سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 1

صفحو :2

باب پهريون

زبانن جي وجود ۾ اچڻ وارا نظريا

 

زبان (Tongue)، ڄِڀ کان وٺي جڏھن زبان بمعنيٰ Language جي مرتبي تي پھتي آھي، تھ اڄ اھا پنھنجي تڪميل ۽ گوناگونيءَ سبب پياري تھ آھي، پر بحث ۽ تحقيق جي مرحلن کي بھ طئي ڪندي اچي. ٻولي ھڪ فطري ۽ سماجي زيور آھي، جنھن سان انسان کي مزين ڪيو ويو آھي. ھو ٻولي پنھنجي ماحول مان حاصل ڪري ٿو. پھرين ماءُ جي ھنج ھن جي درسگاه آھي، جتان ھو ٻولي شفقت جي ماکيءَ سان مليل حالت ۾ حاصل ڪري ٿو.

زبانون ڪيئن وجود ۾ آيون؟ ان لاءِ عالمن ڪي نظريا پيش ڪيا آھن، جن جو تعلق انسان طرفان قديم ترين دؤر ۾ ڪڍيل آوازن سان آھي. اھڙا مختلف آواز نڪرڻ سان اڳتي ھلي زبان جي تشڪيل ٿي. اھڙن نظرين مان ڪي ھي آھن: بَو وو وارو نظريو، ڦوه ڦوه وارو نظريو- ڊنگ ڊانگ وارو نظريو ۽ يو ھي ھو وارو نظريو. اھڙا ڪي ٻيا بھ آواز ٿي سگھن ٿا. ھن مان مراد ھي آھي تھ آوازن مان ڪي سر- تار- آھنگ پيدا ٿيڻ سان انسان جو ڌيان ايندڙ وقت لاءِ لفظن ۽ جملن جي تشڪيل ڏانھن ويو(١).

جيئن انسان سماجي ۽ اقتصادي محاذن تي سڌرندو ويو، تيئن ٻولي بھ وسيع، آسان ۽ شاھوڪار ٿيندي ويئي. نھ رڳو ٻوليءَ جي واڌ ۽ ويجھھ ٿي، پر باھمي رابطي ۾ بھ وسعت آئي. ٿورين جھنگلي ۽ اڻ سڌريل ٻولين کي ڇڏي ٻين ٻولين گھڻي ترقي ڪئي آھي، ۽ اھو سلسلو جاري آھي. سائنسي ترقيءَ بھ ٻولين جي واڌ ويجھھ ۾ ھٿ ونڊايو آھي. نھ رڳو لفظن جو ذخيرو لساني ڏي وٺ جي ڪري وڌيو آھي، پر سائنسي موضوعن جي استعمال ۾ بھ اضافو ٿيو آھي. ڪمپيوٽر بھ نوان رنگ لائي ڇڏيا آھن. اڄ جي نئين سماج ۾ ٻولي تعليم، تربيت، تجارت ۽ رابطي جو اھم ۽ بنيادي ذريعو آھي. ايئن دنيا جي ڪل ڪاروبار جو وسيلو بھ ٻولي آھي.

دنيا جون مختلف زبانون ھاڻي گھڻي ترقي ڪري چڪيون آھن، پر ساڻن ابتدا ۽ ارتقا جا بھ مرحلا رھيا آھن. مختلف نظريا جي محققن پيش ڪيا آھن، انھن کي ڪنھن حد تائين مفروضا بھ چئي سگھجي ٿو. ڇو جو جڏھن شعور ئي نھ ھو يا اڄ واريون گوناگون ضرورتون ئي نھ ھيون تھ ڳالھائڻ جو دائرو بھ محدود ئي ھوندو. اشارن ۽ بي ترتيب آواز ڪڍڻ ئي ڄڻ ٻولي ھئي. ان ۾ فطري طور اظھار ڪيو ويو ھوندو، پوءِ اھو ڦوڦو يا ڊنگ ڊانگ جھڙا آواز ڪڍي ڪيو ويو ھجي تھ بھ ممڪن آھي. ان سان گڏ ڪيترا ٻيا آواز بھ ڪڍيا ويا ھجن تھ ٿي سگھي ٿو. ھن معاملي جو تفصيل محققن جي ڪتابن ۾ موجود آھي. سنڌ جي اسڪالرن بھ اھڙا اشارا ڏنا آھن. منھنجي محترم ۽ مھربان استاد پروفيسر علي نواز (مرحوم) پنھنجي ڪتاب علم لسان ۽ سنڌي زبان ۾ اھڙو جائزو ڪجھھ ھن ريت وروتو آھي:

سي- ايل- باربر لکي ٿو تھ ٻولين جي ابتدا بابت ڪن عالمن ھيءَ راءِ ڏني آھي تھ ٻارن جي ٻولي، بنھھ پٺتي پيل سماجن جي ٻولي، باندرن، بن مانسن جي ٻولين ۽ گونگن جي اشاراتي ٻولين جو جائزو ورتو وڃي. ڪوششون بھ ڪيون ويون، پر بار آور نھ ٿيون(٢). انسان پھرين ڳالھائڻ ڪيئن سکيو تنھن لاءِ عالمن نظريا (Theories) قائم ڪيا آھن، اھي ھي آھن:

١- بو وو وارو نظريو

٢- ڦوه ڦوه وارو نظريو

٣- ڊنگ ڊانگ وارو نظريو

٤- يوھي ھو وارو نظريو

٥- اشارن وارو نظريو

٦- سرتال وارو نظريو

٧- ميل جول وارو نظريو

ھنن مختلف نظرين جي مختصر اپٽار ھيءَ آھي:

بو وو وارو نظريو (The bow wow theory):

ھن نظريي موجب ڄاتو ويو تھ انسان اول جانورن جا آواز ڪڍڻ سکيو ھوندو، ان کان پوءِ ڪجھھ ڦيرڦار سان ڳالھائڻ سکيو. جانورن ۽ پکين جا آواز ٻڌي اڳتي وڌيو. جيئن ٻليءَ ۽ ڪانو جا آواز. ايئن ھن جي گفتگوءَ جي لفظن ۾ ڪجھھ واڌارو ٿيو ھوندو.

ڦوه ڦوه وارو نظريو (The Pooh Pooh theory)

ھن نظريي موجب ٻولين ۾ خوشيءَ ۽ غم جي اظھار وارا آواز پيدا ٿيا. ھي آواز قديم انسانن کان بيساختھ نڪري ويا ھوندا، انھن ۾ ڦوه ڦوه، ھون ھان، آھا وغيره جھڙا آواز پھرين آيا ۽ انھن جي تجربي سان وڌيڪ آواز نڪتا ھوندا. ھن نظريي کي بھ محقق ڪمزور سمجھن ٿا.

ڊنگ ڊانگ وارو نظريو (The ding dong theory):

باربر پنھنجي ڪتاب story of language ۾ لکي ٿو تھ، ھن نظريي کي ٽن ٽن واري آواز (voice) ۽ مفھوم (meaning) جي وچ ۾ ھڪ رابطو ٿئي ٿو. ان کي نمايان آواز ٽن يا ڊنگ جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو ھوندو. جيئن گھنڊ جو آواز اچڻ، ھڪ سڏ آھي تھ اچو (ڪلاس ۾) يا وڃو گھر!

يوھي ھو وارو نظريو (The yo he ho theory):

ھن جو باني نوئري (Noire) آھي. ھي بھ ڄڻ ھڪ مفروضو آھي تھ ماڻھن ھڪ ٻئي کي مخاطب ڪرڻ لاءِ ھي ھو، ھا ھو ۽ ھون ھا جھڙا آواز ڪڍيا ھوندا. ڪم ڪرڻ وارن ماڻھن ڪم وقت مذڪوره آواز ڪڍيا ھوندا. مزدور ٿڪ کان ڪنجھھ طور بھ ھھڙو آواز ڪڍي ٿو.

اشارن وارو نظريو (The Gesture theory):

ھن نظريي موجب ھيءَ راءِ قائم ڪئي ويئي تھ انسان ڳالھائڻ، سکڻ کان اڳ ڪي اشارا ڪري پنھنجي ڳالھھ چوڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندي. گونگا اشارن جا ئي محتاج آھن. ھيءَ ھٿن جي اشارن جي ٻولي آھي جا اڄ بھ ڳالھائڻ سان گڏ ڪم اچي ٿي. محققن جو خيال آھي تھ انسان ٣٥٠٠ ق. م ڌاري ڳالھائڻ سکيو. ان کان اڳ ھن پنھنجو مطلب ڪي ليڪا ڪڍي ۽ تصويرون ٺاھي ظاھر ڪيو ٿي. مصر جون اھڙيون تصويرون (Hierogyphs / pictographs) ان جو يادگار آھن ۽ چين ۾ اھڙا تصويري لفظ اڄ بھ رائج آھن. اڳ ماڻھوءَ جي شڪل (    ) اڄ آسان (simplify) ٿي ھيئن (        ) ڪم اچي ٿي. ھڪ ٻھ ٽي لاءِ اڄ بھ (               ) ڪم اچن ٿا. ھن نظرئي کي بيشتر اسڪالرن قبول بھ ڪيو آھي، پر چيني ٻوليءَ ۾ ھي ھڪ حقيقت (۽ ثبوت) آھي. الف ب موجود نھ آھي، پر تصويري لفظ (words) موجود آھن. جپاني ٻوليءَ ۾ گھڻي ڀاڱي چين وارا لفظ موجود آھن.

سر تار وارو نظريو (The Musical theory):

ھن نظرئي جو باني اوٽو ييسپرسن (Otto Jesperson) آھي، جنھن ھيءَ ڳالھھ ڪئي تھ ڦوه ڦوه ۽ ٻيا نظريا زبان جي اڪثر ابتدائي حصن بابت آھن. زبان ڪيئن وجود ۾ آئي. ان لاءِ مددگار نھ آھن. ييسپرسن جي خيال ۾ ابتدائي زماني ۾ ٻولي/ ٻولين ۾ ڪي وڏا/ ڊگھا لفظ ھئا، جي سرن جي وسيلي ظاھر ڪبا ھئا. ان ڪري جو ابتدائي گفتگو ۽ تحرير نظم ۾ ھئي ۽ سرائتي ھئي. انسان بھ پھرين ڳائڻ سکيو. ڳائڻ وارو نظريو بھ ھڪ مفروضي وانگر لڳي ٿو. جيئن سنڌ ۾ مسٽر محرم خان يورپي ملڪن جي اھڙن حوالن سان مضمون لکي اھو ظاھر ڪيو تھ اول ھڪ سر وارا راڳ وجود ۾ آيا ۽ پوءِ وڌيڪ سرن وارا (سماھي مھراڻ ١٩٦٧ع)، اڃان بھ ڪي زبانون تحرير ھيٺ نھ آيون آھن. البت نظم ۽ ھم قافيھ تڪن جو اول اچڻ صحيح آھي.

ميل جول وارو نظريو (The contact theory):

ھي   نظريو   نسبتا   تازو   آيل  آھي.   ھن   جو   باني   جي.   ريويس (J. Reves) ھالينڊ جو رھاڪو ھو. ھو لکي ٿو تھ انسان جو انسان سان ابتدا کان لاڳاپو آھي. انھيءَ ڪري ميل ميلاپ سان ٻوليون ھڪ صورت وٺن ٿيون. ھن سلسلي ۾ انسان ۽ حيوان جو ابتدا ۾ حال ساڳيو رھيو. رڙ / رنڀ بنيادي لفظن (آوازن) ۾ اچي ٿي. مختلف مرحلن مان اڳتي وڌي ڳالھھ سڏ تائين پھتي. سنڌيءَ ۾ جي ھن مرحلي وارا لفظ ڳڻجن تھ آءُ، کاءُ ۽ ٺاھھ وغيرھ ٿيندا. ھيءَ گرامر موجب امر جي صورت آھي. اِھي ڳالھيون اڳتي جي نحوي ۽ صرفي بناوتن تائين پھچي نھ سگھيون(٣).

زبان جي ھنن ابتدائي مرحلن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، تھ انسانن، حيوانن ۽ پکين جي روش ۾ بنيادي فرق آھي. ھن مطالعي کي انسان تائين محدود رکجي، تھ ڪجھھ نتيجا نڪري سگھن ٿا. حيوانن، پکين ۽ جيتن جڻين جا آواز ٻڌون ٿا، پر انھن جي پروڙ نٿي پوي؛ باقي، ڪڪڙ، رڍ، ٻڪري، مينھن ۽ ڳئون، گدڙ ۽ شينھن جي ڪڍيل آوازن مان ڪونھ ڪو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا.

ذڪر ڪيل نظريا/ مفروضا جديد تحقيق ۾ مدد ڪونھ ٿا ڏين. زيب داستان لاءِ بيان ڪيا ويا آھن. موجوده وقت جا لساني ماھر، زبانن جي موجوده صورت ۽ جوڙجڪ کي وڌيڪ اھميت ڏين ٿا. ان سلسلي ۾ ١٩- ٢٠ صدي عيسويءَ ۾ قابل قدر تحقيقون ٿيون آھن.

ٻارن ۽ جھنگلي خلق جي ٻولين جو اڀياس بھ چند نڪتا ظاھر ڪري سگھيو آھي ۽ بس. ھن بنيادي کوجنا کان پوءِ ٻيو اھم مرحلو زبانن جي خاندانن جو درپيش رھيو. جنھن جو مطالعو ھڪ قدم اڳتي ھو.

حوالا:

١- جتوئي، علي نواز، علم لسان ۽ سنڌي زبان، حيدرآباد ١٩٦٨ع، ص ص ٢٦- ٣٠

٢- ايضا، ص ٢٦

٣- ايضا، ص ٣٠

 

 


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com