سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :8

باب اٺون

 

جاتيءَ جي ٻولي

جاتي تعلقو تاريخي توڙي جاگرافيائي لحاظ کان ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، اهڙي ريت لساني لهجن ۾ پڻ ٽن حصن ۾ تقسيم ٿئي ٿو. جاتيءَ جي ماڃر واري پاسي جو ذڪر ماڃر واري ٻوليءَ جي باب ۾ ڪيو ويو آهي ۽ ڪڪرالي وارو حصو، ڪڪرالي جي ٻوليءَ واري بابت ۾ آيل آهي. خاص جاتيءَ وارن جي ٻولي ۽ لهجي تي مختلف لهجن جو اثر محسوس ڪري سگهجي ٿو، هڪ طرف جاتيءَ ۾ جتن جي گهڻائي آهي، جنهن ڪري هتان جي لهجي تي ”جتڪي لهجي“ جو اثر آهي ته ٻئي طرف واري ڪڇ جي ويجهو هئڻ ڪري ”ڪڇڪي لهجي“ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. جاتي تعلقي جو وچ وارو علائقو ڇڏي باقي اُترئين ڀاڱي ۾ ماڃر وارو علائقو هئڻ ڪري ان تي ”ماڃرڪي لهجي“ جو اثر پڻ ملي ٿو.

جتڪي لهجي جو اثر: جاتيءَ جا رهواسي (جتن کان سواءِ) پاڙيسري هئڻ جي ڪري ۽ لڳ لاڳاپن جي بنياد تي پنهنجي روزمرهه جي گفتگوءَ دوران پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ”جتڪا لفظ“ ڳالهائين ٿا. هو جتن وانگيان ماڻهوءَ بجاءِ ”ماز“ چون ۽ تُون يا توهان لاءِ ”اَتُون“ لفظ استعمال ڪن، ۽ هينئر لاءِ ”هِجر“ چون ۽ ”ڇا“ واسطي جتن وانگر ”شاڙو“ چون. لفظ ”آيو“ بدران ”آئو“ چون ۽ ”هڪ“ لاءِ ”ڪڙو“ اُچار ڪتب آڻين، آهي بجاءِ ”آئي ڪَ“ استعمال ڪن. اهي لفظ واري جملن ۾ هن طرح ڪتب آڻين، ڪَڙو ماز (هڪڙو ماڻهو). اَتُون هِجرَ آئو آئي ڪَ. تون هنيئر آيو آهين، ۽ ”ڇا آهي“ واسطي چوَن، شاڙو آئي.

ڪڇڪي لهجي جو اثر: جاتيءَ جون اُهي قومون جيڪي ڪڇ جي ويجهو رهن ٿيون، انهن جي ٻوليءَ تي ڪَڇڪو لهجو غالب نظر اچي ٿو، جاتي تعلقي جي ڪڇ واري (ڏاکڻين) علائقي ۾، ساحل طرف رهندڙ هي قومون اڄ به پنهنجي عام گفتگوءَ دوران ”ڪڇيڪا لفظ“ استعمال ڪن، انهن قومن ۽ برادرين ۾: جت، ٿهيم، ٻُهريا، ڌانڌل، ٿَهيمورَ، رچا ۽ ڊيرا اچي وڃن ٿا. اهي اڄ به پنهنجي عام ڳالهاءُ ۽ صورتيات ۾ ڪڇي محاورو ڪتب آڻين ٿا، مٿال طور: هُو ڪنهن کي ڪا شيءَ ڏيکارڻ لاءِ چون، ”وڃي وَتاڙي/ يا وَتاري اچ“. اُڇلائي اچڻ لاءِ چون ”ڦِڳائي اچ“. گهرن کي ڪڇين وانگر گهرين ۽ ملاحن کي ملاحين، ٻارن کي ٻارين، ماسترن کي ماسترين چوڻ. اگر ٿهيم ذات جو نالو وٺن ته ڪڇين وانگيان چون ٿهيمين، رڍن لاءِ به رڍين، يا پنهنجو پاڻ کي ”پِنڊ“ ۽ ڊَٻنِ کي ڊِٻين، ڪاٺَن کي ڪاٺين، پکين لاءِ پَکيين اُچارين. اهڙي طرح ٻن ڄڻن لاءِ ”ٻوڄڻا“ استعمال ڪن، چانورن کي چوکين چون، بهرحال جاتيءَ جي ڏاکڻين حصي ۾ رهندڙ قومن ۽ برادرين تي نه صرف ڪڇڪي لهجي جو اثر آهي، پر ڪڪرالي کان ويندي کاروڇاڻ تائين اِهو اثر مُسلسل نظر اچي ٿو. جنهن جو اسان ڌار بابن ۾ ڪيو آهي.

جاتيءَ جي لهجي ۾ مختلف لفظن جو واهپو: جاتيءَ جا ماڻهو پنهنجي گفتگوءَ دوران، مختلف لفظن جا حرف بدلائي اُچارين، جنهن ڪري حرف جي تبديليءَ سبب لفظ جي صورت ئي تبديل ٿي ويندي آهي، مثلاً: هن علائقي جا ماڻهو الف بجاءِ هه، ب جي بَدران ڀ، ۽ ت بجاءِ ڌ استعمال ڪن. خ جي جاءِ تي ڪ ۽ ک اُچارين. س جي بجاءِ ش، ۽ ش جي جاءِ تي ڇ، اُچارين، جڏهن ته ع بدران الف ڪتب آڻين ۽ ق بجاءِ کي استعمال ڪن، جن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

الف ۽ هه جو مثال:

ايٺِ ـــ، هيٺ ايٺان = هيٺان، ان جو = هِن جو.

ب ۽ ڀ جو مثال:

ڀلي = بَلي، ڀچو = بَچُو، ڀونڪارَ = بونڪارَ.

ت ۽ ڌ جو مثال:

وڇاتِ = وشاڌِ، جَڪاڌَ = زڪوات، شانت = شاڌِ.

خ ـــ ڪ ۽ ک جو مثال:

ڪاص = خاص، کميسو= خميسو، کُوچِ= خوش، کاموڇِ = خاموش، کِيال = خيال.

س ۽ ش جو مثال:

سانئر= شاعر، سُڪرِ= شُڪَر، سونق= شوق.

س ۽ ڇ جو مثال

ڇاباش= ساباس، ڇُکر= شڪر، شَپرِي= ڇَپَرِي.

ع ۽ الف جو مثال:

اشقِ= عشق، آرو= عارو، اجِب= عَجب.

ي ۽ ز جو مثال:

يارو= جارو، يافَر= جَعفر، جاکب= يعقوب، جتيمِ= يتيم، زقين= يقين، جَبَر= زبر، زَنازي= جنازي، زناوَرِ= جانور.

جاتيءَ جي لهجي جا ڪي خاص لفظ ۽ جملا: جاتيءَ جي لهجي ۾ ڪي اهڙا لفظ آهن، جيڪي جاتيءَ جا ماڻهو پنهنجي سنڌي ٻوليءَ وارا لفظ آهن، جيڪي جاتيءَ جا ماڻهو پنهنجي سنڌي ٻوليءَ واري لهجي ۾ بگڙيل صورت ۾ ڳالهائين، جيڪو ان طرف جو ئي خاص لهجو مڃيو وڃي ٿو. جاتيءَ جي علائقي ۾ انهن مٿين لهجن (جتڪي ۽ ڪڇڪي) کان سواءِ ”شڪارڪو“، هڪ ٻيو لهجو به پنهنجو وجود رکي ٿو، جنهن بابت ”ڪڪرالي واري ٻولي“ جي باب ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي. ليڪن جاتيءَ واري علائقي مان جيڪي محاورا ملي سگهيا آهن، سي اڳتي هلي هن ئي بابت ۾ ڏبا:

جاتيءَ جي لهجي ۾ بگڙيل لفظن جو استعمال:

غلط            معنيٰ

اشِقِ            عِشق

ايٺِ            هيٺِ

جوبَڻ           جوڀَنِ

ڀِچُون          بچون

شڏائِيدا          سڏائيندا

ڪنيدو         ڪندو

ڪاص         خاص

ٽِڪَسِ         ٽڪيٽَ

سِلامِ          سَلامِ

لانشِ           لاش

ميڙي          مِڙئي

ڪَني          ڪَنينِ (ڪَنِ)

واکوبيت       واقفيت

ڪانِ               ڪانَ

مالُومِيَتَ         معلومات

دولاري            دُهلاري

ماڻُووَ            ماڻهوءَ

سانِئر          شاعر

لفظو (لَوِظو)      لفظ

تگِ                تَنگ

ڪاڳسِ                 ڪاغذِ

طرو                    طرح

زقين                     يقين

جُملن جو استعمال: اکرن جيئان جملن ۾ به جاتيءَ جا ماڻهو مهاڻڪي ۽ ڪڇي گاڏڙ لفظن جو استعمال ڪن ٿا. انهيءَ کان سواءِ شڪارڪي لهجي جو اثر به جاتيءَ جي لهجي ۾ پڻ موجود آهي.

مهاڻڪي لهجي وارا جملا:

غيرمعياري لهجو                              معياري لهجو

اَن کا توبانهه                                  اوهان کان توبَهه

هُڏان ويجِ زور                                   هوڏانهن ضرور وڃج يا وڃجئين

شتي جي زنازي ۾ ويولو      ڇَتي جي جنازي ۾ ويو هليو

ڳاڻِ، وِڄاڻِ تِيو جا نَه؟                   ڳائڻ، وَڄائڻ ٿيو يا نه؟

ماڻُووَ لا لَوِزو (لوظو) چيو       ماڻهوءَ کي لفظ چَيم

اِيٺ ويئي رو                                   هيٺ ويهي رهو

ڪاڳسِ ڏئي شَڏِيدا شون      ڪاغذ ڏيئي ڇڏينداسون

جَڪِيُون اَلنگِ ڪِنديون                يڪيون الڳ ڪنديون

نان ڙي نا                                                      نه ڙي نه (ناڪار لاءِ)

لانشِ ڊوئڻ ويو                                 لاشِ ڍوئڻ (کڻڻ) ويو

ڪڇي گاڏڙ لهجي وارا جُملا:

غيرمعياري لهجو                              معياري لهجو

مَلائين (ملاحين) جي                  مَلاحن جي گهر ڏانهن هلو

گهرين هلو

شورين کي ماسترين وٽ      ڇوڪرين کي ماسترن وٽ

شڏيو                                                                   (پڙهائيءَ لاءِ) ڇڏيو

غيرمعياري لهجو                              معياري لهجو

ٻارين کي رڍن ۾ نه اُماڻيو     ٻارن کي رڍن ۾ نه موڪليو

ٿهيمين ٻَين جَتين جو        ٿهيمين ۽ جتن جو گڏ جهيڙو

ڀيڙو جهيڙو ٿي پئو                   ٿي پيو

پنڊ ڳنهي (ڳني) آيو آئيس   پاڻ وٺي آيو آهيان.

آئين کا ڪانه پڳاسِين                اوهان کان (سان) ڪين پهتاسُون.

اِنِن کي په ڪاٺين تي ڳنهي  انهن کي کي به ڪا‎ٺِين تي

(ڳني) وڃو                                             وٺي وڃو.

ائين ٻوڄڻا گَهرين ڀيڙا ٿيو    اوهان ٻئي ڄڻا گهرن ڏانهن هلو.

شڪارڪي لهجي وارا جُملا:

شڪاري جملو                                 معياري جملو

لي شائِين شوري مان جوِ      اي سائين! ڇوري (ڇوڪري) ڪِتاب فاڙي شَڏِيو                              منهنجو ڪتاب ڦاڙي ڇڏيو.

لي رَن سُٿڻ ۾ سَڳو وِجي     اي (يا او) زال سلوار ۾ اڳٺ شڏجينِ                                                           وِجهي ڇڏجَئين.

لي جارو کُڇِ آهِين ڪِ؟                اي يارو خوش آهين ڇا؟

يافر کي چيداسُون ڪم ڪِندِو جعفر کي چونداسوُن ڪم ڪندس.

بائُو توکِ ڇابَسِ هوءِ                  ڀائُو توکي شاباس هجي.

لِ شورا آجموتو ڪاري ڏسِ    اي ڇورا آزمودو ڪري ڏِس.

لِ ڪَڻِيان کَبَرَ هُودن                   اي کين (اوهان کي) خبر هوندي.

ڪڻين ايڙو پَشِ تي شڏايان ته تنهنجو اِهڙوحال ٿي ڇڏايان جو

جادِ ڪيدين                                                    ياد ڪندين.

لي ڪَڻِيان جوتِ ڪيڙي آئي اوهان جي حالت ڪهڙي آهي؟

نه لاڙهيا نه لڳڙ                                نه ڪپڙو نه گندي.

جاتيءَ جا خاص مُحاورا:

ٻين علائقن جاتيءَ واري علائقي جا ماڻهو پنهنجي روزاني واري عام گفتگوءَ ۾ ڳالهه جي بناءُ ۽ ان کي خوبصورت بنائڻ خاطر اهڙا جملا ڳالهائين، جن مان اُن ڳالهه جو مڪمل نچوڙ نڪري سگهي. اهڙي قسم جي جملن کي نه صرف جاتيءَ جي علائقي جا مَرد، پر عورتون به ڳالهه ڳالهه ۾ استعمال ڪن.

مَردن جا محاورا:

ڪنهن کي خوش خير عافيت ڪندي چون: خوش، جوڙ، ٽاٽ، ٻيا مڙئي سُکَ.

ڪنهن کي ڌمڪي ڏيندي چون: ماري ٻِڏَ ڪڍي ڇڏيندوسنئين، يا چون: ماري ڪَلر ڪري ڇڏيندوسنئين.

هيءَ لفظ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ لاءِ چوَن جيڪو ٻُڌي ۽ وساري ڇڏي چوَن: صفا ڪو مُهڄڻ آهِين.

ڪو جيڪڏهن ڪا ڳالهه پيو ڪندو ۽ ٻيو چوندو اِهو ڪوڙ پيو هڻي ته اُهو ڳالهه ڪندڙ مذاق مان قسم کڻندي چوي: پَن جو سونهنِ. هي ڍنڍن تي رهندڙ ماڻهو چوَن.

ڪنهن جيڪڏهن ٻئي کي ماري ڇڏيو ته چوندا، فلاڻي هڻي فلاڻي کي پش ڪري ڇڏيو.

مال ۾ يا ماڻهن ۾ موت پوي ته چوَن: هن ڀيري ڏاڍي اوٿڙ ٿي ويئي آهي.

ڪو جيڪڏهن خراب ويڻ ڪڍندو ته چوندا: ميان توارَ نه ڪَر.

پنڌ ڪري پهچڻ وقت چوَن: ميان هڻ هڻا، ساهه ميران (يا مردان) ڪري اچي پُڳاسين.

ڍڳو خصي بنائڻ لاءِ چوَن: پوني/ يا سَسَو ڪري ڇڏيوسون.

خراب وقت لاءِ چون: ميان ڪارو وقت اچي ويو آهي.

توڪل لاءِ چون: ابا الله تو سلي ويٺا آهيون.

ڪنهن کي ڌمڪي ڏيندي چوَن: ميان تون هاڻ ڌونرو ڀڃي کائج.

ڪنهن چڱي ماڻهوءَ لاءِ ڪُڌي ڪَم ڪرڻ وقت چون: سانڱِ، وانگَ ماڻهو آهي ائين ٿورئي ڪندو.

اگر ڪو آيو ته پُڇندا، ابا خير ڪو آيو آهين؟

ڏيتي ليتيءَ بابت چوَن: گهور اُڌاري ڀاڄي آهي اڄ ڏيڻي سُڀاڻي وٺڻي.

جلدي ڪَم وٺڻ وقت چون: ميان هينئر ڪم وٺي لاءِ پوءِ متان ٻانڊي ڍڳي وارو ڪَم نه ٿئي. (ٻانڊي ڍڳي جي پُڇ مان هٿ ڪڍبو ته ٻُڏو).

حياتي ۽ بقاءَ جي ڳالهه ڪندي چوَن: ها! بابا دم نه دم کنئي ڀيڙو آهي، بس دم گُذر آهي.

عاجزي ۽ انڪساريءَ جو اظهار ڪندي چوَن: هُن (الله) جي سَرڪار ڏاڍي آهي (يا چوَن قهاري آهي).

ڪير واندو ۽ نَڪَمو ماڻهو رُلي پني ڌِڪا جهلي گهر ايندو ته اُن کي طنز وچان چوَن: ها! نورو ٽَڪن جو ڪمائي آئين؟

ڪٿي گهڻي هاءِ گهوڙا ٻُڌن ته چوَن، ميان يڪدم گهوڙا ويڪَ مچي ويئي.

ڪنهن ظاهري ڳالهه ٻڌائڻ بابت چوَن: ميان اُڀ اکين پيو ڏسجي تنهن ڏانهن آڱر سَڃڻ جو ضرور.

ڪنهن جانور ۾ سُٺي عادت ڏسن ته چوَن: ميان انسانن مان اسالت نڪري وئي پَر جانورن ۾ اڃا موجود آهي.

جيڪڏهن ڪو پنهنجي زال تي ڪاوڙجي ۽ ان کي مائٽن ۾ وٺي وڃي ۽ سُهري کي چوي، ميان جَهل پنهنجي پُڳريءَ کي.

ڪنهن جي ترقيءَ لاءِ چوَن: ميان رب وڏو نقطي نواز آهي جنهن کي وڻي تَنهن کي گُهري.

ڪو جيڪڏهن اَرڏائيءَ کان ڪم وٺي ته چوَن: شَلَ ڀنياڻي گهوٽ پُڄنئي.

وقت جي نزاڪت ۽ حالت جو اظهار ڪندي چوَن، ميان وِچين ٿي ويلا ڪري.

ڪو جيڪڏهن هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو ويندو ته چوندا، هيءَ ڪو جهوتن ۾ اچي ويو آهي؟

ڪو جيڪڏهن بدفضيلتو هوندو ته اُن لاءِ چون: فلاڻو ماڳهي فضيلت جو ڪوٽ آهي.

بي عقل ۽ بيوقوف ماڻهوءَ لاءِ هي لفظ چوَن: فلاڻو عقل جو ڪانگارو آهي.

ڪو جيڪڏهن ڪچهريءَ يا فيصلي جي وچ ۾ ڳالهائيندو ته ان کي چوَن: ٻِتاڙ نه ڪر.

ڪو جيڪڏهن ڪَم ڪرڻ کان لهرائيندو پيو ته چوندا، گوٿ ناٿ پيو ڪِري.

ڪو جيڪڏهن عطر يا ڪو خوشبوءِ هڻي ايندو ته چون: ايڏي ڌپ فلاڻي ۾ هُئي جو بَس نا ڪانهي (ڌپَ عموماً بَدبُوءَ لاءِ استعمال ٿئي ليڪن جاتيءَ طرف اهو لفظ خوشبوءَ لاءِ ڳالهائجي).

ڪي پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هوندا، ۽ ٽيون ٻاهران اچي پڇي ته ڇا پيا ڪريو؟ ته جواب ۾ چوندا: مِڙئي ڪِٽِ وِٽِ پيا ڪريون.

گهڻي گرميءَ واسطي هي اکر چوَن: ميان ايڏي گرمي آهي جو مٿو ٿو ڇَڻي.

ڪنهن اِهڙي ماڻهو کان پڇن ته ڪهڙي خاندان مان آهين؟ اِن تي هُو جواب ۾ چڱي ڪُٽنب جو حوالو ڏئي ته ان کي چوَن: پوءِ تون کَندائتو آهين.

عورتون جا محاورا

جاتيءَ جون عورتون ڀليڪار ڏيندي چون، آئي لَئِي ڀلي ڪري آئينءَ.

تعجب واري ڳالهه جو اظهار ڪندي چوَن، آئي گوڪَلَ.

ڪو ڪم نه ڪرڻو هوندن ۽ ٻي جي مجبور ڪرڻ تي ڪنديون ته چونديون: اڌي نيٺ نڌان ڪرڻو پِيم.

ڪنهن پوڙهي عورت جي محفل ۾ نه اچڻ تي ٻي ان جي پئي پُڇا ڪري ته چون: اُها هاڻ چلڻ چُڪي ويئي آهي.

ڪا جيڪڏهن ڪچو ٻار ڪيرائي وِجهي ته چوَن، فلاڻيءَ پيٽ وراڻي ڪئي آهي.

هڪ عورت ٻيءَ عورت سان ڪنهن جي گِلا ڪرڻ چاهيندي هجي ۽ اُها ٻڌڻ لاءِ تيار نه هجي ته اڳلي چوَندي، هاڻ ٺَهيو اڌي ڇيڻا ڀوري نه ڪَر.

ڪا عورت بلڪل آهستي، آهستي پئي ڳالهائيندي ۽ پرين عورت کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي ايندي ته چوندي: لَئي هاڻ تون مِن، ممِن چونڇڙو نه ڪر.

ڪنهن جي سوال ڪرڻ تي اوڏيءَ مهل جواب نه سُجهندو هوندن يا جواب نه ڏيڻو هوندن ته ٿڌو ساهه ڀري چوَن، لئي اڌي ماٺ ويهي.

ڪنهن جي ڳالهه تي عجب ٿيئن ته چوَن، فلاڻيءَ جي ڳالهه سُڻي اهڙو عجب ٿيوم جو بَس نا ڪانهي يا چون، عجب کڻي ويم.

اگر ڪا عورت ٻي عورت کي سندس پُٽ جي دانهن ڏئي ته اڳلي چوي ها! ادي گام منجهان (پيو يا ٿيون) گُجَريون مٽين... (يعني منهنجو پُٽ اِهڙو بَد افعال نه آهي).

اگر جاتيءَ جي عورت ٻئي پاسي وڃي ۽ اُتي ڪنهن عورت سان ڳالهائي، اُها عورت ان سان بحث ۾ نه پهچي سگهي ته چونديون اوهان جاتيءَ واريون ڳالهه مان ڳالهه ڪڍو، تڏهن ته سالڪن چيو آهي، جاتِيون سئو واتيون.

هڪ عورت جي ٻار ٻي عورت جي ٻار کي مار ڪڍي هوندي ته اُن عورت جي دانهن تي چوي: ادي ڀلي اچي ٺاهي ٿي مِڃَ ڪَڍانس.

ڪا عورت، ڪنهن عورت جي بيگاني پيل چيز ڏانهن اشارو ڪندي چوي: لئي ٻڙي تنهنجي مٿي تي وار. پنهنجي چيز سنڀارِ. (ٻار به هڪ ٻئي جي گم ٿيل چيز لاءِ ڪري چوَن).

 

ــــــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org