سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

 

صفحو : 14

 

نبي ڪريم ﷺ تي صلوات پڙهڻ ته سندس پراڻي عادت هئي. هٿ ۾ تسبيح هوندي هئس، سا سدائين چرندي رهندي هئي. ڪي ماڻهو سمجهندا هئا ته شايد ايراني دوستن جي سنگت ۾ تسبيح فئشن طور کڻي ٿو پر حقيقت ۾ ائين ڪو نه هو.

گلشن خاڪي آمريڪا ۾ ڪنهن يونيورسٽي ۾ تقابل اديان جو مضمون پڙهائيندي هئي. پير صاحب وٽ عام جام ايندي هئي ۽ گهر جي ڀاتين وانگر ٽڪنڊي هئي. تڏهن جوان جمان حسين عورت هئي. پير صاحب جي ڪري مون سان به دعا سلام ٿيس. هڪ دفعي چيومانس ته ” پير صاحب جو پيرن فقيرن جي مزارن تي وڃي ٿو، سو ڪيتري قدر درست آهي؟ رب ته ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي.“

ڏاهي زال هئي، سوچي چيائين ته ”زباني، مان توکي گلاب جي گلن جي مٺ ڀري ڏيان، تون خاڪ ۾ کڏڙي کوٽي، مٽيءَ ۾ پوري ڇڏ. هفتي کن کانپوءِ مٽي هٽائيندين ته توکي ڇا نظر ايندو؟“ مون چيو، ” شايد، گلاب جا سڪل پن، يا اهي پن به ڳري مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويندا.“

چيائين، ”هاڻي انهيءَ مٽيءَ سان لپ ڀري، نڪ جي ويجهو آڻ، توکي گلاب جي گلن جو هلڪو ئي سهي، پر ٿورو گهڻو واس ايندو يا نه ؟ “

مون چيو ته، ”يقينن ايندو.“

چيائين ته، ”پوءِ پاڪ ۽ متبرڪ جسم جڏهن ڪنهن مٽيءَ ۾ لهن ٿا ۽ دفن ٿين ٿا، تڏهن اها مٽي واسجي متبرڪ ٿيندي يا نه ؟“

گلشن جي ڳالهه ٻڌي هڪ واقعو ياد آيم.

امام مالڪ کي نبي ڪريم ﷺسان ايڏي ته محبت هوندي هئي، جو سڄي عمر مديني منور ۾ پيرين اگهاڙي گهميو ته متان جتيءَ سان اهڙي ڪنهن هنڌ تي پير اچي وڃي، جنهن هنڌ نبي ڪريم ﷺ پير رکيو هجي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي ڪنهن مواليءَ پڇيس ته ”مڪو افضل يا مدينو؟“

امام مالڪ ٺهه پهه جواب ڏنو ته ”مڪو، ڇو ته ان ۾ بيت الله آهي.“ موالي ٿورو مشڪيو. امام مالڪ دانهن ڪئي، ”ترس، ترس، مديني ۾ اهو هنڌ، جتي ٻنهي جهانن جا سردار ابدي آرام ۾ آهن ۽ اها مٽي، جيڪا سندن جسم مبارڪ کي ڇهي ٿي، سا بيت الله ته ڇا عرش کان به افضل آهي.“

الله جي رسول جي ته ڳالهه ئي جدا آهي پر قلندر شهباز جهڙا لعل واقعي جيئري ئي جنتي آهن. انسان برابر مٽيءَ جي مٺ آهي. پر ڪا ڪا مٽي اعليٰ شان ۽ شرف واري آهي. هڪ سنڌي درويش چيو آهي؛

ملڪن فلڪن سجدا ڪيا ٿئي

واهه مٽي تنهنجو ملهه

پير صاحب جي مذهبي عقيدن بابت ڪن، ڪن ماڻهن کي صحيح تصور نه آهي. هو ائين ڀائيندا آهن ته پير صاحب آزاد خيال ماڻهو هو. پر حقيقت ائين نه آهي. پير علي محمد راشديءَ سکر ۾، پير صاحب جي وفات کانپوءِ، سندس ياد ۾ ڪوٺايل هڪ جلسي ۾ اهڙي قسم جي راءِ جي سختيءَ سان ترديد ڪئي هئي، منهنجي ڄاڻ موجب به هو صحيح معنيٰ ۾ موحد مسلمان هو ۽ رسول ﷺ سان محبت ته سندس ايمان جو جز هئي. البت مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف هو. مولانا دين محمد وفائيءِ جي ڪتاب ”شاهه جو مطالعو“ جي مقدمي ۾ لکيو اٿس؛

”...... مذهبي ڇيڙ ڇاڙ جا وڏا مرڪز انهيءِ زماني ۾ هونئن ته گهڻائي هئا پر سڀني ۾ برک هو ٺٽو. اهي مرڪز شاهه جي آسپاس هئا... ٺٽي ۾ مخدوم هاشم عليه رحمته جو اسڪول قائم هو، جنهن مهراڻ جي اڻ کٽ موجن ۽ اڻ ڳاڻو لهرن هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي، خدا ڄاڻي، ڪهڙي خيال خاطر ”هاشمي ڪوز“ ايجاد ڪيا هئا. اتي پڻ شاهه جو گهڻو اچڻ وڃڻ هو. سندس ڪيترا دل گهريا دوست انهن ۾ موجود هئا. جن جون دليون نه فقط وسيع ۽ ويڪريون هيون. بلڪه آئيني وانگر اجريون ۽ کير جهڙيون صاف ۽ شفاف هيون. مٿن نڪو هو داغ ۽ نڪو ڌٻو. انهن جا قلب ايڏا ڪشادا هئا، جيڏو اسان جي مٺي محمد جو مذهب.“

پير صاحب نڪي ته مذهبي تنگ نظريءَ جو قائل هو ۽ نه وري مذهبي ڀيد ڀاؤ ڪري، ٻين مذهب وارن سان نفرت، سندس مذهب ۾ جائز هئي. ان باري ۾ گويا پاڻ محي الدين ابن عربيءَ جي مسلڪ کي پسند ڪندو هو، جيڪو سمورن پيغمبرن کي ڪلمه الاهيءِ جي مختلف رخن جو حامل قرار ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته هر پيغمبر خود ئي هڪ ڪلمو يا هيئن چئجي ته ڪلمه الاهي آهي.

ابن عربي ”اسماءِ الاهيءَ“ جي ورد وظيفي ۾ مشغول رهندو هو ۽ پير صاحب پيغمبر تي صلوات پڙهندو رهندو هو. ابن عربيءَ جي شهره آفاق نظم ۾ سندس دل جو آواز ٻڌي سگهجي ٿو.*

”منهنجي دل هر صورت کي جاءِ ڏيڻ جي قابل بڻجي وئي آهي.

اها هرڻن لاءِ چراگاهه آهي ۽ راهبن لاءِ خانقاه،
اها بتن لاءِ مندر آهي ۽ حاجين لاءِ ڪعبو
اها الواح تورات به آهي ۽ قرآن ڪريم به آهي،
مان عشق الاهيءَ جي دين جو پوئلڳ آهيان،
جنهن طرف عشق جو قافلو روانو ٿئي،
اهو ئي منهنجو دين آهي ۽ منهنجو ايمان آهي
***

مير علي شير قانع، صحيح معنيٰ ۾، سنڌ جو پهريون تاريخ نويس هو. ان سان گڏ شاعر پڻ هو. پاڻ جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ڪم هٿ ۾ نه کڻي ها، ته ان جا ڪيترائي اهم باب گمناميءَ ۾ غرق ٿي وڃن ها. باشعور مصنف هو، پنهنجن تصنيفن جي مڪمل فهرست پڻ ڇڏي ويو. تاهم، پير صاحب وڏي محنت ۽ سرجوشي ڪري، سندس ڪن نامعلوم تصنيفن جو سراغ لڳايو آهي.

ڪنهن به وڏي عالم جي اٿي وڃڻ کانپوءِ سندس تصنيف ۽ تاليف بابت ڪيترائي شڪ ۽ شبها پيدا ٿين ٿا. اڳين زمانن جا عالم ته پري ٿيا، پر هاڻوڪي زماني جي ممتاز سنڌي عالم شمس العلماءُ، مرزا قليچ بيگ جي لکيل ڪتابن جو صحيح تعداد به اڃا تائين ته معلوم نه ٿي سگهيو آهي. آخرين معتبر راءِ، آغا رشيد فرزانه پور جي ليکي وڃي ٿي. پير صاحب ايراني حڪومت کان حيدرآباد ۾ جڏهن ”خانه فرهنگ“ قائم ڪرايو ته رشيد فرزانه پور ان جو پهريون پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿي آيو. پير صاحب جي چوڻ تي ڄاڻايل سينٽر جي ڪم ۾ ، مون پنهنجي حال سارو سندس مدد ڪئي. رشيد فرزانه پور مرزا قليچ بيگ تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سندس جملي تصنيفن جي فهرست پڻ ٺاهي.

ٻيو ته ٺهيو، اسان سنڌ وارن خود اڃا تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي به اتفاق ڪو نه ڪيو آهي، ته ڪهڙو ڪلام سندس آهي ۽ ڪهڙو پرائو. سڀ کان دلچسپ روايت اها آهي (جيڪا چڱن ڀلن راوين بيان ڪئي آهي) ته ڀٽائي صاحب پوين ڏينهن ۾ پاڻ ئي پنهنجي رسالي کي ڍنڍ ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. (رڳو ان ۾ اهو اضافو ڪو نه ڪيائون ته وري شمس تبريز وانگر پاڻيءَ ۾ هٿ وجهي رسالو ٻاهر ڪڍي، فقيرن کي ڏنائين ته مٿس پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪو نه هو)

ڀٽائي صاحب ائين ڇو ڪيو، ان باري ۾ راوين فرمايو آهي ته کيس انديشو هو ته متان خدا جي خلق سندس ڪلام سمجهي نه سگهي ۽ ابتي سبتي معنيٰ ڪڍي، گمراهه ٿي وڃي.

اهو اندديشو ان برگزيده هستيءَ ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو، جيڪا سنڌ جي ستن هزارن سالن* جي تهذيب ۽ تمدن جي نقطه عروج Culminating Point آهي، جنهن جي برڪت ڀريءَ ذات ۾ سنڌ جو علم، ادب ۽ شعر پنهنجي معراج تي پهتو ۽ جنهن پنهنجي ڪلام جي اهميت ۽ خصوصيت، پاڻ ئي شعوري طرح، هنن چٽن لفظن ۾ بيان ڪئي؛

جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“

راوين بهرحال پنهنجي ڪارستاني ڪري ڇڏي. ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾،پرينءَ جي پار کي ڳولڻ بدران، گمراهيءَ جو گمان ڏٺائون. ڀٽائي صاحب جو جيئري ئي اهڙن راوين سان شايد ٿورو گهڻو واسطو پيو هو. فرمايو هئائين؛

”ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو.“

پر خدا جي خدائيءَ ۾، ڪنڊن جي وچ ۾ گل به ڦٽندا آهن. سنڌ ته الله وارن جو گهر آهي. انهن ۾ هڪڙو هو شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، ڀٽائي جي آيتن کي قرآن وانگر چائين ۽ چيائين؛

ڀلو آهي ڀٽ ڌڻي، سارو ئي سبحان

جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.“

پير صاحب سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو. راوين جا سور به سمجهندا هئس، سو، ٻئي ڪنهن تي انحصار ڪرڻ بدران پنهنجي نور چشم حسين شاهه کي وهاري، پنهنجي ”بايو ڊيٽا“ ٺهرايائين ۽ ان ۾ پنهنجن تحريرن ۽ تصنيفن جا نالا وضاحت سان لکيائين هاڻي اميد آهي ته سندس سوانح نگارن کي مستقبل جا راوي ڪو نه مجهائيندا.

دار المصنفين اعظم ڳڙهه جي ناظم، سيد صباح الدين عبدالرحمان، هيڪاري سندن ڪم سولو ڪري ڇڏيو آهي، شروع شروع ۾ پير صاحب ئي ساڻس منهنجي واقفيت ڪرائي هئي. پير صاحب جي وفات کانپوءِ مان کيس ۽ ڊاڪٽر فرمان فتحپوريءَ کي دعوت ڏيئي، حيدرآباد وٺي آيس. مون کي فرمائش ڪيائين ته ”سنڌي ادبي بورڊ پير صاحب جا جيڪي ڪتاب شايع ڪيا آهن، سي هٿ ڪري ڏي.“ اهڙيون فرمائشون شايد ٻين دوستن کي به ڪيون هئائين. وفات کان اڳ پير صاحب جي ڪتابن ۽ علمي ڪارنامن جو جائزو وٺي، هڪ مفصل مقالو لکيائين، جو انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچيءَ جي هڪ تقريب ۾ پڙهيائين. مذڪوره اداري اهو مقالو بعد ۾ ”پير حسام الدين راشدي اور ان ڪي علمي ڪارنامي“ نالي ڪتاب جي صورت ۾شايع ڪيو. سيد صاحب ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي.

”راقم جناب پير صاحب ڪي بهتيجي جناب حسين راشدي اور سندهي ادبي بوڊ ڪي ڊائريڪٽر جني تاريخ جو مطالعو ڪيو هو.  ڀٽائي جي آيتن کي قرآن وانگر چائين ۽ چيائين؛

ئي شعوري طرح، هنن چٽن لفظن ۾ بيان ڪئي؛

و. ڏيندواب غلام رباني، جناب مشفق خواجه اور ڊاڪٽر ابو الليث صديقي ڪا شڪر گذار هي ڪه انهون ني مرحوم ڪي بعض تصانيف بروقت فراهم ڪرڪي اس مقالي ڪي تياري مين مدد ڪي.

پير صاحب مرحوم کي علمي ڪارنامون ڪا جائزه اس ڪتاب ۾ پوري طور پي نهين هوسڪا. اس مين جوڪمي ره گئي هي اميد هي ڪه آئينده ڪسي علم دوست ڪي ذريعي پوري هوجائيگي“. *

سيد صباح الدين عبدالرحمان پنهنجي دور جو هندستان پاڪستان جو مڃيل عالم هو. سندس تاريخ جو مطالعو وسيع هو. پاڻ شبلي نعماني ۽ سيد سليمان ندويءَ جو جانشين هو. اهي تاريخ ساز ماڻهو هئا.

سيد صاحب جي عظمت جي اها ئي هڪ ثابتي ڪافي آهي ته دار المصنفين مان ”معارف“ نالي جيڪو رسالو شايع ڪندا هئا، سو مهيني جي مقرر تاريخ تي شايع ٿيندو هو،. سيد صاحب مون کي پاڻ ٻڌايو ته شادي هجي غمي، مينهن هجي طوفان، زلزلو هجي يا ملڪ جو ورهاڱو ، ”معارف“ مقرر تاريخ تي شايع ٿيندو آهي. مون چيو ته ”سيد صاحب جڏهن انگريزن کان آزادي ملي ۽ هندستان ۽ پاڪستان مان لڏپلاڻ ٿي؟“ چيائين ته ”تڏهن به رسالو مقر تاريخ تي شايع ڪيوسون.“

چناچ، سيد صاحب پير صاحب جي علمي ڪارنامن بابت پنهنجي پيش لفظ ۾ جيڪي فرمايو آهي، سو محض سندس ”ڪسر نفسي“ سمجهڻ کپي. منهنجي خيال موجب پير صاحب جي ڪتابن ۽ علمي ڪارنامن جو پاڻ جيڪو جائزو ورتو اٿس. سو اڃا تائين ته بي مثال آهي. مون سنڌي يا اردوءَ ۾ پير صاحب جي ”علمي ڪم“ تي ان کان بهتر تبصرو اڃا ته ڪو نه پڙهيو آهي. يقينن مستقبل ۾ پير صاحب جي سوانح نگارن لاءِ گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو. تاهم، مون حسين شاهه جي ٺاهيل بايوڊيٽا ۽ سيد صاحب جي علمي جائزي جي آڌار تي ، پير صاحب جي ڪتابن جي فهرست ۽ انهن بابت ٿورين گهڻين هلڪين سلڪين ڳالهين جو هت ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهيو، جيڪي ان زماني سان تعلق رکن ٿيون، جڏهن اهي ڪتاب اڃا ڪراچيءَ ۾ ڇپجي رهيا هئا. اسلام آباد ۾ هي مضمون لکڻ وقت ”مهراڻ“ رسالي جي ”پير حسان الدين راشدي نمبر“ ۽ سيد صباح الدين عبدالرحمان جي ڪتاب کانسواءِ ، خود پير صاحب جو ڪو به ڪتاب، حوالي لاءِ مون وٽ موجود ڪو نه آهي. ٻيو ته ٺهيو خود سندس سوانح حيات، ” هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ به ڪانهي.

فارسي ڪتاب

مثنوي چنيسر نامو(سن اشاعت 1956)

ادارڪي بيگلار

پير صاحب جي ايڊٽ ڪيل شروعاتي فارسي ڪتابن مان آهي، سنڌ جي مشهور عشقيه داستان ليلان چنيسر کي فارسي ويس پهرايو آهي.

ڪتاب جو مقدمو سنڌي زبان ۾ آهي.

مقالات الشعراءَ(سن اشاعت 1957ع)

علي شير قانع

هي ڪتاب احمد جيواجيءَ جي پيرس آگي قدم پرنٽريءَ ۾ ڇپيو هو. اها پريس ڊان اخبار جي پراڻي آفيس جي پاسي ۾ هوندي هئي. مان ان زماني ۾ نئين زندگي رسالي مان نوڪري ڇڏي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ نئون نئون نائب سيڪريٽري مقرر ٿيو هوس. احمد جيواجي جويي صاحب جو  دوست ۽ نهايت پيارو انسان هو. مون کي هاڻي ساڻس ملئي ورهيه ٿيا،. ڪتاب جي سرورق تي ٺٽي جي لونگيءَ جو رنگين گرد پرش ڏٺو هئوسون.

پير صاحب ڪتاب تي ايڏي ته محنت ڪئي هئي، جو جويي صاحب هڪ دفعو چيو ته هن ڪتاب ۽ تڪملئه مقالات الشعراءَ ايڊٽ ڪرڻ تي، پير صاحب کي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ملڻ گهرجي.

ڳالهه سهڻي ۽ سورنهن آنا هئي. پر اسان سنڌ وارا هڪٻئي سان حسد ۽ مسهائپ لاءِ هر هنڌ مشهور آهيون. اسلام آباد ۾ هڪ پٺاڻ هڪ دفعي مون کي چيو ته ”يار ، توهان کي ڪو دشمن ڌارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اوهان سنڌي ته هڪٻئي جا ئي ڪافي دشمن آهيو.“

ڀريا ٽيهه ورهيه گذري ويا، پر الله جي ڪنهن به ٻانهي کي اهڙو خيال نه آيو ته پير صاحب کي ڊاڪٽوريٽ ڏيارڻ لاءِ ڪو هٿ پير هڻجي.

تازو، سنڌ يونيورسٽي جي (سابق) وائيس چانسلر محترم مظهر صديقيءَ کي خط لکي، اهڙي استدعا ڪيم. دلجاءِ ڏنائين. غالبن ستت ئي سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ کان اهڙو ٺهراءُ به منظور ڪرايائين. ڀيڻ مهتاب راشديءَ به خير جي ان ڪم ۾ هٿ ونڊايو. ممڪن آهي ته پير صاحب کي، مئي پڄاڻان، پنهنجن وٽان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ملي وڃي ۽ جويي صاحب جو خواب آخرڪار پورو ٿئي. ممڪن آهي ته ان وچ ۾ ڪو سنڌي سٻاجهڙو سندس نالو ڪاٽا ڪرائي ڇڏي !

سيد صباح الدين جي چوڻ موجب مقالات الشعرا سنڌ جي فارسي شاعرن جو پهريون پهريون تذڪرو آهي. جو سنڌ ۾ 1174ع هه ۾ لکيو ويو.

پير صاحب ڪتاب تي وڏي محنت ڪئي آهي. 137 ڪتابن مان استفادو ڪري، حاشين ۾ معلومات جا انبار لڳائي ڇڏيا اٿس.

ڪتاب ۾ ٽيٽيهه تصويرون ڏنل آهي، جن ۾ سرمد شهيد ۽ ميان مير به شامل آهن.

ميان مير دارا جو مرشد هو. سندس مقبرو لاهور ۾ آهي. پير صاحب مون کي پاڻ سان گڏ اتي دعا لاءِ وٺي ويو هو ۽ چيو هئائين ته ، ”رباني، هي اسان جو پنهنجو سنڌي بزرگ آهي.“

ميان مير جي حياتيءَ جو احوال پيڪيجز لميٽيڊ لاهور جي مالڪ سيد بابر عليءِ ڇپايو آهي. سيد بابر علي وڏي سرمائيدار هجن سان گڏ، علم ۽ ادب جوبه وڏو سرپرست آهي. ڪيئي ڪتاب ڇپايا اٿس ۽ غالبن انهن کان وڌيڪ سهڻا ڪتاب پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪو نه ڇپايا آهن. ٿورا ڏينهن اڳ، مون کي پنهنجا ٻه نوان ڪتاب تحفي طور موڪليائين. پويون ڪتاب حضرت بلال تي هو. اڳ ۾ سندس ڌيءَ حنا، پيءُ جي ڇپايل ڪتابن جو سڄو سيٽ موڪليو هو.

ميان مير جي مزار تي مون پويون دفعو ڊاڪٽر شمل سان گڏ حاضري ڏني هئي. ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا پاسي ۾ دارا جي بيگم نادرهه جي مزار تي وياسين ۽ فاتح پڙهيسون.

سرمد شهيد جي مزار دهليءَ ۾ بادشاهي مسجد جي ڌاڪڻين جي اڳيان آهي. هو به دارا جو مرشد هو. اورنگزيب کيس شهيد ڪرايو هو.

خود دارا جي مزار همايون بادشاهه جي مقبري جي صحن ۾ آهي. مون هن سال سرمد ۽ دارا ٻنهي جي مزارن جي پڻ زيارت ڪئي هئي.

مقالات الشعراءَ ۾ پير صاحب حاشين ۾ جيڪي واڌارا ڪيا آهن، تن ۾ دارا شڪوهه ۽ مرزا ڪامران تي ايترو ته گهڻو لکيو اٿس، جو انهن کي جدا ڪري، ان موضوع تي هڪ جدا ڪتاب ٺاهي سگهجي ٿو. ڪيترن ئي جاين تي خود قانع جي ڪن بيانن جي به درستي ڪئي اٿس.

مقالات الشعراءَ پير صاحب جي علم ۽ تحقيق جو هڪ اعليٰ شاهڪار آهي.

تڪمله مقالات الشعراءَ(سن اشاعت 1958ع)

ابراهيم خليل ٺٽوي

هيءُ تذڪرو مقالات الشعراءَ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڪتاب جو مسودو مرحوم احسن ڪربلائيءَ وٽ هو. کائنس لاهور جو مشهور مستشرق پروفيسر مولوي محمد شفيع خريد ڪري ويو هو. پير صاحب کي اهو مسودو پنجاب يونيورسٽي مان هٿ آيو هو.

پير صاحب پنهنجيءَ شاندار روايت موجب، ڪتاب جي ايڊيٽنگ ۾ڪمال ڪري ڇڏيو، مثلن مخدوم ابراهيم خليل، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ بابت ڪتاب ۾ فقط هيترو  لکيو هو ته:

”تصانيف ڪثير دارند، جمله يڪ صد و چارده.“

ليڪن،پير صاحب، مخدوم صاحب جي 138 ڪتابن جو سراغ لڳايو ۽ ٻڌايو ته انهن مان ڪهڙا ڇپيل ۽ ڪهڙا اڻ ڇپيل آهن.

مخدوم محمد هاشم عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا. انهن جا موضوع تفسير، سيرت، حديث، ڪلام ۽ تصوف هئا.

سيد صباح الدين جو رايو آهي ته جنهن ڪثرت سان سنڌ ۾ مذهبي ڪتاب لکيا ويا، تن جي بنياد تي سنڌ کي ”صغير عرب“ ڪوٺيو وڃي ها ته بيجا نه هو.

تڪمله مقالات الشعراءَ ۾ سنڌ جي بزرگن مخدوم عبدالله ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبداللطيف خاڪي، مخدوم محمد ابراهيم مدني، مخدوم عبد الله، مخدوم غلام حيدر ڍٽوي، مخدوم ابو القاسم نقشبندي، مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي، مخدوم فضل الله، مخدوم فيض احمد ٺٽويءَ جا حالات به ڏنل آهن.

ايران جي شهره آفاق عالم، آغا سعيد نفيسيءَ هي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ تي پير صاحب کي دل سان مبارڪباد ڏني هئي ۽ ڪتاب جي تقريظ ۾ لکيو هو ته ”جڏهن فارسي بر صغير ۾ زوال پذير هئي، تڏهن سنڌي ادبي بورڊ صميمانه ۽ صادقانه انداز ۾ فارسي زبان جي ترويج ڪري، دانشمندي جو ثبوت ڏنو.“

 سيد صباح الدين جو چوڻ آهي ته 1976ع ۾ بين الاقوامي سيرت ڪانفرنس ۾ پاڻ ڪراچي آيو هو. ايران مان به ڪيترائي نمائندا آيا هئا. پير صاحب انهن کي ۽ سيد صاحب کي گهر دعوت تي سڏيو. ان موقعي تي سيد صاحب پير صاحب کي ”شمع“ ۽ ايراني عالمن کي ”پروانن“ وانگر ڏٺو.

مثنويات و قصائد قانع (سن اشاعت 1961ع)

مير علي شير قانع

هن ڪتاب ۾ قانع جون مئنويون ۽ قصيدا آهن. ڪتاب جي جلد پوش جي ڊزائين مون ٺهرائي هئي. ان جو بلاڪ اسڪيچ بلاڪ ميڪرس ٺاهيو هو.

هشت بهشت(سن اشاعت 1963ع)

عبدالڪريم عطا ٺٽوي

هي مثنويون عبدالحڪيم عطا ٻٽيهن ورهين جي عرصي اندر لکيون، وڏي ڄمار ماڻي هئائين.

سيد صباح الدين عبدالرحمان لکيو آهي ته ”انهن مثنوين ۾ ان دور جي مذهبي ۽ سماجي حالتن جي به عڪاسي ٿئي ٿي. مناجات، لغت ۽ مذهبي خيالن جو اظهار، جنهن گهرائيءَ سان ڪيو ويو آهي. ان مان ان زماني جي دينداريءَ ۽ خدا ترسيءَ جو به اندازو ٿيندو.“ حقيقت به غالبن ائين ئي هوندي. پر مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو. عطا ۽ ٻين شاعرن ۽ عالمن جا جيڪي مخطوطا ٺٽي مان بورڊ کي هٿ آيا، سي ظاهر آهي ته وقت گذرڻ ڪري، ضعيف ٿي ويا هئا،. حيدرآباد دکن جي نواب جي ڪتبخاني جو جلد ساز، شيخ محبوب، ڪراچيءَ لڏي آيو هو ءٌ اتي پنهنجو  دڪان کوليو هئائين. پنهنجي ڪم جو بادشاهه ڪاريگر هو. تقريبن انهن سمورن مخطوطن جي جلد بندي ڪري، انهن کي نئين زندگي عطا ڪيائين. تقريبن ساڍا چار سئو مخطوطا ۽ فرامين وغيره ان طرح بورڊ جي لئبرريءَ ۾ محفوظ ٿي ويا.

جيڪي مخطوطا جلد بنديءَ کان زور هئا، يا منتشر اوراق هئا، سي ڪپڙي جي هڙن ۾ ٻڌا رکيا هوندا هئا. مولانا اعجاز الحق قدوسي، حبيب الله رشدي ۽ مولوي محمد صديق ماعر انهن مخطوطن جي نقل نويسيءَ جو ڪم ڪندا رهندا هئا. هڪ دفعي (مرحوم) مولوي اعجاز الحق قدوسيء *هڪ هڙ کولي، مون کي عبدالحڪيم عطا جو هڪ مسودو ڏيکاريو، جنهن ۾ فارسي زبان ۾ عطا جو هڪ نظم هو. ان نظم ۾ عطا ٺٽي جي هڪ پير مرد ۽ هڪ خوبرو ڇوڪر جي پاڻ ۾ گفتگو بيان ڪئي هئي. پير مرد ان خوبرو ڇوڪر تي فدا هو.

شيخ سعديءَ جي گلستان جو باب پنجم ” در عشن“ ته پڙهڻ وٽان آهي. هي نظم ماڳهين زور هو. ان جا ڪي بند مون کي اڃا ياد آهن. پر لکڻ جي لائق نه آهن. مرحوم مولوي صاحب ۽ مان اهو نظم پڙهي حيران ٿي وياسين، ته اسان جا هي بزرگ، اعليٰ علمي ڪتابن لکڻ سان گڏ هي شوق به فرمائيندا هئا. مون ان ڳالهه تي غور ڪري، هي نتيجو ڪڍيو ته انسان غالبن هر دور ۾ هڪجهڙو رهيو آهي.

انهن ئي ڏينهن ۾ ادبي بورڊ وٽ هڪ ٻيو مخطوطو وڪامڻ آيو. جنهن جي خريداريءَ ۾ اسان جي ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي ۽ مالڪ قيمت به وڏي ٻڌي. غالبن مغلن جي زماني جو هوندو. مخطوطو فارسي زبان ۾ هو. ان ۾ جاءِ بجاءِ مردن ۽ عورتن جون رنگين تصويرون، ڪي ته ماڳهين جنسي فعل ۾ مشغول، ڏيکاريل هيون. سڀ ”مغل ميني ايچرس“ جي نموني جون پينٽنگس هيون. غالبن مخطوطو جنسيات جي موضوع تي هو. مون پندرنهن ويهه منٽ مس ڏٺو هوندو، ان ڪري چئي نه ٿو سگهان ته ڪنهن جو لکيل هو، ڪڏهن لکيل هو ۽ ڪنهن لاءِ ٺاهيل هو.

پر، ان هڪ اڌ جزوي مثالن کي ڇڏي، ٺٽي ۽ ٻين هنڌن تان جيڪي مخطوطا بورڊ کي مليا، سي مذهب، تصوف، تاريخ، تذڪري ۽ شعر شاعريءَ تي هئا. ڇا چئجي انهن جو علمي معيار ۽ ڇا چئجي سندن ڪتابت. سنڌ جي قديم علمي روايت جا روشن ثبوت هئا.

قرآن پاڪ جو هڪ اهڙو شاندار نسخو هٿ آيو ، جو فن خطاطيءَ جو شاهڪار هو. ان جي هر صفحي جي وچ ۾ قرآن ڪريم جو عربي متن ۽ چئني ڪنڊن کان دنيا چار مشهور تفسير حسيني، بيضاوي وغيره ڏنل هئا.

چون ٿا ته قرآن ڪريم جي سڀ کان سهڻن قلمي نسخن جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو ايران جي شهر مشهد مقدس ۾ آهي ۽ انهن مڙني قلمي نسخن ۾ سڀ کان سهڻو نسخو اهو آهي، جو سنڌ جي ميرن سوغات ڪري ڏنو آهي.

اورنگزيب عالمگير جي هٿ اکرن ۾ قرآن ڪريم جو هڪ پارو به بورڊ جي لائبريريءَ ۾ هوندو هو. غالبن ٺٽي مان مليو هو.

ان کانسواءِ شاهجهان، اورنگزيب، ٻين مغل بادشاهن ۽ سنڌ جي حاڪمن جا فرمان ۽ ماڻهن کي ڏنل جاگيرن جا پروانا ۽ سندون هيون. انهن تي شاهي مهرون لڳل هيون.

شعر شاعريءَ جا جيڪي فارسي بياض هٿ آيا، تن جي ڪتابت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اکر هئا يا موتيءَ جا داڻا

تاريخ مظهر شاهجهاني؛  (سن اشاعت 1964ع)

يوسف ميرڪ

پير صاحب کي هن ڪتاب جي ايڊٽ ڪرڻ تي وڏو ناز هو، ان ڪري به خوش هو، جو سر هينري ايلئٽ جهڙي مستشرق کي هن مخطوطي جي زيارت نصيب ڪا نه ٿي هئي.

سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو آهي، پر هينئر غالبن سنڌي توڙي اصلي فارسي ايڊيشن ٻئي وڪامي ويا آهن . ٻيهر ڇپجڻ گهرجن.

منشور الوصيعت؛ (سن اشاعت 1964ع)

ميان نور محمد ڪلهوڙو

پير صاحب ڪتاب تي وڏي محنت ڪئي، ان کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ پنجيتاليهن ڪتابن مان مدد ورتي هئائين.

هي ڪتاب ان ڪري به و عربيجو فن خطاطيءَ جو شاهڪار هو.  لکيل هو، ڪڏهن لکيل هو ۽ ڪنهن لاءِ ٺاهيل هو.ي جو ثبوت ڏنو.جڏهن فاهم آهي جو ان م جهوڪ شريف واريءَ جنگ بابت مواد ڏنل آهي.

مون سنڌ جي تاريخ بابت ويهن پنجويهن ورهين جي صحبت ۾ پير صاحب کان جيڪو ٻڌو، ان مان اهو تاثر ورتم ته ٽي ماڻهو سنڌ جي تاريخ جا قومي سورما سڏجن جي لائق آهن: هڪ دولهه دريا خان، ٻيو مخدوم بلال ۽ ٽيون شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو.

پر، سنڌ ۾ جيڪي عام ڳالهيون ٻڌيون اٿم، تن موجب عوام جو هيرو دودو سومرو آهي. پر، شايد دودي بابت مستند تاريخي مواد گهٽ آهي ۽ ڏند ڪٿائون گهڻيون آهن.

ٻهراڙين ۾ دودي سومري جي ڳالهه کنئي ويندي آهي. جڏهن سازيندا نه هوندا آهن، تڏهن ڳالهه کڻڻ وارا ٽامي جو ٿالهه وڄائيندا آهن. دودي سومري جي ڳالهه سنڌ جو رزميه داستان آهي. ٻڌڻ وارن تي عجب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي.

چون ٿا ته شڪارپور جي هڪ هندو سيٺ اها ڳالهه کڻائي، جڏهن فنڪار دودي جي شهادت کي ويجهو پهتو، ته سيٺ دانهن ڪئي ” ترس ميان، ڳالهه اتي بند ڪر، اسان دودي جهڙو مڙس نه مارائينداسون.“

پير صاحب مون کي ٻڌايو هو ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي لشڪر ٺاهه ڪرڻ جو بهانو ڪري، قرآن ڪريم وچ ۾ ڏيئي، شاهه عنايت شهيد کي دغا سان ماريو هو.

منشور الوصيعت ۾ پير صاحب، ٻئي ڪيتري ئي مفيد مواد سان گڏ جهوڪ شريف واريءَ جنگ جي سلسلي ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين جا خط ڏنا آهن.

ترخان نامو:(سن اشاعت 1965ع)

مير محمد ٺٽوي

ارغون ۽ ترخان خاندانن جي سنڌ جي تاريخ آهي. هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ جو ڪم پير صاحب شروع ته گهڻو اڳي ڪيو هو، پر ان جي اشاعت ۾ گهڻي دير ان ڪري پيئي، جو سالن جا سال ان جي ڇپائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئائين. جڏهن ڪتاب چپجي پورو ٿيو ته مون کي ياد آهي ته بائينڊرن ڏاڍيون دانهون ٿي ڪيون ته ڪاب ۾ ايترا ته شجرا آهن، جو کين ويڙهي، ڪتاب جو جلد ٻڌڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي آهي.

جيڪي ماڻهو پير صاحب جي ديني نظرين متعلق غلط راءِ رکندا آهن، تن کي گهرجي ته هو پاڻ پڙهي ڏسن ، ته ترخان نامي ۾ پير صاحب بزرگان دين جا حالات قلمبند ڪرڻ ۾ ڪيڏيءَ محبت سان ڪم ڪيو آهي ۽ انهن لاءِ ڪيڏي نه عقيدت ڏيکاري آهي.

مڪلي نامو: (سن اشاعت 1965ع)

علي شير قانع

مڪلي ٽڪريءَ کي سنڌ جي تاريخ ۾ خاص اهميت حاصل آهي. مير علي شير قانع ڇهانوي صفحن جو هڪ ڪتابڙو ”مڪلي نامه“ جي نالي فارسي زبان ۾ لکيو هو. پير صاحب ان کي بنياد بڻائي، مڪليءَ تي تحقيق ڪئي. اٺن سون صفحن جو اضافو ڪيائين. مير علي شير قانع جي انهن چند صفحن کانسواءِ سڄو ڪتاب گويا سنڌي زبان ۾ پير صاحب جو ئي لکيل آهي. سيد صباح الدين عبدالرحمان جو چوڻ اهي ته ”هندستان جي ڪنهن به قبرستان تي اهڙو مفيد ۽ مرتب لٽريچر مشڪل ملي !“

پير صاحب جي وفات کانپوءِ سندس ياد ۾ ڊاڪٽر شمل، مڪلي ٽڪريءِ تي هڪ ليڪچر ڏنو هو، جنهن ۾ ڄڻ ته ڪوزي ۾ علم ۽ معلومات جو درياءُ سمايو هئائين. اهو ليڪچر بعد ۾، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ايشين اسٽڊيز ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇاپيو، جيڪي علم دوست ماڻهو سنڌ جي تاريخ ۽ خاص طرح مڪليءَ ۾ دلچسپي رکن ٿا، تن کي اهو ڪتابڙو پڙهڻ گهرجي.

حديقته الاوليا :  (سن اشاعت 1967)

سيد عبدالقادر ٺٽوي

هي تذڪرو سن 1016هه ۾ لکيو ويو، ان ۾ ٻائيتاليهن بزرگن جو احوال شامل آهي. جن ۾ سنڌ جا هيٺيان ست مشهور اولياءَ پڻ شامل آهن.

(1) غوث بهاول الحق ملتاني، (2) قلندر لعل شهباز، (3) پير پٺو (4) مخدوم نوح بکري، (5) مخدوم بلال (6) مخدوم ساهڙ لنجار ۽ (7) مخدوم نوح هالائي

روضته السلاطين ۽(سن اشاعت 1967)

جواهر العجائب

فخري هروي

پير صاحب کي فارسي شاعرن جي تذڪرن سان گهري دلچسپي هئي. غالبن ان جو سبب اهو هو ته کيس ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿيندو هو ته فارسي زبان ۾ تذڪره نويسيءَ جو بنياد سنڌ ۾ پيو. ان ڳالهه جي حمايت ۾ اهو دليل ڏيندو هو ته فارسي زبان ۾ پهريون تذڪرو ”تذڪره الشعرا“ ملتان ۾ سن ڇهه سئو هجري کان اڳ لکيو ويو. ان کانپوءِ عوفيءَ سن 625 هه ۾ سنڌ ۾ لب الباب لکيو. ان کانپوءِ دولت شاهه جو تذڪره الشعرا 892 هه ۾ مرتب ٿيو. 896 هه ۾ مير علي شير نوائيءَ مجالس النفائس لکيو. ان کانپوءِ فخري هروي سنڌ ۾ 953 کانپوءِ روضته السلاطين ۽ تقريبن 962 هه ۾ جواهر العجائب لکيو. اهي سڀ ڳالهيون پير صاحب روضته السلاطين جي مقدمي ۾ لکيون آهن ۽ ان ڳالهه تي فخر ڪيو آهي ته تذڪره نويسيءِ ۾ موضوع جي تخصيص جي شروعات به سنڌ ۾ ٿي.

سيد صباح الدين عبدالرحمان ٻڌايو آهي ته پير صاحب روضته السلاطين جا خطي نسخا پيرس، برلن، لينن گراڊ  استنبول مان حاصل ڪيا هئا.

مون ٻئي هنڌ ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته هو پنهنجي ڪتاب جو بنيادي نسخو تيار ڪرڻ لاءِ سڄيءَ دنيا مان مائڪرو فلمون يا فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون گهرائيندو هو.

هينئر ياد ٿو اچيم ته هڪ دفعي مون کي چيائين ته ” بورڊ جا چونڊ ڪتاب بابا غفوروف لاءِ روسي سفارتخاني کي ڏيئي اچ“ اهي ڪتاب بابا غفوروف کي موڪليا هئائين، جو روس جي پريزيڊيم جو ميمبر هو ۽ مسلمان عالم هو. تن ڏينهن ۾ بورڊ جي آفيس ڪراچيءِ ۾ هوندي هئي. مون کي هاڻي شڪ ٿو جاڳي ته شايد بابا غفوروف تي لينن گراڊ مان روضته السلاطين جي خطي نسخي جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي وٺي ڏيڻ جو ڪم رکيو هئائين.

ٻي ڳالهه ياد ٿي اچيم ته روضته السلاطين جي ايڊيٽنگ جو ڪم پاڻ ورهين جي ورهيه ڇڏي ڏنو هئائين. ان جو سبب اهو ڪو نه هو ته ڪو کيس دنيا جي ٻين ملڪن مان مائڪرو فلمن جو انتظار هو. پر اصل ڳالهه ماڳهين ٻي هئي.

ڇا هو ته روضته السلاطين تي ڪم ڪندي، هڪ عالم ، (غالبن اختر جهونا ڳڙهي) کي دل جو دورو پيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي ان نسخي تي ڪم شروع ڪيو ته کيس به دل جو دورو پيو. 1958ع ۾ انهيءَ ئي عارضي سببان وفات ڪيائين.

ساڳئي سال پير صاحب کي به دل جو دورو پيو، جنهن جوپهريائين ڪراچيءَ ۽ پوءِ منيلا ۾ علاج ڪرايائين. ان ڳالهه تان کيس ڪو وهم ويهي ويو، ان ڪري پاڻ روضته السلاطين کي هٿ لائيندي به ڇرڪندو هو، جڏهن منيلا مان علاج ڪرائي موٽيو، تڏهن به روضته السلاطين کي سالن جا سال انهيءَ ڊپ ۾ هٿ ڪو نه لاتائين ته متان کيس وري دل جو دورو پوي.

بهرحال، ڪجهه ورهيه پوءِ، ڇرڪي ڇرڪي، ان مخطوطي جو ڪم هٿ ۾ کنيائين ۽ ان کي سهڻي نموني ۾ مڪمل ڪيائين.

تذڪره شعراءِ ڪشمير  (سن اشاعت 1967ع)

پير صاحب هي تذڪرو چئن جلدن ۾ ايڊٽ ڪيو هو، پر اهي جلد بورڊ شايع ڪو نه ڪيا هئا، ان ڪري مون کي انهن بابت ڪا گهڻي خبر ڪانهي. البته، جمشيد روڊ تي، جڏهن پاڻ ”بيت الضيا“ نالي گهر ۾ انهن ڪتابن تي ڪم ڪندو هو ته انهن جا ڪاغذ سندس لئبرريءِ ۾ ميز تي اڪثر ڏسندو هوس، پاڻ ڪڏهن به انهن جي باري ۾ مون سان ڳالهه ڪا نه ڪيائين.

سيد صباح الدين عبدالرحمان انهن جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي ۽ لکيو اٿس ته ”جڏهن هي ڪتاب ڇپجي ماڻهن جي اڳيان آيا، تڏهن ڄڻ ته پنهنجيءَ زبان سان چئي رهيا هئا ته سندن ايڊيٽنگ جو خاڪو ملائڪن تيار ڪيو هوندو ۽ تڪميل جنن ڪئي هوندي.“

اڳتي هلي لکي ٿو ته ، ”هن جهڙو علمي ڪارنامو موجوده صديءَ ۾ بر صغير ۾ ٻيو ڪو به اهل قلم سر انجام ڏئي نه سگهيو آهي.“

دود، چراغ، محفل:(سن 1969ع)

هن ڪتاب بابت به مون کي ڪا خاص خبر چار ڪانهي ته ڪاٿي ڇپيو، ڪيئن ڇپيو ۽ ڇو ڇپيو. البت سيد صباح الدين عبدالرحمان پير صاحب جي ڪتاب مان هيٺيون اقتباس ڏنو آهي، جنهن مان ان جي اشاعت جو پس منظر معلوم ٿئي ٿو:


*  سيد حسن نصر؛ ٽي مسلمان فيلسوف، مترجم؛محمد منور

   * سبيءَ ۽ مهر ڳڙهه جي دريافت ٿيل قديم تمدن کي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ڪڙي سمجهڻ گهرجي، ڇو ته سبيءءَ تائين صاف سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي.

* سيد صاحب تازو هندستان ۾ روڊ جي حادثي ۾ وفات ڪئي

*   مرحوم مولانا اعجاز الحق قدوسيءَ پنهنجي زندگيءَ جو احوال منهنجي عمر جا 75 سال عنوان سان لکيو هو. مون کي ان جي ڇپائيءَ لاءِ چيو هئائين. سندس زندگيءَ ۾ ته اها فرمائش پوري ڪري ڪو نه سگهيس. پر سندس وفات بعد اهو خير جو ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org