سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 6

صفحو :8

 

لک لاکيڻو ڪرھو، ڪوڙين ڏيئي ڳڌوم،

اڱڻ سونھن سندوم، ملھھ مھانگو م چئو.

 

ڪڇي محاوري جا ڪيترا لفظ لاڙيءَ ۾ بھ رائج آھن. مثلا: ڏونگھري (بصر)، ڍينگلو (پئسو) ۽ ٻائڙي (زال) وغيره. ايئن اسمن سان گڏ فعل ۽ ضمير بھ ھڪ جھڙا آھن. گھڻا لفظ معياري اچار کان ڦريل آھن. جيئن: مؤز (موج)، گريب (غريب)، ۽ واکبُ (واقف).

ڪي انوکا لفظ بھ ڪڇي محاوري ۾ آھن. مثلا: ڦڳائڻ (اڇلڻ)، رونسڻ (مارڻ، مٽيءَ ۾ دسڻ)، جھمڻ (کائڻ) ۽ ڏيس (وٽو).

اڄ بھ ڪڇ ۾ سنڌيءَ جو چالامان آھي. اديب عربي سنڌي لپيءَ ۾ ڪتاب لکن ٿا. انھن ۾ ڪلاڌر، گھنشام ۽ ٻيا؛ ٻنيءَ مان ادبي ڪتاب شايع ڪن ٿا. ڄيٺي لعلواڻيءَ ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت عنوان سان پي ايڇ. ڊي مقالو لکيو آھي. اھي لوڪ گيت گھڻي ڀاڱي سنڌي گيت، ڀڄن ۽ ڪافيون ئي آھن. ھنن دوستن احمد آباد ۽ ٻين شھرن ۾ ملاقاتن دوران ٻڌايو تھ ٻنيءَ ۾ اٽڪل چاليھھ وڏا ڳوٺ آھن، جن ۾ سنڌي ۽ ڪڇي ڳالھائجي ٿي. نھ ڪڇي ماڻھو ۽ نھ ڪڇي محاورو سنڌيءَ کان ڌار آھي.

ٿري محاورو: لاڙ وانگر ٿر بھ ھڪ ثقافتي ايڪو (Cultural unit) آھي. لاڙيءَ وانگر ٿريءَ ۾ بھ اوسرڳائي آھي. جنھن، تنھن، ڪنھن ۽ ڪڏھن کي جين، تين، ڪين ۽ ڪڏين ڪري اچارين. خاص اسمن کي اچارڻ جو بھ ٿرين وٽ پنھنجو منفرد طريقو آھي، جو ڪڇيءَ سان مشابھھ آھي. آچار کي آچاريو، سومار کي سوماريو، بچل کي بچو، بچيو ۽ ٻيجل کي ٻيجليو، ايستائين جو محمد کي مامون، ماموڙو ۽ مامديو چون. ضميرن ۾ پنھنجو کي پانجو، صفتن ۾ بھ لاڙ سان ھڪجھڙائي آھي. چڱو کي چون کاشو. ڪمتر کي چون لانئون. ٿر ۾ فعلن جي صيغي ۾ بھ ھڪ منفرد سرشتو رائج آھي. ان ھيٺ مقامي صورتون ٺھن ٿيون. ماضيءَ جي صيغي ۾ اڏيو، ٻڌو، ماريو ۽ ڦٽيو جون صورتون آھن: اڏاڻو، ٻڌاڻو، ماراڻو ۽ ڦٽاڻو. ويو بجاءِ چون وھيو. مثال: ھو وچينءَ ٽاڻي وھيو مٺيءَ. ٿر کي مقامي لفظن جو ھڪ چڱو ذخيرو پنھنجو آھي. مثلا:

ساٺيڪو

سٺ پره اونھون کوهھ

ڀاروڙي

کٿي

دونس

کنگھھ

تونس

اڃ

چس

مزو

آرساڻو

سستي

ڦدولي

اجائي ڳالھھ

آھار

کاڌو

ٿاجا

جاءِ اوطاق

سل

ٽنگ

ساڏوھي

ڄار کٻڙ

ڊائي

وعدو پروگرام

اٺو

وٺو

انھيءَ کان سواءِ بھ ٿري ادب ۾ لوڪ گيتن ۾ رائچند، منگھارام اوجھا، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان اديب، ثريا سوز ۽ ٻين اديبن ٿري ماڻھن ۽ ٻوليءَ لاءِ گھڻو پاڻ پتوڙيو آھي.

لاسي محاورو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ٻيلاين جا ٻول، لس جي محاوري ۽ ادبي ذوق لاءِ ھڪڙو ئي بس آھي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ٻيلي جي ٻولي پنھنجي جاگرافيائي بيھڪ موجب مختلف زبانن جي ميزبان ٿي رھي آھي. انھيءَ ڪري منجھس لغوي جاذبيت جھجھي آھي(١٣). لس ٻيلي جو (لاسي) محاورو پنھنجي ڏکڻ واري لاڙي محاوري سان ڪنھن حد تائين ربط ۾ آھي؛ پر تھ بھ ھن ۾ اڪثر رواجي حرڪات کي وڌايو وڃي ٿو. نھ تھ کي ناتي ڪري ڪم آڻجي ٿو. جيئن ڪبيرشاھھ ٿو چوي:

ڪا ڪل پييم ڪانھ وڃڻ جي ناتي ھوت آءٌ ھوشياري ھئي(١٤).

ڪبيرشاھھ، سنڌ جو شاعر ھو ۽ ھتان ڪھي ٻيلي جي شاعر شيخ ابراھيم سان مارڪو (معرڪو- مقابلو) ڪرڻ ويو ھو. لاسي محاوري ۾ بھ اوسرڳائي موجود آھي. تنھنجي بدران توجو، ٻاجھھ بدران ٻاج چون. ڪن لفظن ۾ زائد نون جو آواز ڪڍن ٿا. ساجھر بدران سانجھر ۽ ستر کي سنتر چون. و ڪن لفظن ۾ ٻ سان بدلجي ٿو ۽ ايئن ويٺو بدران ٻيٺو چون. ي بھ اڪثر ج ۾ بدلجي. جيئن ياد بدران جاد چون (لاڙ ۾ زاد بھ چون). يتيم کي جتيم چون، اِھو بھ لاڙي محاوري ۾ آھي. اڪثر ذ بھ ج ۾ بدلجي ٿو. مثلا: ذات کي جات چوڻ. (ويندي ڏانھن پرين، جتي جات نھ پائيان- شاھھ لطيف).

فارسي لفظ چشم کي شاعرن ڇم ڪري ڪم آندو آھي. چمڙي جي مشڪ ۾ پاڻي وجھن تھ ان کي اوئي چون، جي کير وجھن تھ ان کي ايزڪ چون (١٥). لاسي محاوري جون ڪي نحوي خوبيون، بلوچستان جي سنڌي محاورن سان ملن ٿيون، جن ۾ کيتراني فراڪي ۽ بغدالي اچي وڃن ٿا.

مخصوص لفظ ھن محاوري جي انفراديت کي ظاھر ڪن ٿا. ڪي لفظ معنيٰ سميت ھي آھن:

است

لسي

اِڇون

ڦٽل لسي

تسو

ذرا

پانڍو

بھادر

پانواڻو

مقابلو

ڇمر

ڪڪر

ساپرس

چڱو ماڻھو

سلو

پيچرو

مزار

شينھن

منگٽي

ڏيڏري

پيدوار

مشھور

ڌاڃ

فصل

چيھھ

کنوڻ

چيھل

ھرڻ

ڪڙھو

ھمت وارو

ائي

ٻڪري

اڇڻ

اٿڻ

اگارڻ

خرچ ڪرڻ

جر

جڏھن

تر

تڏھن

ڄيرو

باھھ

خاصو

چڱو

ماھندا

مھندان- اڳيان

پي ما

پيءُ ماءُ

ھستي

ننڍو پلاڻ (اٺ جو)

گورم

ڍڳين جو ڌڻ

ڪيراگ

اھو ڌڻ جنھن ۾ رڍن کان ٻڪريون گھڻيون ھجن.

سرڇو

سائو- آباد

ارڇو

ڏکيو، سڃو ۽ ڏليل

لوھيون

کلون

وانر

باندر

ڳيڙو

برسات

وانڍا

واندا، بي اونا

مھرڻ

وھٽ جو پاڻي پيئڻ

ميڙيانو

کير جي ڏھائي

مر

ميراڻ

پڇ

ڪپڙا، لٽا

چڇ

پيٽ

ھڏ پِينو

ھڏ گٺل

اڌوڪر

جبل جا اڌ ڪپر

گڊو

سور

ماڇانڊ

واڙو

جھڪون

پوڙھيون، اڀريون

اوجا

ڏاس مان ٺھيل فراسيون

جول، گريٿا

ڏاس مان ٺھيل ڳوڻيون

مرنيون

کٿيون

ڳڃ

گھنج

ڳم

نشو ڍؤ

پِرو

ڄمڻ وقت ڏنل خوراڪ

اڪورو

ٻاڪرو

پاھو

ريڍو

پھون

ٻڪريون

ڪوڪيون

ننڍي پڇ واريون رڍون

بڊي

ڳوٿري

ٻٽا

ڍڪ

ڌڙڪي

رلي

مائي

واقعي جا يادگار

ننڌ

بخيل

ٿمڻ

لڪائڻ

ٽاڏ

ڳئون

نمرو

تندرست

شعرن، ڳجھارتن ۽ لوڪ ادب جي صنفن ۾ لاسي ۽ ڪوھستاني لفظ گھڻو استعمال ٿيا آھن. شاھھ جي ھيءَ وائي لاسي محاوري جو ھڪ منفرد مثال آھي:

وسان ٿي وياس، لڳم ٻاڻ ٻروچ جو،

پرزا پٻ ورن ۾، پِٿون ٿي پياس،

تھ پڻ ڪاڍو ڪيچ ڏي، توڻي ماءُ مياس،

پاڻ وڃايم پير تي، ڇٽي آءٌ ڇٽياس،

ھيڏي شھر ڀنڀور ۾، نھ ڪو پيءُ نھ ماس،

پييم وچ وصال ۾، سنجھي آءٌ ستياس،

الا ان م وسران، ڏٺي جن جِياس،

پييس ور وصال جي، جانڪيتان جيندياس،

اديون عبداللطيف چئي، محبن سان ملندياس.

موجوده سنڌ کان ٻاھر جا ننڍا محاورا:

اِھا ھڪ مڃيل ڳالھھ آھي تھ سنڌ ماضيءَ ۾ پنھنجو موجوده ايراضيءَ کان وسيع ھئي. ان ڪري پاسي وارن علائقن ۾ بھ سنڌي زبان موجود ھئي. بلوچستان ۾ مختلف ايراضين ۾ سنڌي زبان موجود رھي آھي. انھيءَ سلسلي ۾ لاسي محاوري جو جائزو وٺي آياسين. لس ٻيلو سمن حاڪمن جي ھٿ ھيٺ رھيو آھي. شاعرن جي بھ ڳالھھ ٿي آھي، پر حڪمران بھ سنڌي ڳالھائيندر ھئا ۽ ھن وقت صوبي جو وزيراعليٰ بھ ڄام آھي. ان کان سواءِ بھ بلوچستان جي مختلف حصن ۾ سنڌي مادري زبان طور رائج آھي. ڀاڳناڙيءَ ۾ سيد رکيل شاھھ ھڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آھي. سبي خطي ۾ بھ سنڌيءَ جا مختلف محاورا موجود آھن. انھن جي باري ۾ داد محمد خادم بروھي پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ ١٩٨٤ع ۾ مقالو پيش ڪيو. ھن مقالي جو عنوان آھي: سبي خطي ۾ سنڌيءَ جي مختلف محاورن جو مطالعو. ھن ايراضيءَ ۾ فراڪي ۽ کيتراني محاورا رائج آھن. ڊاڪٽر داد محمد، فراڪي تي تفصيل سان لکيو آھي. سبيءَ ۾ ھڪ ماڻھوءَ کان پڇيم تھ ڪير آھين تھ جواب ڏنائين تھ پڻي پٺاڻ. ٻولي ڪھڙي ڳالھائيندا آھيو تھ چيائين تھ اِھائي جيڪا ڳالھايان پيو. اسين سنڌيءَ ۾ ڳالھائي رھيا ھئاسين. پڻي ھڪ قديم قوم آھي، جنھن جي باري ۾ تاج صحرائي ۽ ٻين لکيو آھي. ھي محاورا ڪراچيءَ کان اتر لس ٻيلي ۽ سبيءَ تائين پکڙيل آھن. فراڪي ۽ کيتراني ٻين ننڍن محاورن کان وڌيڪ ايراضيءَ ۾ رائج آھن.

فراڪي محاورو: ھي سبيءَ سان واسطو رکي ٿو. ھن کي وطني ۽ ملڪي بھ سڏين ٿا. ھن جي ايراضيءَ بابت ڊاڪٽر داد محمد خادم لکي ٿو: سبي، سنڌ جي سرحدي شھر جيڪب آباد کان اٽڪل ھڪ سؤ ميل اتر اولھھ ۾ آھي. اڳوڻي ڊويزن جي حساب سان ھن ۾ سبي، ڪڇي، نصيرآباد، ڪوھلو ۽ ديره بگٽيءَ جا ضلعا شامل ھئا. ھتان جا نوي سيڪڙو ماڻھو سنڌي مادري زبان طور ڳالھائيندڙ آھن. سبيءَ جي ھن محاوري تي نالي پوڻ جو سبب ڄاڻائيندي ڊاڪٽر داد محمد لکي ٿو: ھي لفظ فراغ (وسيع) مان ورتل آھي ۽ وسيع علائقي ۾ رائج آھي. وقت گذرڻ سان سرائيڪي، بروھڪي ۽ پٺاڻڪي جي لفظي اثر ھيٺ فراڪي سڏجڻ ۾ آيو(١٧). بقول ڊاڪٽر داد محمد ھي محاورو سبيءَ جي چوڌاري ڍاڍر، تلي، ڪڙڪ، مال، صافي ۽ مزري ۾ بھ موجود آھي(١٨). ان سان گڏ جھل مگسي، روجھاڻ جماليءَ ۾ مگسي، جمالي، خاڪواڻي ۽ رئيساڻي قبيلا بھ سنڌي ڳالھائيندا/ ڄاڻندا آھن. روزانھ ڪاروبار جي عام زبان بھ سنڌي (فراڪي) آھي. فجڪ ڳوٺ جا پٺاڻ پشتو سان گڏ سنڌي بھ ڳالھائيندا آھن(١٩).

اڪثر وينجن جو تلفظ فراڪيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو. فوٽو مان ڦوٽو ۽ آزاد مان آزات، تھ زنجير کي جنجير، رواج کي رواز ۽ مبارڪ کي مبارخ چون. سر آوازن ۾ آخري حمزي جو اچار گھٽائي ختم ڪري ڇڏين ٿا. جيئن ماءُ- ما، ڀاءُ، ڀا ۽ بچاءُ- بچا چون.

وسرڳ کي بھ اوسرڳ ڪري اچارين. جيئن: آھستي بدران آستي، اھڙو بدران ايڙو ۽ گھر کي گر چون. لاڙيءَ ۾ بھ ايئن آھي. معياري جي اڪثر لفظن کي ي مان ڦيرائي حمزي ۾ ڪندا آھن، جيئن:

ٿيا

ٿئا

ٿيو

ٿئو

ولايت

ولائت

کڻايو

کڻائو

ٻڌايو

ٻڌائو

وڍايو

وٺائو

ان کان سواءِ اتر جي محاوري وانگر ٽ ۽ ڊ کي ٽر ۽ ڊر ڪري اچارين. مثلا: ڊڪائڻ کي ڊرڪائڻ، ڍڳو کي ڍرڳو ۽ ٽپڙ کي ٽرپڙ چون. واحد مان جمع ٺاھڻ لاءِ بھ سري جي محاوري وانگر آن پڇاڙيءَ ۾ ڳنڍجي ٿي. مثلا: عوج (عوجان)، موج (موجان)، قبر (قبران)، خبر (خبران)، ڪتاب (ڪتابان)، ڪوڏر (ڪوڏران) ۽ ڪوڪ (ڪوڪان).

فعل ماضيءَ مان ي حذف ٿئي ٿي. جيئن پڙھيو بدران پڙھو، لکيو بدران لکو چون. فعلن ۾ /د/ حذف ٿئي ٿي. مثلا: لکندو، لکنم ۽ ڀڄندو کي ڀڄنو. اِن کان سواءِ خالص ضميرن جا اچار بھ فراڪيءَ ۾ ھن ريت آھن:

معياري

فراڪي

اِھو

ايھو

اھو

اوھو

اھي

اوھي

توھان

توئان

ھن

ھڻ

انھيءَ

اڻي

انھن

اڻن

پنھنجو

پانجو

منھنجو

مينجو

ان

اڻ

نون غنون بھ ڪن لفظن ۾ شامل ڪن. جيئن:

شوق

شونق

غوث

غونث

ڪپھھ

ڪپنھھ

ڪي معياري سنڌيءَ جا جملا فراڪيءَ ۾ ھن ريت ڳالھائجن ٿا:

معياري- وري ڪيڏانھن پيو وڃين؟

فراڪي- وت ڪيڏي وينو پئو آن؟

معياري- ڇا پيو ڪرين؟

فراڪي- ڇا ڪنو پئو آن؟

معياري- مان ماني کائي رھيو آھيان.

فراڪي- مان ماني کائنو پيو آن.

معياري- لعلو پڙھندو ھو.

فراڪي- لعلو پڙھندو پئو ھو.

ھرھڪ محاوري ۾ چوڻيون، پھاڪا ۽ اصطلاح وغيره ھوندا آھن. فراڪيءَ ۾ بھ اھي گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا.

کيتراني (مختصر تعارف): ھي محاورو بلوچستان ۾ لورالائي جي ايراضي بارکان ۾ ڳالھايو وڃي ٿو. ھن جون پاڙيسري زبانون بلوچي ۽ سرائيڪي آھن. کيترانيءَ تي بقول ڊاڪٽر داد محمد، پشتو جو اثر نمايان آھي(٢٠). ھن محاوري جي نسبت کٽياڻ قبيلي سان چئي وڃي ٿي. ھي سماٽ ذات آھي. روايت آھي تھ کٽياڻن جو اصل تعلق افغانستان سان آھي. بلوچستان ۾ رھڻ ڪري بلوچ سڏايائون. سنڌ ۾ آباد ٿيا. سندن وڏو بھادر خان سنڌ مان لڏي لورالائي ويو. سندس نالي پٺيان بارکان مشھور ٿيو. کٽياڻ بگڙي کيتران ٿيو. ھي محاورو صرف و نحو جي آڌار تي نھايت دلچسپ آھي.

حوالا:

١- چنڊ، محمد عمر، لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون، زيب ادبي مرڪز حيدراباد، ١٩٨٥ع، ص ٢٧.

2- Mario Pei & Gaynor, Dictionary of linguistis, New York, 1954, p.56

٣- جيٽلي، مرليڌر (ڊاڪٽر)، مقالو: سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل کوجنا ساھتڪار مھاراشٽر راجيھ ساھت اڪادمي، ممبئي، ١٩٨٨ع، ص ٢٩.

4- Jones, D. An outline of English Phonetics, Cambridge, 1960, P.11

5- Hochett pp. 473, 474 & 477.

6- Robins, R.H. General Linguistics, (an introductory survey Longman London, 1964, p.57.

7- Bloomfield, L. Language, New York, 1976, p. 321.

8- Robins- pp. 58-59.

٩- ڀيرومل، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص ١٦.

١٠- ايضا، ص ١١٣.

١١- ايضا، ص ص ١١٧- ١١٨ ۽ ١١٩.

١٢- ايضا، ص ١٥١.

١٣- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ٻيلاين جا ٻول، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ١٩٧٠ع (ٻيو ڇاپو) ص ٧٤.

١٤- ايضا، ص ٧٢.

١٥- سمون، الھبچايو، سير ڪوھستان، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ١٩٥٩ع، ص ٣٣.

١٦- خادم، داد محمد (ڊاڪٽر)، سبي خطي ۾ سنڌيءَ جي مختلف محاورن جو مطالعو، قلمي، ص ٣.

١٧- ايضا، قلمي، ص ٥.

١٨- ايضا، ص ٥.

١٩- ايضا، ص ١٩.

٢٠- خادم، داد محمد، ماھنامھ پيغام، مقالو: سنڌي ٻولي ۽ ان جا محاورا، فيبروري ١٩٨٨ع، ص ٢١

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com