سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 8

صفحو :10

باب اٺون

 

سنڌيءَ جا سردار

سنڌيءَ جا معمار

 

اسان جا شاعر ۽ نثر نويس سنڌي زبان جا معمار ۽ مھندار آھن. آءٌ کين سردار بھ سڏيان ٿو. سنڌي زبان جي ابتدائي شاعرن قاضي قادن، عثمان احساني، لطف لله قادري، پير محمد لکوي، عنات رضوي، دادو ديال، شاھھ ڪريم ۽ پراڻ ناٿ ھن عمارت جي تعمير ۾ حصو ورتو آھي. شاھھ ڪريم جو ڪلام نسبتا اڄ جي زبان کي وڌيڪ ويجھو آھي. تصوف ۽ توحيد جي بيان ۾ نھايت چِٽو ۽ پراثر آھي. ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نھ ٿيندو تھ شاھھ ڪريم سنڌيءَ جي سردارن ۽ معمارن ۾ نشانبر ۽ يگانو شاعر آھي. سندس ڪلام سادو ۽ پرمعنيٰ آھي:

مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي تھ واءُ،

جي پڌر وڌءِ ڳالھاڙي تھ ڇڏي وڃي ساءُ.

-

پاڻيھاري سر ٻِھڙو، جر تي پکي جئن،

اسان سڄڻ تئن، رھيو آھي روح ۾.

-

نينھن نياپي نھ ٿئي، سڌين سيڻ نھ ھون،

ڪارئين راتيين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نھ رون.

شاھھ عبداللطيف ڀٽائي (١٦٩٠- ١٧٥٢ع):

 

ھن سلسلي ۾ شاھھ صاحب ھڪ ئي رانجھو لکن جو مٽ آھي، جيڪا ڳالھھ شيڪسپيئر لاءِ چئي ويئي، اھا شاھھ صاحب تي بھ صادق اچي ٿي. بنياد کان ھٿ وڌائين ۽ عمارت جا سڀ مرحلا مڪمل ڪري ھن صورت ۾ آندائين. سنڌي زبان جي ڪنھن بھ نحوي، صرفي، صوتي ۽ اصطلاحي پھلوءَ جو جائزو وٺون تھ رسالو موجود آھي. ھر نڪتي لاءِ چمڪندڙ مثال موجود آھن. ڪو لفظ چئو، ڪا ڳالھھ ڪريو تھ ان جا مثال بيتن ۾ وضاحت طور شاھد طور ملن ٿا. رھنمائي ڪرڻ لاءِ بھ پنھنجا ماڻ، پنھنجا ماپا، پنھنجا دليل ۽ پنھنجا مثال ڏي ٿو:

ور سين پايو ڪاڻ، کر سين کلون پائيين،

ڀوري منڌ اڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تھھ چونڊئين.

-

پکي ۾ پدمڻي، ڪر ڏي وراڪا وڄ،

جھڙي صورت سڄ، تھڙي مورت مارئي.

-

نڪو جن جھان ۾، نڪو سڄي نانگ،

سسئيءَ ڇڏيو سانگ، تھ ڇپر مڙئي ڇاڙڪي.

-

امڙ وڃي آڻ، چرخو آتڻ وچ مان،

ڪتيم جنھين ڪاڻ، سو ڪوھيارو ڪيچ ويو.

-

ڪو جو ڪامڻ مي، آھي اکڙين ۾،

تن تماچي ڄام جو، ناڀون پايوني،

عشق ايئن ڪري، جئن ڄارو ڄام ڪلھي ڪيو.

-

ھيس ھندورن ۾، پييم ڪانھ پروڙ،

مڻئي سندي مامري، ڪوجھي وڌيس ڪوڙ،

سامھان ٿيم سور، ويو ولٽِي ولھو.

 

شاھھ جي رسالي جي ھڪ ھڪ تڪ، ھڪ ھڪ بيت سندس فن تعمير جو شاھد آھي. مثال وٺي پوري نھ پئبو. اڄ سنڌي ھڪ زندھھ ۽ وڌندڙ زبان آھي، ان ۾ شاھھ صاحب جو ئي ھٿ آھي. ھن عمارت جو رازو، واڍو ۽ معمار (Architect) شاھھ عبداللطيف ڀٽائي آھي. رسالي جو صرف و نحو جي حوالي سان جائزو وٺون تھ کيس ڀرپور داد ڏبو.

سچل سرمست (١٧٣٩- ١٨٢٩ع): پنھنجي انداز ۾ سچل سائين سنڌي زبان کي ھرطرح شاھوڪار ڪيو. سچل جو نعره رندانھ ۽ نعره سرمستانھ منفرد آھي. ان کي بي سمجھن پروڙيوئي نھ. ھن جو آواز نھايت بلند آھي:

ڪلمو پڙھان تھ ڪافر ٿيان، ڪلمو پڙھي ڪير،

جاڏي راھھ رسول جي، تاڏي نھ ڀريان پير،

جي من مان نھ ڪڍان مير، تھ حضوري حاصل نھ ٿئي.

-

ملان انھيءَ منڌ جو، چڪو جي چکين،

ڪارنھن کڻي ڪنڊ ۾، ويٺو منھن مکين.

-

چڱو گوندر غم، جي مون پڇو جيڏيون؛

منجھھ ڪشالي ڪم، آھي ورھھ وارئين.

-

ڪي جو لکيائين، سو ملان وڃي واچيو؛

ھڪ سٽ پڙھيائين، ٻيءَ سٽ سڏڪن ۾ پيو.

-

صورت سڀ سبحان، پاڻ پسڻ آيو پنھنجو تماشو!

ڪاٿئين حنبل، شافعي، ڪاٿئين مالڪ نعمان،

ڪاٿئين پٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙھي قرآن؛

ڪاٿئين اناالحق چوي، ڪاٿئين ڦيرائي فرمان! الخ

-

کيڙو وجھان کوه ۾، نورنگ ندورو،

دل اٿم ديرو، ھزاري جي ھوت جو.

-

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،

وھم سچل ڪڍ ٻانھپ وارو شملو ٻڌ شھانو.

سچل سائين سنڌي زبان جي ھلندڙ نھج، ۽ انداز ۾ پنھنجي اسلوب جي ڪري ھڪ قدم اڳتي ئي ويو.

قادربخش بيدل (١٨١٤- ١٨٧٢ع) ۽ سندس فرزند محمد محسن بيڪس (١٨٥٩- ١٨٨٢ع) جا رنگ نرالا آھن. گھڻي ڀاڱي منصوري نعرا بھ ھنيا اٿن، پر رنگ ۽ اسلوب پنھنجو اٿن. ١٩ صدي عيسويءَ ۾ ٻنھي جو اثر وقت جي سنڌي زبان تي نمايان آھي. سچل سائين وانگر بيدل سائين ۽ بيڪس سائين ٻين زبانن ۾ بھ ڪلام چيو، پر سنڌيءَ کي بھ اجاري ڇڏيائون. بيدل سائين فرمايو:

آءٌ آھيان اسرار، عالم ليکي آدمي،

عرشئون اچي اِتھين، عشق ڪيس اظھار،

ڪين ھلي ٿي قرب ۾، دين ڪفر جي ڪار،

ٻانھپ ٻولي ناھھ ڪا، نور آھيان نروار،

بيدل بندو ناھين تون، آڻ اِھو اعتبار.

-

ظاھر بندو باطن موليٰ، عشق جي بازي سمجھي ڪير؟

ايھو راز ڪري ٿو روشن، علي ولي شاھھ مردان شير،

من عرف جي مام موچاري، فرمودي ۾ ناھي ڦير،

پنھنجو سر صحيح ڪر بيدل، سوجھي سمجھھ  سريءَ جو سير.

مصري شاھھ (١٨٢٨- ١٩٠٤ع): ڪافيءَ جو بادشاھھ سڏجڻ وارو، سنڌي زبان کي بھ شاھوڪار ڪرڻ وارو ھو. سندس ڪلام ۾ لفظ ۽ انھن جي موسيقي نمايان آھي. ڪچھري ۽ راڳ جو ڪوڏيو ھو. ڳائڻ وارا سندس محفل ۾ موجود رھندا ھئا. سندس ڪافين مان ڪھڙي چونڊ ڪجي! بس نموني خاطر ھيتري:

وسري ويا ٻئي جڳ جڏھن دل جان سان دلبر ڏٺم،

مھتاب مک محبوب جو، محراب منھن منور ڏٺم،

عاقل ۽ عالم اوليا صنعان جھڙا سؤ ھزار،

قيد ڪامل جي ڪڙي ۽ ملڪ سڀ مضطر ڏٺم- الخ

-

ڪج زلف ڪمند ڪڙيارا، سي تان پائين دام دوبارا،

ڏين لامارا لحظي لحظي، بند ڪن بلخ بخارا.

-

کنيائون کلي، نيڻ گھرا گلابي،

ڀريل ٻاجھھ نرگس، عجب نيم خوابي.

-

اڄ تھ عجيبن آڻي لايا نينھن نوان،

مينھن مندائتا مصري واھھ ولھرين وٺا،

سرھا سيني لايان، مليا محب مٺا،

ڏيھھ ڏنگو تان ڇا ڪندو، سڄڻ ھون سنوان.

-

سھسين رنگ سيلا سنھا، سر تي ستم گر ڪيم ڪر،

دردوندن جون دليون حيران، ھر ھر ڪيم ڪر.

محمود فقير کٽياڻ (١٨٥٢- ١٩٠٧ع): ھن شاعر جي ھڪڙي مترنم ڪافي اسان جي موضوع سان ٺھڪي اچي ٿي:

ديدن ڪيا درسن، اڄ ڀيڄ ڀنيءَ برسن!

ماڙيچا منھنجا موھر ۾، شل پاڙيچا پرچن!

چوڙيليون اڄ چاھھ منجھان ٿيون ڪاھھ ڪيو ڪڙڪن،

ڪونجن وانگي ڪر کنيو ٿيون تڙ مٿي ترسن،

گھڙا جنين جا گوھر گگھريون مٿي تي مرڪن،

سينھوڙيون اٿن سوکڙيون سي جنھنور جئين جھر ڪن،

جام، صراحيون جن سان پيتم تن وٽ حال ھلان،

ڳري لڳي مون لڙڪ لڙي پيا ماڙيچن شال ملان،

ساھھ منھنجو پساھھ پرين سان پنھنجي روح رلان،

چشمن سان چوغان چمان ميدان ھلي مرڪن،

نبيسر جون نام ڪٺيون ٿيون دام وجھن دواليون،

جادوءَ ساڻ جمال جون ٿيون زور ھڻن زاليون،

رنگ ڀريون آھن ريتون تن جون چست چڱيون چاليون،

ٿر ٿوھر مڪ مانڌاڻا منجھھ ويڙھيچن ورڪن.

ديدن ڪيا درسن................................................................ الخ.

نواب ولي محمد لغاري (١٨٣٦- ١٩١٤ع): سنڌي ڪافيءَ جي زبان ۽ بيان ۾ نواب صاحب جو ھڪ منفرد مقام آھي. صوفيانھ انداز ۾ فرمائي ٿو:

جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو،

ڏسي ڏات کي صفت ۾ ملڪن ٿي سرنمايو،

آدم جو پوش پائي آيو پاڻ کي لڪائي،

مچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو.

ڏيئي حسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو،

سوريءَ جو ڪيئين اشارو، سر عاشقن سنڀايو.

اصلئون ھو سر حقاني، لاريب لامڪاني،

منجھھ رمز لن تراني، وري طور ڪنھن جلايو،

ولي محمد سنڀارج، ذاتي نھ دم وسارج،

پنھنجو پاڻ ۾ نھارج، صورت سان پيچ پايو.

-

ميران پور جي ٻاجھھ ٿي، غم وھم سڀ ويا،

ذاتي جي ذوق سان، کلي قلب پيا،

عقده دؤر دنيا جا، صوفيءَ صاف ڪيا،

ولي محمد مطلب ٿيا، وريا ورق وصال جا.

مولوي عبدالغفور مفتون ھمايوني (١٨٤٤- ١٩١٨ع): مولوي صاحب جي ھڪ سنڌ ملوڪ ڪافي ھيءَ آھي:

تنھنجي زلف جي بند ڪمندا وڌا،

زندان ھزارين مان نھ رڳو.

تنھنجي شاھي دسترخوان مٿي،

مھمان ھزارين مان نھ رڳو.

 

ڪيئي گھائل تنھنجي گھور سندا،

مخمور غفور سرور سندا،

تنھنجي نور ظھور حضور سندا،

نگران ھزارين مان نھ رڳو.

 

ڪيئي ابرو تيغ شھيد ڪيا،

ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،

ري ناڻي ديد خريد ڪيا،

دربان ھزارين مان نھ رڳو.

 

اي ماھھ لقا محبوب مٺا،

تنھنجي ناز ادا تان جان فدا،

ٿيا دامن گير امير گدا،

سلطان ھزارين مان نھ رڳو.

 

دلبر پيارا ڪر نور نظر،

تو تھ سرور عالم جن و بشر،

تون تان ڪتيون تارا، شمس و قمر،

قربان ھزارين مان نھ رڳو.

مير عبدالحسين سانگي (١٨٥١- ١٩٢٤ع): سانگي، سنڌيءَ جو اڪيلو شاعر آھي، جنھن جا سنڌيءَ ۾ ٽي ديوان آھن. سندس زبان ڪٿي بيشڪ فارسي آميز آھي، پر زبان جي رواني، تسلسل، موسيقيت ۽ سادگيءَ سبب سانگي مقبول ٿيو:

تڏھن ترڪ وطن ڪيوسين جڏھن اھل وطن بگڙيا،

جي بگڙڻ جا نھ ھئا، اھڙا بھ ياران ڪھن بگڙيا.

آھي اھڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو،

چمن جو سير ڪيوسين ٿي تھ مرغان چمن بگڙيا.

ھوا اھڙي لڳي آھي جو پنھنجي پنھنجي مذھب کان،

مسلمان و ڪرستان و يھود و برھمن بگڙيا.

اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مونکي ٿيو يقين آھي،

زماني جي بگڙجڻ کان تھ مردن جا سخن بگڙيا.

نھ بگڙي دل گھريو دلدار منھنجو مھ لقا مون سان،

رقيب رو سياه جھڙا ھزارين مر وتن بگڙيا.

-

چيو مشاطھ زلف نازنين آھن ننڍا آخر،

بلاي جان تڏھن ٿيندا، جڏھن ھي پيچ پائيندا.

-

اھي محبوب نوخيزا سڄو عالم نچائيندا،

پرت مان نينھن جا نورا جڏھن پيرن ۾ پائيندا.

اسان جي عشق جون ڳالھيون ادا ڳوٺن ۾ ڳائيندا.

اسان جي نظم کي مطرب تھ سازن تي سرائيندا.

-

ويا شوخن جي سامھون شان نڪري شاندارن جا،

ڏٺم راھ محبت ۾ مٿا ڪوڙيل متارن جا،

ڪئي مون عمر ساري صرف پنھنجي عشق بازيءَ ۾،

سٺم سر تي سوين صدما، پرت مان پنھنجي پيارن جا،

سندءِ ھيءَ آھھ زاري بيقراري بي سبب ناھي،

اي سانگي سچ چوان توکي پون ٿا پور پيارن جا.

-

ادا ڙي اسين آھيون عاشق مزاج،

آھي سر اسان جي تي وارن جو تاج.

-

عشق بازي ڪجي ڪجي نھ ڪجي،

روح راضي ڪجي ڪجي نھ ڪجي.

جي حقيقت نھ ٿئي حاصل،

تھ مجازي ڪجي ڪجي نھ ڪجي؟

-

دردن ڪئي آ ڌام ڌوم دل ناتوان تي،

صدما ھزار سھان ٿو آءٌ پنھنجي جان تي.

-

واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آءٌ روز شب،

آھيان ڪڏھن زمين تي ڪڏھن آسمان تي.

سانوڻ فقير (وفات ١٩٣٥ع): سنڌ ۾ نڙ بيت چوندڙ ڪيئي شاعر ٿي گذريا آھن، انھن ۾ زبان جي شاھوڪاريءَ جي لحاظ کان سانوڻ فقير اھم آھي. سندس بيتن جو نمونو ھي آھي:

موڪل ڏي تھ ملير وڃان، ڍري ڏسان ڍاٽ،

ملڪ مارو مير جو، لکپت ۽ لاکاٽ،

ملڪ مارو مير جو، ستيارو سيکاٽ،

سانگي منھنجا سنمک سھڻا، ٺھيو ڪن ٿا ٺاٺ،

جويون جيسلمير جون، آھن ڪل ڪنواٽ،

نبي سر جون نام ڪٺيون، ننگ ڀريون ڪن ناٽ،

چولا تن چوڙيلين جا، ٽؤنر ٽڪن سان ٽاٽ،

گھڻي لوڏ لوھارين ۾، ٻي، سونھن وڏي سماٽ،

ھٿن کاريون ڀڃن ڏاريون، مر گھيون ڏين موڙاٽ،

جِت کيريون ٻيريون ٻاوريون، ٻيا ٻوھن جا ٻيلاٽ،

ڏس قوت ڪنوارين جي، منگھھ ولوڙين ماٽ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، آھن کيرن جا کڙاٽ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، آھن ڌؤنرن جا ڌوڌاٽ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، آھن ڇيرين جا ڇڻاٽ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، آھن ٻڪرن جا ٻيڪاٽ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، آھن گھيٽن سندا گھاٽ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، چتوئن جا چيھاٽ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، دکن ٿا دونھاٽ،

سدا مند سانگين جا، ڳاڱين مٿي ڳاٽ،

پائي پانڌ ڳچيءَ ۾، مون لکين ڪيا لولاٽ،

پسي سونھن سانوڻ چئي، تون عمر ڪر نھ اوراٽ،

پائي ڳل ڳچيءَ ڳاٽ، وڃي ملان مارو مير کي.

-

آءٌ گڊو آءٌ گولاڙو، آءٌ بي پٿو آءٌ بي پاڙو،

من جي مرادن کي، آءٌ ڪريان ڪڄاڙو،

ھٿين خالي آھيان، مون وٽ ڀتو نڪي ڀاڙو،

ڏسي دور دنيا جا، مون کي سرس لڳو ساڙو،

ھيءُ جوءِ ڇڏي ھن حد ۾، مون ڌن ڏسي ھنيون ڌاڙو،

صوفيءَ جو سانوڻ چئي، لٿو من تان مونجھارو،

جڏھن ترندو تراڙو، تڏھن پوندي سڌ سچائيءَ جي.

منٺار فقير (١٨٦٥- ١٩٣٨ع): منٺار فقير ڪافين ۾ دل جا جذبا قلمبند ڪيا آھن ۽ زبان ۾ ھڪڙي قوت ۽ طاقت جو بھ مظاھرو ڪيو اٿس. سندس ٻن ڪافين جا مثال ھي آھن:

خاڪ جي چولي ۾ جو ٻولي، اھو آواز الائي ٿو ڪير؟

آواز سڻي ٿو ڏسي پسي ٿو ھھڙا ھنر ھلائي ٿو ڪير؟

الانسان سري واناسره اھڙا لفظ لکائي ٿو ڪير؟

ونحن اقرب ويسھھ ڪريو سڀ رنگھ منجھھ سمائي ٿو ڪير؟

مور اصل منٺار تھ ڪونھي ھي قلبُون ڪافيون ڳائي ٿو ڪير؟

ڳول ڳجھارت ڳالھھ اِنھيءَ جي سمجھھ سلوڪ سڻائي ٿو ڪير؟

-

آيو حسن جو يار ھٿيار کڻي، آيس شوق شڪار ڪرڻ جو.

سر سڄڻ جي زلف زھري، ڪارا ڪيس وسيھر قھري،

جئن نانگ ڪاوڙجي ڪڍن ڦڻي، رکي ڏمر ڏنگڻ ڏھڪار ڪرڻ جو.

ڀؤنر ڀرون ٻئي بڻڇيون ڀالا، نيڻن نراڙ ۾ نيزا نرالا،

ٻي جا تکي تلوار کان اک جي اڻي، اھو ساڻس سامان سنگھسار ڪرڻ جو.

ھدايت علي نجفي تارڪ (١٨٩٤- ١٩٣٩ع): سنڌي زبان جو ھي بلند معيار شاعر زبان جي استعمال ۽ ان جي موسيقيت جي ڪري ڌيان ڇڪائي ٿو. سندس ڪلام ۾ وارفتگي ۽ جوش نمايان آھي:

عيش عشرت رنج راحت وصل ھجرت چار ڏينھن،

عشق الفت يا عداوت آھي مدت چار ڏينھن.

 

فرشاھي ڪج ڪلاھي، سؤ سپاھي، سڀ گذر،

شان شوڪت ناز نعمت، تاب حشمت چار ڏينھن.

 

يار جاني ھيءَ جواني، جاوداني ڪين آھھ،

محب مورت، خوبصورت، سر و قامت چار ڏينھن.

 

شعر نجفي ڪر نھ مخفي ڀل تھ عرفي ٿئي عيان،

لاءِ شھرت توکي فرصت، آھي مھلت چار ڏينھن.

-

ھر روپ ۾، ھر رنگ ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما،

منجھھ ھر اکر، ھر انگ ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.

سيد رکيل شاھھ (١٨٤٦- ١٩٤٠ع): سنڌ جي موجوده سرحد کان ٻاھر بلوچستان جي علائقي گنڌاوان جو ھي اھل دل سائين رکيل شاھھ سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو وڏو شاعر آھي. سندس مشھور ڪافي: وس نھين چلدا حجت نھ ھلدي ڪنھن نھ ٻڌي ھوندي. ڪافيءَ جو ھڪڙو نمونو ھي آھي:

عشق جنھن جي گھر آيو، عطر کٿوري ڇا لڳي،

چندن گسي خوشبوءِ اٿي، ميدان سارو پيو ھڳي.

-

اڱڻ تنھن ايوان تي، اچي پرتوو پر جو پوي،

سا ڳلي ھٻڪار ھئڙي، جِت نينھن جو نعرو وڄي.

-

تابش بره جي بار جي، جنھن سر آئي سوئي سھي،

جلوو عشق جو ھرجاءِ ھڪ آھھ، سمجھي ايئن ڪوئي سگھي.

-

قلب روشن دل سچي حاجت عقل جي ناھلي،

ذاتي تجلو نور جو، ميثاق کان ھئڙو اڳي.

-

رخ رکيل ھيءَ رمز رندي، بيرنگي بيشڪ بلي،

عجب عبدالستار مان کي، فيض سمجھايو سڏي.

مولوي احمد ملاح (١٨٧٧- ١٩٦٩ع): لاڙ جو ھي وڏو شاعر پنھنجي عوامي رنگ، بي ساختھ ڪلام ۽ قرآن شريف جي منظوم ترجمي سبب مشھور آھي. سندس ڪافيون، مولود، مداحون ۽ غزل گھڻو مقبول ٿيا آھن. ڪلام ۾ رواني ۽ تجنيس حرفيءَ جو برجستھ استعمال خاص ڌيان ڇڪائي ٿو:

دم ڪو آھيون، يا نھ آھيون، خواب آھي يا خيال،

ھي بزرگيون، بادشاھيون، خواب آھي يا خيال.

 

خاڪ ٿيندا، خاڪ ۾ خاقان، توڻي خان سڀ،

ھي خوشيون، ھي خانگاھون، خواب آھي يا خيال.

 

ھي حڪم، ھي حڪمتون، ھي حرف توڻي حرفتون،

شغل شاديون شوق شاھيون خواب آھي يا خيال.

 

ھي نشا ھي نازبو ھي نازڪيون ۽ ناز راز،

ھي ڪجل ۽ ڪج ڪلاھيون، خواب آھي يا خيال.

 

ھي جواني، يار جاني، ھي جميعت ۽ جمال،

ھي بدن تي بره باھيون، خواب آھي يا خيال.

 

آھي احمد چئي امن جو آسرو، لله وٽ،

ٻيا پنارا ۽ پناھيون خواب آھي يا خيال.

-

مرحبا محبوب منھنجا، تو مٿان سر گھوريان،

گس، گھٽيون ڇانيان گلن سان، گنج، گوھر گھوريان.

 

ماڻڪن جا مينھن وسايان، تنھنجي مارڳ، ماڳ تان،

تنھنجي خدمت ۾ خزانا، خوب خوشتر گھوريان.

 

ھنجھھ، ھرڻ حورون، پريون، ھيرا، حسن ۾ ھيچ ھت،

تنھنجي جلوي، جوت تان جنسار جوھر گھوريان.

 

نڪ نيلوفر جو نمونو نرم آڱ نرمل اکيون،

تنھنجي پيرن تان پيارا، پٽ پٽيھر گھوريان.

 

چنڊ چھرو، چشم چقمق، چوسرو چوٽو چندن،

وات ڪوثر کان ڪثر، زم زم ذقن سر گھوريان.

-

جئڻ جنجال ڪيئي منھنجو، جيئين شل يار ھڪ ڌڪ سان،

ملو يا ماريو مون کي، مٺا منٺار ھڪ ڌڪ سان.

-

اي اميرو عام آھون رنگ لائينديون ضرور،

نت نماڻن جون نگاھون رنگ لائينديون ضرور.

ڪي پلاھون پيٽ ۾ پر پيٽ ڪن جا ٿيا پلا،

ھي پلا ۽ ھي پلاھون رنگ لائينديون ضرور.

-

اڄ بھ سرمون پائي سھڻا سينڌ سينگارڻ لڳا،

محب مرڪاڻي مٺيءَ سان، ملڪ ميڙ مارڻ لڳا.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (١٩١٩- ١٩٩٣ع): مخدوم صاحب ويھين صديءَ جو ھڪ پر گو ۽ يگانو شاعر آھي. ڪنھن بھ صنف ۾ ڏسبو تھ مخدوم طالب الموليٰ ترجمان محبت آھي. ڪافي، غزل، بيت ۽ رباعيءَ ۾ سندن زبان ۽ بيان بيمثال آھي:

عجب عشق آھي اسان جو الستي،

ڪڏھن بت پرستي ڪڏھن خود پرستي.

جھان کان جدا ٿي جھان ۾ رھون ٿا،

سڀن ساڻ گڏ ھوندي سڀڪجھھ سھون ٿا،

وسائيسون وه واھھ ورھھ واري وستي،

ٿياسون جو طالب تھ مطلوب مليو،

ٿي ساقي صنم پوءِ کڻي جام اٿيو،

سري مان سڄڻ جي ملي سرڪ سستي.

-

مخدوم طالب الموليٰ جون ڪافيون درد جي شدت ۽ جذبات جي ڪري بلند معيار جون آھن. ھيٺيان ٿلھھ ئي اھڙي ساک ڀرين ٿا:

- سھڻل جا سينگار دل کي وڻن ٿا.

- تو دلڙي يار ڌتاري، پوءِ ڪانھ ڪيئي پوئواري.

- ڪنھن سان ڳالھھ ڪريان ڪنھن کي دانھن ڏيان،

     تن دردن جي پنھنجي سورن جي!

سنڌيءَ جا شاعر جن پنھنجي دؤر ۽ پوءِ وارن دؤرن تي ڀرپور اثر ڇڏيو. انھن ۾ خواجھ سلطان الاوليا حضرت محمد زمان جو نالو ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي. اھڙيءَ طرح ٻيا بھ ڪيترا شاعر آھن، جن جون خدمتون وسارڻ جون نھ آھن. جديد شاعرن ۾ بيوس، دکايل، اياز، تنوير، نياز، نارائڻ شيام، ايم ڪمل ۽ ٻيا ڪيترا اچي وڃن ٿا. افسانھ نگارن ۾ سندري، موھن ڪلپنا، جمال ابڙو، امر جليل، گنوسامتاڻي ۽ ٻيا آھن، جن سنڌي نثر کي اجاريو آھي.

محققن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڀيرومل، ڊاڪٽربلوچ، مولائي، محبوب علي چنھ، تاج صحرائي، ڊاڪٽر جيٽلي، ڊاڪٽر جوتواڻي، ڊاڪٽر ستيش روھڙا ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا؛ جن تحقيق جي ھڪ مخصوص ۽ جديد نھج تي نثر کي آندو.

مرزا قليچ بيگ تھ واھڙ وھائي ڇڏيا. سندس ڪو ھڪ شعبو ھجي تھ چئجي. نثر ۾ نظم ۾ مرزا صاحب سنڌيءَ کي شاھوڪار ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com