سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 3

صفحو :4

باب ٽيون

ننڍي کنڊ جون ڪي زبانون

 

ھي ننڍو، کنڊ ھند پاڪ ٻولين جي گھڻي تعداد ۽ رنگارنگيءَ جي ڪري اڀياس لاءِ دلچسپ آھي. مختلف زبانون جيڪي ھڪ ئي خاندان مان ھجڻ ڪري سکڻ ۾ بھ آسان آھن. قديم زبانن پالي ۽ پراڪرت (۽ ان جي قسمن) کي ڇڏي سنسڪرت، عالمن ۽ پنڊتن جي اڀياس ھيٺ رھي آھي. ھندوستان جي مختلف زبانن جي لفظن جي ذخيري جو سرچشمو سنسڪرت آھي. سڀني ۾ مقبول ھندي آھي. ان جو شبد ڀنڊار (vocabulary) سنسڪرت مان ئي آھي. ان ڪري ريڊيو تان ھندي نيوز بليٽن ٻڌڻ واري لاءِ بھ سنسڪرت سمجھڻ آسان آھي. سنسڪرت ڪيتري قديم آھي، ان لاءِ پڪ سان ڪجھھ چوڻ مشڪل آھي. ڪاٿو لڳايو ويو آھي تھ ويدن واري (vedic) سنسڪرت گھٽ ۾ گھٽ تھ بھ ٢٥٠٠ سال ق. م کان ھلندڙ آھي. رگ ويد اندازا ١٥٠٠ سال ق. م جا لکيل آھن. ان کان پوءِ پراڻن واري سنسڪرت اٽڪل ١٠٠٠ سال پوءِ جي آھي. ان کان پوءِ مشھور نحوي (Grammarian) پاڻيني (Panini) جو دور اچي ٿو. سنسڪرت ۾ ڪيترا اھم شاستر بھ لکيا ويا، جن کي ھندو ڌرم ۾ بنيادي حيثيت حاصل آھي. سنسڪرت جي لپي (Script) ديوناگري (Devanagri) آھي.

مشھور شاستري، ڪي شري نواس آچاري لکي ٿو تھ: لفظ سنسڪرت جيئن ھاڻ ڪم اچي ٿو، ان جي معنيٰ آھي سٺو ڪيل ۽ صاف ٿيل. دنيا جا اھم ڪتاب ويد، ھن زبان ۾ لکيل آھن. ان ڪري ھندوستان جي تاريخ، ثقافت ۽ ورثي کي سنسڪرت جي مڪمل ڄاڻ کان سواءِ سمجھڻ ناممڪن آھي. ڀارت جي ماڻھن جو اِھو اعتقاد رھيو آھي تھ ھيءَ ديوتائن جي ٻولي (ديو ڀاشا / واڪ) آھي(١).

سنسڪرت ۾ ڌرمي ۽ سماجي لٽريچر ۽ شاعريءَ جا دفتر موجود آھن. ڪن ڪتابن جو سڌو / اڻ سڌو سنڌيءَ ۾ بھ ترجمو ٿي چڪو آھي. سنسڪرت جي ننڍن جملن (simple sentences) جا مثال ھي آھن:

جملو

معنيٰ

بلا نمتِي

 

 

 

ٻار سلام ڪري ٿو

پتره ودتِي

 

 

 

پٽ ڳالھائي ٿو

اِسم

اجھھ

(ٻڪري)

گاجھھ

(ھاٿي)

 

اشو

(گھوڙو)

وانر

(ڀولڙو)

فعل

ڌاو

(ڊوڙڻ)

درش

(ڏسڻ)

 

پچ

(پچائڻ- رڌڻ)

 

 

ڪي جملا سنڌيءَ سان ڀيٽجن تھ دلچسپ ھڪجھڙا ۽ آسان آھن. مثلا:

سيوڪ، آم پچتِي، سنڌيءَ ۾ معنيٰ ٿيندي نوڪر/ بورچي کاڌو رڌي (پچائي) ٿو. لفظ سيوڪ، انم (ان) پچتي/پچائي ظاھر بيٺا آھن. لفظن جي ڀنڊار جي مدنظر ڳڻجي تھ بيشمار لفظ سنڌيءَ سان ملن ٿا. سنسڪرت ۾ عربيءَ وانگر ٽي عدد (واحد، تثنيو ۽ جمع) آھن. جيئن اھم (آءٌ) آوام (اسين- ٻھ) ۽ ويم (اسين سڀ)

بھرحال ھيءَ قديم زبان ھڪ اثر انداز ٿيندڙ زبان رھي آھي، ھن جو اثر موجوده ڏيھي ٻولين ھندي، سنڌي، پنجابي، گجراتي ۽ راجسٿاني وغيره تي آھي.

ھندي:

ھندي زبان ۾ ٤٤ حرف آھن. ھيءَ زبان ديوناگري (Devanagri) لپيءَ ۾ لکي ويندي آھي. بڻ بنياد جي بحث کان قطعھ نظر رڪارڊ تي آھي تھ ھنديءَ جو شبد ڀنڊار (vocabulary) سنسڪرت مان آھي. ھندي ۽ اردو ۾ فرق فقط لفظن ۽ لپيءَ جو آھي. ھنديءَ جي برخلاف اردوءَ ۾ گھڻا لفظ عربي، فارسي ۽ ترڪيءَ مان (پوءِ) آندل آھن ۽ عربي رسم الخط (لپيءَ) ۾ لکجڻ ۾ آئي، نھ تھ اصل زبان ھندي ئي آھي. ھن کي ھندوستاني بھ سڏيو ويندو ھو. ھنديءَ ۾ پراڻي زماني کان شاعر (ڪوي) ٿيا آھن. جن مان ڪن جو غلغلو سنڌ ۾ بھ ٿيو. شاھھ جي رسالي جو سر بيراڳ ھندي ان جو ثبوت آھي. دادو سورداس، تلسيداس، ڪبير، ميران ٻائي، سھجو، رجب جي ۽ ٻيا ڪيترا شاعر، ھن لڙھيءَ ۾ آھن. دوھا، ڀڄن توڙي پوئين دؤر ۾ گيت بھ سنڌ تي اثرانداز ٿيو. ڪبير چيو:

ڪبيرا آپ ٺگائيي، اور نھ ٺگيي ڪوءِ،

آپ ٺگي دک اوپجي، اور ٺگي دک ھوءِ.

ماٽِي ڪھي ڪمھار ڪو تو روندي ھي موھي،

اِڪ دن ايسا آئي گا، مين روندون گي توھي.

-

ساجن ھم تم ايڪ ھين، ديکن ڪي ھين دو،

من سي من ڪو توليي ڪڀي نھ دو من ھو.

سھجو ٻائيءَ جا دوھا بھ نھايت پر اثر، رقت آميز ۽ جذبات سان پر آھن:

بانھن ڇڙائي جات ھو، نربل جان ڪي موھي،

ھردئي مين سي جائوگي، تو مرد بندوگي توھي.

-

نينھن سگا سوئي سگا، ھڊ سگا نا ڪوءِ،

مان بيٺي تِريا جري، اچرج جگ ڪو ھوءِ.

ميران ٻائيءَ جا ڀڄن، گيت ۽ اندر جا آلاپ ڪنھن کان ڳجھا آھن! ھن ڀڄن تھ ھند سنڌ ۾ رنگ لائي ڇڏيا:

اي ري مين تو پريم ديواني، ميرا د ر د نھ جاني ڪوءِ،

سولي اوپر سيج ھماري، ڪس بِد سونا ھوءِ؟

ڀارت جي مختلف صوبن (پرانتين) کي پنھنجون زبانون آھن، پر گھڻي ڀاڱي ھندي بھ رابطي جي زبان آھي.

گجراتي:

ھيءَ سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر جي پاڙيسري زبان آھي. ڪڇ رياست اڄ ڀارت جي ھڪ ضلعي طور موجود آھي. ڪڇي زبان/ محاورو سنڌيءَ جو حصو بھ آھي. گجراتي ھڪ جدا زبان آھي. ڪڇي محاوري ۽ سنڌي زبان کي ويجھي بھ آھي. سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۽ ڀڄ (اڳوڻي ڪڇ رياست جي راڄ ڌانيءَ) جي وچ ۾ ڪڇ جو رڻ آھي. ملڪ جي تقسيم کان اڳ اچ وڃ ۽ سڱابنديون بھ عام ھيون. بدين ۽ لاڙ جي ٻين شھرن ۾ ڪڇي خاندان آباد آھن. مينگھواڙ ۽ ڪي ٻيون جاتيون ڪڇي ڳالھائين ٿا ۽ ڪاريا گجراتي/ ڳزراتي ڳالھائين ٿا.

گجراتيءَ کي پنھنجي لپي آھي، جيڪا ديوناگريءَ سان ملي ٿي. سنڌيءَ سان گجراتيءَ جي ڀيٽ ڪجي تھ ھڪڙو ھيٺيون مثال معنيٰ ۽ جملي جي سٽاءَ ڄاڻڻ لاءِ ڪافي آھي:

گجراتي

سنڌي

واندرو ٻيٺو ڇي

باندر ويٺو آھي

پنجابي:

پاڪستان ۾ پنجابي، عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي ۽ ڀارتي پنجاب ۾ گرمکي رسم الخط ۾ لکجي ٿي. پنجابي زبان ۾ گرونانڪ ۽ ٻين سک گروئن جي ڪلام سميت شاھھ حسين، دمودر، بابا بلھيٰ شاھھ، وارث شاھھ، ميان محمد بخش ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جا ابيات، ڪافيون، سي حرفيون، باره ماسا ۽ ٻين صنفن ۾ ڪلام موجود آھي. پنجابي بھ صرف و نحو جي مدنظر سنڌيءَ سان ملي ٿي. ھيءَ زبان موجوده وقت تحرير جي لحاظ کان ترقي يافتھ نھ آھي جو پنجاب (پاڪستان) ۾ تعليم جي ابتدائي ذريعي طور اردوءَ کي اختيار ڪيو ويو آھي.

پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ طرفان ڪي ڪتاب ۽ ادبي رسالو نڪري ٿو، جيڪو ڀارت جي ادبي دنيا سان بھ منسلڪ رھندو اچي.

سرائيڪي:

ھيءَ زبان پنجاب جي ڏاکڻئين حصي جي ھڪ اھم زبان آھي. خواجھ غلام فريد، مولوي لطف علي ۽ ٻيا ڪيترا شاعر ۽ اديب آھن، جن ھن زبان جي چمن جي آبياري پئي ڪئي آھي. خواجھ فريد جي ڪلام ۾ ڪي سنڌي ڪافيون بھ آھن، ڇو جو سندس وڏن جو اصل وطن سنڌ ھئي. پنجاب ۾ سرائيڪي زبان جي مڃتا نھ آھي ۽ سرائيڪيءَ کي پنجابيءَ جو ھڪ محاورو (dialect) ڪري ڄاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر شھباز ملڪ پنھنجي تاليف پنجابي ڪتابيات ۾ سچل سرمست جي سرائيڪي ڪلام کي بھ پنجابي ڪري لکيو آھي.

راجسٿاني:

راجسٿان، اوڀر ۾ ٿر سان متصل آھي. ٿر سان لساني ۽ ثقافتي طور لاڳاپيل بھ آھي. ٿري محاوري ۽ ڍاٽڪي زبان سان بھ سرحد پار (ڀارت) لساني لاڳاپا آھن. جوڌپور ۽ جئپور جي ريڊيو نشريات ٻڌي ۽ ٢٠٠٥ع ۾ پنھنجي ڀارت جي سفر ۾ راجسٿان جي قيام دؤران مون اھو محسوس ڪيو تھ سنڌ- راجسٿان سرحدن جي ٻنھي پاسي لساني مائٽي، جيڪا صدين کان ھلندي اچي، سا اڄ بھ پڪي آھي. سفري رابطا ٿيڻ سان اڃان بھ ھيءَ مائٽي پڪي ٿيندي.

سنڌي زبان جي قديم دؤر جو ھي دوھو بھ ھڪڙو پيغام ڏي ٿو:

ڀلا ھئا جھ ماريا، بَھڻ مھارا ڪنت،

لجيجن ويسئي، جي آيا گھر من انت.

انومان لڳايو ويو آھي تھ ھي دوھو ذڪر ڪيل ايراضيءَ جو آھي. دوھي جي وزن جي سلسلي ۾ بھ ھنديءَ سان گڏ ڊنگل (ڏنگل- Dingal) ۽ گجراتي جون ٻھ ھيئتون تڻويري دوھو ۽ بڙو دوھو سنڌ سان ھم آھنگ آھن(٢).

بھرحال باضابطھ مطالعي سان سنڌي ۽ راجسٿانيءَ جي لساني رابطن بابت وڌيڪ يقين سان ڪجھھ چئي سگھبو.

 

ٻيون ٻوليون:

ھنن زبانن کان سواءِ پاڙيسري ٻوليون ٻيون بھ آھن، جن جو سنڌيءَ سان لساني، صوتياتي ۽ سٽاءَ جي ھڪجھڙائي، ۽ ڪٿي فرق بھ آھي. انھن ۾ ڪشميري، گجري، مراٺي، ڊوگري، بنگالي ۽ ڀوڄپوري وڌيڪ اڀياس جي تقاضا ڪن ٿيون.

ڏکڻ ڀارت ۾ دراوڙي خاندان جون ٻوليون بھ آھن. اھي سنڌ کان گھڻو پري بھ آھن. انھن ۾ تامل، تيليگو، ڪنڙ ۽ ملايالم اچي وڃن ٿيون. مون ٢٠٠٥ع ۾ پنھنجي سفر دوران بنگلور، حيدرآباد دکن ۽ ٻين شھرن ۾ اِنھن ٻولين جا آواز ٻڌا ۽ محسوس ڪيم تھ ڏکڻ جي زبانن جو بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ مطالعو ڪجي، جيئن آريائي ۽ دراوڙي لاڳاپي جي پروڙ پوي. اھو تڏھن جڏھن لساني ماھر ٻوليون بھ سکن، خالي ڪتابن جا حوالا ڪافي نھ آھن.

حوالا:

١- شري نواس آچاري، ڪي Learn Sanskrit، بالاجي پبليڪيشنز، مدراس (چنئي) ١٩٨٥ع، ص ١٢.

2- Jotwani, Motilal, Shah Abdul Latif, His Life & Work, Shah latif Cultural Centre, 2006, pp.75-78.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com