سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :10

باب ڏهون

 

پَهاڪا ۽ چوَڻيون

 

هيءُ پهاڪا ۽ چوڻيون يا ڏوهيڙا ماڃر کان کاري تائين مختلف ڳوٺن مان مليا آهن:

آياسين سڱ سڃاڻي هِت نڪو پٿر نڪو پاڻي.

آريسر گهر هوءِ ته ٿڪين تي ٿورا ڪري.

آيا ڪنگاڻي ويو پينڃاريءَ مان پاڻي.

اُٺ نه مُئا پَرَ ٻورا مٺا.

اُڌي کاڻي رات ويهاڻي.

اک ڪاڻي ڪجي پر ڏِس ڪاڻي نه ڪجي.

اگههَ کٽيو کائجي نه ماڻِ کٽيو.

اڪيلي جو الله ٻيلي.

انڌي پيٺو ڪُتيءَ چَٽيو.

اوڏڙو پير چُلهه جو مارنگ.

اِي جي ڀونتر يا ڀُونءَ ۾ ته گُهنا به گهوڙين چڙهيا.

اورنگا ٿئو بندر وٺو.

بُڇڙِي بيگان، تڏهن به ڏوهه ڏاتوءَ جو.

بندر جي بازارين ۾ سوين نڙبا سور.

بندر ڦٽو سوکي وٺي.

ٻڪريءَ کي ساهَه جي ڪاسائيءَ کي ماهَ جي.

ٻاهر ٻَرندي هرڪو ڏسي، منجهه ٻرندي ڪير ڏسي.

ڀاڳان وڃي پَرَ ڀاڻان نه وڃي.

ڀاڳ هُجنئي ڀاري، نه ڪونه ڪندئي ويچاري.

ڀَلي نچي سليمت نچي، جنهن جو وَرِ ولائت کان ٿو اچي.

ڀل نچي مائي نَچي جنهن جو ڪَنگرَ ناڻي جو اچي.

ٿوري کَٽي جَهجي برڪَت.

ٽڪو ڏنو ٻَرو ڇِنُو.

ٺِڪَر ٺلها وڄَنِ گهڻا.

پنهنجو گهر الله جو دَرِ.

پرائي ڌيءَ ڦسي لوڪ تماشو ڏسي.

جاتِي قرب جي ڪاتي.

جيڏا توڏا اوڏا لوڏا.

جيئري ڪونه سَٺِيان موئي دَڙ بَڙ پِٽيان.

جهڙو مهمان تهڙي مهماني.

جيڪي ڳڙ کائيندا سي چوڪڙا به سهندا.

جَجهن جوين گهر نه هلي، ججهن هارين هر نه هلي.

جيڪو ساڌي سو واڌي.

جيئن ٿڌِ تيئن وڌِ.

جيڪي هوندئي ڀاڳ ۾ سو وَهي پوندئي ڀاڳ ۾.

جنهن تي هئا راڙا ڪاڙا سي کڻي ويا جهنگ ٻراڙا.

جاتي ڪُل جت ماڃَر ڪُل مئي.

جتي ڪيهرن جا ديرا اُتي اُٺين جا پيرا.

جهوري جَهڻ جي موسو مَکَڻَ جو.

جَهپي نه ڦٻي ساجهيڙي ڦٻي.

جهوريءَ وڌيس جهوري.

چَرين ڪهڙا چتَ موئن ڪهڙا مامرا.

چنڊ واڙو واءُ سَج واڙو مينهن.

چوهڙ جمالي کِيسا خالي.

چَٽَ پٽن تي پٽ ڇٽن تي.

ڇَڇ مڙو ئي ڇوڪريون ماڃر مڙوئي جوءِ.

ڇُڙِي مَڙي شاهَه جي.

حَرامي هڻي ٻه ڀاڱا کڻي.

خان جي خاني مون کي مهمانيءَ مان معلوم ٿي.

خالي گهڙو وڄي گهڻو.

دشمن لاءِ مال سڄڻ لاءِ حال.

دُهل وڄي، دوسو نچي.

درس ڀلي ڍڪي ڀلي.

ديس مٽجي پر ويس نه مٽجي.

ديگ گسي ڌڻي وَسي.

ديرو ڦٽو اورنگا وٺو.

ڌوٻي ڌوئي ڌڻي روئي.

ڌيڻس کان ٻاگهي وڏي.

ڏيهَه مان ڏوري هَروءَ آنديون هريڙون.

ڏيهَه مان ڏوري ڀاڙين لڌا ڀُڳڙا.

ڍڳو ڇتو ٿئي ته ڪَکَ چَرندو نٿ نه چرندو.

راءِ کي وڻي راڻي تنهن کي ڪير چوي ڪاڻي.

رَسي مان رسول.

رڙي ٽَڪن ۾ پَڙي جُڙيو جتن کي جواب.

زال ٽيئَرِ پُڇِ کڻي گِيئرَ.

زالن تان جَنڊَ ويا مڙسن تان پند ويا.

سئو جي سَٺِ ڌنڌي ۾ هَٿِ.

ساجنِ سوائي سُکَ نوائي.

سَمَر هُجنئي ساڻ ته ڀڄ ڀاڏاين کان.

سَمَر نه هُجنئي ساڻ ته وٺ ڀر ڀاڏاين جي.

سڳا اُهي سيڻ پکا جن جا اوڏڙا.

سلو انگوران ڀلو.

سوکي ڦِٽِي کارو وٺو.

سنڊو ڦٽو جاتي وَٺِي.

شاهبندر ڦٽو چوهڙ وٺو.

صبر جَني ساڻ اوکي نه پوي اُنهن کي.

غريب جي مار خبر نڪا چارَ.

غريب يار ته الله جي آڌار.

فقيري ته پوءِ ڪهڙي دل گِيرِي.

فقيري فڪر ۽ فاقو تنهن مان ڪُڄا ڄاڻي ڪاڪو.

ڦِٽيءَ تي ڍَلَ نه پنچري.

ڦُرئي کان پوءِ ڊپ ڪونهي، لٿي کان پوءِ اوير ڪانهي.

ڪونهي مڙس ملڪ ۾ تڏهن وانڍيون ٿيون وَس چَرن.

ڪڏهن ڪڏهن شينهن ڪندا سلام سَهن کي.

ڪاڇي واءُ ٻوڙي يا ٽوڙي.

قرض بي غرض آهي.

کائڻا ڀُگڻا ڇَٽِڻا هَٿَ.

کارو ڦٽو ڳاڙهو وٺو.

کَٽَر پاڻ ته کاري پر ٻين جي به هاري.

کَلَ مان دِلِ.

کر کَسو نه خالي، آڌيو نه پاوَلِي.

گنگوءَ جي گوڙَ جي خاوَندَ کي خَبرَ.

گهر گهڻو ويٺي گهران اڱڻ آيو نٿي سَهان.

گهر غريباڻو خصلت خانداني.

گهاٽا گهر بندر جا پڙيءَ تي بيٺو پن.

ڳونهن (ڳئون) ٻئي وٺي دشمن کي ڏئي.

لڳا لونگ اکين ۾ جعفر ويا وسري.

لوءِ وڙِهجي آلوءِ نه وڙهجي.

ليکَ کي ميکَ پَوَڻي ناهي.

مائِٽَ مري وڃن پَرَ مجِيجِي نه مرن.

مَري مري مصر ڄائو تنهن مان به اڌ پرايو.

مٿي مون ڪنجهين تون.

مِينهن پَنجين وٺي ڪَر هنجين.

ماسي سڀائي دَم پنهنجي دَم پَرائي.

مڙس ته ڀاڳ نه ته ڄانڀي جو ساڳ.

مال تي مٺائي پَنڌ تي ڀاڙو.

نانگن جو فاتحائون ڦُوڪن سامهون.

نِيتَ بَدِ مانيءَ جو اڌِ.

واندو ماڻهو اَٽي تي چَٽِي.

واڱڻ ڪن کي وائي ڪِن کي بادي.

واهڻ وَهِي ڇا دٻائيندا درياءَ کي.

وانڍي ماڻهوءَ جي توڻ کوٽي، وانڍي زال جو ڍڳو ڪوڙو.

هاءِ جي کٽِي هوءِ ۾.

هَر هر، هلڪاڻي، در وڃن دوست جي.

هلندڙ گهوڙي جنهن کي رسي نه نوڙي.

هلندڙ حليمان، ڦرندڙ فاطمان.

هُنر نَر آهي.

ڄر کان اڳ ڦر.

چوَڻيون:

آئي کان دائيءَ سُورَ.

آيل چَشڪَن لاءِ نه مري ويٺل سَت نه ڇڏي.

اڀرو گڏهه پاڻ سَٽي.

اُٿ واڻيا تنهنجو کولو ڳرَو.

اُٺَ جي چوري پکي ۾ ٿورو ئي لِڪي.

اِهڙي ڪَر جو ساڪرو سهي.

الله سائين مون نه ڏئين مَنَ پاڙي ڏئين.

اَڌ ۾ آري اڌم آڪهه.

اکين جو ڍَئو پيٽ جي بُکَ.

انڌي اڳيان روئڻ پنهنجو نور وڃائڻ.

اربع خطاءَ ڪانه ٿئي آهي.

اُکريءَ ۾ مٿو وجهي مولڙي (موئلي) کان ڇو ڏججي؟

اُٺ چڙهندي شينهن ٿي کاڌو.

اندر ۾ ڪئچون ٻاهر رام رام.

اهڙا جي تِيل سسَتا هئا ته گدڙن ۾ ڳلون مَکيون.

اڳيان رڪ پيو رائنيون ڪري.

اگهه اڳوڻو تور سُنوالي.

ادي مُئي، ادا ڄائو اسين اوترا جا اوترا.

اُڃاريون پاڻي پئن، ڍڪاريون ڪونه پئين.

انڌا به ٿا بازار گهمن.

اُٺَ جو بار به جَتَ تي.

اُٺ اُٿي ئي ڪونه، ڀڳت ڀاڙو.

اٽو کاڌو ڪوئي، مار پئي گابي کي.

اُڻندو اُها جا ڪوريءَ جي مَنَ ۾.

اِهڙو تکو آهي جهڙو آچار گاڏي.

اِهي ٿيا جڙيئي ڇنَڻَ وارا پارَ.

بُکَ نه ماري، موت ماري.

بَصر ڀَڄي بانَسَ ڪري.

بي عزتي ٽُڪَر کان عزت جي بُک ڀلي آهي.

بي علم انسان انڌي جي آچار آهي.

ٻوڙو ٻُڌي ٻه دفعا.

ڀاڙيا گڏيا ڀاڙين کي جيئن ڪورن ۾ ڇائي.

ڀڳيءَ تي ڀُئي نه هوندي آهي.

ڀلو گهوڙو پاڻ ڇڏائي.

ڀڄندڙن جي اڳ ۾ هڻندڙن جي پُٺِ ۾.

ڀڳن گهڙن ڪڏهن ڪَنا پيا.

تون ڪهڙي آمي ابڙي آهين؟ (آمي عورت، جيڪا سُنهن جي ڪري مشهُور هئي).

تَنجَڻَ واري عادت ڪَفَن ۾ ڇڏي.

تون ميان ڪهڙا ڀتين تان ڀَتَ پيو اُڇلين؟

ٿڪي ٿي پُڇِ جَهلائي.

ٿوري ڦاٽي جَلد تدارڪ ڪِجي.

ٽڪو ڏيئي پرايو ٻار کارڻ.

ٽوپ جي پاڙ ڀانڊي جو ٻج.

ٽُولا لڳندا ته بِڻ بِڻِ ڪندا.

پَنڻَ کان پڙهڻ ئي وانڌو ڪونهي.

پوکيءَ کان رائي ڀلي آهي.

پنهنجو ڌنئورو ڪير کَٽو چوندو؟

پڙهي پاڻ ڪونه ڄاڻي ـــ ماري کُٿابين (خطابين).

پوءِ ڊائي کان قرض نه کَڻجي، توڻي لک لُٽائي.

پَٺو ڀلو پَرَ پٺي جي گهل ڏُکي.

پرايو پئسو چَپَ تي ٽانڊو.

پڇي (پُڇ) ٻَڌي مَهارِي بنائڻ.

جاتيءَ جو جت ته ڪونه آهين؟

جاتيءَ جا جُان پيرن اُگهاڙا.

جَهانِ هڻي جَهنگَر اسان وٽا ڀري پيون.

جهڙو تئي مان تهڙو ئي دانگيءَ مان.

جَجهي پارت پِٽَ جي ڀيڻ.

جَجهن کڄي ڇپر به کڄي وڃي.

جهڙا اڍائي تهڙا ساڍا ٻَه.

جِنَن سان ياري رکي ڪکن جا ڀونگا ڪونه اَڏبا.

جيڪا ڏڏي سان نه مِڙي، سا ريب سان ميڙجي.

جنهن جي وَل کاري، تنهنجا پِتا به کارا.

جتي مِينهن پوَن اُتي چڪُون به ٿين.

جِتِ لڳي اُت لائِجي.

ڄيرو نه ماري، پَرَ ڄَرَ ماري.

ڄَرڪو جو ٻوڙ ڪاٺ جي هوٽل.

جهوري جَهڻ جي موسو مکڻ جو.

چَريا کريا پَر مائٽن جا.

چئي پير مَردَ ڪُنِي ڇٽيندين؟ چيائين اَبا ويٺي ڪونه وڌنڌين.

چِٽي مِٺي آهي.

چَرن تي چَم ٻٻرَن تي رنگ جي تڪڙا آهيو ته سوٿي ڏيو وڃو!

چريا پنهنجي وس ڪونه هوندا آهن.

ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾.

ڇوري ننڍي پر ڊگها گهڻا سنڀري.

حق پاڻيءَ ۾ به نه وڃي.

حاڪماڻو حَشر موچڙن سان به پِٽجي.

حجامَ! ڪُتو باني کَنيو وڃي، چئي اَبا چٻيندو ته چاسون لهندو (باني حجامڪي اوزارن وجهڻ واري چمڙي جي ٿيلي).

خُواجو ٽُنڊ پئي کان ٿورو ئي رهي.

خوشيءَ مان کريو آهي.

درياءَ ۾ لُڙِ ته ڍوري ۾ به.

دوڙ پئي ڌڙڪي ويئي.

ڌڻيءَ کان سواءِ ڌڻ سُڃون.

ڏئي رب دلوراءِ ڇا ڏيندو.

ڊڀوڙي سا، اڀرندي ڏيکا ڏئي.

ڊڀ چرڻ سان بُک ٿورئي لهي.

ڍانڍي گدڙ ته ڪونه آهين.

ڍنڍ پرائي ڊونڍ مُهاڙ.

ڍڳو ته آروڙو.

راند ۾ نڪو سيد نڪو پير.

رَن پراڻي نَخرا نوان.

رڍ اڳئي مرڻي بَدِ پئي بَگهاڙ تي.

رِڍ کير ڏئي پولڙين جي آڌار.

رهاڻ رَسَ ۾ ڇڏجِي.

رڙيءَ جو شاهوڪار ته ڪونه آهين.

رنڊي وڃي نڪري ڪٽڻ پوي ڪاٺ ۾.

رڍَ سستي ٿئي ته پُڇ کڻي ڏسوس.

زيري لاءِ ٻڪري مُردار.

ساءِ مان سئو گُڻَ.

سئو سانگا قوت جا ته هڪ سانگو موت جو ڪجي.

سائو کڻي پيٽ بُکئي وڃي ساهَه.

سمان مُئا پَرَ لوڏ نه ڇڏيائون (سِيلَ نه ڇڏيائون).

سڄڻ جو دلاسو ئي ڪافي آهي.

سِسِي ننڍي پُڇ وڏو.

سامي جي سڀاڳا هئا ته مائٽن جون مڙهيون وسائين ها!

سُتل شينهن جي ڪَن مان ماکي ڪير ڇاڻي.

سون کي ڪهڙو ڪَس.

سُڪل ڪاٺ ٻَه پاسا جهوري.

شَلَ آن (اوهان) ۾ هجي ٿانءَ ۾ ٿي پوندو.

شينهن جي ڪن مان ڪير مَر ڪڍي.

شڪاريءَ جي لاهجي پنهنجي چاڙهجي.

شهيدن کي ڪهڙا غُسل.

صَبران جيڪو ملي سو تڪڙان نه ملي.

عقل جو ته ڪاڪو آچار آهين.

غريب جي آهه عرش ڏاري (اُڀ ڏاري).

غريب ٿي مري ته ڪانڌي وڃي ڪونه ڪو.

فقيرن جي ٻار کي پنڻ تي ڪهڙو شرم.

فقيرن جي گوڌڙي پَنچن ۾ به پَڌرِي.

فقيرن پِندين، ڪُتن بَهندي ورهه گُذري ويا.

ڦاڙهو جتي کائي، اُوجهه به اُتي ڏئي.

ڦٽائي نه ڪک سان متان اُڏامي اک ۾ پوي.

ڦلهيار ۾ ڦوڪون ڏيڻ سان سون ڪونه ملندو پَرَ اُٽِلو منهن ميرو ٿئي.

قهر نه ڪر ڀينءَ جي نگري آهي.

ڪاڪو ڏٺو ڪٽنب ڏٺو.

ڪٿي محمد خان مختيارڪار ڪٿي مٽرن جي دال.

ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙيندو.

ڪچيءَ ڪَنا نه وريا تَنهنجا پڪيءَ ڇا ورندا.

ڪَم پوي ته ڪَل پوي.

ڪنهن کي ڌان ڪنهن کي ڌڪا.

ڪڻي مان خبر پئي ته ديڳ پڪل آهي.

کڳا کوهر ۾ مريون مانڌ پيون ڪُٽجن.

کير جي کانئيل لَسِي به ڦوڪي پئي.

کَٽيو واڻيو ونهيون ڳولهي.

کنئي گهران ڪونه واٽان ڦريو، (کنيائين گهران ڪونه چئي واٽ ٿي ڦُريس،).

گڏهه جو کير کوديءَ لاءِ پورو.

گوُنگن جو آڃون مائٽ سمجهن.

گڏهه جي لَتَ کان گهوڙي جي لَتَ ڀلي.

گُندئين کير ملي ته مينهن ڌارڻ جو ڪهڙو ضرور.

گِلاخور جو کائيجي پَرَ مينهڻي خور جو نه.

ڳالهه نه ماري پَرَ ڳالهه جو مامرو ماري.

ڳُڙ به مٺو نَئي به تِکي.

ڳَجهه جي نظر ڍونڍ تي.

گهوٽ ماءُ گهر آئي انئيار ماءُ اُٿي بيٺي.

گهوٽ ماءُ گهران آئي ڪُنوار ماءُ ڪتڻ ويٺي.

گهوٽ ماءُ کان اَنيئار ماءُ کي تڪڙ جَجهي.

گهر ۾ ٺهي ڪونه ڪُڪڙ (مُڙس) سنئين ڳاٽ پيو اچي.

گهر ۾ کڏ هجي ته ٻاهر اُڇلڻ جو ڪهڙو ضرور.

گهوڙو ڀڄي توبري کان توبرو سامهون.

لِيکا ڏي بٺوري وارن کي.

لڇمي ايندي لڇڻن سان.

لَڇمي وڃي پَڙ لڇڻ نه وڃن.

لڇمي تڏهن وڃي جڏهن لڇڻ وڃن.

ماءُ کِجي ڌيءَ کي ڌيءَ کِجي ڌڪن لاءِ.

ماءُ ويامي هڪ ڀيرو زبان ويامي سئو ڀيرا.

مُنهن کان مٿي ڪياڙي ٿوروئي آهي.

مُڙس ته وير.

مردن کان سواءِ ڪي ويهون ٿيون.

ماريءَ جي گهر هڏا.

مُئا ڪي مساڻن مان موٽيا آهن.

موچيءَ جو گهڙيو موچيءَ جي مُنهن تي.

مور گهڻئي سهڻو پر پير وِنگا.

مرشد کي گهر ۾ ويهاري ڪو ٽڪي جي کنڊ وٺڻ ته وڃي.

مينهن وسي هڪ دفعو ڇَنُو ٽمي ڇهه ڀيرا.

مِينهن گهڻائي وٺا پَر ههڙيون گپون ڪڏهن ڪونه ٿيون.

نالي چڙهيو واڻيو کٽيو کائي.

ننڊ نه ڏسي، هنڌ، بک نه ڏسي طعام.

نُنهن سان ڇڄي، تنهن لاءِ ڪاتيءَ جو ڪهڙو ضرور.

نهيرڻ تکي تڏهن به نُنهن لاهي.

وڙهيا واڍا اَڙيا آهتي.

وِهَه جو واپاري وِهه مان کائي.

وڃي ٿَٿَرِ ٿَڏِ (يعني روزي لاءِ ڪوشش).

وڻ ڏٺا ته ڏيهه ڏٺو.

ويئي سنڱن لاءِ، آئي ڪَنَ ڪپائي.

وات جي پُلاءُ کي داغ جي ڪهڙي ضرورت.

واٽ گڏيئي کان نالو ذات ضرور پُڇجي.

وٺيءَ کي وَرَ گهڻا.

واهَه ڙي ٻاٻڙا تنهنجي ڀَتَ ۾ گيهه.

هٿيار هٿ ۾ ناڻو ڳٺ ۾، (ڳٺ يعني چيلهه).

هڪ گهر، ٻيو گنگهرِ.

هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڇا ڪندي؟

هُو نِين نه نِين پَر آئون ٻَيلهه چڙهان.

هُو چئي منهنجي هٽ تي نه چڙهه، هُو چئي کمندو تورِ.

يارن سان به پنبئو.

منظُوم چَوَڻيون:

اَسُور، اُٿي ٻه ٽي ڳٽا ڳُور.

پيٽ تي پراڙ، سڄو ڏينهن مَن ڪراڙ.

انڌيون ٿيون رِلهيون سِبَن.

بُکئي کي بَصَر سان روٽي رُکيائي.

بَڊو ـــ بُکن ڪَڍو. (هنڌيڪو ڇهون مهينو).

جي ننڊان ڪَرَ نه وريا، ته ڏينهن کريا وري نه وريا.

ڀيڻ ڙي ڀيڻ، پاڻ مَرندي ڪهڙا سيڻ.

ڀتڙ ته بکيو، غريب ته گڊو، خاشو ته خاصخيلي، تونگر ته طاهراڻي.

 تن توڏانهن، مَن گندئين واري ڏانهن.

اکيون آٿر هيٺ، گهورِيس اُن تان جيڪو سُتل آهي سُڪل ڍنگر هيٺان.

ٽَڪَ عيسيٰ جي، ٽَڪَ موسيٰ جي، ڌڻ مڙوئي ڌُنڌڻ جو.

ٺَلهو چَڻُو، وڄي گهڻو، لار ڪونهيس لُڏي گهڻو.

پلو، سيري کان ڀلو، سيري نڪو ساءَ پَلو گوڏا کوڙي کاءُ.

پوهَه، لاڻا لوهه (پوهَه هندي ڏهون مهينو).

جيئري هَڻنئي ٻٽ، موئي وِجهنئي پَٽِ، هاءِ ڙي مُئي جا مِٽَ.

جيڪو وڃي جائي (جاوي) سو وَل نه آئي (آوي) جي آئي (آوي) آئي ته پڙ پوٽا ڍائي.

ڄيٺِ لِڱنِ ميٺِ (ڄِيٺِ هندڪو ٽيون مهينو).

جهوري جَهڻ جي، موسو مکڻ اهو کٽيوئي کوٽ ۾.

چيٽِ، لڱن ميٺِ، ننڍي وڏي پيٽ. (چيٽ هندي پهريون مهينو جنهن ۾ ننڍي وڏي مڇي آنيءَ سان هوندي آهي).

دريا پيردا دِلا، گجِي ڪر گهوڙ، گونگاڻيءَ تان ڀيرو ڪري اچي بهاديپور ٻوڙ. (هڪ گمنام درويش).

ڏئي اُن کي ڏيئڻي، ڏيئي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن، ڏئي ڏُک پرائين.

سياري سورٺ ڀلو، اَر اونهاري گجراهَه (گُجرات)، ورِ سياري ڪَڇرو ڀلو، سنڌڙي ٻارو ماهه.

سيري جي سڏ تي ٻَه ٻه کنيائون ٻار. هڪڙي کي گپايائون گپ ۾ ٻئي کي ڪڍيائون مار، جڏهن ٿي سيري جي سَنڀارَ ته به، ٻه چماٽون ٻار کي.

سيد سپاهي ته غضب اِلاهي، جي ٿئي کَري جي لائي ته ڏيڻ ڏڦي سان آئي.

سيد ٿيو نوڪريءَ ۾ ته ڪندو پاڻ کي گُڏي، جي ٿيو ٻروچ (بلوچ) ته ڪندو هُڏي ۽ جي ٿيو شيدي ته ٻيڙي ئي ٻُڏي.

سُمهِه انهن سان سُمهڻي سُمهي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن سمُهي سُورَ پرائين.

سلُهِه اُنهن سان سلُڻِي سُلِي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن، سُلي سُکِ ڦٽائين.

سَچِ چوندي يار رُسي ته رُسڻ ڏينس، ڦڻي ڏيندي وار کُسي ته کُسڻ ڏينس.

ڦڳڻ پوسارو راتيان سيارو. ڏينهان اونهارو. (ڦڳڻ هندي ٻارهون مهينو).

ڪوچار پَن ٻوڙيا راهين ڀر ويهي، راهين چيو ڪوچار کي ته ڀڄ ته ڀڄون نه ته ٻُڏاسين ٻيئي.

ڪَرَمي هَٿِ ڪَارِ، ويلي (وانڌي) هٿ وِڃڻِي.

کر بَند هنيون هنڌ کَر کي کستوري کندي ٻڌي چار.

اچيس پَسُوري ـــ ليٽي پوي لِڏِ ۾.

کاءُ اُنهن سان کائڻي کائي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن کائي خلق وڃانئين.

کِلُ انهن ساڻ کلڻي، کلي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن کلي خَلق کلانئين.

کيڙيندي کُتين ۾ اکيون جاءِ ڪجن چونيءَ ڀڳي هڪڙي، ٽئي ٽولَ کرنَ، هارين هر ڪُلهي تي ڇُڙيا ڏاند چَرن.

کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري، ٻاهر سوڙهي، هيٺ اوڙهي.

گونگاڻين جي گام ۾ رَتي مَ رهو، تڏو ملندي ڪونه ڪو، ڪُتي وانگر بَهو، مانيءَ بدران موچڙا ـــ گاهه بَدران گئو. (گونگاڻين جو ڳوٺ تعلقي شاهبندر ۾ آهي).

گڏهه لاءِ سونٽو ڀلو، مهاڻي لاءِ پوٺو ڀلو.

گهوٽڻ مَهل گونگا، ڇاڻڻ مَهَل ڇتا، پيئڻ مهَلِ ائين جيئن گونگاڻين جا ڪُتا.

گُهم انهن سان گهمڻي گُمهي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻيئن گُمهي گهر ڦٽائين.

ماءُ جنهن جي جَهڙي ڌي تنهنجي تهڙي، ڳالهه ڪجي ڪهڙي، آڪهه ئي اهڙي.

مانگهه، ڇوڙا ڏاگِ.

مانگهه اَڌين ڪَمر ڪَڌين وَريا اُتر پانڌَ، رُنڙيون سي مُٺيون، جن نوان ويهاريا ڪانڌ. (مانگهه هندن جي يارهون مهينو).

مُلان ته ڀَتِ، گهوڙا ته پَٽِ، هو جي ڪَسيا ته رَسيا، ويٺا ته چَٽُ.

ورياهَه وياڻي، پيرا پاڻي. (وسياڳ يعني وياهه هندي ٻيو مهينو*.

وٺيو وڃان واٽ، ته کٻڙ ۾ ٿيو کُڙڪو جي هڻان لوڻون ته گدڙ ۽ ڄرڪو کليو پيا کيرا ٿين.

هَلَ انهن سان هلڻي هلي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن، هلي حال وڃانئين.

هيڪوڻي هندو ڪري، ٻيڻي مُسلمان، ٽيڻي سو ڪري جنهن ڪنڌ تي قرآن.

گڏيل:

پارسي نه کارسي کارسي تبِ گهوڙي چاڙهسي.

پنهنجا سِنڱ، پَرايون سيراٽيون.

تڏهن ٿي ملير مرڪي، جڏهن مول (مُئل) اٿس ماءُ.

جيڏي رات اوترو سوڻِ ڪونه ڪبو.

جي ٿاٻو اچي جَتَ کي ته چوي مُئو چانگ.

جهڙا مائٽنِ جوَ، تهڙا سائورن.

حُبَ کان سواءِ هوڏ به ڪوڙي.

خود ثنا، آخر فَنا.

خَس ڪَم جَهان پاڪ.

دامي، درهمي (ڌرمي) قدمي سُخني.

ذات ڀلي يا زَر ڀلو.

ذات ان جي ڀلي جنهن جي گهري مهندان پلي.

زن، جهيڙي جوڀَن.

سُٺو طعام وسري ويندو، پَر ڪڙو ويڻ ڪونه وسرندو.

سوپارو نُو سوا لاکه، لِمبُو لئي لک چار، آمي واتو پارنهين.

چڀڙ ڏوڪڙ چار.

ساهَه مارِي ڪو سائو ٿيو آهي.

شيخن کي ڀَتَ جاڳيا.

شرم وڏي شئي ڏاتار جنهن کي ڏئي.

قَدِ مِثلَ هاذا، ماذا مِثل هِي.

شَلَڪ ـــ مَلڪَ. (حمام دستي گُهرڻ لاءِ هتان جا ماڻهو عربي محاوري ۾ اِهو جملو ڳالهائين).

ڪانگ کي وُهه ٿئي ته ڪري سانڀاهو سمونڊ ڏي.

کَٿي کي مزوري کوڙ.

لڳي نه هوئيي ته لڳي والي نون پوڇِهه.

لوٽي کان ٻهڳڻ ڳرو.

ميمڻ جي وڃي مَڪي، تڏهن به کائي توري تڪي.

ڪاهياري ٻلي ڪوئي سندي.

واندو ڪُتو بُت ويٺو چٽيندو.

هيڏي نه سمن ڪئي نه سومرن ڪئي.

 

 

ــــــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org