سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :11

باب يارهون

 

مقامي لوڪ گيت

 

ٻين خِطن جيئان لاڙ جي هن خِطي، (ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري) ۾ پڻ ”لوڪ گيت“ هر خوشيءَ جي ڏينهنَ تي ڳايا ويندا آهن. لوڪ گيتن جي بيشمار قسمن کي هتي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ اُهي جيڪي شادي کان سواءِ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا وڃن ٿا ۽ ٻيا رسمي گيت جيڪي صرف شاديءَ جي موقعن تي ڳائجن ٿا.

شادين مرادين کان سواءِ ڳائيجندڙ لوڪ گيتن ۾: جمالو، گولاڙو، مورو، لولي، ڏانڊئي جا گيت، ڇيڄ جا گيت، ليلالو، گڏيون، مارئي، اوراڻو يا اولاڻي جا گيت، لاباري جا گيت، پليءَ جا گيت ۽ همرچو وغيره شامل آهن. [1]

رسمي لوڪ گيتن ۾ شادين، مرادين جا خاص گيت شامل آهن، جن ۾ گهوٽ ڪُنوار جي شخصي خوبين سونهن سوڀيا ۽ هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت جا نيڪ جذبا، اُمنگون ۽ خيال سمايل هوندا آهن. انهيءَ موقعي تي ڪيل ساٺَ سَنَوڻ، هارَ سينگار ۽ پاتل زيورن، ڳهن ڳِٺن جو پڻ خاص طرح سان ذڪر ڪيل هوندو آهي. ان کانسواءِ ٻنهي خاندانن (ساهورڪي ۽ پيڪي) جي هڪ ٻئي سان ميٺ محبت ۽ گهوٽ ڪُنوار جي دائمي خوشحالي ۽ خاندان جي واڌ ويجهه جا نيڪ نيتيءَ وارا سُهڻا احساس به ٻُڌڻ وٽان هوندا آهن. اِهڙن گيتن مان مڱڻي جا گيت، مڱڻي جي کير پيارڻ وقت جا گيت، ڏينهن ٻڌجڻ جي موقعي جا ڳيچ، مينڌيءَ جا ڳيچ، ڄاڃين جي اچڻ ۽ آجيان جا ڳيچ، موڙ ٻڌڻ جا گيت، پڙي ڳارائڻ جا گيت، لانوَن ڏيڻ جا گيت، ترگس (سرگس) جا ڳيچ، ڪنوار کي گهوٽ سامهون ويهارڻ جا ڳيچ، نِکيٽيءَ جا گيت، ساٽَن سنوَڻن جا ڳيچ، سانجهيءَ ڏيڻ جا گيت، ڏاوڻ جي ساٺ جا گيت، لاڏن (لاڳ وٺڻ وقت لنگهيون چون) جا گيت، دعائن جا سهرا ۽ هيرا (جيڪي عورتون خوشيءَ وقت مذاق طور هڪ ٻئي کي ڏين) وغيره قابلِ ذڪر آهن.

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جا غير رسمي مشهور گيت:

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي علائقن ۾ مختلف خوشيءَ جي موقعن تي جيڪي لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا انهن ۾ مقام توڙي غير مقامي زبان استعمال ٿيل آهي.

جمالو: ٻين علائقن جيئان ٺٽي ضلعي جي ماڃر، ڪڪرالي، جاتي ۽ کاري وارن علائقن ۾ ”جمالو“ به ڳايو وڃي ٿو. هن ۾ حُسن واري جي تعريف بيان ڪئي ويندي آهي. هنن علائقن ۾ پهروڪي جملي جي وراڻيءَ ۾ حرف ”ڙ“ جو به بعضي استعمال ٿئي ٿو. مثلاً: ”جمالڙو جتن جو هو جمالو“. جيڪو هتان جي خاص سڃاڻپ آهي:

 

جمالڙو جتن جو هو جمالو

جمالڙو پنهنجن جو هو جمالو

هن ٺٽي واري پُل تان ـــ هو جمالو

سو لهي نه منهنجيءَ دل تان ـــ هو جمالو

جنهن جون اکيون ڪجليون ڪارڙيون ـــ هو جمالو

جنهن مُيون دليون جيارڙيون ـــ هو جمالو

جنهن جي چيلهه چيتي وانگر ـــ هو جمالو

جنهن تان گهور شاهبندر ـــ هو جمالو

جو ڪڪرالي جو ڪَنڊَ ڌڻي ـــ هو جمالو

جنهن سان ڪير ملائي اک کڻي ـــ هو جمالو

جيڪو مير آهي ماڃَر سندو ـــ هو جمالو

جيڪو جُوان آهي جاتيءَ جو ـــ هو جمالو

جيڪو کٽي آيو کاري مان ـــ هو جمالو

ڪيٽي بندر ڪاري مان ـــ هو جمالو

ڙي جمالڙو جتن جو ـــ هو جمالو

جمالڙو پنهنجن جو ـــ هو جمالو

گولاڙو: هي گيت خوشيءَ جي موقعي تي ڏانڊئي جي ناچ ڪندي چوَن، جمالو وانگيان هن جي مصرعه جي پڇاڙي ۾ لفظ ”گولاڙو“ استعمال ڪيو ويندو آهي:

اَلا گولاڙو ڙي واهه واهه گولاڙو

واهه، واهه گولاڙو ڙي ـــ اَلا گولاڙو

چڱا ڀائر گهرائي ڏئي گولاڙو

اَلا گولاڙي ڙي ـــ واهه واهه گولاڙو

امان گولاڙو ڙي، ادِي گولاڙو

گولاڙي گُل گهوريان ـــ اَلا گولاڙو

واهه ـــ واهه ـــ گولاڙو ـــ اَلا گولاڙو.

مورو: هن جي خالق بابت چون ٿا ته هڪ ساران نالي عورت هئي (ٻي روايت مطابق راڻ ٻائي) جنهن پنهنجي مڙس اَلڪي شوري (شود) جي مرڻ تي آلاپ ۽ واويلا ڪئي.[2] هيءُ به وڇوڙي لاءِ چيو وڃي ٿو. هن جي پڇاڙيءَ ۾ ”مورو ويٺي ڏيان“ چيو ويندو آهي:

مورو ناهي ٿورو ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان

مورو ناهي ٿورو ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان

مورو ته ناهي ٿورو ـــ منهنجي اندر جهورو

جهورو ته ناهي ٿورو ـــ ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان

ڀت تي ويٺو ڪانگ ـــ مون کي ماروئڙن جي آهي تانگهه

هنئيڙي ۾ هر، هر هورو ـــ ڍولڻ مورو ويٺيڏيان.
آئون تولاءِ. ڪان- پيهي ويٺي پُڇان.

چت ۾ آهيم چورو ـــ ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان.

لولي: هي گيت به ڪنهن جي جُدائيءَ لاءِ چئبو آهي، ۽ موري وانگيان آهي، هن جي آخر ۾ ”دلبر لولي ويٺي ڏيان“ چئجي:

ٻٻر چوان ٽاري، ڌي هُيَسِ ڌاري

لوليون ويٺي ڏيان، راڻَل، لوليون ويٺي ڏيان

ٻٻر چوان ڇوڏو ـــ ڪونه آئيمِ اوڏو

لوليون ڪي ڏيندي، حاڪَمَ لوليون ويٺي ڏيان

ٻٻر چَوان ڦلَ، دلِ ته تُنهنجي ڀل

جاني لوليون ويٺي ڏيان، راڻل لوليون ويٺي ڏيان

گاڏيءَ چوان سِيٽي، پوءِ پيرن ڀر بيٺي

لوليون ڪي ڏيندي جاني، لوليون ويٺي ڏيان

گاڏيءَ چوان چيلو، ڪونه ڪَيمِ حيلو

لوليون ويٺي ڏيان، سائين لوليون ويٺي ڏيان

گاڏيءَ چوان بابُو ـــ قربن ڪيئي قابو

لوليون ويٺي ڏيان ـــ دلبر لوليون ويٺي ڏيان.

ڏانڊائي جو گيت: هيءُ گيت ڏَڪر جيڏن ڪاٺيءَ جي ٽُڪرن (ڏؤنڪن) کي وڄائي ڳايو ويندو آهي. گيت ڳائيندڙن مان هر هڪ جي هٿ ۾ هڪ، هڪ ”ڏؤنڪو“ هوندو آهي، پوءِ چوڌاري ڦرندا ۽ نچندا ويندا آهن ۽ ڏؤنڪو هڪ ٻئي جي ڏؤنڪي تي هڻندا ويندا آهن، هي ناچ خاص ڪري عورتون ڪن ۽ هڪ ٻئي سان کِلَ ڀوڳ به ڪن. ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جا ماڻهو هن ناچ کي خاص نالي ”پياڄن جو پاڙو“ سان سڏين ۽ گيت کي ”پياڄ“ جو گيت ڪري چوَن. گيت جا ٻول:

هيٺئين پاڙي آءُ، هيٺئين پاڙي آءُ

مٿيون پاڙو پياڄ جو آيو لَئي راڻل آيو

کارڪون کائي ڇڏئين، کارڪون کائي ڇڏئين

ککيون ته لڳيون پياڄ کي ـــ آيو لَئي راڻل آيو

سوڙهيءَ گهٽي آءٌ، سوڙهي آءٌ

سوڙهيءَ گهٽيءَ سُٿڻِ ڦاٽي سَوَ جي

آيوڙي راڻَلِ آيو، آيو لئي راڻل آيو.

ڇيڄَ جا گيت: هي ناچ جو هڪ گيت آهي، هن جا ٻول هن طرح آهن:

آماريا خان آهيان. مارو مون کي ميهڻا ٿا ڏين

مان کي طعنا ٿا ڏين.

مان واڱڻ ٿي ولان مارِيا ڪوڙو نه ٿئي

آمارِيا خان آهيان مارو مون کي ميڻا ٿا ڏين

مان کي طعنا ٿا ڏين.

ادا ڙي سونارا مون کي ٻانهين گهڙي ڏئي

ماريا ڪوڙي نه ٿئي، مارو مون کي پاراتا ڏين

مان کي طعنا ٿا ڏين.

ادا ڙي واڍا مون کي کَٽَ گهڙي ڏئي

ماريا سوڙهي نه ٿئي، مارو مون کي طعنا ٿا ڏين

آماريا خان مارو مون کي ميهڻا ٿا ڏين.

هيءُ گيت هڪ پير تي نچي ڳائبو آهي.

ماڪوڙا ڙي ماڪوڙا ڪان ڪڍي ڏئي

ڪانِ هَڻان ٻير ۾ ڇڻي پون ٽئي

هن پاسي جي مور مڇي هن پاسي جا کارا کڳا

جام  صاحب[3]  سوڀ  کَٽِي  مَنگل[4]  اُٿي  ڀڳا

واهَه، واهه چيڻا هَم ڇڻيگا اَڇا ڇيڻا هَم ڇڻيڳا

پَمپَا ڇيڻا هَم ڇڻيگا.

واهَه،    واهَه[5]     ڇيڻا      هَم       ڇڻيگا

ڪوراڙي ڙي ڪوراڙي، ڪوراڙي ڙي ڪوراڙي

منهنجي ڀاءُ ماري ڪِنگَرَ ۾ ڪوراڙي

ڙي ڪوڙاڙي ڙي، الله (لا به چون).

ليالو: هي انتظار ۽ اوسيئڙي جو گيت آهي، هن جا ٻول هن طرح آهن:

لَيالوڙي ليالو اسين ماڻهو ماڃر جو ليالو

کڏ کڻيو ٿي سڏ ڪريان، ليالوڙي ليالو

ٻير چڙهي ٿي دير ڪريان ليالوڙي ليالو

ڄار چڙهيو ٿي يار نهاريان ليالوڙي ليالو

اَڪَ چڙهيو ٿي ٻُڪَ کڻان ليالوڙي ليالو.

گُڏيون: نئين ورني وڃڻ وقت پنهنجي ماءُ کان موڪلائيندي هي گيت آلاپيندي آهي:

هي منهنجو گُڏڙيون پيتيءَ ۾ جانڪي رَکَج امان

جڏهن ايندم جيدڙيون تڏهن پوندئي پور امان

هينئڙو نه لوڏ امڙ ڌئيڙي پرائي

هينئڙو نه لوڏو ماءُ ڌيئڙي پرائي.

مارئي: هيءُ به وڇوڙي جا گيت آهن. اڪيلي يا عورتون گڏجي مارئي ڪُڇَن. اُن بعد مارئي واري ٽيهن ڏينهن جا بيت واري واري سان چون. نئين نويلي ڪُنوار ساهورن وڃي مائٽن کي ياد ڪندي به آلاپي.

ڪافي واري مارئي:

ديس وسي دلدار ملڪ اباڻو آهي بَتيُون، بَتيُون

قلم وَهي ويو ڪَلدار خاص وڻن ۾ کٿيون، کٿيون

مارئي گهڙو کڻي هلي هُئِي جا کوهه تي نصيب آڻي اڙائي

لوئي اباڻي لِيرَ خاص وڻن ۾ آهي کَٿيُون، کٿيُون

پَٽَ پٽِيهر مور نه پايان، لوئي اباڻي لاڏئُون نه لاهيان

ملڪ اباڻو مير آهي بتيون، بتيون

فقير گل شاهه چئي، اِيَ جڳ فاني ٿيندو

ڪَم نه ايندو ظُلم زور ملڪ اباڻو پتيُون، پتيُون. [6]

گيت واري مارئي:

ٻانهينءَ واري اسان جي مٺي مارئي

مارئي، ماري تنهنجي مينهڻن

سُتي ننڊ ڪئي ڪانه نيڻن

اکيون آرام سي ڪيئنءَ ڪن.

وراڻي:          دُهــــــــريءَ واري اسان جي مـــــٺڙي مارئـــــــي

مارئي ـــ مارئي تنهنجي مينهڻن

اکيون آرام سي ڪينءَ ڪَن

وراڻي: نـــــٿ واري منهنجـــــــــي مارئـــي ـــ مٺي مارئــــــي.

بينسر واري منهنجي مارئي، مٺي مارئي

مارئي ماري تنهنجي مينهڻن

اکيون آرام سي ڪينءَ ڪن.

ڏورن واري مارئي:

پهرين رات پڙهَه ۾ اٺايس عُمرَ

وِيمَ سڀ وِسري ڏاڍيون ڏمرَ

ٻيءَ جا ٻاٻاڻا سُتي مون سارِيا

ڀيرا ڏيو ڀِٽن تان وَلرَ مون ٿي وارِيا

ٽِيئيءَ جو ٽِڪَڻِ ٿيو وَٽِ اُهنجو

ڀيرا ڏيئي ڀِٽِن تان ڀانئيان ڀاءَ پنهنجو

چوٿينءَ جا چاڙهيڪا ڪوٽن ۾ ڪيا

ڪريان ڪُوڪَ ڪِن کي ماڻهو ٿر ٿيا

پنجين جا پري مارو مَنجهه مَلِيرَ

خاشا هئا کاهوڙ ۾ اباڻا امِيرَ

ڇهينءَ ڇانگ ڇيلا، جيڏيُون يادِ پيا

واري واڳ وطن تي وَلر مون ڪيا

سَتين جون سنگهارون ٻولي نه ٻجهَنِ

آڻيو جو اُنهن کي وڇوڙو وِجَهنِ

اَٺين آب آڙو کڻيو جُڙ جَمَنِ

پرينءَ جي پَسَڻ لئي ويڳاڻيون وَتنِ

نوئينءَ جون نهارون کَنمَ ڪَرَ مٿي

اکين جون اُميدون ٿِيَمِ ٿَر مٿي

ڏهينءَ جي ڏسڻ سان اباڻن مِلان

اُڪنڊيون انهن کي ٽوليون ٿيو ٽِلِان

يارهينءَ جي ڪوٽن ۾ ڪري دِل دانهون

هرڙا ڏيئي هٿن سين کڻان ٻئي ٻانهون

ڀڳو ٻَر ٻارهينءَ اچي ٿيا اولئُون

پڪا جي پَنهورن گُوندا منجهه گولن

تيرهينءَ تاڪ تاڙيو لَٿا ڏوهه مُون تان

گهوري وڃان ”گُلو“ چَئي ماروئڙن مٿان

آيو چُوهَه چوڏهينءَ جو وطن جا ويندي

ڀيڙي جا ڀائرن سان هميشه هوندي

پيو پوهَه پندرهينءَ جو اسان تان اچي

لُڻن مَرَ لوهيارا پيا ڏُٿ پچي

سورنهينءَ جون ساراهون اسان وٽ آيون

ويهي ڪينءَ وساريان وطن جون وايون

سترهينءَ جا ڏينهڙا ساڻيهه منجهه سِڌا

ڏکيا ڪي ڏينهڙا لاکيڻي لڌا

ارڙهين جو آگو اِلاهيون ڪري

ڀڄن شَلَ ماڙيون منهنجي پَتِ پَرِي

اوڻهينءَ جا وِڄوڙا وسَن تان هتي

ميوا منهنجي ملڪ جا لڳن تال تي

وِيهينءَ جون وڄڻيون، وسن ٿيون هتي

سَرتيون سارين ٿيون ساڻيهَه مَنجِهه سُتي

ايڪيهنءَ جا اباڻا چڀڙ ٿا چَکَنِ

ميڙيو جا مُئِي لئه رتا ٿا رکن

لڳي ٻُٽ ٻاويهنءَ جي ساڻيهَه جي صفا

لڳي هڪ لڱن کي منهنجي جيءَ جفا

پَڪا ٽول ٽيويهينءَ جا ڇَنن ۾ ڇاڻا

الله کارائي انهن آئون کي اِيئن ٿي ڀانئيان

عمر داٻ دڙڪا ڏنم لوڪ جا

چووِيهنءَ جي چَوڪا لڳم لوڪ جا

پيو پوهَه پنجويهِينءَ گهونگهٽ ڇو ڪجي

ٻهر لوڪ سارو تماشو ڏسي

پيو ڇِرڪ ڇويهين اسان مٿان اچي

انهن کي الله اکين هي ڏيکاري

ستاويهين سومرا سرتيون سڏي

ڀيڙِيءَ جا ڀائرن سان هميشه گڏي

اَٺاويهن اُڀ ۾ ڪري کِيلَ کِنَوڻِ

ڪَڪَر هي ڪاڇيلان وارا ڏيو وَسن

اوڻٽيهين جا اباڻا وَٺو ٿي مُلڪ

لٿو درد دِل تان ڪَڙو ٿيو قلَب

پُورو ٿيو پنهوارن مَهينُو ميان

گهوري وڃان ”گُلو“ چئي ماروئڙن مٿان. [7]

چولو: چولي جي گيت جا ٻول:

لالُون ڳتايان لالُون ڳُتايان

ريشمَ دار چولو ڳِچيءَ پايان

لالُون ڳُتايان، لالُون ڳُتايان

چولو ادا جو موتين سان مڙهايان

ريشم دار چولو ڳِچيءَ پايان

لالُون ڳتايان ـــ لالُون ڳتايان.

يا چوَن:

چولو ادا جو پوپٽ پَٽ جو

او لڳيس هِيري هزار

آيلَ اَمان سِبان چاڪَ چولي جا

جِيجَلَ ماءَ سِبان چاڪَ چولي جا.

اوراڻو يا اولاڻو: ماءُ پنهنجي ٻارَ کي سمهارڻ واسطي اولاڻو يا اوراڻو ڏيئي ۽ ڪي قرآن شريف پڙهيل مسلم عورتون وري قرآن شريف پڙهي ٻار کي سمهارين. اوراڻي يا اولاڻي جي لوليءَ جا ٻول هن طرح آهن.

لَا اِلــٰہَ اِلاَّ الله حَق لاَ اِلــٰہَ اِلاَّ الله

مُحَمَّد رَّسولُ الله. حَسبِي رَبِي جَلَّ اللهُ

مَافِي قَلبِي خَيرُ اللهُ

پينگهو گهڙيو عَقِيقُ اللهُ

جنهن ۾ لُڏي مير مُحَمَّدُ شاهَه

حَق لاَّ اِلاّ اللهُ ـــ حَق لاَّ اِلــٰہَ اِلاَّ اللهُ

جيئن پُٽڙا وڏو ٿئين

پَڙڻجي شَل بنُو ٿئين

آئون اِلاَّ اِلٰہ اللهُ جي ڏيان ٻچڙي کي لولي

ستن ڀائرن ۽ ڀيڻن جو ڀاءُ ٿئين

شير پُٽ تون شاهَه ٿئين

جيترا اٿئي سڄِي بَدن تي وار

تيڏي شَلَ ٿئِنئي ڄَمارَ

حَق لاَّ اِلــٰہَ اِلاَّ للهُ ـــ حق لاَ اِلــٰہَ اِلاَّ اللهُ مُحَمَّدُ رَّسُولُ اللهُ

پوکِيءَ جو گيت: ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري طرف جا ماڻهو زمين کي هَر ڏيڻ وقت به گيت چوندا هئا، ليڪن جُستجوءَ دارون اُهو گيت ڪونه ملي سگهيو، البت پوکي وقت هاري گيت ۾ به هر جو ذڪر آهي. اَڻ تصديق ذريعن موجب ته اهو گيت جيڪو اسان هيٺ ڏئي رهيا آهيون اهوئي هر ۽ پوکيءَ جو هڪڙوئي (دعائيه) گيت آهي، جنهن ۾ هَرَ ٻج ۽ پوکيءَ جي ذڪر بعد برڪت لاءِ خدا کان دعائيه جملا پڻ موجود آهن. ۽ راقم جو خيال به اهوئي آهي ته اِهوئي گيتي هر ڪاهڻ جو آهي ڇو ته هن ۾ هر ڪاهڻ جو ذڪر به بخوبي ڪيل آهي، هن گيت ۾ وراڻيءَ لاءِ جُدا مصرعه ايندي، جيڪا هر ٻِن مصرعن بعد وراڻيءَ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. ”هر هَرين ٿو هلي چلي، او ڀاءُ هَلي ملي“.

گيت جا ٻول:

هــــر، هَـــــرين ٿو هلـــــــي ـــ چَلــــي، او ڀاءُ هلـــــي ملي

وري کيت واجها سُڌريون سَنواريون

وري هَر ڏيئي ٻَنيون اُٿاريون

ڪريون ڇَيٽ ڳُڙ ٻِي ڪو ٻيجو ڪريون

ڪرين چيٽَ ڪَتيون ڪو کٽيو ڪريون

هر، هرين ٿو هلي ـــ چلي اوڀاءُ هَلي ملي

ڪَر کيتَ ساوا اي مولا اسان جا!

ڀر پيٽ بُکيا اي مولا اسان جا!

هر، هرين ٿو هلي چلي اوڀاءُ هلي مَلي

وِجهون ٻجِ ٿا اڄ آسري الله جي

وِجهجِ برڪت مولا اَنن ۾ اسان جي

هر، هرين ٿو هلي چلي او ڀاءُ هلي مَلي

گورا ڙا پَٽي ڪورڙن مان ويرهيون ڪريون

وري ڀاڻ، پاڻيءَ ۾ نه ديريون ڪريون

هر، هرين ٿو هلي چلي، اوڀاءُ هَلي مَلي.

لاباري جو گيت: ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جا هاري پوک پچڻ بعد، جڏهن اجتماعي انداز ۾ لابارو ڪن ته عورتون توڻي مرد گڏجي هي گيت ڳائين، گيت جا ٻول هن طرح آهن:

لاهيارا لابارن تي لَميا وري

ٻُوڙهن ۽ ٻُنگن تي ته نَميا وري

وراڻي:                                                  لابارن جي لڳل اَٿن لُرِي لُرِي

گُرِي، مورئي پاڻيءَ لابارا لوئين

وِجَهن وَڍَ سارين ۾ ٿا ڏانٽا ڌوئين

وِجهيو وَڍ وجَهنَ ٿا وري وري

ڪن ناڙان پاڙان لاهيارا لابارا

ڪَن چَٽِ ساعت ۾ ٻارا سگهارا

ڪَن خَبَرَ خوشين جي کَرِي کري.

همرچو: هن گيت کي عموماً ”ڳاهَه جو گيت“ چئجي ٿو. لاباري کان پوءِ هَلرَ ڪاهڻ ۽ ڍڳن کي هڪلڻ وقت ڪُڇَن. هن جي وراڻيءَ به پوکيءَ واري مصرعه جيئان آهي، ليڪن هن ۾ ”هَلَر هرين ٿِي هلي مَلي“ چون، گيت جا ٻول هن طرح آهن:

هَل يارَ ڏاندا ـــ وَهِي ٿيندا واندا

ڳاهي يار گوڌا جوانيءَ جا جوڌا

ڏيون ڀارَ ڀليڪارَ ڀَلي ـــ ڀلي

هَلرَ هرين ٿي هلي ملي، هلي ملي

ڳاهي آن اُڌاڻيون، پڇاڙيون، پُوهاڻيون

کائي خوش ٿي کائون کِلي ـــ کلي

هَلَر هرين ٿي هلي ملي، هلي ملي.

هي ماڃَر جا موتيا ۽ کارائي گنجا

رڌي کيڻ کايون ۽ ملئون ڳلي، ڳلي

هَلَر هرين ٿي هلي ملي، هلي ملي.

وري پوک پوکيون وِجهون ٻِجَ ٻارا

وري ٿِين آباد مڙئي کيتَ سارا

لهون سار هر ڪنهن، سلي، سلي.

هَلر هرين ٿي هلي ملي، هلي ملي.

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جا مشهور رَسمي گيت:

رسمي گيتن جو ذڪر اسان مٿي بيان ڪري چڪا آهيون غيررسمي گيتن ڏيڻ کان پوءِ اُهي گيت پيش ڪنداسون جيڪي خاص طور تي شادين مرادين جي موقعن تي ڳايا وڄايا ويندا آهن، هتي اسان مڱڻي جي رسم کان وٺي شاديءَ جي آخري مرحلي تائين جيڪي به گيت ڳايا ويندا آهن جن ۾ مقامي زبان، محاورو ۽ لهجو ملي ٿو، پيش ڪجن ٿا:

مڱڻيءَ جو ڳيچ:

آمَ ٽارڙي رنگ لايو

جوڙ جڙيَس لاڏو سَرهو

هن مومل جي اڱڻ ڌاري راڻَل ڪو ڀيرو ڏئي

لاڏي کي لَکڙِي ـــ آم ٽارڙيءَ رنگ لايو ـــ جوڙ جڙيس...

جيڪا لاڏي جي مَنَ ۾ آم ٽارڙيءَ رنگ لايو جوڙ جڙيس...

اسان آسون پُنيون آم ٽارڙي رنگ لايو جوڙ جڙيس، لاڏو سَرهو.

مڱڻيءَ جي کير پيارڻ جو گيت:

ٻانهين گَهڙايمَ سُوَهڻِي آ ڙي راڻَلَ تون هَلي آ

ساهورين گهر تُون ڙي سِيباڻي تون هَلي آ

آ ڙي راڻَلَ کير پيارئين

آ ڙي اَبَلَ موڙَ ٻَڌايئين

ساهورين تون سيباڻي هَلِي آ

آ ڙي راڻَلَ تون هلي آ

آڙي راڻل سيج ويهارئين

نياڻيون گهراءِ تون هلي

آڙي راڻل تون هلي آ.

ڏينهن ٻڌڻ جو ڳيچ:

دُهرِي گَهڙائي بيٺَيس اُتر سامهِين، ايندَمِ منڀي ڀاءَ

وراڻي:

ساري ڏيندم سُکڙيون موکِيُون، مارَلَ ماءَ

هيڏي اَباڻي راڄ مان ڀيرو ڪَندَمِ ڀاءَ

ساري ڏيندم سوکڙيون موکِيُون ـــ مارَل ماءَ

نٿ گهڙائي بيٺَيسِ اُتر سامهين، ايندمِ مُنڀِي ڀاءَ

ساري ڏيندم سوکڙيون موکيون مارَلَ ماءَ

ٻانهين گهڙائي بِيٺَيسِ اُترر سامهين، ايندم مُنڀي ڀاءَ

ساري ڏيندمِ سُوکڙيون، موکيون مَارَلَ ماءَ.

هَنجَ جو ڳيچ: ڏينهن ٻَڌجَڻ بعد رَسَم مطابق ڪُنوار کي وَنهاءُ ۾ ويهاريو ويندو آهي ۽ پهروڪي رسم موجب گهوٽيتن پاران ڪُنوار کي گندي پيش ڪئي ويندي آهي جيڪا ڪُنوار کي مٿان ڪرائڻ بعد ان جي هنج (جهول) ۾ مٺائي رکي ويندي آهي ان کي ”هَنجَ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. اُن موقعي تي جيڪو ڳيچ ڳايو ويندو آهي، اُن جا ٻول هن طرح ملي سگهيا آهن:

هَنج سوناري گهڙيو ـــ سَربِه سون جو هَنجَڙو

جهڙيون لاڏي مَنَ ۾ هَنجِ سوناري گهڙيو

وراڻي:

سَر به سون جو اَلا هنجڙو سوناري گهڙيو

اسان آسُون پُنيون، هَنجِ به سوناري جَڙيو

سَر بِه سون جو اَلا هنجڙو سوناري گهڙيو

ساٽن آيون سومريون، لاڏا ساٽ سَنگهارڙيون ڪن

ڙي لاڏا سارو لکيو بنرِيءَ سان

سَر بِه سون جو اَلا هَنجڙو سوناري جڙيو.

وَنهَاءُ جو ڳيچ: ڪُنوار کي شاديءَ لاءِ باقاعده گهر جي هڪ ڪُنڊ ۾ ويهارڻ کي ”وَنهاءُ“ چون. ونهاءُ جي ڳِيچَ جا ٻول هن طرح ملي سگهيا آهن:

وراڻي:

راءِ جا رَتڙِيامِ لوهَه، قَيصَر ڀِنَڙيام لوهَه

جِلِيَا جيڏل وِٽِ ٽِليا مُومَلَ وَٽِ راڻل محل ۾ وَناهيئڙو

جيءُ لاڏو ماءُ سهاڳڻ ڄائو، راڻل محل ۾ وَناهئيڙو

تنهنجي محل ۾ مون گهڙي کٽ تنهنجي ڇپر ڇانيڙي کٽ

وراڻي:

راڻل محل وَناهيئڙو...........................................

اسان آسُون پُنيون ـــ راءِ جا رَتڙيام لوهه

قيصر ڀنڙيامَ لوهه

باجهٽ پايو ٻُنڀ تي ڙي لاڏا اُبڙو نائجِ ڪنڌ ڙي لاڏا

لاڏي کي جا لِکڙي.... راءِ جا رتڙيام لوهه ـــ قيصر

پنڙيام لوهه.

مينڌيءَ جا ڳيچ:      مينڌيءَ بابت مختلف قسم جا گيت ملن ٿا، هڪڙا اُهي جن ۾ پهريائين مينڌي هٿ ڪرڻ جو ذڪر آهي ۽ ٻيا اُهي گيت جن ۾ مينڌي پُسائڻ جو احوال آهي ۽ ٽيان اُهي گيت آهن جن ۾ گهوٽ يا ڪنوار کي مينڌي لائڻ جو تذڪرو اچي ٿو:

مينڌي هٿ ڪرڻ جو ڳيچ:

وراڻي:

اَڇڙي پوٺڙي مينڌڙي پوکايو

رُوپي جَنڊڙي هلي مينڌي پيهايو

سوني ڍاڪونءَ هلي مينڌي ڀڄايو

ليليٰ جي هلي مَجَني کي لايو

مَجَني جي مينڌڙي هلي ڀينر ڀڄايو.

مينڌي ڀڄائڻ جو ڳيچ:

وراڻي:

مينڌي آندِيَمَ ملير مان بچين ڀاءَ چانگي تي چاڙهي

بيچين ڀاءَ مينڌڙيءَ خاشو رنگ

مينڌڙي هٿڙن لوءِ، مينڌڙي پيرڙن لوءِ، مينڌڙي لَووڻ ڏي.

اسان آسون پُنيون، مينڌڙي آندَيم ملير مان بچين ڀاءَ

چانگي تي چاڙهي (ڪي عورتون چانگي کي به چون).

مينڌي گهوٽ کي لائڻ جو گيت:

وراڻي:

مينڌي شهر بندر جي هلي منهنجي لاڏي کي لايو

لاڏو منهنجو سوداگر، هلي منهنجي لاڏي کي لايو

بينسر جوڙائج نُهري، هلي منهنجي سوڍي کي لايو

مينڌي شهر بندر جي هلي منهنجي بنين کي لايو

ملها جوڙائج نُهري، منهنجي سوڍي کي هلي مينڌڙي لايو

مينڌڙي شهر بندر جي هلي منهنجي لاڏي کي لايو.

ڄڃَ اچڻ جا گيت: ماڃر، ڪڪرالي، جاتي ۽ کاري طرف شاديءَ ۾ ڄَڃ اچڻ وقت جيڪي گيت چيا ويندا آهن انهن جا ٻول هيٺين طرح ملي سگهيا آهن:

وراڻي:

نياڻيون گُهراَيم بنگلي اَلا

بنگلو ته قادر پير جو روضو شَلَ روز ڏسان

چنڊ، سَجَ بي بيءَ هَنجَ ۾ آئون مديني

جو مير ڏسان

نياڻيو گُهرايَمِ بَنگلي اَلا...

ڀائر گُهرايَمِ بَنگلِي اَلا...

وراڻي:

ٻانهين گهڙائيندو، سونو ڇٽ بنايو، ماڙيءَ

۾ راڻي راءَ ريجهايو

چوليو ڍَڪيءَ رات اُچِيءَ ڄَڃَ سان آيو

ماڙيءَ ۾ راڻي راءَ رِيجهايو

دُهرِي گهَڙائيندو، سونو ڇٽ بنايو

ماڙيءَ ۾ راڻي راءَ ريجهايو

نَٿَ گهڙائيندو، سونو ڇٽ بنايو

ماڙيءَ ۾ راڻي راءَ ريجهايو

ڍوليو ڍڪيءَ رات اُچي ڄَڃَ سان آيو

گهوٽ کي وهنجارڻ جو گيت: گهوٽ وِهنجارڻ وقت جيڪو گيت هن علائقي ۾ جهونگاريو وڃي انهيءَ جا نموني طور ٻول هن طرح آهن:

وراڻي:

اَبا توکي ڀائر ٿا رانيئنِ، ڙي اَبا هلي آ بنگلي

سير صابڻَ جو تنهنجي چوٽي لڳي

اَبا توکي ڀائر ٿارانئين ڙي اَبا هلي آ بنگلي

سير عَطَر جو تنهنجي وڳي لڳي

اَبا توکي ڀائر ٿا رانئينِ ڙي اَبا هلي آ بنگلي

ڪُوار کي وهنجارڻ جو گيت: ڪُنوار کي وهنجارڻ وقت جيڪو گيت چوَن اُن جا ٻول هن طرح آهن:

وراڻي:

ڀوري مٿڙو ڌوئي، کليو کُهنبو کوئي

هن مارُل جو ـــ هن جيڏل جو لکيو انگ، گهرِ ٿيو

پُوري جُتي پير ۾ آئين هرين هلو ڪو پير کڻوَ

اسين هلندڙي آسَ سڄڻ ـــ هرين، هرين هلو...

گج تو ٿي پاتو، مَن منهنجو ٺريو.

پاءِ چندن هارِ، سهڻو ڀتارِ، ٻائي توکي جُڙيو

پوري مٿڙو ڌوئي کِليو کُهنبو کوئي

نٿ تو ٿي پاتي، من منهنجو ٺريو

دُهرِي تو ٿي پاتي، مَن منهنجو ٺريو

وراڻي: پاءِ چَندَنِ هارِ لاڏِي پائي سهڻو ڀتار توکي مليو.

پڙي جا گيت: گهوٽ ۽ ڪُنوار جا ڪپڙا ڌار ڌار جن ٿالن ۾ وجهي رکن، اُنهيءَ ڪپڙن واري ٿال کي ”پڙو“ چون. گهوٽ ۽ ڪنوار جا پڙا وري ڳارائجن، پڙي بابت جيڪي ڳيچ ملي سگهيا آهن، اُهي حاضرِ خذمت جينءَ جو تئين لکيا ويا آهن.

گهوٽ جي پڙي جو ڳيچ:

وراڻي:

هيءَ جو سُٿڻ موکِيان (موڪليان) منهنجو راڻَلِ ٿو پرهي

وَرِسي اسان جي مير جي شلَ اوڇَڻَ ۾ اوڊي

جنهن گهر آيو ناٺِئَيڙو، هي ڪپڙا موکيان منهنجو راڻلِ ٿو پَڙهي

ورسي اسان جي مير جي شَلَ اوڇڻ ۾ اوڊي

جنهن گهر آيو ناٺيئڙو، هي ڪپڙا ٿو پَرهي.

ڪُنوار جي پڙي جو ڳيچ:

کُهنبن ساڻ پڙو سو ته لاڏي ماءُ هيرَ سَنڀايو

وراڻي: يا مولا! مان سِين ميڙ هلو ـــ اوٺِي اورَب پار جا

ساٿ جُڙيو سَردار.....يا مولا.....

نياڻين ساڻ پڙو ـــ سو ته لاڏي جي ماءُ هير سنڀايو

ساٿ جڙيو سردار جو اوٺي اورب جا ساٿ جُڙيو سردارِ.

موڙ جو گيت: گهوٽ کي موڙ ٻَڌڻ وقت جيڪو ڳِيچ ڪُڇَن انهيءَ جا ٻول هن  طرح آهن:

وراڻي: ڀلين گهوٽ آيو، ڀلين گهوٽ آيو

موڙ ادا جا مليران جي آيا، آئين ڪوٺي ڪوٺاري

هلي موڙ ٻڌايو

ڀلين گهوٽ آيو ــــ ڀلين گهوٽ آيو

ڀلين گهوٽ آيو ــــ ڀلين گهوٽ آيو.

تَرگسِ (سرگسِ) جو ڳِيچ: گهوٽ کي ترگس گُهمائڻ بعد جڏهن اُن کي گهر آندو وڃي ٿو ته عورتون دروازي تان گهر اندر وٺي اچڻ لاءِ گيت چون ۽ ٻيو گيت وري، وڇايل سيج تي پهچائڻ تائين چون، جن جا ٻول هن طرح آهن:

دروازي اندر وٺي اچڻ وارو گيت:

وراڻي: گهوٽ گُهمِي گهر آيو، هي رنگ لال، لاکَڻِ لايو

ڀلين گهوٽ گهمي گهر آيو

جهڙو گهوڙو گهوٽ جوڙي ميان تهڙا ساجَ سنڀايو

گهوٽ گُهمِي گهر آيو، هي رنگ لال، لاکَڻِ لايو

چارئي يار رسول جاڙي ميان، پَنج تن پاڪَ پڙهايو

گهوٽ گهمي گهر آيو ــــ هي رنگ لال، لاکَڻ آيو

ماڻڪي محمد مير جي ڙي ميان چَشمنِ ساڻ چُمايو

هيءُ رنگ لال، لاکَڻِ لايو ــــ گهوٽ گُهمي گهر آيو

تِکڙي سِيرَ سَمُونڊَ جي ڙي ميان لحظي سان لنگهايو

هي رنگ لال، لاکَڻِ لايو، گهوٽ گهمي گهر آيو

آسي عبدالرؤف چَئي ڪلمون پاڪ پڙهايو

هي رنگ لال، لاکڻِ لايو، گهوٽ گهمي گهر آيو.

سيج تائين پهچائڻ وارو گيت: هن کي عورتون ”جاڳائڻ“ وارو گيت به چون:

ڊوليو ماڻهو ڍَٽَ جوڪِ پَٽ جو، آئين جاڳي ڇونه جاڳايو

آيلَ ماڻهو ننڊَ ۾ ڪَ سُکَ ۾، آئين جاڳي ڇونه جاڳايو

لاڏي جا لِکڙي، ڊولو ماڻهو ڍَٽَ جو ڪَ پَٽَ جو

ڍوليو ماڻهو ڍَٽَ جو ڪَ پَٽَ جو، آئين جاڳي ڇو نه جاڳايو.

سيج جو گيت: هيءُ گيت گهوٽ کي سيج تي ويهارڻ وقت چون:

وراڻي: گُل چُونڊيان راڻل گهوٽ تان

ٻانهين سَندين سڄي سونَ جي مَٿس گُلَ گُلاب جا

چوڙين رانئيو هلي گهوٽ کي

گُلَ چونڊيان راڻَلَ گهوٽ تان

پرڻي رات رسول جي پنج تن پاڪ پَڙهايو

حضرت آندئون سيج تي او گُل چونڊيائون گهوٽ تان

بينسر سنديس سڄي سون جي مٿس گُل گلاب جا

حُورين رانيُو هلي گهوٽ کي، اي الله! محمد

آندائون سيج تي

گُل چُونڊيان راڻلَ گهوٽ تان.

لانونِ جا ڳيچَ: گهوٽ ڪُنوار کي سيج تي ويهارڻ بعد شاديءَ ۾ آيل ڄاڃين مان سَتَ عدد پرڻيل عورتون گڏ ٿي پهريان، اُهي واري واري سان گهوٽ ۽ ڪُنوار کي لائون ڏيارين ٿيون، جن کي ”سَتَ سُهاڳڻيون“ سڏين، انهن لانئُن کان پوءِ ٻيون آيل عورتون ۽ مرد لانئون ڏياري، ان وقت، عورتون جيڪو ڳيچَ چوَن تنهن جا ٻول هن طرح آهن:

وراڻي:

پِهرڙي لانَ چَنڊ ٻاٻوري اسان سوين ڏٺا سيج چڙهندي

سيڄڙي سوماڻي چوٽي ڀاوي ڌيڻس گُجرڙِي رات ڳورڙي ساري

ٻي لانءَ:

ٻيءَ لانءَ چنڊ ٻاٻوري اسان سوين ڏٺا سيج چڙهندي

ماڻِ تون سائيلڙي ماڻِ مائي وريو صاحبڙو وَنُو

ٽين لانءَ:

ڏؤرڙي ڏَهه ڳنڊيون لاڏا ڏونرڙو ڪينءَ ڇُٽي
ٽين لانءَ: چَنڊ ٻاٻوري اسان سوين ڏٺا سيجَ چڙهندي
تِرَ تِترڙيان ماڻ، تُون آن ننڍڙي ڪُنوار جيڪي لاڏو ڏئي سو لاڏو وٺي. . . . . . .. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

چوٿين لانءَ:

هيءَ چوٿين لانءَ چَنڊَ ٻاٻُوري، اسان سوين ڏٺا سيج چڙهندي
رَتَا ٻَڌڙا ماڻي، تون آن ننڍڙي ڪُنوارِ جيڪي لاڏو ڏئي
سو لاڏو وٺي.................................

 

پنجين لانءَ:

ڇُون منديئڙي مکڻ، ميڙيو مَندِئيڙو

پنجين لانءَ چنڊ ٻاٻوري اسان سوين ڏٺا سيج چڙهيندي

سَمَرِ، سَمَرِ وِنجهڻِي، وِنجَهِڻيءَ واؤڙُو، سرتيءَ نيڻَ ٺَرن

ڇهين لانءَ:

هيءَ ڇهين لانءَ چنڊ ٻاٻُوري، اسان سوين ڏٺا سيجَ چڙهندي

کِر، کِرِ ڪُڏڙِيءَ راندِ، جيڪو کٽي سو کائي، هَٿَ اُڳهي

وَنِڙيءَ نيڻ ٺَرِن.

ستين لانءَ:

هيءَ ستين لانءَ چنڊ ٻابُوري، اسان سوين ڏٺا سيج چڙهندي کان سواءِ لانئن جا ٻيا به ڪيترائي گيت شادي جون مختلف رسمون ادا ڪندي گيت چون.

نِکيٽيءَ جاڳِيا: شاديءَ بعد نِکيٽي ٿيندي آهي، اُن موقعي تي به هتان جون عورتون پنهنجا خاص گيت ڪُڇَن ۽ گهوٽ، ڪُنوار کي لانئون به ڏين، هيءَ موڪلاڻي وار لانءَ ڪري چون جن ٻول هن طرح آهن:

لائن وارو ڳيو:

وراڻي: پهرڙِي لانءَ چَنڊَ ٻاٻُوري ڇَتَڙِي پَرڻجيءَ چٽي چُوڙي

اَلا، اَلا ڇُوڙي ڌِيءَ ڄمارَ، جڏهن ڄائو لُڏڻ ماروئڙن مول (مهل) سين آيو

هيءَ ٻي لانءَ چنڊ ٻاٻُوري ڇَتَڙِي پَرڻجيءَ چِٽي چُوڙي

جهڙِي وَنِي ڪوٽ جهڙو وَنُو. پَرَڻي وَرِيو ههڙو وَنُو

نوٽ: اهڙي نموني سَت لانئون پوريون ڪن.

موڪلاڻي وارو ڳيو:

وراڻي: لاهَه ڪڙولو ڪوٽ جو اسين مُومَلَ نِينداسون

مومل نِينداسون، اسين ساٿ (ساعت) نه سوندا

(سهندا) سون

هَڪَل بابو بِجليءَ تي اسين اوتي پوندا (لَهندا) سُون

وراڻي: لاهه ڪڙولو ڪوٽ جو اسين جيڏل نِينداسون

ٿڌو ڇَنُو: نِکيٽيءَ واري لانئُن بعد اڳي (هاڻوي به ڪن برادرين ۾ آهي) اهو رواج هوندو هو جو ڪُنوار کي مائٽاڻا ڪَپڙا لَهرائي، ساهورن جي گهران آيل ڪپڙا پهرائي چَني جي وچ ۾ ڪُنوار کي بيهاري، هڪ جيڏيون سهيليون ۽ پوڙهيون، پڪيون عورتون ڪُنوار جي چؤڌاري بيهي جيڪو ڳِيو چونديون آهن، ان کي ”ٿڌو ڇَنُو“ چون. انهيءَ ڳِيي جا ٻول هن طرح آهن:

ٿَڌو ڇَنُو، اڏڙيون اَڏڙِون ٿي ڀانيانسِ ڙي

وراڻي: ساهُلَ هيءَ جا ننڊڙي ــــ ڙي ــــ ساهُل هيءَ جا ڦُٽڙي ڙي

سياري جوکُٽي اونهاري ٻي رات ڙي

ساهُلَ هيءَ جا ننڍڙي ڙي، هيءَ جاڳورڙي ـــ ڙي

سيڻين گهوڙو ڏيندي ـــ ڙي. اوچي ڏاند چڙهندڙي ـــ ڙي

ساهُلَ هيءَ جا نه ڏيندڙي ــــ ڙي وارڙي ڙي

جوڌ جُواٽڙِي، ٻول تون ٻانڀڻ ٻول ڙي

ساهُلَ هيءَ نه ڏيندي ڇَتڙي وارڙي ـــ ڙي

گهر مان ڳارائي ٻاهر ڪڍڻ جو ڳيو:

اُٿ، اُٿِ ڌيئڙي ٻائي نِڪَر ٻاهَر ڇڏ اباڻا گهر

ماءُ ڏِنَئي موڪَلَ پِيءَ پَرتيءَ رب کي

وراڻي: هاڻي لاهيو ڪڙو هن ڪوٽ جو اسان جيڏل نينداسين

اسان ساٿ (ساعت) نه سوندا (سهندا) سين

هاڻِ کوڙِ تنبُو (طنبو) هِنَ ريل (پٽ) تي اسان جيڏل نينداسين

هاڻي لاهيو ڪڙو هن ڪوٽ جو اسان جيڏل نينداسين.

لاڏيءَ جو گيت: گهوٽيتا جڏهن گهوٽ پَرڻائي پنهنجي گهر اَچن ته خوشيءَ مان عورتون پنهنجي اُميدن ۽ آسن پورين ٿيڻ بابت گيت چون، جنهن کي عام طرح ”لاڏو“ چيو وڃي.

وراڻي: اسان آسُون پُنيون، کيرول سَڄَڻِيءَ رات

سَڄَڻِ آِو ڀنسڙِيءَ رات، کِلي ڪُڏِي سارڙِيءَ رات

حَسنَ ميارو لاڏو هيرَ (هِئنير) تو (ٿو) اچي

اسان آسون پُنِيُون، کِيرولَ سَڄڻِيءَ رات.

ٻيا مختلف گيت:

رسمي گيتن کان سواءِ هن علائقي ۾ شاديءَ جي حوالي سان ٻيا به ڪيترائي اهڙا گيت آهن، جيڪي شاديءَ جي رسمن دوران ڳايا وڃن ٿا، انهن ۾ ”سانجهي“، ”لاڏا“، ”ڏاوڻ“، ”ساٺ سنوڻَ“ ۽ ”گهوٽ کي ڍڪڻي ڀڃائڻ“ کان سواءِ ڀوڳ چرچي مذاق ڪرڻ وقت جيڪي گيت چون ان کي ”هيرا“ چيو وڃي، ۽ ڪُنوار کي پڙا ۽ زيور پارائڻ وقت ۽ ٻيا اِهڙي قسم جا ڪي گيت آهن، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

سانجهِي: ڪُنوار کي وَنواهه دوران ڇَهِي ڏينهن، روزانو سانجهيءَ ٽاڻي عورتون گڏجي نصيحتون ڪن. اُنهن منظور نصيحتن کي هُو ”سانجهي“ سڏين. سانجهيءَ واري گيت جا ٻول هن ريت آهن:

وراڻي: سانجهي، سانجِهي سانجهيئَڙو ڏِجي

جنهن گهر سَنجهڙو، سو گهر وَسي

سانجِهي، سانجِهي، سانجهيئڙو ڏِجي

پير سِين پينگهڙو نه لوڏِجي

سُتڙو، پُٽَڙو نه جاڳائِجي

سانجهِي، سانجهِي، سانجِهيئڙو ڏِجي

ننڍي وڏي جي نَمتا ڪَجي

اُکرِي موئيلڙو نه اورانگِجي

سانِجهي، سانجهي، سانجهيئڙو ڏجي

تتڙو گيهه نه تور جي

ٻوهاري سوهاري گهر ڪنڊ نه رکجي

سُتڙي ڪُتَڙي، نه اُٿارجي

سانجهي، سانجهي، سانجيهئَڙو ڏجي

جنهن گهر سَنجَهڙو، سو گهر وَسي.

ٿَنڀ واري سانجهي: هيءَ سانجهي به ڇهه (6) ڏينهن سَتَ سهاڳڻيون ڪُنوار مٿان اچي بيهن ۽ اُن تان پنهنجي گنديءَ پَلئو وجهندي، جيڪا گيت جي مصرعه ڪُڇن، اُن کي عورتون ”ٿنڀ“ چون. هن گيت جي هڪ مخصوص مصرعه اِها آهي جو پهرئين ڏينهن چون ”اُٿ لَئي ڌيئڙي ٻائي ڇوڙ ڪَنگڻِي ٻَڌِ اکيو....“ اهڙي طرح آخري يعني ڇِهين ڏينهن چونۡ ٻَڌِ ڪَنگڻِي ڇوڙ اکيو...“ ”ڪَنِگڻِيءَ“ مان مُراد ڪُنوار جي ويڙهيل ۽ ڳُتيلَ چوٽي آهي، اِنَ ”ٿنڀن واري سانجهي“ جا ٻول هن طرح آهن: اِهي ٿنڀَ ڪُل سَت ٿين.

وراڻي: ٿَنڀِ ٿَنڀيان، ٿنڀيڻ، ٿُوڻي هيرو جَڙيو ماءَ پَسِي موتي مَڙهيو

اُٿ لَئي ڌِيئَڙِي ٻائي ڇوڙِ ڪَنگڻِي، ٻڌَ اکيو، ڄڃ آئي ساهورين

پَهروين ٿَنڀ ٿِنڀيان، نانا جي ٿنڀ ــــ ٿنڀيان..........

وراڻي: ٿنڀ ٿنڀيا ٿنڀين ٿوڻي، هيرو جَڙيو ماءَ پَسِي موتي مَڙهيو

ٻيو ٿنڀ، ٿنڀيان ــــ ڏاڏا جي ٿنڀِ ٿنڀيان

ٿنڀِ ٿنڀيان ٿنڀين تُوڻي هيرو جَڙيو ماءَ پسِي، موتي مَڙهيو

ٽيون ٿنڀ، ٿنڀيان پُڦا جي ٿنڀ ٿنڀيان

ٿَنڀ، ٿنڀيان ٿنڀين ٿُوڻي...............................................

چوٿون ٿنڀ ٿنڀيان ــــ چاچا جي ...............................................

ٿنڀ، ٿنڀيا ٿنڀين ٿوڻي ...............................................

پَنجون ٿنڀ، ٿنڀيان ماما جي ...............................................

ٿنڀ، ٿنڀيا ٿنڀين ٿُوڻي  ...............................................

ڇهون ٿنڀ، ٿنڀيان ڏاڏا جي  ...............................................

ستون ٿنڀ ٿنڀيان ڪُڙَمَ سَڀَ ڪُڙَم ٿنڀيان.............................

ٿنڀ ٿنڀيان، ٿنڀين ٿوڻي، هيرو جڙيو ماءَ پَسِي موتي جَڙيو.

پَلاندَ واري سانجهي: هن سانجهيءَ کي پَلانَد واري سانجهي چوَن، هيءَ به سَتَ سُهاڳڻيون ڪُڇن، سانجهيءَ ٽاڻي ڪُنوار توڙي گهوٽ جي ساٽن وقت ڪُڇنِ، هن جا ٻول ڪجهه هن طرح آهن:

وراڻي: مَٿسِ لُونگڙِيءَ پاندِ، مَٿسِ چُنڙِي پَاند، توتان کَٽِيئڙي

رَتو توتان ڌوٻِئڙي ڌوتو

اسان جو نَبِي سڳورو سيجَ چَڙهندو

پهرين ٿَنڀ جي اَڏڙي اَڏڙيا مورڙي ساري تون تان وَنڙِيءَ

سُهاڳڙو جِيءَ لاڏو جي ماڻيندو

ساڳئي طرح ٻيا ٿنڀَ به انَ وانگيان عورتن چون ۽ اِهڙيءَ طرح سَتِ ٿنڀَ پورا ڪَن، جن ۾ رُڳو وَرِجاءُ آهي.

لاڏا: عورتون خصوصاً شاديءَ جي موقعي جي خوشيءَ جا گيت ڪُڇَن اُنهن کي ”لاڏا“ چون. انهن لاڏن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جي ڪپڙن، سونهن سوڀيا ۽ ڪُنوار جي زيورن، ڳهن، ڳٺن جو به خاص ذڪر هوندو آهي.

وراڻي: آيل ڀُوري، ماءُ ٿي پنهنجي پٽ کي پرڻايو

آيل ڀُوري، ڀيڻ ٿي پنهنجي ڀاءُ کي پرڻايو

ويس واري اسان جي لال ڪُنوار.................

پوڇڻ وارو اسان جو لاکڻيو لاڏو

آيل ڀوري ماءُ ٿي پنهنجي پٽ کي پرڻايو

آيل ڀوري ڀيڻ ٿي پنهنجي ڀاءُ کي پرڻايو

اسان جي لاڏِي دُهرِيءَ جيڏي نَٿ ته سُهرو ڏيندو

مارَلَ تنهنجو ورڻو وَر سين ايندو، ور ته سلامت هوندو

وراڻي: آيل ڀوري ماءُ پنهنجي پٽ کي پرڻايو

آيل ڀُوري ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي پرڻايو

اسان آسون پُنيون، سون جو ٻيڙو ڙي اَبا تنهنجو ڀاڳ

سون جو ٻيڙو ڙي اَبا تنهنجو ڀاڳ

موتين ڇانئيو مارَلَ تنهنجو ڪانڌِ

هَنجَرلَ جيئو ڄام جَراڙ (1)

اسان آسون پُنيون، سون جو ٻيڙوڙي اَبا تنهنجو ڀاڳ

وَرِنا ٻائي بُو بنا ٻائي (2) توکي لڳڙي جا جَٽَ جراڙَ جي

لاڏي کي جا لِکڙي وَرنا ٻائي، بُو بنا ٻائي ــــ توکي جا لڳڙي چَٽَ جَڙار جي

سُونهي ڪُنوار ٻانهين ۾ ٻانهي ٻارِئَڙو جوڀَنِ هيلُون ڏي

سُونهي وَاڻِ ڪُلهي تي ڪانهين ٻارِيئڙو جوڀن هيلون ڏي

سونهي ڪُنوار کي نَڪَ ۾ نٿَڙِي.....................

سُونهي ڪُنوار کي ڪَنڌ ۾ دُهري....................

ڏاوڻ جو ڳيت: گهوٽ ترگس (سرگس) تان موٽي گهر اچي ٿو ته گهوٽ جون سالِيون، هڪ زَريدار ڌاڳو کڻي اچي گهوٽ مٿان جَهلين ۽ پوءِ جيڪو گيت چون اُن کي ”ڏاوڻ“ جو گيت چون، ان جا ٻول هن طرح آهن:

راڻَلِ آيو راڄَ ۾ طنبو کوڙيندو باغ ۾

ڌارون ساڙيندو سائورين، سونا ڏاوڻ ڏائينديون ساليون

وراڻي:

سالين ڏاوڻ ڏايو، سونو ڏاوڻ رُوپي ڪڙي

اي حضرت! مور سون جا بَنايَم تو لئي

محمد موڙ بَنايَمِ تو لئي

سالين ڏاوڻِ ڏايو، سو ڏاوڻ رُپي ڪڙي

ڍڪڻِيءَ ڀَڃڻ بعد جو گيت:

وراڻي: اُٿِ، اُٿِ ميان ڍولِيا رات موچاري

اسان آسون پُنيُون مير مون گهر آيو

پير مون گهر آيو، ڪارڙِ ڪُڏيلَ ريل چنيسرَ هيل آيو

وراڻي:

اُٿ، اُٿِ ميان مِيرَ ڊوليا رات موچاري

الله منهنجو دودل آڻِ، مولا منهنجو چنيسر آڻِ

بچين ڙي مير ڄامَ ڄَنَ سويلڙي آڻ

اسان آسون پُنيو اُٿِ، اُٿِ منهنجا ڍوليا.

هيرو: هيءُ گيت، عورتون شاديءَ جي ڪَم ڪار ۽ شاديءَ جي رسمن کان وانديون ٿي چون، اُن گيت کي عورتون ”هيرو“ چون. هن گيت ۾ عورتون هڪ ٻِئي سان مذاق، مسخري ۽ کِلَ ڀوڳ وارو ٻول ٻولين گيت جا ٻول هن ريت آهن:

وراڻي: واهَه، واهَه منهنجو پَپيهَلِ، ٻولي ٿو مَنَ ۾ ڳالهه ٻُڌائيندو ڪَنَ ۾

راڻو منهنجو منڙو ڪوهه موهيو اِٿئي، سُهڻا منهنجي دلڙي ڇو جَهلي اٿئي؟

سوڍو پُٽ سورهي جو سوريهه ساماڻو

اڇا پاتائين ڪپڙا جهڙو موتيءَ ڌاڻو

ها... ها... منهنجو پَپيهَلِ ٻولي ٿو مَنَن ۾.......

اڇي چُنِي چِٽ گهڻا، چوڙ چٽي ٻانهين وَرَ صُبح جا

سائين، ٻيڙي گُل غيرب جي

ها... ها.... منهنجو پَپيهَلِ ٻولي ٿو مَنَ ۾............

ڀِيرِ تي ٻه ڄَڻا بيٺا گهٽ گهڙين، آئون گُهران هيڪڙو ڀانڪر ڀريو ڏين

ها... ها.... منهنجو پَپِيهَل ٻولي ٿو مَنَ ۾.........

راڻو: عورتون آڌي رات کان پوءِ، گهوٽ راڻي لاءِ جيڪو گيت چون اُن کي هو پنهنجي ”زناني ٻوليءَ“ ۾ ”راڻو“ چون، جنهن جا ٻول ڪجهه هن طرح آهن:

وراڻي: آ، راڻا بچين راڻا، منهنجي گُلابي راڻي کي آڻي مَنَ الله

راڻو، راڻو، مَ راڻو آهي پَروس..........................

ادي منهنجي گلابي راڻي کي آڻِي شال الله

امان مون ڏي موڪليو، ٻيڙيءَ چاڙهي شينهن

شينهن ته پاتم پِنڃري ۾ مارِيسِ تنهنجي نِينهن

آ راڻا بچين راڻا، منهنجي سوڍل راڻي کي آڻي مَن الله

امان مون ڏي موڪلي سُونگهي ۾ ٻانهي

ٻانهين پاتمِ ٻانهن ۾ سُونگهو نيشانِي

اديون منهنجي صورت جي سوڍي کي آڻي مَن الله.

 

 

ــــــــــ


 


[1] . لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ـــ مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا.

[2] . لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ـــ مصنف: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص 281، ۽ عبد ماڃوٺيءَ جو مضمون ”جيءَ جهوريندڙ پيڙا“ روزانه جاڳو ڪراچي مورخه 28 اپريل 1992ع.

[3] . ڄام مان مراد ڪڪرالي جو ڄام.

[4] . مَنگل مان مُراد ڪڪرالي تي مغلن جي ڪاهَه آهي. هي ڳيچ ڪڪرالي (تعلقي شاهبندر ۾ خاص طرح) ۽ کاري طرف خصوصاً ڳائجي (مصنف).

[5]. چيڻُو خاص کاري جي ڏُٿِ آهي، مٿان کَلَ هئيڊي ٿئيسِ اندرانِ اڇو ٿئي. چانورن وانگر رڌي کائجي، چون ٿا هن کي ست کلون ٿين.

[6] . فقير سيد گل محمد شاهه جي مٿين ڪافي عورتن کان ملي ليڪن فقير سيد گل محمد شاهه بابت ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي، ته هُو صاحب ڪٿان جو هو.

[7] . هي هڪ سگهڙ عورت کان مليو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org