سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :9

ٻولين جي صوتيتي ڇيد مان اِهو به معلوم ٿيندو آهي ته ڪهڙن هنڌن تي ٻه ٻه يا ٽي ٽي سُر يا وينجن گڏ اچي سگهن ٿا ۽ انهن مان ڪهڙا پاڻ ۾ گڏجي سگهن ٿا. يورپ جي گهڻين ٻولين ۾ بٻه يا ٽي وينجن گڏ هڪ ئي پد ۾ واقع ٿي سگهن ٿا. مثلاً انگريزي زبان ۾ fr, dr, tr, dw, sl, pl, gr, br وغيره  پدن جي منڍ ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ:

Frank, try, draw, branch, grow, please, wlow, dwarf,

مگر سنڌي زبان ۾ /ي/  /۽/ ٻئي صوتيَي جي پويان گڏ لفظن جي منڍ ۾ اچي سگهي ٿي جهڙوڪ سيارو، مڙو، پريم وغيره (ص 87). سنڌي  زبان ۾ جڏهن به ڌارين ٻولين مان اهڙا اڌارا لفظ ورتا آهن، جن جي منڍ ۾ يا آخر ۾ ٻه وينجن هوندا آهن، تڏهن انهن کي ڌار ڪري انهن جي وچ ۾  زير وڌي آهي. مثلاً:

اصل لفظ      اصل ٻولي     سنڌي صورت

ڪر^شن        سنسڪرت     ڪِر^شن

گُلاس          انگريزي        گِلاسُ

ڪِمِيونِز^م^    انگريزي        ڪميونِزِم^

عِلم^           عربي          عِلم^

شَر^م^         فارسي         شَرِم^

مطلب ته سنڌي زبان جي صوتياتي سرشتي ۾ ٻن وينجن جو واقع ٿيڻ تام محدود آهي. اصول طور صوتين جو سڀني هنڌن تي ملڻ ممڪن آهي مگر عملي طرح ائين نٿو ٿئي.  تنهن ڪري صوتين جو لفظ جي ڪن هنڌن تي واقع نه ٿيڻ، ان کي لسانيات ۾ زائديت (Redundancy) سڏبو آهي. ڄڻ  ته اِهي خالي هنڌ زائد يا فالتو پيا آهن جي ٻولي جي ڪنهن به دور ۾ پُر ٿي سگهن ٿا. عربنجي اچڻ کان اڳ سنڌي زبان ۾ /ف/، /ز/، /خ/ ۽ /غ/ صوتيا ڪو نه هئا ۽ صوتياتي خاڪي ۾ سندن جايون خالي هيون جي پوءِ پُر ٿيون.

اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته صوتين جي نمايان خصوصيت معنوي اختلاف پيدا ڪرڻ آهي. صوتين جو اِهو اختلاف ٻرطرفو به ٿي سگهي ٿو ۽ ٽطرفو به ٿي سگهي ٿو وغيره. سُر صوتين جي وچ ۾ اِهو اختلاف عام طور ٻطرفو هوندو آهي (ص 96). هڪ، زبان جي هيٺ ڏ مٿي وارو ۽ ٻيو، زبان جي اڳ _ پوءِ وارو. سنڌي ٻوليءَ جي سُر صوتين ۾ اِهو ٻطرفو اختلاف فقط چئن قسمن جي سُرن سان لاڳو آهي. / آ/ کانسواءِ اڳين سُرن جو پوين سُرن سان ۽ گهٽ _ سوڙهن سرن سان مدمقابل اختلاف آهي. /آ/ جو ٻين سُرن سان مد مقابل اختلاف رڳو هڪ طرفو آهي يعني هيٺ / مٿي زبان وارو آهي؛ باقي اڳ _ پوءِ وارو مد مقابل اختلاف ختم ٿيل آهي. جڏهن صوتين جو مد مقابل اختلاف ڪن هنڌن تي ظاهر ٿئي ۽ ٻين هنڌن تي ختم ٿي وڃي تڏهن ان کاي لسانيات ۾ زائليت (Neutralization) سڏبو آهي.

انگريزي زبان ۾ لفظن جي منڍ ۾ /پ/ [P] جو /ب/ (b) سان، /ٽ/ (t) جو /ڊ/ [d] سان ۽ /ڪ/ [k] جو /گ/ [g] سان مدمقابل اختلاف آهي مگر جڏهن /پ/، /ٽ/ ۽ /ڪ/ [p,t,k] جي اڳيان /س/ [s] صوتيو اچي ٿو تڏهن مٿيون اختلاف مِٽجي وڃي ٿو [50] فرينچ زبان جي زور ڏنل کليل پدن  ۾ اڳئين اڌ سوڙهي سر جو دوبدو اختلاف اڳئين اڌ کليل سر سان ٿئي ٿو مگر بنديل پدن ۾ فقط اڳيون اڌ _ سوڙهو سُر ملي ٿو ۽ مٿيون اختلاف ختم ٿي وڃي ٿو (50). جرمن ۽ روسي _ زبان ۾ لفظن جي آخر ۾ بي ڀڻا ڌماڪيدار صوتن جو ڀڻڀڻ ڌماڪيدار صوتين سان اختلاف  زائل ٿي وڃي ٿو؛ اُتي فقط بي ڀڻا ڌماڪيدار صوتيا وارد ٿين ٿا (51) . ترڪي ۽ انڊونيشي زبانن ۾ لفظن جي آخر ۾ /ت/ جو /د/ سان اختلاف ختم ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري  عربيءَ جو اڌارو لفظ /اَبجَد/ مٿين ٻنهي ٻولين ۾ ڦري /اَبجَت/ ٿي پوي ٿو. سنڌي زبان ۾  خارجي ڌماڪيدار صوتين جو داخلي ڌماڪيدار صوتين سان هڪطرفو اختلاف آهي مگر اهو اختلاف ڏندن واري مخرج وٽ نٿو ملي يعني /د/ جي مقابلي ۾ ڪو به داخلي ڌماڪيدار صوتيو نٿو ملي. اهڙيءَ طرح سان /ڃ/ ۽ /ڱ/ جي مقابلي ۾ سندن وسرڳ صوتيا نٿا ملن. ڏند ڏ_ چپن واري مخرج وٽ گهسڪيدار صوتين جو مد مقابل ڌماڪيدار صوتيو نٿو ملي. اهي سڀ مثال صوتيات ۾ دوبدو اختلاف جي زائليت جا آهن.

حوالا

(1)  رابنس جو ڪتاب (General Linguistics) ص_ 84

(2) ميشرس بلاخ ۽ ٿرئگر جو ڪتاب (Outline of Linguistic analysis) ص 12

(3) ميشرس بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب: ص _ 13

(4) ميشرس بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب: ص _ 16

(5)  ميشرس بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب : ص _ 16

(6) رابنس جو ڪتاب : ص _ 97

(7) Bertil malmberg: Phonetics, Dover Publications, Inc, New york, 1963, P 43.

(8) رابنس جو ڪتاب : ص _ 97.

(9) برٽل ماميرگ جو مٿيون ڪتاب: ص _ 35

(10)         برٽل مامبرگ جو مٿيون ڪتاب : ص 37.

(11)          بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب : ص _ 35

(12)         رابنس جو ڪتاب : ص _ 103.

(13)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 44

(14)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 44

(15)          برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 44

(16)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 45

(17)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 46_47

(18)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _48

(19)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 48

(20)        برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 48

(21)         بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب : ص _ 48

(22)        برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 52

(23)        برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 87

(24)        برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 88

(25)         D. Jones: Outline of English Phonetics, Heffer & co. Ltd. Cambridge, 9th edition p. 50

(26)        D. Jones: Phoneme, 1962, P. 22

(27)        رابنس جو ڪتاب : ص _ 128

(28)         L. Bloomfield: Language, George Allen & unwin Ltd, London, 1962 p> 79.

(29)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 65

(30)        برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 66

(31)         برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص 65

(32)        برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 67

(33)        رابنس جو ڪتاب : ص _ 138

(34)        غلام علي الانا: سنڌي صورتخطي، ٻيو ڇاپو: ص _ 5

(35)          Robert A . Hil jr: Introductory Linguistics, Chilton Books, Philadelphia, New york, 1964, P 09.

(36)        Ibid P 109.

(37)        Ibid . p. 47.

(38)        رابنس جو ڪتاب : ص _ 152

(39)        رابرٽ اي هِل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 441

(40)        رابرٽ  اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 84

(41)          رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 84

(42)         رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 85

(43)         رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 86

(44)         رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 86

(45)          رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 86

(46)         رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 89

(47)         رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 87

(48)         رابرٽ اي هل جو مٿيون ڪتاب : ص _ 89

(49)         رابنس جو ڪتاب : ص _ 167

(50)          برٽل مامبرگ جو ڪتاب : ص _ 64

(51)          رابنس جو ڪتاب : ص _ 156

باب ٽيون

 

صرفيات (Morphology)

ٻئي باب ۾ لفظن جي تمام ننڍن جزن يعني صوتين ۽ انهن جي آوازن بابت بيان ڪيو ويو آهي. اهي صوتييا منظم طريقي سان ملي پد ۽ لفظ ٺاهين ٿا. روزمرهه جي گفتگو ۾ اسين جيڪي لفظ ڪم آنيون ٿا تن مان ڪي اهڙا هوندا آهن جن جو روپ هر جڳهه هڪجهڙو هوندو آهي ۽ ٻيا اهڙا هوندا آهن جن جو روپ مختلف جملن ۾ ڦريو وڃي. مثال طور لفظ /بابت/ هميشہ سڀني جملن ۾ انهيءَ روپ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو؛ مگر لفظ / ڇڪرو/ ڦريو ڪيترائي روپ وٺيٿو جيئن ته :

ڇوڪرو اچي ٿو.

ڇوڪرا اچن ٿا.

ڇوڪري کي نه مار.

ڇوڪرن کي نه مار.

ڇوڪرِي اچي ٿي.

ڇوڪريون اچن ٿيون

ڇوڪرِيءَ کي نه مار.

ڇوڪرين کي نه مار.

مٿين جملن ۾ / ڇوڪرو/ لفظ جون ست ٻيون صورتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ازانسواءِ ڪيترا اهڙا لفظ هوندا آهن جي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سر مستقل الڳ  حيثيت رکن ٿا مگر ٻين لفظن مان ٺهيل هوندا آهن؛ مثلاً لفظ /وڏائي/، سنڌي زبان ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو مگر لفظ /وڏو/ مان ڦُٽي نڪتو اهي. اهڙي طرح سان /نيڪدل/ پنهنجي جاءِ تي هڪ لفظ آهي جو ڪنهن ماڻهوءَ جي گڻ کي ظاهر ڪري ٿو، مگر پنهنجي جوڙجڪ ۾ ٻن لفظن،  /نيڪ / ۽ /دل/ جو مرڪب آهي.

لفظ ٻوليءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻيا ٻيا روپ وٺن ٿا، تنهن جو تعلق لسانيات جي هڪ شاخ سان آهي، جنهن کي علم صرف يا صرفيات سڏجي ٿو. اُن کي تشڪيلات يا صورتيات به سڏبو آهي ڇو ته اهو عام لفظ جي مختلف شڪلين ۽ صورتن سان بحث ڪري ٿو. عربي گرامر ۾ علم صرف جي تعريف هن ريت ڪئي ويئي آهي ته (علم) صرف اهو علم آهي، جنهن ۾ بامعنيٰ اڪيلن لفظن جي بنائڻ ۽ انهن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو طريقو بيان ڪيو وڃي (1).

لفظ ۽ صرفيه جو مفهوم-: لسانيات جي لحاظ کان لفظ ڇا آهي ۽ ان جي صحيح تعريف ڪهڙي آهي، مشڪل معاملو ٿي پيو آهي. ڪيترن ئي عالمن ان جون ڌار ڌار وصفون ڏنيون آهن مگر اهي سڀ اڻپوريون آهن ڇو ته ڪن ٻولين جي لفظن سان اهي ٺهڪي نٿيون اچن (2). انهيءَ هوندي به هر ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا اچاريل ٽڪرا سندس ٻوليءَ ۾ لفظ جي حيثيت رکن ٿا. مثلاً ڪهڙي به سنڌيءَ کان پڇيو  ته هيٺئين جملي ۾ گڻا لفظ آهن؟

”سردار خان کي پنهنجي وڏ ماڻهپيءَ جو هٺ ڪونهي.“ ته ڳني چوندو، ”ست.“ پڇيس ته ”ڪهڙا؟“ ته چوندو:

هڪ، سردار خان،

ٻيو، کي،

ٽيون، پنهنجي،

چوٿون، وڏ ماڻهپي،

پنجون، جو،

ڇهون، هٺ،

ستون، ڪونهي.

هو سوچڻ کان سواءِ ڄاڻي ٿو ته اِهي اُچاريل ٽڪرا  روز مرهه جي ٻوليءَ ۾ وري وري استعمال ٿين ٿا ۽ معنيٰ رکن ٿا. انهن مان هر هڪ کي ”لفظ“ سڏجي ٿو. تنهنڪري سنڌي زبان ۾ لفظ اهو اچاريل ايڪو آهي جو اڪيلي سر ٻوليءَ ۾ با معنيٰ مستقل حيثيت رکي ٿو.

جوڙجڪ جي لحاظ کان دنيا جي گهڻين ٻولين ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا تن کي ڏٺو ويو آهي ته ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا ابتدائي (Primary) ۽ ٻيا ثانوي (Secondary) (3).

ابتدائي لفظ اُهي آهن جن مان ٻيا لفظ ٺهي نڪرن، ۽ خود ٻئي مان ٺهيل نه هجن. سنڌي زبان ۾، جيئن اڳيئي ٻڌايو ويو آهي، لفظ  / وڏائي/ ٺهي نڪتو آهي /وڏو/ مان. تنهن ڪري وڏو ابتددائي لفظ آهي ۽ وڏائي ثانوي لفظ آهي. لفظ وڏيرو به ثانوي لفظ آهي جو / وڏو/ مان ٺهي نڪتو آهي. اهڙيءَ طرح سان نيڪدل به ثانوي لفظ آهي جو ٻن ابتدائي لفظن /نيڪ/ ۽ /دل/ مان ٺهي نڪتو آهي.

ابتدائي لفظن کي سادا لفظ (Simple words) به سڏبو آهي. اِهي اهي لفظ آهن جن جي صورت کي ٽوڙي نٿو سگهجي. جيڪڏهن ٽوڙبو ته ان جا جزا بي مطلب (Meaningless) ٿي پوندو. * مثلاً /کَٽَ/ جا ٻه جزا ٿي سگهن ٿا: هڪ /کَ/ ۽* ٻيو /ٽَ/. اهي ٻئي اتي بي مطلب آهن. /رستو/ جا ٻه جزا /رس/ ۽ /تو/ آهن ۽ اهي ٻئي اتي بي مطلب آهن. ڇاڪاڻ ته سادي لفظ جي صورت کي گهٽائي ان مان ڪو به سالم لفظ معنيٰ وارو ڪڍي نٿو سگهجي، تنهن ڪري کيس ننڍي ۾ ننڍو آزاد صورت (Minimum free form) به سڏجي ٿو (4).

ثانوي لفظن جا وري  ٻه قسم آهن هڪڙا پيچيدا (Complex) ۽ ٻيا مرڪب (Compound) . پيچيدا لفظ اهي آهن جن کي جيڪڏهن ٽوڙبو ته ان جا جزا مطلب وارا ٿيندا، اگرچ اهي سالم لفظ نه به هجن. مثلاً /سچار/ لفظ کي ٻن ٽڪرن ۾ ٽوڙي سگهجي ٿو: هڪ /سَچ^ آهي ۽ /آر/ جو سالم لفظ /ڪار/ آهي. اگرچ /سَچ/ ۽ /آر/ سالم لفظ / ناهن تڏهن به اهي اچاريل ٽڪرا وري وري ٻين لفظن ۾ اچن ٿا ۽ مطلب وارا آهن.

هيٺين لفظن ۾ /سَچ/ اچي ٿو:

سچائي                =      / سَچ + آئي/

سَچي          =      / سَچ + اِي /

سَچو           =      / سَچ + اُو/

سچيرو         =      / سَچ + ايرو/

مٿين لفظن ۾ /سَچ/ هڪ پد آهي جو بنيادي صورت طور  انهن ۾ نظر اچي ٿو. کيس بنياد يا پيڙهه (Base) سڏجي ٿو.

هيٺين لفظن ۾ / آرُ / ٻه پدو آهي:

ڪنڀار         =      / ڪنڀ^  + آر/

سونار          =      / سون ^ + آر/

لوهار           =      / لوهه  + آر/

چمار           =      /چم^ + آر/

ڌڻار            =      / ڌڻ  + آر/

مٿين لفظن ۾ / آر^ / جوڙ (affix) طور ٻين بنيادن سان ملي  نوان لفظ ٺاهي ٿو ۽ ”ڪار“ يعني ڪم ڪندڙ جي معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿو.

جديد لسانيات جي لحاظ کان ٻنهي پدن /سَچ/ ۽ / آرُ/ کي وڌيڪ ڀڃي نه سگهبو؛ جيڪڏهن ڀڃيو ته ان جا جزا صرف واري معنيٰ وڃائي ويهندا.

پيچيدن لفظن مان ڪي اهڙا به ٿيندا آهن جن کي جيڪڏهن ٽوبو ته انه مان هڪ سالم لفظ ٿيندو ۽ ٻيو پد ٿيندو. مثلاً

ڪسنگ       =      / ڪ + سنگ/

جانور           =      / جان + ور/

خداوند         =      / خدا + وند/

وڃيٿو          =      / وڃي + ٿو/

مٿين لفظن جي جزن مان هر هڪ جزي کي وڌيڪ معنيٰ وارن جزن ۾ ٽوڙي نه  سگهبو ۽ هر هڪ جزو مطلب وارو آهي. ان ڪري هر هڪ صرفيو آهي.

صرفين جا جيڪي مثال مٿي ڏنا ويا آهن تن سان هڪڙيون اهڙيون صورتون (forms) آهن يڪي پنهنجي سِر سالم سادا لفظ ٿي ڪم اچن ٿا جهڙوڪ /سنگ/، /جان/، /خدا ۽ /پاڳ/ اهڙين صورتن کي آزاد صورتون (Free forms) سڏجي ٿو. ٻيون اهڙيون صورتون آهن جيڪي پنهنجي منهن لفظ ٿي ڪم اچي نٿا سگهن مگر ٻين صورتن سان ملي لفظ ٿي پون ٿا  جهڙوڪ /سَچ^/ ، /ڪنڀ^/ ، /سون^/، /لوهه^/ ، /چَم^/، / آر /، /ايرو/ وغيره. اهڙين صورتن کي پابند (Bund forms) سڏجي ٿو. گويا  لفظن ٺاهڻ لاءِ اهي صورتون ٻين صورتن جون پابند آهن ۽ انهن کان آزاد ٿي نٿيون سگهن. تنهنڪري اُها اچاريل صورت جا آزاد هجي يا پابند، جنهن کي مطلب وارن ننڍن جزن يا ٽڪرن ۾ ورهائي نه سگهجي تنهن کي صرفيه سڏجي ٿو (5).

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته لفظن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا ابتدائي ۽ ٻيا ثانوي. ابتدائي لفظن کي سادا لفظ به سڏجي ٿو جن بابت ٻڌايو ويو ته انهن کي با مطلب جزن ۾ توڙي نٿو سگهجي ۽ نڪي انهن مان ننڍي ۾ ننڍي آزاد صورت يعني سادو سالم لفظ نڪري سگهي ٿو. انهن کي آزد صرفيا به سڏجي ٿو. ثانوي لفظن جا وري  ٻه قسم آهن: هڪڙا پيچيدا ۽ ٻيا مرڪب. پيچيدا لفظ اُهي آهن جن جي صورتن کي مطلب وارن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهبو. سڀ جزا يا پابند صورتون رکندا يا انهن مان هڪ آزاد هوندي. ازانسواءِ انهن مان هڪ صورت، بنياد يا پيڙهه طور ڪم آيل هوندي ۽ ٻيون جوڙ طور استعمال ٿيل هونديون. ان مان معلوم ٿيو ته صرفين جا ٻه قسم آهن. صورت جي لحاظ کان اُهي (1) آزاد يا (2) پابند آهن ۽ ڪارج جي لحاظ کان اُهي (1) بنياد يا (2) جوڙ آهن (6).

مرڪب لفظ اُهي آهن جن جي صورتن کي ٽوڙبو ته اُهي سادا لفظ ٿي پوندا جن جي نرالي معنيٰ هوندي ۽ آزاد صورت رکندا. جهڙوڪ :

ڪمبخت      =      /  ڪم + بخت /

جهنگٻلو       =      /  جهنگ + ٻلو/

لٺ سردار      =      /  لٺ  + سردار/

هٿڪڙي       =      /  هٿ + هڪڙي/

سوپيري        =      /  سَو + پيري/

نمڪحرام     =      /  نمڪ + حرام/

ڀڳوانداس      =      /  ڀڳوان + داس/

ورڪشاپ      =      /  ورڪ + شاپ/

صرفي جوڙجڪ -: (Morphological constrnction) جنهن نموني صرفين کي ملائي پيچيدو يا مرڪب لفظ ٺاهجي ٿو تنهن کي صرفي جوڙجڪ سڏجي ٿو. ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي ڪن ٻولين جهڙوڪ چيني ۽ ويٽنامي ۾ صرفي جوڙجڪ ٿئيئي ڪونه؛ ڇو ته انهن ٻولين جي لفظن جا روپ سدائين ساڳيا آهن ۽ منجهن تبديلي ڪا نه ٿئي. انهن جا لفظ ئي آزاد صرفيا آهن ۽ کين هڪ _ صرفيو (Monomorphenic) سڏجي ٿو (7). جن ٻولين ۾ لفظ روپ بدلين ٿا تن جي لفظن کي گهڻ _ صرفيو (Polymorphemic) سڏجي ٿو. انهن ۾ صرفي جوڙجڪ گهڻو ڪري ٻن قسمن جو  ٿيندو آهي: هڪ اشتقاقي (Derivational) ۽ ٻيو گرداني (Infiectional) . پهرئين قسم موجب جيڪي لفظ، صرفين مان ڦُٽي نڪرندا آهن سي جملن ۾ جدا جدا نحوي ڪارج ڪن ٿا؛ پراڻي گرامر * موجب اُهي اسم، صفت، ظرف يا فعل وغيره ٿي ڪم اچن ٿا. مثلاً

1)     ڪوڙو نوڪر نه گهرجي.

2)    سچائي انسان کي اعليٰ درجي تي رسائي ٿي.

3)    توهان کي دعوت قبولڻ گهرجي.

مٿين جملن ۾ /ڪوڙو/، /سچائي/ ۽ /قبولڻ/ ڦُٽل (Derived) لفظ آهن. /ڪوڙو/ ڪوڙ مان، /سچائي/ سچ مان يا /قبولڻ/ قبول مان ڦٽي ڪتو آهي. پراڻي گرامر موجب، /ڪوڙو/ صفت طور ڪم آيَل آهي، /سچائي/ اسم طور ۽ /قبولڻ اِسم مصدر طور.

ٻئي قسم موجب لفظ نئين صورت اختيار ته ڪن ٿا مگر اُهو ئي نحوي عمل ڪن ٿا جيڪو سندن بنيادي لفظ ڪري ٿو. اِهي رڳو عدد، جنس، حالت يا زمان جي ڦيري سبب صورت ۾ ڦري ويندا آهن. مثلاً /گهوڙو/ ۽ / ڊوڙيو/ بنيادي لفظ ڪري وٺون ٿا؛ انهن مان ٻيون صورتون هيٺين ريت ڦِري نڪرن ٿيون:

گهوڙا ڊوڙيا

گهوڙِي ڊوڙي

گهوڙيون ڊوڙيون

اِهي ڦِريل صورتن وارا لفظ، پنهنجن بنيادي لفظن جهڙو ئي نحوي عمل ڪن ٿا. بنيادي لفظ اسم طور ڪم آيل آهن ته اِهي به اسم طور ڪم آيل آهن؛ بنيادي لفظ فعل وارو ڪارج ڪن ٿا ته اِهي به فعل وارو عمل ڪن ٿا؛ فقط عدد ۽ جنس موجب ڦري ويا آهن.

مٿين ٻنهي قسمن جي نڪتل لفظن مان معلوم ٿيندو ته اشتقاقي توڙي گردلي لفظ ڪنهن بنيادي لفظ (underlying word) مان ظاهر ٿين ٿا، جنهن کي سنسڪرت ۾ ’ڌاڌو‘ سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ انهيءَ لاءِ مناسب لفظ ’بنياد‘ يا ’پيڙهه‘ آهي. عربيءَ ۾ ان کي ’اصل‘ سڏجي ٿو.

جن طريقن سان بنيادي لفظ صرفي صورت بدلين ٿا سي ٽي آهن (8).

1)     وڌائڻ (Addition) وارو طريقو

2)    گهٽائڻ (subtraction) وارو طريقو

3)    بدلائڻ (Replacement) وارو طريقو

وڌائڻ واري طريقي موجب پابندي صرفيو بنياد سان ملائبو آهي. جيڪڏهن پابند صرفيو اهڙو آهي جو هوبهو بنياد آهي يا ان جو ڪو جزو، ته پوءِ اُن جوڙ واري طريقي کي وري ورجائڻ Reduplication) وارو طريقو) سڏبو آهي. مثلاً يوناني زبان ۾ ماضي قريب ڏيکارڻ وارا فعلي لفظ، بنياد جي پهرئين صوتيي کي اڳئين اڌ سوڙهي سُر سان ورجائي آخر ۾ /ڪا/ پڇاڙي ملائڻ سان ٺهندا آهن. مثلاً /لُو/ او/ معنيٰ ”آءٌ“ ڍرو ڪريان ٿو“ ۽ /ليلُوڪا/ معنيٰ ”مون ڍرو ڪيو آهي“ اهڙيءَ طرح /پِستُو /او/ مان / پيپِستوڪا/ (9). ملايائي زبان ۾ عدد جمع ڏيکارڻ وارا لفظ سڄي بنياد کي ورجائڻ سان ٺهندا آهن؛ مثلاً /ڪاپال/ معنيٰ ”جهاز“ ۽ /ڪاپال ڪاپال/ معنيٰ ”جهازُ“ (9) تَگَلاگ (Tagalog) زبان ۾ پهرئين پد کي ورجائڻ سان ”رڳو“ (Only) جو مفهوم ملي ٿو؛ مثلاً /دَلَوا/ (Dalawa) معنيٰ! ”ٻَه“ ۽ /دَدَلَوا/ معنيٰ ”رڳو ٻه“ ؛ /تتلو/ (tatlawa) معنيٰ ”ٽي“ ۽ /تَتَتلو/ معني ”رڳو ٽي“ (10). سنڌي زبان ۾ ڪي صفت ۽ اسِم وارا لفظ ائين ٺهن ٿا: جهڙوڪ ڌماڌم، سراسر، پٽاپٽي، ڪڪڙوڪُو، مُهان منهن، هٿون هٿ، ملڪان ملڪ، ڀيٽاڀيٽي، روبرو، درجي بدرجي، ست ستاءُ، رک رکاءُ، دٻدٻو، مارا ماري، رنگارنگي، چوپچو، ٿُو ٿُو، ٽان ٽان، بڙ بڙ، بڪبڪ، ڦڙ ڦڙ، سُر سُر، ڀُڻ ڀُڻ/ وغيره.

ورجائڻ واري طريقي کان سواءِ وڌائڻ وارو ٻيو طريقو به آهي جنهن کي جوڙ affixation) وارو طريقو) سڏبو آهي.

جوڙ جا ٽي قسم آهن: هڪڙا اڳيان جوڙ (prefixes) جن کي ”اڳياڙيون“ به سڏبو آهي؛ ٻيا اندريان جوڙ (Infrxes) ۽ ٽيان پويان جوڙ (suffixes) جن کي ”پڇاڙيون“ به سڏبو آهي.

(الف) /اويل/ ڦٽل پيچيدو لفظ آهي جنهن ۾ /اويل بنياد آهي ۽ / آ / اڳيون جوڙ يا اڳياڙي آهي. اهڙي قسم جا ٻيا لفظ  هي آهن:

اڻپورو          =      / اڻ + پورو/

اُڻٽيهه          =      / اُڻ +  ٽيهه/

سپرين         =      / سُ  +  پرين/

اوڳڻ           =      / او  +  ڳڻ/

سنڌي ۾ اُهي پيچيدا لفظ جيڪي اڳياڙي ملائڻ سان  ٺهن ٿا سي سڀ ڦُٽل (Derived) هوندا آهن. ڪو به گرداني (inflected) پيچيدو لفظ انهيءَ طريقي سان سنڌي زبان ۾ ڪونه ٺهندو آهي. ڦُٽل لفظن کي عربي ۾ ”مُشتَق“ سڏبو آهي ۽ گرداني لفظن کي ”مُنصَرف“ سڏبو آهي.

(ب) /سڏائڻ/ پيچيدو لفظ آهي جنهن جو بنياد /سَڏ^ڻ/ آهي ۽ / آءَ/ اندريون جوڙ آهي. اهڙي طرح سان /سڏارائڻ/ به پيچيدو لفظ آهي، جنهن جو بنياد وري /سڏائڻ/ آهي ۽ /را/ ان جو اندريون جوڙ آهي. هن مثال مان معلوم ٿيندو ته بنياد ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙا اُهي، جي خود  ٻئي بنياد مان ڦُٽي نڪرن ٿا. اهڙن بنيادن کي ڦڙ (Stem) سڏبو آهي. ٻيا اُهي بنياد، جي اصلي ۽ ابتدائي هوندا آهن جن مان ٻيا بنياد ڦٽي نڪرندا آهن. اهڙن بنيادن کي ’پاڙ‘ يا جڙ (Root) سڏبو آهي. گويا ٿڙ جي بنياد کي پاڙ سڏبو آهي. /سڏارائڻ/ جو ٿڙ _ بنياد /سڏائڻ/ آهي جنهن جي پاڙ _ بنياد / سڏڻ/ آهي.

(ٻ) /قربائتو/ پيچدو لفظ آهي، جنهن جو بنياد /قرب^_/ آهي ۽ /_ آئتو/ پويون جوڙ آهي. اهڙي قسم جا ٻيا مثال هي آهن:

پٽيتو          =      / پُٽ^ + ايتو/

لاڙي           =      / لاڙ^ + اِي/

باغائي         =      / باغ^ + آئي /

ٿڌڪار         =      /ٿڌ^ + ڪار /

سَڏي           =      /سَڏ^ + اي /

سڏيندو        =      /سَڏ^ +ايندو/

سنڌي زبان ۾ جيڪي پيچدا لفظ پڇاڙين ملائڻ سان ٺهندا آهن سي اشتقاقي هوندا آهن يا گرداني. /باغائي/ اشتقاقي پيچيدو لفظ آهي ۽ /سڏي/ گرداني پيچيدو لفظ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ٻن صورتن وارا ڌار ڌار جوڙ، بنياد يا پيڙهه مان ملي اهڙا پيچيدا لفظ ٺاهيندا آهن جو انهن جي معنيٰ ۾ ڪو به فرق ڪو نه هوندو آهي. مثلاً سنڌيءَ ۾ زمان ماضي مطابق جي صورت سان جيڪڏهن /ٿي/ يا  /پِئي/ صرفيو ملائبو ته  زمان ماضي استمراري واري صورت ٺهي پوندي. جهڙوڪ /لکيو/ مان /لکيو ٿي، لکيو پي / . اِتي / ٿي / ۽ پئي/ آزاد  بدل صرفيا آهن. انهن مان ڪو به هڪڙو ٻئي جي جڳهه والاري سگهي ٿو. مگر ڪي اهڙا به صرفيا هوندا آهن جي شرطي ٿيندا آهن ۽ هم مطلب هوندي، مختلف موقعن ۽ هنڌن تي ڌار ڌار ٿي ڪم ايندا آهن. مثلاً سنڌيءَ ۾ جمع ڏيکارڻ وارا صرفيا گهڻو ڪري چار آهن: / آ /، / آ/، / اُون/ ۽ /يُون/. مثال -:

اُٺُ. مان اُٺَ

گهوڙو مان گهوڙا

کَلَ مان کلون

اَکِ مان اکيون

انهيءَ ڪري سنڌي زبان ۾ / آ /، آ//، /اُون/ ۽ يون/ جمع ڏيکارڻ وارا عيوضي صرفيا (allomorphs) آهن. يوضي صرفيا هميشہ شرطي هوندا آهن ۽ پورائي واري ورڇ ۾ ٿيندا آهن. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته جنهن ماحول ۾ يعني هنڌ تي / آ/ جمع وارو صرفيو ڪم ايندو آهي اُتي / آ/ ، / اُون/ يا /يون/ ڪم نه ايندا. اِهو مثال ته ٿيو جوڙ وارن صرفين جو، مگر بنيادي صرفين ۾ به عيوضي صرفيا ٿيندا آهن، مثلاً ”اُٺ“ بنيادي لفظ آهي، جنهن جون حالتن مطابق مختلف صورتون، هيٺين ريت آهن:

اُٺُ اچي ٿو (حالت فاعلي، عدد واحد)

اُٺَ اچن ٿا (حالت فاعلي، عدد جمع)

اُٺُ ڪاهه (حالت مفعولي، عدد واحد)

اُٺَ ڪاهه (حالت مفعولي، عدد جمع)

اُٺَ کي گاهه ڏي (حالت  جري، عدد واحد)

اُٺن کي گاهه ڏي (حالت جري، عدد جمع)

اُٺَ جو پُڇُ ڏس (حالت اضافت، عدد واحد)

اُٺَن جا پُڇَ ڏس (حالت اضافت، عدد جمع)

او اُٺَ، حبيبن ڏي هل (حالت  ندا، عدد واحد)

او اُٺَئو، حبيبن ڏي هلو (حالت ندا، عدد جمع)

انهن سڀني حالتن ۾ ”اُٺُ“ بنيادي لفظ جون چار صورتون آهن جن مان هِڪَ، حالت فاعلي عدد واحد واري صورت، هوبهو بنيادي لفظ جهڙي آهي، باقي ٻيون ٽي صورتون بدليل آهن. انهن سڀني ۾ بنيادي صورت / اُٺ/ آهي، جنهن سان ٻيا جوڙَ، /آ/، / اَن/ ۽ / اَئو/ ملايا وڃن ٿا؛ تنهن ڪري /اُٺُ/ ۽ /اُٺ^/ عيوضي صرفيا آهن.

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته عدد جمع لاءِ گهڻو ڪري / آ /، / آ /، / اون/ ۽ /يون/ صرفيا آهن. اهي بنياد سان جوڙيا ويندا آهن مگر سنڌيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن عدد جمع لاءِ ڪو به صرفيو بنيادي صورت سان ملايو نه ويندو آهي. مثلاً /هاٿي/ جو جمع به / هاٿي/ آهي. اِتي جمع ٺاهڻ لاءِ ڪو به صرفيو ڪم نه آندو ويو آهي، مگر جديد لسانيات، سنسڪرت جي مشهور گرامر نويس پاڻني جي صحيح پوئواري ڪندي، چوي ٿي ته اِتي ٻڙي صرفيو ملايو ويو آهي. لسانيات ۾ انهيءَ کي ٻَڙي_ جوڙ (Zeao affixation) سڏبو آهي.

گهٽائڻ واري طريقي موجب، بنيادي لفظن مان هڪ صرفيي يا پد ڪڍي ڇڏڻ سن جيڪو لفظ نڪرندو آهي سو اشتقاقي هوندو آهي، جيئن ته / مارڻ/ مان/ مارَ/، /تورڻ/ مان /تورُ/ /ڄاڻڻ/ مان /ڄاڻَ/، / ڊُڪڻ/ مان /ڊُڪُ/، /سارڻ/ مان /سارَ/، /ڇَٽَڻ/ مان /ڇَٽ/. اِتي اعتراض اُٿي سگهي ٿو ته ڦُتل صورت  ننڍي آهي، تنهن ڪري ڇو نه اِنَ کي بنيادي صورت ڪري وٺجي ۽ اُنَ مان وڏي صورت ڦُٽي نڪتي آهي يعني /مارَ/ مان /مارڻ/، /تورَ/ مان /تپر۾/ ۽ /ڄاڻ/ مان /ڄاڻڻ/. اهو خيال غلط آهي ڇو ته /مارَ/، /تورَ/ ۽ /ڄاڻَ/ گرامر موجب انهيءَ اسم ذات جا مثال آهن جيڪي مصدري اسمن مان نڪرندا آهن. ان جا ڪيترائي نمونا آهن؛ مثلاً

(الف) هلڻ مان هلني

        پڙهڻ مان پڙهڻي

        لکڻ مان لکڻي

        چوڻ مان چوڻي

(ب‌)           ساڙڻ مان ساڙو

ڪاڙهڻ مان ڪاڙهو

نبيرڻ مان نبيرو

ڌڌڪڻ مان ڌڌڪو

سُڌارڻ مان سُڌارو

        (ٻ)    اُڻڻ مان اُڻت

                ڳڻڻ مان ڳڻت

                وڻڻ مان وڻت

هلڻ مان هلت

وڙهڻ مان وڙهت

        (پ)    پڙهائڻ مانپڙهائي

                لکائڻ مان لکائي

                کوٽائڻ مان کثائي

        (ڀ)    کڻائڻ مان کڻائي

ڇَڏائڻ مان ڇڏاڻي

وٽائڻ مان وٽاڻي

        اهي مٿيان مثال سڀ اسم ذات جا آهن جيڪي اسم مصدر مان نڪتل آهن. ائين برابر آهي ته ڌارين ٻولين مان جيڪي اُڌارا لفظ ورتا ويا آهن تن مان ڪن جي پويان [اَڻ]، [اِڻ] يا [اَئڻ] پڇاڙي ملائي مصدري اسم بنايا ويا آهن؛ مثال  طور

قبول (عربي مان قبولڻ

دفن (پارسي) مان دفنائڻ

بخش(پارسي) مان بخشڻ

فلم (انگريزي) مان فلمائڻ.

بدلائڻ واري طريقي موجب بنيادي لفظ جي ڪنهن صرفيي يا پد کي بدلائڻ سان ٻيو لفظ نڪرندو آهي. اسم ذات جا جيڪي مثال مٿي (ب)، (ٻ)، (پ) ۽ (ڀ) ۾ ڏنا ويا آه سي سڀ بدلائڻ واري طريقي موجب آهن. (الف) ۾ جيڪي مثال اسلم ذات جا ڏنا ويا آهن سي جوڙ واري طريقي موجب آهن. اهو بدلائڻ وارو طريقو ڪڏهن ڪڏهن بنياد ۽ جوڙ ٻنهي تي اثرانداز ٿيندو آهي. ان کي اندروني تبديلي (Internal change) سڏبو آهي (11). مثلاً سنڌيءَ ۾ زمان ماضي ٺاهڻ لاءِ بنياد جي پويان /يو/ ملائبو آهي؛ جيئن ته

/لِکُ/ مان /لکيو/

/پڙهه/ مان /پڙهيو/

مگر ڪن حالتن ۾ بنياد جو پهريون پد قائم ڪري ان جي پٺيان /يو/ جي بدران ڪو ٻيو پد ملائبو آهي. مثلاً

/ کاء-^ / مان / کاڌو/

/ آڻ-^ / مان / آندو /

/ وَٺ-^ / مان / ورتو/

اِها اندروني تبديلي ڪڏهن ڪڏهن رڳو  بنياد جي پد يا صرفيي سان به ٿيندي آهي. مثلاً شخصي ضميرن جي مضاف ڏيکارڻ لاءِ اسم جي پٺيان ضميري پڇاڙي ملائبي آهي، جيئن ته

/پُٽ/ بنيياد مان / پُٽَم/ (منهنجو پٽ)

/پُٽ/ بنياد مان /پُٽَس/ (هن جو پٽ)

مگر ڪٿي ڪٿي اسم جي آخرين پد يا صرفيي کي ٻئي پد يا صوتيي سان تبديل ڪري پوءِ ضميري پڇاڙي ملائبي آهي جيئن ته

/پيءُ / مان /پِڻَس_/ يا / پڻم/ وغيره

/ ماءُ/ مان / ماڻس/ يا /ماڻم/ وغيره

/سس/ مان /سسڻس/ يا /سسڻم/ وغيره

دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ اِها اندروني تبديلي رڳو هڪ صوتيي سان به ٿيندي آهي. جنهن اصول سان صرفيا هڪ صوتيي جي تبديل سان ٺهن  تنهن کي صرفي _صوتيه اصول Morphophonemics يا Morphophonlogy, Morphonology سڏبو آهي(11). ڪڏهن ڪڏهن اِها اندروني تبديلي ساري بنياد کي ڦيرائي ڇڏيندي آهي. مثلاً انگريزي زبان ۾ be مان am, was, is, are ۽ were نڪتا آهن. سنڌي زبان ۾ زمان حال وارا لفظ، زمان مضارع جي لفظن پٺيان /ٿو/ ملائڻ سان ٺهندا آهن جيئن ته وڃان ٿو، پڙهين ٿو، هلين ٿو وغيره. مگر اسان ڏسون ٿا ته /هجاڻ/ مان زمان حال /هجان ٿو/ ناهي بلڪه آهيان/ آهي. اهڙيءَ طرح سان

هُجون/ مان / آهيون/

/هُجين/ مان / آهين/

/هُجو/ مان / آهيو/

/هُجي/ مان / آهي/

/هُجن/ مان / آهن/

اهڙي تبديل واري اصول کي کوٽ _ ڀرائي جو اصول (Suppletion) سڏبو آهي.

اِهي آهن اصول يا طريقا جن موجب اشتقاقي يا گرداني لفظ جن کي ’ثانوي لفظ‘ به سڏبو آهي، بنيادي (ابتدائي) لفظن مان نڪرندا آهن. دنيا جي ڪن ٻولين ۾ ثانوي لفظ، هڪ کان وڌيڪ بنيادن ۽ جوڙ ملائڻ سان به ٺهندا آهن؛ مثلاً سنڌيءَ جي /وڏ ماڻهپائي/  لفظ ۾ ٻه بنياد آهن جي ٻن بنيادي لفظن /وڏو/ ۽ /ماڻهو/ جا عيوضي صرفيا آهن. ترڪي زبان ۾  ثانوي لفظن ٺاهڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ جوڙ به ملائبا آهن؛ مثلاً (12).

اِو^             معنيٰ            گهر

اِو^دِن^                 ”        گهر مان

اِوِم^           ”               منهنجو گهر

اِوِم^دِن^       ”               منهنجي گهر مان

اِو^لَر^          ”               گهَرَ

اِو^لَر^دِن^      ”               گهَرن مان

اِو^لَرِم^        ”               منهنجا گهر

اِو^لَرِم^دِن     ”               منهنجي گهرن مان

رُوپاوليون (Paradigms) -: مٿي ٻڌايو ويو آهي ته نڪتل لفظ ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا اشتقاقي، ٻيا گرداني، جڏهن هڪ ئي بنياد مان (توڙي پاڙ هجي يا ٿڙ هجي) ڪئين اشتقاقي ۽ گرداني لفظ نڪرن، تڏهن انهن سڀني لاڳاپيل لفظن کي گڏي (روپاولي) سڏجي ٿو. ان جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ اشتقاقي (Derivational) ۽ ٻي گرداني (Inflectional) . اشتقاقي روپاولي ۾ اُهي سمورا نڪتل لفظ هوندا آهن جيڪي خود مستقل لفظ ٿي ڪم ايندا آهن، مثلاً

ڪَمُ (بنيادي لفظ) ڪمائتو، ڪمائي، نڪمو، ڪامي. ڦيريل روپاولين ۾ اُهي نڪتل لفظ هوندا آهن جن جون صورتون عدد، جنس، حالت يا زمان سبب ڦريل هونديون آهن. مثلاً

1)     ڪَمُ _ (بنيادي لفظ)، ڪَمَ، ڪَمَن.

2)    ڪماءِ (بنيادي لفظ) ، ڪمائي، ڪمائين، ڪمائين، ڪمائيو، ڪمائيان، ڪمائيون وغيره.

هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اشتقاقي لفظن جون گرداني روپاوليون ٿي سگهن ٿيون مگر گرداني لفظن جون اشتقاقي روپاوليون ٿي نٿيون سگهن. مثال:

اشتقاقي روپاوليون: ڪم (بنيادي لفظ): ( 1) ڪمائتو، (2) ڪمائي، (3) نڪمو، (4) ڪامي.

1)     ڪمائتا، ڪمائتي، ڪمائتيون؛ ڪمائتي، ڪمائتن، ڪمائتين، (گرداني روپاولي).

2)          ڪمائِي، نڪما ڪمائيون، ڪمائِينُ، (گرداني روپاولي).

3)    نڪمو،  نڪما، نڪمي، نڪميون؛ نڪمِي، نڪمن، نڪمين (گرداني روپاولي).

4)    ڪامِي، ڪامِيَن (گرداني روپاولي).

ڳالهائڻ جا لفظ (Parts of speech):- اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي ڪن ٻولين ۾ سندن لفظن جي صورتن ۾ ڦيرو ٿئيئي ڪونه؛ چيني زبان انهن مان هڪ آهي (ص 113). اهڙين ٻولين جو علم صرف سان واسطو ڪونهي. انهن جو گرامر رڳو علم نحو سان لاڳاپيل آهي. اهڙين ٻولين ۾ ڳالهائڻ جي لفظ جا قسم يا ڪلاس مقرر ڪرڻ، جملن اندر سندن نحوي ڪارج تي دارومدار رکي ٿو (13). مگر جن ٻولين ۾ لفظن جون صورتون ڦِرڻ گهِرن ٿيون تن جي ڦير گهير جو نحوي عمل سان گهرو واسطو آهي. انهيءَ ڪري سندن صورتن جي بناءَ تي کين نحوي ڪلاسن جهڙوڪ اسم، فعل، حرف وغيره۾ ورهائي سگهجي ٿو. ائين ڪرڻ لاءِ اول ڏسجي ته اُهي ڪهڙا لفظ آهن جيڪي ڦيرو کائي نٿا سگهن. سنڌي زبان ۾ هيٺيان لفظ ڦيرو کائي نٿا سگهن:

۽، نه، پر، مگر، جيڪڏهن (يا) جيڪڏهن، جڏهن (يا) جڏهين، تڏهن (يا) تڏهن، بابت، يا، وغيره.

باقي جيڪو بچندا تن مان ڏسبو ته ڪهڙا لفظ زمانن جي ڦيري سبب ڦيرو کائين ٿا. انهن کي ’فعل‘ ڪري سڏبو. جيڪي لفظ عدد، جنس، يا حالتن مطابق ڦيرو کائيندا تن کي ’اسم‘ سڏبو، يا ائين کڻي چئجي ته اُهي لفظ جيڪي زمانن موجب ڦيرو نه کائين تن کي ’اسم‘ سڏبو يا انهن کي ڪو ٻيو نالو ڏبو. انهن مان وري هر هڪ جا  ڌار ڌار ڪلاس ڦيرن مطابق ٺهندا.عرب گرامر نويسن عربي گرامر ائين ٺاهيو هو. جديد لسانيات به اِهو طريقو اختيار ڪيو آهي. آڳاٽن عربن، عربي زبانن جي لفظن کي ٽن ڪلاسن ۾ورهايو: هڪڙا اُهي لفظ جن جي صورت ۾ ڪو به ڦيرو نه اچي، تن کي حرف سڏيائون. ٻيا اُهي لفظ جيڪي زمانن مطابق ڦيرو کائين تن کي فعل سڏيائون؛ ٽيان اُهي لفظ جيڪي حالتن مطابق ڦيرو کائين تن کي ’اسم‘ سڏيائون؛ گرداني صورت کي ’صيغو‘ سڏيائون ۽ تبديلي نوعيت کي ’علامت‘ سڏيائون. جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ جيڪو سنڌي گرامر ٺهندو سو پراڻن روايتي گرامرن کان بلڪل  مختلف ٿيندو، مگر علمي ۽ سائنسي پيڙهه تي ٻڌل هوندو.


*  ”مطلب“ مان هتي مراد لغوي معنيٰ نه آهي مگر اهڃاڻي معنيٰ آهي.

”معنيٰ“ سان هتي مراد لغوي ناهي مگر اهڃاڻ واري آهي. جيئن چئبو آهي ته ”فلاڻي“ جو اوچتو اچڻ مطلب وارو آهي، معنيٰ رکي ٿو.“

*  جديد لسانيات موجب گرامر وري نئين سِر ٺهي ٿو، جنهن موجب ڳالهائڻ جا لفظ اَٺ نه، مگر ٽي کن ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org