سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 7

صفحو :9

باب ستون

پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون

 

مون کي احساس آھي تھ ڪنھن بھ زبان جي اصل جوھر جي پرک ان جي لساني، صوتياتي ۽ صرف و نحو جي تپاس ۽ اپٽار سان ٿئي ٿي. منجھس ڪھڙيون خوبيون ۽ نرالايون آھن، انھن جي جاچ ڪجي ۽ کولي مثالن سان بيان ڪجي. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ لسانياتي جائزو زبان جي حسن کي پوري آب و تاب سان ظاھر ڪري ٿو. سنڌي زبان جي ماھرن اِن باري ۾ گھٽايو ڪونھي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا ھن سلسلي ۾ بنيادي ڪم ڪيو آھي ۽ لسانيات توڙي گرامر جي ھر پھلو ۽ باريڪ نڪتن کي کولي بان ڪيو اٿن. آءٌ ھن باب ۾ زبان جي حسن ۽ جلوي کي آشڪار ڪرڻ ٿو گھران، جيڪو پھاڪن، اصطلاحن، چوڻين ۽ ورجيسن ۾ بھ موجود آھي ۽ زبان جي ماھيت ۽ جوھر کي ظاھر ڪري ٿو.

زبان ۾ خوبصورتي ڪيئن پيدا ڪجي، ان لاءِ ان کي خوبصورت معنيٰ وارن فقرن سان سينگاري پيش ڪبو آھي. اھي فقرا آھن: پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون. ڪيترا قديم آھن؟ ان جو اڃان مڪمل سراغ نھ مليو آھي. البت ڪن جو شان نزول محققن بيان ڪيو آھي، جنھن سان پھاڪن وغيره جي لفظن ۽ معنيٰ ۾ ٺھڪي اچڻ جي پروڙ پوي ٿي.

سنڌيءَ ۾ ابتدا ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ (١٨٤٤- ١٩١٦ع) پنھنجي ڪتاب سنڌي پھاڪا (١٨٨٩ع) سان ڪئي. ان کانپوءِ روچيرام ڪرپالاڻي، ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مھرچند، ڊاڪٽر سنديلي ۽ ٻين ھي خزانو گڏ ڪيو. اھڙو وچور ڊاڪٽر سنديلي پنھنجي ڪتاب پھاڪن جي پاڙ (١٩٦٦ع) جي مقدمي ۾، ۽ ڊاڪٽر جيٽليءَ، سنتداس پنھون مل ڪشناڻيءَ جي ڪتاب سنڌي پھاڪا ۽ محاورا جي مھاڳ ۾ ڏنو آھي، جيڪو مھاڳ پوءِ جدا ڪتابي صورت ۾ بھ شايع ٿيو.

سرمو سڀڪو پائي پر اک اک جو ڦير آھي.

ھي پھاڪو جڏھن ڪنھن جملي کان سواءِ ڳالھائبو تھ بھ مطلب چٽو بيھندو. مطلب آھي تھ سھڻي اک ۾ سرمو بھ سونھندو. پھاڪو خود سونھن جي معنيٰ ظاھر ڪري ٿو ۽ مطلب کي وڌيڪ خوبصورت بنائي ٿو. اھو آھي زبان جو اصل جوھر. سڀني ٻولين ۾ ھي خزانو موجود آھي. جھڙا ڪانگ تھڙا ٻچا. ماءُ ھرڪا پنھنجي اولاد کي ساراھيندي، اسين پنھنجي ھن اڻملھھ خزاني کي واکاڻينداسين.

ھي خزانو لوڪ سوچ ۽ ساھت جي پيداوار آھي. ماڻھن کي جيڪو تجربو ٿيو، جيڪي ھنن ڏٺو وائٺو، تنھن کي ننڍن فقرن ۽ تڪن جو روپ ڏنائون، وقت گذرڻ سان سياڻن، سٻوجھن ۽ عالمن ھنن ننڍين تڪن کي ھيئت ۽ معنيٰ موجب ورھائي جدا جدا نالا ڏنا ۽ جي شيون حافظن ۾ محفوظ ھيون، تن کي ضبط تحرير ۾ آندو. ھيءَ تقسيم گھڻي محنت ۽ مطالعي کان پوءِ ڪئي ويئي، نھ تھ اڻ ڄاڻن اڻ تارن ھن بي انت بحر ۾ ٿاڦوڙا بھ ھنيا آھن.

ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ھن بحر ذخائر جا سچا غواص ثابت ٿيا. ھن جنس جي کري تي آخري ٺپو سندن آھي. ڊاڪٽر جيٽليءَ جي مٿي ذڪر ڪيل مھاڳ ۾ تمام سھڻي تقسيم ۽ وضاحت موجود آھي. ھو ھن خزاني کي چئن قسمن ۾ ورھائي ٿو، جيڪي ھيئت ۽ معنيٰ جي مدنظر جوڙيا ويا آھن. انھن ۾ ماڻھن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل نڪتا آھن. ان ۾ ماڻھن جي سوچ ۽ ڏک سک شامل آھن. لوڪ ادب جو حصو ھجڻ ڪري پھاڪن، عام محاورن ۽ چوڻين جو مرڪز ڳوٺ آھن. اسان جي تھذيب ۽ تمدن جا بنيادي رنگ پھاڪن ۾ سمايل آھن. رھڻي ڪھڻي، اعتقاد، ريتون ۽ وندرون پھاڪن ۽ محاورن جا بنيادي ٿنڀ آھن. ڊاڪٽر جيٽلي ھڪ چارٽ وسيلي اھڙي تقسيم ڪئي آھي(١).

پھاڪا، ھڪ مخصوص انداز ۽ تڪن ۾ ٺھيل آھن. ھنن ۾ زبان جي چونڊ ۽ معنيٰ جو اظھار بنيادي ۽ پڌرو آھي. ھن خزاني کي عالمن ۽ محققن ڪٿي درج بندي ڪندي ھڪ کي ٻئي کان جدا نھ ڪيو آھي. ھاڻي اھا ڳالھھ درجھ بندي ٿي چڪي آھي. ڪن ليکڪن ھر مصدر جي صورت وارن فقرن کي اصطلاح ڄاتو آھي، ايئن نھ آھي. مقصد ٻي ۽ سھڻي معنيٰ ڏيڻ وارو نڪتو آھي، ان ڪري چئبو تھ کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويھڻ اصطلاح نھ آھن، پر وات ۾ مڱ ھجڻ، ۽ کير کنڊ ٿيڻ اصطلاح آھن.

ھن فن جي ھر قسم (category) جو اڀياس ڪبو تھ ان ۾ لفظي ٺاھھ ٺوھھ ۽ حسن ھڪ طرف تھ معنيٰ جا موتي ٻئي طرف موجود آھن. سياڻن پھرين تھ پئي ھي موتي ميڙيا ۽ ھاڻي بلڪل ويجھڙائيءَ ۾ انھن جي ھيئت ۽ معنيٰ موجب ورھاست ڪري پيش ڪيائون. تازي ۾ تازو جائزو ڊاڪٽر جيٽلي ڪيو آھي. ھو شري سنتداس پنھون مل ڪشناڻيءَ جي ڪتاب سنڌي پھاڪا ۽ محاورا جو تفصيلي مھاڳ لکندي، ھو فن جي قسمن جي تقسيم چئن حصن ۾ ڪري ٿو. اھي ھي آھن: پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح (يا محاورا) ۽ ورجيسون. انگريزيءَ ۾ پھاڪن لاءِ پراورب (proverb) ۽ اصطلاح/ محاوري لاءِ اِڊئم (Idiom) جو لفظ نعم البدل آھي. جڏھن سنڌيءَ ۾ چئون: بامحاوره زبان (Idiomatic language) تھ اِتي محاوره جي معنيٰ واضح آھي ۽ اِھا اصطلاح جي آھي. سڀ زبانون ھن خزاني کان خالي نھ آھن. ايئن چوڻ تھ سنسڪرت يا ٻي زبان ۾ پھاڪا نھ آھن، صحيح نھ ٿيندو(٢). يٿا راجا تٿا پرجا سنسڪرت مان آھي، جنھن مان جھڙو راجا تھڙي پرجا ورتل آھي.

ھڪڙا پھاڪا مختلف زبانن ۾ ساڳيا آھن. Empty vessel thunders muck سکڻي ڪني گھڻو اڀامي ھڪ ئي معنيٰ وارا آھن. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا ھيٺيان پھاڪا ھم معنيٰ آھن:

- التعجيل فعل الشطان (ع)

- تعجيل ڪار شيطان (ف)

- تڪڙ ڪم شيطان جو (س)

فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ھيٺيان پھاڪا ھم معنيٰ آھن:

- دو برادر سوم حساب (ف)

- ٻھ ڀائر ٽيون ليکو (س)

لڳي ٿو تھ ڪي پھاڪا شعوري ڪوشش سان بھ ترجمو ڪيا ويا آھن.

ھي جيڪي بھ ھن علمي خزاني جون صنفون آھن؛ انھن جي ڊاڪٽر جيٽلي واري تقسيم ڪافي آھي. انھن ورجيسن کي وري خود ساختھ قسمن جي ورجيسي پھاڪن، جملن ۽ اصطلاحن ۾ ورھائڻ پاڻ ھڪ مونجھارو پيدا ڪرڻ برابر آھي(٣).

ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تھ ھنن چئن قسمن ۾ فرق ڪھڙو آھي؟ ان جو ھڪ ھڪ مثال وٺون ٿا.

١- پھاڪو اھو آھي، جنھن ۾ موجود معنيٰ کي ڪنھن مثال سان ظاھر ڪجي. جيئن چئجي تھ ڪنھن کان ڪو ڪم نٿو پڄي تھ چئي خراب آھي پھاڪي وارو ان کي ھنن چند لفظن ۾ ظاھر ڪري ٿو: گدڙ ڊاک نھ پڄي آکي ٿو کٽا.

٢- چوڻيون بھ سھڻي معنيٰ وٺڻ لاءِ آڻجن ٿيون ۽ مفھوم حقيقت پسندانھ آھي. چئي: بُک ۾ بصر بھ مٺا. ھونئن جيڪا شي شوق پئي نھ کائجي اھا بھ بک لڳڻ وقت مٺِي لڳي.

٣- اصطلاح، جي ھيئتي جوڙجڪ (form) مصدر جي صورت ۾ ھوندي آھي؛ پر نھايت معنيٰ خيز ۽ گفتي کي سونھن بخشيندي آھي. مثلا: کير کنڊ ٿيڻ، يعني پاڻ ۾ صلح ۽ محبت سان رھڻ.

٤- ورجيس اھڙن ٻن ٽن لفظن جي ميڙ سان ٺھي ٿي، جنھن ۾ معنيٰ تھ سھڻي بيھي ٿي، پر اڪثر ٻيو لفظ پھرئين جي صوتياتي زور کي ضابطي ۾ رکي ٿو. جيئن: ڇڊوپاڊو.

جڏھن ٻوليءَ جي سونھن وڌائڻ جي ڳالھھ ڪريون ٿا، تڏھن ھن جي ڪنھن بھ صنف جي اھميت، ھيئت جي مدنظر نھ پر معنيٰ جي مدنظر آھي. ان ڪري ھي پھاڪا ۽ اصطلاح وغيره ڪيئن سنڌيءَ جو جوھر ۽ حسن وڌائين ٿا، ان جو جائزو حاضر آھي.

اڻندو اھا جا ڪوريءَ جي من ۾ ھوندي.

ھي پھاڪو ظاھري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو، جو جڏھن تاڃي اڳيان پکڙيل اٿس، ۽ پيٽي لاءِ نڙو ھٿ ۾ اٿس، تڏھن ڪپڙو گھاٽو اڻي؛ توڙي ڇڊو تھ مرضي سنديس. حقيقت ۾ مطلب ھي اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ سگھارو آھي. نھ ڪنھن جي صلاح وھيڻو نھ ڪنھن جو دلبو کائي نھ ڪنھن جو مٿس زور ھلي. (سمجھاڻي: ڪيولرام)

اھو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.

مينھن وسندي جو مطلب آھي تھ گھرج مھل يعني ھلندي چلندي ۾ اھڙو خرچ ڪر جو چاقائي ۽ بيماريءَ ۾ بک نھ مرين. تنھن جو ارٿ ھي آھي تھ ڪي کاءُ، ڪي بچاءِ. (سمجھاڻي: ڪيولرام)

اھا زبان اس ۾ ويھاري، اھائي ڇانو َ۾ ويھاري.

ڇانو ۽ اس اشارو مان ۽ بي مانائيءَ جو آھي. پھاڪي جو مطلب ھي آھي تھ جو ماڻھو ادب سان يا مٺو يا سچ ڳالھائيندڙ ھوندو سو آڌار پائيندو ۽ بي ادبيءَ سان يا ڪؤڙو يا ڪوڙ ڳالھائيندو سو بي مانو ٿيندو. ٻن طرفن جي ڳالھائڻ لاءِ زبان ھڪڙي، پر ھڪڙيءَ طرح جي ڳالھائڻ جو ڦل ھڪڙو ۽ ٻي طرح جي ڳالھائڻ جو ٻيو ڦل. (سمجھاڻي: ڪيولرام)

صبر جنين سير، تير نھ گسي تن جو.

ھن پھاڪي واري صبر کي ساراھيو آھي. يعني جو صبر ڪندو سو مطلب کي پھچندو. (سمجھاڻي: ڪيولرام)

ھسڻو جوڳي پڏڻي نار، گد ڪھي ھي ٻيئي مار.

ھسڻو يعني کلڻ وارو، چرچائي، پڏڻي يعني ٻٽاڪڻ زال. گد شاعر جو نالو آھي. ھو چوي ٿو تھ جوڳي يعني ڌڻيءَ جي ڳولھي (طالب) کي دنيا جي رونشن ڏسڻ ۽ کلڻ ڪڏڻ سان ڪھڙو ڪم؟ اھڙي ريت اشراف زال کي پڻ اجائي ھلت ۽ کلڻ کان منع آھي. (سمجھاڻي: ڪيولرام)

يار بھ تيلي سينڌ بھ ميلي.

تيلي يعني چاڪي. ميلي يعني اڻڀي. مطلب تھ جنھن عورت جو يار چاڪي ھوندو، تنھن کي سينڌ مکڻ لاءِ تيل جي ڪھڙي ڪمي! جڏھن تيل نھ مليس تڏھن چاڪيءَ جي بي مھابائي چئبي. (سمجھاڻي: ڪيولرام)

انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان:

سڪندراعظم ٣٢٧ ق. م ڌاري سنڌ تي ڪاھھ ڪئي، تنھن کان اڳ پنجاب جي راجا پورس سان لڙيو. ان جي بھادري ڏسي، خوش ٿي کيس پنجاب ملڪ واپس ڪيائين. سڪندر جو لشڪر گھوڙن تي ھو، پر راجا پورس جي لشڪر جو ڪجھھ حصو ھاٿين تي ھو. جڏھن سڪندر جي لشڪر جا تير پورس جي ھاٿين کي لڳا، تڏھن ڪي انڌا ٿيا، ڪي زخميا ۽ ڪي ڇرجي ڇتا ٿيا. اڳتي وڌڻ بدران پوئين پير موٽي پنھنجي لشڪر کي چيڀاٽيندا ويا. (سمجھاڻي: سنديلو)

انڌيري نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا:

جڏھن ڪو ظالم ۽ بي عقل حاڪم ٿيندو آھي تھ ان جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آھي. جڏھن ڪو حاڪم رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواھھ رھندو آھي، تڏھن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان لنگھي ويندي آھي. ان حقيقت بابت ھي پھاڪو ٺھيل آھي. (سمجھاڻي: سنديلو)

چٽي چنيجن جي پرڻ تي پيئي:

چنيجا ۽ پرڻ، موري تعلقي ۾ ٻھ ڳوٺ آھن، جي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون آھن. چنيجن ۾ ھڪڙو ھندو سيٺ رھندو ھو، جنھن جي ڪن ماڻھن سان اڻ بڻت ٿي پيئي. انھن ماڻھن کي ھروقت اھو خيال رھندو ھو تھ سيٺ جو سر کڻجي (کيس مارجي). ھڪ دفعي سيٺ جو ڌاڙو ھڻڻ ويا. اوندھھ ۾ر ستو ڀلجي ويا ۽ وڇي پرڻ تي ڪڙڪيا. ڌاڙو تھ ھنيائون پر سندن مطلب سڌ نھ ٿيو. ڪنھن انھيءَ واقعي بابت اھو پھاڪو چيو (سمجھاڻي: سنديلو)

رامداس اٿئي ٻگھلو ڀڳت

ھن پھاڪي جو اشارو ھي آھي تھ متان ھن جي فريب ۾ اچين. ھن جو مثال ايئن آھي جو ڪو ٻگھلو ڍنڍ ۾ ھڪ اک بند ڪري ۽ ھڪ ٽنگ مٿي کڻي ايئن بيٺو ھوندو آھي، ڄڻ ڪو ساڌو مھاتما تپسيا ۾ مگن آھي. جيئن پاڻيءَ ۾ چرپر ٿي تھ مڇيءَ کي ڏسي جھٽ ھڻي چھنب ۾ پڪڙي وٺندو آھي. ھي اشارو اھڙي ٺڳ بابت آھي، جيڪو ٻگھلي وانگر آھي جو ٻاھران تھ ٻالو ڀولو لڳندو آھي، پر اندر ۾ ابليس ھوندو آھي (سمجھاڻي: جيٽلي)

پھاڪن وانگر اصطلاح بھ سنڌيءَ جي سونھن آھن. بامحاوره ۽ اصطلاحي ٻولي جملن ۽ تحرير توڙي تحرير کي تز بامعنيٰ ۽ خوبصورت بنائي ٿي. انھن جو استعمال اھڙي سھڻي معنيٰ کي ظاھر ڪري ٿو، جنھن جي ھرڪنھن کي خبر نھ پوي. ڪي اصطلاح ھي آھن:

اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ:

يعني اصل ڳالھھ پڌري ٿيڻ. ڪنھن حجم کان وار لھرائيندي پڇبو تھ وار ڪارا آھن يا اڇا؟ جواب مليس تھ اجھو ٿا پڌرا ٿين.

اوجھھ ڏيڻ:

مرڻ- ڦاڙھو جتي کائي اتي اوجھھ ڏي (چوڻي).

ايل چاڙھڻ:

ڦاھو ڏيڻ، سزا ڏيڻ ۽ قيد ڪرڻ. اصل ترڪي لفظ آھي.

ٿالھيئون لاھڻ: برادريءَ مان ۽ ڀت پوت مان ڪڍڻ.

ٽڳا ٽوڙڻ: واسطا ٽوڙڻ.

ٽانڊو ٽوپي ڪرڻ: خدمت چاڪري ڪرڻ.

پريا پڌرا ڪرڻ: عيب ثواب ٻڌائڻ. معنيٰ اڇا وار.

سڱن تي کڻڻ: ڇنڊ پٽڻ، وڙھڻ.

ڦلھير ۾ ڦوڪون ڏيڻ: اجائي ڪوشش ۽ ڪشالو. ايئن ڪرڻ سان باھھ نھ ٻرندي، پر ڌوڙ ڦلھير منھن ۾ پوندي.

ڦورو ڦولھڻ: عيب ظاھر ڪرڻ. شل ڦوري نھ ڦولھو سنئين پئي صراف کي (شاھھ لطيف)

گھر ڊھڻ: زال مري وڃڻ. دراصل گھر کي ٺاھيندڙ زال آھي. ان ڪري زال جي مرڻ کي مجازا گھر جو ڊھڻ سڏيو ويو.

لک تي مٿو ڌوئڻ: گھڻي ھوند وارو ۽ دولت وارو ھئڻ. روايت آھي تھ ڪنھن شاھوڪار کي پيريءَ ۾ پٽ ڄائو تھ لک روپيا زمين تي رکي سڪيلڌي کي وھنجاريائون ۽ اھي مسڪين ماڻھن ۾ تقسيم ڪيائون. اِن تي اصطلاح ٺھيو.

ننگر ھلڻ: مھمانوازي ۽ مانيءَ جو سلسلو جاري رکڻ. نواب ڄام ڪانڀو خان جوڻيجي (ڄام صادق عليءَ جي والد) جو ننگر ھروقت جاري رھندو ھو. آيو ويو کائي خوش ٿيندو ھو. (سڀني اصطلاحن جي سمجھاڻي: سنديلو)

چوڻيون: بھ سنڌي زبان جو حسن وڌائن ٿيون. چوڻيون ھڪ تھ حقيقت سان ھم آھنگ آھن، ٻيو تھ موسمن ۽ ٻين ٽاڻن جي آڌار ٺھيل آھن. مثلا: ڏياريءَ جي ڏڻ وقت چڀڙ پچن تھ ان تي چوڻي ٺھڪي ڏياريءَ جو ڏيو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو چند چوڻيون ھي آھن:

- يار اھو جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.

- جوءِ ڏسي بيٺ تھ ماءُ ڏسي پيٽ

- آھھ غريبان قھر خدائي

- ڏکڻ مينھن نھ وسڻا جي وسي تھ ٻوڙي

- انسان خطا جو گھر آھي

- جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

- لالچ بُري بلا آھي

- دير پيا درست ٿيا

- جھڙا ڪانگ تھڙا ٻچا

- ڏات نھ آھي ذات تي (بيت).

ورجيسون: ھي لفظن ۽ فقرن جا ننڍا جھڳٽا آھن ۽ جن سان تحرير ۽ تقرير ۾ سونھن ۽ آواز جي مدنظر ٺھڪندڙ معنيٰ بھ ملي ٿي. اھڙا ڪئين مثال آھن، جيڪي زبان ۾ ورجيس جي استعمال کي موزون بنائين ٿا، ڪي ورجيسون ھي آھن:

ڀاڙو ڀتو، چور چڪار، ڇوڪر پاڪر، ڀاءُ ڀِنڊ، اڇو جھڙو کير، ڀيلو جھڙي ھيڊ، ڳجھھ ڳوھھ، ٻوڙٻاڙي، ڀونءِ ٿوري ڀاڙو گھڻو ۽ بابل جو کوھھ وغيره.

جيئن عرض ڪيم تھ ھي لوڪ خزانو اسان جي زبان لاءِ ھڪ زيور مثل آھي. نار نشيلي ھجي پر زيور بھ حسن ۾ اضافو ڪن ٿا. پھاڪن ۽ اصطلاحن، چوڻين ۽ ورجيسن جي بھ اِھا حقيقت آھي.

حوالا:

١- جيٽلي، مرليڌر (ڊاڪٽر)، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس)، بمبئي ، ١٩٩٣ع، ص ٦.

٢- عبدالوھاب سھتو. ورجيسون، حيدرآباد، ٢٠٠٣ع، سادا اکر، از نذير سومرو، ص ٧.

٣- ايضا، ص ص ١٨- ١٩.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com