سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 9

صفحو :12

ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري پنھنجي زبان کي ترقي ڏياري سگھون ٿا. ان لاءِ گھڻن مثبت قدمن کڻڻ جي گھرج آھي. منھنجون چند رٿون ھي آھن:

١- سنڌي ماڻھو ذھني طور سجاڳ ٿي پنھنجي زبان جو استعمال وڌائي ۽ ڪوشش ڪري ٻين سان بھ سنڌي ڳالھائين. ھڪڙي غير اڳيان ڏھھ سنڌي پنھنجي زبان ڇڏي نھ ڏين.

٢- دوڪانن ۽ ادارن جا بورڊ سنڌيءَ ۾ لکائين.

٣- ٻارن کي لازما سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙھائين. ٺلھي وڏائيءَ کي ترڪ ڪري ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائين.

٤- جيترو بھ ٿي سگھي خط سنڌيءَ ۾ لکن. پٽاٽي کي آلو، ڀاڄائيءَ کي ڀاڀي، ڀيڻ کي آپا، ڀاءُ ۽ دوست کي ڀائي جان، چنبڙڻ کي چپڪڻ ۽ پيٺيءَ کي ابٽڻ چوڻ کان بچن.

٥- سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب خريد ڪري، پڙھن.

٦- سرڪار کان ادبي ادارن جي گرانٽ وڌائڻ لاءِ گھر ڪرڻ.

٧- ڀارت کان سنڌي رسالا ۽ ڪتاب گھرائڻ لاءِ سرڪار کان مطالبا ڪرڻ.

٨- سنڌي تعليم کي پرائمري تعليم کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ.

٩- نجي اشاعتي ادارن جي امداد ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ.

١٠- ڪمپيوٽر جو استعمال اسڪولن ۽ ٻين ادارن ۾ وڌائڻ.

اِھي چند رٿون آھن. ٻيون بھ ٿي سگھن ٿيون. اميد آھي تھ ھاڪاري قدم کڻڻ سان ٻوليءَ جو واڌارو ٿيندو ۽ سنڌي سماج بھ ھڪ ايڪي وانگر نظر ايندو.

ھند ۾ سنڌي: ھونئن تھ ٻڌندا اچون تھ ھند ۾ سنڌي ختم ٿيندي پئي وڃي. نارائڻ شيام خدشو ظاھر ڪيو ھو تھ:

الا ايئن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي،

ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

آءٌ پوءِ بھ پراميد رھيو آھيان، اھو سوچيندي تھ سنڌي ھتان لڏي ويا ھئا تھ ٿورا ھئا. اڄ اتي سندن آبادي وڌي آھي. ٻوليءَ کي لوڏو ئي ڪونھي. سيپٽمبر ٢٠٠٥ع ۾ سنڌي اديبن جي وفد ۾ ڀارت وڃڻ جو موقعو مليو. اتي اٽڪل ڏھن شھرن (دھلي، لکنو، ڪانپور، آگري، حيدرآباد دکن، بمبئي، بنگلور، اجمير، احمد آباد ۽ جئپور) ۾ وڃڻ ۽ سنڌين جي پروگرامن، سيمينارن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. وقتي تھ ڄاتم تھ ٺيڪ آھي. وڏي عمر وارا مليا پر پروگرامن ۾ ننڍا نيٽا گھٽ شريڪ ٿيا. ڪجھھ کٽڪو تھ ٿيو.

آگري ۾ ھلندڙ پروگرام کان ٻاھر نڪري ھوا کائڻ لڳس تھ پھرين ھڪ ھمراه ۽ پوءِ ٽي ٻيا بھ اچي مليا. انھن ڪي سوال پڇيا. اڪثر سوالن مان سمجھيم تھ ھنن کي مليل معلومات اڻ پوري ۽ غلط ھئي. مثلا:

- اوھان جي شادي ڪٿان ٿي؟

- اوھين عربي ڳالھايو ٿا؟

- اوھين ورھاڱي وقت مسلمان ٿيا؟

انھن سوالن جا جواب مون ھنن کي ڏنا ۽ ڄاتم تھ ھنن ھي ٿي سمجھيو تھ ورھاڱي وقت جن ڀارت ڏانھن لڏپلاڻ نھ ڪئي سي (ڊڄي) مسلمان ٿيا. مون کين ٻڌايو تھ نھ ايئن ڪونھي. سنڌ ۾ اسلامي اثر ۽ حڪومت سبب ڪي سنڌي ستين صديءَ جي آخر ۽ اٺين صدي عيسويءَ (٧١٢) کان مسلمان ٿيندا آيا. اھو عمل ٿورو سنڌ جي ھندن ۽ اڇوت جاتين ۾ اڃان جاري آھي.

ٻيو تھ اسين سنڌ ۾ پنھنجي سنڌي زبان ڳالھايون ٿا ۽ اھا عربي سنڌيءَ ۾ لکجي ٿي. ڀارت ۾ اڪثر ديوناگريءَ ۾، ۽ گھڻا ڪتاب ۽ رسالا عربي سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجن ٿا. شايد انھن تائين اوھان جي رسائي ناھي.

شاديءَ وارو سوال اھم نھ ھو، پر ھنن سمجھيو تھ آءٌ بھ ١٩٤٧ع ۾ مسلمان ٿيو آھيان. متان ڪنھن ھندو گھراڻي مان شادي ڪئي ھجيم! ان ڳالھھ جي بھ مون چِٽائي ڪئي. ھنن ٻيا بھ ڪيترا سوال پڇيا ۽ کين جواب ڏنم. اھو محسوس ڪيائون تھ سندن خيال غلط ھئا. انھن دوستن ۽ ڪن ٻين سان بھ اھڙي گفتگو ٿي. مون کين ٻڌايو تھ: اوھان سان اسان جو رشتو فقط سنڌي زبان جو آھي، ٻيو ڪو ھجي تھ ٻڌايو! ان جو ھنن وٽ جواب ڪونھ ھو.

ڀارت ۾ اڪثر اھو ڏٺو ويو تھ سنڌين جا ٻار جدا جدا پرانتن (صوبن) ۾ اتي جون ٻوليون سکن ۽ پڙھن ٿا. نئين ٽھيءَ وارا مائٽن سان گھر ۾ بھ سنڌي نٿا ڳالھائين. اھو انھن جو معاشي ۽ يڪجھتيءَ جو مسئلو تھ آھي. پوءِ بھ پنھنجي مادري ٻوليءَ سان لاڳاپو رکي سگھن ٿا. معاشي طور ڀارت ۾ سنڌي جاتي تمام اعليٰ پد تي آھي. خود ملڪ جي معيشت کي ٽيڪ ڏئي بيٺا آھن. ان جا ممبئيءَ ۾ نند جويري ۽ ٻين شھرن ۾ ٻين سنڌين ڪافي مثال ٻڌايا. ھھڙي بھتر حالت ۾ ھجڻ واري جاتي ٻوليءَ لاءِ بھ ايئن قدم کڻي سگھجي ٿو، جيئن تعليم ۽ صحت لاءِ کنيا اٿن. روزگار ۾ ٻين جاتين کي بھ سھارو ڏين پيا تھ پنھنجي ٻوليءَ لاءِ بھ گھڻو ڪجھھ ڪري سگھن ٿا.

پوءِ بھ جيڪو لاڙو سنڌيءَ بدران ھندي ڳالھائڻ جو آھي، سو ھلندو. سنڌيءَ لاءِ ڪجھھ ڪبو تھ بھتر صورت ۾ ايندي.

خاتمھ ڪلام

مٿي ذڪر ڪيل ڪجھھ ڳالھين جي حوالي سان عرض آھي تھ سنڌيءَ جي سونھن، جوھر ۽ ماھيت کي اصلي روپ ۾ پسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. سنڌيءَ جي پھاڪن ۽ اصطلاحن جي روشنيءَ ۾ بھ حسن نظر اچي ٿو، ان کي اھميت ڏيڻ کپي. اديبن ۽ شاعرن جي تحريرن بھ زبان کي مضبوط کان مضبوط ترڪيو آھي. اِن نڪتي کي ڪڏھن وسارڻ نھ گھرجي.

بيشڪ سنڌي زبان جي اصل نسل ۽ بُڻ بنياد جي باري ۾ وڌيڪ کوجنا ڪجي ۽ نتيجا ڪڍجن. پر سنسڪرت جي فقط ٿوري معلومات ۽ working knowledge ڪافي ناھي. جيئن عرض ڪري آيو آھيان تھ جڏھن سڄو ممڻ سنسڪرت جي سر تي متل آھي، تڏھن سنسڪرت زبان اسڪالرن کي مڪمل طور سکڻ کپي. جن سکي آھي، سي چٽيءَ طرح چون ٿا تھ، سنڌي ھند آريائي زبان آھي نھ توراني نھ ترڪستاني.

بھرحال اڃا بھ ھر پھلوءَ جي تحقيق لاءِ رستو کليل آھي. بُڻ بنياد، محاورن، پھاڪن، شعرن جو وڌيڪ اڀياس ڪجي.


 

 

ضميمو، اھم ڪتاب

ھن موضوع تي تفصيلي مطالعي لاءِ ھيٺيان ڪتاب پڙھڻ کپن:

١- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڀيرومل مھرچند

٢- سنڌي ادب جي تاريخ (جلد-١)- خانبھادر ميمڻ

٣- تذڪره لطيف (جلد-١)- پروفيسر بدوي

٤- سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ- ڊاڪٽر بلوچ

٥- سنڌي ٻولي- سراج الحق

٦- سنڌي صورتخطي- ڊاڪٽر غلام علي الانا

٧- سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنيادي- ڊاڪٽر غلام علي الانا

٨- سنڌي صوتيات- ڊاڪٽر غلام علي الانا

٩- سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي- ڊاڪٽر غلام علي الانا

١٠- سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- ڊاڪٽر غلام علي الانا

١١- علم اللسان ۽ سنڌي زبان- علي نواز جتوئي

١٢- سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج- الھداد ٻوھيو

١٣- سنڌي ٻولي، لسانيات کان سماجي لسانيات تائين- ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو

١٤- سنڌي ڌوني و گيان- ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

١٥- ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ- ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

١٦- سنڌوءَ جي جھلڪ- ليلو رچنداڻي

١٧- سنڌي ٻوليءَ جي لپي- لوڪناٿ

١٨- ڀاشا شاستر- پوپٽي ھيراننداڻي

١٩- لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون- محمد عمر چنڊ

٢٠- سنڌي براھوئي جو تقابلي جائزو- ڊاڪٽر داد محمد خادم بروھي

٢١- گل شڪر- ڪيولرام آڏواڻي

٢٢- پھاڪن جي حڪمت- مرزا قليچ بيگ

٢٣- پھاڪن جي پيڙھھ- ڀيرومل مھرچند

٢٤- گلقند- ڀيرومل مھرچند

٢٥- پھاڪن جي پاڙ- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

٢٦- اصطلاحن جي اصليت- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

٢٧- پھاڪا ۽ اصطلاح- سنتداس ڪشناڻي (مقدمو ڊاڪٽر جيٽلي)

٢٨- ورجيسون- عبدالوھاب سھتو

٢٩- اصطلاحات اصغر (عرف سنڌي کٽمٺڙا)- غلام اصغر

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com