سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 9

صفحو :11

باب نائون

موجوده حالت

(مسئلا ۽ حل، ھند ۾ سنڌي)

 

سنڌي زبان وڏن طوفانن مان لنگھي ھن حالت ۾ پھتي آھي. عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جي ساٿ ۾ سنڌيءَ جو فائدو ٿيو ۽ سنڌ جي عالمن انھن زبانن ۾ بھ بيشمار ڪتاب لکيا. رابطي ۾ رھندڙ زبانن مان فائدو بھ ٿئي ٿو ۽ مقابلو بھ رھي ٿو. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نھ ٿيندو تھ صدين جي سفر ۾ سنڌي زبان ۾ اھليت، قوت ۽ استقامت پيدا ٿي آھي. زبان فقط اديب جي توجھھ جو مرڪز نھ رھندي آھي، عوام ان جا پرورش ڪندڙ آھن. سماج جو ھر فرد ھن فريضي جي ادائگيءَ لاءِ ڪوشان رھندو آھي. جيئن ان کي مخالف طرف کان ايندڙ ويرن کان بچائي ۽ ويرين جي حملن کان محفوظ رکي. ھاڪاري نتيجا ڪڍڻ لاءِ ڳالھائيندڙ ۽ لکندڙ محنت جاري رکيو ايندا تھ ھن ڪم ۾ ڪامياب ٿبو. زبان جي ترقيءَ لاءِ اھڙيون تحريرون ۽ تخليقون پيش ڪبيون، جيڪي سماج جي سڌاري بابت ھونديون ۽ اھي سماج جي ادبي، ثقافتي ۽ علمي اڳڀرائيءَ لاءِ ھونديون. جڏھن ھيءَ ڳالھھ ڪريون ٿا تھ مطلب آھي تھ پنھنجي زبان کي ايڪيھين صديءَ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ فعال ڪريون.

ماضيءَ جو جائزو وٺي، حال جو حال ڏسي، آئيندي لاءِ مثبت قدم کڻبا. ماضيءَ ۾ سنڌي زبان ۾ جيڪو لکيو ويو، جيڪا تحقيق ٿي، ان کي حال ۾ وڌائبو ۽ آئيندي لاءِ ڪا رٿابندي ڪبي. خالي اونده ۾ لٺيون ھڻڻ ۽ ڇڙ ڇڙ گابا ٿي ھلبو تھ مقصد حاصل نھ ٿيندو.

زبان جي ترقيءَ ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ مختلف نوعيت جون ڊڪشنريون، لفظن جا ذخيرا ۽ مددي ڪتاب تيار ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي. سنڌيءَ جي سلسلي ۾ نظر ڪبي تھ اھڙن ڪتابن ۽ ڊڪشنرين جي اڃان کوٽ آھي. جيتوڻيڪ ھي سلسلو اڻھين صديءَ جي اڌ کانپوءِ وقفن سان ۽ ننڍي پيماني تي جاري آھي. قلمي صورت ۾ ڪي لغات ان کان بھ اڳ تيار ٿيون. جامع لعات جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ ھٿ ۾ کنيو ۽ ڊاڪٽربلوچ پھرئين مرحلي جو ڪم مڪمل ڪري ڏنو، جيڪو پنجن جلدن ۾ ڇپيو. ڊاڪٽرصاحب ان کي وڌايو ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ نئين ترتيب سان شايع ڪيو، جيڪو ٽن جلدن ۾ ڇپيو. بقول ڊاڪٽربلوچ ھي ھڪ مستقل نوعيت جو ڪم آھي. ھن لاءِ ھڪ مستقل ادارو کپي، جيڪو اضافھ ڪيل ايڊيشن تيار ڪرڻ جو سلسلو جاري رکي.

انھيءَ پسمنظر سان گڏ سنڌيءَ جي موجوده حالت ۽ حيثيت جو جائزو وٺبو تھ ورھاڱي کان پوءِ پھرئين مارشل لا ۾ سنڌيءَ کي تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪڻ جي خودساختھ ۽ آمرانھ خيال جو شڪار ٿيڻو پيو. ان کان پوءِ اڄ ڏينھن تائين اھڙيون سازشون جاري آھن. آپيشاھي ۽ انھن جي ٻانھن ٻڌن ڇاڙتن ھن ڏس ۾ گھٽايو ڪونھي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ھڪ ميمبر ايئن بھ چيو تھ: مون کي سنڌيءَ سان نفرت آھي. آءٌ بجيٽ تقرير سنڌيءَ ۾ نھ ٻڌندس. اھو سنڌين جو جگر آھي جو اھڙيون ڳالھيون بھ سھندا اچن. سنڌيءَ جي حفاظت لاءِ سنڌ جي شاگردن، سنڌي ادبي سنگت ۽ سڄاڻ ڌرين ڊگھي جدوجھد ڪئي آھي، تڏھن سنڌي پنھنجو وجود قائم رکي سگھي آھي. تڏھن بھ زھريلا نانگ ڏنگ ھڻڻ جي عادت کان باز نٿا اچن.

موھن جي دڙي مان لڌل رقاصھ جي پتليءَ کي غلاظت ۽ ڍڳي کي خونخوار ڍڳو سڏيو ويو ۽ ڪفر جون فتوائون بھ جاري ٿيون، تھ بھ قافلو ھلندو رھي ٿو.

سنڌ ۾ سنڌيءَ جي تلفظ جي باري ۾ ٿورا غلط مثال بھ قائم ٿيا آھن. انھن سان نھ زبان ختم ٿيندي نھ گھڻو بگڙي ويندي، پر ٿوري بگاڙ جو انديشو آھي. اھڙي بگاڙ ڏانھن ڌيان ڏيڻ ضروري آھي، ڇو جو ھن بگاڙ ۾ ميڊيا ملوث آھي. ان ۾ اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جو وڏو حصو آھي. پھريون مثال ھڪ اھم لفظ جي اِملا جو سامھون آيو. سڀني کي خبر آھي تھ قاعدو ھيئن صحيح آھي. اخبارن قائد وارو لفظ قاعدو سان منجھائي قائدو (قاعدي جي جاءِ تي) لکڻ شروع ڪيو. جي ليکڪ صحيح (قاعدو) لکي تھ ڪمپازيٽر پنھنجو عقل ھلائي، ان کي قائدو ضرور ڪري!

ھڪ عام غلطي لکڻ ۾ بھرحال (ھر حال ۾ ھر صورت ۾) جي ڪئي وڃي ٿي. ان کي بحرحال ۽ بھرھال بھ لکيو وڃي ٿو. گھٽ ماڻھوا ِملا جي ھيءَ چوڪ ڪن ٿا. درست ٿيڻ کپي. اھڙيءَ طرح اخبارن ۾ ۽ ريڊيو، ٽي ويءَ ۾ گفتگو ۾ سنڌي جي شھرن جا نالا غلط اچاريا وڃن ٿا. جھڙوڪ مورو، ٽنڊو باگو ۽ کپرو وغيره. جنھن بھ صورت ۾ شھر جو نالو وٺبو، اھو ٻوليءَ جي قائم اصولن موجب وٺبو. ڪنھن ٻي ٻوليءَ جي تقليد ۽ نقل ڪرڻ جي ضرورت ڪونھ آھي. جي جملو آھي تھ: مورو وڏو شھر آھي تھ صحيح آھي. جي جملو آھي، آءٌ موري ويندس تھ ايئن صحيح آھي. ان جي مقابلي ۾آءُ مورو ويندس غلط آھي.

ريڊيو جي خاص طور نيوز بليٽن ۾ فاش غلطيون ٿين ٿيون. ھڪ ڀيرو چيو ويو تھ: حڪومت چوپائي مال جي صحت، خريد ۽ وڪرو کي ھمٿائيندي غور ڪريو تھ نيوز ڪاسٽر پنھنجي مادري زبان کي ٻين زبانن جي پاڇي ۾ آڻي غلط ڪن ٿا. ڪيترن لفظن جا بھ اھڙا نقاليءَ وارا اچار ڪن ٿا. زلزلو کي زلزلو، ڪروڙ کي ڪڙوڙ، وگھي کي وگھي، زبون کي زبون ۽ ڌيان کي ڌيان چوڻ انڌي تقليد نھ آھي تھ ٻيو ڇا آھي. ڪي ماڻھو چون ٿا، فلاڻي زبان ڳالھائيندڙن سان لھھ وچڙ جي ڪري انھن جو اثر پوڻ لازمي آھي. ايئن نھ آھي اِھا پنھنجي زبان کان بي پرواھي آھي!!

ھڪ نيوز بليٽن ۾ حڪومت پڪو پھھ ڪيو آھي. چيو ويو. ڪھڙو سنڌي پڪو پھھ نٿو چئي سگھي؟ ھڪ سگھڙين سٿ پروگرام ۾ خطن جا جواب ڏيندي، ميزبان چيو، اوھين پنھنجي راءِ اسان کي موڪلي ڏياريو. اھو ڏياري موڪليو جي بجاءِ چيو ويو. اِھا ھڪ ماڻھوءَ جي وقتي ۽ معاف ڪرڻ جھڙي غلطي بھ چئي سگھجي ٿي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڪير سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ چوي، اھا غلطي ھڪ فاش غلطي آھي. اِن قسم جي غلطين کي بھرحال درست ڪجي. اِنھن اچارن ۽ تحريري غلطين کي سڌارڻ ئي مسئلن جو حل آھي.

ٻيو حل زبان جي ترقيءَ لاءِ ڪن ضروري قدمن کڻڻ سان ٿيندو. ان لاءِ جيئن عرض ڪيم تھ مڪمل رٿابندي ضروري آھي. ھن سلسلي ۾ سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا ڪجھھ ڪندا آيا آھن. اڃان گھڻو ڪجھھ ڪرڻو آھي. سنڌي ادبي بورڊ جو اشاعتي پروگرام جاري آھي. ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نھ ٿيندو تھ بورڊ جي اشاعت جو ھڪ مرحلو مڪمل ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ سنڌي لغات، لوڪ ادب، تاريخ جا ماخذ ۽ شاعرن جا ڪليات ۽ ديوان شايع ٿي چڪا آھن. سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌالاجي ۽ شاھھ لطيف ثقافتي مرڪز بھ اشاعت جو ڪم ڪيو آھي. اٿارٽيءَ جو ٻوليءَ جي صحت ۽ ترويج ۾ اھم ڪردار آھي، جيڪو اڃان وڌڻ کپي. اِن کان سواءِ نيوفيلڊس، سنڌيڪا، روشني، مھراڻ اڪيڊمي ۽ ٻين نجي ادارن جو ڪردار بھ آھي. انھن جو اشاعتي پروگرام بھ قابل قدر آھي. ان ۾ بھ رٿابنديءَ جي ضرورت آھي، انھن ادرن جا مالڪ ھروڀرو بھ ٻيا ڇاپا شايع ڪرڻ ۾ پورا آھن.

ھيڏانھن سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاھھ لطيف يونيورسٽيءَ جا سنڌي شعبا تعليم جي سلسلي ۾ ايم. اي، ايم. فل ۽ پي ايڇ. ڊيءَ جون ڊگريون ڏيڻ سان گڏ اشاعتي ڪم بھ ڪندا ٿا اچن. چيئرس قائم آھن، انھن وسيلي اڃان بھ وڌيڪ معياري ادبي ڪم ٿي سگھي ٿو. سنڌي شعبن مان جرنل ڪينجھر، ڪلاچي ۽ ڀٽائي شايع ٿيندا رھن ٿا.

سنڌيءَ ۾ سنڌوءَ کان وٺي ڪيترا ننڍا وڏا رسالا شايع ٿيندا رھيا. ھن وقت لوڏن لمن ھوندي بھ بورڊ جو سماھي مھراڻ ۽ سنڌ سرڪار جو نئين زندگي شايع ٿي رھيو آھي. سنڌي اخبارون بھ اٽڪل ڏيڍ سؤ سالن کان شايع ٿينديون اچن. قرباني، نئين سنڌ، ڪاروان ۽ ٻيون اخبارون نڪتيون بند ٿي ويون. ھن وقت عوامي آواز، عبرت، ڪاوش، خبرون، شام، ھلچل، تعمير سنڌ ۽ ڪي ٻيون روازانھ اخبارون شايع ٿين پيون. سنڌي زبان ۽ ادب جي اشاعت ۽ ترويج ۾ اخبارن جو بھ اھم ڪردار آھي.

 

(وڌيڪ پرهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com