سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :14

اول اول هيءُ ڏسڻ گهرجي ته جنهن لکيت جو جائزو ورتو وڃي ٿو  سا تحريري تنظيم جو ڪهڙو نمونو آهي ۽ ڪيتري قدر جديد بان مطابق آهي (7). تحريري تنظيم جا ڪل ٽي نمونا آهن (8): هڪ لفظ نُما نمونو قديم مصر وارو؛ ٻيو پد وار نمونا ديوانا گري وارو:؛  ٽيون الف_ ب وار نمونو  يونان وارو. اُن لکيت ۾ جيڪي متروڪ نمونا هجن تن کي خاص طرح سان نوٽ ڪرڻ گهرجي ڇو ته اُهي تاريخي تحقيق لاءِ ڪارآمد هوندا آهن، اگرچ انهن جي صحيح پڙهڻي مشڪل معاملو هوندو آهي. تحريري تنظيمن ۾ عام عيب اهو هوندو آهي ته زبان جا سڀ صوتيا انهن مان ظاهر نه هوندا آهن، خصوصاً غير منتقسيم صوتيا. ازانسواءِ صوتين جو مقدار به انهن مان معلوم ٿي نه سگهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ضروري آهي ته ان لکيت ۾ جيڪي نظم جا ٽڪرا هجن تن جي تجزيي مان اهڙي مدد وٺڻ گهرجي. ڪنهن به لساني معلومات حاصل ڪرڻ کان اڳ تحريري روايتن وانگر شاعراڻي روايتن کي به سمجهڻ ضروري آهي (9). ائين نه ڪبو ته صحيح معلومات ملي نه سگهندي ۽ تحقيق ناقص رهندي. ائين به ڏٺو ويو آهي ته ڪن حالتن ۾ لکندڙن جون تحريري چڪون انهيءَ وقت جي اُچارن جو پتو ڏين ٿيون.

ڌارين ٻوليءَ جا جيڪي لفظ ڪنهن ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ڪم ايندا آهن سي ٻنهي ٻولين جي آوازي سرشتي جو پتو ڏيندا آهن. انهن جي جائزي مان به وڏي مدد ملي ٿي.

جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي انهن سڀني دورن جو جائزو مڪمل ٿي وڃي، جن جو تحريري رڪارڊ موجود آهي ته پوءِ انهن دورن کي ڀيٽي نتيجا ڪڍڻ گهرجن ۽ ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙيون صورتون تبديل ٿيون آهن. ان باري ۾ سٽا جون ثابتيون نهايت اهم آهن.

ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻوليءَ جا ڪي لفظ يا جهڳٽا يا جملا ٻين ٻولين جي لکيتن مان به ملندا آه جيئن اڳواڻن عربي ڪتابن ۾ سنڌيءَ جا ملن ٿا. انهن مان به مدد ملي سگهي ٿي.

لکيتن کان سواءِ ڪتين (Inscriptions) مان به مدد ملندي آهي، جيئن آسوڪا جي مختلف پهاڙي ڪتبن مان پالي زبان جا مختلف محاورا معلوم ٿيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته ساڳيو مواد، علمي يا مذهبي اهميت سببان، مختلف دورن ۾ لکيل مليو آهي. اهڙي مواد مان لساني تبديليءَ جو پتو لڳائڻ تمام آسان ٿيندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن لکيتن مان ٻوليءَ جي گرامر بابت به سڌو  سنئون حوالو ملندو آهي، جيئن سنسڪرت جي ڪيترن ڪتابن مان ان جي وياڪرڻ جا حوالا ملن ٿا (10).

سنڌي زبان جون جيڪي لکيتون اسان کي ملن ٿيون سي سڀ سومرن جي دور کان وٺي پوءِ جون آهن. انهن ۾ اوائلي اُهي آهن جيڪي خوجگي صورتخطيءَ ۾ آهن. اُن مان پتو پوي ٿو ته ان وقت /ف/، /ز/، /غ/، /خ/، / آو/ ۽ /اَي/ صوتيا سنڌيءَ ۾ ڪو نه هئا مگر بدل _ صورت جي حيثيت ۾ هئا. ارغونن جي دور جا ڪي بيت فارسي ڪتابن ۾ ملن ٿا مگر انهن ۾ زيرون زبرون وغيره ڪو نه آهن، تنهن ڪري صحيح اچار معلوم ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت درپيش اچي ٿي. ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي ڪتاب ڪافي انداز ۾ لکيا ويا ۽ زيرن زبرن سان لکيا ويا، تنهنڪري ان وقت جي اچارن جو پورو پتو پوي ٿو. ان وقت جي ڪتابن مان فقط هيءُ تڪليف محسوس ٿئي ٿي ته هر ڪاتب نج سنڌي آوازن لاءِ پنهنجون پنهنجون اکري صورتون ڪم آنديون آهن ۽ اها حالت ميرن جي دور تائين رهي. ان ڪري هر ڪاتب جي صورتخطي، عربي صورتخطيءَ هوندي به، نرالي آهي. مگر هيترو ضرور آهي ته هر ڪاتب پنهنجي صورتخطيءَ کي آخر تائين نباهيو آهي، تنهن ڪري الڳ الڳ لفظي صورت جو آواز معلوم ڪرڻ آسان به آهي. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ باقاعدي سرڪاري طرح سان صورتخطي قائم ڪئي ويئي، جنهن موجب 19 صدي ۾ ڪيترائي سنڌي ڪتاب لکيا ويا ۽ خود گرامر لکيا ويا. لسانياتي لحاظ کان خليفي گل محمد جو اِهو ديوان اهميت رکي ٿو جيڪو خود خليفي صاحب بمبئي مان ليٿو ۾ ڇپارائي پڌرو ڪيو. ان جي منڍ ۾ سنڌي صورتخطي بابت نهايت اهم مقالو لکيل آهي؛ ازانسواءِ ان ۾ نج ٺيٺ سنڌي لفظن جون معنائون به فارسيءَ ۾ حاشين تي لکيل آهن.

عرب جڏهن سنڌ ۾ آي تڏهن سنڌ جو حال احوال عربي ڪتابن ۾ لکيائون جن ۾ سنڌي شين، شهرن ۽ ماڻهن جا سنڌي نالا ملن ٿا. اهي نالا عربي حرفن ۾ لکيل آهن، جن ۾ نج سنڌي آوازن جي نمائندگي ناهي. عربن کان اڳ مارڪنڊيي جي ڪتاب ۾ موجوده سنڌيءَ جي ماءُ وراچنڊاپڀريش جون خصوصيتون لکيل آهن، جيڪي سنڌيءَ سان لڳن ئي نٿيون. شري جيرامداس، دولترام جي تحقيق موجب اهي خصوصيتون لهندا يعني ملتاني  ٻوليءَ سان لڳن ٿيون ۽ نه سنڌي زبان سان (11). ان کان اڳ سنسڪرت، يوناني، پهلوي ۽ چيني زبانن ۾ سنڌ جو ڪجهه احوال ملي ٿو مگر اهڙو ناهي جنهن مان سنڌي زبان جو پتو پوي. سنڌ جي تمام جهوني زبان جو محفوظ رڪارڊ انهن مهرن تي نقش ٿيل آهي، جي موئن جي دڙي مان مليون آهن. اها لکيت اڄ تائين پڙهن ۾ اچي نه سگهي آهي ۽ انهيءَ فن جي عالمن جون دنيا ڀر ۾ ڪوششون جاري آهن. قديم تحريرن کي پڙهي سگهن خود هڪ خاص علمي فن آهي، جنهن کي خاص استادن جي رهنمائي کان سواءِ حاصل ڪري نٿو سگهجي. تنهن ڪري گهر ويٺي ڪن ڪتابن کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو دعويٰ ڪري ته ”آءٌ انهن مهرن کي پڙهي سگهيو آهيان“ ته کنڊ ٿو کائي. انهيءَ ڪم تي اڄ به تمام ترقي ڪيل ملڪن ۾ خاص تربيت يافته عالم لڳايا ويا آهن جن جو سارو توجہ انهي طرف لڳل آهي ۽ جن کي هر طرح جون سهوليتون مهيا ٿيل آهن. انهن جي مقابلي ۾ اسان جي حيثيت ڇا آهي جو انهن مهرن پڙهڻ جي هام هڻون. جنهن وقت اهي مهرون علمي ۽ يقيني طرح سان پڙهڻ ۾ آيون تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جو خاطر خواه پتو پئجي سگهندو.

لساني ڀيٽ جو طور طريقو:- لساني ڀيٽ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: هڪ نسي؛ ٻي نوعيتي. اهي ٻئي تاريخي لسانيات لاءِ اهم آهن. نسلي ڀيٽ لاءِ لازمي آهي ته ٻن ٻولين جي بنيادي ذخيري (Basic vocabulary) کي جاچي ڏسجي جنهن ۾ روز مرهه جي ڪارج، گهريلو جانورن، عزيزن قريبن ۽ ابتدائي انگن جا الفاظ اچي ٿا ون (12). ان کان وڌيڪ يقين ڏيندڙ صرفي نحوي هڪجهڙايون آهن (13).

ڪي زبانون هڪٻئي سان هڪ حد تائين مشابهتون رکن ٿيون جا ڳالهه رڳو تاريخي لاڳاپي سان سمجهائي سگهجي ٿي (14)؛ مثلاً سنسڪرت ۽ پراڻي پهلوي زبان ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون آهن جنهن لاءِ تاريخي رڪارڊ شاهدي ڏئي ٿو ته ويدڪ آريا ايران کان هندستان ۾ آيا ۽ اڳي اتي هئا آڳاٽن ايرانين ۽ ويدڪ آرين جا ابا ڏاڏا هڪ هئا ۽ سندن هڪ زبان هئي، جنهن مان پوءِ پراڻي پهلوي ۽ ويدڪ ٻولي ڦٽي نڪتيون.

ٻولين جون ڪي خصوصيتون عام آهن؛ مثلاً هر زبان ۾ صوتي، صرفيا، لفظ، جملا، بناوتون ۽ بدل _نمونا (Substitution types) ملن ٿا. مگر ٻيون خصوصيتون جهڙوڪ لفظن جا ڪلاس ۽ انهن جا عدد، جنسون، حالتون ۽ ضمير؛ فعلن جا قسم ۽ زمانن  جو عدد؛ فعلن، فاعلن ۽ مفعولن جون مقرر جڳهيون، سڀني زبانن ۾ هڪجهڙيون ۽ عام ناهن (15). تنهن ڪري جن ٻولين ۾ اهي خصوصيتون لڳ ڀڳ هڪجهڙيون هونديون سي پاڻ ۾ رشتيدار سمجهبيون.

ايڪڙ ٻيڪڙ هڪجهڙايون جيڪي ڪن ٻولين ۾ ملن ٿيون سي اتفاقي هونديون آهن؛ مثلاً موجوده يوناني زبان ۾ /مَتِ/ (mati) معنيٰ اک، ته ملايائي زبان ۾ /مَتَ/ [mata] معنيٰ به اکآهي. انهن ٻنهي لفظن جو پاڻ ۾ ڪو به تاريخي لاڳاپو ڪونهي. (16). ڪي مشابهتون اڌارين صورتن وٺن سببان به ٿينديون آهن. سنڌي زبان ۾ ڪيتريون ئي عربي زبان جون صورتون موجود آهن ۽ يوروپي زبانن ۾ هڪجهڙا ثقافتي لفظ عام آهن. تنهنڪري اهڙين صورتن مان ٻولين جي رشتيداري جو گمان آڻڻ غلطي آهي. لسانيات ۾ جڏهن چيو وڃي ٿو ته زبانن ۾ هڪجهڙائي (Resemblance) رشتي سببان آهي ته ان مان مراد اها آهي ته اهي ٻوليون هڪ زبان مان ڄايون آهن (17). اهي هڪجهڙايون انهن شباهتن ۾ خاص طرح سان ٿين ٿيون، جيڪي روزمره جي گفتگو ۾ عام آهن، جهڙوڪ عام بناوتن ۾، لفظن جي ڪلاسن ۾ ۽ روزمره جي عام استعمال وارن لفظن ۾.

رشتيدار ٻولين ۾ نه رڳو هڪجهڙايون باقاعدي پهلو بهَ پهلو ٿين ٿيون پر تفاوت به ائين باقاعدي پهلو به پهلو ٿين ٿا؛ مثلاً هيٺيان لفظ ڏسو (18)-:

سنڌي لفظ انگريزي لفظ جرمن لفظ فرينچ لفظ اطالوي لفظ اسپيني لفظ

هَٿُ            هَينڊ   هانٽ    مَئين          مانو    مانو

حياتي         لائيف ليبين وِي             وِيتا    وِيدا

اونهارو         سَمَر    زآمير   ايتي        ايستاتي     ايستيئو

ڏيڻ            گِو      گييين دآني           دوناري    دونار

مٿين لفظن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته انگريزي ۽ جرمن لفظن ۾ پاڻ ميل کائين ٿا ۽ فرينچ، اطالوي ۽ اسپيني پاڻ ۾ ميل کائين ٿا. خود ”هٿ“ سنڌي لفظ به انگريزي ۽ جرمن لفظن سان ميل کائي ٿو. ان مان ظاهر آهي ته انگريزي ۽ جرمن ٻوليون پاڻ ۾ مائٽ لڳن ٿيون ۽ فرينج، اطالوي ۽ اسپيني پاڻ ۾ عزيز قريب لڳن ٿيون. ’هٿ‘ لفظ مان گمان نڪري ٿو ته سنڌي به انگريزي ۽ جرمن ٻولين جي مائٽياڻي ٿئي ٿي. ان باري ۾ هيٺيان لفظ به ڌيان طلب آهن:

سنڌي انگريزي        جرمن ڊچ     سوئيڊش  

ماڻهو مَين            مَن     من     مَن

آڱُر     فِڱگَر          فِڱَر    وِڱَر     فِڱير

هاڻي اچو ته هيٺين لفظن جو جائزو وٺون.

انگريزي     جرمن      فرينچ       اطالوي   اسپيني    سنڌي

فُٽ           فُوس       پيي        پِئيدي         پِي         پير

ٽُو             ترآء         دُو          دُئي           دوس        ٻه

ٿري          ڊراءِ         نروا         نري           تُري      ٽي

مِي           مِش         مُوا          مي           مي         مونکي

مٿين لفظن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته انهن لفظن ۾ انگريزي، جرمن، فرينچ ۽ اسپيني زبانون رشتيدار آهن. خود سنڌي زبان به پَئي سندن مائٽياڻي معلوم ٿئي. چئبو ته اها مِٽيمائٽي آڳاٽي آهي. جرمن، ڊچ، انگريزي، سئيڊش وغيره ٻوليون پاڻ ۾ ويجهيون عزيز آهن؛ انهن کي جرماني زبانون سڏيو وڃي ٿو. فرينچ، اطالوي، اسپيني وغيره ٻوليونپاڻ ۾ ويجهيون عزيز آهن؛ انهن کي روماني زبانون سڏيو وڃي ٿو. جرماني ۽ روماني زبانن جو وري مٿي رشتو ملي ٿو تنهن ڪري ٻنهي کي گڏي يوروپين زبانون سڏجي ٿو. ايراني ۽ هندي زبانون پاڻ ۾ ويجهيون عزيز معلوم ٿيون آهن، تنهن ڪري انهن کي گڏي انڊو_ ايراني زبانون سڏجي ٿو. اهي وري انڊو يوروپي ٻولين سان ٿورو مٿڀرو مائٽ لڳن ٿيون تنهنڪري انهن سڀني کي گڏي انڊو_ يوروپين زبانون سڏجي ٿو.

جڏهن به ڪن رشتيدار ٻولين جي لفظن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪجي تڏهن انهن ۾ منظم ۽ باقاعدي مطابقت ٿورڙن لفظن تائين نه ڏيکارجي بلڪه سڀني لاڳاپيل لفظن لاءِ ڏيکارجي. جيڪڏهن ڪي لفظ انهيءَ مطابقت جي خلاف نظر اچن ته انهن جا اسباب ڳولي لهجن. اهڙا لفظ يا  ته اڏارا ورتل لفظ هوندا آهن، يا مشابهت (Analagy) جي اثر هيٺ آيل هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڏٺو ويو آهي ته رشتيدار ٻولين جا ڪي لفظ باقاعدي مطابقت جي برخلاف هڪجهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، مثلاً ’ڏينهن‘ لاءِ لاطيني لفظ /دِئيس/ آهي ۽ انگريزيءَ ۾ /ڊي/ آهي. باقاعدي مطابقت موجب لاطيني زبان جو [د] آواز، انگريزي ۾ [ٽ] ٿي پوي ٿو ۽ نه [ڊ] (19). ان مان ثابت ٿو ٿئي ته انگريزي لفظ ڊي (Day) سڌو لاطيني مان نه آيو آهي پر ٻئي هنڌان آيوآهي. لسانيات جي عالمن تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته لاطيني زبان جا بي ڀڻا ڌماڪيدار آواز انگريزي ۾ گهسڪيدار ٿي پيا آهن (20). مثلاً 

لاطيني                انگريزي                معنيٰ

پاتير           فادر (Father)          پيءُ

تينُوئِس        ٿِن (Thin)             سنهو

ڪورنو         هارن (Horn)           سِڱ

ائين لاطيني زبان جا ڀڻڀڻا ڌماڪيدار آواز انگريزي ۾ بي ڀڻا ڌماڪيدار ٿي پيا آهن، جيئن ته: -

دُئو             ٽُو (Two)      ٻه

ايد             اِيٽ (Eat)     کائڻ

آگر             ايڪَر (Acre) ايڪڙ

وري سنسڪرت جا ڀڻڀڻا وسرڳ ڌماڪيدار آواز، انگريزي ۾ ڀڻڀڻا اوسرڳ ڌماڪيدار آواز ٿي پيا آهن، جيئن ته -:

 

سنسڪرت             انگريزي                سنڌي

ڀراتا                    بَردَر (Brother)                ڀاءُ

وڌوا                    وِڊو (Widow)                  رنڙ

ائين رشتيدار ٻولين جي ساڳين لفظن مانباقاعدي مطابقت وارن آوازن جي بناءَ تي باز تعمير يا تاري نشان صورتون (Starred forms) ٺاهيون آهن جي پروٽو (Proto) يا بنيادي زبان ڏانهن منسوب ڪبا آهن. لسانيات جي عالمن پ کي پروٽو انڊو_ يورپين زبان جو آواز قرار ڏنو آهي جو سنسڪرت، لاطيني جهوني يوناني ۾ /پ/ هو ۽ انگريزي، جرمن زبانن ۾ /ف/ ٿي پيو آهي؛ ۽  اي * کي اُنَ پروٽو زبان جو آواز ٺهرايو آهي جو سنسڪرت ۾ /آ/، جهوني يوناني ۾ /اي/ ۽ لاطيني ۾ /اي/ هو (21). جڏهن تاري نشان آواز مقرر ٿي ويندا آهن تڏهن انهن جي بنياد تي تاري نشان روپ ٺاهبا آهن؛ جيئن ته سيپتم* اهڙي صورت آهي جا سنسڪرت جي لفظ /سَپتَ/، لاطيني جي لفظ /سيپتم/، جهوني يوناني  جي لفظ /هيپتَ/، جرمني جي لفظ /زِيين/ ۽ انگريزي  جي لفظ /سيوِن/ جي بنيادي ۽ اصلوڪي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پروٽو انڊو_ يورپين زبان جو [س] آواز، سنسڪرت ۾ [س]، لاطيني ۾ [س] هو ۽ هاڻوڪي جرمني ۾ [ز] ۽ انگريزي ۾ [س] آهي. عيسوي اوڻيهين صدي ۾ لسانيات جي هڪ جرمن عالم جيڪب گرم (Jacob Grimm) قديم يوناني ۽ قديم جرماني زبانن کي ڀيٽي آوازن جي تبديليءَ جو ’قانون‘ بنايو هو ته هيٺين ترتيب موجب آڳاٽي انڊو _يورپين ٻولي جا اواز پراڻين يوناني ۽ پراڻين جرماني زبانن ۾ ٿيا آهن (22).

پراڻين يوناني زبانن جا اواز    پرانين جرماني، زبانن جا آواز

        پ                                      ف

ت                                      ث

ڪ                                     خ

......                                   .......

د                                       ت

گ                                     ڪ

ف                                      ب

ث                                      د

خ                                      گ

گرم جو اهو ”قانون“ گهڻن مثالن سان لاڳو هو مگر سڀني سان لاڳو نه هو ۽ جن سان لاڳو نه هو تن کي مستشات (Exceptions) قرار ڏنائين. پوءِ جي عالمن جهڙوڪ ورنر (Verner) ڏٺو ته جن مثالن سان اهو قانون نهَ ٿي لڳو، سي يا ته مشابهت (Analogy) جي اثر هيٺ آيل هئا يا ٻين ٻولين کان ڦرندا، اڌاري طور پوءِ ان وقت داخل ٿيا هئا جڏهن تبديلي جو دور ختم ٿي چڪو هو.

باقاعدي مطابقت جا نمونا ٻولين جي مختلف خاندانن ۾ الڳ الڳ آهن جن کي هر هڪ ٻوليءَ سان لاڳو ڪري نٿو سگهجي. مگر ايترو ضرور آهي ته آواز ائين ڦريا آهن جيئن ”صوتي تبديلين“ ۾ ڏيکاريا ويا آهن: ڪٿي وسرڳ ڦرياوسرڳ ۽ اوسرڳ ڦري وسرڳ ٿيا آهن؛ ڪٿي ڀڻڀڻا ڦري بي ڀڻا ۽ بي ڀڻا ڦري ڀڻڀيا ٿيا آهن؛ ڪٿي وري قريبي مخرج وارا آواز پاڻ ۾ تبديل ٿيا آهن.

ٻولين ۾ ٻيو ڀيٽ جو نمونو اُهو آهي جنهن کي نوعيتي ڀيٽ سڏجي ٿو. هن طريقي جو بنياد ٻولين جي ارنيست ترمپ پهريون شخص هو جنهن 1872ع ۾ پنهنجي سنڌي گرامر ۾ لکيو ته سنڌي نج سنسڪرتي زبان آهي (23). ۽ ان لاءِ معقول دليل به پيش ڪيائين. مگر سنڌي زبان جي گَهِري اڀياس مٿس هيءَ ڳالهه به روشن ڪئي ته سنڌي زبان جا ڪي آواز ۽ صوفي نحوي سٽائون اهڙيون انوکيون آهن جي نه رڳو سنسڪرت سان نه ٿيون لڳن مگر سنڌ ماٿريءَ جي ٻولين جهڙوڪ ڪشميري، لهندا وغيره کان سواءِ ٻين هندستاني ٻولين کان بلڪل نراليون آهن. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر ٽرمپ کي گمان ٿيو ته اِهي نشان آرين کان اڳ وارين مقامي ماڻهن جي ٻوليءَ جا رهجي ويا آهن (24).

هيءُ اُهو دور هو جڏهن لسانيات جا يوروپي عالم سنسڪرت کي سکڻ لڳا  ۽ انڊو _يوروپين ٻولين جي کوجنا ۾ اڃا ابتدائي ڏاڪي تي هئا. کين ايتري قدر گمان به ويو ته سنسڪرت سڀني انڊو _ يوروپي ٻولين جي ماءُ آهي. پر پوءِ معلوم ٿين ته سنسڪرت انڊو _يوروپين ٻولين جي ماءُ نه بلڪه ڀيڻ لڳي.

ڊاڪٽر ٽرمپ کان پوءِ شري جهمٽمل وسڻائيءَ سنڌي ٻوليءَ جو نئون وياڪرڻ سنه 1892ع ۾ لکيو، جنهن ۾ ظاهر ڪيائين ته ڊاڪٽر ٽرمپ جهڙو ٻيو سنڌي وياڪرڻي ٿيو ئي ڪونهي، تنهن ڪري اُن جي راءِ موجب سنڌي نج سنسڪرتي زبان آهي (ص _ 11). انهيءَ يقيني ڄاڻ هوندي به هو لکي ٿو ته سنڌي اپڀرنش مان نڪتي آهي (ص_ 11).

ان کان پوءِ مستر گريئرسن، جنهن هندستان جي سڀني ٻولين تي تحقيق ڪئي، تنهن لکيو ته سنڌي ٻولي وراچنڊ اپڀرنش مان سڌي سنئين نڪتي آهي، جنهن جون ڪي خصوصيتون مارڪنڊيي ڏنيون آهن (25).

مٿين ٻن يوروپي محققن جي راءِ کي اسانجي ڏيهي عالمن جهڙوڪ ڪاڪي ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مولوي دين محمد وفائي، ڊاڪٽر دائود پوٽي وغيره ڳنڍ ڏيئي بَڌو ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءَ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم آهي، جنهن 1950ع ۾ ڏهين ادبي ڪانفرنس ۾ پنهنجي مقالي پڙهندي اعلان ڪيو ته سنڌي ٻولي، جنهن جي اسان کي ڄاڻ آهي، سا سنسڪرت مان پيدا نه ٿي آهي ۽ نه وري اپڀرنش مان، بلڪه سنڌو ماٿر جي ڪنهن اوائلي آريه ٻوليءَ مان نڪتي آهي. ان کان اڳ سنڌ اندر جيڪا ٻولي هئي، جنهن جي اسان کي پوري ڄاڻ ناهي، سا شايد سامي صفت هئي ڇو ته سنڌ جو پراڻو تمدن سمير ۽ بابلي تمدن جو ساٿياري هو (26). ڊاڪٽر صاحب جي هن نڪتي کي نه سمجهڻ ڪري مخالفن هيءَ پروپئگنڊا جاري ڪئي ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌي زبان کي سامي زبان سمجهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي مٿئين اعلان کي ته سنڌي زبان سنسڪرت کان اڳ واري ڪنهن آريه ٻوليءَ جي شاخ آهي، اول ڪنهن به قبول نه ڪيو پر پوءِ ڀارت ۾ اِن اعلان تي گهرو ويچار ٿيڻ لڳو. سنه 1957ع ۾ شري ڪرشن چندر جيٽلي سنڌي ٻوليءَ بابت هندي ۾ سنڌي ڀاشا ڪا سمڪشپتا پريچا نالي ڪتاب لکيو جنهن ۾ ڄاڻايائين ته سنڌي سنسڪرت مان نه، بلڪه داردي پئشاچي مان نڪتي آهي، جا ويدڪ آريا ٻوليکان نرالي آريه ٻولي هئي ۽ ايراني زبان کي ويجهي هئي. ساڳئي  سال ۾ آل انڊيا اورنٽل ڪانفرنس ۾، جا نئين دهلي ۾ ٿي، شري جيرامداس دولترام پنهنجو صدارتي خطبو سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت پڙهيو، جنهن ۾ اعلان ڪيائين ته سنڌي زبان وراچنڊ اپڀرنش مان نه نڪتي آهي (27). سندس چوڻ موجب، ڇاڪاڻ ته مارڪنڊيه لکيو آهي ته سنڌو ديش ۾ وراچنڊ اپڀرنش ٻولي چالو هئي تنهن ڪري اُن جي چوڻ موجب گريئرسن لکيو ته سنڌي ٻولي، وراچنڊ اپڀرنش مان نڪتي آهي ۽ ان ڳالهه کي سڀني کڻي ڳنڍ ٻَڌو آهي؛ پر حقيقت ائين ناهي ڇو ته مارڪڊيه 17 صدي عيسوي ۾ ٿي گذريو ۽ اوڙيسا جو رهاڪو هو حالانڪه عربن سنڌ کي 8 صدي عيسوي ۾ فتح ڪيو ۽ ان وقت سنڌ جي زبان سنڌي هئي ۽ نه وراچنڊ اپڀرنش. عربي ڪتابن جي حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي هڪ راجا جي چوڻ تي قرآن شريف جو سنڌي ترجمو به ٿيو هو. ازانسواءِ مارڪنڊيه وراچنڊ اپڀرنش جون جيڪي ڏهه خصوصيتون ڄاڻايون آهن سي شري جيرامداس جي چوڻ موجب سنڌي ٻوليءَ سان ڪو نه ٿيون لڳن. مثلاً (پهريون مثال) سنسڪرت جو لفظ ’چَلَتِ‘ (هلي ٿو)، پراڪرت ۾ ’چَلَئِه‘ ٿئي ٿو ۽ وراچنڊ اپڀرنش ۾ ’ڄَلَئِ‘ ٿئي ٿو. اِهو ’ڄلئه‘ لفظ ملتاني زبان جي لفظ ”ڄُلدَءِ“ سان ميل کائي ٿو ۽ نه سنڌي لفظن ’چلي ٿو‘، ’چُري ٿو‘ ۽ ’هلي ٿو‘ سان.

(ٻيو ثال) سنسڪرت جي /ش/ ڦري سنڌيءَ ۾ /هه/ 11 صديءَ کان اڳ ٿي چُڪي هئي. البيروني ٻڌايو آهي ته سنسڪرت جو لفظ /وَرشَ/، سنڌيءَ ۾ /وَرهه/ ٿيو آهي ۽ /ڊِشَن/ ڦري /ڏهه/ ٿيو آهي. انهيءَ لحاظ کان مارڪنڊيه واري سترهين صدي ۾ وراچند اپڀرنش جو لفظ /مانوشو/، سنڌيءَ جي ڏهين صديءَ واري /ماڙهو/ سان ڪيئن ٿو لڳي؟

(ٽيون مثال) سنسڪرت جو لفظ /ڪِرتيه/ ڦري وراچنڊ ۾ /ڪِچم/ ٿيو آهي جو سنڌي لفظ /ڪِيتو/ سان نٿو لڳي. /ڪيتو/ لفظ ته پاڻ /ڪِرتيه/ سان لڳي ٿو ۽ نه /ڪچم/ سان. اهڙيءَ طرح سان وراچنڊ اپڀرنش جي ڏهن خصوصيتنجا جيڪي مثال مارڪنڊيه ڏنا آهن سي شري جيرامداس ثابت ڪري ڏيکاريا آهن ته سنڌي لفظن سان بلڪل ميل نٿا کائين، بلڪه ڪي قدر لهندا يعني ملتاني زبان سان ٺهڪن ٿا. انهيءَ کوجنا جي بناءَ تي هيءُ نتيجو ڪڍيو اٿس ته سنڌي ٻولي وراچنڊ اپڀرنش مان نه نڪتي آهي، بلڪه ڏاکني سنڌو ماٿر ۾ اڃا به ڪا ٻي ٻلي هئي جنهن جو تعلق ويدن کان اڳ واري پراڪرت سان هو. ڇا، هيءَ راءِ ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ سان ذري گهٽ ٺهڪي نٿي اچي؟

شري جيرامداس دولترامجي مٿين خيالن کان پوءِ شري ليلي رچنداڻي هند واسي اخبار ۾ 22_ مئي 1960ع واري پرچي ۾ سنڌي ٻولي بابت هڪ ليک لکيو جنهن ۾ ڄاڻايائين ته اوائل ۾ هند ۾ ڇهه مکيه قومون ڪل نَون ٽولن ۾ آيون. پهرين قوم هئي نيگرائڊ يعني شيدين جهڙي قوم، جا آفريڪا کان عربستان ۽ ايران جي ڪناوي وارن ملڪن مان ٿيندي سنڌ ۽ پنجاب ۾ آئي؛ پوءِ کڻ هندستان کان ٿيندي ملايا ۽ انڊونيشيا ڏانهن هلي ويئي. ڪيچ مڪران جا رهاڪو انهن جو اولاد آهن. انهيءَ قوم کان پوءِ فلسطين واري ايراضيءَ مان وچولي قد، وڏي مٿي، چٻي نڪ ۽ ڪجهه ڪاري چمڙي واري پروٽو_ آسٽريلائڊ آئي جنهن جو ڪجهه حصو هندستان پار ڪري آسٽريليا ڏانهن هليو ويو. ڀيل ۽ ڪول انهن جو اولاد آهن. انهن کان پوءِ منگولائڊ قوم آئي جا آسام، ڀوتان، نيپال ۽ اوڙيسا کان ٿيندي سنڌو آئي. انهيءَ قوم کان پوءِ دراوڙي، ايشيا مائنر کان ميسوپوٽيما، عراق ۽ ايران منجهان ٿيندا سنڌ ۾ آيا. بروهي قوم انهن جي نسل مان آهي. لاڙ جا ماڃر يا ماڱر، جهٻير ۽ اوڏ به انهن جو اولاد آهن. پڇاڙيءَ ۾ پرگهٽ ٿيا آريه لوڪ، جن جا وڏا ارل جبل جي ڏکڻ ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ ڪجهه اوڀر طرف وڌيا ته ڪجهه اولهه طرف. هٽي قوم به آرين جي وڏن جي هڪ شاخ آهي. جيڪي اوڀر طرف آيا سي پهريائين ڪوهه ڪاف ملڪ مان ٿيندا ميسو پوٽيما ۾ آيا، پوءِ ايران ۾ آيا ۽ پوءِ سنڌو ماٿر ۾ آيا. مٿين چئن گروهن کانسواءِ پنجون گروهه به آيو جنهن ڪشمير کان سنڌ تائين  ساري ايراضي والاري. انهن پنجن ئي گروهن جي ٻولين جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي پيو. شايد اِهو ئي سبب آهي جو سنڌي  وياڪرڻ جون ڪي اهڙيون خوبيون به آهن جي ڪنهن به ٻي اڪيلي ٻولي ۾ نه آهن. شري ليل رچنداڻي پنهنجي هن راءِ جي تائيد ۾ لسانيات جي عالمن جهڙوڪ ماريو پي (Mario pie) بيڊرڪ هر وزني وغيره جا رايا به ڏنا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org