باب نائون
ڪي خاص، ٻٽا ۽ بگڙيل لفظ
ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي علائقي ۾ اڃا تائين، ڪي
اهڙا لفظ ڳالهايا ويندا آهن، جيڪي لُغت ۾ گهڻو ڪري
ڪونه لَڀندا، پر کڻي هجن به سهي تڏهن به اُهي ٻين
علائقن ۾ اِهڙيءَ طرح عام ۽ مُروج ڪونه هوندا، ۽
اهو به ممڪن آهي ته لاڙ جي مختلف علائقن ۾
ڳالهائبا هجن، ليڪن عام نه...! مذڪوره علائقن
ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري مان جيڪي لفظ ملي سگهيا آهن.
اُنهن کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙا ”خاص
لفظ“، ٻيا ”ٻٽا لفظ“ ۽ ٽيان ”بگڙيل لفظ“.
خاص لفظ: هتي خاص لفظن مان مراد اُهي لفظ آهن،
جيڪي ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جا رهواسي پنهنجي روزمره
واري گفتگو ڪندي ڳالهائيندا آهن. اُنهن لفظن جو
تفصيل هن ريت آهي:
آنوري: گجرن جو اچار.
آوَري: پتائي گجرن جو اچار. هي خاص ماڃر طرف
ڳالهائجي ٿو.
آبوسو: ڪاٺ جو ٽُڪرو جيڪو واڍا ڪِليءَ طور ڪم
آڻين، اُن کي کاري جا ماڻهو سُونهڻ به چوَن.
آبوسا: مَڪئي، ڪڻڪ، جُوار ۽ ٻاجهريءَ جي اڌ ڪچي
ـــ اڌ پڪي سَنگن کي ٽانڊن تي سيڪي کائين، انهن
پَڪَل سنگن کي آبوسا چوَن.
آڪرو: مَهَانگو ـــ (هيءَ لفظ ڪاوڙ لاءِ به
استعمال ٿئي ٿو).
آريا: هيٺ ڪَري ڍِلو ڪري جهلڻ (هيءُ لفظ خاص ڪري
کاري جا ٻيڙياتا ڳالهائين.
آئيرَ: مرد ماڻهو پر پوڙهو.
اُپَرمُو: اَڻ کاڌل يا کائڻ بعد بچيل ڀت يا ٻوڙ کي
چئجي.
اُپڙڻ: مَٿي چَڙهڻ (هيءُ لفظ کاري جا ماڻهو
ڳالهائين).
اُپراسو: فاعدو (هي لفظ ڪڪرالي طرف ڳالهائجي).
اُڀري: درياءَ جا ماڻهو پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرڻ يا
اچڻ کي چون.
اوڀارو: ڪُنَ وارو تکو پاڻي، کاري جا ماڻهو
ڳالهائين.
اوڀالو: ڪنهن کي ڏوراپو ڏيڻ.
اُتري: کاري جا ماڻهو لهڻ لاءِ استعمال ڪن.
اُتوتي: هڪ ٻئي پٺيان ڄاول ٻه ٻار جنهن جي عمرن ۾
هڪ هڪ سال جو فرق هجي. اَهي گهڻو ڪري پاڻ ۾ وڙهندا
رهندا آهن.
اِٿوڙي: حُقي پيئڻ جي ڪاني.
اُجهاءِ کڻڻ: ڪنهن ڪم کي مچائي کڻڻ.
اِڇا: ٻئي کي ورسائڻ.
اُدِي: ٿلهي متاري عورت.
اِڊِ: ڪپڙن جو ڍِڳُ.
اُڍ: لوڌڙو. (هي لفظ خاص ڪري جاتي طرف ڳالهائجي).
اُڍِ: گهڻي کائڻ وارو پيٽوڙو (هي لفظ جاتي طرف
ڳالهائجي).
اُڍَ: هنڌن بسترن جو ڍڳ.
آريال: اَرموشَ ـــ پور جواني وارو اُٺ.
اَروٽ: بلڪل نئون.
اُڊڪ: مکڻ کي تپائي گِهَه ڪرڻ بعد پڇاڙيءَ واري
سڙيل لَسِي رهي ٿي ان کي اُڊڪ چئجي ٿو. ان ۾ کنڊ
ماکي يا ڳڙ وغيره ملائي کائجي ٿو.
اَروکڙو: بي ڊولو، بدشڪلو ماڻهو، هي لفظ ڪڇي زبان
جو آهي پر کاري جا ماڻهو ڳالهائين.
اَسالت: ساڃاهه، حياءَ.
اُسل: چنڊ جي پهرين تاريخ ۾ چڙهندڙ ويرن کي چئجي
(هي لفظ کاري جا ماڻهو ڳالهائين).
اُلڪو: ڳڻتي، فڪر، کٽڪو.
آلوکرو: چاڳلو (هي ڪڇي زبان جو لفظ آهي پر هتي عام
طرح چاڳلي ٻار لاءِ ڪتب آڻين. پر عورتون وري
اَليکرو چون).
اَساءَ: پٽ تي آڱر يا ڪاٺيءَ سان ليڪا پائي فال
ڪڍڻ.
اَوسانءَ: اُونهي کڏ جيڪا قدرتي طور ٺهي هجي ان کي
اوڀاءَ به چون.
اَوشا اُوشا: (ڏاڍي) ڦرائڻ وقت اَوٺارِ اِهي لفظ
ڳالهائين.
اَوَرڪَ: مينهن جي سنهڙي بوند.
اَورٽ: ننڍڙي ٻار جي اُلٽي.
اَئونٿرو: لُچو ۽ نڀاڳو ٻار.
اَوگِرو: ڪِنو يا بي افعالو (هي لفظ گهڻو ماڃر جا
ماڻهو ڳالهائين).
اُورَ: گهڻيس، ماڻهن جي گهڻائي.
اوٺو: اُهڃاڻ ـــ پارَ.
اَونو: ڳڻتي ـــ فڪر.
اَوٽو: گهر اڳيان ٺهيل ٿَلهو.
اَيُون: ٻڪريون.
اَيٺو: اَڻ ڌوتل ٿانوَ.
اِيلازَ: ڪوڪون. منٿون.
بارَ ڀَرِي: پيٽ واري عورت جيڪا پورن مَهينن سان
هجي.
باهوڙجڻ: ڇتو ٿيئڻ. (خاص ڪري ڪتي ڇتي ٿيڻ لاءِ ڪم
اچي).
بَڊِ: دل ۾ ڪينو يا بُغض رکڻ.
بَسِ: کاري طرف وَسَ کي چون.
بُؤ: مينهن جو پويون ڌڙ مٿي هُجڻ.
بَجِيرِ: وزير، ملاح قوم جي چڱي مڙس کي چون.
بَيُنَا: غيرآباد زمين.
ٻاجَهٽِ: ننڍين ٽنگن وارو ڪاٺ جو صندل ان کي
ٻَجَهٽِ به چون.
ٻٽاڙ: ٻن ڄڻن جي وچ ۾ ٽيون هروڀرو اچي کانجاڻ وجهي
ان کي ٻٽار چون (هي لفظ گهڻو ڪري جاتيءَ طرف
ڳالهائجي).
ٻِڏَ: گاهَه جو هڪ قسم جيڪو بلڪل سنهو ۽ نازڪ ٿئي.
هي گاهه کاري طرف ٿيندو آهي. جاتي جي ساحلي علائقي
طرف هڪ محاورو به مشهور آهي ته ساري ٻِڏَ ڪڍي
ڇڏيندو سانءِ.
ٻوٽارَ: ڦاڙهي جي ٻچن کي چوَن.
ٻونجهَرِ: عورتون ٻارن جي گهڻي گوڙ کي چون.
ٻُوٻَڙِي: گدڙ جي دانهن.
ٻَلَرَ: سُوَرَ جي ٻَچَن کي چون.
ٻُلَ: ڳئون يا مينهن جي ميڙڻ لاءِ پُٺيان ڦوڪ ڏيڻ.
ٻِڪَ: اکِ جي روشنيءَ کي چوَن:
ٻِٽَڻ: هڪ ٻئي سان منافقت ڪرڻ.
ٻِيٽَ: اک جي روشني ۽ خبرَ پوڻ لاءِ به هيءُ لفظ
استعمال ٿئي.
ٻِياڻِ: ٻِه سالو اُٺِ.
ڀاڀڃڻ: ڍُڪي مينهن جي پُڇَ جي پار ۾ بيٺل (اُڀريل)
ننڍيون هڏيون پاڻهي ڀڄي پَون ته اُها مينهن جلد
ويامَندي. ڀا= ڀڃڻ: يا= ٻه ننڍيون هڏيون پُڇ جي
پاڙ واريون. ڀڃڻ= ڀڄي پوڻ. ڀاڳيا ان کي ”ڀاڀڃڻ“
چوَن.
ڀَنڊِ: اٻوجهه.
[1]
ڀُڏَرَ: ڪاني يا پَن جي پکي جي ڊيگهه.
ڀولِي: کاري ماڻهو اڀهو لفظ دُبر لاءِ ڪَتب آڻين.
ڀوڇَ: الزام مڙهڻ يا بُهتان هڻڻ ـــ هي لفظ ڪڇي
زبان جو آهي. جيڪو هاڻي ڀوڇَپَ ٿي استعمال ٿئي ٿو.
ڀَلَ ڪُلهيرو: ڀَل= ڀَلي، ڪُلهيرو= ڪُلهي وارو ـــ
يعني ڀلي عزت وارو، مان وارو.
ڀيڄو: اُها زمين جيڪا صرف چَراگاهه طور ڪم اچي.
ڀَر ڦُوڪَ: ڀَرَ= ڀرجي وڃڻ، ڦوڪ= ڦوڪجي وڃڻ. هي
لفظ عام محاوري ۾ ڪڪرالي طرف اَجائي ڪاوڙ لاءِ
استعمال ڪَنِ.
ڀُڇان: هڪ کي ٻئي مان ڌپ اچڻ ـــ پَرَ هي لفظ هڪ
جو ٻئي تي تپڻ طور به عام طرح استعمال ٿئي.
تانگهو: گهرو ۽ اونهو تار پاڻي.
تَڙِ: کاري جا ٻيڙياتا ڪٿي بيهڻ يا ٽِڪَڻ کي چون.
تِروکَڙو: ٿورڙيءَ روشنيءَ جو ڏيئو.
تَڪِي: تکو ڀڄي وڃڻ، جينءَ عام چوڻي آهي ته فلاڻو
ڌڪ هڻي تُڪي ٿي ويو.
توسلي: آسري ـــ يا ڀروسي.
تَر گهٽي: ويساهَه گهاتي يا دوکو ڪرڻ.
ٿاڻِ: ٿاڻ يا ٿانِ، مال جي وٿاڻ طور ڀاڳيا
ڳالهائين.
ٿُڙِي: ڪنهن کي دوکو ڏيڻ، وعدو ڪري ڦري وڃڻ.
ٿَنڀِ: ڪُوار کي سانجهين ڏيڻ وقت عورتون ڳيت چوڻ
مَهلَ ستن سهاڳڻين مان جيڪا به عورت وِچون مصرعه
کڻي عورتون ان کي ”ٿنڀ“ چون اُڻ مصرعه جو تعلق اُن
ڳيچ سان نه هوندو آهي.
ٿِندو: سَڻڀو پاڻي.
ٿو، ٿو: گذر سفر يا ڪنهن شيءِ جي ڳولا واسطي ڪوشش
ڪرڻ.
ٿيڏَ: ڪاٺ جي ٻونڌي کي گهڙڻ وقت هڪ ٻونڌي کي
ڪارائيءَ جو چَهڪ ڏيئي، واهولي سان ڇلي سڌو ڪرڻ کي
واڍا ”ٿيڏِ“ چون.
ٽائي: کاري جا ملاح ۽ ٻيڙياتا رَڇَ جي ڳنڍ کي چون.
ٽانڪڙ: جاتيءَ جي ساحلي علائقي جا مهاڻا ڪپڙن کي
ٽانڪڙ چون.
ٽَڪائڻ: ٽَپَ ڏيڻ، کاري جا ماڻهو درياءَ ۾ مڇيءَ
جي ٽپ ڏيڻ کي ٽَڪائڻ چون.
ٽِڪُنڊڙي: هڪ ول جو قسم.
ٽِيَريٽِ: اُهو ٿانو جنهن ۾ ڪنڀار مٽي ڳوهين.
ٽانڪَ: انگڙي وانگر سَنهِي ڪاٺيءَ ۾ ٽانيڪل مڇين
جي ڇڳي کي چون.
ٽِنگهڙ: ڪاٺين جي ڀري.
ٽَلِي: پکين جي ٽَلِي جنهن ۾ چار پکي ٿين.
ٺانٺو: ڀڳل ٽول (جيڪا بيڪار ٿي ويئي هجي). ۽ ڍڳا
گاڏيءَ جي وِچَ واري حصي کي ٺانٺو چون.
ٺوٺِ: صفا پَڪل ٻير يا ڏاڍي چيڪي زمين.
ٺوڙي: اسم خاص تعلقي شاهبندر ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو.
ٺُڪڙِي: جهينگن مارڻ جو رَڇ.
ٺڳڙُو: اُهو ماڻهو جيڪيو هٺيلو هجي.
پالائڻ: ٻيڙيءَ کي بيهارڻ.
پاڻُو: درياءَ جا ماڻهو ڊگهي عرصي لاءِ ڪٿي رهن ته
ان کي پاڻُو چون.
پاٿُرو: مهاڻن جي هڪ اوڙڪ.[2]
پُساڻ: درياءَ جا ماڻهو مڇي مارڻ وقت جيڪي ڪپڙا
پائي وڃن تن کي پُساڻ چوَن.
پوٿو: درياءَ جا ماڻهو جنهن ڪپڙي سان ٻيڙي صاف ڪن
اُن صافي کي پوٿو چون.
پَٿِ: پٽيل جي راڄ کي (جيڪو ان جي حصي وارو هجي)
پٿ چون.
پِرِي: کاري جا ملاح پيهي يا پڇنديءَ کي سڏين.
پريو مڙس: وڏي عُمر واري ماڻهوءَ کي چون.
پَريرو: پري يا پَرڀرو ـــ هي لفظ خاص ڪري ماڃر ۾
ڳالهايو وڃي.
پِش: ختم ڪري ڇڏڻ ـــ ماري ڇڏڻ.
پَنگهجڻ: ٻئي تي تپڻ.
پوسَلَ: بارش جي موسم ۾ گپ چڪَ کي چون.
پوٿائي: کٽي برادري ۾ برادريءَ جو سڏ ڏيندڙ کي
چون.
پوٿي: هندن جي نڪاح کي چون.
پُونجي: (جمع پونجي) گڏ ڪيل، ميڙيل رقم کي چون.
جَراڙِ رسم: هي رسم ملاح ماڻهو خاص ڪري شاديءَ جي
وقت هڪ ٿال ۾ مينڌي وجهي گهوٽ کي ملين. اِنهيءَ
رسم کي ”جَراڙ رسم“ چون.
جَر: مڇيءَ جي ميڙاڪي کي خاص ڪري مُهاڻا چون پَرَ
عام طرح گهڻي پاڻيءَ کي چيو وڃي ٿو.
جُواڻِ: کاري جا ماڻهو رات جي پهرين وقت کي جُواڻ
چون.
جُوئَر: ڏاندن جي جوڙي واري پاڃاري.
جُوڻِي: چوري ٿيل شيءَ جو ڏس ڏيندڙ.
جُهڳاءَ: رَڇ جو قسم.
جهوڪ، جهوڪ: مينهن ڦَرائڻ وقت ڀاڳيا پاڏي کي آڻڻ
لاءِ آواز ڏين.
جَهلَ: هڪ ٻوٽيءَ جو قسم جنهن کي مال به کائي ۽
دوا طور به ڪَم اچي.
جِهيرَ: چير ـــ (چوپائي مال کي بيماريءَ وقت ڪَنَ
۾ جهير وجهن).
چانتِ: ڪنهن سان حرڪت ڪرڻ.
چَٽا: سِڙهه ويڙهي ان کي جيڪو ڪچو ٻَنڌ ڏين، کاري
جا ماڻهو ان کي چَٽا چوَن.
چَلِ: مينهن جي وڏي اوهه کي ڀاڳيال چَل چون.
چِکراڻو: ٺڪراڻو ٽول (خاص ڪري ڀڳل) جنهن ۾ ڪنڀار
پاڻي وجهي رکن.
چُورِ: چُهنب دار ڪاٺِي.
چِيوڙو: سُور جو سنهُو چَڪِ.
چِيڪو: رات جو گهر دير سان اچڻ.
ڇاٻَ: ڪَسِي يا واهڻ کي پاڻي هلڪي ڪرڻ لاءِ ڪکن ۽
ڪانن جو ڳنڍو ڏيڻ.
ڇاڙو ڪرڻ: زمين تي پير هڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ.
ڇانڀو: لَئِي جو سنهو ٽارو جنهن کي منهن ۾ ڇُڳو
ٿئي.
ڇِترو: ڦَڙهي جو ننڍڙو تَڏو.
ڇَيَرِي: کٽي ڇُرَ وقت رنگ جي ٿانوَ مٿان ڪاٺين جو
ٺهيل حفاظتي پڙڇ جو ٽُڪرو رکن ان کي چون.
ڇَم: پن يا ڪانيءَ جي ويڪر کي چون.
دِلي واري رَسم: هيءَ رسم ملاح شاديءَ ۾ ڪن، هيءَ
رسم هن طرح ملهائين جو هڪ ڪوري دِليءَ ۾ چانور
وجهي ان کي سينگاري گهوٽ ۽ ڪُنوار مٿان گهوري
درياءَ داخل ڪن.
دوڪَ: ٻه ڏندو اُٺ يا گهوڙو.
دِيندار: پينگهي ۾ ٻار جي مٿان مُنهن رکڻي کي چيو
ويندو آهي.
ڌامائي: ميمڻن ۾ برادريءَ جو سڏ ڏيندڙ کي چيو وڃي.
ڌوڪي: وڏي ڪاٺيءَ جي چيرجڻ کان اڳ چون.
ڌمچَر: اجايو گوڙ، ٻارن جي گوڙ ۽ مستيءَ کي چيو
وڃي ٿو، پَر کاري ۽ ڪڪرالي جا ماڻهو شيدين جي
پُرجوش ناچ کي چون.
ڌُم: پنهنجيءَ لُٽَ ۾ لنگهي وڃڻ، (هي لفظ خاص ڪري
کاري جا ماڻهو اُچارين).
ڌاٻڙا: اُهو ڪاٺ جو ٽُڪرو جنهن تي عورتون ڪپڙا
سٽين ۽ ڌوپ ڪَن.
ڌُڪي: اُها ڪاٺ جي ڳن واري ٿُلهي پَٽِي، جنهن سان
ڪپڙا سَٽِين.
ڌاوڻ: عورت جو کير (هي لفظ ڪڇي ۽ جت به ڳالهائين).
ڏارِ: مُهريءَ جي پٽڙي رڌيل دال.
ڏاچَر: اُهو جانور جيڪو چرڻ ۾ بلڪل سُست هجي.
ڏَنوُ: کاري ۽ جاتيءَ جا ماڻهو جيڪي ڪڇ جي ويجهو
رَهن اُهي جزيري کي ڏَنُو چوَن.
ڏوٿو: کاري جا لنگها ۽ ملاح مرداني عُضوي کي
پنهنجي جوڙيل زبان ۾ چوَن.
ڊاڊِ: ڪڪرالي ۽ اُتان جي ٻين علائقن جا ماڻهو وڏي
سَڏِ ڌَرَڻ کي چوَن.
ڊاماهُه: گاهَه جو قسم.
ڊَبَرَ: گاهَه جو قسم.
ڊَٻَرَ: سُست عورت، جنهن کان ڪم نه پُڄي سگهي.
ڊَڪِ: کاري جا مالح وڏي مڇي مارڻ لاءِ جيڪو رڇ ڪَم
آڻين ان کي ڊَڪ چون. هي ڊيگهه ۾ ويهه، ٻاويهه فوٽ
ٿئي هي رڇ ناتارين ذريعي اُڇلجي.
ڊامَ: داغ ـــ نشان. هي لفظ ماڃر ۾ اڪثر ڳالهائجي.
ڊوڊو: مانيءَ جو ٽُڪر ــــ هي لفظ ماڃر طرف
ڳالهائجي.
ڊيڻُو: متل يا سگهو هلڪو جانور.
ڊيڊو: وڏو پڪل ٻير. ان کي ڊوڊو به چون.
رَجهڻ: رڌجڻ ـــ هي لفظ ماڃر طرف اڪثر ڳالهائجي.
رُپان: ننڍڙي ٻيڙي، جنهن تي چڙهي تڙ کان وڏي
ٻيڙيءَ تائين پهچي.
رُل: اُهو رڇ جيڪو ڏيڍ سئو کان ٻه سئو والن تائين
ٿئي. اهو وڏين مڇين مارڻ لاءِ ڪم اچي.
ريبيون: وڏين مڇين مارڻ لاءِ ڪم ايندڙ رڇ.
ريجالو: چاڳلو ٻار.
سانوَر: کيڙيل زمين کي جنهن سان تَر ڏنو وڃي، ان
کي هِتي سانَور يا سينور چوَن.
سانوڻي: گاهه جو قسم، جو سانوڻ ۾ ٿئي.
سايو: تياري ڪرڻ. هي لفظ عربي زبان جي لفظ ”سعيو“
جي سنڌي صورت آهي عورتون هي ٻِٽِي ”ي“ سان به جلد
اچڻ يا ڪَم ڪرڻ لاءِ سايَيي سان اچ چون.
سَالَ: اُها ڇانهين جيڪا ٻاهران ۽ اندران هئيڊي
هجي.
سَجِي: وڏو ـــ هي لفظ هنن علائقن ۾ اڪثر عورتون
ڳالهائن.
سَپَر پُنون: عورت جي پيٽان پورن مهينن جو مڪمل پر
مُئل ٻار ڄمي اُن کي چون.
سَنڀَرَ: هتي جا ماڻهو درياءَ جي وير جنهن وقت نه
وڌي ۽ نه گهٽجي ۽ هڪ ڪري هجي اُن کي چون.
سَٻيرِي: ڇَني اوطاق جي ٽِه وقتي ماني.
سَرهِيالِ: وڏي عُمر وارو يا چڱو مڙس.
سَنيڊِي: سنگتياڻي ـــ ساهڙي.
سوٻِلو: چڱو ڀلو، بيماريءَ کان پوءِ چاڪ ٿي ويل
ماڻهو لاءِ ڳالهائين ــــ هيءُ لفظ کاري طرف گهڻو
ڳالهائجي.
سُهاڳو: ڪاٺَ جي تَرَ کي چون جيڪو زمين جي سِڌائي
طور ڪم اچي.
سوجَڪي: هي لفظ سوجاڳي جي بگڙيل صورت آهي يعني
سويري ـــ گهڻو ڪري عورتون ڳالهائين.
سُچَر: اُهو جانور جيڪو چرڻ ۾ چُست هجي.
سَمَرو: رڌ بچاءُ لاءِ سِيڌو سامان.
سيڙهو: مال جي چَراگاهَه واري زمين کي چون.
سِيِارِ: جاتيءَ جا ملاح، ٿهيم، ٻُهريا ۽ جت وغيره
گدڙ کي چون.
غِلافَ ڪَڍَڻِ: پارَ ڪڍي درديلي انداز ۾ روئڻ. هي
خاص ڪري عورتون ڳالهائين.
غَشو: ڪنهن کي ٺلهو ڪوڙ هڻي ٽاري ڇڏڻ.
لَتَرو: ڪوڙو الزام مڙهڻ، هي لفظ خاص ڪري ماڃر طرف
ڳالهائجي.
فرَڦُلا: عورت جيڪڏهن ٻار ڄڻي ۽ اُهو يڪدم مري وڃي
يا مُئل ڄڻي ته ٻيو عورتون ان جي فاتح طور جو ڪجهه
ڏين ان کي عورتون ڦَر ڦُلا چون.
ڦڪرِي: مُڱن جي اُها دال جيڪا خُشڪ رڌي وڃي.
ڪانگَ تَڙو: کَري تي ويهاريل چوڪيدار.
ڪانَڍَ ڏيڻ: ماڻهوءَ کي پُٺيان زور ڏيڻ.
ڪَتِرو: رَڇَ جو نالو جيڪو وڏين مڇين مارڻ جو وڏي
۾ وڏو رَڇ جنهن کي چاليهه، پنجاهه ماڻهو ڇڪين.
ڪَئميرو: گپ ۾ پيل ڪِچرو هن کي عورتون ڪُثمرو به
چون.
ڪَڏرِي: ننڍڙي ٻار کي ”بخار بعد ٿيندڙ پَگهر“ هي
لفظ ڪڇي زبان ۾ به ڳالهائجي ۽ خاص ڪري کاري جون
عورتون ڳالهائين.
ڪُسانجو: عورت جو ڪچو ٻار ڪري پوڻ. ان کي ڪُهائي
به چون.
ڪَسرَت: ورزش يا طاقت، پَرَ کاري طرف هي لفظ اڪثر
ڪمال جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
ڪُرڇَٽَ: پاڻي نه هئڻ جي صورت ۾ هاري سُڪي زمين کي
کيڙي ان ۾ ٻج ڇٽين ان کي ڪُرڇٽ چوَن.
ڪَنگورِ: جاتي طرف سُرَ کي چون.
ڪَنگِ: پکيءَ جو نالو.
ڪَنگِ: مڇيءَ جو نالو جيڪا کاري ۾ ٿئي.
ڪَنگو: مڇيءَ جو نالو جيڪا کاري طرف ٿئي.
ڪونٽِ: ماڻهو يا ڍڳيءَ جي ڪِياڙي.
کارِ: لاڻي جي ٻوٽي کي ٽهڪائي اُن مان کار ٺاهين
جيڪا ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪَم اچي.
کُپَ: ٻوٽِيءَ جو قسم.
کُورا: گوڙ ڪرڻ. هي لفظ اڪثر کارائي ماڻهو
ڳالهائين.
کُونچرو: ڏِنگي ماڻهوءَ کي چون.
کُنچلڙو: سُڪي ننڍو ٿي وڃڻ.
کِجَڻِ: هيءُ لفظ هتي ٻن معنائن ۾ استعمال ٿئي، هڪ
ڀانئڻ. جينءَ چون فلاڻو ـــ فلاڻي کي کجي ٿو. ۽ ٻي
معنيٰ آهي سُڪي وڃڻ. جينءَ ٻوڙ لاسَ کِجي ويئي.
کوڙ: کَٽي ڪپڙي ڇُرڻ وقت هڪ بي رنگو محلول تيار
ڪن. جنهن ۾ ڦُٽڪي، کنئور، مِيٽوري ۽ پاڻي ملائين
پوءِ ان کي ڇُريل ڪپڙي جي رنگ کي پَڪو ڪرڻ لاءِ
ليپ ڪَن ان ليپ ڪرڻ کي ”کوڙ“ چون جينءَ شاهه صاحب
به پنهنجي ڪلام ۾ اهو لفظ هن طرح آندو آهي ”جا پَر
کٽيءَ کوڙ، سا پَر سورن مون سين ٿئي“ (شاهه).
کَئوُ: ڇِرڪ ڀرڻ يا ڇرڪ ڏيارڻ يا ٽاهَه ڏيارڻ. هي
اڪثر مال جي ڊپ لاءِ ڪم اچي.
کِيرول: وَل جو قسم.
کيروڻ: وڻ جو قسم.
گاراءُ: ملاح ۽ لنگها (خاص ڪري کاري ۽ ڪڪرالي جا
رهاڪو) هي لفظ مرداني عُضوي لاءِ ڪَم آڻين.
گذَا: (غذا) عادت، هيءُ لفظ کاري ۽ ڪڪرالي طرف هڪ
جهڙو ڳالهائجي.
گُرِي: ڳريو ـــ هي لفظ ماڃر جا ماڻهو ڳالهائين ۽
ڳرئي يا مُرئي کي چون.
ڳُڙيت ٿي وڃڻ: يعني اوچتو رنگ بدلائي وڃڻ، هي لفظ
بلوچ ۽ سنڌي سڀ اُچارين.
گُڙٻَ: عام طرح ان کي گُڙٻي به چون. هاري ماڻهو ڇا
ڪندا آهن جو زمين کي پهريائين هر ڏيئي پاڻي ڇڏي
ڏين. جڏهن زمين ٺَرِي وڃي پوءِ اُهو پاڻي ڇنڊي
ٻيهر پاڻي ڏئي ان ۾ ٻج ڇٽين اُنهي ڦُٽيل پوک کي
گُڙٻَ چون. هيءُ خاص سارين جي پوک لاءِ ڪَن.
گزِي هئڻ: ڪنهن سان ڪوڙ هڻڻ.
گوش پُورندِي: اُها مينهن جنهن جا ڪُنڊا سِڱ پويان
وريل هُنجن.
گوبِي: ڪڪرالي ۽ کاري جا لنگها ۽ ملاح دُبر لاءِ
هي لفظ ڪَم آڻين.
گِيسو: پَٽَ تي ويهي ميدان ٻُهارڻ. عورتون ان کي
گيسو ڪار به چون.
ڳانڀَ: ننڍڙي ٻار جو هڪ ساهي روئڻ.
ڳاهَه: مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڪلونءَ ۾ چارو وِجهڻ.
ڳارڙو: ڪانگ لنوَڻَ جي آواز کي چون.
ڳڀُور: جت، ملاح ۽ کاري جا ماڻهو ننڍڙي ٻارکي چون.
ڳنُون: بند يا ٻَني جو پاسو، يا ڪمند جي لٺ.
ڳونِ: ڌيان ڏيڻ. توجهه ڏيڻ.
ڳهلو: موڳو، سُست يا بيوقوف.
لانئيرو: ڳاڙهي رنگ جي گندي، جيڪا خاص ڪري کٽِ
ڪُنوار کي لانئون ڏيڻ وقت اوڍائين.
لِچَڻ: گاهه جو قسم جو کاري طرف ٿئي.
لَڙِهِه: کٽي ڇُرڻ وقت رنگ جي ٿانوَ مٿان جيڪا ڳوڻ
يا پُراڻي ڪپڙي جو ٽُڪري ڍڪڻ لاءِ رکن اُن کي
پنهنجي فنِي زبان ۾ ”لَڙِهه“ چون.
لِڱُ: بَدن، هي لفظ ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري طرف عام
آهي.
لکَ: ملاح ۽ درياءَ جا ماڻهو مڇي ڏسڻ کي لَکَ چون.
لُلَرِ: گاهَه جو قسم.
لَڙهيو: پَن جو ننڍو پڙڇ.
مڙهو: جَهنگل وارو علائقو، هي لفظ خاص ڪري ماڃر،
ڪڪرالي ۽ کاري طرف ڳالهائجي.
مَوارِ: ٿُلهو پَهرو.
مورو: سُست ۽ ڦڪي طعام کي چون.
موٿِ: مال جو لوڙهو، کاري طرف موٿ هڪ گاهه جو به
قسم آهي، پر عام طرح بيوقوف ماڻهو کي به چون.
مُهڄَڻِ: بي متو، بي وقوف.
مَڌورِي: مٿي جي چڪر يا ڦيريءَ لاءِ ڪم اچي، خاص
ماڃر طرف ڳالهائجي.
مُٽو: ٿُلهي ماني. هيءُ لفظ ماڃر کان کاري تائين
ڳالهائجي پَر کاري جا ماڻهو وري اکرن جي مجموعي کي
به مُٽو چون.
مَڏارِ: ٿڌ لڳڻِ يا زُڪام ٿيڻ.
مَدِي: دل ۾ ميرائي رکڻ.
مورِ: پوٺي واري زمين، کاري وارا چون.
مُنڊيلَ: هڪ ٻوٽي جو قسم جو اِنهن علائقن ۾ ٿئي.
مِيٽَ: اک جي روشني.
نِراسَ: بغير انگن جي لَسِي ڪاٺِي.
نِرجو: ڏاڍو پاپڪو، جينءَ چون فلاڻو نَڪَ نرجو
آهي. هي لفظ ”نِرڄو“ به ڳالهائجي.
نَپِٽ: صَفا، بِنَهه، ماڳهين.
نِسيو: سَردِيءَ جي موسم ۽ جيڪڏهن ڏينهن ٿورو گرم
ٿي وڃي ته ان کي نِسيو چون. هيءُ لفظ ڪڪرالي ۽
کاري جون عورتون گهڻو استعمال ڪن.
نَمتاَ: مَڃڻ يا جُهڪڻ، هي لفظ خاص ڪري ڪڪرالي ۽
کاري جون عورتون ڪَتب آڻين.
نِورو: واندو ـــ هي لفظ اصل ڪڇي زبان جو آهي پَر
ڪڪرالي جا رهاڪو به اُچارين.
نيرو: پاڻيءَ جي ننڍي ڪسي.
واهَندو: ننڍي ڪَسِي.
وانڪِي: اباڻي ملڪيت.
وانَرو: مَسخرو ـــ خوش طَبعَ.
وڏوڙڻ: رُسڻ، ڪاوڙجي وڃڻ.
وَرِ: کٽ واڻيندڙ ڀينڊي ٻَڌندي جيڪو ڌاڳو وارين
اُن جي وَٽَ کي وَر چوَن.
وَڙِ: شانِ عزت، مان، خاص ڪري عورتون گهڻو استعمال
ڪن.
وِرَانڊَ: پونڃاڙي وِچينءَ ويل جيڪو هلڪي قسم جو
کاڌو پيتو ٿئي ان کي ڪڪرالي ۽ کاري جا ماڻهو ورانڊ
چون.
وِسلَڻُو: ڪنهن ٻَنيءَ جو ان اهڙو ٿيندو آهي جو ان
جو اٽو پچائڻ ۾ نه ايندو آهي ۽ هٿن مان ڪري پوندو
آهي ۽ عورتون ان کي بي ڀوڳو چون. هيءُ لفظ ڳاڙهن
چانورن جي اٽي لاءِ ڪتب اچي.
ويڇاڙ: گهڻي ڇاڙي ۽ ڪاوڙ واري عورت.
وينگسَ: چوڏهن ورهن جي ڇوڪري، هي لفظ خاص ماڃر جو
آهي.
هَالِي: اُها مينهن جنهن جا سِڱ اُبتا وَريل هجن
اِهڙي مينهن کي ڀاڳيا نڀاڳي سَمجهن ٿا. ان لاءِ هڪ
پهاڪو به مشهور آهي ”هالِي پڙَپالي“.
هاسيڪار: خاص طرح ڪنهن وٽ هلي وڃي ڳالهه ڪرڻ، ڪمَ
چون.
هرڻ لاڻي: هڪ وَل جو قسم، جا جاتيءَ جي ساحلي
علائقي ۾ ٿئي.
هرکِجي پوڻ: دِل مٺي ڪرڻ يا اَڪن ڇَڪن ٿيئڻ.
هَوَرَ: ڪوڙ هڻن، هي خاص عورتون ڳالهائين.
هوڙا: کاري مڇي مارڻ وڃن ته چون: هوڙا پهري ويا
آهن.
ٻٽا لفظ: ٻٽا لفظ جن کي لُغت جي اصطلاح ۾ ”لفظِ
اضافي“ به چئبو آهي. اهي گهڻو ڪري هم وزن هوندا
آهن. انهن مان ڪيترائي لفظ هم معنيٰ ۽ بامعنيٰ به
ملن ٿا. ليڪن ڪي لفظ اهڙا به مليا آهن، جيڪي بي
معنيٰ آهن. صرف لِساني صوتيات ۾ دورانِ گفتگو جملي
جي نِڀاءَ طور ڪم اچن ٿا. اهي لفظ اچارڻ سان نه
صرف جملي ۾ سُهڻائي ۽ جاذبيت پيدا ٿئي ٿي، بلَڪِ
هڪ نغمگيءَ جو تاثر پڻ ملي ٿو.
هي لفظ ماڃر، ڪڪرالي، جاتي ۽ کاري جي علائقن ۾
مروج آهن هنن لفظن ۾ انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ جا
لفظ به اچي وڃن ٿا، جن جو ٻٽو لفظ سنڌي لَهجي ۾
ملي ٿو:
آنا ـــ فانا
اَنت ـــ شمار
آڪڙ ـــ ساڪڙ اَغير ـــ
وَغير
آٿر ـــ پاٿر انت
ـــ اپار
اڀرو ـــ سَڀرو ايرو
ـــ غيرو (خيرو)
اَگر ـــ مَگر اَلهو
ـــ تَلهو
ارهيال ـــ سَرهيال اچو ـــ
پِچو
بلو ـــ ڀيڻي بيڪار
ـــ سيڪار
برسات ـــ بَڙِي بُکيو
ـــ اُگهاڙو
بَگهڙ ـــ ٻِگهڙ اُٿل ـــ
پُٿل
اُڌي ـــ ساماڻي ٻڪ ـــ
ٻڪ
اڇو ـــ اُجرو اگهه
ـــ پار
ٻُر ـــ ٻُر اُم
ـــ ڌُم
اوڀَر ـــ سوڀَر ٻَکِ
ـــ ٻکان
آس ـــ نِراس اُڻِ ـــ
تُڻِ
ٻوکي ـــ سوکي آب ـــ
پاڻي
اَنگِ ـــ
ٻَنگِ ٻيڙِي
ـــ ٻاٽي
آب ـــ
ڌاڻو
اُٺ ـــ ٻُٺِ
ٻَرن ـــ ٻڙهڪن آزي ـــ
نيرازي
اُڪو ـــ ڌُڪو
ڀلو ـــ ٺَلهو
آجو ـــ
تاجو
ايلاچي ـــ ٻيلاچي
ڀور ـــ ڀُڪو
آڪرو ـــ ماٺو
اوهي ـــ واهي ڀَڄِ ـــ
پُڄَ
آڇي ـــ پاڇي
اَڪن ـــ ڇَڪَن
ڀور ـــ
ڀور
اُبت ـــ سُبت
اُوري ـــ پوري ڀاءُ
ـــ برادِر
اٽو ـــ
ڀتو
اُرِي ـــ پُري
ڀَڳتِ ـــ سَڱتِ اَکر ـــ
ٻَکر
اِڙا ـــ
پيڙها
ڀانئڻ ـــ چِتائڻ
اوڙي ـــ ڌوڙي بالا ـــ
بالا
ڀَڙِ ـــ
ڀَڙِ
اِچي ـــ پِچي
بَد ـــ
شَدِ
تالا ـــ تاڪَ
اَجهو ـــ
اولو بيگهر
ـــ سيگهر
تَبر ـــ
ترار
تِر ـــ ٻِرِ (وِر)
پاڊَ ـــ
ٻاڊَ
جور ـــ جَبَرِ
نڙ ـــ
ڀيڙ
پئسو ـــ پَنجَڙَ (ڏوڪَڙ)
جُتِي ـــ
ٻُتي
تَرِ ـــ تروکڙيون
پَٽِ ـــ
ڇَٽِ
ڄَرِ ـــ باهَه (کام)
پوري ـــ سُوري ڄاڻِ ـــ
ٻاڻِ
تَڪِ ـــ تَڪان
پُٺ ـــ مُٺِ
ڄيرا ـــ ڄڱرا
ٿُڪ ـــ ٿُڪان
پَٿر ـــ
پتر
ٿنڀ ـــ ٿوڻي
پرچاءُ ـــ سَرچاءُ ڄٽ
ـــ ڄاموٽ
ٿِڙَن ـــ ٿَڙڪَن ڄَرَ
ـــ ٻَرَ
ڄيرو ـــ ڄَمرو (شيرو) پوش ـــ پوشان
ٿَر ـــ ٿاڪَ
پَروِڻيُون ـــ سَروڻيُون جَهٽِ ـــ
جَهٽان
ٽارو ـــ
ٻُهارو پَلِ
ـــ کَنِ
جَهلِ ـــ
پُڄَ
ٽِرِ ـــ ٽيڪَڙَ
جُهنگِ ـــ ٻنگ
پَچي ـــ پُڄري
ٽِرِ ـــ
ٽَران
جَاهَه ـــ جَلال
جَهڻ ـــ
ٻَڻِ
ٽيڪڙ ـــ سيڪَڙ
جاڙ ـــ جَفائون چٽو
ـــ مِٺو
ٽِلي ـــ ٽَسري
جائي ـــ جُواري
چور ـــ چاڪي ٺا ـــ
ٺا
جُٺ ـــ
ڪِٿِ
چنگ ـــ چڙو
ٺاشا ـــ
ماشا
جُٺ ـــ پُٺِ
چَکِ ـــ مک
ٺِڪر ـــ ٺُولو (ٺُولا)
جَلد ـــ
مرد
چَڪِ ـــ واتِ
ٺِڪِ ـــ
ٺُڪِ
جَل ـــ ٿَلِ
چِيري ـــ مِيرِي ٺُڪِ
ـــ ٺڪِ
جڳِ ـــ
مَڳِ
چهڪِ ـــ چِيرِ
پاڻهي ـــ ڄاڻي جُڙِ ـــ
ڦُڙ
ڇَٽِ ـــ
پَٽ
پات ـــ باتِ
جوش ـــ خَروشَ ڇِڊو ـــ
پاٺو (پاڊو)
پئسو ـــ پائي
جَؤُ ـــ ٻَئُو
ڇيڙ ـــ
پَڇيڙِ ڇڏپَ
ـــ ڇُڏپَ
ڌانڪَ ـــ ڌُونَڪَ ذَرِ
ـــ ذَرِ
ڇِنَ ـــ
کُوندَ
ڌارون ـــ درمل
راڄ ـــ ڀاڳ (ڪُڙَم) ڇَپَرَ
ـــ ڇَمَرَ
ڌڙا ـــ
ڌَڙ
راڻو ـــ ڪاڻو
ڇوڪرا ـــ ڇَنڀڙَ ڌوڙ ـــ
فساد
رَٻَ ـــ
پاڻي
ڇَٽَ ـــ ڇُڳيرَ
ڌَنگِ ـــ ٻَنگِ
ريلَ ـــ پيلَ
ڇڪَ ـــ
پَٽَ
ڌوچي ـــ پوچي
رڙهي ـــ سِڙهي حيا ـــ حقيقت
ڌَڪِ ـــ
ڌَڪِ
رت ـــ سَتِ
حياتي ـــ مماتي
ڌوپ ـــ شوپ
رُڪِ ـــ ٻُڪِ
حق ـــ حقوق
ڏيٺِ ـــ ويٺِ
رِڍَ ـــ
ٻڍ
خصي ـــ رسي
ڏڏو ـــ
ڏکرَ
رزق ـــ روزي
خَير ـــ
ٻَيرِ
ڏک ـــ ڏانگر
ريت ـــ ڪُرِيتِ خالي
ـــ خُوبي
ڏيڍو ـــ سوايو ريٻ ـــ
فريب
خوش ـــ پوش ڏونگهو ـــ
ٻُونگهو
رُونءَ ـــ رُونءَ
دانا ـــ بينا
ڊاڊِ ـــ
ٻاڊِ
زورا ـــ زوري
زالَ ـــ زَٽِي (ٻال) دَڙَ
ـــ داڦَ
ڊانوان ـــ ڊولِ زورا
ـــ زوري
ڊنُو ـــ
ڊَپِ
زرِ ـــ ٻور
ڌڙِ ـــ دَڙِ
دنگ ـــ دِليرَ
ڊنڍرو ـــ ٻنڍورو زيوَر ـــ زَٽو
ديد ـــ
شَرم
ڊونگ ـــ بونگ
زورِ ـــ
ظُلم دير ـــ
اوير (بدير)
ڊٻَ ـــ
ڊَڙي
زور ـــ زَبر
ديوار ـــ ٻيوار ڍانڍي
ـــ ٻانڍي
ساگهرَ ـــ ٽاگهر داعي
ـــ مدُعي
ڍينڍَ ـــ
ٻينڍِ
سانگهيئڙو ـــ سانبئيڙو
ديرِ ـــ
خيرِ
ڍنگ ـــ اڍنگ
سُر ـــ
ٻر
سيڻ ـــ سَڄڻَ
طائي ـــ عطائي ڪارو ـــ
ڪَارَ
سڌو ـــ
ٻڌو
طوطا ـــ مِينا
ڪارِ ـــ
بارِ
سَکر ـــ مَٺو
سَڏِ ـــ
ماڏِ
طيب ـــ طَڙو
ڪَشَم ـــ ڪَشان ڪامي ـــ
ڪُڙمي (عاسي)
سَنڌو ـــ سيڙهو طَعنُو
ـــ (ميهڻو تُتڪو)
طيب ـــ طاهر ڪُڇَ ـــ
پُڇَ
سودو ـــ سَلَف طُهر
ـــ ٻُهرَ
ڪُٽڻ ـــ ڪوٽار سُهمَن
ـــ صَدمَن
طرو ـــ ٻُرو (مُرو) ڪوڙ
ـــ فتويٰ
سِيرَ ـــ
بِگير ظنِ ـــ
گُمان
ڪُڪَڙ ـــ ڌُڪڙ سَتِ ـــ
سِيلَ
ظلمِي ـــ ٻلمِي ڪِيسَ
ـــ قَهرَ
سوز ـــ گُداز (فراق) عالي ـــ موالي
کِنڊ ـــ
وِندِ
شاهَدِ ـــ گواُئِدِ (ٻائِدِ)
عَلتَ ـــ
ٻلتَ کامَ ـــ
پَچَ
شال ـــ
ٻال
عُمر ـــ ٻُمر
کيرَ ـــ پَنيرَ (پُٽ) شامَ
ـــ ٻامَ
غنِيم ـــ شنِيم کَڙِ ـــ
کَڙِ
شاني ـــ شريڪ فترو ـــ
ٻِترو
کيٽو ـــ ٻيٽو
شيءَ ـــ شيگل
فَڪَر ـــ
فاقو گابو ـــ
گُجو
شرو ـــ فساد (ٻَرو) ڦڪيون
ـــ ٻڪيون
گُرز ـــ
گُليل شير
ـــ شڪر
ڦوندا ـــ ڦُوندا گرَو
ـــ گنجو
شِدُو ـــ
مَدو
قوت ـــ قرار
گوهيون ـــ گُهتون صلاحَ
ـــ صُولي
قصر ـــ ڪوٽ گوٿ ـــ ناٿ
صَدَق ـــ سَڙِي قوص ـــ
قزح
گُونگا ـــ ٻُونگا ضروري
ـــ ٻروري
قضا ـــ قدرت
گولي ـــ ٻولي
ضرورت ـــ زَڙِي قِيلَ ـــ مَقالَ
گِيم ـــ
گڙدِ
ڳڀَ ـــ ڳان
مَرِي ـــ ڳرِي (کَپِي) لُوڻِ
ـــ پاڻي
ڳاهَه ـــ
ماهَه
ماما ـــ چاچا
هَٺِ ـــ
بَٺِ
ڳاهو ـــ ميهو
مَتِ ـــ ٻَت
(ڀيدِ) هيڪ ـــ
هيڪوڻي
ڳُجهه ـــ ڳوهه
مَنجهه ـــ ٻاهَر
هَورَ ـــ
دَوَرَ
ڳمَ ـــ ڳنڊير
مُنجهَه ـــ
سُنجهَه هوڏَ ـــ
هام
ڳڀرُو ـــ ڳوڌو مَسِ
ـــ ٻَسِ
هنگامو ـــ هَور ڳڻ ـــ
ڳوت
مهمان ـــ مُئي هَرين
ـــ هرين
ڳون ـــ ڌيان
ميلا ـــ مَيل
هَلا ـــ
ڀلا
گهُٽو ـــ مَروُٽو
واڌَ ـــ
ويجهَه ياد
ـــ باد
گهوڙا ـــ ويڪَ وِڙهي
ـــ جهڙي (سڙهي)
ياوَر ـــ
ناصَر گِهيَه
ـــ پِيههَ
وَڌ ـــ
وِراهَه
ياس ـــ نِراس
نَٽِ ـــ کَٽِ (شَٽِ) وَس
ـــ پُس
يَٽِ ـــ
شَٽِ
يَخِ ـــ يَخِ
نَڪَ ـــ
نيڻ
وندر ـــ ورونهنَ (سِندَر)
نُور ـــ
بَشر
وُوءِ ـــ ووءِ
ناڙان ـــ پاڙان
ويهانءُ ـــ واڌاڻو
نَگرَ ـــ نگرَ
لاءُ ـــ لَشڪَر
نَنگ ـــ دَڙنگِ لانءُ
ـــ ٻانءُ
مال ـــ
مايا
لاري ـــ موٽر
ماڪَ ـــ ساٽ (ٻاڪ) لَٽو ـــ اوڇڻ
(لِيڙو)
مايا ـــ ڇايا
لُر
ـــ لُر
ماپَ ـــ ساپَ
لوڇَ ـــ کامَ
مَردِ ـــ
مَٿيرِ
لئُون ـــ لَئُون
بگڙيل لفظ: بگڙيل لفظن مان مُراد اُهي لفظ آهن
جيڪي عام صوتيات ۾ مختلف لهجن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا.
انهن ۾ سڌي کان سواءِ عربي، فارسي جا الفاظ شامل
آهن. جيڪي خاص ڪري ٻهراڙي طرف ماڃر، جاتي، ڪڪرالي
۽ کاري جي مَلاحن ۽ ٻين قومن ۾ رائج آهن:
غلط
صحيح غلط صحيح
اَمون (آمَد) احمد اِڙد گِڙد
ارد ـــ گرد
اڳاٺِ (اٺاڳ) اڳٺ اسون
افسوس
اَڪيلو َڪيلو اسمالِ
اسماعيل
آسمان آسمَان اساس احساس
آزام انجام اساڪِ
اسحاق
آزموتو (آزمدُو) اَزمودو
اَٿِ هَٿِ
آڊر آرڊر اَشڪُولَ
اِسڪُولِ
اَکِرَ آخر
اِشِڪَ
عشِق آڦٿِ
آفت
انزامِ
الزام
ابابَتَ
عبادت اوندائِي انڌاهي
اِتبار اعتبار
اَگِوا اغوا
اتراز اعتراض
انگريچ انگريز
اَتَر عِطر اِهيو
(ايو) اِهو
اَڙي اڙي
اِکبار اخبار
ايٺِ هيٺِ
ٻاڪارَ ٻَهڪارَ
اوڙي اُهڙي
باتالِ ٻائيتال
اَڻ واکوبِ اڻ واقف
ٻانُو ٻانهون
اَڇَراڦ اشراف ٻَگينِ
ٻَگهيئَن
اِڪراڙ اقرار
ٻوڙهو ٻوڙو
ايِلاز علاج پاڇا
(پاشا) بادشاهَه
باڪين باقي ڀارَ
ڀائِر
بانو بهانُو ڀَرخَط بَرڪتَ
باڄائي ڀاڄائي
ڀاگيچو باغيچو
بابي ڀاڀي ڀريمِ
(ڀرو) ابراهيم
بتليو بَدليو
ڀينش بَحث
بَلي ڀَلي ڀشڪُوٽ بسڪوٽ
بيٿِ بيت
تاگِيدُ (تاگيدو) تاڪيد
بذير ـــ بجير
وزير تائيٿ (نائٿ) تعويذ
بُکار بُخار
تازيڀ تهذيب
بَشڪِ
بخش تاريکَ تاريخ
بَرِ
بهرِ تپاشا پتاشا
بُگدِ
بُغض تُرابِيُون تراويحُون
بنياتِ (بُنيات)
بُنياد تراهَه طَرَح
بيانُو
بيعانُو تڪريڙ تقرير
ٻار ٻاهر
توسِيلِ تفصيل
تکتِ تخت
ثابوتِ ثابتي
تيِنيان تنهن ڏينهان
ثابيتِ ثابت
ٿاڪو ٿِڪو
ثبابِ ثوابِ
ٿانِڪو ٿانيڪو
پانَور پاوَرِ
ٿلو ٿلهو
پاهِڪا پهاڪا
ٿوڪو ٿُڪو
پانواري پاڻ واري
ٿهيلو
ٿيلو پانجا پنهنجا
ٽانٽِ
ٽاٽِ پان مان
پاڻ مان
ٽانرو
ٽارو پاڪوڙا پڪوڙا
ٽاڪو ٽانڪو
پوتَل پهتلَ
ٽاڊو
ٽانڊو پوچِي پَهچي
ٽارَنچ
ٽارچ پشِ پُڇِ
ٽور ٽنٽُورِ
پونياڙي پونڃاڙي
ٽونٽي ٽوٽِي
پغار پگهار
ٽقابي
ٽقاويي پُوندِي پوندي
ٺاراڻُوُن ٺهراڻُو
پونڊِر پائوڊر
ٺارايو
ٺهرايو پُوهَر پونئيرَ
ٺائوڪو
ٺاهوڪو پيٽُولِ پيٽرولِ
ٺارائيندا
ٺهرائيندا جاج (جُهاز يا جُواز) جَهازِ
ٺايَل
ٺاهيل جاڳاءِ جَڳهَه
ٺوڪارائيندا ٺوڪرائي ڏيندا
جانَه يا تَه
جاڦر
جعفر جنگَ ڄنگهه
جاڪبِ (ياقوب)
يعقوب
ڄرَهَه ڄَر
جِٿِ
جتِ جهوڳي جوڳي
جَڙدِ جَلدَ
جهٽِ ڄَٽِ
جوسِ
جوش جهاتي جاتي (شهر)
جَبابِ
جواب جهکِي جَکِي
جياستي زيادتي
جهرَڪو ڄرڪو
جڪَا
يڪا چاوَرِ چانور
جُوسَبِ (جوسو
يوسف
چڪِهِه
چَڪِ
يا يوسڀ) چؤگِڙدِ
چوگرد
جِرڪي جِهرڪي
چؤنِڪ چوڪِ
جَيڙو
جَهڙو چوري چئونري
جِيارت
زيارت ڇَهِڪِ ڇِڪِ
جينَتَ زينت
ڇاٽي ڇانٽي
جينَب زينب ڇالا
ڇالاءِ
جَنجِيرَ
زنجير ڇيلَ شيلَ
جَنجِيرو
جزيرو حالِيتَ
حالتَ
ڄاتو ڄائو
حيريان حَيرانِ
ڄاڀو
ڄانڀو حيريتَ
حَيرَتَ
ڄَهارِي
ڄاري حِيدرِيابادِ
حيدرآباد
ڄرَهُڪو
ڄَرڪو خَيرياتَ (کيريات)
خيرات
خوڇامِد
خوشامند روجي روزي
خوڇ
خوش رُکِ
رُخ
خميس (کميس)
خميص
ريمان رحيمان
دُوڦانِ
طُوفانِ رهندَلِ رهندڙ
ديوالَ
ديوار ريمت رَحمتَ
دَرکاشِت (کاش)
درخواست رواز رواج
دوکاڻِ
دوڪان رئو رهو
دينا داشتي دينا
داستي رَمڌاڻ رمضان
درڳاهه درگاهه
ريجو ريزو
دوئي ــ مُدوئي داعي، مُدعي رڪارٽ
(رڪاٽ)
رڪارڊ
داڳِ داغ
رُشڪَتَ رُشوَتَ
(هي لفظ ٻور جي داڳ ۽ ٽڪي زارِيتَ
زيارَتَ
يا نشان لاءِ به ڪتب اچي)
زئڦان
زائفان
ڏاگدر (ڏاگدار) ڊاڪٽر
زابدو ضابطو
ڏِينج
ڏِجِ زتيم يتيم
ڏنئور ڏور (بيت)
زناوَرِ جانور
ڏان
ڏانهن زِگري ڊِڪري
ڊامون ڊرامو
زروڙِي ضروري
ڊاما ڊول ڊاوان ڊول
زَبرو جَبَرو
ڊاکون ڊاڪو
زئيڦ ضعيف
ڊِليوَرِ (ڊِيوَر)
ڊرائيوَر زقين يقين
سَڦا صَفا
شوهَرِ شهر
ساڳيو (ساڳوڻو) ساڳيو
ڦاتا فاتَحَ
سيوَل سِوَلِ
ڦشادِ فَسادِ
سَهي صحيحَ
ڦنسلو فيصلو
سُمارِ سُومار
ڦجرَ فجر
سونتِ سَنوَتِ
ڦقير فقير
سَکي (شکِي)
سخي ڦُل فُل
سنتِ سَندَ
ڦوليس پوليس
سِنگريٽ سگريٽ
ڦيرنگ فائرنگ
سوٺو
سُٺو ڦرار فرار
سياسَتِي
سياسِي ڦقر فِڪَر
سنديون صديون
ڦارم
فارم
شاني
ثاني ڦُولاڌِ فولاد
شابَشِ
شابَس ڦوٽو فوٽو
شراڦتَ شرافت ڦرماش
(ڦرماڇ) فرمائش
شلوار
سلوار قامِ قائم
شُکرَ
شُڪرَ قَدِمي قديمي
شناکتي شناختي
قيامَ قيامت
شيزادو شهزادو
ڪارائو ڪارائتو
شونق شوق
ڪاميا ڪامياب
شرافِ شراب
ڪاڳر (ڪاگس) ڪاغذ
ڪارَنڊ ڪارڊ
گِيبَتِ غيبت
ڪارونڀاور ڪاروبار
گور غور
ڪاهچاري ڪچهري
گفا غُفا
ڪراڻو ڪرائڻو
گيراڪِ گراهڪ
ڪوڦي ڪوفي
گُلام غلام
ڪيسول ڪئپسول گيريَتَ
غيرت
کار خارِ
گيلياسِ گلاس
کَبر خبر گُئونري
(ٽيبليٽ گوري
کُٿاڀي خُطابي گنيمِت
غنيمت
کَنا ڪَنَا گوماٽجي
گهوماٽجي
کُشِ خوش گُڻو گهڻو
کڦتِ خَفتِ گال ڳالهه
کَشَٽَ (ڪَشَٽِ) خشٽِ ڳاڙو ڳاڙهو
کَراڀو خرابو ڳراٺِي
ڳراٺڙِي
کوام کا خواه مخواهه ڳونَهه ڳئُون
کانو کراب خانو خراب ڳنندو ڳِنهندو
کُواجو خواجو ڳيتَ گيتَ
کُٿاپ خطاب گهوتا غوطا
کڦڻِ ڪفنِ گهمساڻِ
گمسان
گرزِ غرض گَهپرو
ڳڀرو
گيبِ غائب لائِڪ
لائق
لانتَ لعنَتَ مزمان
(مجِمان) مهمان
لوڦر لوفر
مَدَتَ مَدَدَ
لَوَز (لڦَس) لفظ
ماذورِ معذور
لمنبرَ نمبر مهٿاج
محتاج
مامون (مامَد) محمد مسلمين مسلمان
ماشُوم معصوم مورکِڻي مُنهن
رکڻي
ماٺي ماٺ ڪَر
منستَ
مَسَندَ
ماشو ماسو مقادو مقاطعو
مَهجوُدِ موجود مودو موضوع
مالِ (محل) َهَلَ مَهاري مارِي
مَکتَبِ مَڪتبِ مُرڪندلو مُرڪندڙ
مَلاکِ ملائِڪ ماڻو (ماڙو)
ماڻهو
مَسِيتِ مسجد ناٽنگ ناٽَڪِ
مُساڦ مصحف نالتِ
لعنت
مَراتو مرحيات
ناڪِ ناحق
مولبي مولوي
ناموش ناموس
مولينُو مولانا
نوِي نبي
مَسلَتَ مصلحت نَشِڪو
نقشو
مِلٽِ مينٽ
نشاشتو نشاستو
مُرسيدِ مرشد
نُشڪانِ نُقصان
مَشڪَرِي مسخري لَکتو
نِڪتو
نِيٿ نيت
وِرَا وراَهه
واکوب واقف هاڇو
(هاشو) هاشَمِ
وازبي واجبي هاجي حاجي
وارنڊ وارنٽِ هيکلو
هيڪلو
واڻ واهڻِ هٽتال
هڙتال
وَکتِ وقت هران
ڀران هروڀرو
وَجُو وضو
يکِي يخي
وگيرو وغيره
يارلي يارعلي
ويئي ويهي
يوسڀ يوسف
ــــــــــ
|