سيڪشن؛ (لسانيات)

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :5

باب پنجون

 

ماڃر جي ٻولي

ماڃرڪو لهجو تقريباً ٽن تعلقن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، جن ۾ تعلقي ميرپور بٺوري جو اُلهنديون ڀاڱون، سجاول پورو ۽ جاتيءَ جو اُتريون حصو يعني اولهه کان اوڀر وارو سمورو حصو اچي وڃي ٿو.

متبادل اکر: ماڃر جا ماڻهو پنهنجي گفتگو دوران ”پ“ ۽ ”ڀ“ جي جاءِ تي ”ب“ اُچارين ۽ ”ٿ“ بجاءِ ”ت“ جو استعمال ڪندا آهن. ”ذ“ بَدران ”ز“ ۽ ”ز“ بجاءِ ”ي“ يا ”ج“ اُچارين. جڏهن ته ”خ“ جي جاءِ تي ”ڪ“ اُچارين ”ش“ جي بجاءِ ”چ“، ۽ ”ڦ“ کي ”ف“ يا ”ف“ کي ”ڦ“ به اسعتمال ڪن ٿا:

ب، پ، ٿ ۽ ت جو استعمال

غلط                           صحيح

په              بِه              رات په ڪچوريون ڪيوسُون،

يا ڪلهه په آياسين

ڀَلِي يا ڀلي    ڀَلي يا بَلِي    ڀلي آيا يا بلائي ڪَر ڳالِ تي

ڪِي يا ويو تي

 

ذ/ ز ۽ ج وغيره جو استعمال:

غلط           صحيح

جتيم          يتيم           جتيم ڪونين (ڪونهي)

زتيم           يتيم           زتيم آئي (آهي)

جال            زال             لي جَالَ هِڏان اچ (هيڏانهن)

جاڦر            جعفر           جاڦر (يِاڦر) ڪِتِي آئي (ڪٿي)

شال            ڇال            ڇَال جور هجين (زور)

فڪو           ڦڪو           فڪو تِي رَيو (رهيو)

فُر              ڦُرَ              فُرڪي تَس (اٿَس)

جَرورِ            ضرور           جَرور ڪاص ڳال آئي (خاص)

 

خاص لفظ: ماڃر جي ٻوليءَ ۾ خاص لفظن ۽ محاورن جو ذخيرو به چڱو آهي. اُتان جي شاعرن به پنهنجي ڪلام ۾ خاص لفظن جو استعمال ڪيو آهي. انهن خاص لفظن مان ڪن جو ذڪر باب چوٿين ۾ ڏنل آهي، ڪجهه ٻيا لفظ هي آهن:

مردن جا محاورا:

خوش خير عافيت ڪندي چوَن: خوش چاڪ، چڱو ڀلو، متارو نَو بَنُو.

پريون آيل وري جواب ۾ چوي: تون جوڙ، تنهنجا راڄ ڀاڳ، ڳوٺ گام، ٻار ٻَچَا ٻيا هڙئي سُکَ.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن کي مارڻ لاءِ چوي ته چوندا، اهڙي ڀِڃَ وِجِهينسِ جو ياد ڪري.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن جي وڏي شاهوڪار هجڻ بابت چوندو ته چوندا: سڃاڻانسِ ٿو وڏو لکَيِسر آهي.

ڪنهن ظالم ۽ جابَر ماڻهو جي ظُلم جو تذڪرو ڪندي چوَن: فلاڻو ايڏو ظُلمي آهي جو سِسِيءَ کان سُٿڻ پيو لاهي.

ڪنهن مهانگي واپاريءَ بابت چوَن: فلاڻي وٽ انسان اُبتا پيا کلجِنَ.

ڪو جيڪڏهن ڳالهه ٻُڌي اَڻَ ٻُڌي ڪري ڇڏيندو ته چوندا: فلاڻو ته، ڪَنَن تان وارَ واريو ويٺو آهي.

ڪنهن اٻوجهه ۽ بي عقل انسان لاءِ چون: فلاڻو عقل جو ماڳهي ٽِبو آهي.

ڪنهن جي طبيعت پُڇندي مريض کان پُڇَن ته: ڪيئن ماتا مَڙهَه ۾ آهي؟

ڪا عجب واري ڳالهه ٻُڌن ته چوَن: ميان ڳالهه ڪِ کَلَ.

ڪنهن اَڻ ڏٺل شيءَ يا حد کان وڌيڪ ٿلهي يا ڊگهي شيءِ ڏسن ته چون: وَڃَ سُوڙي.

ڪو جيڪڏهن ڪا شيءِ کنيو ويندو يا مهمان وغيره وٺيو ويندو ته ايندڙ چوندو يار تون منهنجي ڳالهه ٻُڌ ته اڳلو ورنديءَ ۾ چوندو: بيهي هنجو پلو ڀڻيي ڪري اچان.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻ وڃي ۽ اُتي ڪابه پَهرَ موجود نه هجي ته چوندا: فلاڻيءَ جاءِ تي ڪا بُوءَ باس ئي ڪانهين.

ڪنهن دعوت جي نالي چون ته: اصل سَتَ رَچيون لڳيون پيون هيون.

ٻنَ پهرن جو ڪٿي ڪو وڃي ۽ پڇڻ تي ٻڌائيندو: ميان ٻوڙا ٻپارَ لڳا پيا هئا.

ڪو جيڪڏهن چوي، فلاڻي زمين يا ڍنڍ پري آهي، اسان کي ويجهي گهرجي ته چڙ مان چوندا: توکي ته بابا گهرَ مَهندان گنگا گُهرجي.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن جي بي عزتي ڪري ته چوندا: فلاڻي جي مون لاک لاهي ڇڏي.

ڪنهن دولابي ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو وڏو گُهوگهٽِ آهي.

شادي، مُراديءَ وقت يا فيصلي واسطي برادريءَ جا ڀائر اچي گڏ ٿين ته پٽيل يا چڱو مڙس ڀليڪار ڏيندي چوي: ڀلين آيا ڀارَ ڀَليرَ.

ڪو جيڪڏهن ٻئي کي ڪم جو چوي ته فلاڻو تو ڏانهن اچي ٿو. جواب ۾ چوندا: ڀلين اچي سئو وار اچي اکين تي چڙهي بار نه ڪري.

ڊپ جو اظهار ڪندي چون: ميان اسان ته ساهه سُڪايو پيا هلون.

ڪو جيڪڏهن چوي ته فلاڻي جاءِ تي اُهو ماڻهو آيو آهي جنهن ۾ تُنهنجو ڪَم آهي ته ٻيا ان کي چوندا: ميان مُٺيون ڀيڙي ڀڄ.

ڪو جيڪڏهن ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي وڃي ۽ ماٺ نه ڪري ته چوندا، هاڻ سورجاڻي بند وارو گهارو شروع ٿي ويو، سو جلد ٿوروئي بند ٿيندو.

ڪنهن کي ڪا ڳالهه ٻڌي ڊپ وٺي وڃي ته چون: فلاڻي ڳالهه ٻُڌي، منهنجا ته لَڱ ڪانڊارجي ويا.

سيڌو سامان وٺڻ وقت دڪاندار جي پئسن گُهرڻ تي چون: (مذاق مان) ميان ويسَر جي کاتي ۾ لکي ڇڏ.

ڪنهن سان ظُلم ٿيندو ته اُهو پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي چوندو: ميان جيئري پيٽو ماهه (پيٽ مان گوشت) ڪوري ويو آهي.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن کان پڇي ته ڇا پيا ڪريو؟ جواب ۾ اڳلو چوندو: ادا بُکَ جا بابَ پيا پڙهون.

جيڪڏهن ڪنهن غمگين ماڻهوءَ کان، ڪو اَجايا سوال جواب پيو ڪندو ته اُهو غمزده ماڻهو بيزاريءَ مان جواب ڏيندو: ميان اسان جي سِرَ تي سورن جي سَڪَراتِ ٻَري (يا لڳي) پئي آهي، توکي آهي پنهنجي.

ڪا شيءِ جيڪڏهن گهڻن ماڻهن جي هٿن ۾ اچي دربَدر ٿيندي ڏسن ته چون: ميان اها ته هاڻ واچوڙن جي وات ۾ اچي ويئي آهي سو پيا ڦيرائينس.

ڪنهن ڏُکويل ماڻهوءَ کان پُڇن ڪهڙا حال آهن؟ ته چوندو: يَرَ ڇا چوان دل سڄي ۾ ڦٽ اٿم.

فڪرمند ماڻهو پنهنجي ڳڻيتن جو اظهار ڪندي چوندو: يَرَ مون کي ڳڻتين هڻي ڳڀي وڌو آهي.

ڪنهن دلير ماڻهوءَ لاءِ چون، فلاڻو ٻاون وِير آهي.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن کان خوامخواهه ڪا شيءِ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندو ته اڳلو چوندو: تنهنجي مون وٽ ڪهڙي دراوت رکيل آهي؟

ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي اُنهيءَ جا جذبات يا جوش ٿڌا ٿين ته چوندا: ميان فلاڻي جي ڳالهه ٻُڌي مُنهنجا ته ڍِينگ ئي ڍري پيا آهن.

ڪاوڙ مان ڪنهن جي ڳالهه کي رَدِ ڪندي چون: ميان ڌوڙ پئي ڌڙڪي ويئي.

ڪو جيڪڏهن ماڃر جي ماڻهوءَ کي چوي ته: تو وٽ هلي ٿو ترسان ته پريون ان مذاق جو جواب ڏيندي چوي: ادا اسان وٽ پَکون نان پيهي.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن ٻُڍڙي کان ڪنهن ڳالهه جي تصديق ڪندي پُڇندو: فلاڻي ڳالهه ڪيئن آهي؟ ته اُهو جواب ۾ چوندو: اَبا آئون قبر (ڪنڌي آهيان) ۾ پير وجهيو ويٺو آهيان پاڻ کان ڪُوڙِ بَداد ڪونه ٿيندو.

ڪو جيڪڏهن ڳالهه سمجهائڻ تي نه سمجهندو ته چوندا، انڌي گهوڙي ڪلن ۾.

ڪنهن بَدنظر واري ناظروءَ لاءِ چون: فلاڻو اهڙو ناظرو آهي جو بَس هَڻِ، کَڻِ.

ڪنهن ڳالهه جو گهر، گهر ۾ چرچو لڳو پيو هوندو ته چوندا: فلاڻي ڳالهه جو گهر گهر ۾ هُل هُلاچو لڳو پيو آهي.

ڪنهن وٽ اوچتو پِئسو ڏوڪڙ اچي وڃي ته چون: فلاڻي پَڪَ سان اوٺو ڌاڙو هڻي وڌو آهي، (اڳ ماڻهو رات وچ ۾ اُٺن تي پري پري کان ڌاڙا هڻي ايندا هئا).

ڪو جيڪڏهن اول کان وٺي ڪنهن شيءِ جو عادي هوندو ته چوندا: فلاڻو ته پهرين سَٽَ کان اِيئن ئي آهي.

ڪنهن سُست ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو پُوئارِ رڊَ آهي.

ڪو ڪم زوري پيا ڪندا ته چوندا: ميان ڇا ڪريون حاڪماڻو حَشر موچڙن سان پِٽڻُو آهي.

ڪا اهڙي ڳالهه جنهن سان ٻئي کي پريشاني ٿئي ته چون: مون هڻي فلاڻي جو پتو ئي پاڻي ڪري ڇڏيو.

عورتن جا مُحاورا:

ماڃر جون عورتون کيڪاريندي چون: لَٽِي جيڏلَ ڀلين آئينءَ.

ڪنهن جي گهڻي دير بعد اچڻ تي چون: لئي ٺِڪر ڀڃي وجهو فلاڻ آئي آهي.

ڪنهن جو جيڪڏهن ڪم بند ٿي وڃي ته چون: فلاڻيءَ کي فلاڻي ڳالهه سبب ٺِڪر اچي ويو، هاڻ ان جو ڇا ٿيندو.

ڪا عورت هر ڪاڄ ۾ هروڀرو اڳواڻي ڪندي ڏسن ته چون: فلاڻي پَٽَ راڻي آهي.

ڪنهن جي گِلا نه ڪرڻي هندين ته چونديون: اڌي مون کي ڪهڙو لاچار جو پرايو پوٿيون پَٽِيان.

ڪا عورت جيڪڏهن نڇٽِ ٿي ٻِيءَ عورت پويان لڳندي ته چونديون: فلاڻي ڄورَ (ڄَرَ) ٿي لڳي آهيم جند ئي ڪونه ٿي ڇڏيم.

ڪا عورت ڪا اهڙي ڳالهه ڪري جنهن سان جهيڙو ٿي پوي ته عورتون پاڻ ڳالهيون ڪندي چون: ايها چُوچَڙِي فلاڻيءَ جي ڏنل آهي.

بيڪار پُٽ جيڪڏهن گهر ۾ اچي گهِڙندو ته چونديون: اَبا کيپَ کِٽي آئين؟

اگر ڪنهن مرد جي زال گذاري وڃي ته عورتون چوَن: فلاڻيءَ ويچاري جي گهر ڊَهي پيو.

ڪنهن ڳالهه تان ٻه عورتون گڏجي ٽين عورت جي گهر وڃڻ ۽ گهر ڌڃياڻيءَ کي جُٺ ڪرڻي هُوندَن ته جيڪا اُنهن ۾ ڳالهائڻي عورت هوندي اُها چوندي: مائي ويهج آئون فلاڻيءَ کي ٺاهي ٿي لاڳ ڏيانسِ.

ڳوٺ ۾ اِهڙو ڪو واقعو ٿي پوي جنهن مان عورت کي رنجَ پهتو هجي ته ٻيون عورتون چون: فلاڻيءَ جو ته لِيڙو لَهي ويو.

ڪنهن ڪَم لاءِ گهڻي ڪوشش بابت چون: اَدِي لَئي اسان اِنَ ڪَم لاءِ ڏاڍا مَٿا مُڻا هنياسون پر ڪونه ٿيو.

هڪ عورت ڪنهن ٻي عورت لاءِ چوي: فلاڻيءَ جا هِنئين ٿي چوي ته ان لاءِ چون لئي/ ريٽي اها ٺلهوئي ٻانڊ پَٽي.

ڪنهن عورت جي طعني ڏيڻ بعد وري مِٺين ڳالهين تي ڪاوڙ واري انداز ۾ چون: ٺهيو ادي ٻُر ڪونه ڏئي

ڪنهن جي حَسب نسب لاءِ پُڇن فلاڻي ڪئين آهي؟ ته چونديون ٽوپَ جي پاڙ پانڊي جو ٻِجِ.

ڪنهن کي پرچائڻ خاطر وڃن ۽ هُو نه ٺهي ته چون: فلاڻيءَ جو اسان تڏو وڃي ورتو پر مڃيائين ڪونه.

ماڃر جي ڪنهن مهاڻي قوم جي عورت کان ٻي عورت پڇي ته تو واري ڇوڪري ڇا پئي ڪري؟ اُها پنهنجي ڇوڪريءَ لاءِ جواب ڏيندي: ٻَڙي، سڄو ڏينهن انبن تي چڙهيو ”ليلا“ پئي ڪُڇي. (ليالو هڪ گيت جو قسم آهي).

ڪنهن بخيل عورت بابت چون: فلاڻيءَ ته وڏي پَپَڙِ ٻِي آهي.

جيڏانهن، ڪيڏانهن سنبرجِڻ واري عورت لاءِ چون: فلاڻيءَ ته ڀَتَ ڀولڙي آهي.

هڪ عورت ٻيءَ عورت کي ڪوڙي شاهدي ڏيڻ لاءِ چوي ته پرين عورت نَڪ تي گيسي ڪندي چوي: نه ڙي لَٽِي پاڻ کي قبر ڪاري ڪرائڻي ڪانهي.

ڪنهن چيڙاڪ عورت لاءِ پُڇَن ته، اها ڪئين آهي؟ چون: اها ته پاڻ سان سدائين ڇِتِ ڪُتائي کڻيو وَتي.

 

ــــــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org