باب ٽيون
مُهاڻڪِي ٻولي
ماڃڙ، ڪڪرالي ۽ کاري جي اَنيڪ لهجن ۽ محاورن مان ”مهاڻِڪو“
محاورو به هڪ آهي، هيءُ اُنهن مهاڻن جو لهجو آهي،
جيڪي سدائين دريائن، ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ مڇي مارڻ جو
ڪَم ڪن ٿا. مُهاڻڪي لهجي کان سواءِ ”شڪارڪو“ لهجو
(جيڪو مهاڻڪي سان مُشابهت رکي ٿو) ۽ هن علائقي ۾
پنهنجو وجود رکي ٿو.
”مُهاڻڪي لهجي“ تي ٻين لهجن جو اثر آهي درياءَ جي ڪناري تي رهڻ
۽ ڪَڇ جي ويجهو هئڻ جي ڪري اُتان جي ماڻهن (ملاحن)
سان ميل مُلاقات سان معلوم ٿئي ٿو ته ”مُهاڻڪي
لهجي“ تي کارائي ۽ ڪڇي لهجي جو اثر آهي، ٻيو ته
هتي جت قوم جا ماڻهو به دريائي ڌنڌو ڪن ٿا، اُن
سبب به مهاڻن جي سنڌي لهجي تي اُنهن (جتن) جي
ٻوليءَ جو اثر موجود آهي، ٽيون اثر ان لهجي تي
کاري جي مُهاڻن جو آهي، چوٿون ان لهجي تي ”شڪاري
لهجي“ جو اثر آهي.
مهاڻن جا به قسم آهن هڪ اُهي مهاڻا، جيڪي درياءَ ۾ مڇي مارڻ جو
ڪم ڪن ٿا ۽ هميشه درياءَ، ڍنڍن، ڍورن ۽ ڪورين
(ڪُهرين) جي ڪنڌين تي رهن ٿا، اهي پوريءَ طرح
مُهاڻڪي لهجي ۾ ڳالهائن ٿا، ٻيا اُهي مهاڻا جيڪي
درياءَ منجهه رهي، ٻيڙين وسيلي مڇين مارڻ جو ڪَم
ڪن ٿا، انهن جو تعلق کارائين، ڪڇين ۽ جتن سان هئڻ
ڪري. انهن مهاڻن جي ٻوليءَ تي به انهن جي لَهجن جو
اثر آهي. ٽيان اهي مهاڻا جيڪي شهرن ۾ رهن ٿا،
اُنهن جي ٻولي ۾ اڃا تائين پنهنجو ”اصلي مُهاڻڪو
لهجو“ موجود آهي. چوٿان اهي مهاڻا جيڪي گهڻو ڪري
شڪارين جا پاڙيسري رهيا آهن ۽ اُنهن سان لاڳاپي ۾
رهيا آهن تن جي لهجي تي وري اُنهن (شڪارين) جو اثر
ٿي ويو آهي، اِهي اڪثر ڏورانهين ٻَهراڙين ۾ رهن
ٿا.
ٻَهراڙين ۾ رهندڙ مهاڻن جو لهجو: مهاڻا قوم جا اهي ماڻهو جيڪي
ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، تن وٽ پنهنجو اباڻڪو ۽ اصلوڪي
لهجو محفوظ آهي، اُهي گهڻو ڪري ”ي“ جي بجاءِ ”ز“،
”ز“ جي بدران ”ج“، ”و“ جي بجاءِ ”ب“، ”غين“ بجاءِ
”گ“، ”ڪ“ جي بجاءِ ”گ“، ”ب“ جي بدران ”پ“، ”ع“
بجاءِ ”الف“ اچارين. ”س“ بدران ”ث“ ۽ ان جي اُبتڙ
به ڪن. اهڙي طرح ”ڪ“ کي ”ک“ ۽ ”خ“ بدران ”ک“ ۽ ”ش“
جي بَدلي ”ڇ“ استعمال ڪن.
اصل لهجو مُهاڻڪو لهجو
يَادِ زادِ
زال جال
وزير بَجِيرِ
غائب گيبِ
ڪَڊَ گدِ
بِه په
عُثمان عُسماڻِ
عوثو اوسُو
عثمان اَسمان
شُڪر شُکر
خيرات کيرياٽِ
خُوشِ کُوڇ
اَي لي
هَٿَ اَٿِ
جملن جو استعمال:
زادِ ڪيج ياد
ڪج.
گيبِ ٿي يو
غائب
ٿي ويو.
گڊِي ڇَڏارِ ڪڍي ڇڏي ڊار؟
ڪڻس کبر هوندي کي خبر هوندي.
لي جَالَ
اي زال.
زارِيَت ڪي سِين زيارت ڪئي سون.
سناسي ڪارنڊ شناختي ڪارڊ.
مُکي آزموتو آئي مون کي آزمودو آهي.
اَٿِ گڊي ڇَڏارِ هٿ ڪڍي ڇڏي ڊار.
اُسماڻ کي پِه کيريات ڏينج عثمان کي به خيرات ڏج.
لي بَجِيرَ کوڇِ آهين اي وزير خوش آهين؟!
درياءَ تي رهندڙ مهاڻن جو لهجو: مهاڻا قوم جا اُهي ماڻهو جيڪي
درياءَ ۾ ٻيڙين وسيلي رهي پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا،
انهن جي لهجي تي ٻين قومن جي لهجي: جهڙوڪ کارائي،
ڪڇڪو، ۽ جتڪي جو ڪافي اثر آهي، جيڪي انهن سان گڏ
رهن ٿا ۽ روزانو ميل ميلاپ ٿيندو رهين ٿو. تنهن
هوندي به مهاڻن جو پنهنجو ذاتي لهجو برقرار آهي،
ڪڏهن ڪڏهن مٿين ٽنهين لهجن وارا لفظ به ڳالهايا
وڃن ٿا پر اهو به تڏهن جڏهن انهن ماڻهن سان
ڳالهائن ٿا.
کارائي لهجي جو اثر: مُهاڻا قوم جا اُهي ماڻهو جيڪي خاص طرح
درياءَ تي رهي درياءَ جي کاري پاڻيءَ ۾ مڇي مارين
ٿا. انهن جو هر وقت کاري جي قبيلن سان گڏ اُٿڻ،
ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ لڳ لاڳاپن جي ڪري انهن جي
اصل لهجي تي کارائي مهاڻن جو اثر آهي، مثال طور:
ڪنهن کي ايندي ڏسن ته کارائي مهاڻن وانگر اُن کي
مخطاب ٿيندي چون: ٻي پاڙي (اي ميان) ۽ وري ڪنهن کي
پنهنجي طرف اچڻ لاءِ چون: ابي پاڙي هينگوري آ.
گوري لفظ سنڌي ۽ ڪڇي زبان جي گڏيل لفظ ”گهڙيءَ“ جي
بگڙيل صورت آهي. (مَهَل يا ساعت) هاڻ ان جي معنيٰ
ٿيندي هن گهڙي، ساعت يا مَهَل يعني هن مَهَل ئي
اچ، تُرتُ اچ وغيره، يا ڪو چوندو ته مون کي ڏئي ته
کارين وانگر چوندا ”مِکي ڏئي.“
ڪڇڪي لهجي جو اثر: اهڙي طرح درياءَ تي رهندڙ مهاڻن تي کارائي
لهجي وانگر ڪڇ جي ماڻهن سان مِلڻ، جُلڻ جي ڪري
سندن لهجي تي ”ڪڇڪي لَهجي“ جو به اثر آهي. حو
پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ٻين لهجن سان گڏوگڏ ڪڇڪي
لهجي ۽ ٻوليءَ وارا لفظ به استعمال ڪندا آهن،
مثلا: هُو ڪنهن کي وٺي اچڻ لاءِ ڪڇي زبان جو لفظ
”ڳِني“ ٿورو بگڙيل صورت ۾ ڳِنهِي استعمال ڪندا آهن
۽ اُڇلڻ لاءِ به ڪَڇِڪو لفظ ”ڦِڳائڻ“ استعمال ڪن،
مثلاً ڪنهن کي چون ڪُرو تو ڪرين يعني ڇا ٿو ڪرين
يا سڙِين کي سيِيين، يا چوَن ڳنهين هلداسين
(هلنداسين) اِهڙي قسم جا ٻيا به ڪافي لفظ استعمال
ڪن ٿا.
جتڪي لهجي جو اثر: دريائي ملاحَن جي مهاڻڪي لهجي تي ٽيون اثر
”جتڪي لهجي“ جو آهي، هي ماڻهو پنهنجي روزانو واري
گفتگو دوران، گڏ رهندڙ جتن سان ميل ميلاپ ۽ اُنهن
سان اُنهن جي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ڪري، سندن جي لهجي تي
جتڪي لهجي جو پڻ ڪافي اثر آهي، مثال طور: هُو
پنهنجي گفتگوءَ ۾ ”منهنجي“ يا ”مون کي“ بجاءِ جتن
وانگيان، ”ماڳي“ يا ”ماجي“ استعمال ڪن. اهڙي نموني
”ڪڄاڙو“ جي بجاءِ ”ڇاڙو (شاڙو به) چون، يا هيڏانهن
اچڻ کي ”هيڻي اچ“ ۽ هوڏانهن يا هُتي لاءِ چوَن
”تِتي“، يا ٻن ڄڻڻ کي ٻيهي چوَن، جئن مرد کي مخاطب
ٿيڻ لاءِ ”لٽِيا“ ۽ عورت لاءِ ”لَٽِي“ چون، اهي
لفظ اڪثر ڪري جت به ڳالهائين. اِهڙي قسم جا ٻيا به
ڪيترائي لفظ آهن جيڪي شاهنبدر جا مهاڻا پنهنجي
”مهاڻڪي“ لهجي ۾ استعمال ڪندا آهن.
شڪارڪي ۽ ڀِيلڪي لهجي جو اثر: درياءَ کا سواءِ مهاڻا قوم جا
ماڻهو جيڪي شهرن کان تمام ڏوراهين ٻهراڙين ۾ رهن
ٿا ۽ سندن گذران مڇي تي آهي، پر پاڙيسري ناتن جي
بنياد تي سندن اُٿڻ، ويهڻ شڪارين ۽ ڀيلن سان ٿئي
ٿو، تنهن ڪري سندن لهجي تي شڪارين ۽ ڀيلن جي ”ڪڇي
لهجي“ جو اثر به محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيئن شڪاري ۽
ڀيل ”س“ جي جاءِ تي ”ش“ اُچارين، مثلاً: ”سائين“،
بجاءِ ”شائين“، چون ۽ ”اڙي“ جي بدران ”آڙيي“ چون،
يا ”بي“ بجاءِ ”بي ڪڻين“ يا ”دي ڀڻيان“ بجاءِ ”لي
نيان“ چون. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي شڪارين ۽
ڀيلن جي ٻوليءَ جا لفظ مهاڻي قوم جا ماڻهو به
پنهنجي لهجي ۾ ڳالهائيندا رهندا آهن. جيڪي ”شڪارڪي
لهجي“ واري ڀاڱي ۾ هن ئي باب ۾ ڏنا ويا آهن.
مهاڻڪي لهجي وارا ڪي خاص لفظ ۽ مُحاورا: مهاڻڪي لهجي وارا اهي
خاص لفظ جيڪي تعلقي شاهنبدر جي مهاڻن وٽان ملي
سگهيا آهن:
مهاڻڪي لهجي وارا ڪي خاص لفظ:
آهيرِ مرد ماڻهو
آڙيي اڙي
اِي اِها ـــ مونث ۽ مذڪر ٻنهي لاءِ استعمال ٿئي
اِي اِيهي ـــ جمع لاءِ استعمال ڪن
اوڇڻ مٿان ڪرڻ وارو ڪپڙو
بَجير چڱو مُڙسِ
ٻَڙِي جيڏڙي، يا ساهيڙي
ٿاٻي والاري خالي ڪرائي ڪڏڻ
ٿو، ٿو ڪوشش ڪرڻ
ٿيندو ٿِيندو
پِه بِه
پُساڻا درياءَ تي مڇي مارڻ وقت پاتل ڪپڙا
پُچِ پوتي ـــ گندِي جو ڪپڙو
دي مار ــ هي عجب طور مَرد ۽ زالون ٻئي استعمال ڪن
ڊوکا نظرداري، يا نگاهه ڪرڻ
راڱا مُنڊا ڳاڙها مُنڊا
روپان ننڍڙي ٻيڙي، جنهن ۾ چڙهي وڏي ٻيڙي تائين پهچي
سيجو سعيو ڪرڻ، تيار ڪرڻ
سوسِ بچت، يا آسرو
سُرتِ سنڀال
سينڊي دوست عورت
ڪَڻَسِ سندس يا کيس
ڪڻين توکي
ڪيجَ ڪَج
ڪو ڇو؟
ڪيڙي ڪهڙي
لُڳڙ ڪَپڙو
ليپِ مٿان ڪرڻ واري وڏي سَوڙِ
لاڙِهيا پُراڻا لِيڙو ٿيل ڪپڙا
لَئي ڪا عورت ٻيءَ عورت کي مخاطب ٿيندي چوَي، لَٽي يا
ٻڙي چون.
لَٽِيَا ٻيلي، هي اڪثر مرد ڳالهائين پَرَ عورتون به پنهنجي
مردن کي سڏڻ لاءِ به چون.
مارڪو ڪچهري
مڙسالُو مُڙس ماڻهو، پر مُڙسالا به استعمال ٿئي
نان نه ــ جئين ناڪار لاءِ چون نان ڙي نان.
نَهارِ نِيهارِ، نگاهَه ڪَرِ
نَپٽَ صَفا، بِنهه، قطِعي
نِرجو هي نِرجو به استعمال ٿئي جئين نَڪَ نِرجو.
مَردن جا مُحاورا:
ڪنهن کي غير معمولي صورت ۾ ڏسڻ ته عَجبَ وِچان چوَن: ري ڀيڻان.
اگر ڪو ڪنهن کان پُڇي ته فلاڻي جي فيصلي تي اوهان ويا يا نه؟ ته
چوندا: اسين ڪونه اُٿياسُون.
ڪچهريءَ جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهايو ته چوندا: ڪُو ڪو.
اگر ننڍي ڪنهن سريال کان اڳ، ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏنو ته سوال
پڇندڙ هٿ اُڇلي ڪاوڙ مان چوندو لي (اي) تُوڪو.
ڪنهن ڀَڄندڙ بابت چون: اچو ته انِ جي پويا مڙُونس.
جيڪڏهن ڪو ڪنهن کان پُڇي ته فلاڻي سان اوهان جو پرچاءُ ٿيو يا
نه؟ ته جواب ۾ چوندا: ها ادا، اسان اُن جو تڏو وڃي
ورتو يا جهليو.
ڪنهن ماڻهوءَ بابت ملاحَن کان پُڇبو ته جواب ۾
چوَندا: اَلاءِ ڪِڏان گيئب ٿي يو.
ڪو ڪچهريءَ لاءِ ٻين کي چوندو ته هن طرح چوندو،
ڪچورو ڪونه تا ڪِينِ.
مڇي وڪڻڻ بعد گهر اچي مڇيءَ جي اگهه نه هئڻ ڪري چوندا: اڄ شارَ
(شهر) ۾ مڇي ايتري سستي هُئي جو ٽڪي ٽانڪ (ڇُڳو)
پئي وڪِي.
فيصلو ٿئي ۽ وري ٽُٽي وڃي ته اُن لاءِ چون: رات په مُڙسالا
(عورتون مڙسالُو چون) گڏيا راڄ مِڙي آيو مُڙسالا
په گهاٽا هُوا پَر نياءُ ڪونه ٿيو.
جيڪڏهن ڪو همراهه ڪنهن جي لاءِ اجايو ڳالهائيندو ته چوندا:
فلاڻي کي ته وات ڏگرِي ڪانين (ڪونهي.)
جيڪڏهن ڪنهن کي بس ڪرائين ته چوندا: بس ڪَر نه ته ڏگرِي لاهيندو
سنئين.
مڇي وڪڻڻ وقت، گراهَڪَ کي مُتوجهه ڪرڻ واسطي هوڪو ڏيندي چون: هن
جي (مڇيءَ جي) پيٽَ ۾ دوريون (دُهريون) اٿئي
دوريون، يا چون: هيرا، جوار (جواهر) اٿئي جوار.
اگر ڪو مڇيءَ بابت پُڇي ڀلا مڇي ٿُلهي آهي نه؟ ته جواب ۾ چوندا:
ڪيڙيون تو (ڪهڙيون ٿو) ڳاليون پڇين اصل گيهه، اٿئي
گيهه، يا چون: انگورَ اٿئي انگُور.
ڪنهن ڳالهه تي عجب کائيندي چون اَبُول....
ڪنهن جي ڳولهڻ بابت چون ميان مون ته مُلاڪَ (مُلڪ)
هَڻِي پَٽَ اُٿلائي وڌَم.
عورتن جا محاورا:
مهاڻن جون اڪثر عورتون گهڻو ڪري، ڪنهن عورت کي سڏين ته چون ”ائي
لَٽِي“ ياد مرد کي سڏين ته ”آئي يا لي لَٽِيا“
چون.
ملاحن جي گهرن ۾ عورتون هڪ ٻئي کان اَن اٽو اُڌارڻ لاءِ وڃن ته
پَهرين عورت جي گهُرڻ تي گهر مالڪياڻي چوَندي
سڀڪين جَجهو.
هڪ عورت ٻئي عورت تي ڪاوڙبي ته اُن کي چوندي بس ڪر/ بَڪَ بند ڪر
نه ته ايڙو (اهڙو) تي مِڙان نين جو جاد ڪيندينءَ.
جيڪڏهن ڪو غيرمعمولي واقعو ٿيو ته ملاحن جون عورتون گوڏي تي يا
ڇاتيءَ تي هٿ هڻندي چون: ئي گهوڙا بگداد (بغداد)
ٿي يو.
ڪنهن عورت جي ڳالهه کي سمجهڻ خاطر ٻيهر ٻڌائڻ لاءِ
چوَن: آئِي/ لَٽِي ڪُواڙو، يعني ڪُجاڙو.
هڪ عورت ٻي عورت جي ڳالهه جي تصديق يا تائيد ڪندي چوي: ٻيو
نَڪو.
هڪ عورت ٻي عورت کي ڌمڪي ڏيندي چوي: ٻِڙي هاڻ ٺهيو، ٽهلو ماٺِ
ڪر نه ته ايڙي (اِهڙي) کَريندي سين.
هڪ ٻئي سان وڙهندي چون ـــ لي ادي مان ڪَرِناتَ ايڙو ٿي اگهه
ڪريانين ته ڀقلَ ڀَٽيو تي بُجڪو ٺاهيان لاڙهين
وجهڻ جو.
گڏيل لهجا: مهاڻڪي لهجي واري ڀاڱي ۾ اهو ذڪر ٿي چڪو آهي ته
”شڪارڪي لهجي“ کان سواءِ ٻيا به ننڍا ننڍا مختلف
لَهجا ڪافي آهن جن جو ذڪر اڳتي ڪنداسيون، انهن
لهجن ۾ ”ڀيلڪو لهجو“، ”جوڳيڪو لهجو“، ”ڪولهيڪو
لِهجو“، ”ساميڪو لهجو“، ”ڪوڪڙين جو لهجو“ ۽ شڪارڪو
لهجو“ شامل هن هر هڪ لهجي جو مُختصر ذڪر هيٺ ڏجي
ٿو:
شڪارڪو لهجو: تعلقي شاهبندر ۽ جاتي واري علائقي ۾ ته رُڳو
مَلاحن جي لهجي تي شڪارڪي لهجي جو اثر آهي، بلڪ هن
علائقي کان سواءِ هتان جي ٻين علائقن، مثلاً:
تعلقي ميرپوربٺوري، سجاول ۽ کاري (کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي
بندر) جي علائقن تي به ان جو اثر آهي. شڪاري ٻن
قسمن جا ٿين هڪ گوگيڙا جي ڪوئا مارين ٻيا سوپي جي
سِپَ گڏ ڪِن.
شڪارڪي ۽ مهاڻڪي لهجي ۾ فرق: شڪارڪي ۽ مهاڻڪي ڳالهائيندڙن ۾
لهجي جو ٿورڙو فرق آهي، جنهن جو اندازو روزاني
واري گفتگوءَ جي مثالن مان لڳائي سگهجي ٿو. شڪاري
پنهنجيءَ گفتگوءَ دوران ”الف“ جي بجاءِ ”ل“، ”ص“ ۽
”ذ“ بدران ”ج“، ”س“ بجاءِ ”ش“ ۽ وري ”ش“ بدران ”ڇ“
ڪتب آڻين. ”د“ جي جڳهه تي ”ت“ ۽ ”ي“ جي جاءِ تي
”ج“ ڪم آڻيندا آهن. اهڙي طرح ”ڇ“ جي جاءِ تي ”ش“
اُچارين. جڏهن ته ”ڪ“ ۽ ”غ“ بدران ”گ“ جو استعمال
ڪن، انهيءَ کان سواءِ ”ٽ“ جي جاءِ تي ”ت“ ۽ ”ڦ“
بجاءِ ”ف“ استعمال ڪن.
هڪڙن اکرن بدران ٻين جي استعمال جا مثال:
شڪارڪو لهجو صحيح لهجو
لِ/ لي ــ تُون ته اي تُون ته
ز، ض، ذ، ظ
جَڪاتِ زڪوات
مَجِبُوتِ مضبوط
جاتِ ذاتِ
جَعيڦِ ضعيف
س، ش ۽ چ
شائين/ ڇائين سائين
ڇوهورِ شهر
د، ت، ي ۽ ج
آجمُوتو آزمودو
جادِ ڪَجِهِه يادِ ڪِجِ
ڪ، غ ۽ گ
گڊِ ڪَڊِ
گُلانِدِ غلام محمد
ٿ، ت
ڪونِ تاکِيُون ڪونَه ٿا کائون
ڪَم تِيو جانان ڪَم ٿيو يا نه
ڦ، ف
فاڙي شَڏِيو ڦاڙي ڇڏيو
ڦڪر ناڪار فِڪر نه ڪر
شڪارڪي ٻوليءَ جا خاص لفظ: اُهي لفظ جيڪي شڪاري قوم جا ماڻهو
نجي گهريلو زندگي ۾ ڳالهائين، تن مان ڪي هن طرح
آهن:
لفظ معنيٰ
ڪَرِمَٽ پيالو
ڪامَٽِ ديڳڙي
ڪرشو گلاس
تَنبُو (طنبُو) گهر
ڀگرِي گوڌڙي
ڪاجِي قاضي
ڇوهور شَهر
شورو ڇورو
نُشڪانِ نُقصانِ
شڪارڪي لهجي جا محاورا: شڪاري قوم جا ماڻهو پنهنجي ڪچي لهجي سبب
مرد ۽ عورتون هڪجهڙا محاورا استعمال ڪن ٿا. نموني
طور ڪي محاورا هيٺ ڏجن ٿا:
مَرد پنهنجي زال کان پُڇي ته: فلاڻن جي شاديءَ ۾ دعوت پاڻ کي به
ڏني اٿن ڀَلا هلون؟ ته عورت جواب ڏيندي ته، پاڻ
فيري ڪانه اُٿيا، پاڻ په ڪانه تاکِيون.
ڪاوڙ مان ٻئي چوَن: لِ تون ته.
اگر ڪو پُڇين ته فلاڻو ڪم ڪيئن ٿيو ته جواب ڏيندا، ڪَڻانِ
(اوهان کي) کهبَر هونَدنِ.
ڪنهن پَري واري ڪَم لاءِ ڪنهن کي چئبو ته اُهو
لَنوائڻ خاطر چوندو: ڪيرتو ٽاڪر ٽاڪي (يعني ٽَڪرَ
ڪير ٿو ٽَڪن. يا پرانهين پنڌ تي ڪير ٿو وڃي.)
ڪنهن عورت کي ڪا ڊپ واري شيءِ ڏيکاربي ته چوندي:
کو کَڏَسِ.
ڀِيلڪو لهجو: هن تَرَ ۾ شڪارڪي لهجي کان سواءِ
”ڀيلڪو لهجو“ به عام آهي. ليڪن ٻنهي ۾ ڪو خاص فرق
نه آهي، ڀيل به شڪارين وانگيان عجيب مذهب آهن،
هيءُ شڪارين وانگيان نڪاح به پڙهائين، طُهر به
ڪرائين ۽ ميت دفن به ڪن، پر حَرام (مردار) کائڻ
سبب اِهي بئي قومون مسلمانن ۾ شمار نه ٿيون ڪيون
وڃن. بهرحال اهي ٻئي لَهجا (شڪارڪو ۽ ڀيلڪو) لاڙ
واري پاسي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا انتهائي بگڙِل لَهجا
آهن، انهن لهجن جي سڃاڻپ صرف صوتياتي بيناد تي ڪري
سگهجي ٿي. ان کان سواءِ انهن جي سڃاڻپ جو ٻيو نشان
سندس لباس آهي، ڀَيلن جو لباس پڙو ۽ اڏي (ڳچيءَ
وارو چولو) آهي، جڏهن ته شڪارين جو اصل لباس هن
وقت ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، ممڪن آهي ته اڳ ۾ ڪو خاص
لباس هجي پر تنهنجي به پڪ نه آهي. ڀيلن جي ٻوليءَ
۾ استعمال ٿيندڙ جملا، لفظ، محاورا، توڙي انهن جي
گفتگوءَ جو انداز سواءِ معمولي فرق جي شڪارين وارو
ئي آهي، انهيءَ ڪري اسان انهن جي لهجي جا لفظ ڪونه
ڏنا آهن، ڇاڪاڻ جو هُو به شڪارين وانگيان، يتيمِ،
کي جتيم، ۽ يَڪَا کي جَڪا وغيره چَون.
جوڳين جو لهجو: ماڃَر، ڪڪرالي ۽ کاري جي علائقن ۾ غير مسلم
شڪارين ۽ ڀيلن کان سواءِ جوڳي قوم به هتي رهي ٿي،
هي پنڻ ۽ نانگن جهلڻ کان سواءِ هارپو به ڪن. بقول
انهيءَ قوم جي ستريالن جي جوڳين جون ٻيون، مختلف
برادريون، جهڙوڪ: تُنيهَ، چوهاڻ ۽ دل به. جوڳي
گهڻو ڪري ڳوٺن ۽ شهرن جي ڀرپاسي ۾ پکا اڏي ويهن
ٿا.
هنن جي ٻولي سرائڪي (پنجابي مائل) هندي (گُجراتي) ۽ سنڌي گاڏڙ
آهي. جنهن جو اندازو هيٺ ڏنل چَند مثالن مان ٿي
سگهي ٿو:
خاص لفظ:
لفظ معنيٰ
آوَ اَچِ
اُورڪو هيڏائون
اِيها ـــ اِيهيا هِتان
اُٿي اُٿِي
ٻيس وِيههَ
ڪُٿو ڪيڏانهن
ڪاريهير نانگ ڪارو نانگ
رالِي رَلِهي
روٽي مانِي
سِيرک سَوَڙِ
تُو تون
مَنِ مون کي
رَجنُو نانگ
جَهالِ جَهلِ
پرڻو شادي
سَڱائي مڱڻِي
وَهُو (ود) نُنهن
ٻوگِهي ٻَه مُنهين بَلا
سُسَرو سُهرو
ڌماليو مانجهيو
مارو منهنجو
نِباهُو فيصلو
ڪاڊِين ڪڍين
شِکي چڱو مڙس
کفڻِ ڪفنِ
پيرو ڀيڙو
ساسُو سُسُڻ
ڏَٻڪِي ڏَٻي
خاص جملا:
تُو مَن ڪِي ڪري سِي تُون مون کي ڇا ڪندين؟
ٿاري گهران نٿو کان تنهنجي گهران نٿو کِيان
بيماري بلڪل وٺي گئِي اي بيماري بلڪل وٺي ويئي آهي
ڏاگدر نُو ڀيرو ڪرو ڊاڪٽر ويجهو ڪريو، يا ڀڙو ڪريو
مارو نڀاهُو تو پَر تين پَر ڦٽايو منهنجو فيصلو ٿيو هو، پر تو
اچي ڦٽايو
رَجنُو سُرتِ ڪري جَهالِ نانگ کي خيال سان جهل
اي پَرڻِ پيٺي سي سوچ اِها لُنڊي (نانگ) ويٺي آهي
ڪري جهال سوچ ڪري جهلِ
اي بي گُهرِي اي اها بي گُهرِي آهي
هڪ ٻيجان دي ويڻ ڪاڊي هڪ ٻئي جي ويڻ ڪڍي
رکياسين رکياسون
لَڏي پڇاڙي وڙِهِه پياسين لڏي پڇاڙي وڙهي پياسين
ڪولهيڪو لهجو: ڪولهين جي هڪ جدا ٻولي ۽ لهجو آهي. سندن هاڻوڪي
ٻولي گُجراتي ٻوليءَ جي بگڙيل صورت نظر اچي ٿي.
البت جوڳين جي ٻوليءَ تي سرائيڪي، هندي ۽ سنڌي جو
به ڪافي اثر آهي، پر ڪولهين جي ٻوليءَ جي مشابهت
بگڙيل گُجراتي ۽ ٿري ٻوليءَ سان ڪجي ته وڌاءُ نه
ٿيندو، ڇو جو هيءَ ٻولي سرائڪي ۽ هندوستان پنجابي
(سِکَن واري) ٻوليءَ جي اثر کان آجي آهي، البت هن
ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو اثر ضرور قبول ڪيو آهي. ان
جو سبب شايد سنڌي ٻوليءَ ۾ هندي ٻولين جو ميلاپ به
ٿي سگهي ٿو.
ڪولهيڪي لهجي ۽ سامِيڪي لهجي ۾ فرق: جهڙي طرح مٿي ذڪر ٿي چڪو
آهي ته ڀيلڪي ۽ شڪارڪي لهجي ۾ ڪو خاص فرق نه آهي،
اهڙيءَ ريت ڪولهيڪي ۽ سامڪيڪي لهجي ۾ به ڪو خاص
فرق ظاهر ڪونه ٿي سگهيو آهي، البت سنڌ ۾ رهي هيءُ
قوم ڪافي حد تائين سنڌي ٻوليءَ جو اثر قبول ڪري
چُڪي آهي، پر ان سلسلي ۾ جوڳيڪو لهجو انهن کان به
گوءِ کڻي ويو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪولهي ۽ سامي وري
گهٽ اثر هيٺ نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ جو هي ٻئي مُذڪر کي
مونث ۽ مونث کي مذڪر ڪري اُچارين، انهن ٻنهي جو
فرق صرف صوتياتي بُنياد تي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن هُو اباڻڪي لهجي ۾ سنڌي گاڏڙ ڪري ڳالهائين ٿا
ته اهي لفظ ڏاڍا مزيدار لڳندا آهن، هڪ ٻه مثال هيٺ
پيش ڪجن ٿا:
اِي سِيرَڙو، سِيرڙو، کَڻِي اُڊوجا يعني هيءَ گسُ، گسُ کڻي سِڌو
وڃجان هن ۾ پهريون لفظ ”اِي“ اَصل ۾ اِهو يا اِهي
۽ ”کڻي“ لفظ ته سڌو سنئون سنڌي ٻوليءَ جو آهي. قسم
کڻڻ لاءِ چَون، اکين ڦُٽي. يعني اکيون نڪرن. ڀائي
مَري ـــ (هي به قسم لاءِ چون،) يعني ڀاءُ مري.
هنن ٻنهي جملن ۾ سنڌي لفظن جو ميلاپ ظاهر نظر اچي
ٿو.
ساميڪو لهجو: سامي به هتان جي آڳاٽن خانه بدوشن مان آهن، هنن جا
مرد نانگ جهلي وڪڻن، باقي عورتون پنڻ يا وري
رَلهيون ٺاهڻ جو ڪَم ڪن. هنن جي رلهين جي به هن
علائقي ۾ هاڪ ويٺل آهي. هنن جا مرد گهڻو ڪري قميص
۽ گوڏر، پهرين، مٿي تي سنڌي ٽوپي پائن يا وري
پپٽڪو ٻَڌن، جڏهن ته عورتون هڪ ڊگهي چولي پائين،
جنهن کي هُو چوري به چَون ۽ سَلوار بَدران تمام
وڏو پڙو پائين هنن جي عورتن جي وارن سنوارڻ جو به
هڪ جُدا ۽ نرالو انداز آهي، خاص ڪري وارن ڳُتڻ ۾
ماهر آهن.
سامين جي ٻولي به پنهنجي جدا حيثيت رکي ٿي. سامي پنهنجي ٻولي
صرف گهر ۾ ڳالهائين، ليڪن جيئن پوءِ تيئن پنهنجي
ٻوليءَ جي اصليت وڃائيندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ جو هنن
جي ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جو گهڻي ڀاڱي اثر ٿيندو
پيو وڃي. ان کان سواءِ ساميڪي ٻوليءَ تي هڪ ٻيو
قديم اثر گُجراتي ۽ مارواڙي زبانن جو آهي، ساميڪي
لهجي ۽ ڪولهيڪي يا جوڳيڪي لهجي ۾ به فرق صوتياتي
بنياد تي ئي ڪري سگهجي ٿو. سامي به پنهنجي لهجي ۾
هڪڙن لفظن/ اکرن بجاءِ ٻيا اُچارين. جئين ”ڇ“ جي
بَدران ”س“ استعمال ڪن، مثال طور: سوڪرو، يعني
ڇوڪرو. يا چون، سُو ڪَري سُو، يعني ڇا ٿو ڪرين؟
اِهڙيءَ طرح ”ڏ“ جي بجاءِ ”ڊ“ اُچارين، ”ڳ“ بجاءِ
”گ“ جئين ڳوٺ بدران گوٺ چون.
ان کان سواءِ سامي گهڻو ڪري ”اَي“ لفظ استعمال ڪَن جئين اَي
سيٺ، يا ٻارَ کي هڪل ڏيندي چَون، اَي سوڪرو ته، يا
ڳالهه ڳالهه تي لفظ ”پاجو“ جيڪو سنڌي لفظ ”پنهنجو“
جي بگڙيل صورت آهي، استعمال ڪن. اهڙي طرح سامي
پنهنجي محاوري ۾ من کي مونث اُچارين، اهڙيءَ طرح
هُو پنهنجي ساميڪي لهجي ۾ چون، اسان جي ڳوٺ ۾ لاري
وڃي ڪونه ٿو، يا چون ته منهنجي توکي قسم آهي، يا
چون تون ڪٿي وڃين ٿي، يا واپاريءَ کان جُتي وٺندي
چون اي سيٺ هي جتي گهڻي جو آهي؟ رلهي، کي گوڌڙي
گنديءَ (مٿي ڪرڻ جي) کي بُگِڙ ۽ بستري کي وِڇاڻُو
چون.
ڪوڪڙين جو لهجو: ڪوڪڙي قوم به پنهنجي جدا مذهب رکڻ سان گڏ
پنهنجي زبان ۽ محاورا به جدا رکي ٿي. پر سنڌ ۾ رهڻ
ڪري، هو جڏهن پنهنجي اباڻڪي لهجي ۾ سنڌي ڳالهائين
ٿا ته انهن جي گفتگو ڏاڍي مزيدار ٿئي ٿي، جنهن کي
اسان پنهنجي زبان ۾ ”ڪوڪِڙيڪو لهجو“ سڏيون ته ڪو
وڌاءُ نه ٿيندو.
هي برادري ٻين قبيلن جيئان پنهنجو الڳ لباس به رکي ٿي، هنن جو
قديم روايتي خاص لباس خبر ناهي ڪهڙو هو، مگر هن
وقت مرد قميص ۽ سلوار پائن، ڪڏه سنڌي ٽوپي يا
پوتڙو پائين يا وري مٿي اگهاڙي رهن ۽ سندن عورتون
چولي جي جاءِ تي جيڪو لباس اوڍين اُن کي ”ڀولِڪو“
چون باقي سَلوار بَدران ”پڙو“ پائين. ڪوڪڙين جون
عورتون گهرو ڪم ڪنديون آهن، باقي مَردَ ميٽ وڪڻڻ،
جَنڊَ آڙڻ ۽ وڪڻڻ کان سواءِ ڪُڪڙن جو واپار ڪن.
هنن جي ٻوليءَ، مارواڙي ۽ گُجراتي سان ملي ٿي. ڀنگي (هريجن)
جيڪا ٻولي ڳالهائين سا هي به ڳالهائين ٿا. ليڪن
هنن جي ٻولي ۽ لهجي جي مقابلي ۾ ڀنگين سنڌي لهجو
جلدي قبول ڪري ورتو آهي، اهي جڏهن سنڌي ڳالهائن ٿا
ته غلطيون گهٽ ڪن ٿا. ليڪن ڪوڪڙي سنڌي ڳالهائڻ وقت
تمام گهٽ صحيح سنڌي ڳالهائي سگهن ٿا. ڪوڪڙي پنهنجي
گفتگوءَ دوران بلوچن ۽ پٺاڻن وانگيان مونث کي
مُذڪر ۽ مذڪر کي مونث ڪري اُچارين، ان کان سواءِ
هي مُهاجَرن وانگر ”پ“ جي بَدران ”ڦ“ ۽ ”ڏ“ بجاءِ
”ڊ“ ۽ ”ک“ جي بدران ”ڪ“ اُچارين. هيٺين مثالن مان
مونث ۽ مُذڪر جي پروڙ پوندي ۽ لفظن جي ڦير گهير ۽
فرق جو پڻ پتو پئجي سگهندو:
واڊيرا، اسان توجي ڦاري ۾ ويٺا آهيون، اسان جو گڊو (مادِي)
تنهجو ڦوڪ ۾ پئجي ويو آهي.“
يعني اي وڏيرا! اسان تنهنجي پاڙي ۾ ويٺا آهيون، اسان جي گڏهَه،
تنهنجي پوک ۾ پئجي ويئي آهي. |