سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 6

صفحو :7

باب ڇھون

محاورا (Dialects)

 

ھر زبان ۾ ايراضيءَ ۽ خطن جي مدنظر زبان جي اچارن ۾ فرق ھوندو آھي. سنڌ ۾ تھ چوڻي آھي تھ: ٻارھين ڪوھين ٻولي ٻي. ھتي ٻوليءَ مان مراد محاورو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري سنڌيءَ جي محاورن تي ڪتابن جو ھڪ سلسلو شايع ڪيو ھو، جنھن ۾ عنوان محاورو بدران ٻولي ڏنو ويو ھو. جيئن ٿر جي ٻولي، اترادي ٻولي وغيره. مطلب تھ واضح ھو، پر اِھي عنوان، لاڙي محاورو/ اترادي محاورو ھجن ھا تھ وڌيڪ بھتر ٿئي ھا.

محاورا ۽ انھن جا ننڍا محاورا/ اپ ڀاشائون (sub-dialects)، زبان جي ايراضي وار اندروني نظام مثل آھي، جيڪو زبان ۾ خطي وار فرق آھي. اھو ظاھر ٿئي ٿو.

لساني/ لسانياتي جاگرافي (Linguistic Geography) ھن موضوع تي روشني وجھي ٿي. سنڌ ۾ لساني جاگرافيءَ جي باري ۾ ٻھ ڪتاب خاص طور ڌيان ڇڪائين ٿا. انھن ۾ ھڪ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي (١٩٧٩ع) ۽ ٻيو جناب محمد عمر چنڊ جو لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون (١٩٨٥ع) آھي. محمد عمر چنڊ جي ڪتاب جو پھريون ڀاڱو خاص طور ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ۾ آيل ڪن نڪتن جي ڇنڊڇاڻ جي باري ۾ آھي. ھن جو چوڻ آھي تھ لسانياتي جاگرافي، زيربحث زبان جي اندر ئي ايراضي وار تبديليءَ سان لاڳاپيل آھي؛ نھ ڪ ان جي سرحد کان ٻاھر پاڙيسري ٻولين جي پرک ڪرڻ ۽ تفصيل ڏيڻ.

محمد عمر چنڊ مئڪ ڊئوڊ جي ڏنل وصف آڻي ٿو، جنھن موجب: لسانياتي جاگرافي اھو موضوع آھي ۽ لسانيات جي اھا شاخ آھي؛ جيڪا ڪنھن زبان جي اندروني نظام ۽ ايراضي وار تبديلين جي فرق سان واسطو رکي ٿي. ان کي لنگئسٽڪ ڊاياليڪٽالاجي (Linguistic dialectology) بھ سڏجي ٿو(١). ان سان گڏ ويبسٽر (Webster) جي ڊڪشنري (١٩٧٦ع) مان بھ وصف جو حوالو آڻي ٿو: Dialect geography, the study of local linguistic differences within given areas(2).

ھن نڪتي جي چٽائي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ بھ ڪئي آھي. ھو لکي ٿو تھ، ڪنھن بھ ٻوليءَ جي اپ ڀاشائن، انھن جي آوازن جي خاصيت ۽ وياڪرڻي بيھڪ ۾ جيڪو تفاوت آھي سا آھي لسانياتي جاگرافي(٣).

لسانياتي جاگرافي، سنڌيءَ جي مختلف محاورن ۽ ننڍن محاورن جي اڀياس ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿي. جي سرحدن کان ٻاھر جو اڀياس ڪرڻو آھي تھ بھ سنڌ کان ٻاھر ويل سنڌين جي محاورن جو اڀياس ڪبو. محاورو (dialect) ماضيءَ ۾ پنھنجي مخصوص معنيٰ موجب واضح آھي. ان کي لھجو (Accent) نھ سڏڻ کپي. لھجو ڳالھائڻ جي جِھيل (ڍار) کي ظاھر ڪري ٿو، نھ اچار کي. ايراضيءَ جي قطع نظر اِھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ ڪي بھ ٻھ ماڻھو بلڪل ھڪ جھڙو ڪونھ ٿا ڳالھائين(٤). ڪنھن جي ذاتي اچار کي (Idiolect) چئجي ٿو. ھڪ محاوري جي حد کان ٻئي جي حد کي جدا ڪرڻ لاءِ لسانياتي نقشي تي ليڪون ڏيکاريون وڃن ٿيون، انھن کي Iso Glosses سڏجي ٿو(٥).

ھر زبان، اچارن جي باھمي فرق، جملن جي صرفي ۽ نحوي اختلاف سبب ڪيترن ئي محاورن ۾ ورھايل ھوندي آھي. ڪي ٿورن ۾ تھ ڪي گھڻن محاورن ۾ تقسيم ٿيل ھونديون آھن. اِھو ھڪ فطري عمل آھي ۽ ان جي لسانيات ۾ گنجائش آھي. محاورا ھڪ ٻئي کي سمجھھ ۾ بھ ايندا آھن. ڪي ٿورا اھڙا وسيع ۽ وڏا ملڪ بھ آھن، جن جو (مثلا) ڏکڻ ڇيڙي جو محاورو اتر ڇيڙي جو ماڻھو بلڪل سمجھي نھ سگھندو آھي. چين ۾ ويھن کان وڌ ننڍا محاورا ۽ اٺ وڏا (بنيادي) محاورا آھن. چيني زبان جا ھي منفرد مثال آھن، جو لفظ جي تحريري صورت ساڳي ھوندي بھ محاوري جي ڪري تلفظ ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو ۽ سر تھ ڇا پر ڪٿ وينجن بھ بدليل ھوندو. پيڪنگ (پي چنگ) گاديءَ جو ھنڌ آھي. ان جو محاورو معياري آھي ۽ سرن (vowels) جي چٽائي ۽ زور سبب ھر خطي جو چيني آسانيءَ سان سمجھي ٿو، پر ڏکڻ، اوڀر، اولھھ يا ڪنھن دور دراز صوبي جو ماڻھو جيڪي ڳالھائيندو سو پري واري لاءِ سمجھڻ مشڪل آھي.

پيڪنگ محاوري موجب پينسل کي ڇئن پِي اچاربو تھ ڏکڻ ۽ شانگھائيءَ وارا ان کي کپي ڪري اچاريندا. ايئن اتر ۾ شوي شيائو (اسڪول) تھ شانگھائي ۾ ٿيو يايائو.

معياري محاورو (standard dialect) زبانن ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ھن سلسلي ۾ پروفيسر رابنس لکي ٿو: معياري محاوري جي اصطلاح مان ڪا غلط فھمي نھ ٿيڻ کپي. اھڙا گفتگو جا طريقا تشابھتي طور محاورا ئي ھوندا آھن. بلڪ ٻين محاورن وانگر جن کي جيڪر سماجي ۽ سرڪاري طور محدود ڪجي ۽ گھٽ بيان ڪجي: (جن جي مقابلي ۾ پسند پيل ايراضيءَ وارن محاورن کي اھميت ڏجي ٿي) اھو خيال انھن جو آھي جيڪي معياري محاورو ڳالھائين ٿا. انھن جي خيال ۾ ٻيا محاورا گھٽ آھن)، جن کي گھٽ درجي وارا ڳالھائين ٿا(٦).

بلومفيلڊ جو رايو آھي تھ: معياري محاورو حقيقت ۾ پراڻو نھ ھوندو آھي، بلڪ مڪاني محاورن مان ڪن تاريخي اھميت وارين حالتن ھيٺ اسرندو آھي(٧). معياري محاوري جي اصطلاح کي بھ گھڻو استعمال ڪيو ويو آھي. رابنس ھن باري ۾ ھڪ فارمولو ڏنو آھي، جنھن ۾ ٽي نڪتا آھن. پھريون نڪتو زبان ۽ محاوري جي فرق کي واضح ڪري ٿو. اھو ھي تھ ھڪ زبان جا اھي نمونا جيڪي مختلف آھن، پر ڪنھن خاص تربيت کان سواءِ ٻي ايراضيءَ ۾ ماڻھو سمجھن ٿا. انھيءَ حساب سان انگلينڊ ۾ انگريزيءَ جا مختلف نمونا، انگريزيءَ جا مختلف محاورا آھن ۽ ويلش، آئرش ۽ اسڪاٽش گئلڪ مختلف محاورا آھن(٨).

 

سنڌيءَ جا محاورا:

جيڪڏھن اڄ اسان کي سنڌيءَ جو ڦھلاءُ سنڌ جي موجوده سرحدن جي ٻئي طرف نظر اچي پيو تھ ان جو سبب اِھوئي آھي تھ قديم وقت ۾ سرحدون وسيع ھيون ۽ پوءِ جي لڏپلاڻ بھ ھڪ سبب آھي. سرحد پار ھرڪو پنھنجي زبان (۽ محاورو) ھتان کڻي ويو. اھي اتان جي ٻولين جي زير اثر رھيا. بلوچستان ۾ سنڌيءَ جا مکيھ محاورا آھن: فراڪي، کيتراني، جدگالي، گوادري، اورماڙي ۽ لاسي. پنجاب جي سرحد سان ماڇڪو ھڪ اھم محاورو آھي. سبيءَ جي ايراضيءَ ۽ بلوچستان جي ٻين محاورن تي داد محمد خادم بروھيءَ ڪم ڪيو آھي ۽ ماڇڪي تي اڃان ڪم نھ ٿيو آھي. ڪڇ ۾ ڪڇي، گجرات ۾ ميمڻي ۽ ڪاٺياواڙي محاورا آھن، جيڪي ھاڻ سنڌ ۾ خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڪيترا رھاڪو ڳالھائين ٿا.

سنڌيءَ جا اھم ۽ وڏا محاورا ھي آھن: سريلي (اترادي)، وچولو، لاڙي ۽ ٿري. انھن سان گڏ ڪڇي ۽ لاسي بھ سنڌيءَ جا محاورا آھن. جيتوڻيڪ اڄ سنڌ جي سياسي سرحدن کان ٻاھر آھن ۽ سنڌ ۾ بھ رائج آھن، جو ڳالھائيندڙ ھتِ بھ رھن ٿا.

سريلي (يا اترادي)

ھي محاورو اتر سنڌ (سرو) جي مناسبت سان نشانبر آھي. ھي عام طور اتر جي ضلعن سکر، گھوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ دادوءَ ۾ مروج سمجھڻ کپي. ڪنھن وڏي محاوري وانگر ھي بھ ننڍن محاورن (sub-dialects) ۾ ورھايل آھي. ھن سلسلي ۾ اڃان باريڪيءَ سان ڪم نھ ٿيو آھي جو طئي ڪجي تھ ننڍن محاورن جون حدون ڪھڙيون آھن. ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر ٽرومپ جي حوالي سان لکي ٿو، سريلي ٻوليءَ جا اچار چِٽا آھن. ان جا سر آواز (vowels) اچارن کي چِٽو ۽ نمايان ڪن ٿا. ان جو مثال ھي ڏيئي سگھجي ٿو تھ اتر (سري) ۾ چئبو چيائون تھ لاڙ ۾ ان جو اچار چئون آھي. ايئن ئي ٻيا ماضي فعل اچاربا. جيئن ڪئون، کئون وغيره. ھڪڙو فرق ھنن ٻن محاورن ۾ ھي بھ آھي تھ اتر (سري) ۾ ا / آ سر وارا آواز لاڙ ۾ اِ / اِي اچارجن ٿا:

سرو

لاڙ

جن

جِن

تن

تِن

ڪن

ڪن

جاتي

جِتي

تاتي

تِتي

ڪاٿي

ڪٿي

ڀيرومل اتر جي تلفظ کي صحيح ڄاڻي ٿو(٩). منھنجي خيال ۾ ھي محاورن جو فطري فرق آھي. اتر جي ڪن وينجنن (Consonants) جھڙوڪ ڊ- ڍ ۽ ٽ ۾ ر جو آواز اچارجي ٿو. جيئن ڊر- ڍر ۽ ٽر. اِملا ۾ ر لکجي ڪونھ ٿو. ڪن ويجنن جي باھمي تبديلي بھ گفتگو ۾ ملي ٿي. مثلا ش ۽ چ جي تبديلي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي آسپاس ملي ٿي:

شڪارپور

ڇِڪاپور

مڇي

مشي

مڇر

مشر

ڇورو

شورو

شايد

ڇايد

سريليءَ ۾ عدد جمع، واحد پٺيان آن ملائڻ سان ٺھي ٿو ۽ لاڙيءَ ۾ اون ملائڻ سان ٺھي ٿو. مثلا:

واحد

جمع (سرو)

جمع (لاڙ)

کارڪ

کارڪان

کارڪون

ٽنگ

ٽنگان

ٽنگون

سڙڪ

سڙڪان

سڙڪون

ويگن

ويگنان

ويگنون

رن

رنان

رنون

ڪيترن اِسمن ۾ اتر ۽ لاڙ جي جمع جو صيغو ھڪ جھڙو آھي. جيئن: ڪتاب- گھر- ھٿ ۽ ٻڪري وغيره. واحد مان جمع ٺھڻ لاءِ سريليءَ وانگر سرائيڪي، پنجابي ۽ فارسيءَ ۾ بھ آن پڇاڙي اچي ٿي. ان کان سواءِ اتر جي مقابلي ۾ لاڙي اچار ۾ لفظن جون پڇاڙيون پيش بجاءِ زبر سان اچارجي ٿو يا ڪٿي ساڪن آھي:

سريلي

لاڙي

ويھھ

ويھھ

گھر

گھر

اٺ

اٺ

کڻ

کڻ

واڱڻ

واڱڻ

جمع جي صيغي ۾ اچار ساڳيا آھن: ھٿ، ھٿ، گھر- گھر، ليکڪ- ليکڪ وغيره.

صرف و نحو جي خصوصيتن جي مدنطر سري جي محاوري جا ٻيا ڪي اھم نڪتا ھي آھن:

جنس: ڪي لفظجيڪي ٻين محاورن ۾ مذڪر اسم آھن، سي سري ۾ مونث ڪري اچارجن ٿا. مثلا: رت نڪتي آھي.

فعلن: جون پڇاڙيون غني جي آواز تائين ڪونھ ٿيون پھچن. مثلا: اينداسين- ڪنداسين بدران چون  اينداسي- ڪنداسي.

مضارع ڪريان جي ر گم ٿئي ٿي. مثلا ڪيان.

زمان حال استمراريءَ ۾ آءٌ اچان پيو چوڻ کپي؛ پر چون آءٌ اچان ٿو پيو. زمان ماضي مطلق ۾ چون ھو ويو آھي. ڀيرومل چوي ٿو تھ زمان حال ۾ وڃڻ جي واو تي زبر آھي، ان ڪري ماضيءَ جي صيغي ۾ بھ واو تي زبر قائم رکڻ صحيح آھي.

ماضي معطوفيءَ جو جملو: ماني کايو اچان ٿو بدران چون ماني کايون اچان ٿو. اھڙي طور اسم مفعول ۾ ڳايو کي ڳاتو چون. سريلي محاوري ۾ اسم تصغير جو رواج گھڻو آھي. مثلا: ڀاءُ- ڀائڙا، ھتي- ھتڙي. وچولي ۽ لاڙ ۾ ڙو پڇاڙي بھ ڪتب اچي ٿو. جيئن: ننڍڙو، ٻارڙو، وغيره.

ھي فقط ڪي خصوصيتون آھن ۽ ڪن لفظن جي تلفظ جي ڳالھھ آھي. ھڪ مڪمل محاورو پنھنجي اندر فطري سونھن جو حامل آھي. اچار ئي ھڪ محاوري کي قائم ڪندڙ آھن. ان ۾  ڪا بگاڙ ۽ سڌار جي ڳالھھ نھ ھوندي آھي. پڙھيل طبقو لکپڙھھ معياري محاوري ۾ ڪندو آھي.

وچولو (يا ساھتي) محاورو: اتر ۽ ڏکڻ سنڌ (لاڙ) جي وچ وارو علائقو وچولو سڏجي ٿو. ان ۾ نوشھري ۽ ڀرين واري ايراضيءَ کي ساھتي بھ سڏجي ٿو. ڀيرومل ھن ايراضيءَ جون حدون ڄاڻائيندي لکي ٿو: ڪنڊياري ۽ دادو تعلقن ۾ اتر واري ڀاڱي کان وٺي ھن جون حدون ڪوٽڙيءَ تائين آھن(١٠). وچ ۾ ھجڻ ڪري ھن محاوري جي اچارن ۾ وچٿرائي ۽ توازن آھي. ھن تي اتر ۽ لاڙ جي محاورن جو ٿورو ٿورو اثر بھ آھي. نوشھري ۽ سيوھڻ جا علمي مرڪز ھن محاوري جي ٽيڪ رھيا. وچولي جا ڪي لفظ ھي آھن: لڳلڳو (لغلام- ترڻي)، ڏوڪڙ (پئسا)، کوڙ (گھڻو). ڪي مشھور اصطلاح ھي آھن: ڊڀري جو ڪمي ھئڻ (مفت ۾ ڪم ڪندڙ)، پنجوءَ جي پڻ ساڻ ھڻڻ (واجب کان وڌيڪ گھرڻ)، پنجوءَ جا پنج کٽڻ (ٻارھوئي کوٽ).

اھڙيءَ طرح وچولي جا پھاڪا بھ مخصوص آھن. مثلا:

- اول پيٽ پنجوءَ جو پوءِ ٻار ٻچا.

- ڦلوءَ واڻئي رات وھاڻي، ڳالھين ڪندي ڳوٽي کاڻي.

- اھڙي جٺ ڪيائين جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.

- چٽي چنيجن جي پرڻ تي پيئي.

- ٻرڙي پئي نھ ٻاجھھ، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري.

- ٻيو ھرڪو اچڻو وڃڻو پمو ٿاڻائي (١١).

وچولي جي ٻولي متوازن آھي. ھن ايراضيءَ ۾ مشھور ليکڪ ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي ڀريا واسي ٿي گذريو آھي. ھن محاوري جي اڀياس ۽ پنھنجن ڪن پيارن دوستن جي ڪري، آءٌ ھن علائقي ۾ ڀرين، کاھي قاسم ۽ نوشھري گھڻو آيو ويو آھيان.

لاڙي محاورو: اڳوڻو وڏو حيدرآباد ضلعو ۽ ٺٽو ضلعو عام طور لاڙ سڏجن ٿو. ١٩٧٥ع ۾ حيدرآباد مان بدين ضلعو جڙيو ۽ پوءِ حيدرآباد مان ٻيا ٽي ضلعا ٺھيا. ھيءَ ايراضي محاوري جي لحاظ کان ھڪ يونٽ يا ايڪو آھي. ھن ڪتاب جو ليکڪ آباو اجداد کان بدين تعلقي جو رھاڪو آھي ۽ ان سان گڏ لاڙي محاوري جو ڳالھائيندڙ بھ. لاڙي محاوري ۾ بدين جو ھڪ ننڍو محاورو (subdialect) چئي سگھجي ٿو ۽ ٻيو ننڍو محاورو ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻين حصن وارو آھي. انھن ۾ بھ ماڃر، کارو ۽ ڪڪرالو منفرد آھن. شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري (١٥٣٨- ١٦٢٣ع) لاڙ جي ھڪ سڃاڻپ ھيئن ڏني آھي:

جي اتر جي لاه، سڄڻ سڀ پرکئا،

ري پانجي کٽئي، سڀر ٻري نھ باھھ.

ھتي لاھھ، لاڙ يا لڙيل جي معنيٰ ۾ ڪم آيو آھي. لاڙ جي سرحد ڏکڻ ۾ ڪڇ سان ملي ٿي. ان ڪري ڏکڻ طرف کي ڪاڇيل بھ چون يعني ڪڇ ڏانھن. ملڪ جي ورھاڱي کان اڳ بدين کان ڀڄ (ڪڇ) ڏانھن رڻ مان عام رستو ھو. ڏکڻ اولھھ ۾ سمنڊ آھي. عام طور لاڙي محاورو، معياري محاوري کان ڦريل آھي. ھن ۾ پھرين ڳالھھ اوسر ڳائيءَ جي آھي. ڀ- گھھ- جھھ- ڌ ۽ ڍ کي ب- گ- ج د ۽ ڊ ڪري اچارجي ٿو. ڍور کي ڊور، ڌڪ کي دڪ، جھنگ کي جنگ، گھر کي گر ۽ ڀِت کي بِت چون.

ڀيرومل جي خيال ۾ اوسرڳائي داردي ٻولين جي اثر ڪري آھي. گسڪيدار اوسرڳ آوازن غ ۽ خ کي گ ۽ ک ڪري اچاريو وڃي ٿو. اھا عادت اڪثر سري واري محاوري ۾ بھ ماڻھن ۾ لڀي ٿي. غلام کي گلام، غلط کي گلط، خيال کي کيال چون. ف ۽ ڦ جا آواز بھ اڪثر بدلجن ٿا. فوٽو کي چون ڦوٽو ۽ ڦلا کي چون فلا.

لاڙ ۾ ڪي سر آواز (vowels) ننڍا ڪري اچارجن ٿا. مثلا:

معياري

لاڙي

ڪيائون

ڪيئون

چيائون

چئون

چيائين

چئين

کنيائون

کئون

ڪن اسمن ۾ ان جي ابتڙ سر آواز معياري محاوري کان وڌيل ھوندا آھن:

معياري

لاڙي

حجم

حجام

نرڙ

نراڙ

لاڙي محاوري تي پاڙيسري محاورن جو بھ اثر آھي. اتر ۾ وچولي، اولھھ ۾ لاسي/ ڪوھستاني، اوڀر ۾ ٿري ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇي محاوري جو اثر آھي. ٿر ۽ ڪڇ جي ماڻھن جي اچ وڃ اڳ بھ ھئي ۽ اتر کان ماڻھو نوڪرين سانگي اچن ٿا. ڪوھستان ۾ مينھن وٺو تھ ٺٽي جا مالوند اوڏانھن وڃن ٿا. مواصلات ۽ ميڊيا جي ڪري انھن اثرن ۾ اضافو ٿيو آھي.

ڪن لفظن ۾ صنعت تقليب بھ آھي، جيئن لعنت مان نالت، مطلب مان مطبل. ڪي انوکا اچار بھ آھن، جيڪي معياري يا اتر جي محاوري کان ڦريل آھن. جيئن ونواه مان وناھھ، سيون مان سيويون. ڪلاس ۾ سائين ھيرانند چوندو ھو: سيويون نھ چئو، سي وريون چئو. وري عيد آئي وري موٽي آيون آھن. لاڙ ۾ ڏھھ (ten) بدران ڏوھھ چون.

ضميرن جي تلفظ ۾ ھي فرق آھي جو تنھنجو بدران تونجو ۽ منھنجو بدران مونجو چون تھ ھو بدران او چون. ڪي ماڻھو چون ٿا تھ لاڙي ڪچي ٻولي آھي. بس اِھا ڪچائي آھي، پر محاورو تھ ٻوليءَ جي فطري صورت آھي، جو ٻاھرين ڪوھين ٻولي ٻي!

ڪڇي محاورو: ڪڇ اڄ ڀارت جي گجرات صوبي ۾ ھڪ ضلعو آھي. اڳ ھڪ رياست ھئي، جِت راجا (راءُ) راڄ ڪندو ھو. لاڙ ۽ ڪڇ جا سياسي، سماجي، مالي، ثقافتي ۽ ادبي لاڳاپا گھرا رھيا آھن. محمد سومار شيخ جو ڪتاب ڪڇين جا قول ۽ ٻيا اڻ ڇپيل ڪتاب ان جو واضح ثبوت آھن. ڪڇي محاوري تي ڊاڪٽر بلوچ جو ھڪ مقالو بھ شايع ٿيل آھي. ڪن حلقن موجب ڪڇي ھڪ جدا زبان آھي، پر سنڌيءَ جو ھڪ محاورو ھجڻ جا ڪئين ثبوت موجود آھن. صرف ۽ نحو جو اڀياس ھن سلسلي ۾ اھم آھي. ھيٺيان جملا مطالعي لائق آھن:

آءٌ وڃان ٿو             (سنڌي)

آءٌ وڃان تو             (ڪڇي)

اوھين اچو              (سنڌي)

آئين اچو                       (ڪڇي)

بابا بصر وٺي اچ              (سنڌي)

ٻاوا ڏونگھري ڳنھي اچ (ڪڇي)

ھو ماني کائڻ ايندو            (سنڌي)

او ماني کيڻ اچيندو        (ڪڇي)

ڪڇي، بدين ۽ لاڙ جي ٻين شھرن ۾ رھن ٿا. مٽيون مائٽيون بھ ٿيون آھن. ڪاڪو ڀيرومل ڪڇي لفظ جو بنياد سنسڪرت مان ڄاڻائي ٿو، جنھن جي معنيٰ ڪنارو يا ڪنڌي آھي. ڪڇ ھڪ اپٻيٽ آھي، ٽن پاسن کان سمنڊ اٿس (١٢). ڪڇيءَ کي اڪثر ڪڇڪي بھ سڏجي ٿو. ڪڇ ستين صدي عيسوي ڌاري سنڌ جي ھٿ ھيٺ رھيو آھي. سنڌ حڪومت جي اثر ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ڦھلاءُ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين رھيو. ڪيترين ڳالھين ۾ لاڙي ۽ ڪڇي محاورا قريب آھن. مثال طور: سر آواز (vowel) کي سسائڻ، جيئن ورتائين بدران چون ورتئين وسرڳ کي اوسرڳ ڪرڻ: جئن ڪنھن بدران ڪين ۽ گھر بدران گر چون. ڪٿي حرف صحيح بھ نھ اچارن. جيئن اِتان، تِتان ۽ ڪٿان کي اِئان، تِئان ۽ ڪئان چون. شاھھ جي ڪلام ۾ بھ اھي صورتون موجود آھن:

- ادا اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.

- ڪئان سکئين سپرين، ڪاسائڪي ڪار.

جمع جي صيغي ۾ اسمن پويان .اين ملائڻ جي عادت ڪڇيءَ ۾ عام آھي. جيئن: گھر جو جمع گھرين، ماڻھوءَ جو ماڻئين (ماڙئيين)، جناور جو جناورين (زناورين) ڪجي ٿو. ضمير پاڻ کي پندر (پنڊ) چئجي ٿو.

شاھھ جي رسالي ۾ بھ ڪڇي لفظ آھن. تمر فقير ڪڇ ۾ وڃي رھيو ھو. اتي رسالي جا قلمي نسخا جتن ۽ ٻين فقيرن وٽ آھن. رسالي ۾ ھڪڙو مثال ڪڇيءَ جو ھيءُ آھي:

 

(وڌيڪ پرهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com