سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :4

 

باب چوٿون

 

جَتڪِي ٻولي

 

جت قوم جي تهذيبي حالت حڪ نرالي حيثيت جي حامل آهي. ڪڇ ۽ سنڌ جي جاتي، سجاول ۽ بدين واري ڀاڱي جا جت ۽ ٻيا دَٻائي جت، جيڪي ميرپور ساڪري ۽ گهوڙا ٻاري کاري ۾ رهن ٿا، سي سڀ نسل جي لحاظ سان بلوچ آهن. ڪڇ ۽ سنڌ وارا راڌا جت آهن ۽ سندن سردار سنڌ ۾ راڌا ملڪاڻي آهن.

رهائش ۽ ڌنڌي جي لحاظ سان جت قوم جا ٽي وڏا پاڙا آهن: (1) پکي راج، (2) مَنَهون راڄ ۽ (3) ٺٽيار.

پَکي راڄ: هن پاڙي تي اهو نالو انهيءَ ڪري پيو جو هو پکي وارن گهرن ۾ رهندا آهن ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا. هنن جي گهرن جي اڏاوت جو نمونو به الڳ هوندو آهي. انهن مان ڪن مستقل طور تي پنهنجا گهر پَڪا ٺهرايا آهن، انهن پڪن گهرن جي اڏاوت جو نمونو به پراڻي طرز جو آهي ”جت قوم“ جو اصل روپ به هن ئي راڄ ۾ سمايل آهي. ڇو ته هن راڄ جي اُٿڻي، ويهڻي، ڪپڙن جي اوڍڻ، رهڻي، ڪَهڻي ۽ ٻوليءَ ۾ اڃا تائين اصلوڪو روح موجود آهي. [1]

مَنَهون راڄ: يعني جيڪي منهن اڏي هڪ جاءِ تي ئي مستقل طور رهيا، تن کي منهون راڄ چيو ويو. جيتوڻيڪ هنن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻي به ٻين راڄن وانگيان آهي، پَر پنهنجي اصلي ٻولي وساري چڪا آهن. هنن ۾ ميرجت، پٽَڙِيا ۽ شهبگي پاڙا شامل آهن.

ٺٽيار: معنيٰ ٺَٽِي وارا“ اهي جت قبيلا جيڪي ”ٺَٽِي“ يعني ڳويون ۽ ٻيو مال (سواءِ اٺن جي) پالين. پکي راڄ وارن جي ڀيٽ ۾ هنن جون لڏ پلاڻيون ننڍيون ٿين. آڳاٽي وقت کان وٺي مرد ڪاري ڪپڙي جي گوڏ، جنهن کي ”پوت“ چون، ٻَڌندا هئا، قميص بدران ”صَدرِي“ پائين ۽ مٿي تي پَٽڪو به ڪارو ٻڌن، جنهن کي ”ٽِڪَنِي“ چوَن. هن وقت صرف ڪي وڏڙا اهو لباس ڪن ٿا.

جڏهن ته عورتن ۾ ساڳيو بلوچن وارو گگهو آهي، هن ۾ ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي جو استعمال ڪن. مٿي جي گنديءَ کي ”مَٿيرڻ“، يا ”چُنڙِي“ چَون، جتن جي خاص زيورن ۾ نٿ، بُولي، ٻانهي، نُورو ۽ ڏاندڙي وغيره شامل آهن، جيڪي بناوت جي لحاظ کان عام سنڌي زيورن کان مختلف ٿين.

جتن جي گهرن جي اڏاوت (جتڪي طرز سان) خاص ڪري جتن جون عورتون ڪَن. جنهن ۾ هُو ماهر مڃيون وڃن ٿيون.

جت قوم جا مختلف پاڙا ۽ اوڙڪون: ماڃر، ڪڪرالي، جاتي، شاهبندر ۽ کاري طرف جت قوم جا مختلف پاڙا رهن ٿا، انهن اوڙڪن ۽ پاڙن جو خاڪو هن ريت آهي:

(الف) آرياڻي، ابوراڻي، اَجاڻي، اوناڻي، آستر (ب) باريچا، بَڙ جانگ، بجاراڻي، پوٽا ۽ بهادراڻي. (ٻ) ٻَٻراڻي: ٻَروچاڻي، ٻيلائي. (ڀ) ڀَڙاڻي، ڀَنڀوراڻي، ڀنڀاڻي. (ت) تالي. (ٺ) ٺَٽَيارَ. (پ) پَٽَڙِيا. پَکَڙِيا. (ج) جَيئنداڻي، جُماڻي. (ڄ) ڄانڀاڻي. (چ) چَمڙِيا. (ڇ) ڇيهَه. (ح) حاجياڻي، حَمراڻي. (خ) خاناڻي. (د) دبائي. (ڏ) ڏاتواڻي. (ر) رنگواڻي، رَتاڻي، راڌاڻي. (س) سوتڪاڻي، سهڪاڻي، سالاراڻي، سِياهِي. (ش) شادي، شهيگي. (ع) عيسباڻي، عامَرَ. (ف) فقيراڻي. (ڦ) ڦتواڻي. (ق) قسماڻي. (ڪ) ڪاڇواڻي، ڪاراڻي. (گ) گراسيا، گيانچ، گنبواڻي. (گهه) گهُناءُ. (ل) لکاناڻي، لالاڻي، لِکاڻي، لُڳَڙَ، لاکاڻي. (م) متوآڻي، مٺاڻي، موڏاڻي، مارواڻي، مَنواڻي، مياڻي، مَنڌاڻي، مڪڙا، ماهيئڙا، مسوراڻي، منهوراج ۽ ميوا. (ن) نولکاڻي، نٿالاڻي، ناٿاڻي. (و) واگهائي، وزيراڻي، ونگائي، ورِحماڻي.

جتڪي ٻولي: ماڃَر، ڪڪرالي، جاتي، شاهنبدر ۽ کاري ۾ رهندڙ جت قوم جي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جو اثر ملي ٿو، البت جت قوم جا اُوٺي مال وارا راڄ پنهنجي اصلي لهجي ۽ ٻوليءَ کي محفوظ رکيو اچن. خاص طور سان فقيراڻي جتن وٽ پنهنجي اَباڻي ٻولي لهجو چڱي ريت محفوظ آهي، جتڪي ٻوليءَ ۾ ”ويهه“ کي ”ٻٻيزِهِه“ چوَن. پَرڪي جَتَ پاڙا انهيءَ لفظ کي ٻيزه بَدران ”ويزهه“ اُچارين جيڪو صحيح نه آهي.

ڪڇ سان لڳ، لاڳاپي ۽ سنڱابندي هئڻ ڪري انهن جي ٻولي ۽ لهجي تي ڪڇي لهجي جو وڏو اثر آهي ۽ هو پنهنجي عام گفتگو ۾ ڪڇي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪن ٿا:

ڪڇِي ٻولي           جَتڪي ٻولي  سنڌي ٻولي

اَوَڙو                    اورو             ڏُکيو

اَڃڻ                    آڃڻ            سُرمون

ڳِنِي                    ڳِنِي            وٺي

لَمُون                   لَمُون           پري

جتڪي ٻولي          جدگالي        سنڌي ٻولي

ڪين جو                       ڪتين جو      ڪنهن جو

ڳنِي                    ڳنِي            وٺي

چاڙي                  چاڙي          سيڙهي(چاڙهي)

مان کي                        مان کي                مون کي

جتڪي ٻولي          جدگالي        سنڌي ٻولي

مان کي                        مان کي                مون کي

گڏُون                   گڏون           ٻوٽو

گوربَندِ                 گورَبند         ٻارن کي تنجڻ

واري ڏوري

۽ اُٺن جي پٽي

لَبِي            لَبِي            لالچي

لانٽي          لانٽي          ناڪيلي

نِدان            نِدان            نيٺ يا آخر

ڇتيُون          شِتُون          نوڪون يا چُنهبون

گورَم          گورم          ڌڻِ

تَڏِي           تِڏِي           تِڏ

مِينهِنِ         ميئن           مِينهنِ

اِين جو         آئين جو        ان جو

اُونجو           اونجو           اُن جو

جتڪي لفظ   فراڪي محاوري       معنيٰ

به ساڳيا اچار

ڳال            ڳال                    ڳالهه

گڏون           گڏون                   لوٽو

لئوظ           لئوط                   لفظ

ڪِين جو               ڪِين جو               ڪنهن جو

سَئُوزي         سئُوزي                 سبزي

ناڪار          نَهڪار                 انڪار

خامخا          خامخا                  خوامخواهه

بتليو           بتليو                   بَدليو

آلوڙو           آلوڙو                   تازو وياميل

ڏاچي يا مينهن جو کير

پُچُ                     پُچُ                     ڪپڙا

جت قوم جا گهڻا راڄ کاري ۾ رهن ٿا. جن مان ڪي شاهبندر، جاتي گولاڙچي (ضلع بَدين) ۽ ميرپور ساڪرو ۾ اچي آباد ٿيا آهن. هونءَ به جت قوم جو اڪثر واسطو کاري (کاروڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر) واري علائقي سان آهي، تنهنڪري سندن ٻوليءَ تي پڻ کارائي لهجي جو اثر آهي.

جتڪي/ کارائي               معنيٰ

واسَرو                   اُلهندو

جُواڻِ/ جوان            وڇ پوکڻ جي وقت کي چَون

آرِيا                    ڍلو ڪري جَهلڻ

سَنهاڙ                  گڏ

هين سات              هِن ساعت، هينئر

وِتائي                  اُڇلائي

هڪ جي بجاءِ ٻيا استعمال ٿيندڙ اکر: جتڪي ٻوليءَ ۾ ت جي جاءِ تي ٿ اُچارين، ۽ ش جي جاءِ تي ڇ جو استعمال عام ڪن، ڪ ۽ خ جي بدران ک چون ۽ ڪي اڌ اکري بگڙيل صورت ۾ ڳالهائين:

ت جي بدران ٿ جو استعمال:

معياري                غيرمعياري    معياري                غيرمعياري

همت           همٿ           ساعتَ         ساٿِ

قُدرت          قُدرٿ          عادَتَ          عادٿ

بيت           بَيٿِ

ڇ جي بدران ش جو استعمال: ش بجاءِ ڇ جو استعمال:

معياري                غيرمعياري    معياري                غيرمعياري

ڇيهه           شيهَه           شرط           ڇَرط

ڇَڇَ             شَشِ           شڪار         ڇِڪارِ

ڇوڪرو شوڪرو شاهوڪار      ڇاهوڪار

ڇِتو            شِتو            شاهه           ڇاهَه

ڇا              شا             شوق           ڇونڪ

ق ۽ کي جي ي ۽ خ جو استعمال:

معياري                غيرمعياري            کٽو            خٽو

کٽي           خَٽِي                   خالِ            کال

وقت           وکتِ                   کِلَ             خِلَ

روزمرهه جي گفتگوءَ ۾ استعمال ٿيندڙ جملا:

جتڪو                         سنڌي

اٽون آئون آهون         تون آيو آهين

آڃون اڄ هتي آهين           آئون اڄ هتي آهيان.

ڪڙو مازِهِ آئون آهي.          هڪڙو ماڙهو آيو آهي.

ميزَهه وانتا ٻَڌي اچ.           مينهن اُجهندان ٻَڌي اچ.

هِجَڙَ هِتي هُئا.                 هينئَرَ هِتِ هُئا.

اچي ٻيزِهي                    اچو ويهو!

اُجهي ڇارڙو تو ڪرون؟ اِهو ڇا ٿو ڪرين؟

جُڳا وڃي بِيهَه.                        اڳيان وَڃِ بِيهَه.

جِڱهان ڪرون تِڱهان وَسَ     جِينءَ ڪرين تينءَ وَسَ وارو

وارو آهون.                      آهين.

هيڻي اچ.                      هيڏانهن اچ.

جتڪي ٻوليءَ جا خاص لفظ: جت پنهنجي روزمره جي گفتگوءَ دوران جيڪي لفظ ڳالهائين ۽ انهن لفظن کي جنهن طرح استعمال ڪن، سي هيٺ‎ ڏجن ٿا:

لفظ            معنيٰ

اُٿو             اُٿِيو

اُٿوڙ            ٻارنهن ميهن جو اوٺو ڦر

اُڇُ              اُٿِ

اُڇڙانگ        هوارِائتو، بي سُکو

اُجهي          اُهي

اُداسي          تِتَر

بَبُوئِي          پاڻيءَ جي گُگِهي

بُرگِيون         ڍورن جا هڪ ٻئي ۾ ٻڌل ڇيڙا

بي گتو                بي عادتو

بيچَڻِ          ڇانڻي يا پَرَڻِ

بيلَڙو           اُٺ جو (نَر)ننڍڙو ڦر

ٻُسَ            گُهٽَ، رُگهه

ٻِلوکِ          ٻَه لَڪُو

ٻاريون          ڍورن جا ڇيرا

ٻانڌاڻِ          مَحَبت

ٻيزِهه           وِيهي

ڀڙا             ڍڙا

ڀانڃاڻِ         ڀَڄِ

ڀيڙيون         ڪَپا ڪَپِ ڪُنَ

ڀَڱِ            وَرِ ـــ گُنڊ

ڀَڱِ            مائِٽِي

تالَهه           نِرڙ

تُرم            ڍُڪِ. (منهن وجهڻ جو)

تُرَ              تُهه

تِڱهان         ٿينءَ

تُوتڪِ          حمام

ٿارِي           ٿالهه

ٿَمِ             چورن وارو ڍڪ جتي مال لِڪائين.

ٿُمُ             ٻوڙي جو هيٺيون پاڙ وارو ڀريل ڀاڱو

ٿو              ٿيو

ٿِيان            ٿِيس

ٽِکَڙِ            ٽن سالن واري ڌارئيندڙ اُٺڻي

ٽَڙِهوڙَ          هَڏائون

ٽڪارِ          نڀاڳو

ٽوپلي          ننڍڙي هَنڍي

ٽَڻِڪُو          نڀاڳو ٻار

ٺانگِر           ڦنڊِي ڏاچي

ٺَلَ             ٿَڌِ

ٺَهِيان          ٺَهيس

ٺهو            ٺَهِيُو

ٺونهنَدوُ        ٺهندو

پانَهه           پاهَه

پَرَڻِ             سَرائي

پَرياڻِ           سَنڍِ، يا ٻٻيڙ:

پِينج           رَسي

پيهال          اُڀرندو

پَسيجِ          موڪلڻ

پوڻِ            کَڏِ

جَڏهون         جڏهن

جِڱهان         جِينءَ

جِين            جَنهن

جيندِي         جِني

جيئندوئين     جيئندس

ڄايان           ڄايَسِ

ڄائوئين        ڄايو هوس

ڄائو            ڄايو

ڄائين          ڄايَمِ

ڄوِٽڻيُون       اُٺَ جو ٽَنگُون

جَهاڙِ           پکڙيل ٻوٽو

جهونڪاجي   هيڻو ٿي، ڪمزور ٿي

جهونٿِ        تِڪَ

جِهڻِڪَ         ڇِڙٻَ، دڙڪو

جَهيڙَ          ڪَن ۾ چير

جَهارَڪُٽو      (سڃاڻپ لاءِ نشان وجهڻ)

چٻڙِٿو          ڇِڙٻَ

چُرِهاڻِ          ننڍي ڏاچي

چِمَرَ            اُٺ جو نڪ

چوکار          ڇنڊِڇاڻ

چوپَ           نِجِ

ڇامَلو          پاڇو، ڇانهه

ڇُلِي            کُلِي

ڇيپِ           مينهَڻوٺ

ڇِڇڪو        ڊگهي منهن واري

ئي             ڪُئي

ڇيندو          ٿيندو

حام            محبت

داگِينُو          وڏي پيتي، (ڪاٺ جي)

ڌريون          پَن جو سوڙهو پترو (پکو)

دوکڙيو         زور ڀَريل باهَه

ڌاڪَ           هاڪَ

ڌانڃِ            اَنِ

ڌاڏرِي          گهر جو جَنڊو

ڌَٻڻِ            چِيڪي گپَ

ڌڙڪي         رَلِي

ڏرِي            ننڍو جَنڊائون پکو

ڏَمَدَ            گِنيگهي کي چون

ڏوا             ڏُڪارِ

ڏيڃان          ڏيندسِ

ڏوڙِ             سَختِ

ڊپِ سِيار       گِدڙ وانگر ڍڄڻُو

ڊوهي          روڪي جَهلي

ڊيارِ            ڊِڄڻُو

ڍائو            ڍاوَلِ، ڍايو

ڍايانِ           ڊائِيسِ

رَسمينِ         ٽِيهاڻِ اُٺ

رُسندوئين      رُسَندَسِ (مذڪر)

رَمَڻِ            ڪُڏڻِ، کيڏَڻِ

رُسنديانِ        رُسنديَسِ (مؤنث)

روهَه            عادَتِ

سَتِي           بَهادر

ساٿ           ڀاڳ

سُٿانِ           سَجائي

لفظ            معنيٰ

سَٿاگيرو        ڀاڳ وارو

سَجهَه          موقعو

شاته            شايد

طبو            علاج

ڦانَڪَ          ڪاٺيءَ جي سَنهي پٽي

ڦَڙڪي         پَٽڪو

ڦولرين          ڳولَيمِ

ڦولرَ            ڳول

ڦُولرنوئين      ڳوليندس

ڪائو           ڪهڙو؟

ڪُزهڻ         ڪهڻ

ڪَلڀ          وهنجِ

ڪَمبَپلِ                لالِٽين

ڪُوپو          ڪُتو

کَرهوڻِ          ڦَنڊِي

کانجاڻ         رَنڊڪَ

کَنهور          اُجڙيل گهر

کُتو            هَنيو

کرو             تکو

گتِ            عادَتَ

گتين کوٽو     بَداخلاق

گزهڻ           اُگهڻ

گُواڇڻ          ڊوڙائڻ

گُٻٺين         اگهيم

ڳمِ             غَمِ

ڳُهَرَ            ننڊ

ڳِيجَ            ڳِيچَ

لامَ            ڊيگهه

لامَ            ڊگهي ٽاري

لامَ            هِري

لونسَ          ڄَرَ

لِڃان           عادت، هيسَر

مجوسِي        پيتي (ننڍي)

مِسَ            ٿالهه

موڪو          ڪوريئڙو

مُڳا            اڳيان

مَيڌ            طاقتور (ڪاري رنگ وارو)

ناسِي          سياري ۾ اولهه جي تيز هوا

نِڌِ              بنياد

نَکو            نه

نِوائو            صاف

نڇارَ           نونهن

منيس          کُوهِه

واکرو           ڇڊو

وينو            وِيندين

وارمِ           وڏي لهر

واچَ             تيز هَوا

واڇ             هَلِ

هُنڀِي          شور، گوڙ

هورو            سِڪَ

هَماتِ          سزا

هنيا هور       گهڻي سڪ وارو، يا ڊنلَ

هُونُو            هوندين

پهاڪا ۽ چوڻيون:

هُو سَزو، هيءَ سَزي جي مائي. ڪنن جي ڪَسَر پُڇَ ۾ آئي.

ڀَلي رَڙي بادام، جيڪهين جو ڦَر آهي ڦُٽرو.

ڪَڙيءَ ويو وڳِ، ڪَڙِيءَ مُهاڙِ ماڙهه جي.

سَپَ مٿي گاهَه، سپ ٻيٽِو نه وِسَرِي ڇِتِ وِڻيي ڏُڌَ ڪهڙو ساءِ.

جي کين ۾ انڃڻ هُئا، ته بُوترڪيون ڪِيهان ڀُويوُن.

جَتَ سي جيندي، سسئي کي سَر هوڻي نه ڏني.

ڀيڻون، سي ڀيڻون، بيون جَهڙيون اُوٺي کِيرَ جون ڦِيڻون.

ڀاءُ سي، ڀاءَ، ٻيا جهڙا يا هُه جا واءُ.

سون هوندو تَه بِه پيٺِ ۾ لڳندو پيٽ ۾ ڪونه پوندو.

پيٽ واريءَ لاءِ اُکَڙِ (کُکِ) وارو ڪونه وڃائبو.

پوک موري چنيدِي. هٿان نڪري هٿ نه ايندي.

جِتي راڌا، تِتي ڪَهڙا کاڌا.

آنڃڻن کي اکيون کپن.

اکيون سي جي آنڃڻ بنا سونهن.

سُٺا کاڌا، وِلها ويڻَ وڃي وسرندا.

لاکو ڦلاڻي روز ٿو پَرڻجي.

ڇَتي ڪوريءَ واري پوت ٿي.

ڪارو بوٽ هٿ ۾ جت جاتي ٿو وڃي.

ڪَڙِي توکي ايري آهي.

ڪَڙِي ڀولڙي ٻي ڀَٽُوئُن کُٿِي.

ڪَڙو ڀُچَڙو ٻيو دِڦَ ۾ ٽِٽيون ڏئي.

جاتو مَٽي پوءِ گيڌوڙا به انب.

ڪُتي واري ڪُريدَ ٿِي.

پَرائي ماهَ ۾ ڪاتي، ڪپاهه کان به ڪُنئَرِي.

ڪَڙو ڪَکائون، ڪَڙو جُهڙو وڳِ تُرمَ ۾ پيو آڃون خير سان آئوئين.

عام محاورا:

جت قوم جي روزمره واري گفتگو دوران استعمال ٿيندڙ محاورا:

هڪٻئي کي ڀليڪار ڪندي چوَن: جوڙ، جوپ، ٺَهو، جَڪارو آهون.

ڪنهن بيٺل يا شاهوڪار ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو پُچن ڍڪو مازِهِ آهي.

ڪنهن ٻٽاڪي ماڻهوءَ لاءِ هي اکر اُچارين: اِجهي ڦِلڪو مازه آهي.

مُنهن ڏاڍي ماڻهوءَ واسطي چوندا: فلاڻي مازهه کي مُنهن تي رُڪ ٻَڌل آهي.

ڪنهن کي ڪو نقصان پهچي ته چوندا: فلاڻو هچا پيو هڄي رَهو.

ڪنهن ٻار کي سَزا ڏيڻ خاطر چوَن: ماٺِ ڪَر نه ته هٿ پَڇاڙي چماٽ هَڻندوئين.

ڪنهن کي علاج ڪرائڻ لاءِ اُن کي آٿت ڏيندي چوَن: توجهو ترت طبو ٿو هو.

ڪنهن جي دل جهليندي چوَن: اِين کان پوهَيُو.

اڙانگي پنڌ سبب چَون: ڇاڙو تو ڇين جو چوهڙ کي پُڄين.

جَجهي پنڌ ۾ پنڌ کي ويجهرو ڄاڻائيندي، تڪليف گهٽائڻ خاطر آٿت ڏيندي چون: هو وڻ جهالُو جا پُڳي ڪُتا به ڀت نه کانِ.

ڪنهن جي خراب خبرن ڪرڻ بابت چوَن: فلاڻو اوو ڀائِتيُون خبرون پيو ڪري.

ڪا سُهڻي عورت ڪوجهي مرد کي، يا ڪوجهي عورت سهڻي مرد کي ڏني وئي ته چوندا: اجهي ته ڪونجَ ڪُٻي ڏاڙهي.

ڪو هلنديءَ وارو ماڻهوئين جي صحبت ۾ ڪجهه نه ڪري سگهي ته چوَن: اجهي شينهن سَزي سَلاڙو آهي.

ڪنهن هينئين هاريل ماڻهوءَ کي آٿتَ ڏيندي چوَن: ته ادا سانڀيڙي ڪَڙِي مُهاڙ ته نِکرَندي؟

جتڪي ٻوليءَ جي هڪ ڪهاڻي:

اڄ سان جِهي [2] ڳوٺ ۾ جِهو [3] مَلڪَ صاحب اچڻو آهي. آڃون [4] صبح مان ئي اوطاقت آهين [5] فيصلو چَنُو ۽ لائيق جو آهي، چَنو کي لائق پن جون [6] ڏهه اُٺين [7] چارڻ نا [8] ڏنيون هيون، ٻِنهي جا ڇَڙط [9] هِڱهان [10] ته جي اُٺِين چارڻ وارو مازهِه [11] وکتِ [12] مان مُڳي [13] ڦرو [14] ته اُٺِين جا پير ڪين [15] ڇيندا [16] اِينَ [17] اٺين ڏيڻ وارو مازِهِ ڦِرو ته اونَ [18] معنيٰ چَنو جا پير ڇيندا. اڃان اُٺين کي ڪَڙو [19] سال ئي مَسَ ٿو [20] آهي، تِين [21] چَنُو ٿو چَئي ته لائيق پِن جون اُٺِين ڪازهي [22] وِڃِ [23] اين مان کي [24] مان جها [25] پير ڏئي ڇڏِ. جڏَهُون [26] ته لائيق چئي دو [27] ته اڱهان [28] ڪين ڄيندو، اُٺيو. چاري وکت پورو ڪَر. پوءِ ڀلي پيرن جو حساب وَٺِ. نيٺ ملڪَ صاحب آئو. [29] مَلڪ صاحب فيصلو امينن تي ڇَڏو [30] جيندِي [31] چنو کي مياري ڪَئو [32] چَنو ملڪ صاحب، چڱان مڙسن اين لائيق کان به معافي ورتي اِين اٺيون به 10 سالن تائين چارڻ نا تيار ٿو.


 


[1] . جت قوم جي تاريخ (قلمي) مصنف ابن عارفاڻي ص 100.

[2] . سان جِهي = اسان جي.

[3] .سان جهو = اسان جو.

[4] . آڃُون= آئون.

[5] . آهِين = آهيان.

[6] . پِن جون = پَنهنجون.

[7] . اُٺِين = اُٺيون.

[8] . نا = لاءِ.

[9] . چَڙِطَ = شرطَ.

[10] . هِڱهان = هئين.

[11] . مازِهِه = ماڻهو.

[12] . وکت = وقت.

[13] . مُڳي = اڳيان.

[14] . ڦِرُو = ڦِريو.

[15] . ڪين = ڪونه.

[16] . ڇنيدا = ٿيندا.

[17] . اِينَ = ۽.

[18] . اُونَ = اُنَ.

[19] . ڪَڙو = هڪڙو.

[20] . ٿو = ٿيو.

[21] . تِين = تيسين.

[22] . ڪازهي = ڪاهي.

[23] . وِڃ = وَڃ.

[24] . مان کي = مون کي.

[25] . مان جها = منهنجا.

[26] . جَڏَهوُن = جڏهن.

[27] . دو = ٿو.

[28] . اِڱهان = اِيئن.

[29] . آئو = آيو.

[30] . ڇَڏو = ڇڏيو.

[31] . جنيدِي = جِنِي.

[32] . ڪَئو = ڪَيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org