس ڊائجيسٽ رسالي ۾ هڪ مضمون
پڙهيم ته ماڻهن سگريٽ ڇڏڻ کانپوءِ ڏهن ورهين جي
عرصي بعد وري ڇڪڻ شروع ڪيو آهي. مطلب ته سگريٽ مان
جند ڇڏائڻ منهنجي لاءِ ممڪن نه هو. پر پير صاحب جي
ٽن اکرن جادوءَ وارو ڪم ڪيو. مون سندس حڪم جي
تعميل ۾ پاڪيٽ ڦٽي ڪيو. اهو سنه 1969ع هو ۽ هي سنه
1988ع آهي. گذريل اڻويهن ورهين جي عرصي اندر، مون
ڪڏهن ڀلجي به سگريٽ کي هٿ نه لاتو آهي.
|