باب ستون
کاري جي ٻولي
جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته هن علائقي ۽ ان جي آس پاس مان
وهندڙ ننڍن وڏن کاري پاڻيءَ جي دريائي وهڪرن سببان
هن کي ”کارو“ چيو وڃي ٿو. هيءُ علائقو بنيادي طور
قديم تاريخي رياست ڪڪرالي جو هڪ حصو آهي، ۽ جڏهن
شاهبندر کي تعلقي جي حيثيت ملي، تڏهن به هيءُ
علائقو شاهبندر تعلقي جو هڪ حصو ٿي رهيو. ليڪن سن
1952ع ڌاري هن کي شاهبندر کان جُدا ڪري ”محال“ جو
درجو ڏنو ويو ۽ 77- 1976ع ۾ هن کي ترقي ڏيئي
باقاعده هڪ تعلقي جي حيثييت ڏني ويئي. اهڙي طرح
هيءُ علائقو هاڻ پنهنجي جدا حيثيت رکي ٿو.
کاري جي ٻولي: لاڙ جي ٻين لهجن وانگيان، کاري جو به پنهنجو هڪ
منفرد لهجو آهي، هتان جي ماڻهن جو اٿڻ ويهڻ درياءَ
۾ هجڻ ڪري نرالو آهي ۽ انهيءَ ڪري هو پنهنجي منفرد
انداز ۽ لهجي واري گفتگوءَ جي ڪري نمايان نظر اچن
ٿا. سندن لهجي کي ”کارائي لهجو“ چئجي ٿو. کارائي
لهجو رکندڙ قومن ۾: وَنگرا، دَبلا، ڌانڌل، داد، ۽
لاڙا شامل آهن. کارائي لهجو ٻن قسمن جو آهي: هڪ
”معياري“ ۽ ٻيو ”غيرمعياري“.
معياري لهجو: کاري جي علائقي ۾ کاري ڇاڻ کان وٺي ڪيٽي بندر
تائين شهري آبادي سان شامل معياري لهجو آهي، ڇو ته
شهرن ۾ مواصلات جي نِت نَون ذريعن جي سهوليت هئڻ
ڪري انهن علائقن جي رهاڪن جي گفتگو ۾ ڪافي حد
تائين تبديلي آئي آهي، ليڪن پوءِ به جڏهن هُو پاڻ
۾ ڳالهائين ته اُنهن جي لهجي ۾ کارائي ٻوليءَ جو
عنصر نظر اچي ٿو، مثال طور: ڪنهن شيءَ وٺڻ يا ڏيڻ
لاءِ چون ته: ”فلاڻو ته هُو شيءِ مون ڪَنا وٺي ويو
آهي“. يعني ته لفظ ”کان“ جي بدران ”ڪنا“ استعمال
ڪن. يا وري ”مان“ لفظ بدران ”ران“ ڳالهائين جيئن
چون: ”فلاڻو صبحان ران پِئي ويو“.
غير معياري لهجو: کاري جا اهي ماڻهو جن جو واسطو شهرن سان ڪونهي
صرف دريائن ۾ زندگي گهارين، انهن جي عام رواجي
گفتگوءَ ۾ کارائي لهجو بلڪل پڌرو نظر اچي ٿو. هو
پنهنجي گفتگوءَ ۾ ”ٿ“، جي بجاءِ ”ت“ ۽ ”ڀ“ جي
بدران ”ب“ ”چ“ جي مقابل ”ٽ“ ”ظ“ جي مقابلي ۾ ”س“ ۽
”ذ“ ۽ ”ج“ استعمال ڪن. جڏهن ته ”ج“ جي بجاءِ ”د“ ۽
”ط“ جي بدران ”ت“ استعمال ڪن ٿا. ان کان سواءِ ٻيا
به انيڪ مثال ملن ٿا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
کاري جا ماڻهو ”کارائي لهجي“ ۾ گفتگو ڪن، کارائي لهجي جي سڃاڻپ
رُڳو بِگڙيل لفظ نه آهن، بلڪ هڪ سبب زَبر، زير ۽
پيش وغيره جي تبديليءَ جو پڻ آهي، جنهن جا مثال
هيٺ پيش ڪجن ٿا:
ڀ بدران ب ۽ ٿ بداران ت جو استعمال:
لهجو لهجي وارو بدليل
لفظ معياري لفظ
بَلي ڪِري آئين بَلي ڀَلِي
بانڪَرِ پاتو با
ڀاڪر
بوڳِ ڪيِمِ
بو ڀو
آئون ته وِڃان تو تو ـــ وِ ٿو ـــ وَ
ڇا تا چُونِ تا ـــ چُ ٿا چَ
تورو نه ڏِءِ تو ٿو
چ بَدران ٽ ۽ ظ بَدران س جو استعمال:
لهجو لهجي وارو بدليل
لفظ معياري لفظ
فلاڻو ٻروٽ آئي ٻروٽ ٻروچ
ٽاڏي کڻي ڏِءِ
ٽاڏي چاڏي
ايڙا لَفسَ چَئين لفس لفظ
ز بدران ج ۽ ج بدران د ۽ ر کان سواءِ ٻين لفظن جو استعمال:
لهجو لهجي وارو بدليل
لفظ معياري لفظ
لي جالَ هن گوري اچ جال زال
لي روجا ڪونه تو رکين روجا روزا
سمادَ ۾ جُلم لڳو پيو آهي سماد سماج
سمندين ڪِيجاڙو
سمندين سمجهين
باتوني ڪِيڄالا تو ڪرين باتوني باطوني
زائر ڇاتو چوُئِين؟
زائر ظاهر
نڀاگو ماڻُو آئي
نڀاگو ڳو
جتڪي لهجي جو اثر: کارائي ملاحن جو لهجو به ٻُڌڻ وٽان آهي. ڇو
جو هو جڏهن ٽن زبانن جو ”ميلاپي لهجو“ ڳالهائين
ٿا. تڏهن بنهه هڪ مخصوص زبان جي وجود جو گُمان ٿئي
ٿو، مثال طور هُو ڪنهن کي چوَن، ته تون هڪ ڄڻو
اچج، ته چوندا: ”آئون ڪڙو اچج،“ يا هينئر اچڻ لاءِ
چوَن: هِجَر آءٌ. اِهڙيءَ طرح اڳيان ويهڻ کي چوَن:
مُڳي ويهه. هنن جملن ۾، اتُون، ڪڙو، هجرآءُ، يا
مُڳي جتڪا لفظ آهن.
ڪڇي ٻوليءَ جو اثر: کاري جي رهاڪن تي ڪڇي ماڻهن سان لڳ لاڳاپن
سبب انهن جي (ڪڇي) ٻوليءَ جو اثر به نمايان نظر
اچي ٿو. هو پنهنجي روزمره واري گفتگو دوران ”جتڪي
زبان“ وانگيان، ”ڪڇي ٻوليءَ“ جا لفظ به عام طرح
ڳالهائين. جيئن هُو ٻن ڄڻن کي ”ٻوڄڻا“ اُچارين.
ڪُڄاڙو لفظ کي ”ڪيجاڙو“ ۽ وٺي اچڻ لاءِ ”ڳِنِي
اچڻ“ جو استعمال ڪن. هڪ ڄڻي لاءِ ”هيڪو“ اُچارين.
اڇلائي اچڻ لاءِ ”وتاڙي“ يا ”وتاءِ“ چون. مانيءَ
کي ”کاڄِ“ چون. هيٺ اچڻ لاءِ ”نيچي“ ۽ لهجي اچڻ
واسطي ”اُتري اچڻ“ چون. هي سڀ لفظ ڪڇي سنڌي جا
آهن.
کارائي لهجي جا خاص لفظ: کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جا خاص رهاڪو
جهڙوڪ: وانگرا، لاڙا، ڌنڌل ۽ داد پنهنجي خاص
کارائي لهي ۾ جيڪي انوکا لفظ استعمال ڪن. سي هيٺ
ڏجن ٿا: کارائي لفظن ۾ زَبر، زير ۽ پيش جو فرق پڻ
مَدِنظر رکڻو آهي:
اُتري اچڻ: لَهي اَچڻ.
اُپڙَڻ: مٿي اچڻ، يا مٿي چڙهڻ.
اُڀرِي: درياءَ مان ٻاهر نڪرِڻ.
اوڇَڻِ: بسترو.
اُڌان: اوڏانهن ( ونگرا ڳالهائين).
اُسَلَ: پهرو ڪيون ويريون اچڻ.
آگِيرِ: صغير (ننڍو ٻار).
اِن: هِن (دبلا چون).
ٻَروٽِ: ٻَروچ = بلوچ.
ٻوڄَڻَا: ٻه ڄَڻا.
ڀيڙو: گڏ ـــ ساڻ.
تَڙِ: ڀاڻو ڪرڻ، ٽڪڻ (جتي ٻيڙيون بيهارين اُن جاءِ کي چوَن).
تُرمَ: جيل، (جيئن چوَن وڃي تُرم ۾ پئي).
ٿانِڪو: ٿهيڪو، هنڌائتو، جائتو.
ٽائي: ويڙهيل سِڙهَه جي ڳنڍ کي چوَن، هن کي چٽا به چوَن جيڪو
ڪچو بَند هوندو آهي.
ٽَڪائڻ: ”ٽِپڻ“ خاص ڪري مڇيءَ جو.
پالائڻ: بيهارڻ. (ٻيڙي بيهارڻ).
پائِکَ: رَڇ لاهڻ، يعني رَڇَ جي.
پُواڏِ چيلهِه: (پوک ڪرڻ، وڇائڻ).
پِري: پيهي، يا پڇَنڊي.
پُساڻا: مڇيءَ مارڻ وقت پائڻ وارا ڪپڙا.
پَوَنِ: هوا (هي هندي لفظ آهي جيڪو کارائي ماڻهو به ڳالهائين).
پينسَرو: اُڀرندي طرف کي چوَن.
پِيالِي: ڪوپَ.
پِيالِ: اُڀرندو طرف.
پيڊي: صنڌل (هن کي ٻاجهٽ به چوَن).
پَهرِي وڃڻ: هوڙا ڪاهي وڃڻ، پهرائي وڃڻ.
جَزِيرو: ڪَنٺي، ڪنارو، ڪنڌِي.
جَنجِيرو: جزيري جي بگڙيل صورت.
جُواڻِ: ويرَ ڀرڻ وقت رَڇِ پوکجي.
جوپِ: ”مضبوط“ سِڌو رَڇِ.
ڄاٽو: ناٺِي ــ نياڻُو.
ڇِڪجا: ڇڪَڻِ، ڇيڙو ڏيڻ، رسو ڏيڻ.
رَالَ: زال، (هي لفظ خاص ڪري، ونگرا ۽ لاڙا ڳالهائين).
رانَٽَ: اُڇَلَ ڏيڻ، خاص ڪري رڇ کي.
رامٽو: جَهنڊو، هن کي بانبٽو به چوَن.
رِيپَ : سِڙهه (جو ننڍو قسم).
سورو: سُهور.
سِيارِ: اُتر، (طرف).
سوڊو: کِيکڙو ـــ ڪُڪَئُون.
سَنگهاڙڻ: ٻيڙين کي گڏ ٻڌڻ سنگهر (زنجير) ۾.
ڦِڳائِڻ: اُڇلائڻ. (هي لفظ گهڻو ڪري ڌانڌل ۽ داد ڳالهائين).
ڪُهاڙو: ڪُڄاڙو يعني ڇا...؟
ڪِيڄاڙو: ڪُڄاڙو (هي لفظ ونگرا ڳالهائين).
ڪِڏِي: ڪيڏانهن.
ڪاميٽَ: رَڇَ جي پوڇڙ ۾ ٻڌل ننڍي جَهنڊي.
ڪوس: ڪاڇيلِ، طرف کي چوَن.
ڪُرڇَلَ: ڪُڪئون.
ڪوِذو: قبِضو.
کاڄِ: ماني يا طعام.
کَرو: ڏاڍو ڪري جَهلڻ يا تيز ۽ تکو.
کِرو: جلد يا ضروري.
گِيلِياس: گِلاسِ.
گورِي: پاهي يا طرف. (هيءُ لفظ خاص ڪري دَبلا ڳالهائين).
گابِيو: ٻيڙيءَ جي سِڙهه مٿان ٻڌَل ڪپڙو، جيڪو سِڙهه وانگر
هوندو آهي پَرَ سِڙهه کان جدا هوندو آهي.
ڳڀور: معصوم ٻار.
ڳِنِي اچڻ: وٺي اچڻ، يا وٺڻ.
ليرا: لَهرَا.
لي: اي يا اڙي.
لکَ نه اچڻ: ڏسڻ ۾ نه اچڻ.
ماڻين: ماڻهو، (گهڻا)
مُنو: گوڏو.
ميربورِ: ميربَحرِ.
مَٽِڪو: مَٽُ (پاڻيءَ جو مَٽُ يا گهڙو).
مُٽو: اکرن جو جوڙ.
نيچان: هيٺ.
نباکو: نڀاڳو ـــ نادان.
وانسرو: اُلهندو طرف.
وِتائڻ: اُڇلائڻ. (دبلا ڳالهائين).
هيڪو: هڪ (عدد لاءِ ڪَم اچي).
هودارڻ: رس ڇڪڻ وغيره.
کاري جي خاص محاورن وارا جملا: کاري جو خاص لهجو رکندڙ ونگرن،
دَبلن، ڌانڌلن، لاڙن ۽ دادن جا جُدا جُدا محاورا،
جيڪي هو ”تڪئي ڪلام“ طور استعمال ڪن، سي هيٺ ڏجن
ٿا:
وَنگرا ڪنهن کي مخاطب ٿين ته چون: ”لي ڀاڙي... يعني اي ميان.
دَبلا مخاطب ٿيندي چوَندا، ”لي گَڌڙِي... يعني اي ميان.
ڪنهن کان پُڇندي چون، ”لِ ڪُواڙو تو چَئين.“ يعني
اي ڪُڄاڙو ٿو چوين.
ڪيڏانهن وڃڻ بابت چون، ”ڪوئين تو وڃون،“ ڪيڏانهن
ٿو وَڃين.
قسم کڻندي چون، ”اَلاَسُون“ الله جو سُنهن.
وِيرَ اچڻ بابت چوَن، ”وير ڀَرجي پَئي“. وير اچي پئي.
هينئر اچڻ لاءِ چون، ”هير اچون ٿا“ ”چون ڪيڙي ڳالَ تون ڪرين؟
ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين؟
ٻئي کي پنهنجي طرف اچڻ لاءِ چوندا: ”اِن/ هِن گوري
اَچ“ يعني هن طرف (هيڏانهن اچ).
ٻيو جيڪڏهن هڪ طرف بجاءِ ٻئي طرف ويندو پيو ته
چوندا: ”اُڏان ڪِڏان وڃون تو“. يعني اوڏانهن ڪيڏهن
وڃين ٿو؟
جيڪڏهن ڪو چوي ته فلاڻو اچي سَهڙي ته اڳيون چوندو اگر هُو اچي
وڃي ته ”آئون بَرائون کڻانس“، يعني ان جون
مصيبتون، ۽ پريشانيون پاڻ تي کڻندس.
ڪنهن کي ڪجهه ٿئي ته چوندا، ”لي هيڪَلا ڪُواڙو
تِيو نين“ يعني اي اڪيلا ڇا ٿيو اٿئي؟
پنهنجي چيلهه، مٿي کَڻڻِ لاءِ چون، ”لي بُوئيرو پُاڏِ کڙِي ڪري
وَٺان“. يعني، اي بيهي رَهو ته آئون چلهه مٿي
(سِڌي) ڪري وٺان.
کاري جي مردن جا مُحاورا: کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جا
رهاڪو پنهنجي روزمره جي ڪاروبار ۽ عام ڳالهه ٻولهه
۾ هيٺيان جملا يا محاورا ڪم آڻين:
ڪنهن کي کيڪاريندي چون: ”چڱو ڀلو، جوڙ جوپ“.
ڪنهن پيسي ڏوڪڙَ واري سَڀري ماڻهوءَ لاءِ چوندا:
فلاڻو پاڻ ڀَرو آهي، يا بِيٺل آهي.
ڪو ڪنهن جي ڳالهه سمجهي وڃڻ کان پوءِ به اڳيون کيس
تاڪيد ڪندي چوَي ته ياد ڪجائين! ته اڳلو چوندو:
ادا! تُنهنجي ڳالهه منهنجي رُومَ، رُومَ ۽ نَسَ
نَسَ ۾ آهي.
جيڪڏهن ڪو ملڪيت وارو مري ويو آهي ۽ ان وٽ پئسي ڏوڪڙ جي ريل ڇيل
هئي ته چوندا: ادا ها! فلاڻو رَهندي رزق وارو
ماڻهو هو.
ڪنهن قابل ماڻهوءَ لاءِ چوَن: فلاڻو اهڙو مشهور
معروف آهي جو سڏيو ئي بَس آهي.
ڪنهن کان پُڇَن ته ڪيئن ويٺا آهيو؟! ته جواب ۾
چوندا: بَسَ اَبا الله جي تَهنِ ۾ ويٺا آهيون.
ڪو فخر ۽ هَٺَ وڏائيءَ مان ڊاڙ (ٻٽاڪ) پيو هڻندو
ته چوندا: ميان توبَه ڪر، واڏئي الله کي جُڳاءِ.
ڪو ٻٽاڪي لَٻاڙ پيو هڻندو ته مون هيئن ڪيو، هُونئن
ڪيو، ته چوندا: ڀليرِ انصاف ڪري آيو آهين، ماري
ٻلي ڪونه، چئي شينهن ماري وڌو اَٿم.
ڪنهن ڪاريگر ماڻهوءَ لاءِ چوَن، فلاڻو اهڙو
ڪارِيڳر آهي جو بَس نا ڪانهي.
ڪو جيڪڏهن بار بار ڳالهه سَمجهائڻ سان به نه
سَمجهندو ته چوندا: انڌي گهوڙي ڪلن ۾.ئ
ڪنهن جي عبادت رياضت لاءِ چون: ميان هُن (الله) کي
اَلاءِ ڪنهن تي سانجهاڻ وڻي.
اگر ڪو ڪنهن کي مري وڃڻ بعد خواب ۾ چڱي حالت ۾ ڏسي ۽ اُهو
ماڻهوءَ پنهنجو خواب ٻئي کي ٻڌائي ته اڳلو چوندو،
ميان جنهن کي رَب مَرهي.
اگر ڪو ڪنهن جا عيب ڪڍندو يا ٻئي کي ميار ڏيندو ته چوندا: ميان
پنهنجا ارڪاڻا ٻئي کي نه آڇِ.
ڪنهن مَرِي ويل ماڻهوءَ جي ذڪر ڪندي چوندا ته ان
کي هيترا ڪيترا ڏينهن وفات ڪندي ٿي ويا آهن، ته
عَجب وچان چوندا: هَل ٻيلي، موئن تي وَرَ پوندا
وڃن. يعني توڻي ۾ ايترا ڏينهن گذري ويا آهن.
ٻئي کي ڪَم جي خاطري ڏياريندي چون: ميان مون تي
لُوڻ ٿوروئي ٿو لڏجي جو آئون ڪَم کان لَهرايان.
ڪنهن منافق طبيعت رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو
ته بِنهه وڻ کارِ آهي.
ڪنهن سُست ۽ ڪاهل ماڻهوءَ لاءِ چون. اهو ته اهڙو
سايَن جو ڄايل ئي ڪونهي، جو پاڻِهي ڪَم ڪندو.
ڪا چڱِي ڳالهه يا ڪَم ڪو اُگري نموني ڪرڻ چاهيندو
ته چوَندا ميان سُون ڪُهاڙن ٿورئي ڪُٽجي.
ڪير جيڪڏهن، ڪنهن سُٺي ڪم جي پارت ڪندو ته اڳلو
وري مذاق طور ان کي چوي، ميان ڏٺي ئي ڪونه
وڻندِئي.
ڪو جيڪڏهن رُڳو ٻئي تي پيو ڀاڙيندو ته چوندا:
فلاڻو ماڳهي کوَڻِ تي مال ڪاهيو وَتي.
ڪو جيڪڏهن ننڍي هوندي کان ئي ڪنهن شيءَ جو عادي
هوندو ته اُن لاءِ چوندا: فلاڻو ته ساءِ مسکي کان
ئي ان جو عادي آهي.
ڪو جيڪڏهن ڪنهن ڪَمَ لاءِ يا قرض لاءِ تڪڙ ڪندو ته
چوندا: يار ڪجهه صبر کان ڪَم وٺ، جيستائين ڪو
وَجهِه پيچ ڪريون.
هڪڙو ڻئي کي طعنا ڏيندي چوندو ميان پونين (هندوستان جي شهر
پُونا) ڪير ڪونه ويندو، هرڪو اِتي پيو هلندو، يا
چوندو تون ڀلين مون کي پونين موڪلي ڇڏج.
کاري جا ماڻهو ڪنهن سان ڳالهائڻ وقت اڪثر چون” اي
هيڏانهن“ يا چون: آئون چان... (آئون چوان).
ڪنهن سان ملڻ بابت چون آئون ته فلاڻي سان چائي
ڏيئي مِليس.
ڪنهن کي ڳولڻ بابت چوندا: ميان توکي ڳولي پَٽَ
اُٿلائي وِڌمَ.
کاري جا ماڻهو هڪ ٻئي کان پُڇن ته ڪيڏي مَهَل آيو
آهين، چوندو: هي (هينئر) آيو آهيان.
ڪنهن کي ڊپ ڏياريندي چون: ميان خُدا حاضري ڪَر.
ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن جي ڳالهه نه مڃي ۽ ڪاوڙجي
پوي ته چوندا: ميان فَلاڻو بِنهه بِر ٿي بيهي
رهيو.
هڪڙو ٻئي کي ڌمڪي ڏيندي چوي: آئون تُنهنجي بِيکَ (بيخ) ڪڍي
ڇڏيندس.
جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پوندو ته آخرڪار ان کي چوندو:
آئون تُنهنجا ڪيترا بُرَ (بُهرَ) پيو ڀريندس، يا
ڀريندو رهندس!!؟
ڪنهن جو ڪنهن مان ڪم ٿيندو ڏسڻ ۾ نه اَچِينءِ ته
چوندا: فلاڻو ـــ فلاڻي پويان ٺَلهو پيو ٻاٿون ڏئي
ڪو جيڪڏهن ٻئي جي ڪَم ۾ دلچسپي نه وٺندو ته چوندا،
ميان اها ٺَلهي ٿي بيگر ٽارڻي.
کاري جي ٻيڙياتا ٻيڙيءَ جي سَفَر ۾ صبح ساڻ هيءَ
دعاءَ ڪن: صُبح جا سائين ٻيڙا ٻنين لائين.
ڪنهن کي فائدي مٿان فائدو ٿيندي ڏسن، يا ڪنهن جو
چڙهندو پاسو ڏسندا ته چوندا: فلاڻي جي ته ٻِيگهي
مَچي (متي) پئي آهي.
ڪنهن کان اگر پُڇبو ته اوهان ٻئي ذات ڀائي آهيو،
ڀَلا رِشتي ۾ ڇا لڳو؟ ته جواب ۾ چوندا: ادا! (اگر
هو رشتيدار نه آهن ته) اسان رَتَ ڀائي نه پَر ڀَتَ
ڀائي ضرور آهيون.
اگر ڪنهن جي گهر واري وفات ڪري وڃي ته چوندا: فلاڻي جي گَهرَ
ڀَڳَ ٿي ويئي آهي.
ڪنهن جي خاندان بابت پُڇن ته فلاڻو ڪئين آهي،
جيڪڏهن هو صحيح خاندان مان هوندو ته چوندا: اهو ته
تانڃي پيٽي پٽ آهي.
ڌنڌي ڌاڙيءَ لاءِ سعيو ڪندي چون: اهڙِ ڪجِ جنهن
مان هٿ پير سائو ٿئي.
ڪنهن جي ڍئو ڪرڻ تي چون: فلاڻو ڀلين پيو جاوا ڪري.
فيصلي ۾ مَس مَس وڃي ٺاهه جي ڳالهه ٿئي ته اوچتو وِچان ڪو ماڻهو
اهڙي ڪري جنهن سان فيصلو طئي ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب
ٿيڻ جو انديشو هجي ته چون: ميان هاڻ ڪريو گوري جو
اڌ.
ڪنهن کي جيڪڏهن ٿوري محنت مان گهڻو فائدو ٿيندي
ڏسن ته چوندا: فلاڻي کي ته سَٿَر مان پُٽ ڄاپي پيو
آهي.
ڪنهن کان پُڇن ته گُذر سَفر ڪئين پيو ٿئي ته
چوندا: مڙئي پيٽ کايو پتڻ پيا ڇڏايون.
عورتن جا محاورا:
کاري جون عورتون آيل عورت کي خير ڀلائي ڪندي چون،
لَئي آيَلَ ڀلي ڪري آئينءَ.
خير ڀلائيءَ جو جو جواب ڏيندي چون: ڀلائي ڏئي امان، ڀلائي ڏي
ادي.
گهر ٺهرائڻ بابت ٻئي کي ٻُڌائين: ادي تن کي تَسيا ڏيئي ڀونگي
ٽُڪر ٺهرايو آهينو.
ڪا عورت ڪنهن جي هن اميد تي هرج پوري ڪري ته اڳتي
هلي اها عورت ان کي ڪَم ايندي، پَرَ اُها عورت وقت
تي ڪَم نه آئي ته چونديون: اسان ٺَلها پئي پاپَڙ
وِيلِيَا.
ڪنهن عورت جي ڳالهه جو ٻي عورت تي اثر ٿيندو نه
ڏسي چوندي: فلاڻي کي مون واري ڳالهه پِتي تي پِئي
ئي ڪانه.
اگر ڪا عورت رُڳو پاڻ پئي ڳالهائيندي ته اهڙي عورت بابت چون:
فلاڻي ته ماڳهين سوَنلَ ٻائي آهي.
ڪنهن عورت جو ٻِي عورت تي ستارو چڙهيل ڏسڻ ۾ اچين
ته چون: فلاڻِءَ جو ته فلاڻي تي پُکو پيل آهي.
ڪا عورت، جيڪڏهن هِن هُن سان ڳالهين ۾ ويهي رهي ته
اهڙي عورت لاءِ هيءُ اُچار اُچارين ته: فلاڻي
بِنهي لڳڻي ٻيڙي آهي.
گهڻائي وس ۽ هيلا هلائن پوءِ به ڪو ڪَم نه ٿئي ته چون: ادي اسان
جو ڍارو ئي ڪونه ڍَريو.
اگر ڪنهن عورت کي پنهنجي پاڙيسري عورت سان جُٺِ ڪرڻي هوندي ته
گڏ هلندڙ عورت کي چوندي: ماٺِ ڪري هَلجِ آئون
پاڻهي ٿي لاک لاهيانسِ.
هڪ ڌُر جي جيڪڏهن نَهلائي (بي عزتي) ٿئي ته ٻي دُشمن ڌُر لاءِ
چون: پنهنجي نَهلائيءَ تي هاڻ فلاڻن جو ته مَڪو
مَچي ويندو.
ڪا عورت ڪنهن عورت جي مُنهن (سامهون) تي مِٺِ،
مِٺِ ڪندي ان جي ڪوڙي واکاڻ ڪري يا ڪنهن عورت جي
ڪيل گِلا کي لِڪائڻ چاهي ته چونديون: بَس ادي بَس
راڳو نه ڏئي.
هڪ عورت ٻيءَ کان پُڇي ته فلاڻيءَ جي ڌيءُ ڪئين آهي؟ (يعني
سهڻائي ۾) ته اڳلي چوندي: ادي ڳالهه ئي نه پُڇ بَس
ويهن ۾ ايڪيهين آهي.
ـــــــــ |